مذهب

شاهه ولي الله ؓ جي تعليم

قرآن ۽ حديث، فقه ۽ تصوف، نبوت ۽ شريعت، فلسفو ۽ سياست، سماجي درجن ۽ موت کان پوءِ جي زندگيءَ متعلق حجة الاسلام امام شاهه ولي اللهؓ جي حڪمت ڀري تعليم جو بنيادي تعارف ۽ تفصيل.
Title Cover of book شاهه ولي الله ؓ جي تعليم

پيش لفظ

حجته الاسلام شاهه ولي الله محدث دهلويءَ جي غير معمولي شخصيت کان هرڪو واقف آهي. هجري ٻارهين صديءَ جي هن مجدد پنهنجي علمي تصنيفن ۽ تعليم ذريعي اسلام ۽ مسلمانن جي اها عظيم خدمت ڪئي جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. شاهه ولي الله صاحب هڪ ئي وقت اسلام جو وڏو مفڪر، حڪيم ۽ رباني عالم هو. هن شريعت، طريقت ۽ ٻين منقول ۽ معقول علمن جو پورو جائزو وٺندي قوم کي للڪاريو ”اين دور دور ما است الخ“ يعني هيءُ دور ۽ زمانو منهنجو دور آهي. حيف هجي ان کي جيڪو منهنجي (تحقيق جي) جهنڊي هيٺان نه اچي“.
شاهه صاحبؓ نه رڳو دين ۽ مذهب کي عقل ۽ استدلال جو نئون لباس پهرايو پر عام انساني فطرت ۽ انسانيت جي بنيادن تي صحيح اسلامي سياست جا اصول بيان ڪندي هر پراڻي نظام کي پٽ ڀر ڪيرائيندي مسلمانن کي اڳتي اسرڻ ۽ انقلاب لاءِ اڀاريو. بدقسمتيءَ سان ان دور ۾ مسلمانن جو سياسي تنزل به شروع ٿي چڪو هو، پر جيڪڏهن اهي هن حڪيم ۽ مجاهد مرد جي اصولن تي هلن ها ته غلامي ۽ تنزل جي اوڙاهه ۽ ڪُن ۾ ڪري پوڻ کان بچي وڃن ها.
اسان جو استاذ مولانا عبيدالله سنڌيؓ، جو اسلام جو وڏو ڄاڻو ۽ دنيا جو هڪ برک انقلابي عالم هو، تنهن هن دور جي مڙني سماجي، اقتصادي، سياسي ۽ مذهبي بدحاليءَ جو حل شاهه صاحبؓ جي فلسفه کي قرار ڏنو ۽ اهو ئي سبب هو جو 25 سالن جي متواتر جلاوطنيءَ کان پوءِ جڏهن وطن وريو ته بيماري ۽ پيرانه سالي هوندي به فلسفه ولي الله جي تعليم لاءِ جدا جدا هنڌن تي بيت الحڪمت جي نالي سان تعليمي مرڪز کوليندو رهيو ۽ ڪي ڪتاب به لکيا، پر اڃان اهو ڪم ابتدائي منزلن تي هو جو مولانا سنڌي رحلت ڪري ويو ۽ هيءُ ڪم اڌورو رهجي ويو.
هن سلسلي ۾ جن ماڻهن مولانا مرحوم جي ترغيب ڏيارڻ تي شاهه صاحب جي تعليم ڏانهن توجهه ڏنو تن مان اسان جو دوست پروفيسر غلام حسين جلباڻي به هڪ آهي.
زير نظر ڪتاب ”شاهه ولي الله جي تعليم“ به مولانا مرحوم جي ڏنل ترغيب جو ئي نتيجو آهي. هن ڪتاب کي منڍ کان وٺي پڇاڙي تائين هڪ ناقد جي حيثيت ۾ نظر مان ڪڍيم جو نيٺ هن نتيجي تي پهتس ته اهڙو مجموعو اڄ تائين سنڌيءَ کانسواءِ ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ نه ملندو. ان ۾ شاهه صاحبؓ جي نه رڳو ڇاپي هيٺ آيل ڪتابن مان استفاده ڪيو ويو آهي پر اڻ ڇپيل نادر ڪتابن جو پڻ نچوڙ ڏنو ويو آهي، ۽ ان سان گڏ هر ڳالهه لاءِ سند پيش ڪئي وئي آهي جنهن ڪري شاهه صاحبؓ تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ وڏي سهولت پيدا ٿي پئي آهي.
ڪتاب جي خاص خوبي اها آهي جو مشڪل مسئلن کي سولي زبان ۾ پيش ڪري سمجهڻ ۾ آساني پيدا ڪئي وئي آهي.

احقر
[b]غلام مصطفيٰ قاسمي
[/b]ڪلان ڪوٽ، ڪراچي