حديث
[b]علم حديث جي رازن سمجهڻ بابت شاهه صاحب جي راءِ
[/b]حديث جي علم جي رازن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ بابت شاهه صاحب فرمائي ٿو ته اهو هر زيد ۽ بڪر جو ڪم نه آهي، هتي ته هڪ اهڙي شخص جي ضرورت آهي جو شرعي علمن ۽ الاهي فنن ۾ ماهر هجڻ سان گڏ هيءُ به ڄاڻندڙ هجي ته اصول ۽ فروغ جو بنياد ڪيئن رکيو وڃي ۽ انهن ۾ جيڪي حڪمتون ۽ ڀلايون سمايل آهن تن جا عقلي ۽ نقلي دليل به پيش ڪري سگهي، ۽ هيءُ ڪم فقط اهو ئي سر انجام ڏيئي سگهي ٿو جنهن جو سينو وهبي علم سان ڀريو ويو آهي، ۽ مون کي انهيءَ علم مان جهجهو حصو ڏنو ويو آهي.
پنهنجي زماني جو هو واقعي هڪ ڪامل محدث ۽ حڪيم هو ۽ وقت جي محدثين جو امام هو.
[b]شاهه صاحب جي نظر ۾ موطا کان وڌيڪ معتبر ٻيو ڪوبه ڪتاب نه آهي
[/b]امام ولي الله چوي ٿو ته مون جڏهن فقيهن جو مذهب ۾ اختلاف ڏٺو ۽ ڏٺم ته علماءَ ٽولن ٽولن ۾ ورهائجي ويا آهن ۽ انهن مان هر هڪ ٽولو پنهنجي پنهنجي امام جي راءِ کي وزن ڏيڻ ۾ حيله سازي کان ڪم وٺي رهيو آهي، تڏهن پنهنجي پروردگار کي رهنمائي ۽ هدايت لاءِ ٻاڏايم. مون کي امام مالڪ جي ڪتاب ”الموطا“ جي طرف اشارو ڪيو ويو ۽ بعد ۾ مون کي هيءُ يقين سان معلوم ٿي ويو ته موجوده زماني ۾ فقهه جي ڪتابن ۾ ”موطا“ کان وڌيڪ معتبر ٻيو ڪو ڪتاب ڪو نه آهي.
شاهه صاحب کي حديث جي علم ۾ مڪمل تحصيل ڪرڻ جي جا پياس لڳل هئا سا دهليءَ ۾ لهي نه ٿي سگهي. شيخ محمد افضل سيالڪوٽي جو ان زماني ۾ حديث جو امام هو تنهن وٽ مشڪاة المصابيح، شمائل النبي ۽ ڪجهه حصو بخاريءَ جو پڙهيو، ليڪن هن علم جي تڪميل جي راه ۾ هيءُ سڀ اڻپورو هو.
سن 1143هجريءَ ۾ هو حج جي خيال سان حرمين شريفين روانو ٿي ويو جتي سال کان ٿورو زياده رهي حديث ۽ فقهه جي تعليم مڪمل ڪيائين. سندس غير معمولي فهم ۽ فراست جي حالت هيءَ هئي جو سندس استاد شيخ ابو طاهر مدني چوندو هو ته ولي الله مون کان لفظن جي سند وٺي ٿو ۽ مان کانئس معنائن جي سند وٺان ٿو.
پاڻ پنهنجي استاد کان رخصت ٿيڻ وقت هي لفظ چيائون ته ”مون جو ڪجهه پڙهيو هو سو سڀ وساري ڇڏيم سواءِ دين جي علم (حديث) جي“ ۽ حرمين مان واپسيءَ کان پوءِ سندن طبيعت ۾ به هڪ غير معمولي ڦيرو نظر آيو، سندن نسبت اها نه رهي ۽ سندن تقرير به بدلجي ويئي.
وطن پهچڻ بعد هن پنهنجي پيءُ جي قائم ڪيل مدرسه رحيميه ۾ علم حديث جي تحصيل جو هڪ نئون طريقو ايجاد ڪيو جنهن جي خوبي هيءَ هئي ته ان طالب علم ۾ تحقيق جو ملڪو ٿي پيدا ڪيو.
هن جي پڙهائڻ جو طريقو هيءُ هوندو هو ته هو پهريائين پنهنجي شاگردن کي سندن روزانو سبق کانئن پڙهائيندو هو ۽ پوءِ انهن سان ان متعلق بحث ڪندو هو. فقهي مسئلن کي پيش ڪرڻ وقت سندس ڪوشش اها ئي رهي ته جيئن مختلف مذهبن درميان اختلاف دور ڪيا وڃن ۽ خاص ڪري حنفي ۽ شافعي جي وچ ۾ اختلاف رفع دفع ڪيا وڃن. انهيءَ ڪري هو هميشه فقهي مسئلن ۾ انهن نقطن تي زور ڏيندو هو جن ۾ ٻنهي جو اتفاق هو ۽ انهن مان ڪنهن هڪ کي ٻئي تي ترجيح نه ڏيندو هو. هن طريقي اختيار ڪرڻ سان شاگردن جو نقطه نظر ڪشادو ٿيو ٿي ۽ تنگ دلي دور ٿي ٿي ۽ سندن دلين ۾ بردباري ۽ سڀني امامن جي مذهبن لاءِ عزت پيدا پئي ٿي.
حديثون جيئن جو معلوم آهي، نبي ڪريم جن جي وفات بعد سؤ سالن کان پوءِ لکجڻ شروع ٿيون ۽ ٻن سون سالن کان پوءِ وڃي سندن تصنيف مڪمل ٿي.
سن 86 هجريءَ ۾ وليد، عمر بن عبدالعزيز کي مديني منوره جو حاڪم مقرر ڪيو ۽ انهيءَ مديني جي عالمن کي جمع ڪري حديث لکڻ جو بنياد وڌو. انهيءَ وقت تائين مسلمانن وٽ قرآن مجيد کانسواءِ ٻيو ڪو قانون نه هو.
اهو ئي سبب آهي جو حديثون پنهنجن سندن جي اختلاف سبب مختلف قسمن مثلا: مستفيض، حسن ۽ مرسل وغيره ۾ منقسم ٿي ويون آهن، لهذا انهن جي صحت، اعتبار ۽ شواهد ۾ گهري غور ۽ فڪر جي ضرورت پيش آئي، جنهن وري لازما علم الاسناد (سندن جو علم) جي ڄاڻ سڄاڻ جي تقاضا ڪئي.
پيغمبر ﷺ جن کي نه اسان ڏٺو آهي ۽ نه کانئس بلاواسطي ڪجهه ٻڌو ئي آهي، تنهن ڪري شريعت جي بقا لاءِ سند جو باقي رکڻ اشد ضروري آهي ۽ جو شخص نهايت درجي جو سچار ۽ ضبط وارو نه آهي تنهن جي ڳالهه کي به ڪو وزن ڪو نه آهي ۽ اهڙي طرح اهو ڪتاب جو پنهنجي اصل جي موافق صحيح نه هجي ۽ جنهن جي اصل جو صحيح هجڻ به معلوم نه هجي سو به ڪنهن ڀروسي جهڙو نه آهي.
اهو ئي ته سبب آهي جو حضرت عمرؐ هن خوف کان ته بيان ڪرڻ وارو متان آنحضرت ﷺ جي طرف غلط روايت منسوب نه ڪري ڏئي ديده دانسته حديثن جي جهجهي روايت کان روڪيندا هئا.
[b]حديثن جي درجه بندي
[/b]انهن حقيقتن کي لحاظ ۾ رکندي شاهه صاحب حديثن جي درجي بندي ڪئي آهي. پهرين درجي ۾ اهي حديثون اچن ٿيون جن کي حديث جي ناقدن صحيح ثابت رکيو آهي ۽ انهن تي ڪو اعتراض نه ڪيو آهي ۽ جن کي فقيهن به سند ڪري ورتو آهي. اهڙين حديثن جا ٽي ڪتاب آهن، پهريون موطا، ٻيون صحيح بخاري ۽ ٽيون صحيح مسلم. ٻئين درجي جي ماتحت جامع ترمذي، سنن ابو دائود ۽ سنن نسائي آهن جي پهرين جي گهڻو قريب آهن. ٽئين درجي هيٺ وري اهي حديثُن اچن ٿيون جن کي اڳوڻن عالمن روايت ته ڪيو آهي ليڪن انهن جي صحت جو التزام نه رکيو آهي (ته آيا اهي صحيح به آهن يا نه). چوٿين درجي جون اهي حديثون آهن جن جو پهرين زماني ۾ ڪو نالو ۽ نشان ئي ڪو نه هو ۽ پوين اچي انهن جي روايت ڪئي آهي، لهذا اهي اعتماد جي قابل نه آهن.
انهيءَ ڪري هاڻي اهو ضروري آهي ته حديثن جي پرک لاءِ هيءُ معيار مقرر ڪيو وڃي ته پهرين ۽ ٻئين درجي وارن حديثن (يعني موطا، بخاري ۽ مسلم، ترمذي، ابو دائود ۽ نسائي) کانسواءِ ٻين حديثن کي اها اهميت نه ڏني وڃي، پوءِ کڻي انهن جون سندون قوي ڇو نه هجن، ڇالاءِ جو جيڪڏهن سڀني حديثن کي زير غور آڻبو ته پوءِ ممڪن آهي ته اهي اختلاف جو باعث بڻجي پون.
صحيح ڳالهه به هيءَ آهي ته بدعتي لوڪ مثلا: رافضي ۽ معتزله ۽ اهڙا ٻيا ٿوري توجهه سان انهن حديثن (مٿين ڇهن کانسواءِ) مان پنهنجي مذهبن جي تاييد لاءِ شاهد ۽ گواهه وٺي سگهن ٿا، ليڪن حديث جي عالمن وٽ ان طبقي جي حديثن مان استدلال ڪرڻ درست نه آهي.
باقي سنن ابن ماجه ڪتاب جو علمي درجو محقق فقيهن جي نزديڪ هيءُ آهي ته هر اها حديث جنهن ۾ اهو ڪتاب منفرد آهي سا جيڪڏهن موضوع نه آهي ته ضعيف ضرور آهي.
مٿين ڇهن ڪتابن کانسواءِ حديث جا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب آهن جي هر رطب ۽ يابس، غث ۽ سمين سان ڀريا پيا آهن ۽ انهن جون روايتون شاهه صاحب جي نزديڪ حجت نه آهن.
حديثن جي هن نموني ۾ درجي بندي ڪري ۽ محققين ۽ غير محققين جي وچ ۾ تفريق ڪري هن حديث جي علم ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو ورنه حديث جي باري ۾ شيخ الاسلام ابن حجر ۽ سيوطيءَ جي زماني کان ئي غير محققانه طريقو اهل علم تي غالب اچي ويو هو. شاهه صاحب جي طرز فڪر ۽ طريقه بحث، انهيءَ غير محققانه طريقي جو دروازو بلڪل بند ڪري ڇڏيو. علم حديث جي مطالعي ۽ انهيءَ جي تحقيق جي ضمن ۾ عام طور تي اهل علم اندر جي ناهمواريون ۽ خرابيون پيدا ٿي ويون هيون، تن کي دور ڪرڻ لاءِ هن واقعي هڪ وڏو ڪم ڪيو.
”قرة العينين في تفضيل الشيخين“ ۾ لکي ٿو ته هڪ اهڙي جماعت به آهي جا حديث جي علم ۾ اجتهاد ۽ تحقيق جي طريقي تي عامل نه آهي ۽ انهيءَ محقق استادن کان حديث جو علم نه سکيو آهي. اهڙي جماعت دراصل ”ورآقي“ طريقي تي گامزن آهي. هيءَ جماعت مصطفيٰ جي ملت جو هڪ سوفسطائي گروهه آهي. انهيءَ نه ته تقليد جو دامن مضٻوطيءَ سان پڪڙيو ۽ نه وري اجتهاد جو رستو ئي صحيح طور تي اختيار ڪيو. اهڙي جماعت مختلف حديثن جي اختلاف کي وڃائي جمع ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي ۽ هڪ حديث جي اشاري کي ٻي حديث جي اشاري کان الڳ سمجهي نه سگهي ۽ پوءِ گهڻن ئي فقهي ۽ ڪلامي مسئلن ۾ پاڻ کي وڃائي ويٺي.
[b]موطا جي برتري جا اسباب
[/b]هاڻي ڏسڻ گهرجي ته شاهه صاحب موطا کي جو قرآن بعد حديث جي ڇهن ئي ڪتابن (صحاح سته) کان وڌيڪ صحيح ۽ معتبر سمجهي ٿو تنهن جا ڪارڻ ڪهڙا آهن. هيءَ هڪ ناقابل انڪار حقيقت آهي ته موطا ۾ جي روايتون آهن تن جا راوي هڪ ٻن کان زياده ڪو نه آهن، جنهن ڪري انهن راوين جي تنقيد ۽ روايتن جي استاد جي تصحيح گهڻو آسان آهي. علاوه ان جي انهن راوين مان گهڻا مديني جا آهن جن کي عام ائمھ مسلمين، معتمدعليھ ۽ ثقھ سمجهن ٿا. نه صرف ايترو مگر خود امام شافعي ۽ امام محمد به موطا جو مطالعو امام مالڪ جي زير نظر ڪيو آهي، پوءِ جيتوڻيڪ کڻي استنباط جي معاملي ۾ هنن ان سان اتفاق نه ڪيو اهي، مگر جيستائين صحت جو تعلق آهي تيستائين ته انهن ڪو به اختلاف نه ڏيکاريو آهي. حديث جا ٻيا ڪتاب به موطا جي هڪ قسم جي شرح ۽ ضميمو آهن، ۽ اهو هن لحاظ کان جو انهن ڪتابن ۾ جيڪي وڌيڪ سندون آنديون ويون آهن سي پڻ موطا جي سندن جي وڃي ٿيون پٺڀرائي ڪن.
ٻين ڳالهين سان گڏ هن حقيقت کي به لحاظ ۾ رکيو وڃي ته جڏهن رسول اڪرم جن مڪي شريف مان هجرت ڪري مديني ۾ آيا تڏهن مديني ۾ ئي اسلام جي اجتماعي تحريڪ هڪ مستقل نظام جي شڪل اختيار ڪئي. سندن وصال بعد، حضرت ابوبڪرؐ، حضرت عمرؐ ۽ حضرت عثمانؐ جي خلافت جي دور ۾ مدينو ئي اسلام جي تحريڪ جو مرڪز رهيو، ان کان پوءِ جڏهن مسلمانن ۾ خانه جنگيون شروع ٿي ويون ۽ حضرت عليؐ مديني جي بجاءِ ڪوفي کي پنهنجو سياسي مرڪز بڻايو ۽ اڳتي هلي اموي خاندان، دمشق ۾ پنهنجو دارالخلافھ قائم ڪيو، تڏهن به اسلام جي ديني ۽ فڪري مرڪزيت مديني ۾ رهي. هيءُ ئي سب آهي جو قرآن جي اثر ۽ تاثير سان جيڪو انتظامي نظام وجود ۾ آيو تنهن جا اساس، مبادي ۽ تعليمات اهل مديني وٽ ئي محفوظ رهيا. بعد ۾ امام مالڪ انهن کي پنهنجي ڪتاب موطا ۾ مدون ڪيو، لهذا موطا کي ئي حديث ۽ فقھ جي مڙنئي ڪتابن کان مقدم مڃڻ گهرجي.
مصنف امام بخاري حديثن جي چڱيءَ طرح سان ڇنڊ ڇاڻ ڪئي. صحيح کي سقيم کان الڳ ڪري باقي وڃي معتبر حديثون ثابت رکيون. تمييز جي قوت سان الله تعاليٰ کين خوب نوازيو هو جنهن جي شاهه صاحب ڏاڍي ساراهه ڪئي آهي. حديث بخاري به ٻن سون سالن کان پوءِ ظاهر ٿي البته بعض محققين ان جي طور ۽ طريقي کي قبول نٿا ڪن، مثلا: ڪنهن مسئلي بابت ٻن محتمل لفظن مان هر هڪ کي دليل ڪري وٺڻ.
امام ولي الله، موطا جي اهميت کي ڄاڻندي ۽ پاڻ کي ان جو خادم سڏيندي ان جي ترويج جو ايترو ته منتظر آهي جو هڪڙي هنڌ چوي ٿو ته جڏهن طالب علم عربي سمجهڻ جو قابل ٿي وڃي تڏهن ان کي موطا پڙهائي وڃي. ائين نه ٿئي جو هو موطا جي پڙهڻ کان رهجي وڃي، ڇالاءِ جو اها (موطا) حديث جي علم جي اصل ۽ بنياد آهي ۽ انهيءَ جي مطالعي ڪرڻ ۾ گهڻي برڪت آهي. اڳتي هلي چوي ٿو ته مون کي هيءَ ڳالهه يقين سان معلوم ٿي چڪي آهي ته موطا جي بغير اڄڪلهه اجتهاد جو دروازو بند آهي.
مولانا عبيدالله سنڌي، موطا جي باري ۾ چوي ٿو ته ”منهن جي نزديڪ قرآن کان پوءِ ”المسوي“ _(جا موطا جي شرح آهي). اسلام جي تعليم جو هڪ مڪمل نصاب آهي.
مقدمي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شاهه صاحب جو ”حجته الله البالغته“ هڪ لاجواب تصنيف آهي. ان ۾ حديث جي علوم تي محققانه بحث ڪيو ويو آهي ۽ حديثن ۾ جي اسرار ۽ رموز ڇپيل آهن تن کي کوليو ويو آهي. هيءُ ڪتاب احاديث نبوي سان ايترو ته ڀرپور آهي جو جيڪڏهن ان کي حديث جو ڪتاب سڏيو وڃي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ ڪو نه آهي.
[b]حجة الله البالغه بابت شاهه عبدالعزيز جي راءِ
[/b]شاهه عبدالعزيز فرمائي ٿو ته حجته الله البالغته، حديث جي علم جي رازن بيان ڪرڻ ۾ نهايت عمدي تصنيف آهي. هن علم جا هٻڪارا جيتوڻيڪ غزالي جي ڪتاب ”احياءَ العلوم“ يا شيخ عز الدين عبدالسلام المقدسي جي ڪتاب ”القواعد الکبري“ ۾ به ملن ٿا پر اهي حجته الله البالغته جي مقابلي ۾ گهڻو گهٽ وزن رکن ٿا.
شاهه صاحب پاڻ به انهيءَ حقيقت جو اظهار ڪيو آهي، ۽ هتي اهڙا ٻه چار مثال پيش ڪجن ٿا جن مان انهيءَ دعويٰ جي سچائيءَ جو ثبوت ملي ويندو.
قرآن ڪريم جي آيت وَ لَا تَحْسَبَنَّ الَّذِيْنَ قُتِلُوْا فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ اَمْوَاتًا١ؕ بَلْ اَحْيَآءٌ عِنْدَ رَبِّهِمْ يُرْزَقُوْنَ جي تفسير ۾ آنحضرت ﷺ جن جو ارشاد آهي ته انهن شهيدن جا روح ساون پکين جي اندر رکيا ويندا آهن، ۽ انهن جا پڃرا عرش تي لٽڪيل هوندا آهن. هو بهشت ۾ جتي چاهين اچي چڳندا آهن ۽ پوءِ موٽي پنهنجن پڃرن ۾ ويندا آهن.
امام ولي الله ان حديث جي شرح ڪندي چوي ٿو ته جو شخص خدا پاڪ جي رستي (دين حق جي راهه) ۾ مارجي وڃي ٿو تنهن ۾ ٻه خصلتون ڏٺيون وڃن ٿيون. هڪڙي هيءَ ته ان جو نسمو ڪامل ۽ ڀرپور رهي ٿو ۽ اهي علوم جن ۾ هو پنهنجي حياتيءَ ۾ مستغرق هوندو هو سي مٽجي ۽ زائل ٿي نه ٿا وڃن مگر باقي ۽ سلامت رهن ٿا. انهيءَ (شهيد) جو مثال ان آدميءَ وانگر آهي جو پنهنجي معاشي ڪمن ۾ همه تن مشغول هجي ۽ ائين ئي (انهيءَ حالت ۾ ئي) ننڊ اچي وڃيس، برخلاف ان آدميءَ جي، جو شديد بيمارين ۾ مبتلا ٿي مري ٿو. انهيءَ جي مزاج ۾ تغير اچي ٿو ۽ اهي ڳالهيون جن ۾ هو مشغول رهندو هو تن مان گهڻن کي وساري ويهي ٿو.
شهيد جي ٻي خصلت هيءَ آهي ته اها الاهي رحمت جا، جهان جي نظام کي احسن طريقي تي قائم ڪرڻ ۾ لڳي رهي ٿي ۽ جنهن سان حظيره القدس ۽ ملائڪ مقربين ڀريل رهن ٿا سا (رحمت) ان (شهيد) کي ويڙهي وڃي ٿي ۽ پوءِ جڏهن اهڙيءَ حالت ۾ سندس روح، جسم کان جدا ٿئي ٿو، جو سندس ظاهري ۽باطني قوتون، دين حق جي حمايت ۽ اعلاءَ کلمته الله کي رواج ڏيڻ ۾ سچي ارادي ۽ ڪوشش سان معمور هيون، تڏهن سندس ۽ حظيره القدس جي وچ ۾ هڪ شاهي رستو کلي پوي ٿو جنهن سببان ان تي انس، نعمت ۽ راحت جي پلٽ ٿئي ٿي، ۽ حظيره القدس جي طرفان روحاني طور تي منجهس هڪ ڦوڪ هنئي وڃي ٿي جنهن جو نتيجو هيءُ نڪري ٿو ته انهيءَ جي جزا سندس لاءِ انهيءَ ئي صورت ۾ متمثل ٿئي ٿي جا سندس علم ۾ هئي. بس پوءِ ته هنن ٻن خصلتن جي ميلاپ سان ڪئين عجيب رنگ رونما ٿين ٿا. مثال طور هو پاڻ کي ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ عرش تي لٽڪيل ڏسي ٿو، ۽ اهو هن ڪري جو هو عرش جي ملائڪن سان ملي وڃي ٿو. انهيءَ جو مطمع نظر ايتري قدر بلند ٿئي ٿو جو سندس نظر عرش تائين وڃي ڇيڙو ڪري ٿي.
انهن عجيب رنگن (ڪرشمن) مان هي به آهي ته هو پاڻ کي هڪ سائي پکيءَ جي شڪل ۾ متمثل ڏسي ٿو. پکيءَ جي صورت ۾ متمثل ٿيڻ جو سبب هيءُ آهي جو هن جو شمار هاڻي ملائڪن ۾ ٿيڻ لڳو آهي جي سدائين عالم بالا ۾ پرواز ڪندا رهن ٿا. سندس لاءِ جملي حيوانات ۾ قريب ترين تمثل پکيءَ جو آهي جنهن ۾ حيوانات جا احڪام ۽ خواص صرف اجمالي طور ظاهر ٿين ٿا. سائو رنگ وري هن ڪري هوندو جو اهو خوشنما ۽ وڻندڙ آهي (سبز رنگ اکين جي بينائيءَ جي عين موافق آهي ۽ انهيءَ کي ڏسڻ سان اکين کي خنڪي حاصل ٿئي ٿي). ان جون نعمتون ۽ راحتون بهشتي رزق جي صورت وٺنديون جيئن دنيا جون نعمتون لذيذ طعامن ۽ ميون جي صورت وٺن ٿيون.
مثال ٻيون: پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي ته ”هر ٻار فطرت تي پيدا ڪيو ويو آهي، پوءِ ان جا والدين ئي آهن جي هن کي يهودي، عيسائي يا مجوسي (آتش پرست) بنائين ٿا، جيئن حيوانن جا ڦر صحيح سالم ڄمن ٿا ۽ منجهن ڪو به ڪن ڪٽيل ڪو نه ٿو ٿئي (ڄمي)
[b]ڪن مشڪل حديثن جو شرح ۽ سمجهاڻي
[/b]شاهه صاحب انهيءَ حديث جي سمجهاڻيءَ ۾ چوي ٿو ته الله تعاليٰ جو اهو قانون جاري آهي ته جا خاص شڪل هن ڪنهن نبات يا حيوان لاءِ مخصوص ڪري ڇڏي آهي، تنهن تي ان (نبات يا حيوان) جي پيدائش ٿئي، مثال طور انسان جي نوع کي هڪ خاص شڪل ۾ بنايائين، ان جي چمڙي کليل ۽ قد سڌو، ننهن ڦيليل ۽ ڳالهائيندڙ ۽ کلندڙ آهي. انهن خاصيتن جي ڪري ئي هو انسان ڳڻيو وڃي ٿو ۽ انهن جي ڪري ئي هو باقي حيوانات کان متميز ۽ نکڙيل رهي ٿو. ٻين لفظن ۾ انساني نوع جو ڪو به فرد جڏهن ماءُ جي پيٽ مان ايندو تڏهن انهيءَ ئي شڪل ۽ صورت تي سندس ولادت هوندي، ليڪن هيءَ هڪ ٻي ڳالهه آهي جو ڪنهن وقت (جيئن هر ڪليه ۾ استثنا ٿيندو آهي) عام قاعدي جي خلاف ڪا ڳالهه ٿي پوي، مثلا ڪو ٻار هاٿيءَ جي سونڍ يا جانور جي کرن سان ڄمي پوي.
ساڳيءَ طرح الله تعاليٰ جو اهو به مقرر ٿيل قانون آهي ته هر هڪ نوع ۾ جو ڪجهه محدود علم ۽ ادراڪ جو حصو هن رکيو آهي ۽ جو انهيءَ نوع جي هر هڪ فرد ۾ ڏٺو وڃي ٿو سو انهيءَ (نوع) کانسواءِ ٻيءَ نوع ۾ موجود نه هجي، مثلا: ماکيءَ جي مکين کي مناسب وڻن جي پرکڻ جو علم ۽ ادراڪ عطا ڪيائين ۽ کين اها به سمجهه ڏنائين ته هوءَ ڪيئن پنهنجو گهر ٺاهي ۽ ان ۾ ماکي ڪٺي ڪن، ۽ هنن ڳالهين کان ماکيءَ جو ڪو به مکو خالي نه آهي.
انهيءَ ساڳي اصول مطابق الله تعاليٰ انسان کي هڪ زائد ادراڪ ۽ مستوفي عقل سان مخصوص ڪيو آهي، ۽ سندس دل ۾ هيءَ خاصيت رکي ڇڏي آهي ته هو پنهنجي خالق تعاليٰ کي سڃاڻي ۽ انهيءَ جي عبادت طرف مائل ٿئي، ۽ ان سان گڏوگڏ زندگيءَ ۾ ترقيءَ (ضروري ارتفاقات) جي راهه تي گامزن ٿيڻ لاءِ به سندس رهنمائي ڪئي آهي ۽ اهڙو علم ۽ ادراڪ کيس ڏنو آهي. انهيءَ جو نالو فطرت آهي.
هاڻي جيڪڏهن ماڻهن کي سندن راهه ۾ ڪا شيءِ روڪ نه ڪري ته هو يقينا فطرت تي ئي وڌي وڏا ٿيندا، ليڪن ڇا ٿو ٿئي ته ڪن وقتن تي ڪي حالتون (رنڊڪون) ماڻهوءَ جي آڏو اچن ٿيون، جيئن ته والدين جو کيس سئينءَ راهه کان گمراهه ڪرڻ وغيره، جنهن سببان سندس علم جهل ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو، جنهن جو مثال راهب لوڪ آهن، جي اهڙي قسم جا عمل اختيار ڪن ٿا جن جي ڪري سندن نفساني خواهش منقطع ٿي وڃي ٿي ۽ ڪن وقتن تي ته هو پاڻ کي خصي ڪري ڇڏيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن هو پنهنجي نفساني خواهشن کي پست ڪرڻ لاءِ حد کان زياده بک ڪاٽيندا آهن حالانڪه هي ٻئي ڳالهيون انساني فطرت جي خلاف آهن (فطرت چاهي ٿي ته انسان ڇڙو ۽ بکيو نه رهي).
ٽيون مثال: حديث ۾ آهي ته پاڻ سونهارن هڪ دفعي حضرت بلال کان پڇيو ته ”اهو ڪهڙو ڪم آهي جنهن سبب تون مون کان بهشت ۾ سبقت حاصل ڪري وئين ۽ اتي مون تنهنجي جتيءَ جو اواز ٻڌو“.
هيءَ حديث جنهن سلف صالحين مان به گهڻن کي منجهائي وڌو تنهن جي سمجهاڻي پيش ڪندي شاهه صاحب چوي ٿو ته هڪ دفعي درس ڏيڻ وقت ڪنهن اعتراض اٿاريندي پڇيو ته آخر بلال جو حضرت جن کان اڳي اٿي وڃڻ ڪهڙي معنيٰ رکي ٿو، ڇا لاءِ جو پاڻ ڪريم جن افضل الانبياءَ ۽ افضل الخلائق آهن ۽ هيءُ هرگز روا نه آهي ته ڪو آدمي آنحضرتﷺ جن کان فضيلت جي ڪنهن به شعبي ۾ سبقت حاصل ڪري وڃي.
مون جواب ۾ چيو ته ننڊ جي معنيٰ خيالي صورت جو مثال پيش ڪرڻ آهي. يعني ته اها صورت جا انساني خيالن ۾ موجود هئي، ۽ خيال وري ٻين ڪيترن ئي صورتن کي پاڻ ۾ سمايون پيا آهن ۽ پوءِ جڏهن ماڻهو انهن صورتن مان ڪن ڏانهن پوري ارادي ۽ قصد سان توجهه ڏئي ٿو تڏهن ڪي کانئس ايتريقدر گم ٿيو وڃن ٿيون جو ڪنهن وقت ته انهن ڏانهن اوچتو به ڌيان نه ٿو ڏئي.
انهيءَ جو مثال هيءُ آهي ته تون جڏهن پنهنجي خيال ۾ هيءَ ڳالهه آڻين ٿو ته مان هڪ بادشاهه آهيان، هڪ عرش تي ويٺو آهيان ۽ منهنجي سر تي ڇٽ (تاج) آهي ۽ منهنجي اڳيان سپاهي ۽ امير ۽ وزير صفون ٻڌيون بيٺا آهن، منهنجي هٿ ۾ ملڪ جي واڳ آهي ۽ مان جنگ لاءِ تدبيرون سوچي رهيو اهيان، تڏهن تون ان وقت (اهڙي حالت ۾) پنهنجي نفس جي طرف ڪو التفات ئي نه ڪندين ته اهو ڪهڙو نه ذليل ۽ خاشع آهي ۽ اهو به ٻين جي نفس وانگر آهي. پر جيڪڏهن تون انهيءَ وقت پنهنجي نفس ڏانهن ڌيان ڏيندين ته پوءِ پهرين حالت باقي نه رهندي.
هن تمهيد بعد مان چوندس ته آنحضرت ﷺ جن انهيءَ ننڊ ۾ پنهنجي پاڪ نفس کي به ٻين عام مومنن جي نفسن مان هڪ نفس سمجهيو، جنهن ڪري پاڻ سونهارن پنهنجي نبوت جي صفت ڏانهن توجهه ئي نه ڏنو ۽ نه وري هن حقيقت کي خيال ۾ آندو ته هو ساري مخلوق کان افضل آهي، ۽ انهيءَ حقيقت جي خيالي صورت به وٽن متمثل نه ٿي. هاڻي هن حالت ۾ حضرت بلال جو هن عمل جي ڪري سبقت ڪري وڃڻ ڪا اجائي ۽ ناممڪن ڳالهه نه آهي.
انهيءَ حديث جي مزيد تشريح شاهه صاحب هڪ ٻئي هنڌ به بيان ڪئي آهي. آنحضرت ﷺ جي حديث ته ”مون بهشت ۾ پنهنجي اڳيان تنهنجي جتيءَ جو آواز ٻڌو“ هن حقيقت ڏانهن اشارو ڪري ٿي ته هميشه باوضو رهڻ ۽ هر وضوءَ کان پوءِ ڪجهه نماز پڙهڻ ”احسان“ جي درجي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ لازمي ڳالهه آهي ۽ اهو ئي شخص اهڙي پابندي ڪري سگهي ٿو جنهن کي انهيءَ (احسان) مان جهجهو حصو مليل آهي. باقي پاڻ سونهارن جو چوڻ ته ”اهو ڪهڙو عمل آهي جنهن جي بدولت تون مون کان اڳ ۾ بهشت ۾ هليو وئين“ تنهن جي معنيٰ به ”احسان“ جي درجي ۾ سبقت حاصل ڪري وڃڻ آهي.
بلال کان پوئتي رهجي وڃڻ سبب جو اشڪال وارد ٿئي ٿو تنهنجي ازالي ۾ شاهه صاحب فرمائي ٿو ته ڪاملين لاءِ احسان جي ڪمال جي جملي شعبن مان هر ڪمال جي مقابل هڪ تدلي (تنزل) هوندي آهي، جنهن جو مثال اجهو هيءُ آهي: زيد نالي هڪ شخص آهي جو شاعر هجڻ سان گڏ محاسب به آهي. ڪن وقتن تي هن کي فقط پنهنجي شاعر هجڻ جو احساس هوندو آهي ۽ انهيءَ جو ذهن انهيءَ ئي تصور ۾ محو رهندو آهي ته هو ڪهڙي نه بلند پائي جو شاعر آهي، جنهن ڪري هو انهيءَ حالت ۾ حساب ۽ رياضيءَ کان قطعا غافل ٿي وڃي ٿو. وري جڏهن هو پنهنجي محاسب هجڻ جو خيال ڪري ٿو ته ان خيال ڪندي منجهس خوشيءَ جي هڪ لهر ڊوڙي وڃي ٿي تڏهن هو شاعريءَ کي صفا وساري ويهي ٿو.
نبيءَ جو واهپو جڏهن ته عام مومنن سان هوندو آهي تڏهن آنحضرت ﷺ به ان خاص موقعي تي پاڻ کي عام مومنن واري تجليءَ ۾ ڏٺو ۽ پنهنجي هڪ تدلي ۽ تنزل جي حالت ۾ ئي حضرت بلال کي پاڻ کان اڳڀرو ويندو ڏٺو جنهن مان پاڻ نتيجو ڪڍيائون ته ان جا ”احسان“ ۾ قدم گهڻو پختا آهن.
مٿين مثالن مان هيءَ ڳالهه واضح ۽ صاف نظر اچي ٿي ته امام ولي الله جتي به ڪا حديث پيش ڪري ٿو تتي ان جي ضمن ۾ جا حڪمت عملي سمايل آهي تنهن کي به خوب کولي پڌرو ڪري ٿو. نتيجو هي نڪري ٿو ته اهڙي هنڌ خيال کان زياده عمل جي اهميت نکڙي نروار ٿئي ٿي ۽ پڙهندڙ غير معمولي طور متاثر ٿئي ٿو. شاهه صاحب کي حڪمت عملي مان به جهجهو حصو عطا ٿيل هو ۽ سندس خيال موجب هن دور ۾ خير ۽ برڪت جو دارومدار به ان تي ئي آهي.
[b]حڪمت عملي ۽ ان جا قسم
[/b]معلوم هئڻ گهرجي ته حڪمت عملي هڪ علم آهي جو موجوده شين جي حقيقتن تي بحث ڪري ٿو ۽ انهن جي تفتيش جي درپي رهي ٿو ته جيئن دنيا ۽ آخرت جي اصلاح ٿئي. اهو ٽن قسمن جو آهي، يا ته اهو علم انسان جي انفرادي ڀلائيءَ سان تعلق رکي ٿو جنهن کي تهذيب الاخلاق ۽ حڪمت خلقي چيو وڃي ٿو، يا وري اهو هڪ جماعت جي بهتري سان واسطو رکي ٿو، جا جماعت هڪ هنڌ گڏجي رهي ٿي ۽ ان کي تدبير المنزل سڏيو وڃي ٿو، يا وري اهو علم هڪ وڏي جماعت جي مصلحتن سان تعلق رکي ٿو جا جماعت ڪنهن وڏي شهر ۾ هڪ ٻئي سان رلي ملي گذر ڪري ٿي ۽ جنهن کي سياست مدينه جو نالو ڏنو ويو آهي.
امام ولي الله، ارتفاقات (رفاه عام جا ادارا) جي ابواب ۾ آيل حديثن جي حڪمت عملي ڏانهن بين اشارا ڪندو رهيو آهي ۽ خاص ڪري انهن بابن ۾ جتي حديثن جا راز کوليا ويا آهن.
[b]ڪن مختلف حديثن جي اختلاف مٽائڻ بابت شاهه صاحب جي تحقيق
[/b]شاهه صاحب جنهن اصول ۽ قاعدي سان حديثن جي درجي بندي ڪئي آهي تنهن اصول ۽ قاعدي مطابق حديثن ۾ ڪو به اختلاف نظر نٿو اچي. ها، جيڪڏهن ڪٿي ڪو اهڙو اختلاف نظر اچي ٿو ته ان کي سولائيءَ سان مٽائي سگهجي ٿو. اهڙي اختلاف کي مٽائڻ ۾ شاهه صاحب کي بي پناهه مهارت هئي ۽ هن انهيءَ ميدان ۾ اهڙا ڪارناما سرنجام ڏنا آهن جن کي هيءَ اُمت ڪڏهن به وساري نٿي سگهي.
هڪ ڳالهه کي ٻيءَ ڳالهه تي ترجيح ڏيڻ ظن کي ته فائدو پهچائي ٿو، ليڪن انهن ٻنهي ۾ تطبيق ۽ اتفاق آڻڻ سان قطعي علم حاصل ٿي وڃي ٿو ۽ انهيءَ فن ۾ شاهه صاحب لاثاني هو.
مختلف حديثن ۾ جنهن هنرمنديءَ سان هن تطبيق ويهاري آهي تنهنجا چند مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا، ۽ پڙهندڙ ان مان بخوبي اندازو لڳائي سگهندو ته علم الحديث ۾ ان جي معلومات جو دائرو ڪيترو نه ڪشادو هو.
حديث ۾ هڪ هنڌ آهي ته آنحضرت ﷺ جن فرمايو ته خلافت، مون کان پوءِ ٽيهه سال هلندي، ليڪن هڪ ٻي حديث ۾ آيل آهي ته اسلام جي چڪي پنجٽيهه سال هلندي رهندي. ظاهري طور ته هنن ٻن حديثن ۾ اختلاف ۽ تناقض ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ليڪن حقيقت ۾ منجهن ڪو به اختلاف ۽ تناقض ڪو نه آهي.
شاهه صاحب چوي ٿو ته جيڪڏهن پنجٽيهن سالن مان پيغمبر ﷺ جن جي هجرت کان اڳ وارا ڏهه سال ڪاٽيا وڃن ته باقي پنجويهه سال ٿا وڃي رهن. هاڻي جيڪڏهن حضرت علي ڪرم الله وجهه کي سندس اسلامي خدمتن ۽ پنهنجي وقت ۾ سڀ کان افضل هجڻ جي لحاظ کان خليفن ۾ شمار ڪريون ته ان حالت ۾ خلافت جو عرصو ٽيهه سال بيهي ٿو، پر جيڪڏهن هن ڳالهه کي نظر هيٺ آڻيون ته حضرت علي رضه جن جي خلافت ۾ ملڪي (سياسي) نظام مستحڪم ۽ مڪمل نه رهيو ۽ ان ۾ فتنا ۽ فساد اٿي کڙا ٿيا ۽ خلافت خاصه حضرت عثمان رضه جن جي موت سان منقطع ٿي ويئي ته پوءِ ان حالت ۾ ان جو مدو پنجويهه سال ٿئي ٿو.
ها، هتي هڪ غلط فهمي پيدا ٿيڻ جو انديشو رهي ٿو جنهن کي دور ڪرڻ ضروري آهي. پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو آهي ته سڀ کان بهتر منهنجو قرن (زمانو) آهي، ۽ پوءِ انهن جو جي منهنجي قرن کان پوءِ ايندا ۽ بعد ۾ انهن جو جي وري انهن کان به پوءِ ايندا. عام طور تي پهرين قرن مان مراد آنحضرت جن ۽ خلفاءَ راشدين جو زمانو ورتو وڃي ٿو. ٻئي ۽ ٽئين قرن مان تابعين ۽ تبع تابعين جو دور ليکجڻ ۾ اچي ٿو.
شاهه صاحب وٽ قرن جي اها معنيٰ درست نه آهي ۽ انهيءَ حديث جي استدلال جو مدار (سندن خيال موجب) هڪ صحيح توجيهه تي آهي جنهن لاءِ ڪافي حديثون شهادت طور پيش ڪري سگهجن ٿيون. اها صحيح توجيهه هيءَ آهي ته پهريون قرن، حضرت جن جي هجرت کان وٺي ويندي سندن وفات تائين آهي. ٻيون قرن، حضرت ابوبڪر صديق جي خلافت کان شروع ٿي وڃي حضرت عمر رضه جي وفات تي پورو ٿئي ٿو. باقي ٽيون قرن حضرت عثمان رضه جي خلافت جي زماني کي سمجهيو وڃي. هر هڪ قرن تقريبا ٻارنهن سالن جو ٿيو ۽ هوڏانهن ڪيتريون حديثون آهن جن مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ سونهارن فرمايو ته اسلام جي چڪي پنجٽيهه، ڇٽيهه يا ستٽيهه سال هلي پوءِ پنهنجي جڳهه کان هٽي ويندي.
قرن جي لغوي معنيٰ به عمر ۾ برابريءَ جي آهي، يا اهي ماڻهو جي پنهنجن عمرين ۾ هڪ ٻئي جي گهڻو ويجها هجن. ان جي لفظي معنيٰ مطابق به اهي ماڻهو مراد آهن جي رياست ۽ خلافت ۾ قريب قريب هجن. پر جڏهن خليفو ٻيو ٿيو، ان جا وزير ۽ ملڪ جا سردار به ٻيا ٿيا، فوج جا آفيسر ۽ سپاهي به ٻيا ٿيا (جيئن حضرت علي رضه جي زماني ۾ ٿيو) تڏهن قرن بدلجي ويو. شاهه صاحب جو چوڻ آهي ته جڏهن سڀني روايتن کي سامهون رکجي ٿو جي جيتوڻيڪ عبارت ۾ اختلاف رکندي به اصل مقصود ۾ متحد آهن، تڏهن حدث قوي حاصل ٿي وڃي ٿو ته قرون ثلاثته مان مراد هن ئي مدت جو تفصيل آهي. انهيءَ ئي زماني ۾ اسلام ۽ ان جي حڪومت کي صحيح غلبو حاصل ٿيو.
آنحضرت ﷺ جن جي حديث آهي ته منهنجي امت جو پهريون لشڪر جو قيصر جي شهر تي چڙهائي ڪندو سو بخشيل (مغفور) آهي. ڪي ماڻهو هن حديث مان يزيد جي معنيٰ ڪڍن ٿا، ڇا لاءِ جو هو نه فقط انهيءَ لشڪر مان هڪ هو مگر ان جو رئيس ۽ سپهه سالار پڻ هو ۽ هن حقيقت جي شهادت تاريخ مان ملي ٿي. ٻئي طرف وري ڪيتريون حديثون انهن ماڻهن جي مذمت ۾ آيون آهن جي پاڻ سونهارن جي پاڪ خاندان جي توهين ۽ رسوائيءَ جي در پئي هوندا. هنن مختلف حديثن جو پاڻ ۾ ٺاهه هيئن ٿي سگهي ٿو جو کڻي چئجي ته انهيءَ (يزيد) جا اڳيان گناهه يعني جي جنگ کان اڳ ڪيا هئائين سي هن لشڪر ۾ سندس شموليت سبب معاف ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته جهاد گناهن جو ڪفارو َآهي ۽ ان (ڪفاره) جو ڪم اڳين گناهن کي ميٽڻ آهي ۽ نه بعد ۾ ٿيندڙن کي زائل ڪرڻ. باقي انهيءَ جنگ کان پوءِ هن جيڪي به بڇڙايون ڪيون مثلا: امام حسين ؑ کي شهيد ڪرڻ، مديني کي برباد ڪرڻ ۽ شراب تي زور ڏيڻ وغيره، تن سڀني جو معاملو الله تعاليٰ وٽ آهي ۽ هوئي ان کي خوب ڄاڻي ٿو.
هڪ روايت ۾ آهي ته پاڻ سونهارن فرمايو ته جڏهن ڏسو ته خلافت شام ۾ پهچي ويئي آهي تڏهن سمجهي ڇڏيو ته زلزلا، پريشانيون ۽ وڏا وڏا (ناخوشگوار) حادثا ويجها اچي ويا آهن ۽ قيامت تمام قريب اچي چڪي آهي. وري ٻي روايت ۾ آهي ته پاڻ فرمايائون ته اهڙو وقت ويجهو اچي رهيو آهي جڏهن توهين وڏن وڏن لشڪرن وارا ٿي ويندا. هڪ لشڪر شام ۾ هوندو، ٻيو يمن ۾ ۽ ٽيون عراق ۾ هوندو. ان تي ابن حواله عرض ڪيو ته اي الله جا رسول، جيڪڏهن مان ان وقت زندهه هجان ته توهان منهنجي لاءِ ڪهڙي لشڪر کي پسند ڪريو ٿا. جواب ۾ ارشاد فرمايائون ته تون شام رهجانءِ، ڇالاءِ جو اها الله تعاليٰ جي پسنديده زمين آهي ۽ هو اتي پنهنجي پسنديده ٻانهن کي رکندو آهي.
هاڻي هن تعارض جو ازالو هن طرح ممڪن آهي جو کڻي چئون ته شام وارا پنهنجي ذاتي صفتن جي لحاظ کان خلافت جامستحق ڪو نه هئا، مگر خلافت انهن کي حاصل ٿي ويئي ۽ تشريعي عنايت جهاد کي جاري رکڻ ۽ ان ڪم ۾ سندن مدد ڪرڻ جي طرف متوجهه ٿي، لهذا جنهن هنڌ برائي جو ذڪر آهي تنهن هنڌ ان مان مراد شام وارن جي ذات آهي ۽ جنهن جڳهه تعريف جو ذڪر آهي تنهن جڳهه انهن جي ملڪي سياست (ڪاروب) ڏانهن اشارو آهي (جنهن ۾ هو واقعي ڀڙ هئا).
ران يا سٿر جي اوگهاڙ هجڻ بابت (ته آيا اها اوگهاڙ ۾ شمار آهي يا نه) امامن جو پاڻ ۾ اختلاف آهي. امام ابو حنيفه ۽ امام شافعيؓ ته ان کي اوگهاڙ سڏين ٿا ۽ امام مالڪؓ وٽ ران يا سٿر اوگهاڙ نه آهي. هن بابت حديثون ٻنهي طرفن لاءِ ملن ٿيون پر روايت جي خيال کان امام مالڪؓ جي راءِ مضبوط ۽ قوي نظر اچي ٿي.
شاهه صاحبؓ فرمائي ٿو ته انهن حديثن کي پاڻ ۾ ملائڻ ۽ اختلاف دور ڪرڻ جي هيءَ صورت آهي ته جن حديثڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته ران يا سٿر اوگهاڙ نه آهي تن جو اهو مطلب آهي ته ڪنهن به ماڻهوءَ جي ران يا سٿر انهن ماڻهن لاءِ اوگهاڙ نه آهي جي ان جا محرم راز ۽ وٽس گهڻو ايندڙ هجن، پر ٻيا عام ماڻهو يا ڪو اهڙو انسان جو ڪڏهن ڪڏهن وٽس ايندڙ هجي (۽ ان سان ان جي بي تڪلفي يا وڌيڪ گهرائي نه هجي) ته ان لاءِ سٿر اوگهاڙ آهي ۽ اهڙو ماڻهو ان جي سٿر يا ران ڏسي نه ٿو سگهي. هن تطبيق يا موافقت تي آنحضرت ﷺ وٽ حضرت عثمانؐ جي اچڻ وارو واقعو خود شاهد آهي ته جڏهن حضرت عثمانؐ پاڻ سونهارن وٽ آيو تڏهن جلدي ڪري پاڻ سٿر ڍڪيائون پر ان کان اڳ حضرت ابوبڪرؐ ۽ حضرت عمرؐ جن جي اچڻ مهل ران کليل رکيائون ۽ ڍڪڻ جي ضرورت محسوس نه ڪيائون ڇو ته اهي ٻئي ڀلارا صحابي آنحضرت وٽ هر وقت ايندا ويندا هئا.
باقي هي جو امام مالڪؓ مزورن ۽ محنت ڪش ماڻهن لاءِ نماز ۾ سٿر جو کليل رهڻ جائز قرار ڏنو آهي سو به صحيح آهي ۽ ان جي تائيد پڻ ٻيون ڪيتريون حديثون ڪن ٿيون. آنحضرت ﷺ جن، پورهيتن ۽ ڪمين کي نماز ۾ سٿرن کي گوڏن تائين ڍڪڻ لاءِ ڪڏهن به تڪليف ڪا نه ڏني هئي.
هاڻي هن هنڌ اسان کي هڪڙو قاعدو ملي وڃي ٿو جنهن کي جڏهن لحاظ ۾ رکون ٿا تڏهن ڏسون ٿا ته پاڻ سونهارن نماز جي ٻن پهلوئن کي کولي بيان ڪيو آهي. هڪڙي مان مراد نيڪوڪارن (محسنين) جي نماز آهي ۽ ٻئي مان مراد عام مومنن جي نماز آهي. ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون آهن جي پاڻ ڪريمﷺ جن ٻينءَ حالت ۾ جائز ڪيون اهن ۽ پهرينءَ حالت ۾ ناجائز ٺهرايون آهن. هن قاعدي کي جيڪڏهن خيال ۾ رکيو ويندو ته گهڻن ئي هنڌن تي تناقض کي آسانيءَ سان مٽائي سگهبو.
مٿيان مثال ڏيکارين ٿا ته شاهه صاحب کي حديث جي علم تي غير معمولي دسترس هئي ۽ ٻن مخالف قولن درميان ميلاپ آڻن ۾ سندس طريقو جديد ۽ نرالو آهي. بهر ڪيف شاهه صاحب جو حديث جي متعلق مشورو هيءُ آهي ته ان (حديث) جا مشهور و معروف ڪتاب پڙهيا وڃن جهڙوڪ موطا، صحيحين، سنن ابي دائود ۽ جامع الترمذي ڇا لاءِ جو انهن جي صحت قابل اعتراض نه رهي آهي. هنن ڪتابن جي تحصيل ٿوري وقت اندر ٿي سگهي ٿي جا حديث جي طالب لاءِ اڄ ڪلهه ڪبريت احمر آهي.
هن ۾ ڪو به شڪ ڪو نه آهي ته حديث جي علم جي خدمت جا امام ولي الله ڪئي تنهن لاءِ هي برصغير سندس هميشه شڪر گذار رهندو. شاهه صاحب هڪ طوبي درخت مثل هو جنهن جون پاڙون پنهنجي گهر ۾ ۽ شاخون مسلمانن جي هر هڪ گهر ۾ هيون.
مختلف علمن کي هن چڱيءَ طرح پکيڙيو ۽ رواج ڏنو ۽ علم جي هر پياسي جي پياس اجهائي.
العالم الفاضل النحرير افضل من بث العلوم فاروي کل ظمان