مذهب

شاهه ولي الله ؓ جي تعليم

قرآن ۽ حديث، فقه ۽ تصوف، نبوت ۽ شريعت، فلسفو ۽ سياست، سماجي درجن ۽ موت کان پوءِ جي زندگيءَ متعلق حجة الاسلام امام شاهه ولي اللهؓ جي حڪمت ڀري تعليم جو بنيادي تعارف ۽ تفصيل.
Title Cover of book شاهه ولي الله ؓ جي تعليم

قرآن

[b]قرآن مجيد جو فارسي ترجمو ۽ ان ترجمي جي خوبي
[/b]شاه صاحب جي زماني ۾ حڪومت جي دفتري زبان فارسي هئي ۽ اها ٻولي ان وقت گهڻو مقبول هئي ۽ عام طرح سمجهي ويندي هئي. الله تعاليٰ جي ڪلام کي عام فهم ڪرڻ لاءِ اهو ضروري هو ته ان جو مروج زبان ۾ ترعجمو ڪيو وڃي. حالتون ايترو بگڙيل هيون جو ان ڪم جي اجازت نه ٿي ڏنائون، ليڪن نتيجن کان بي پرواهه ٿي شاهه صاحب ڪلام الله جو سليس فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ڪن هنڌن تي مختصر شرح به لکي. عامي مسلمان هن غلط فهميءَ جو شڪار ٿيل هئا ته قرآن جي فقط قراآئت ئي ان جي حق کي پورو ادا ڪري ٿي، ۽ اهو ئي هڪ وڏو سبب هو جنهن کيس ترجمي ڪرڻ تي آماده ڪيو. هن ترجمي جي خوبي هيءَ آهي جو ان ۾ مقدار، تعميم ۽ تخصيص، عربيءَ جي بلڪ مشابه آهي، جيتوڻيڪ، ڪن جڳهن تي پڙهندڙن جي سهولت خاطر هن شرط کي ترڪ ڪيو ويو آهي. هندوستان ۾ شاهه صاحب جو ”فتح الرحمن“ پهريون فارسي ترجمو آهي. حقيقت هيءُ آهي ته هيءُ ترجمو پنهنجي حسن ۽ خوبيءَ ۾ لاثاني آهي ۽ ان جي مختصر شرح گهڻن ئي فائدن جي حامل آهي، ۽ شارح جنهن نظر ۽ فڪر سان قرآن کي سمجهو آهي تنهنجو صحيح عڪس آهي.

[b]تعليم جو طريقو
[/b]امام ولي الله هن خيال جو هو ته قرآن کي ڪنهن تفسير بغير پڙهيو وڃي، ۽ استاد کي گهرجي ته شاگرد کي جتي ڪا مشڪل آڏو اچي تتي هو اها حل ڪري کيس سمجهائي ڇڏي، جو ائين ڪرڻ سان شاگرد جو حوصلو بلند ٿيندو ۽ ذهن کلندو. ان جي صورت اها آهي ته پهريائين صرف ۽ نحو جا ٻه ٽي ننڍا رسالا جي طالب جي ذهن وٽان هجن، سي کيس پڙهايا وڃن ۽ ان کان پوءِ ڪو تاريخ جو ڪتاب يا علم اخلاق جو ڪتاب جو عربي زبان ۾ هجي، سو کيس سيکاريو وڃي. ان سان گڏوگڏ جو ڪجهه لغت ۾ مشڪل هجي تنهن کان کيس مطلع ڪيو وڃي. جڏهن عربي زبان تي قدرت حاصل ٿي وڃي تڏهن قرآن شريف جو ترجمو پڙهايو وڃي جنهن ۾ ڪنهن به تفسير جي ضرورت نه آهي، رڳو اهو خيال رکجي ته جتي قرآن مجيد جو مطلب شان نزول جي بيان يا نحوي ترڪيب ٻڌائڻ کان سواءِ واضح نه ٿي سگهي ته اتي ضرورت آهر بحث ڪجي ۽ درس کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ درس جيترو ”تفسير جلالين“ پڙهيو وڃي.
بغير تفسير جي مجرد متن قرآن پڙهائڻ جي ترويج ڪم از ڪم هندوستان ۾ شاهه عبدالرحيم جي ئي ايجاد آهي جهن کي سندس فرزند ارجمند شاهه ولي الله خوب زور وٺايو ۽ رواج ڏنو، مگر افسوس جو درس جي هن طريقي کي مدرسن ۾ زندهه نه رکيو ويو. عام طور تي تفسيرن جي درس ۾ آدمي حق تعاليٰ جي ڪلام کان هٽي پاڻ جهڙن انسانن جي ڪيل تعبيرن ۾ ڦاسي پوي ٿو ۽ انهن جي مشڪلاتن حل ڪرڻ ۾ ايترو وقت خرچ ٿئي ٿو جو قرآني آيتن جي طرف توجهه ڪرڻ جو موقعو ئي نه ٿو ملي. صرف قرآن جي پڙهائڻ سان آدميءَ تي ڪيترين ئي عجيب ۽ غريب حقيقتن جو انڪشاف ٿئي ٿو. اهو ئي ته سبب آهي جو صحاح جو درس جنهن جو ان زماني ۾ نالو ”دوره حديث“ پئجي ويو هو، تنهن کان اڳ ۾ شاهه صاحب قرآن جو دوره ڪرائيندا هئا.
مگر افوس ته قرآن پاڪ کي سمجهڻ لاءِ اڄڪلهه هي معيار مقرر ڪيو ويو آهي ته پهريائين شاگرد صرف ۽ نحو، منطق، ڪلام، معاني ۽ بديع وغيره ۾ تڪميل حاصل ڪري. ان جو نتيجو هيءُ ٿو نڪري جو شاگھرد جو سارو وقت انهن فنن کي حاصل ڪرڻ ۾ ئي صرف ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ هن کي قرآن پاڪ تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جو موقعو ئي نٿو ملي. هيءَ حالت اڄ اسان جي عربي مدرسن جي آهي. سچ پچ، قرآن پاڪ جي خالص تعليم ڏني ئي نٿي وڃي بلڪه قرآن پاڪ جي تفسير جي تعليم ئي قرآن جي تعليم سمجهي وڃي ٿي. اهو ئي ته سبب آهي جو شاهه صاحب هڪ هنڌ فرمائي ٿو ته قرآن مجيد کي سمجهائڻ لاءِ جن مقدمات جي ضرورت آهي تن کي ضرورت آهر پڙهيو ۽ سمجهيو وڃي ۽ نه ڪه انهن کي مستقل درجو ڏنو وڃي.
قرآن پاڪ جي تفسيرن ۽ شرحن جي تعليم کي قرآن پاڪ جي تعليم کان عليحده سمجهڻ گهرجي. مختلف تفسير مطتلف زمانن ۾ حالتن پٽاندر لکيا ويا آهن ۽ هوڏانهن حديث شريف ۾ آيل آهي ته قرآن ڪريم جي علمن جا خزانا قيامت تائين باقي رهندا ۽ کٽندا ئي ڪو نه، ليڪن اسان انهن خزانن کي گذريل تفسيرن تي بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ وڌيڪ غور ۽ فڪر ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.
قرآن جي صحيح مطالعي لاءِ، شاهه صاحب ”الفوز الڪبير“ تصنيف ڪيو ۽ سندس هيءَ فارسي تصنيف پنهنجو مٽ پاڻ آهي، جنهن تي جيترو به فخر ڪجي ٿورو آهي.
مقدمي ۾ مذڪور ٿي چڪو آهي ته امام ولي الله ڪنهن به ڳالهه کي ايستائين قبول نه ڪندو هو جيستائين اها ڪتاب يا سنت سان پوري مواقفت نه رکندي هئي، ۽ انهيءَ ڪري ئي هو بعض وقتن تي جمهور مفسرين جي راءِ سان اتفاق نٿو رکي. صحيح ڳالهه ته اها آهي ته امام صاحب جي فهم ۽ تفهيم جو طريقو ڪجهه نرالو آهي ۽ هيءُ ظاهري اختلاف راءِ به ان جو ئي نتيجو آهي.

[b]قرآني مطلب پنجن علمن ۾ منحصر آهن
[/b]تفسيري اصول سمجهائيندي شاهه صاحب، قرآني مطالب ۽ مفهوم کي جو پنجن علمن ۾ منحصر فرمايو آهي سو اهڙي تحقيق اسان کي وڏن وڏن تفسيرن ۾ به نٿي ملي، جيئن فرمائي ٿو ته قرآن جو مفهوم ۽ معنيٰ پنجن علمن کان ٻاهر نه آهي. پهريون علم احڪام آهي، ٻيو علم مناظره، ٽيون علم تذڪير باالاءِ الله، چوٿون علم تذڪير بايام الله ۽ پنجون علم تذڪير موت آهي.
علم احڪام اندر واجب، مستجب، مڪروه ۽ حرام اچن ٿا، پوءِ اهي عبادتن ۾ هجن يا معاملن ۾، تدبير منزل سان تعلق رکندڙ هجن يا ملڪي سياست متعلق هجن. هن علم جو واسطو فقيهن سان آهي. علم مناظره جو تعلق چئن گمراهه ٽولن سان آهي جهڙوڪ يهودي، نصاري، مشرڪ ۽ منافق، ۽ هيءُ ڪم وري متڪلمين جو آهي. علم تذڪير بالاء الله ذريعي ماڻهن جو ڌيان خدا تعاليٰ جي نشانين مثلا زمين ۽ آسمان جي خلقت ڏانهن ڇڪايو ويو آهي. علم تذڪير با يام الله ۾ انهن قصن جو ذڪر آهي جن ۾ فرمانبردارن کي نوازيو ۽ بي فرمانن کي عذاب هيٺ آندو ويو آهي. علم تذڪير موت ۾، موت ۽ ان بعد پيش ايندڙ واقعن جو احوال ڏنل آهي.
ليڪن انهن علمن جي سمجهاڻي قديم عربن جي روش مطابق ڏنل آهي. پوين جو اصول اختيار نه ڪيو ويو آهي جنهن مطابق مضمون ۾ اختصار، ترتيب ۽ ربط جو خيال رکيو ويندو آهي. خدا تعاليٰ جنهن ڳالهه (حڪم) کي ماڻهن لاءِ مفيد سمجهيو تنهن کي ان وقت بيان ڪري ڏنو، تنهن ڪري ان (قرآن) جو اسلوب توريت ۽ انجيل کان مختلف آهي، ان ۾ اڳ پوءِ جو ڪو خيال نه ڪيو ويو آهي.
عربن جي فصاحت جي نشاني مثال طور سندن قصيدا هوندا هئا جن جي ابتدا هو تشبيب سان ڪندا هئا جنهن ۾ هو عجيب جڳهن ۽ پر خطر واقعن جو ذڪر آڻيندا هئا ۽ اها انهن جي هڪ پراڻي رسم هئي. قرآن ڪريم جي بعض سورتن اندر هن اسلوب کي به اختيار ڪيو ويو آهي، جيئن ته ” وَ الصّٰٓفّٰتِ صَفًّاۙ۰۰۱فَالزّٰجِرٰتِ زَجْرًاۙ۰۰۲ وَ الذّٰرِيٰتِ ذَرْوًاۙ۰۰۱فَالْحٰمِلٰتِ وِقْرًاۙ۰۰۲

[b]ڪن مشڪل آيتن جي ربط جو بيان
[/b]عام مفسرين ته هر آيت کي ڪنهن نه ڪنهن قصي سان ربط ڏنو آهي ۽ اڪثر ڪري ان قصي کي ان آيت جي نازل ٿيڻ جو سبب مقرر ڪيو آهي، ليڪن اصل حقيقت هيءَ آهي ته قرآن جي نازل ٿيڻ جو اصلي مقصد، انسانن جي دلين جي صفائي ڪرڻ، ۽ سندن باطل عقيدن ۽ براين جي ترديد ڪرڻ هو ۽ بس.
هن مان ڪن کي هيءَ غلط فهمي پيدا نه ٿئي ته قرآن ڪريم ۾ ادبي لطافت ۽ آيتن جي باهمي نسق کي لحاظ ۾ نه رکيو ويو آهي. امام ولي الله جو چوڻ فقط هيءُ آهي ته اڄڪلهه جي ڪتابن ۾ جو ڪنهن خاص موضوع جي سڀني پهلوئن کي هڪ ئي باب اندر آندو ويندو آهي ۽ انهن مان ڪنهن به هڪ پهلوءَ کي وري ٻئي هنڌ موٽائي نه آڻبو آهي، سو هن قسم جهڙي منطقي ترتيب الله جي ڪلام ۾ ڪا نه آهي. ٻين لفظن ۾ قرآن، جن پنجن علمن جي بيان ۾ منقسم ٿيل آهي تن مان هر هڪ جو بيان هڪ هنڌ نه آندو ويو آهي، مگر پنجن ئي علمن جو تڪرار جاءِ بجاءِ موجود آهي.
قرآن شريف جي آيت: اَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ١ؕ قُلْ اِنِ افْتَرَيْتُهٗ فَعَلَيَّ اِجْرَامِيْ وَ اَنَا بَرِيْٓءٌ مِّمَّا تُجْرِمُوْنَؒ۰۰۳۵ تي جيڪڏهن غور ڪبو ته ظاهري طور ان جو مقابل ۽ مابعد سان ڪو ربط ئي نظر ڪو نه ايندو، ڇا لاءِ جو ان جي اڳيان ۽ پويان حضرت نوح ؑ جو قصو هلي رهيو آهي ۽ هيءَ آيت ان قصي جي درميان زائد نظر اچي رهي آهي. ليڪن غور ڪبو ته آيت بي محل نه آهي پر موقعي جي عين مطابق ۽ تقاضا وٽان آهي. ان وقت مڪي جي مشرڪن جو به اهڙو ئي حال هو جهڙو حضرت نوح جي زماني ۾ سندس قوم جو هو جهڙي طرح حضرت نوح جي قوم پنهنجي پيغمبر کي نه ٻڌو ۽ نافرماني ڪئي ۽ ان سببان برباد ٿي ويئي تهڙي طرح هتي مڪي جي مشرڪن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته هو ان قصي مان سبق پرائين ۽ پيغمبر ﷺ جي مخالفت ڪرڻ کان باز رهن ۽ ان جي پيغام کي ٻڌي ان کي اختيار ڪن. سچ پچ هتي قصي جي تعجب خيز تاثير ۽ مناسبت کان انڪار ڪري نٿو سگهجي. وري هن ٻيءَ آيت تي غور ڪريو. لَعَمْرُكَ اِنَّهُمْ لَفِيْ سَكْرَتِهِمْ يَعْمَهُوْنَ۰۰۷۲ ۽ هتي به ڏسڻ ۾ ايندو ته آيت جو پنهنجي اڳ پوءِ سان ڪو تعلق ۽ ربط ئي ڪو نه آهي ۽ کيس وچ ۾ وڌائي آندو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي مقابل ۽ مابعد ۾ حضرت لوط جو قصو بيان ٿي رهيو آهي. ليڪن هتي به معنويٰ ربط کي لحاظ ۾ رکيو ويو آهي. ۽ هن ڪلمي کي هن قصي جي وسط ۾ تنبيهه طور آندو ويو آهي، ڇالاءِ جو ان وقت مڪي جي مشرڪن ۽ حضرت لوط جي قوم جي حالت بلڪل هڪجهڙي هئي.
معنوي ربط کي قائم رکڻ لاءِ ڪن موقعن تي اسلوب جي قيام جو خيال نه رکيو ويو آهي ۽ ان حقيقت جو مثال . هن آيت مان ملي ٿو. اِنَّ رَبَّكَ يَعْلَمُ اَنَّكَ تَقُوْمُ اَدْنٰى مِنْ ثُلُثَيِ الَّيْلِ ويندي آخر تائين. ڏٺو ويندو ته ان آيت جو اسلوب باقي آيتن جي اسلوب کان مختلف آهي. مگر باهمي مناسبت سبب ان کي هن هنڌ رکيو ويو آهي.
اهڙو ٻيو مثال هن آيت ۾ به موجود آهي. وَ مَا جَعَلْنَاۤ اَصْحٰبَ النَّارِ اِلَّا مَلٰٓىِٕكَةً هتي به آيتن جي پاڻ ۾ مناسبت کي ملحوظ رکي اسلوب کي ترڪ ڪيو ويو آهي. ڇا لاءِ جو ان ۾ ڪافرن جي ان شبهي جي ترديد آهي جو کين دوزخ جي اڻويهن ملائڪن بابت هو.
سوره بقره جي پهرين پنجويهن آيتن درميان ربط قائم ڪرڻ ۾ اڪثر مفسرين ڪامياب ويا آهن. انهن جو چوڻ آهي ته الله تعاليٰ پهريائين مومنن جو ذڪر ڪيو آهي، ان بعد مخالفن جو حال ٻڌايو آهي ۽ آخر ۾ منافقن جي خبر ڏني آهي، ڇالاءِ جو شيءِ هميشه پنهنجي ضد معرفت معلوم ٿيندي آحي، تنهن ڪري هي سڀئي آيتون ڄڻڪ مومنن جي وصف ۾ بيان ٿيون آهن، ليڪن اِنَّ اللّٰهَ لَا يَسْتَحْيٖۤ اَنْ يَّضْرِبَ آيت کي پنهنجي ماقبل سان ملائڻ ۾ اهي (مفسرين) البته منجهي پيا آهن. بهرحال شاهه صاحب، قرآن پاڪ ۾ اهڙي ترتيب (۽ ربط) جو قائل نظر نٿو اچي جا اڄڪلهه جي ڪتابت ۾ لازما روا رکي وڃي ٿي.

[b]ناسخ منسوخ جو مسئلو
[/b]ناسخ ۽ منسوخ جو مسئلو گهڻو ڪجهه پيچيده آهي ۽ ان پيچيدگي جو ڪارڻ هيءُ آهي جو ان جي اصطلاح ۾ سلف ۽ خلف جو اختلاف آهي. صحابه ۽ تابعين جي ڪلام جي ڇنڊ ڇاڻ مان هي معلوم ٿئي ٿو ته اهي نسخ کي ان جي لغوي معنيٰ (يعني هڪ شيءِ جو ٻي شيءِ ذريعي ازالو ڪرڻ) ۾ استعمال ڪندا هئا ۽ نه اهل اصول جي اصطلاحي معنيٰ موافق. اصطلاحي نسخ جي بيان ۾ به قاعدو هيءُ آهي ته آيتن جي نازل ٿيڻ جو زمانو معلوم ڪيو وڃي مگر تفسير نويس ۽ فقيهه ڪنهن مهل سلف صالحين جي اجماع يا جمهور جي اتفاق کي نسخ جي نشاني قائم ڪري ان جا قائل ٿي وڃن ٿا. ليڪن ٿي سگهي ٿو ته آيت جو مصداق اجماع جي مصداق جي مخالف هجي.
نتيجو هي نڪتو جو هي مسئلو گهڻي ذهني ۽ فڪري انتشار جو باعث بڻجي پيو. اهل علم متفقه طور هيءُ فيصلو نه ڪري سگهيا آهن ته قرآن شريف ۾ ڪهڙيون آيتون منسوخ آهن. انهيءَ جو اثر قرآن پاڪ جي پڙهڻ واري تي گهڻو برو پوي ٿو،مثلا: هو هڪ آيت مان ڪو حڪم اخذ ڪري ٿو، ليڪن هن جي دل ۾ هي شڪ پيدا ٿئي ٿو ته شايد هيءَ آيت ڪنهن ٻيءَ آيت کان منسوخ ٿيل هجي، جنهن ڪري ان تي عمل نه ڪرڻ جو کيس عذر ملي وڃي ٿو.
متقدمين نسخ مان جا مراد وٺندا هئا سا هيءَ هئي ته جڏهن هڪ مضمون جو پهريائين مطلق طور بيان ڪيو ويو آهي ۽ بعد ۾ ٻئي موقعي تي ان کي مقيد ڪيو ويو، يا پهريائين ڪا ڳالهه اجمالي طور بيان ٿيل هئي جنهن کي پوءِ مفصل ڪيو ويو، تڏهن لغوي طور ان کي ائين چيو ويندو ته ٻئي مضمون پهرئين کي منسوخ ڪيو. هن قسم جي نسخ ته واقعي قرآن ۾ موجود آهي. ۽ ان بابت ڪنهن کي به اعتراض ڪو نه آهي. مثال طور مڪي آيتون عموما ڪليات ۽ اصول بيان ڪن ٿيون ۽ مدني سورتن ۾ انهن جو تفصيل ۽ تشريح آهي.
نسخ جي معنيٰ ۾ اختلاف سبب مفسرين منسوخ آيتن جو تعداد ڪافي وڌائي ڇڏيو هو جنهن کي گهٽائيندي گهٽائيندي امام سيوطيءَ آڻي اڻويهن تائين بيهاريو، ليڪن امام ولي الله انهن مان به چوڏهن آيتن جو حل ٻڌائي ڇڏيو آهي ۽ باقي پنج آيتن کي منسوخ سمجهي ٿو. اگر باريڪ بينيءَ سان ڏٺو وڃي ته معلوم ٿيندو ته هو قرآن پاڪ ۾ نسخ جو قائل نه هو، ڇالاءِ جو جيڪي پنج آيتون ڇڏيون ويون آهن تن جو حل اهڙو مشڪل نه آهي. انهن پنجن مان به هڪ جو حل خود مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي تجربي ۾ اچي چڪو آهي ۽ اها آيت هي آهي: كُتِبَ عَلَيْكُمْ اِذَا حَضَرَ اَحَدَكُمُ الْمَوْتُ.
مولانا ڳالهه ڪري ٿو ته منهنجي والده غير مسلم هئي ۽ مون سان گڏ رهندي هئي. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته مان سخت بيمار ٿي پيس ۽ مون کي هن فڪر اچي ورايو ته مان جيڪڏهن مري ويس ته هن ويچاريءَ کي ڪير به ڪو نه پڇندو. هاڻي مان اتي غور ڪرڻ لڳس ته مٿينءَ آيت ۾ وصيت جو مطلب ڇا آهي؟ ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي هن قسم جون حالتون پيش اچن ته ان لاءِ وصيت ڪرڻ واقعي هڪ لازمي ڳالهه ٿي پوي ٿي، لهذا منهنجي نزديڪ هن آيت تي عمل ڪرڻ جي هڪ صورت نڪري آئي، جنهن ڪري مان هاڻي هن آيت کي منسوخ قرار ڏيڻ جي ضرورت نه ٿو سمجهان.
بيشڪ تطبيق جي لاءِ اسان هتي هڪ عمومي ۽ مطلق حڪم کي خاص حالتن هيٺ مقيد ڪري ورتو آهي ۽ ظاهر آهي ته ان ۾ ڪا ڳالهه مانع ٿي نه ٿي سگهي. باقي چئن آيتن جي تطبيق نهايت گهڻو آسان آهي ۽ اهو هن طرح جو ناسخ آيت کي ”اولي“ جي حڪم هيٺ سمجهون ۽ منسوخ کي ”غير اولي“ جي ماتحت ڪري وٺون، يا هڪ عزيمت تي دلالت ڪري ٿي ته ٻي وري رخصت تي دلالت ڪري ٿي.
مٿئين قاعدي مطابق نسخ جي اها معنيٰ نه ٿي رهي جا متاخرين اختيار ڪئي آهي جنهن موجب منسوخ ٿيل آيتن تي عمل ڪرڻ مطلقا جائز نه آهي. بهر ڪيف امام ولي الله نسخ کي هڪ اجتهادي امر سمجهي ٿو ۽ ان ۾ متاخرين جي راءِ سان اختلاف رکي ٿو.
قرآن ڪريم جي آيت: وَ عَلَى الَّذِيْنَ يُطِيْقُوْنَهٗ فِدْيَةٌ کي منسوخ سمجهيو ويو آهي ڇو ته آيت جو ظاهري طرح اهو مطلب ٿو نڪري ته جيڪي ماڻهو روزي جي طاقت رکن ٿا پر روزو نه ٿا رکن سي جيڪڏهن فديو ڏئي ڇڏيندا ته روزن جو ضرور ڪونهي. هوڏانهن ان جو ڪو به قائل نه ٿيو آهي ۽ انهيءَ جو ناسخ وري هيءَ آيت آهي: فَمَنْ شَهِدَ مِنْكُمُ الشَّهْرَ فَلْيَصُمْهُ حقيقت ۾ هيءُ آيت منسوخ نه آهي ۽ ان جي معنيٰ هيءَ آهي ته اهي ماڻهو جي کاڌي کارائڻ جي طاقت رکن ٿا تن جو فديو هڪ مسڪين کي کاڌو کارائڻ آهي. هن هنڌ ضمير کي پنهنجي مرجع کان اڳ ان لاءِ آندو ويو آهي جو بهرحال رتبي جي اعتبار کان مرجع مقدم آهي ۽ مبتدا موخر انهيءَ ڪري آهي جو اهو نڪره آهي. امام الفراءِء به انهيءَ خيال جو آهي ته ضمير ”صيام“ ڏانهن نه ٿو وڃي ۽ ضمير کي مذڪر هن سبب ڪري پيش ڪيو ويو آهي جو ”فديه“ مان مراد ئي طعام آهي. طعام مان مقصود فطر جو صدقو (صدقته الفطر) آهي. هاڻي هن آيت جي اصل ترڪيب هيئن وڃي بيٺي، فِدْيَةٌ طَعَامُ مِسْكِيْنٍ عَلَى الَّذِيْنَ يُطِيْقُوْنَهٗ لهذا آيت جو صحيح مفهوم هيءُ ٿيو ته اهو شخص جو کاڌي کارائڻ جي طاقت رکي ٿو تنهن تي واجب آهي ته هو ائين ڪري ته جيئن سندس روزو مڪمل ٿئي ۽ بخل ۽ ڪنجوسائيءَ جو عادي نه بڻجي.
مفسرين گهڻي زماني کان هن آيت جي تفسير ۾ عاجز اچي ويا، پوءِ انهن مان ڪن حرف ”لا“ مقدر مقرر ڪيو ته ڪن وري ”يطيقون“ جي لفظ کي يطوقون“ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو، حالانڪه آيت جي صحيح سمجهاڻي اها ئي آهي جا بيان ٿي چڪي.

[b]شاهه صاحب کي تفسير جي هر فن ۾ خاص مناسبت حاصل هئي
[/b]تفسير جي فن جو دائرو جيئن جو معلوم آهي گهڻو وسيع آهي، ۽ مفسرين به مختلف قسمن جا آهن. آشاهه ولي الله کي تفسير جي هر فن ۾ خاص مناسبت حاصل هئي ۽ ان فن جي اڪثر اصولن ۽ فروعن کان کين بخوبي واقفيت هئي. هن فن ۾ کيس اهو ئي درجو حاصل هو جيڪو هڪ مجتهد في المذهب کي حاصل آهي. سچ پچ هن کي امام المفسرين ڪري مڃڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪو نه آهي.
قرآن مان استبناط ڪرڻ جي طريقي ۾ هو اهڙو ماهر هو، جو سندس قول مطابق اهي سڀ حديثون جي نماز متعلق آيل آهن تن کي هو قرآن پاڪ مان مستنبط ڪري سگهي ٿو، مثلا: الله تعاليٰ نماز بابت مطلق طور تي فرمايو ”سَبِّحِ اسْمَ رَبِّكَ الْاَعْلَىۙ۰۰۱“ ۽ ”فَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ“ ۽ انهن مان پيغمبر ﷺ جن معين وقتن جو اندازو لڳايو. وري ٻئي هنڌ آيل آهي ”قُوْمُوْا“ ۽ ”کبروا“،وَ ” اُتْلُ مَاۤ اُوْحِيَ اِلَيْكَ“ ، وَ ”ارکعوا“، وَ ” اسْجُدُوْا“ انهن مان پاڻ سونهارن ظاهر ڪيو ته اهي نماز جا رڪن آهن.
ٻيءَ جڳهه تي الله تعاليٰ بعض شين جا قسم کڻندي فرمائي ٿو ته ” وَالْفَجْرِۙ۰۰۱، وَ الضُّحٰىۙ۰۰۱، وَ الَّيْلِ اِذَا سَجٰىۙ۰۰۲ والشفق وليال عشر“. نبي سائينءَ انهن مان نماز جا وقت مستنبط فرمايا، ليڪن پيغمبرﷺ جن جي استنباط جو طريقو. ائمته فقهاءَ جي استنباط جي طريقي کان مختلف آهي. جو انهن اصول فقھ ۾ مقرر ڪيو آهي.
دين جو اصل ۽ اساسي قانون صرف قرآن آهي ۽ سنت ان جي عملي تفصيل آهي ۽ قرآن مان ئي مستنبط ٿيل آهي.

[b]شاهه صاحب جي تحقيق مطابق راسخين في العلم متشابهات کي سمجهي سگهن ٿا
[/b]شاهه صاحب انهيءَ ڪري عام مفسرين جي ان راءِ سان متفق نه ٿو ٿئي ته قرآن شريف ۾ ”متشابهات“ ، انسان جي سمجهه کان بالاتر آهن ۽ انهن تي بحث ڪرڻ جائز نه آهي. سندس چوڻ آهي ته ”راسخين في العلم“ انهن متشابهات آيتن کي سمجهي سگهن ٿا ۽ بعض خاص شاگرد مسلسل ڪاوش جي ذريعي پاڻ ۾ رسوخ في العلم جو درجو پيدا ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن ائين نه هجي ته قرآن شريف جو سمجهڻ اڌورو رهجي ويندو جنهن مان ماڻهن جي دلين ۾ گهڻيون غلط فهميون پيدا ٿينديون جي قرآن پاڪ جي عملي دعوت طرف سندن بي اعتنائي ۽ عدم التفات جو باعث بڻبيون.
آيت وَ مَا يَعْلَمُ تَاْوِيْلَهٗۤ اِلَّا اللّٰهُ١ؔۘ وَ الرّٰسِخُوْنَ فِي الْعِلْمِ ۾ ڪن مفسرين ”الا الله“ کان پوءِ وقف لازم ڪري ورتو آهي، ۽ وري ڪن (جن ۾ شاهه صاحب به آهي) جي نزديڪ وقف لازم ”في العلم“ کان پوءِ آهي. اهڙن مفسرين ۾ امام شافعي به شامل آهي. شاه صاحب جي هيءَ ڪا نئين ايجاد ڪا نه آهي، ليڪن ڳالهه ڇا آهي ته شاهه صاحب ان حقيقتکي زور وٺايو ۽ قوت بخشي، عام اڳيان پڌرو ڪيو ۽ قرآڻ شريف جي انهيءَ فن کي تعليم ۽ تلقين جي ذريعي پنهنجي خاص جماعت ۾ مروج ڪيو.
پيغمبرﷺ جن کان جڏهن يهودين روح بابت پڇيو تڏهن کين جواب ۾ چيو ويو ته وَ مَاۤ اُوْتِيْتُمْ مِّنَ الْعِلْمِ اِلَّا قَلِيْلًا هيءَ آيت خود هن ڳالهه تي روشني وجهي رهي آهي ته روح جي حقيقت انسان جي سمجهه کان ٻاهر ڪا نه آهي پوءِ کڻي اها ڪن ٿورڙن کي ئي معلوم ڇو نه هجي.

[b]حروف مقطعات جي تحقيق
[/b]حروف مقطعات به حڪمت جي فنن مان هڪ فن آهي، ۽ امام ولي الله انهيءَ فن تي به خوب طبع آزمائي ڪئي آهي. ياد رکڻ گهرجي ته مقطعات، عربي زبان ۾ پنهنجون انفرادي معنائون ياد رکن ٿا. جڏهن ڪنهن ثلاثي ڪلمي ۾ ٻه حرف جمع ٿين ٿا تڏهن ان مان هڪ مشترڪه معنيٰ حاصل ٿئي ٿي، مثلا: ج، ۽ نون، جڏهن هڪ لفظ ۾ ملن ٿا تڏهن ان لفظ جي معنيٰ لڪڻ، ڍڪڻ ۽ پردو ڪرڻ جي اچي ٿي جيئن ته، جن ۽ جنين وغيرها. حروف مقطعات جي هيءَ معنيٰ ته سندن مادي جي اعتبار کان آهي، ليڪن اهي پنهنجن مخرجن جي اعتبار کان (يعني ته اچارڻ وقت اهي ڳلي مان ٿا نڪرن، يا چپن جي ملائڻ يا زبان جي چوٽيءَ مان سندن خروج ٿئي ٿو) جدا ۽ علحديون معنائون رکن ٿا.
مفسرين جو چوڻ آهي ته حروف سورتن جا نالا آهن ۽ شاهه صاحب به ان کي بلڪل صحيح سمجهي ٿو، ليڪن سندس خيال موجب اهي نالا هڪ ڪلي وصف ڏانهن اشارو ڪن ٿا ۽ ڪنهن فردي خصوصيت کي انهن ۾ دخل ڪو نه آهي.
بهرحال شاهه صاحب هن حقيقت جو اعتراف ڪري ٿو ته حرفن جو علم اهڙي شيءِ نه آهي جا ڪنهن استطرادي ڪلام جي احاطي ۾ اچي.

[b]شان نزول ۾ شاهه صاحب جو اڳين عالمن سان اختلاف
[/b]قرآن ڪريم ۾ شان نزول متعلق، شاهه صاحب متقدمين جي طريقه ڪار سان البته اختلاف رکي ٿو. سندس چوڻ آهي ته شان نزول جا ٻه قسم ٿيندا آهن. هڪڙي قسم ۾ ته آيت ڪنهن واقعي تي ظاهر ظهور دلالت ڪندي آهي، ليڪن ٻئي قسم ۾ اها آيت ان واقعي کي معلوم ڪرڻ کانسواءِ ئي جنهن سبب اها نازل ٿي هئي پنهنجي عام معنيٰ جي خيال کان عمومي ۽ مستقل هوندي اهي، ۽ ان ۾ لفظن مان جيڪو عام حڪم سمجهيو ويندو آهي، سو معتبر هوندو آهي ۽ نزول واري خاص سبب جو خيال نه ڪيو ويندو آهي.
ائمته فقهاء جيتوڻيڪ ”اصول فقهه“ ۾ بالاتفاق هن ڳالهه جي صراحت ڪري ڇڏي آهي ته جيڪڏهن قرآن ڪريم جي ڪا آيت، عموم جي لفظ سان نازل ٿي هجي، ۽ مفسرين ان جي شان نزول بابت ڪو خاص واقعو ذڪر ڪندا هجن، ته ان حالت ۾ قرآني مطالب جي تشريح ۾ عموميت کي ئي مدنظر رکيو ويندو. ليڪن افسوس آهي ته باوجود ان اتفاق جي ان تي ڪو به عمل نه ڪيو ويو.
اسان جي مفسرين جو هيءُ حال آهي جو جنهن جي به تفسير کي کڻي ڏسبو ته ان ۾ هر آيت جي متعلق هڪ جزوي واقعو ضرور بيان ٿيل هوندو، جيئن لکندا ته هي آيت ابو جهل جي حق ۾ آهي ۽ هيءَ حضرت ابوبڪر صديق جي فضيلت بابت نازل ٿي آهي وغيره. انهيءَ جو نتيجو هيءُ نڪتو آهي ته عام طور تي استاد ۽ شاگرد، انهن جزوي ڳالهين تي غور ڪرڻ ۾ ڦاٿل آهن ۽ بس. قرآن عظيم کي عملا آيات احڪام تائين محدود ڪرڻ ۽ انهن آيتن کي عمومي مطالب جي بجاءِ جزوئي واقعات سان خاص ڪرڻ جو اثر هيءُ ٿيو جو قرآن بحيثيت مجموعي، زندگي ۾ موثر نه ٿيو.
اڳوڻن مفسرن هن خيال کان ته آيت جي مناسب حديثن کي جمع ڪيو وڃي، يا ڪتاب جو مفهوم يا عام حڪم جو ڪو مثال بيان ڪيو وڃي، کڻي شان نزول جو ذڪر ڪيو آهي. هوڏانهن ان جي ذڪر ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪا نه هئي. جن خاص واقعن جي بيان ڪرڻ جي تڪليف ورتي ويئي آهي، تن کي اسباب نزول (شان نزول) ۾ چندان دخل نه آهي، سواءِ ڪن ٿورڙن آيتن جي، جن ۾ ڪنهن اهڙي واقعي ڏانهن اشارو آهي، جو رسول ﷺ جن جي زماني ۾ يا ان کان اڳ ۾ ٿيو آهي ڇالاءِ جو ان حالت ۾ ٻڌندڙ جي دل ۾ ان اشاري سبب هڪ گهرو انتظار پيدا ٿي پوي ٿو جو قصي جي تفصيل معلوم ڪرڻ کانسواءِ دور ٿي نه ٿو سگهي. انهيءَ ڪري اسان تي لازمي آهي ته انهن علمن جي تفصيل ۽ سمجهاڻي اهڙي طرح ڏيون جو خاص خاص واقعات جي بيان ڪرڻ جي تڪليف نه ڪرڻي پوي.
مثال طور سوره مدثر اندر آيت يارنهينءَ کان ويندي آيت پنجويهينءَ تائين سرمايه پرست شخص جو نفسياتي تجزيو ورتو ويو آهي. انهن آيتن کي نبي ڪريمﷺ جي زماني جي هڪ منڪر، وليد بن مغيره سان وابسته ڪري فارغ ٿي وڃڻ ڪافي نه آهي، بلڪه انهن آيتن کي هر زماني ۾ چسپان ڪري ڏنو وڃي ۽ هر شخص پنهنجي ذهنيت جو جائزو وٺي فيصلو ڪري ته هو ڪيستائين انهيءَ سرمايه پرستانه ذهنيت ۾ مبتلا آهي.
اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته صحابه ۽ تابعين جڏهن چوندا هئا ته هيءَ آيت فلاڻي يا فلاڻي واقعي متعلق نازل ٿي آهي، تڏهن گهڻو ڪري سندن مقصد ان آيت جي فردن ۽ مصداق جي تصوير چٽڻ، هو يا وري کين ڪو خاص واقعو بيان ڪرڻو هو جنهن (واقعي) کي اها آيت پنهنجي عمومي حڪم ڪري شامل هئي پوءِ کڻي اهو واقعو جنهن کي هو نزول جو سبب مقرر ڪن ٿا آيت کان اڳ جو هجي يا پوءِ جو، اسرائيلي هجي يا اسلامي ڪجهه فرق نه ٿو آڻي.

[b]هن تحقيق مان معلوم ٿيو ته سبب نزول ۾ اجتهاد کي به ڪجهه دخل آهي.
[/b]ڪنهن به واقعي کي نقل ڪرڻ وقت قاعدو هي آهي ته جيئن ان کي ٻڌو وڃي، تيئن بيان ڪيو وڃي ۽ ان ۾ ڪو به عقلي تصرف نه ڪيو وڃي، ليڪن اسان جي اڳين مفسرين جي هڪ جماعت ان تعريض کي پنهنجو پيشوا بنائي، ان جو ڪو نه ڪو مناسب محل فرض ڪري احتمال جي رنگ ۾ ان جي تقرير ڪري ٿي جنهن سببان پوين مفسرين کي هڪ اشتباهه پيدا ٿي پوي ٿو، ڇالاءِ جو ان وقت تقرير جو اسلوب موجوده زماني موافق صاف ۽ واضح نه هو. هن اسلوب بيان جو نتيجو اهو نڪتو جو اها تقرير جنهن کي رڳو احتمال طور آندو ويو هو سا سچ سان مشابهت کائي هڪ هقيقت بڻجي ويئي.

[b]صحابن جا پاڻ ۾ ڪيترا مناظرا رڳو علمي تفتيش خاطر هئا
[/b]جيڪڏهن تحقيق کان ڪم ورتو وڃي ته ڏٺو ويندو ته خود صحابن جا ڪيترا مناظرا محض علمي تفتيش خاطر هئا. مثال طور ابن عباس جو قرآن شريف جي هن آيت فَامْسَحُوْا بِرُءُوْسِكُمْ وَ اَرْجُلَكُمْ اِلَى الْكَعْبَيْنِ متعلق هي چوڻ ته ”لا اجد في کتاب الله الا المسح لکنهم ابوا الا الغسل“ فقط علم جي جاچ پڙتال ڪرڻ لاءِ هو. هتي پاڻ ڪو مسح جي فرضيت جي طرف ڪو نه ويو آهي. سندس مذهب به وضوءَ ۾ پيرن کي ڌوئڻ ئي هو. ليڪن هن هنڌ هڪ شڪ ۽ مونجهاري کي هٽائڻ سندن زير نظر هو ته جيئن معلوم ٿئي ته وقت جا عالم هن تعارض ۾ ڪهڙي طريقي سان تطبيق آڻين ٿا، مگر اهي ماڻهو جي سلف جي رومزره جي ڳالهين جي پوري واقفيت نه ٿا رکن سي ان کي ابن عباس جو قول سمجهي کڻي سندس مذهب مقرر ڪيو.

[b]قرآن جي تفسير ۾ هڪ غلط فهمي جو ازالو
[/b]اهي مفسرين جي استنباط ڪرڻ ۾ جهڳڙو ڪن ٿا ۽ پنهنجن مذهبن کي سچو ثابت ڪري ڏيکارڻ خاطر قرآن مجيد جي دليلن کي رفع دفع ڪرڻ ۾ حيلي سازي کان ڪم وٺن ٿا تن کان شاهه صاحب قطعا راضي نه آهي. هو هميشه هن خيال جو هو ته آيتن جي مفهوم جي تلاش ڪئي وڃي ۽ ان کي ئي پنهنجو مذهب ڪري اختيار ڪيو وڃي، پوءِ کڻي اها ڳالهه ان مفسر يا فقيهه جي سابق مذهب جي مخالف ئي ڇو نه وڃي.
قرآن شريف جي نحو ۾ بعض مفسرين سيبويھ جو مذهب اختيار ڪيو ته بعض وري فراء جي پيروي ڪئي، ان جو نتيجو هي نڪتو آهي ته انهن کي الله جي ڪلام ۾ جو استعمال سندن مذهبن جي خلاف ملي ٿو تنهنجي تاويل ڪرڻ شروع ڪري ڏين ٿا، پوءِ کڻي اها تاويل بعيد ئي ڇو نه هجي. امام ولي الله جي نزديڪ هي طريقو درست نه آهي. سندس چوڻ آهي ته عالم کي جڳائي ته ان ڳالهه جي پروي ڪري جا عبارت جي اڳ، پوءِ (سياق سباق) جي موافق ۽ زياده مضبوط هجي. هن ۾ سيبويھ يا فراء جو لحاظ نه رکيو وڃي.
اسلام جي مخالفين کي هيءُ اعتراض آهي ته مڪي سورتن ۾ هر فرد کي پاڻ سڌارڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ليڪن مدني سورتن ۾ وري هڪ ترقي پسند، سياسي ۽ اجتماعي جماعت کي اهڙي هدايت ڪئي ويئي آهي. بالفاظ ديگر، پيغمبر ﷺ جن جي مڪي ۽ مدني زندگيءَ ۾ جو ظاهري تفاوت نظر اچي ٿو تنهن کي هو اعتراض طور پيش ڪن ٿا. انهن جو چوڻ هيءُ آهي ته پيغمبر ﷺ جو وقت مڪي ۾ رهيا سو هڪ واعظ، راشد ۽ مصلح جي صورت ۾ رهيا، ليڪن جڏهن مديني ۾ اچن ٿا تڏهن هو هڪ حاڪم ۽ صاحب رياست جي شڪل ۾ ظاهر ٿين ٿا.
پيغمبر ﷺ جن جي مڪي ۽ مدني زندگيءَ جي باري ۾ مخالفين جي هن اعتراض جو جواب هيءُ آهي ته مڪي ۾ رهڻ جي دوران حالتون اهڙيون نه هيون جو علي الاعلان جهاد جو علم بلند ڪيو وڃي ها ۽ زور ۽ زبردستي کان ڪم ورتو وڃي ها. حقيقت ۾ باطني طور تي جهاد مڪي زندگي ۾ ئي شروع ٿي ويو هو جنهن جو ثبوت قرآن شريف جي هن آيت مان اسان کي ملي ٿو اَوَ لَمْ يَرَوْا اَنَّا نَاْتِي الْاَرْضَ نَنْقُصُهَا مِنْ اَطْرَافِهَا
شاهه صاحب جي خيال موجب هيءَ آيت مڪي آهي ۽ نه مدني جيئن جو اڪثر مفسرين سمجهن ٿا. هن آيت مان معلوم ٿئي ٿو ته نبي سائين جن جنهن زماني ۾ مڪي ۾ هئا تنهن زماني ۾ ئي اسلام جو غلبو عربن جي سرزمين تي پکڙندو رهيو، ۽ دارالحرب ويو ڏينهون ڏينهن گهٽبو، ڇاڪاڻ ته اسلم، غفار، جهينه، مزينه ۽ يمن جا بعض قبيلا اسلام ۾ داخل ٿي چڪا هئا.
مخالفين جو اعتراض ته حضرت محمدﷺ جن کي جهاد جو خيال ۽ پنهنجي سياسي غلبي کي وسيع ڪري عرب سرزمين جي حدن کان ٻاهر ڦهلائڻ جو ويچار مديني ۾ اچڻ کان پوءِ پيدا ٿيو، سراسر بي بنياد آهي. پاڻ سڳورن جي مدني زندگي سندن مڪي زندگيءَ جو تتمو هئي ۽ مڪي ۾ سندن تحريڪ قومي هئي جا مديني ۾ اچي بين الاقوامي بڻجي ويئي.
مورخين عموما رسولﷺ جن جي مدني عهد کان اسلامي رياست جي ابتدا مڃين ٿا. حالانڪه هي صحيح نه آهي ۽ انهيءَ جي ترديد مٿين آيت مان ٿي چڪي آهي.
هاڻي هتي هن غلط فهميءَ جو ازالو ڪرڻ ضروري آهي. اسان ڏسون ٿا ته مڪي سورتن ۾ هيءُ ذڪر آيل آهي ته يهودي قرآن پاڪ جي تصديق ڪندا هئا ۽ مدني سورتن ۾ وري آهي ته يهودي ان جي تڪذيب ڪندا هئا. انهن ٻنهي ۾ تطبيق جو نمونو هيءُ آهي ته آنحضرت ﷺ جنهن وقت مڪي ۾ هئا تنهن وقت يهودين کي اڃا دين اسلام جي دعوت ڪا نه ڏني هئائون (سندن دعوت ان وقت ڪافرن ۽ مشرڪن تائين محدود هئي)، جنهن ڪري اهي قرآن جي سچائيءَ جا قائل رهيا آيا ۽ هي پڻ مڃيائون ته ان جو حڪم عربن تي لازم آهي. ان ڳالهه جو انهن مان ڪنهن به انڪار نه ٿي ڪيو، ليڪن جڏهن پاڻ سونهارا هجرت ڪري مديني ۾ آيا تڏهن انهن کي اسلام قبول ڪرڻجي دعوت ڏيڻ شروع ڪيائون، جا ڳالهه کين پسند نه آئي ۽ پوءِ دشمن بڻجي سندس مخالفت ڪرڻ لڳا.

[b]مخالفن جو تعصب کان الله تعاليٰ جي ڪلام تي اعتراض ۽ ان جو جواب
[/b]مخالفين ڪج فهمي ۽ تعصب جو شڪار ٿي خدا تعاليٰ جي ڪلام تي بيجا حملا ڪندا آهن. هن آيت جي مفهوم تي پڻ انهن اعتراض ورتو آهي. فَبِظُلْمٍ مِّنَ الَّذِيْنَ هَادُوْا حَرَّمْنَا عَلَيْهِمْ طَيِّبٰتٍ اُحِلَّتْ لَهُمْ انهن جو چوڻ آهي ته هن آيت ۾ تضاد آهي ۽ اها حقيقت سان ملي نه ٿي اچي، ڇالاءِ جو يهودين لاءِ اٺ جو گوشت ۽ چنبن واري جانور جو گوشت کائڻ ته سندن ڪتاب توريت موجب اڳيئي حرام هو، ته پوءِ هاڻي جو هو حضرت عيسيٰ ؑ جو انڪار ڪن ٿا ۽ انهيءَ انڪار سببان ئي سٺيون شيون سندن لاءِ حرام ڪيون ويون آهن، سا ڳالهه ته اصل هيقت سان جوڙ نه ٿي کائي. حضرت عيسيٰ ؑ کان انڪاري ٿيڻ جي سندن لاءِ ڪا ٻي سزا هئڻ گهربي هئي.
شاهه صاحب انهيءَ اعتراض جي جواب ۾ چوي ٿو ته سٺين شين جي حرام ڪرڻ مان مراد کانئن انهن نعمتن جو کسجي وڃڻ آهي جي اڳ انهن کي عطا ڪيون ويون هيون، مثلا: بادشاهي نبوت ۽ فتح وغيره ۽ هيءَ آيت هيٺين ٻن آيتن جي مشابھ آهي جن جي پڙهڻ بعد ساري ڪلام ۾ پورو ربط نظر ايندو. وَ ضُرِبَتْ عَلَيْهِمُ الذِّلَّةُ وَ الْمَسْكَنَةُ ۽- حَرٰمٌ عَلٰى قَرْيَةٍ اَهْلَكْنٰهَاۤ ۽ ظاهر ۾ به ائين ٿيو. يهودين سان ڪنعان جي زمين جو وعدو ڪيو ويو هو جو ساڻن پاڙيو ويو ۽ هو اتي اچي مستقل طور تي اقامت پذير ٿيا، ليڪن پنهنجي هٺ ۽ سرڪشيءَ کان باز نه آيا ۽ خدا تعاليٰ جي حڪمن جي کليو کلايو مخالفت ڪرڻ لڳا. سندن نافرماني قومي تباهي جي صورت ۾ ظاهر ٿي. پنهنجن گهرن مان تڙجي نڪتا ۽ ذليل ۽ خوار ٿي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ رلندا ۽ ڌڪا ٿاٻا کائيندا رهيا.

[b]مقدس ڪتابن ۾ تحريف جو مسئلو
[/b]قرآن پاڪ ۾ آيل آهي ته اهل ڪتاب وارن پنهنجي مقدس ڪتابن (توريت ۽ انجيل) ۾ تحريفون ڪيون آهن. عام طرح ائين معلوم ٿئي ٿو ته تحريف مان مراد ڪتاب جي اصل متن ۾ ڦير گهير ڪرڻ آهي، ليڪن جيڪڏهن تعصب کي پاسيرو رکي انصاف کان ڪم ورتو وڃي ته حقيقت ان جي البته ڪجهه ابتڙ نظر ايندي.
شاهه صاحب تحريف جي معنيٰ سمجهائيندي چوي ٿو ته هو (اهل ڪتاب) خدا تعاليٰ جي ڪتاب جي غلط تاويل ڪندا هئا، پوءِ ان غلط ۽ فاسد تاويل کي لکندا هئا ۽ انهيءَ ترجمي کي توريت ۽ انجيل جي نالي سان سڏيندا هئا، يا وري فاسد قياس ۽ فاسد استنباط ڪندا هئا، يعني ته قياس ۽ استنابط ڪري ڪو شرعي حڪم بيان ڪندا هئا، حالانڪه اهو قياس ۽ استنباط ڪنهن صحيح اصول تي مبني نه هوندو هو ۽ پوءِ ظاهر ڪندا هئا ته الله تعاليٰ جو توريت ۽ انجيل ۾ هيءُ حڪم آهي. امام بخاري، شيخ الاسلام ابن تيميه ۽ امام ولي الله توريت جي اصل متن ۾ تحريف جو انڪار ڪن ٿا.
شاهه صاحب هڪ ٻئي هنڌ ان ڳالهه جي تشريح ڪري ڇڏي آهي ته تحريف ان کي نه چئبو ته هڪ لفظ جي عيوض ڪو ٻيو لفظ رکجي پر تحريف ان کان وڌيڪ خوفناڪ آهي جنهن جي گهڻو ڪري اها شڪل هوندي آهي ته ڪلام کي ظاهر مطلب ۽ مراد کان ڦيرائي پنهنجي خواهش پٽاندڙ ان جو مطلب بيان ڪجي.
هن قسم جي تحريف جو دائرو گهڻو وسيع هو ۽ انهيءَ ڪري هو طرح طرح جي براين ۾ مبتلا ٿي ويا. پيغمبر ﷺ جن انهيءَ ئي حقيقت ڏانهن اشارو ڪندي فرمايو آهي ته جلد اهڙا ماڻهو به پيدا ٿيندا جي شراب ۽ زنا کي ٻئي نالي سان سڏڻ شروع ڪندا ۽ چوندا ته هيءُ ته الله تعاليٰ پنهنجي ڪتاب ۾ حرام ڪو نه ڪيو آهي.
شاهه صاحب چوي ٿو ته نبي سائينءَ جن جو فرمان انهن ماڻهن تي صادق اچي ٿو جي چون ٿا ته اهو شراب جو ماکيءَ يا ان جي مثل ڪنهن شيءِ مان ٺاهيو ويو هجي ته اهو حرام ڪو نه آهي، ۽ اهڙا ماڻهو اسان وٽ موجود آهن، ۽ سچ پڇو ته هن قسم جي تحريف هر قوم ۾ ڦهلجي ويئي آهي.
توريت ۾ زانيءَ جي سزا رجم مقرر ٿيل هئي، ليڪن يهودي ڪن ذاتي اغراضن سبب ان سزا کي تبديل ڪري زانيءَ جي ڪاري منهن ڪرڻ ۽ چند ڦٽڪن لڳائڻ تي اڪتفا ڪرڻ لڳا. هڪ دفعي منجهن زنا جو واقعو ٿيو. انهن انهيءَ زانيءَ کي آنحضرت ﷺ جن ڏانهن سزا ڏيڻ جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏنو. پاڻ سڳورن رجم ڪرڻ جي سزا ٻڌائي، جنهن کان پوءِ انهن خود زانيءَ کي سنگسار ڪيو، ۽ قرآن شريف جي هيءَ آيت به انهيءَ واقعي ڏانهن اشارو ڪري ٿي يُحَرِّفُوْنَ الْكَلِمَ عَنْ مَّوَاضِعِهٖ .
يهودي ڪن هنڌن تي خدا جي ڪلام ۾ خلط ملط کان به ڪم وٺندا هئا، ۽ حق کي باطل ۾ ملائڻ کان به گريز نه ڪندا هئا ۽ انهن جون بعض قباحتون مسلمانن ۾ به سرايت ڪري ويون آهن.
انهن سڀني ڳالهين هوندي به هيءُ اعتقاد رکڻ صحيح نه آهي ته توريت ۽ انجيل اهڙا محرف ٿي چڪا آهن جو انهن جو ڪو به حڪم سماعت جي قابل نه رهيو آهي. جيڪڏهن ائين هجي ها ته قرآن جابجا انهن کي پنهنجن ڪتابن تي عمل ڪرڻ جي دعوت نه ڏئي ها، ليڪن قرآن ته هر هنڌ انهن کي پڪاري رهيو آهي ۽ پنهنجن ڪتابن تي عمل نه ڪرڻ جو مٿن الزام لڳائي رهيو آهي.
اصل ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جا عالم سڳورا عام طور تي انهن ڪتابن کي به قرآن ڪريم وانگر محفوظ ڏسڻ گهرن ٿا، ۽ انهن جي دماغ ۾ هي خيال ويهي ويو آهي ته سابقه ڪتب الاهي به قرآن وانگر نازل ٿيا هئا، حالانڪه حقيقت ائين نه آهي.
مثال طور ڪرستان خود به انهيءَ ڳالهه جا دعويدار نه آهن ۽ نه وري انهن جو اهڙو عقيدو آهي ته بائيبل به اهڙي طرح نازل ٿيو آهي جهڙي طرح قرآن. انهن جو چوڻ آهي ته برخلاف قرآن جي بائيبل حضرت عيسيٰ جو ڪلام آهي ۽ انهيءَ جي حيثيت اسان وٽ اهڙي آهي جا اسلام اندر حديث کي مليل آهي.

[b]قرآن پاڪ کان اڳ وارا الهامي ڪتاب قدسي حديث جي نموني تي نازل ٿيا هئا
[/b]هن بابت تحقيق اها آهي ته قرآن پاڪ کان اڳ جيڪي به الاهي ڪتاب نازل ٿيا آهن سي حديث قدسي جي نموني تي نازل ٿيا آهن جن ۾ انهن پيغمبرن جي نه فقط الاهي وارداتن جو احوال آهي پر ان سان گڏ انهن جا افعال ۽ اقوال به مليل آهن الا ماشاءَ الله. انهيءَ وقت ان مذهب جا علماءُ پنهنجي اجتهاد جي ذريعي الاهي ڪتاب کي جمع ڪندا هئا (۽ اجتهاد ڪڏهن صحيح وڃي ٿو ۽ ڪڏهن غلط)، ڇالاءِ جو اهڙي وحي جنهن جا الفاظ ۽ معاني جنهن شڪل ۾ نازل ٿيا آهن هوبهو انهيءَ ساڳي شڪل ۾ قطعي طور محفوظ رهيل هجن ڪنهن به مذهبي ڪتاب ۾ سواءِ ڪن ٿورڙن حصن جي ڪٿي به موجود نه آهي. انهن ڪتابن جي ضمن اهي ڳالهيون به اچي وينديون هيون جي براه راست لفظا ۽ معنيٰ مقرر ٿي ڪري وحيءَ جي صورت ۾ انهيءَ نبيءَ تي نازل ٿينديون هيون. انهيءَ جي مثال ۾ تورات جا ڏهه احڪام ۽ انجيل ۾ حضرت عيسيٰ جا بعض خطبا پيش ڪري سگهجن ٿا.
اهڙو ڪتاب جو زماني جي سٽ جهلي نه سگهيو ۽ ان جا پوءِ لڳ به ان جي حفاظت ڪري نه سگهيا سو ڪتاب الاهي ڪتاب ٿي نٿو سگهي بلڪه اهو هڪڙو صحيفو آهي جنهن ۾ ان دين جو پيرو پنهنجي پيغمبر جو علم جمع ڪري ٿو. انهيءَ جو مثال اهڙو آهي جهڙو حديث بخاري ۽ مسلم جو اسان وٽ آهي.
البته هتي هيءَ حقيقت وسارڻ نه گهرجي جيئن جو عام مفسرين غلطيءَ کان سمجهن ٿا ته حضرت ابراهيم جا صحيفا گم ٿي ويل آهن. هيءَ انهن جي ناواقفيت آهي ۽ ظاهر ٿئي ٿو ته انهن سابقه ڪتب الاهيه جو مطالعو ئي نه ڪيو آهي. توريت کان اڳ پهرين ڪتاب جو نالو ”پيدائش“ آهي جو سيدنا ابراهيم جو صحيفو آهي ۽ جنهن کي موسيٰ ؑ توريت جي منڍ ۾ رکيو. ان کان پوءِ چار صحيفا ”ڪتاب الخروج“ تائين سيدنا موسيٰؑ جا صحيفا آهن. انهن پنجن ڪتابن جو نالو اصل ۾ توريت آهي ۽ بني اسرائيل جي باقي نبين جا ڪتاب ان کان پوءِ جا آهن ۽ اهي انهن پنجن صحيفن سان ملايا ويا آهن.
افسوس آهي جو مسلمانن گهڻي غفلت کان ڪم ورتو. انهن کي گهربو هو ته توريت کي سامهون رکي ڪري قرآن جو مطالعو ڪن ها جو هيءَ ڳالهه انهن لاءِ نهايت مفيد ۽ بي نظير هئي. شاه عبدالعزيز صاحب ۽ ان کان پوءِ انهيءَ طرز تحقيق جا عالم پنهنجن مدرسن ۾ هميشه بائيبل پڙهائيندا هئا، مگر اڳتي هلي مسلمانن غفلت کان ڪم ورتو ۽ تعليم ڏيڻ جو اهو سرشتو منقطع ٿي ويو.

[b]حضرت ابن عباس واري تفسير جي خوبي ۽ ان جي ڪن تحقيقن سان اختلاف
[/b]حضرت ابن عباس جو تفسير جو اسلام جي اوائل ۾ لکيو ويو هو سو شاهه صاحب جي نزديڪ زياده معتبر آهي. قرآن جي غرائب جي شرح ۾ هيءُ تفسير بهترين آهي. منجهس لغت جو حل ۽ اسباب نزول بيان ٿيل آهن. مگر باوجود انهن سڀني خوبين جي هو هر جڳهه ان جي ڪيل شرح کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. سندس چوڻ هيءُ آهي ته ڪنهن صحابيءَ جي ذاتي راءِ سان اختلاف ٿي سگهي ٿو. انهيءَ اختلاف جو مثال هن آيت جي شرح مان ملي ٿو. لَا تُحَرِّكْ بِهٖ لِسَانَكَ لِتَعْجَلَ بِهٖؕ۰۰۱۶ اِنَّ عَلَيْنَا جَمْعَهٗ وَ قُرْاٰنَهٗۚۖ۰۰۱۷ فَاِذَا قَرَاْنٰهُ فَاتَّبِعْ قُرْاٰنَهٗۚ۰۰۱۸ ثُمَّ اِنَّ عَلَيْنَا بَيَانَهٗؕ۰۰۱۹
حضرت ابن عباس هن آيت جي سمجهاڻيءَ ۾ چوي ٿو ته جڏهن نبي ڪريمﷺ جن تي وحي نازل ٿيندو هو تڏهن کين ڏاڍي محنت برداشت ڪرڻي پوندي هئي. پاڻ وحي ٻڌندا ۽ بغير آواز پڙهندا ويندا هئا، جنهن ڪري کين سمجهايو ويو ته پنهنجي زبان نه چورين، جمع مان مراد سيني ۾ سمائڻ آهي، ۽ پڙهڻ جو مطلب پيغمبر جو پڙهڻ آهي. فَاتَّبِعْ قُرْاٰنَهٗ مان وري مان وري پيغمبر جو ٻڌڻ مقصود آهي، ۽ وَ اِنَّ عَلَيْنَا بَيَانَهٗ هن حقيقت ڏانهن اشارو آهي ته اي محمدﷺ اسان اهو توکي پڙهائي ڇڏينداسون.
شاهه صاحب چوي ٿو ته جڏهن اصل حديث کي ڏٺو وڃي ٿو جا هن آيت جي بيان ۾ آيل آهي تڏهن ان مان معلوم هيءُ ٿئي ٿو ته ”جمع“ جو تفسير حضرت ابن عباس جي پنهنجي ذاتي راءِ آهي. هن ته جمع، قرآن ۽ بيان جي لفظن جو ماآل هڪڙو ڪيو آهي، يعني ته سيني ۾ جمع ڪرڻ ۽ زبان سان پڙهائي ڇڏڻ جو ماآل هڪڙوئي آهي. ٽنهي لفظن کي قريب قريب معنائن تي محمول ڪرڻ بلاغت جي شان کان بعيد آهي. ها، آيت سَنُقْرِئُكَ فَلَا تَنْسٰۤىۙ۰۰۶ جي تفسير ۾ هيءَ تقرير صحيح ٿي سگهي ٿي.
علاوه ان ثُمَّ اِنَّ عَلَيْنَا بَيَانَهٗؕ۰۰۱۹جي جو اهڙو مطلب ڪڍڻ جو سواءِ ڪنهن معقول تاخير جي واقع ٿيو هجي بلاغت جي لحاظ کان اڃان به گهڻو بعيد آهي، ڇاڪاڻ ته ”ثم“ جو لفظ عربي ڪلام ۾ تاخير لاءِ ايندو آهي، لهذا مناسب شرح هيءَ ٿيندي ته ”ان علينا جمعھ“ مان هيءُ مطلب ورتو وڃي ته قرآن کي مصحفن ۾ جمع ڪرڻ جو ڪم اسان جي ذمي آهي ۽ ”قرآنھ“ کي هيئن سمجهيو وڃي ته آنحضرت ﷺ جن جي امت جي قارئين ۽ عوام کي ان جي ياد ۽ تلاوت جي توفيق اسان ڏينداسون ته جيئن تواتر جو سلسلو ٽٽي نه پوي. ٻين لفظن ۾ ڄڻڪ خدا تعاليٰ فرمائي ٿو ته تون (اي منهنجا رسول) انهيءَ فڪر ۾ نه رهه ته قرآن تنهنجي دل تان وسري ويندو. اسان قرآن بابت اها ڳالهه پنهنجي ذمي ڪري ڇڏي آهي جا تنهنجي تبليغ جي زماني کان به پوءِ واقع ٿيندي، يعني ته قرآن ڪريم کي مصحفن ۾ جمع ڪرڻ ۽ اهو امت جي خاص ۽ عام کي پڙهائي ڇڏڻ جو ڪم اسان جي ئي حوالي آهي، تنهنڪري تون ان جي ياد ڪرڻ ۾ مشقت کان ڪم وٺڻ ڇڏي ڏي.
”ثم ان علينا بيانھ“ مان وري هيءَ معنيٰ ورتي وڃي ته قرآن جي توضيح ڪرڻ اسان جو ڪم آهي ۽ اسان ئي هر زماني ۾ هڪ جماعت جي، ان جي لغت جي شرح ڪرڻ، ۽ ان جي شان نزول بيان ڪرڻ ۾ مدد ڪنداسون، ته جيئن اها قرآني آيتن جي حڪم جو مصداق بيان ڪندي رهي ۽ هيءَ ڳالهه، تنهنجي، قرآن کي ياد ڪرڻ ۽ تبليغ ڪرڻ کان گهڻُ پوءِ رونما ٿيندي.
جڏهن قرآن شريف جون بعض آيتون متشابهه آهن، يعني ته، هڪ ٻئي سان ملن جلن ٿيون تڏهن اهو ضروري آهي ته تفسير ۾ حديث کان پوري مدد ورتي وڃي، ڇالاءِ جو آنحضرت ﷺ جن قرآن عظيم جا حقيقي مفسر آهن. حديث مان هو ڪجهه معلوم ٿئي ٿو ته قرآن پاڪ جي حفاظت جو وعدو جو الله تعاليٰ ڪيو آهي سو هن طرح ظاهر ٿيندو جو ماڻهو ان (قرآن) کي مصحفن ۾ جمع ڪندا ۽ ساري امت رات ڏينهن ان جي تلاوت ۾ مشغول رهندي. ”لايغسلھ الماءُ“ واري حديث جي معنيٰ به اهائي آهي.
ان بعد هي نڪتو به فراموش ڪرڻ نه گهرجي ته ”جمعھ و قرآنھ“ کي عطف جي واو ذريعي هڪ هنڌ آڻن ۽ ”بيان“ جي وعدي ۾ ”ثم“ کي آڻن جو تاخير لاءِ آهي، هن ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري رهيو آهي ته قرآن شريف جي تلاوت جو حڪم ته ان جي مصحفن ۾ جمع ٿيڻ سان گڏوگڏ جاري ٿي ويندو، باقي قرآن جي تفسير جو علم بعد ۾ ظاهر ٿيندو. خارج ۾ ائين ئي ٿيو. حضرت عمر رضه جي ڏينهن ۾ قرآن جي حفظ جو ڪم حضرت ابي بن ڪعب ۽ عبدالله بن مسعود کان شروع ٿيو، ۽ تقريبا انهيءَ زماني ۾ قرآن جو مصحفن ۾ جمع ٿيڻ عمل ۾ آيو، باقي علم تفسير جي ترويج خلافت جي زماني گذري وڃڻ کان البته ٿورو بعد ۾ حضرت ابن عباس کان شروع ٿي.
هتي هيءَ ڳالهه واضح ڪرڻ ضروري آهي ته رسول ڪريمﷺ ۽ خلفاءَ راشدين جي ڏينهن ۾ قرآن ڪريم جي شرح لکڻ جي ڪا ضرورت ئي ڪا نه هئي. قرآن، عربن جي مادري زبان ۾ هو جنهن ڪري هو ان کي چڱيءَ طرح سمجهندا هئا. البته جڏهن مسلمانن جي فتوحات جو دائرو وسيع ٿيو ۽ گهڻا عجمي لوڪ مسلمان ٿيا تڏهن انهن کي قرآن سمجهڻ ۾ دقت محسوس ٿي. انهيءَ ڪري جتي جتي قرآن اندر انهن کي ڪا ڏکيائي نظر آئي تتي انهيءَ ڏکي عبارت کي ٻين لفظن ۾ ادا ڪيو ٿي ويو ته جيئن هو ان کي آسانيءَ سان سمجهي سگهن. پر ان هوندي به صحابه ڪرام جي ڏينهن ۾ اهڙن تفسيري فقرن ۽ جملن کي ڪنهن ڪتاب جي شڪل ۾ نه آندو ويو هو. درس ڏيندڙ درس دوران جتي ضرورت سمجهندو هو اتي اهڙا لفظ ۽ فقرا استعمال ڪندو هو. اهو ئي ته سبب آهي جو پهرين ٽن خليفن کان تفسيري جملا ۽ فقرا گهڻو گهٽ مروي آهن.
سڀ کان زياده تفسيري جملا حضرت ابن عباس کان مروي آهن ڇالاءِ جو هو سڀني ۾ ننڍو صحابي هو ۽ سندس وفات سن 68 هجري ۾ ٿي. ان عرصي ۾ جهجها عجمي ماڻهو مسلمان ٿيا جنهن ڪري اهڙن تفسيري جملن لکڻ جي ضرورت محسو ٿي. ليڪن نهايت افسوس آهي ته گهڻن ننڍن راوين پنهنجي طرف کان تفسيري جملا ۽ فقرا بڻائي حضرت ابن عباس جي طرف منسوب ڪري ڇڏيا.
هن مضمون جي آخر ۾ اسان وري به انهيءَ حقيقت کي دهرائڻ گهرون ٿا ته اصل ڳالهه جنهن ڏانهن شاهه صاحب ڌيان ڇڪائڻ گهري ٿو سا هيءَ آهي ته قرآن ڪريم کي پوري غور سان پڙهڻ ۽ سمجهڻ گهرجي ۽ ان تي چڱيءَ طرح سان عمل ڪيو وڃي ۽ عمل ڪرڻ وقت رسول اللهﷺ جن کي نموني طور پيش رکڻ گهرجي.
اصحاب سڳورن جي ڏينهن ۾ اهو دستور هوندو هو ته پهريائين قرآن ڪريم جون ڏهه آيتون پڙهيون وڃن، انهن کي پوريءَ طرح سان سمجهيو وڃي ۽ ان بعد ان تي عمل ڪيو وڃي. ان کان پوءِ وري ٻيون ڏهه آيتون پڙهيون وڃن ۽ انهن تي پوري طرح عمل ڪري پوءِ اڳتي وڌجي.
قرآن پاڪ کي غور ۽ فڪر سان پڙهڻ جو هيءُ مثال ڪافي آهي ته حضرت عمر فاروقؐ سوره بقره (جا آئين، نظم ۽ نسق جو پورو ضابطو آهي سا) حضرت جن وٽ ڏهن سالن ۾ پڙهي پوري ڪئي ۽ پوءِ ان جي خوشيءَ ۾ هڪ سو اٺ قربان ڪيا. اهو ڪو زباني پڙهڻ نه هو پر ان سان عمل به شامل حال هو.
امام ولي الله جي نزديڪ صحيح علم اهو آهي جو حال جي تقاضا ۽ ضرورت پوري ڪري ٿو ۽ سندس چوڻ آهي ته اهو فقط قرآن ئي آهي جو زماني سان همرڪاب آهي ۽ سندس تقاضائن کي پورو ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪو موجوده زماني جي تحصيل ڪرڻ گهري ٿو ته ان لاءِ اهو ضروري آهي ته هو قرآن ڪريم جي واضح ۽ ظاهر کي وٺي ۽ حتي الامڪان تاويل کان پاسو ڪري. ”فتح الرحمان“ ان حقيقت جو هڪ زندهه مثال آهي جو نهايت مختصر هئڻ جي گهڻنئي مشڪلاتن جو حل ٻڌائي ٿو. ديني مدرسن ۾ جيڪڏهن هن تفسير ۽ ”حجته الله البالغته“ کي تڪميلي نصاب ۾ مقرر ڪيو وڃي ته هيءَ سچ پچ دين جي وڏي خدمت ٿيندي.