مذهب

شاهه ولي الله ؓ جي تعليم

قرآن ۽ حديث، فقه ۽ تصوف، نبوت ۽ شريعت، فلسفو ۽ سياست، سماجي درجن ۽ موت کان پوءِ جي زندگيءَ متعلق حجة الاسلام امام شاهه ولي اللهؓ جي حڪمت ڀري تعليم جو بنيادي تعارف ۽ تفصيل.
Title Cover of book شاهه ولي الله ؓ جي تعليم

شريعت

[b]شريعت نوع انساني جي فطري تقاضا آهي
[/b]شريعت هڪ فطري قانون آهي ۽ انساني نوع جي پنهنجي گهر جوئي نتيجو آهي. جڏهن انساني نوع ترقيءَ جي ڪنهن منزل تي پهچي ٿو تڏهن ڪنهن خاص شريعت جي گهر ڪري ٿو، اهو قانون ان تي ڪو زوريءَ مڙهيو نه ويو آهي پر انسان پاڻ گهري ورتو آهي ۽ هاڻي سندس ڀلائي به انهيءَ جي اندر ئي رهڻ ۾ آهي.
پيغمبرن جي شريعتن ۾ جو ٿورو ڪجهه اختلاف نظر اچي ٿو سو به انسان جي نوعي استعداد جوئي نتيجو آهي، ڇالاءِ جو دين ته اصل ۾ هڪ آهي ۽ اهو اهو ساڳيو ئي دين آهي جنهن جي سڀني نبين سڳورن هدايت ڪئي آهي.
انساني نوع اهڙي نموني پيدا ڪيو ويو آهي جو جيڪڏهن ان کي پنهنجي حال تي ڇڏيو وڃي ته هو جيڪر پاڻ کي تباهه ڪري وجهي ۽ عالم برزخ ۽ قيامت جي عذاب کان بچي نه سگهي. ان تباهيءَ کان پاڻ کي فقط پنهنجي فڪر جي زور تي بچائڻ سندس لاءِ آسان نه هو. الله تعاليٰ محض پنهنجي عنايت ۽ نوازش سان ان جي ڪارسازي ڪئي ۽ پنهنجي پيغمبرن کي موڪليو جن اچي سندس لاءِ ڇوٽڪاري جي راهه کولي.
دين، جو اصل ۾ هڪ شيءِ آهي ۽ جنهن جي تعليم سڀيئي پيغمبر هڪ ٻئي پٺيان ڏيندا آيا آهن ۽ جو حالتن جي ڦير گهير جي قيد ۽ بند کان بالا آهي، تنهن کي ڏٺو وڃي ته آخر اهو آهي ڪهڙي شئي ۽ سندس اصول ڪهڙا آهن.

[b]دين جي حقيقت ۽ وحدت اديان جو مسئلو ۽ قومن جي اتحاد جو مرڪزي نقطو
[/b]اسان ڏسون ٿا ته سڀيئي نبي سڳورا، خدا تعاليٰ جي توحيد (جي ڳالهه) تي متفق آهن، ته هو هڪڙو آهي ۽ ڪو به سندس ثاني ڪونهي ۽ هوئي عبادت جو لائق آهي. آخرت برحق آهي ۽ عملن جو بدلو چڪايو ويندو. دين جا بنيادي اصول (حقيقت ۾) اهي آهن جن تي سڀني قومن ۽ ملتن جو اتفاق آهي ۽ هن ئي دين جو نالو اسلام آهي.
اسلام ڪنهن خاص فرقي ۽ ٽولي جو نالو ڪو نه آهي. اهو جماعت بنديءَ ۽ گروهه بنديءَ کان بالاتر آهي. هاڻي جو به ماڻهو، پوءِ کڻي هن جي پيدائش ڪهڙي به گهر ۾ ٿي هجي، دين جي مٿين اصولن جي پيروي ڪري ٿو ته هو مسلمان آهي، يعني ته جيڪڏهن هو الله تعاليٰ ۽ ان جي موڪليل رسول تي ايمان آڻي ٿو ۽ آخرت کي مڃي ٿو ۽ عمل صالح ڪري ٿو ته هو يقينا اسلام جي دائري جي اندر آهي.
هتي هيءَ ڳالهه ڌيان جوڳي آهي ته قومون ۽ ملتون پنهنجن اختلافن هوندي به ڪنهن هڪ نقطي تي پاڻ ۾ اتفاق ڪري سگهن ٿيون ۽ هڪ پليٽ فارم تي جمع ٿي سگهن ٿيون. اهڙو مشترڪه نقطو سچ پچ موجود آهي جو سڀني کي آڻي هڪ صف ۾ بيهاري، جنهن لاءِ هيٺئين تحقيق کي ملاحظه فرمايو:

[b]انسان جي بهيمي ۽ ملڪي قوتن جو بيان ۽ ان جي سعادت
[/b]هيءَ ڳالهه ڪنهن کان مخفي ڪانهي ته انسان ۾ ٻه قوتون رکيون ويون آهن، هڪڙي ملڪي قوت آهي ۽ ٻي بهيمي قوت آهي. ملڪي قوت کي زور وٺائڻ ۽ ان کي بهيمي قوت تي غالب آڻن ۾ ئي انسان جي سعادت آهي. ان جي برعڪس جيڪڏهن بهيمي قوت سندس ملڪي قوت تي غالب آئي ته ان ۾ ان جي شقاوت آهي.
معاد ۾ جزا ۽ سزا به انسان جي دل جي ڪيفيتن ۽ هيئتن تي ئي مرتب ٿئي (مدار رکي) ٿي، جي خود ان جي عملن جو نتيجو آهن. جيڪڏهن ڪنهن انسان جو نوعي مزاج درست آهي ۽ سندس مادي ۾ ڪو اهڙو عيب (نقص) نه آهي جو سندس نوعي حڪمن جي ظاهر ٿيڻ کي روڪي ته پوءِ يقيني طور هو مٿئينءَ ڳالهه کي حقيقي سعادت سمجهي فطرت ان جي تلاش ۽ ڳولا ۾ رهندو. اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن انسان جي فطرت سليم آهي ته هو هن مقصد ڏانهن ايئن ڇڪجي اچي ٿو جيئن لوهه چقمق ڏانهن ڇڪجي اچي ٿو. اها ئي انسان جي فطرت آهي جنهن تي ان کي خلقيو ويو آهي.
دنيا جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته هر قوم ۾ اهڙيون وڏيون شخصيتون موجود آهن جن پنهنجي زندگيءَ جو مقصد ئي مٿي بيان ڪيل سعادت جو پرائڻ مقرر ڪيو آهي.
اهڙين برگزيده شخصيتن کي جڏهن بادشاهه، فيلسوف ۽ دنيا جا ٻيا ماڻهو ڏسن ٿا تڏهن انهن کي ان ڳالهه جو يقين ٿي وڃي ٿو ته هنن برگزيده شخصيتن اها سعادت حاصل ڪئي آهي، ۽ پوءِ کانئن برڪتون حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جا معتقد ٿي وڃن ٿا ۽ وٽن گهڙي گذارڻ پنهنجي لاءِ فخر ۽ سعادت جو باعث سمجهن ٿا.
دنيا ۾ جيڪي به قومون آهن پوءِ کڻي ڪن عادتن، خصلتن ۽ ذهنيتن ۾ هڪ ٻئي کان مختلف ڇو نه هجن ۽ هڪ ٻئي کان پري ڪي مشرق ته ڪي مغرب ۾ رهندڙ ڇو نه هجن مگر اهي سڀئي هن نقطي تي متفق آهن ته دنياوي سعادتن کان سواءِ هڪڙي ٻي سعادت به آهي جا هن سعادت کان گهڻو عمدي، موچاري ۽ ڀلي آهي، ۽ اها فقط اهي ئي ماڻي سگهن ٿا جي نفساني خواهشن کي مات ڪري گهڻو مٿي نڪري وڃن ٿا.
هيءَ انسان جي نوعي صورت جي تقاضا آهي جا سڀني ماڻهن ۾ ساڳي آهي، تنهن ڪري انهن جو هن نقطي تي اتفاق هر وقت موجود ۽ ممڪن آهي ۽ ممڪن به ڪيئن نه ٿي سگهندو جڏهن جو هي معلوم ٿي ويو ته ملڪيت انسان جي اصل فطرت ۾ موجود آهي.
شريعت تي هلڻ ڪري انسان پنهنجو ڪمال ماڻي ٿو
انسان ذات تي جڏهن ڪا شريعت عائد ڪئي وڃي ٿي تڏهن ان جو اصلي ڪارڻ انسان جي پنهنجي نوعي طلب ئي آهي. اها الله تعاليٰ جي خاص مهرباني آهي جو هو ان ڏانهن اهڙي شريعت موڪلي ٿو جنهن ۾ ان جي سراسر ڀلائي آهي ۽ جنهن تي هلڻ ڪري هوءَ (انسان ذات) پاءِ تڪميل تي پهچي سگهي ٿي. ان جو تفصيل شاهه صاحب هن طرح بيان ڪري ٿو.
”اول اول نباتات تي غور ڪريو، وڻن کي ڏسو، انهن جا ڪيترائي قسم آهن، ليڪن هر هڪ جون شاخون، پن ۽ ميوو، ميون جي بوءِ، رنگ ۽ ذائقو پنهنجو پنهنجو آهي. هيءُ سارو اختلاف ان جي نوعي صورت جو ئي نتيجو آهي. يعني ته هر وڻ جون جيتريون به خصوصيتون آهن اهي خود ان جي نوعي صورت پيدا ڪيون آهن.
مثال طور هيءُ سوال اٿارڻ ته کجيءَ جي وڻ جو ميوو هن طرح ڇو پيدا ڪيو ويو، هڪ اجايو سوال آهي، ڇالاءِ جو اهڙو سوال ڪرڻ گويا هي پڇڻو آهي ته کجيءَ جو وڻ ائين ڇو پيدا ڪيو ويو آهي. کجيءَ جي وڻ جي فطرت جي خود گهر اهڙي آهي ته سندس ميوو (يعني کجور) هن قسم جو هئڻ گهرجي.
هاڻي حيوانات تي نظر ڪريو. نباتات وانگر انهن مان هر هڪ کي شڪل، صورت ۽ رنگ پنهنجو پنهنجو آهي، ليڪن انهن ۾ ڪجهه ٻيون وڌيڪ شيون آهن، جيئن ته اختياري حرڪت (پنهنجي مرضيءَ سان چرڻ) ۽ فطري الهام، هر هڪ جانور کي خاص الاهي علم عنايت ٿيل آهن جن سبب هو پنهنجي بني نوع کان ممتاز آهي ۽ جي ٠الاهي علم) ان جي زندگيءَ جي جملي ضرورتن ۽ خصوصيتن لاءِ ڪافي آهن. حيوان جي تربيت ۽ پرورش لاءِ انجي فطرت جو لحاظ رکندي جدا سامان مهيا ڪيو ويو آهي.
نباتات، ڇاڪاڻ ته نه ارادي سان حرڪت ٿي ڪري ۽ نه احساس ئي رکي ٿي، تنهن ڪري ان لاءِ پاڙون ۽ تندون پيدا ڪيون ويون، جي پاڻي، هوا ۽ مٽيءَ جي باريڪ جزن کي چوسي پنهنجن سڀني شاخن ۽ پنن ۾ تقسيم ڪن ٿيون.
حيوان ڇاڪاڻ ته حس رکي ٿو ۽ پنهنجي ارادي سان گهمندڙ ڦرندڙ آهي، تنهنڪري ان کي اهڙو فطري ادراڪ ڏنو ويو جنهن سان هو خود هلي چلي پنهنجي زندگيءَ جون سموريون گهرجون پوريون ڪري سگهي ٿو.
ان کانسواءِ هر هڪ جي کائڻ پيئڻ ۽ رهڻ ڪرڻ جا طريقا به مختلف آهن. چوپايو مال گاهه کائي ٿو ۽ درندا گوشت کائن ٿا، پکي اڏامن ٿا ۽ مڇيون پاڻيءَ ۾ ترن ٿيون. هيءُ سارو ئي اختلاف به ان (حيوانات) جي نوعي صورت جي اختلاف جو ڪارڻ آهي، ۽ هيءَ ئي نوعي صورت هر هڪ کي سندس ضرورت آهر هڪ خاص ادراڪ، خاص علم ۽ خاص الهام عطا ڪري ٿي.
حيوانات ۾ جي به علم ۽ ادراڪ آهن سي سڀ فطري ۽ الهامي آهن، يعني ته انهن کي ڪسب سان ڪو واسطو ڪو نه آهي.

[b]ڪسب يا غور ۽ فڪر سان علم حاصل ڪرڻ رڳو انسان ۾ ئي لڀي ٿو
[/b]انسان کي ٻين علمن جي علاوه (جن ۾ هو ۽ ٻيا حيوان برابر شريڪ آهن) هڪ ٻئي قسم جو ادارڪ به ڏنو ويو آهي، جنهن کي اسين اڪتسابي ۽ نظري چئون ٿا، ۽ جو تجربي، غور ۽ فڪر سان حاصل ٿيندو آهي. هيءُ اڪتسابي ادراڪ ئي آهي جنهن جي ذريعي انسان، تجارت، صنعت، حرفت ۽ ٻيا هر قسم جا علم ۽ فن حاصل ڪري ٿو. هيءُ ئي قوت آهي جا مختلف نمونن ۾ ظاهر ٿي ڪنهن کي بادشاهه ته ڪنهن کي سپهه سلار ته ڪنهن کي حڪيم ۽ صنعت گر بنائي ٿي. هي سمورا علم ۽ ادراڪ انسان جي جسماني حالتن سان واسطو رکن ٿا.
انهن کانسواءِ انسان کي هڪ ٻيو ادراڪ ڏنو ويو آهي، جو ان جي روحانيت جو خاصو آهي ۽ جنهن کي ملڪي قوت سڏيو وڃي ٿو. اها ملڪي قوت آهي جنهن وسيلي انسان پنهنجي ارد گرد مخلوق کي ڏسي هي خيال ڪرڻ لڳي ٿو ته هيءُ سارو ڪارخانو آخر ڪيئن قائم ٿيو؟ مون کي روزي ڪير رسائي ٿو؟ انهن سوالن جي جوابن ۾ هو آخرڪار هڪ وڏي قوت جو قائل ٿي پوي ٿو، ۽ پوءِ ان جي اڳيان پنهنجو سر جهڪائي ٿو ۽ نوڙت ۽ نياز جا سڀ ادب بجا آڻي ٿو.
ساري مخلوق انهيءَ وڏي ڪاريگر جي ڪاريگريءَ جو اعتراف ڪري رهي آهي ۽ ان جي آڏو ڪنڌ نوايون بيٺي آهي، جيئن قرآن مجيد ۾ آهي: اَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ يَسْجُدُ لَهٗ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَ مَنْ فِي الْاَرْضِ وَ الشَّمْسُ وَ الْقَمَرُ وَ النُّجُوْمُ وَ الْجِبَالُ وَ الشَّجَرُ وَ الدَّوَآبُّ.
ليڪن فرق فقط هيءُ آهي ته مخلوقات جو اعتراف ۽ عاجزي زبان حال کان آهي ۽ انسان کي ڇاڪاڻ ته عقل جي نعمت سان بهرور ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري اهو انهيءَ جي عين فطري گهرن مان آهي ته هو پنهنجي فطري حاجت ۽ معنوي شڪر گذاري کي گفتار ۽ عمل ۾ ادا ڪري.
حاسئه انفعال به انهيءَ ئي روحاني قوت جو اثر آهي، يعني ته جڏهن انسان ڪو چڱو يا برو ڪم ڪري ٿو تڏهن ان جو اثر ان جي دل تي قائم ٿي وڃي ٿو. پوءِ جيڪڏهن اهو ڪم سٺو آهي ته ان جي دل ۾ هڪ انبساط جي ڪيفيت پيدا ٿي پوي (_خوشيءَ جي لهر ڊوڙي) ٿي، پر جيڪڏهن اهو ڪم خراب آهي ته منجهس انقباض (تنگ دلي) پيدا ٿئي ٿو.
جانورن ۾ هن قسم جو حاسه (حس) بالڪل ڪو نه آهي. انهن کان جي به ڪم صادر ٿين ٿا تن جو اثر انهن جي دلين ۾ جاءِ نه ٿو وٺي ۽ اهو بالڪل عارضي آهي.
انسان جي حالت البته نرالي آهي. انهيءَ جي دل تي عملن جو اثر باقي رهي ٿو ۽ زائل نه ٿو ٿئي. انهيءَ جو هيءُ مثال ئي ڪافي آهي ته ماڻهو پنهنجا ڪي چڱا يا برا ڪم ورهين گذرڻ کان پوءِ به وساري نٿو، ۽ اهي ڪنهن ڪنهن وقت کيس ياد پون ٿا.
غرض ته جڏهن خدا تعاليٰ انساني نوع ۽ ان جي قابليت ۽ استعداد جو اندازو لڳايو تڏهن انهيءَ وقت جي بهترين شخصيت (نبي) معرفت ماڻهن ڏانهن هڪ شريعت موڪلي، ۽ انهيءَ جي اطاعت مٿن فرض ڪئي ته جيئن اصل مقصود پورو ٿئي. ان مان معلوم ٿيو ته اهو انسان جو نوع ئي آهي جو انبياءَ عليهم السلام جي بعثت جي گهر ڪري ٿو ۽ انهيءَ گهر کي پورو ڪرڻ فياض مطلق خدا پاڪ جي عين رحمت آهي.
هاڻي جنهن ڳالهه سبب خدا تعاليٰ هي قانون موڪليو سا هن جي بني نوع سان محض مهرباني ۽ شفقت هئي ۽ جنهن الله تعاليٰ کان انهيءَ فيضان جو سوال ڪيو سو انساني نوع جو استعداد ئي هو ۽ جا چيز حالتن پٽاندر هڪ خاص شريعت جي طلبگار هئي ۽ جنهن لاءِ ٻاڏائي ۽ ليلائي رهي هئي سا به انساني نوع جي مختلف حالت ئي هئي.
هن مان ثابت ٿيو ته شريعت جي گهر ڪندڙ انسان پاڻ هو، تنهن ڪري هينئر الله تعاليٰ جي حجت مٿس قائم آهي، ۽ هن کان پوءِ به جيڪڏهن ڪو شخص چوي ته نماز ڇو فرض ڪئي ويئي؟ ۽ رسول جي طاعت وري ڪيئن واجب ٿي؟ زنا ۽ چوري ڇو حرام ٿي؟ ته انهن سوالن جو جواب هيءُ آهي ته اهي شيون واجب ۽ حرام ايئن ڪيون ويون جيئن چوپائي مال لاءِ گاهه چرڻ واجب ڪيو ويو ۽ گوشت کائڻ حرام قرار ڏنو ويو يا جيئن درندن لاءِ گوشت کائڻ واجب رکيو ويو ۽ گاهه چرڻ حرام ڪيو ويو. فرق صرف هي آهي ته حيوان انهن علمن کي فطري الهامن جي ذريعي حاصل ڪري انهن جي پيروي ڪن ٿا، ليڪن انسان انهن علمن کي ڪسب، نظر، وحي ۽ تقليد جي رستي حاصل ڪري ٿو. هاڻي جو به ان قانون جي انحرافي ڪندو سو ضرور هٿ وٺي پنهنجو نقصان ڪندو.

[b]هر دور ۾ الڳ الڳ شريعتن موڪلڻ جا اسباب
[/b]انسان ذات لاءِ هر دور ۾ جي مختلف شريعتون موڪليون ويون تن جا اسباب ظاهر آهن. ان جي ڪجهه اپٽار هيٺ اچي ٿي.
حقيقت هيءَ آهي ته ماڻهن لاءِ جڏهن به ڪا شريعت تجويز ڪئي ويندي آهي تڏهن ان ۾ انهن جي جسماني خواهه دماغي صلاحيتن جو خيال رکيو ويندو آهي. اهي ڳالهيون جي وٽن مشهور ۽ رواج ۾ هونديون آهن ۽ جن سان انهن جي دلين کي اطمينان هوندو آهي، تن سڀني کي لحاظ ۾ آندو وڃي ٿو، ڇالاءِ جو اصلي مقصد هيءُ آهي ته زياده ۾ زياده ماڻهو ان شريعت جي فرمانبرداري ڪن.
ليڪن نئين شريعت تڏهن ئي ظهور پذير ٿيندي آهي جڏهن پهرين شريعت جون نشانيون قريب قريب مٽجي وينديون آهن ۽ انسان ذات اچي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچندي آهي.
زماني جي حالتن جو ته ڪو ڪاٿوئي ڪونهي ۽ انهن کي ڪا هڪ شريعت سمائي نه ٿي سگهي، تنهن کانسواءِ انساني فڪر به آهستي آهستي ترقي ڪندو رهي ٿو. شريعتن ۾ اختلاف جو هيءُءَ وڏو سبب آهي.

[b]انسانذات جي ابتدائي دور جا فرائض
[/b]حضرت آدم کان وٺي ويندي حضرت ادريسؑ جي ڏينهن تائين انسان ذات اڃان پنهنجي ابتدائي دور مان گذري رهي هئي ۽ سندس ترقي ارتفاق اول (انسان جي ترقيءَ جو ابتدائي دور) تائين محدود رهي. ان وقت ماڻهن لاءِ ملائڪن ۽ آخرت تي ايمان آڻن لازمي نه ٺهرايو ويو هو. هيءُ صابئي دور هو جنهن ۾ طب ۽ نجوم جي علمن ڪافي رواج ورتو ۽ ان وقت اهي علم صحيح به هئا، ليڪن صحيح ڳالهه غلط سان ملي ويئي هئي ۽ اصل (ثابت) نقل (محرف) سان ميلاپ کائي چڪو هو.
ان بعد حضرت نوحؑ جو زمانو آيو، جنهن ۾ ماڻهو جسم ۾ گهڻو قوي ۽ مضٻوط هئا. انهن جي شديد بهيمي (حيواني) قوت کي ٽوڙڻ لاءِ کين مناسب شريعت ڏني ويئي. ان شريعت موجب رات جو سدائين قيام ڪرڻ ۽ ڏينهن جو سدائين روزه دار رهڻ مٿن واجب ڪيو ويو ۽ ان سان گڏ انهن لاءِ ٻيون سخت عبادتون فرض ڪيون ويون ته جيئن سندن حيواني قوت کي زير ڪيو وڃي. خدا تعاليٰ، حضرت نوح کي گويا ٻيو آدم (آدم ثاني) ڪري موڪليو ۽ هو پهريون رسول آهي جنهن کي حڪم ڪيو ويو ته وڃي ماڻهن کي براين کان خبردار ڪري، شريعت جي پيروي ڪرڻ لاءِ کين حڪم ڪري ۽ ڪافرن سان خدا تعاليٰ جي راهه ۾ جهڳڙو ڪري، سندس شريعت ۾ توحيد، عبادتن جو بجا آڻڻ ۽ ملائڪن، ڪتابن، رسولن ۽ آخرت تي ايمان آڻڻ وغيره ڳالهيون هيون.
حضرت نوح کان پوءِ حضرت هود ۽ صالح عليهم السلام آيا ۽ سندس ئي نقش قدم تي هليا. عاد جي قوم پنهنجي پيغمبر هود ؑ جو چيو نه مڃيو ۽ سرڪشي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ مٿس تيز هوا لاڳيتو ست ڏينهن ۽ اٺ راتيون هلائي ويئي ۽ ان تي ههڙي قسم جو عذاب بالڪل ئي مناسب هو، ڇالاءِ جو ان جي رهڻ جو هنڌ وارياسي زمين هو ۽ اتي جي هوا پڻ خشڪيءَ ڏانهن مائل ۽ گرم هئي، تنهن ڪري ان تي هوا جي طرفان عذاب نهايت ئي موزون هو.

[b]حضرت ابراهيمؑ کان اڳ وارو زمانو صابئي دور هو
[/b]انهن نبين سڳورن بعد حضرت ابراهيم ؑ جو دور آيو. ان کان اڳ جو زمانو (اڪثر ڪري) صابئي دور ۾ شمار آهي، جڏهن سج جي روحانيت جو غلبو هو ۽ ماڻهو ان جي نالي تي عبادت گاهون بنائڻ لڳا. انهن جو اعتقاد هو ته جو شخص انهن عبادت گاهن اندر داخل ٿئي ٿو، اهو انهن ستارن جو مقرب ٿي وڃي ٿو. مظاهر پرستي سندن دين جو بنياد هو ۽ انهن جي نزديڪ علوم لدني جي تجلي ستارن تي پوي ٿي ۽ قدرت جي مظاهرجي آئيني ۾ خلاق جو جلوو نظر اچي ٿو. انهن جو اهو خيال هو ته ڪنهن به نوراني يا مادي کان خالي شيءِ ڏانهن ايستائين توجهه نٿو ڪري سگهجي جيستائين انهيءَ جي لاءِ ڪو خاص طرف، جاءِ يا محل مقرر نه ڪيو ويو آهي.
حضرت ابراهيم ڇاڪاڻ ته فطرت جي طرف گهڻو مائل هو، تنهن ڪري نجاميت، مجوسيت ۽ شرڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيو.
هن صابئي فلسفي کي ٻئي رنگ ۾ بدلي ڇڏيو. هتي انساني قلب، ذات خداوندي جو جلوه گاهه بڻجي وڃي ٿو ۽ هن کي حنفيت چيو وڃي ٿو. هي انساني فڪر جون ارتقائي ڪڙيون آهن. انساني فڪر جيئن جيئن ترقي ڪندو ويو تيئن تيئن سندس تقاضائن مطابق سندس لاءِ هدايت جو ضروري سامان به فراهم ڪيو ويو. فڪر اهو ساڳيوئي هو مگر حالتن پٽاندڙ، انسان جي ذهني ۽ فڪري قوتن جو لحاظ رکندي، ان پئي مختلف ويس بدلايا.
هتان حنفي دور جي شروعات ٿئي ٿي ۽ حنفي به ان کي سڏيو وڃي ٿو جو حضرت ابراهيم جي دين تي قائم آهي.
حضرت لوط، يوسف، ايوب ۽ شعيب هڪ ٻئي پٺيان آيا ۽ انهن کان پوءِ حضرت موسيٰ ؑ آيو. هو الاهي علمن ۽ فرض ڪيل شريعتن جي علم ۾ سڀني کان زياده ڄاڻو هو. هو وڏي رتبي وارو نبي ٿي گذريو آهي ڇاڪاڻ ته سندس نبوت سان خلافت به (قدرا) شامل هئي.
ان بعد حضرت دائودؑ ۽ حضرت سليمانؑ جو زمانو آيو. حضرت دائودؑ ملڪي سياست ۾ ماهر هو، ان دين جون حدون مقرر ڪيون ۽ ڪافرن سان خوب جهاد ڪيو ۽ مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ برک هو.
وري جڏهن حضرت عيسيٰؑ آيو تڏهن هن پنهنجي دين ۾ البت آساني پيدا ڪئي، ڪجهه شيون جي سندس قوم تي اڳ ۾ حرام هيون سي هن انهن لاءِ حلال مقرر ڪيون.

[b]آنحضرتﷺ جي نبوت جو امتيازي درجو
[/b]پيغمبر محمدﷺ سڀني پيغمبرن ۾ هڪ اميتازي درجو رکي ٿو ۽ سندس ڪمال هن ۾ آهي جو سندس نبوت سان خلافت به شامل آهي. ٻيا جيڪي به پيغمبر ٿي گذريا آهن مثلا: حضرت يوسف، دائود، سليمان ۽ ابراهيم عليهم السلام، تن جي نبوت ۾ خلافت ورتل نه هئي. باقي حضرت موسيٰ ۽ عيسيٰ عليهما السلام پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا، ڇاڪاڻ ته حضرت موسيٰؑ جي تعليم اسرائيلي قومن کان ٻاهر وڃي نه سگهي، ۽ حضرت مسيح اللهؑ ضرور اهڙو بزرگ هو جنهن پنهنجي تعليم کي غير اسرائيلي قومن ۾ به پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي مگر ان جي مرڪزيت کي خود اسرائيلي قومن ئي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڏنو.
آنحضرت ﷺ جن جي واحد شريعت آهي جنهن ۾ زڪوات جون حدون مقرر ڪيون ويون آهن. ان کانسواءِ شريعت محمدي نهايت روشن، مدلل، صاف ۽ سهل آهي. عمل ڪرڻ ۾ گهڻو آسان، قبول ڪرڻ ۾ سولي ۽ سهنجي آهي ۽ منجهس ڪو به مونجهارو يا پيچيدگي ڪا نه آهي.
دين اسلام سڀني دينن کان بهتر آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ اهي سڀ ڳالهيون موجود آهن جي ٻين نبين سڳورن فردا فردا آنديون هيون بلڪ ان ۾ اڃان به ٻيون وڌيڪ ڳالهيون آهن. هي آيت اَكْمَلْتُ لَكُمْ دِيْنَكُمْ وَ اَتْمَمْتُ عَلَيْكُمْ نِعْمَتِيْ يعني ته اڄ ڏينهن مون توهان لاءِ توهان جو دين مڪمل ڪيو ۽ پنهنجي نعمت اوهان تي پوري ڪئي سواءِ آنحضرت ﷺ جي ٻئي ڪنهن به نبيءَ تي نازل نه ٿي ۽ نه وري اها سواءِ خاتم النبيين جي ٻئي ڪنهن لاءِ صحيح به آهي. پاڻ سڳورن ڪا به حڪمت يا هدايت، ڪو به علم ۽ راز لڪائي نه رکيو مگر سڀ کولي يا اشاري طور ٻڌائي ڇڏيو. هاڻي سندن بعد ڪو به اهڙو ڪامل نه آهي جو اهڙي ڳالهه بيان ڪري جنهن کي پاڻ بيان نه ڪيو هجين.
دين اها ساڳي شيءِ آهي جا حضرت آدم کان هلندي اچي ٿي. ان جي اصل ۽ بنياد ۾ ڪو به فرق ڪو نه آهي. البته ان دين جي شريعتن ۽ طريقن ۾ ماڻهن جو اختلاف رهيو آهي ۽ اهو اختلاف به انسان جي فڪري ترقي (ارتقاءَ) ۽ ماحول جوئي نتيجو آهي.

[b]سڀني دينن جو بنيادي نيڪين ۽ براين ۾ اتحاد
[/b]هن هيٺئين بيان مان معلوم ٿيندو ته سڀئي دين جيئن عقيدن ۾ متحد آهن تيئن اهي بنيادي نيڪين ۾ به اتحاد رکن ٿا.
مثال طور هر هڪ دين جو خدا تعاليٰ کان آيل آهي تنهن ۾ پاڪائي (طهارت) نماز، روزي، زڪوات ۽ حج کي فرض ڪيو ويو آهي. هيءَ هڪ ٻي ڳالهه آهي جو انهن فرضن ادا ڪرڻ جا طريقا هڪ ٻئي کان مختلف هجن.
نفل نماز (عبادت) ذريعي الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ قرب حاصل ڪرڻ جي تعليم به هر هڪ دين ۾ موجود آهي، مثلا: مرادن جي پوري ٿيڻ لاءِ دعائون گهرڻ، صبح ۽ شام الله تعاليٰ جي ياد ۾ مشغول ٿيڻ جنهن لاءِ شرع ۾ ”ذڪر“ جو لفظ آيل آهي، نازل ٿيل ڪتاب جي تلاوت ڪرڻ ۽ ان کي ثواب جو باعث سمجهڻ وغيره هر پيغمبر جي شريعت ۾ نڪاح کي جائز رکيو ويو آهي ۽ زنا کي حرام ڪيو ويو آهي.
سڀني پيغمبرن جو هن ڳالهه تي اتفاق آهي ته دنيا ۾ جا به حڪومت قائم ٿئي سا عدل ۽ انصاف جي پوري پابند هجي. ڪمزورن کي سندن حق وٺي ڏيڻ پنهنجو فرض سمجهي ۽ مجرمن ۽ ظالمن کي پنهنجي ڪئي جي جوڳي سزا ڏئي عام طور تي هر نبيءَ کي اهو ئي حڪم ڪيو ويندو آهي ته هو دين جي دشمنن سان جهاد ڪري ۽ الله تعاليٰ جي دين ۽ ان جي حڪمن ۽ احڪامن جي چڱيءَ طرح تبليغ ۽ اشاعت ڪري. هي دين جا بنيادي اصول آهن جن تي سڀني دينن جو اتفاق آهي. قرآن ڪريم ۾ انهن سڀني ڳالهين کي مڃيل حقيقتن جي نموني ۾ پيش ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي علامت يا علت جي ڪا به اپٽار نه ڪئي ويئي آهي.
بهر حال نبين سڳورن جو طريقو هيءُ آهي ته هو ماڻهن کي هڪ ئي وقت اهڙن سڌارن ڏانهن نه ٿا ڦيرين جن سان هو ذرو به گهائل مائل نه هجن، بلڪه جيترو ٿي سگهي ٿو هو انهن کي اهڙن طريقن جي تعليم ڏين ٿا جن جا مثال وٽن اڳ ئي موجود آهن.
غور ۽ فڪر ڪرڻ وارا ماڻهو هن راز کي ڄاڻن ٿا ته نڪاح ۽ طلاق، معاملا، زينت ۽ لباس، قضا ۽ سزا ۽ غنيمت جي ورهاڱي جي باري ۾ شريعت بالڪل اهڙا نوان طريقا ايجاد نه ڪيا آهن جو ماڻهو انهن کي اڳ ۾ ڄاڻندائي ڪو نه هئا، بلڪه انهن ئي طريقن کي باقي رکيو ويو آهي جي اڳ ۾ رائج هئا ۽ انهن جي فقط انهن ڀاڱن کي بدلايو يا مٽايو ويو آهي جي سندن لاءِ خراب ۽ نقصانڪار هئا.
عبادتن ۾ به انهن ئي طريقن کي قائم رکيو جن کي ماڻهو اڳيئي ڄاڻندا سڃاڻندا هئا، البته ايترو سڌارو ضرور آندو ويو جو جاهلي زماني جي تحريفن ۽ بي اعتدالين کي خارج ڪيو ويو. وقتن جي پابندي ۽ رڪنن ۾ باقاعدگي پيدا ڪئي ويئي ۽ عبادت جي هر صورت کي فقط الله تعاليٰ جي لاءِ خاص ڪيو ويو.

[b]شريعتن جي اختلاف جو ڪارڻ
[/b]ڄاڻڻ گهرجي ته انبياءُءَ ڪرام جون شريعتون، ڪن سببن ۽ مصلحتن ڪري مختلف آهن، ڇو ته شريعت جي احڪامن ۾ مڪلفين ۽ انهن جي عادتن جو لحاظ رکيو ويندو آهي. حضرت نوح ؑ جي قوم جڏهن ته زياده مضبوط ۽ متاري هئي، تنهن ڪري ان تي ڏينهن جو هميشه روزو رکڻ فرض ڪيو ويو ته جيئن انهن جي حيواني تيزيءَ جو مقابلو ٿي سگهي. ان جي برخلاف آنحضرت ﷺ جي امت جو مزاج جڏهن ته ضعيف هو، تنهنڪري ان کي لاڳيتو روزن رکڻ کان منع ڪئي ويئي.
اهڙي طرح سان الله تعاليٰ غنيمت جي مال کي اڳين ماڻهن لاءِ حلال نه ڪيو هو، ليڪن اسان پوين جي ڪمزوريءَ جي پيش نظر انهيءَ کي حلال ڪيو ويو.
موسيٰ ؑ جي شريعت ۾ بيت المقدس ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهڻ جو حڪم هو ته آنحضرت ﷺ جي امت کي وري ڪعبي جي طرف منهن ڪري نماز پڙهڻ جو حڪم ڪيو ويو. موسوي شريعت ۾ ڄاڻي واڻي قتل جي سزا قصاص هئي ته وري محمدي شريعت ۾ ديت (خون بها) کي به جائز قرار ڏنو ويو آهي. ( بشرطيڪه مقتول جا وارث ان تي راضي هجن).
نبين سڳورن جو مقصد جڏهن ته ماڻهن جي عادتن کي سڌارڻ جو هوندو آهي تنهن ڪري اهي گهڻو ڪري ماڻهن جي مانوس عادتن جو لحاظ رکندا آهن ۽ انهن جي بعثت جو مقصد ئي هيءُ آهي ته ماڻهن کي خدا تعاليٰ جي بندگي ۽ عبادت سيکارڻ سان گڏ انهن لاءِ صحيح طريقي تي دنيا ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ اصول قائم ڪيا وڃن. انهيءَ ڪري ته پاڻ سڳورن فرمايو آهي ته ”مان لهو ۽ لعب جي سامان کي مٽائڻ لاءِ آيو آهيان ۽ فرمايو ته ”مان اخلاق جي خوبين کي ڪمال تائين پهچائڻ لاءِ آيو آهيان“.
هن هنڌ هڪ اهڙو مثال پيش ڪجي ٿو جنهن مان هيءَ حيقت کلي پوي ٿي ته ماڻهن جي ذهنيت کي الاهي احڪامن جي نازل ٿيڻ ۾ ڪافي دخل آهي.
قرآن شريف جي هيءَ آيت غور طلب آهي: كُلُّ الطَّعَامِ كَانَ حِلًّا لِّبَنِيْۤ اِسْرَآءِيْلَ اِلَّا مَا حَرَّمَ اِسْرَآءِيْلُ عَلٰى نَفْسِهٖ مِنْ قَبْلِ اَنْ تُنَزَّلَ التَّوْرٰىةُ١ؕ قُلْ فَاْتُوْا بِالتَّوْرٰىةِ فَاتْلُوْهَاۤ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ۰۰۹۳ يعني ته هر ڪنهن قسم جو کاڌو (جو ابراهيمي ملت ۾ حلال هو) بني اسرائيل لاءِ حلال هو، سواءِ ان جي جو اسرائيل (يعقوب ؑ) خود پاڻ تي حرام ڪيو. هيءَ ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن اڃان توريت نازل نه ٿيو هو. تون (اي پيغمبر) انهن کي چئي ڏي ته جيڪڏهن توهين سچا آهيو ته توريت مان سند پيش ڪريو.

[b]انسان جي ذهنيت کي الاهي احڪام ۾ دخل بابت هڪ مثال ۾ سمجهاڻي
[/b]هن آيت جي تشريح هيءَ آهي ته هڪ دفعي حضرت يعقوبؑ سخت بيمار ٿي پيو. پاڻ هڪ منت باسيائون ته جيڪڏهن الله تعاليٰ مون کي شفا ڏني ته مان تاحياتي اهڙي کاڌي کائڻ کان پرهيز ڪندس جو منهنجي نزديڪ زياده محبوب هوندو. جڏهن شفاياب ٿيو تڏهن هن اُٺ جو گوشت کائڻ ۽ ڏاچيءَ جو کير پيئڻ ڇڏي ڏنو يا ائين کڻي چئجي ته پاڻ لاءِ حرام ڪيو، ڇا لاءِ جو هي ٻئي شيون وٽس گهڻو مرغوب ۽ محبوب هيون. بعد ۾ ان جي اولاد به سندس ئي پيروي ڪندي انهن جو استعمال ترڪ ڪري ڇڏيو. هن حالت کي ڪيتريون ئي صديون گذري ويون ۽ بني اسرائيل جي ذهنن ۾ هيءَ ڳالهه ڄمي ويئي ته انهن مان جو به اٺ جو گوشت کائيندو ۽ ڏاچيءَ جو کير پيئندو اهو واقعي گناهه جو مرتڪب ٿيندو. انهيءَ ذهنيت جي بنياد تي توريت ۾ انهن جي تحريم جو حڪم نازل ٿيو.
جڏهن آنحضرتﷺ جن آيا ۽ ظاهر ڪيائون ته مون کي ابراهيمؑ جي ملت جي تابعداريءَ جو حڪم آهي، تڏهن يهودين هيءُ اعتراض اٿاريو ته اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن ان (يعني آنحضرتﷺ) جي اها دعويٰ درست آهي ته پوءِ هو اُٺ جو گوشت ڇو ٿو کائي؟
الله تعاليٰ اصل حقيقت جي وضاحت ڪندي فرمايو ته يهودين تي اُٺ جو گوشت کائڻ سندن ذهنيت کي لحاظ ۾ رکي حرام ڪيو ويو هو، ۽ اها هڪ عارضي ڳالهه هئي. ليڪن محمدﷺ جن جي بعثت بني اسماعيل ۾ ٿي جن جون دليون ۽ ذهن انهيءَ عقيدي کان پاڪ ۽ صاف هئا، تنهنڪري ابراهيمي ملت جو اصلي حڪم برقرار رکيو ويو ۽ اڳيون حڪم جو ڪنهن خاص سبب ڪري عارضي طور نازل ڪيو ويو هو تنهن کي رد ڪيو ويو.
هيءُ جو ڪجهه مٿي بيان ٿيو تنهن مان هيءَ ڳالهه چٽيءَ طور ظاهر ٿي ته دين واقعي هڪ ۽ ساڳيو آهي، ۽ ڪنهن ڊگهي زماني گذرڻ کان پوءِ شريعتن ۾ جو اختلاف واقع ٿيو آهي تنهن جو ڪارڻ به انسان پاڻ ئي آهي.
انسان غريب جيستائين دنيا ۾ آهي تيستائين هو ان جي تير ۽ تفنگ جو نشانو بڻيو رهي ٿو. دنيا جون فريب ڪاريون، نفس جون ڌوڪيبازيون ۽ الله تعاليٰ بابت اڻپوري ڄاڻ جون تباهه ڪاريون ان کي سدائين گهيرو ڪيون بيٺيون آهن. اهي ٽن قسمن جا پردا ٿورو ڪي گهڻو انسان تي چڙهيائي رهن ٿا. پيغمبر سڳورا به انهن ٽن پردن کي هٽائڻ لاءِ هڪ ٻئي پٺيان ايندا رهيا.
جڏهن حضرت ابراهيمؑ آيو تڏهن هن انهن پردن هٽائڻ لاءِ ڪي ضروري ڳالهيون تمهيد طور تجويز فرمايون. هن توحيد جو نعرو بلند ڪيو، شرڪ کي تڙي ڪڍڻ لاءِ ڪمر ڪشي بيٺو ۽ عبادتن جو پايو وڌو. ان کان پوءِ حضرت موسيٰؑ آيو جنهن انهن ڳالهين ۾ ڪجهه افاضو ڪيو. هو ماڻهن کي انهن قومن جا مثال ڏيئي ڊيڄارڻ لڳو جي خدا تعاليٰ جي نافرماني سبب طرح طرح جي عذابن هيٺ اچي ناس ٿي ويون. آخر ۾ حضرت محمد مصطفيٰﷺ آيو جنهن مٿين ٻنهي ڳالهين ۾ اڃان به اضافو آندو. هن دنيا کان هٽي آخرت ڏانهن راغب ٿيڻ، موت کي ياد ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ جي حالتن تي فڪر ڪرڻ کي به پنهنجي تعليم ۾ شامل ڪيو. هي سڀ ڪجهه انسان جي طبعي لاڙي جو خيال رکي ڪيو ويو.

[b]دين اسلام جي ضرورت
[/b]هينئر مناسب آهي ته هن ڳالهه کي ويچار هيٺ آڻجي ته آخرڪار ڪهڙن سببن ڪري هڪ اهڙي دين (اسلام) جي ضرورت پيش آئي، جنهن اچي ٻين سڀني دينن کي رد ڪيو. امام ولي الله ان مضمون تي جا تقرير ڪئي آهي تنهن جو خلاصو هيءُ آهي:
”حقيقت هيءَ آهي ته جڏهن قومن درميان جور و جفا جو دور دوره ٿي ويندو آهي ۽ شريعتن ۾ اختلاف ۽ اختلاط اچي ويندو آهي ۽ صحيح ڳالهه اکين آڏو اوجهل ٿي ويندي آهي. تڏهن هڪ اهڙي امام جي آمد لازمي ٿي پوندي آهي جو اچي انهن سان اهڙي طرح منهن ڏئي جهڙي طرح هڪ راشد خليفو، ظالم بادشاهن سان منهن ڏيندو آهي. الله تعاليٰ پنهنجي پيغمبر حضرت محمدﷺ کي موڪليو، جنهن جو فرض اهو هو ته هو سڀني قومن کي هڪ ملت (دين) تي جمع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، ليڪن هن اهم ڪم کي سرانجام ڏيڻ ۾ جنهن موجب سڀني قومن کي هڪ مرڪز تي آڻڻو پوي ٿو هن کي ڪي ٻيا (غير معمولي) اصول اختيار ڪرڻا پون ٿا، مثلا: هن کي اول اول هڪ جماعت پنهنجي هم خيال بڻائڻي پوي ٿي، ٻين لفظن ۾، هو هڪ پارٽي قائم ڪري ٿو ۽ هڪڙو پروگرام رٿي ٿو. هو پوءِ ان پارٽيءَ کي پنهنجي مشن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ هڪ اوزار طور استعمال ڪري ٿو ۽ دنيا جي هر طرف انهيءَ کي پکيڙي ڇڏي ٿو ته جيئن سندس غرض پورو ٿئي، ڇاڪاڻ ته پيغمبر جي پنهنجي حياتي ايتري ڊگهي نه ٿي ٿئي ۽ نه وري اهو هڪڙي شخص جو ڪم آهي، جو هو مختلف قومن ۽ ملڪن کي منهن ڏيئي سگهي.
جڏهن معاملو اهڙو آهي تڏهن اهو ناگريز ٿي پوي ٿو ته هو هڪ اهڙي شريعت پاڻ سان آڻي جا صالح (معتدل) ملڪن جي رهاڪن لاءِ هڪ طبعي مذهب جو ڪم ڏئي، يا ائين کڻي چئجي ته ان جو مذهب انهن جي طبيعت ۽ فطرت پٽاندڙ هجي ته جيئن ان کي قبول ڪرڻ ۾ سندن لاءِ آساني ٿئي.
هن نئين شريعت جو اهو خاصو هوندو آهي ته اها پهريائين ان قوم جي عادتن جو لحاظ رکندي آهي جنهن ۾ اهو پيغمبر پيدا ٿيو ۽ ان بعد ٻين قومن جي انهن عادتن ۽ طريقن کي به ملحوظ رکندي آهي جي دل جي صفائي ۽ اخلاق جي سڌاري جو ڪم ڏيندا آهن ۽ انهن تي هرون ڀرون ڪا سختي نه ڪئي ويندي آهي.
ان بعد اهو ضروري ۽ لازمي آهي ته سڀني ماڻهن کي ان شريعت جو پابند بڻايو وڃي، ڇالاءِ جو هيءُ ته ممڪن ئي نه آهي ته هر قوم لاءِ هڪ جدا شريعت بڻائي وڃي. هر هڪ قوم جي علمن ۽ عادتن جو تفصيلي مطالعو ڪرڻ ۽ انهيءَ جي پيش نظر جدا جدا شريعتون تيار ڪرڻ ڪنهن هڪ شخص لاءِ بالڪل ناممڪن آهي. جڏهن هڪ شريعت جي روايتن کي ان جا پوءِ لڳ حفاظت ۾ رکي نه ٿا سگهن تڏهن دنيا ۾ جملي مذهبن جي تعليم ۽ روايت کي محفوظ رکڻ هڪ ناشدني ڳالهه آهي.
هيءُ به درست ۽ صحيح نه ٿيندو ته هر شريعت جو معاملو خود ان قوم يا ان قوم جي وڏن جي حوالي ڪيو وڃي، جو ائين ڪرڻ سان تشريع جو مقصد (۽ فائدو) ئي فوت ٿي ويندو. هيءُ ڪم جلد پورو ٿي نه ٿو سگهي ۽ ان کي پوري ڪرڻ لاءِ هڪ ڊگهي عرصي جي ضرورت آهي. دنيا جي مذهبن مثلا: يهوديت، عيسائيت ۽ اسلام جي ابتدائي تاريخ جو جائزو وٺبو ته ڏسڻ ۾ ايندو ته اول ۾ مومنن جي هڪ ننڍي جماعت وجود ۾ آئي مگر پوءِ آهستي آهستي هي ٽيئي زبردست قومون بڻجي ويون.
اسلام مٿين سڀني خوبين جو سرچشمو آهي، ۽ هڪ اهڙو سڌو رستو آهي جنهن ۾ نه ڏنگ آهي ۽ نه خطرو. علاوه ان جي اهو پنهنجي حدن ۽ حجتن ۾ اهڙو ته واضح آهي جو ان کان وڌيڪ وضاحت جو ڪو امڪان ئي ڪونهي.
شاهه صاحب جي مٿينءَ تقرير مان معلوم ٿيو ته جڏهن مختلف دينن ۾ بگاڙ آيو ۽ قومن درميان جڳهڙي ۽ لڙائيءَ جي بازار گرم ٿي تڏهن دين اسلام جو اچڻ هڪ لازمي ڳالهه ٿي پئي.
مشرڪين ته درڪنار مگر اهل ڪتاب (وارن) به پنهنجن مذهبن جون صحيح صورتون مسخ ڪري ڇڏيون هيون. ان حالت ۾ هن کانسواءِ ٻيو ڪهڙو چارو هو ته هڪ اهڙو مذهب اچي جو انساني طبع جي بلڪل موافق هجي ۽ ان جي ضمير جي پوري ترجماني ڪندڙ هجي.
هيءُ آخري مذهب آهي ۽ خدا وٽ هن زماني ۾ اهو ئي مقبول آهي. هاڻي جو شخص اسلام قبول نه ٿو ڪري سو خدا تعاليٰ جي مرضيءَ جي خلاف وڃي ٿو ۽ ان جي لعنت ۽ ڦٽڪار جو مستحق بڻجي ٿو. هن وقت خدا تعاليٰ جي اهائي مرضي آهي ته فقط اسلام انسان جو دين ٿي رهي ۽ ان جو غلبو ٻين سڀني دينن تي هجي، تنهن ڪري جو ماڻهو ان جي مخالفت لاءِ اٿي کڙو ٿيندو سو يقيني طور تي نااميد ٿيندو ۽ گهاٽي ۾ پوندو. سچ پچ انسان ذات جو ڀلو انهيءَ ۾ آهي ته هوءَ اسلام کي ڳلي لڳائي.

[b]اسلامي تعليمات جو خلاصو
[/b]اسلام جي تعليم جو خلاصو قرآن شريف جي هيٺين آيت آهي: هُوَ الَّذِيْۤ اَرْسَلَ رَسُوْلَهٗ بِالْهُدٰى وَ دِيْنِ الْحَقِّ لِيُظْهِرَهٗ عَلَى الدِّيْنِ كُلِّهٖ١ۙ وَ لَوْ كَرِهَ الْمُشْرِكُوْنَ۰۰۳۳ يعني ته الله تعاليٰ اهو آهي جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ صحيح دين سان موڪليو ته جيئن پنهنجي دين کي ٻين دينن تي غلبو ڏياري پوءِ کڻي اها ڳالهه مشرڪن کي نه ئي وڻي.
شاهه صاحب ”ازالة الخفا“ ۾ ان آيت جي تفسير ۾ چوي ٿو ته: ”دين اسلام کي، ٻين سڀني دينن تي غلبو، آنحضرت ﷺ جن جي ڏينهن ۾ مڪمل طور تي حاصل نه ٿيو. ڇالاءِ جو ان وقت نصاريٰ ۽ مجوسي اڃان پنهنجي اڳئين شان ۽ شوڪت تي قائم هئا. انهيءَ ڪري گهڻا مفسر هن آيت جي تفسير ۾ منجهي پيا آهن.
ضحاڪ هن راءِ جو آهي ته هي مڪمل غلبو حضرت عيسيٰ جي نازل ٿيڻ وقت عمل ۾ ايندو. حسن بن فضل وري هيءَ سمجهاڻي ڏئي ٿو ته غلبي مان مراد، حجت ۽ برهان جو غلبو آهي.
امام شافعيءَ جو بيان البته وزندار آهي. ان جو چوڻ هيءُ آهي ته اسلام کي ٻين دينن تي غلبو هن طرح حاصل ٿيو جو جن ماڻهن نبي سائينءَ جو ڪلام ٻڌو تن کي پاڻ سونهارن کولي سمجهايو ته حق هيءُ آهي ته ٻيو جو ڪجهه ان جي خلاف آهي سو سراسر ڪوڙ آهي. ان کانسواءِ اسلام هڪ ٻيءَ طرح به غالب آيو. ان زماني ۾ مشرڪ ٻن قسمن جا هئا، هڪڙا اهل ڪتاب ته ٻيا اُمي، اَمين کي ته ايترو جهڪايو ويو جو انهن اسلام قبول ڪيو، باقي اهل ڪتاب جي هيءَ حالت وڃي رهي جو انهن ذلت ۽ خواريءَ سان جزيه ڏيڻ منظور ڪيو، ۽ اهڙي طرح سندس حڪم انهن تي جاري ٿي ويو. هيءُ آهي اسلام جو ٻين دينن تي غالب اچڻ جو مطلب.
ان باري ۾ منهنجو (امام ولي الله) چوڻ هيءُ آهي ته جڏهن ڪنهن آيت جي معنيٰ آڏو ڪا مشڪل اچي تڏهن اتي ٻن ڳالهين کي خيال ۾ رکيو وڃي. هڪڙي ڳالهه هيءَ آهي ته اسان قرآن پاڪ جي لفظن کي ماڻهن جي بيان ڪيل معنيٰ سان، خالص عقل جي تارازي ۾ توريون. جيڪڏهن ٻنهي ۾ موافقت نظر اچي ته بهتر، ورنه ان معنيٰ کي ڇڏي ڏيون. ٻي ڳالهه هي آهي ته اسان آنحضرت ﷺ جن جي حديث کي پنهنجو پيشوا بنايون، ڇاڪاڻ ته پاڻ ڪريم جن قرآن جا حقيقي ۽ اصلي مفسر آهن.

[b]ٻين دينن تي اسلام جي غلبي جو مطلب شاهه صاحب جي نظر ۾
[/b]هاڻي جڏهن اسان آنحضرت ﷺ جن جي ان غلبي کي جو کين نجران جي نصرانين، هجر جي مجوسين ۽ خيبر جي يهودين تي حاصل ٿيو ۽ جنهن جي نتيجي ۾ انهن کان جزيه ۽ خراج به ورتائون، خالص عقل جي تارازيءَ جي هڪ پڙ ۾ رکون ٿا ۽ هوڏانهن قرآن ڪريم جي لفظ لِيُظْهِرَهٗ عَلَى الدِّيْنِ كُلِّهٖ کي ان جي ٻئي پڙ ۾ وجهون ٿا تڏهن انهن ٻنهي ۾ ڪا مناسبت نه ٿا ڏسون. اهل ڪتاب جي ٿورن ماڻهن تي غلبو حاصل ڪرڻ ڪو سڀني دينن تي غلبي حاصل ڪرڻ جي برابر ٿي نه ٿو سگهي.
مڪمل غلبي جي معنيٰ ته هيءَ آهي ته دين اسلام کانسواءِ باقي دينن جون جڙون ڪاٽجي وڃن، انهن جا مددگار درهم برهم ٿي وڃن ۽ انهن مان ڪو به اهڙو سلامت نه رهي جو انهن دينن ڏانهن دعوت ڏئي ۽ انهن دينن جي عزت ۽ بزرگي بلڪل ختم ٿي وڃي.
باقي رهي نبي سائينءَ جي حديث تنهنجو ذڪر اجهو هيئن آيل آهي. هڪ دفعي پاڻ فرمايائون ته ”الله تعاليٰ منهنجي لاءِ زمين کي ويڙهي ورتو ۽ مون ان جو اوڀر ۽ اولهه چڱيءَ طرح ڏٺو، ۽ تحقيق منهنجي امت جي سلطنت زمين جي انهيءَ حصي تائين پهچي ويندي جنهن حصي کي منهنجي لاءِ ويڙهيو ويو ۽ مون کي ڳاڙهو ۽ اڇو (سون ۽ چاندي) خزانو ڏنو ويو.
هڪ ٻيءَ روايت ۾ آهي ته پاڻ فرمايائون ته ”ڪسريٰ برباد ٿي ويو، ان بعد ڪو ٻيو ڪسريٰ ڪو نه ٿيندو ۽ قيصر به يقينا برباد ٿي ويندو جنهن بعد ڪو ٻيو قيصر پيدا نه ٿيندو ۽ توهان انهن ٻنهي جي خزانن کي خدا تعاليٰ جي واٽ ۾ ورهائي ڇڏيندا.
هڪ ٻيءَ جڳهه تي آيل آهي ته ”روئي زمين تي ڪو به اهڙو گهر ۽ تنبو نه رهندو، مگر الله تعاليٰ ان اندر اسلام کي داخل ڪندو وغيره.“
هنن مٿين حديثن مان هي ڪجهه معلوم ٿئي ٿو ته دين جو پورو غلبو پاڻ سڳورن کان پوءِ ظاهر ٿيندو. جيڪڏهن ”ليظهره“ جي ضمير کي ”هدي“ ۽ ”دين“ ڏانهن ڦيرايو وڃي ته پوءِ ان حالت ۾ معنيٰ هيءَ ٿيندي ته رسول کي هدايت ۽ سچي دين سان روانو ڪرڻ، انهيءَ هدايت ۽ سچي دين جو ٻين سڀني دينن تي غالب ٿيڻ جو سبب بڻبو. هن حالت ۾ اهو ضروري نه آهي ته اهو غلبو پاڻ سونهارن جي هوندي حاصل ٿئي. پاڻ سونهارن جو مبعوث ٿيڻ ئي غلبي جو سبب ٿيو، پوءِ کڻي ان غلبي جو تتمو سندس نائبن هٿان حاصل ٿيو.
وري جيڪڏهن ”ليظهره“ جي ضمير کي رسول جي طرف ڦيرايو وڃي ته به ڳالهه ساڳي ٿي وڃي بيهي، ڇالاءِ جو سچي دين جو غلبو جو آنحضرت ﷺ جي نائبن هٿان حاصل ٿئي ٿو سو به سچ پچ سندن ئي غلبو ليکجڻ ۾ ايندو.
حاصل مطلب ته دنيا ان وقت ٻن بادشاهن يعني ڪسريٰ ۽ قيصر جي حڪم هيٺ هئي. ڪسريٰ جي سلطنت، عراق، يمن، خراسان، توران، ترڪستان، زاولستان ۽ باختر تائين پکڙيل هئي ۽ انهن ملڪن جا رهاڪو مجوسي هئا. ماوراءِ النهر ۽ هندستان جا حاڪم سندس تابعدار ۽ محصول ڀريندڙ هئا.
روم ۽ ان جي ارد گرد علائقن تي وري قيصر جو قبضو هو. مصر، مغرب ۽ افريڪا سندس ئي فرمان هيٺ هئا ۽ خراج ادا ڪندا رهندا هئا. انهن ملڪن جا باشندا وري نصراني هئا.
انهن ٻنهي (قيصر ۽ ڪسريٰ) جو مذهب اباحت (سڀ شيءِ جو جائز هجڻ) هو، ۽ اهو ٻين سڀني مذهبن تي غالب هو ۽ هو ٻئي قول ۽ فعل ذريعي ماڻهن کي پنهنجي پنهنجي مذهب ڏانهن ڇڪيندا رهندا هئا ۽ انهن (ٻن مذهبن) جي اشاعت ۽ رواج ۾ اچڻ جو سبب بڻيل هئا.
ٻيا مذهب جهڙوڪ يهودين جو مذهب، مشرڪن جو مذهب، هندن جو مذهب ۽ صابئي مذهب، انهن ٻن بادشاهن جي شان ۽ شوڪت اڳيان گهڻو ڪمزور هئا ۽ سندن پوءِ لڳ به درهم برهم ٿي چڪا هئا. هاڻي هنن ٻن حڪومتن کي پاءِ مال ڪري مٿن غالب اچڻ ئي روي زمين تي غلبي حاصل ڪرڻ جي برابر هو.

[b]جهاد هر وقت جاري آهي
[/b]هتي هن حقيقت کي هميشه خيال ۾ رکڻ گهرجي ته آيت جي لفظ ”ليظهره“ مان هي ظاهر آهي ته اها هدايت ۽ اهو سچو دين، ظاهر، غالب، روشن ۽ مشهور هوندو ۽ نه مخفي ۽ پوشيده، الاهي ارادو به اهو ئي رهيو آهي ته هن غلبي (اسلام) کي هر زماني ۾ قائم رکيو وڃي.
امام ولي الله جي مٿين عبارت مان هي ڳالهه پڌري ٿي ته جهاد هر وقت جاري آهي، ليڪن جهاد مان مراد هر وقت معرڪه آرائي ۽ باقاعدي جنگ ڪانهي. جهاد لاءِ هميشه تيار رهڻ ۽ ان لاءِ ضروري سامان مهيا رکڻ هڪ لازمي ۽ لابدي ڳالهه آهي. قوم جا وڙهي نه ٿي ڄاڻي سا سچ پچ زندهه رهڻ جي لائق نه آهي. اسلام جي هن غلبي مان شاهه صاحب جي مراد سياسي غلبوئي آهي. ٻيءَ حالت ۾ دين جو اظهار صحيح معنيٰ ۾ مستحق ٿئي نه ٿو سگهي.
هن غلبي جي تحريڪ کي ڪڏهن به بند ٿيڻ نه ڏنو وڃي. آيت مذڪوره جو اطلاق اسان تي به اهڙوئي آهي جهڙو ان وقت جي ماڻهن تي هو. البته حالتن پٽاندر هن جهاد جي طور طريقي ۾ فرق ضرور رهندو جنهن جو تفصيلي بيان هن کان پوءِ ايندو.
بهر صورت اسلام کي غلبي ڏيارڻ ۾ اسان جي ڪوتاهي گويا ان الاهي ارادي کي پاءِ تڪميل تي نه پهچائڻ جي مترادف ٿيندي ۽ جهاد جي هن منصبي فرض ڏانهن اسان جا بي رخي، سستي ۽ بي پرواهي ڏيکاري آهي تنهن جي جرم جي پاداش کان بچي ڪو نه سگهنداسين.