مذهب

شاهه ولي الله ؓ جي تعليم

قرآن ۽ حديث، فقه ۽ تصوف، نبوت ۽ شريعت، فلسفو ۽ سياست، سماجي درجن ۽ موت کان پوءِ جي زندگيءَ متعلق حجة الاسلام امام شاهه ولي اللهؓ جي حڪمت ڀري تعليم جو بنيادي تعارف ۽ تفصيل.
Title Cover of book شاهه ولي الله ؓ جي تعليم

مقدمو

[b] شاهه صاحب جي ولادت تعليم وغيره جو احوال
[/b]قطب الدين احمد ولد عبدالرحيم عرف ولي الله شوال جي چوٿين تاريخ سن 1114هه (1702) ۾ دهليءَ جي قريب ڄائو. هيءُ اهو جهالت ۽ خود غرضيءَ جو دور هو جنهن ۾ ماڻهو مذهب ۽ اخلاق کان گهڻو هٽي چڪا هئا، ۽ سندن باهمي نا اتفاقي کين مختلف ٽولن ۾ ورهائي منجهن ضعف پيدا ڪري ڇڏيو هو. هر هڪ ٽولو پنهنجي ۾ ئي مست هو، حق ۽ انصاف ڏانهن ته ڪنهن نظر کڻي به نه ٿي نهاريو. هڪ پاسي ته اها بي اتفاقي هئي ته ٻئي پاسي خارجي ۽ داخلي طاقتون دين اسلام ۽ حڪومت تي ڌاڙو هڻي رهيون هيون ۽ مسلمانن خدا لڳ جهاد کان منهن موڙي کيس وساري ڇڏيو هو. وقت جي بادشاهن ۽ اميرن جي عياشي، غريبن ۽ مسڪينن جي بيڪسي ۽ مظلوميت هڪ اهڙي ڀيانڪ صورت اختيار ڪئي هئي جو قيصر ۽ ڪسريٰ جي زماني جي ياد ڏياري رهي هئي وقت جي زوردار تقاضا هئي ته ڪو اهڙو مرد مجاهد پيدا ٿئي جو مذهب ۽ ملڪ ۾ حالتن پٽاندڙ معقول سڌارو آڻي سندن خرابيءَ کي دور ڪري. قدرت طرفان اهو ڪم ولي الله کان ئي وٺڻو هو، اهو ئي سبب آهي جو هو ڄمندي ئي ڄام هو ۽ هڪ غير معمولي ذهن ۽ ذڪاءَ جو مالڪ هو، جنهن مروج علمن کي پندرهن سالن جي ڄمار ۾ ئي پورو ڪري ورتو، اها ته هئي ظاهري علم جي پالوٽ پر باطني فيض ۽ علمي تحقيق جي سلسلي ۾ سندس اهو بلند مقام ۽ مرتبو هو جو ايندڙ دور جي رهنمائي لاءِ خدا تعاليٰ کيس فاتحيت جي پوشاڪ پهرائي.
هن بشارت کان پوءِ شاهه صاحب وقت جي ماحول کي آڏو رکندي جڏهن اهو مناسب سمجهيو ته هن دور جي براين ۽ بداعمالين جي بيخ ڪني لاءِ پهريئون قلمي جهاد شروع ڪيو وڃي. تڏهن پهريائين تعصب کان پري رهي انهن عالمن خلاف تنقيد ڪيائون، جي تقليد جي طوق کي ڪنهن به حالت ۾ ڇڏڻ وارا نه هئا، ۽ جي سدائين فقهه جي باريڪ ۽ اختلافي مسئلن جي، پنهنجي انڌي تقليد جي روسنيءَ ۾ اهڙي توجيهه ۽ تاويل ڪندا هئا جو جيئن سندن امام جي مذهب جي پٺڀرائي ٿئي. نتيجو اهو نڪتو جو حق اکين کان اوجهل رهيو ۽ اختلاف وڌي ويو ۽ ضد ۽ عناد جو دروازو کلي پيو. ان بعد هن، تصوف جي انهن ڪوڙن دعويدارن خلاف قلم هٿ ۾ کنيو، جي صحيح تصوف کان اڻ واقف هجڻ سان گڏوگڏ هندو ويدانت ۽ شيعائي رجحانات ۽ ٻين بدعتن هيٺ اچي چڪا هئا. اڪيلائي ۽ گوشه نشينيءَ کي شريعت جي صحيح حڪمن (عملي زندگي* تي ترجيح ڏيندا هئا ۽ ان سبب سست ۽ بيڪار بڻجي انيڪ قسم جون بدعتون ايجاد ڪيون هئائون، جن اسلام جي روح کي ذري گهٽ فنا ڪري ڇڏيو هو.

[b]شاهه صاحب ٻارهين صدي جو مجدد هو
[/b]شاهه صاحب جي انهن تنقيدي ڪارنامن کي ڏسندي کيس پنهنجي صديءَ جي مجدد سڏڻ ۾ ڪا به هٻڪ نه ٿيندي ۽ پيغمبر ﷺ جو اهو فرمان ته ”منهنجي امت ۾ هر سو سال کان پوءِ الله تعاليٰ هڪ فرد کي دين جو مجدد ڪري موڪليندو آهي سندس حق ۾ صحيح ثابت ٿئي ٿو جنهن اچي مسلمانن ۽ اسلام ۾ نئون روح ڦوڪيو.

[b]حرمين لاءِ روانگي
[/b]شاهه صاحب مغل سلطنت کي پوين پساهن ۾ ڏسي رهيو هو ۽ بنگال جو اپسمنڊ انگريزن جي حريصانه نگاهن جو نشانو بڻجي چڪو هو ۽ شاهه صاحب انهن سڀني حالتن کي هڪ حڪيم ۽ مفڪر جي حيثيت ۾ ڏسي رهيو هو. ان وچ ۾ کين حرمين جي زيارت جو خيال پيدا ٿيو ۽ نيٺ سن 1143هه جي آخر ۾ حج بيت الله لاءِ روانا ٿيا، ۽ سارو سال حرمين شريفين ۾ گذاري هڪ طرف پنهنجي تعليم مڪمل ڪيائون ۽ ٻئي طرف مقدس مقامات جي جوار ۾ رهڻ سبب گهڻو فيض به پرايائون. جڏهن واپس وطن آيا تڏهن ماڻهن کي قرآن ڏانهن موٽڻ لاءِ پڪاريائون ۽ پراڻي ۽ بوسيده نظام کي ٽوڙڻ جو نعرو بلند ڪيائون. پاڻ ڏسي رهيا هئا ته کين علمي دور لاءِ کڙو ڪيو ويو آهي، ۽ سندن هٿان قوم جو بگڙيل شيرازو وري درست ٿيڻ وارو آهي. زماني جي زوردار گهر کي خيال ۾ رکندي، دين جي رازن کي حتي الامڪان کولڻ لڳا ته جيئن ماڻهن جون دليون دين ڏانهن موٽ کائن ۽ کين تشفي به ٿئي ته دين جا حڪم احڪام اجايا ۽ بي معنيٰ ڪو نه آهن.

[b]شاهه صاحب سلف صالحين جو سچو پوئلڳ هو
[/b]شاهه صاحب ڪو معقولي ڪو نه هو ۽ معتزلن وانگر نقل کي ڇڏي محض عقل جو پوئلڳ نه هو ۽ نه وري ڪو چئن امامن جي تعليم جي دائري کان ٻاهر پير رکيو اٿس. سلف صالحين جو سچو پوئلڳ هو ۽ انهن جي تعليم تي زماني جي دوريءَ سببان جيڪو لٽ چڙهي ويو هو، تنهن کي هن اجارڻ ٿي چاهيو ته جيئن صحيح راهه متعين ٿي پوي. هن ڳالهه جو کيس گهڻو اونو پئي رهيو ته شافعين ۽ حنفين جا فروعي جهڳڙا ختم ٿي وڃن ۽ هن ان ڏس ۾ باهمي اختلافن مٽائڻ لاءِ ڪافي ڪم ڪيو.

[b]شاهه صاحب جو مسلڪ
[/b]امام ولي الله جو مسلڪ هيءُ آهي ته هو زير بحث مسائل کي پهريائين قرآن ۽ حديث جي ڪسوٽيءَ تي آزمائي ٿو. ان بعد، انهن متعلق فقيهن جا جي اقوال ۽ رايا آهن تن کي ڪتاب ۽ سنت جي روشنيءَ ۾ جاچي ٿو. جيڪي به فقهي اقوال، انهن ٻنهي سان ٺهڪي اچن ٿا، تن کي قبول ڪري ٿو ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي خلاف نظر اچن ٿا تن کي رد ڪري ٿو، ۽ هن معاملي ۾ هو ڪنهن جي به پرواهه نه ٿو ڪري. اها ساڳي حالت سندس پوٽي شاهه محمد اسماعيل شهيد جي به هئي.

[b]شاهه صاحب جو هڪ وڏو علمي ڪارنامو
[/b]شاهه صاحب جو ٻيو هڪ وڏو علمي ڪارنامو اهو به آهي ته اهل سنت جي اڳوڻن امامن ۽ پيشوائن جي عقيدن کي هن نهايت واضح دليلن ۽ مضبوط حجتن سان ثابت ڪيو آهي، ۽ انهن کي معقولين جي خس و خاشاڪ کان اهڙو ته صاف ڪيو آهي، جو انهن ۾ بحث جي باقي حاجت ئي نه رهي آهي. ان سان گڏ ضروري علمن جي تاريخ نهايت باقاعدگيءَ ۽ ترتيب سان پيش ڪري طالب کي گهڻي محنت ۽ پريشانيءَ کان پڻ بچائي ورتو آهي.

[b]شاهه صاحب تصنيفات مان حجة الله البالغه بينظير ڪتاب آهي
[/b]شاهه صاحب جون تصنيفون گهڻيون آهن، ليڪن انهن سڀني ۾ سندس ”حجته الله البالغھ“ بي نظير آهي. اهو گويا ديني علمن جو دائرته المعارف آهي جنهن جي ثنا کان مصنف پاڻ به رهي نه سگهيو آهي. سندس وفات 29 محرم سنه 1176 هجري ۾ واقع ٿي جڏهن سندس ڄمار 61 ورهين کان ٿورو ڪجهه مٿي هئي. هو پنهنجي پٺيان علمن جو اهڙو ذخيرو ڇڏي ويو آهي جن جو سلسلو تاقيامت باقي رهندو.