مذهب

شاهه ولي الله ؓ جي تعليم

قرآن ۽ حديث، فقه ۽ تصوف، نبوت ۽ شريعت، فلسفو ۽ سياست، سماجي درجن ۽ موت کان پوءِ جي زندگيءَ متعلق حجة الاسلام امام شاهه ولي اللهؓ جي حڪمت ڀري تعليم جو بنيادي تعارف ۽ تفصيل.
Title Cover of book شاهه ولي الله ؓ جي تعليم

سياست

[b]شاهه صاحب جي دور جو سياسي ماحول
[/b]شاهه ولي الله جي والد بزرگ شاهه عبدالرحيم جي ڏينهن ۾ اورنگزيب عالمگير جي حڪومت پنهنجي پوري عروج تي هئي. سندس سلطنت ڪافي وسيع ۽ جهجهي شان شوڪت واري هئي. بادشاهه پاڻ هڪ نيڪ انسان ۽ خدا پرست هو پر ان هوندي به سندس دور ۾ هندو ۽ شيعا گهڻو ڪجهه هيسايل هئا. حڪومت جي هيءَ روش اڳتي هلي ان جي تباهيءَ جو باعث بڻي. سندس گهر کي هر ڪنڊ کان کاٽ لڳڻ شروع ٿيا جنهن جو اهو نتيجو نڪتو جو اورنگزيب جي وفات کان پوءِ مغلن جو دور ويو زوال پذير ٿيندو، ۽ فقط شاهه ولي الله جي زندگي ۾ ئي ڏهن سلطانن هڪ ٻئي جي پٺيان حڪومت جون واڳون پنهنجن هٿن ۾ ورتيون.
شاهه عبدالرحيم هي سڀ ڪجهه اکين سان ڏسي رهيو هو ۽ جيتوڻيڪ فتاوي عالمگيريءَ ۾ سندس به هٿ هو، ليڪن هو درٻاري عالمن مان نه هو ۽ هڪ درويش خصلت انسان هو. حڪومت جي خلاف عملي طور ڪجهه ڪري به نه ٿي سگهيو، مگر ايترو سو ڪيائين جو، علم جو سندس سيني ۾ ڀريل هو سو ساري جو سارو پنهنجي پٽ کي ڏيئي ويو.
شاهه ولي الله پنهنجي وقت جو مڃيل مجدد هو ۽ اهو ڪم جو امام رباني مجدد الف ثاني شروع ڪيو تنهن کي هن اچي مڪمل طور پورو ڪيو. هو ان (مجدد الف ثاني) کي پنهنجي طريقي جو ارهاص (راهه هموار ڪندڙ) مڃي ٿو.
حڪومت جو زوال شاهه ولي الله صاحب پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو هو ۽ هن هي به ڏٺو ته مسلمانن جو شيرازو هر پهلو کان بگڙي ويو آهي. کانئس اها حالت سٺي ڪا نه ٿي ۽ ملڪ کي هن اوڙاهه مان ڪڍي ترقيءَ جي راهه تي آڻن لاءِ هو تدبيرون ڪندو ۽ سوچيندو رهيو. مگر پنهنجي تجويز کي ڪنهن عملي صورت ۾ آڻڻ کان اڳ هن حجاز وڃڻ مناسب سمجهيو ته جيئن حديث جي تعليم مڪمل ٿئي.

[b]شاهه صاحب جو قرآن پاڪ جو فارسي ترجمو سندس سياسي تحريڪ جو پهريون ڏاڪو هو
[/b]جڏهن هو حرمين شريفين کان واپس آيو تڏهن پهريائين قرآن پاڪ جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ان سان گڏ ان جي مختصر شرح به لکي. هيءُ گويا ان جي سياسي تحريڪ جو پهريون ڏاڪو هو.
ان وقت عام مسلمانن جي زبان فارسي هئي ۽ شاهه صاحب کي خطاب به عام کي ئي ڪرڻو هو، جنهن لاءِ قرآن پاڪ جو فارسيءَ ۾ ترجمو هڪ ضروري ڳالهه هئي. هن کان اڳ ذڪر ٿي چڪو آهي ته شاهه صاحب جو هي تفسير جيتوڻيڪ گهڻو مختصر آهي مگر تنهن هوندي به ان ۾ جي فوائد ۽ حقيقتون آهن تن جي لحاظ کان هو هڪ بي نظير تفسير آهي ۽ قرآن پاڪ جي مطلبن کي کولڻ ۽ سمجهائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
شاهه صاحب جو جاءِ نشين سندس پٽ شمس الهند شاهه عبدالعزيز ٿيو، جنهن جي زماني ۾ فارسيءَ جي جاءِ اردوءَ والاري تنهن ڪري سندس ڀاءُ شاهه عبدالقادر، قرآن مجيد جو ترجمو اردوءَ ۾ ڪيو، ۽ سندس ڀائٽي شاهه اسماعيل اردوءَ ۾ ديني ڪتاب لکيا. هيءَ تحريڪ ڇاڪاڻ ته عوامي هئي ۽ انهن کي ئي هيءُ پيغام پهچائڻُ هو تنهن ڪري ئي هي ابتدائي تياريون ڪيون ويون.

[b]شاهه صاحب جي خيال ۾ ديني يا سياسي ٻنهي تحريڪن لاءِ قرآن پاڪ مشعل راه آهي
[/b]هي ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته امام ولي الله پنهنجي هر تحريڪ ۾ پوءِ اها ديني هجي يا سياسي، قرآن پاڪ کي ئي مشعل راهه بنائي ٿو. ان کان ئي هدايت ۽ روشني وٺي ٿو ۽ وس ڪري ٻئي طرف رجوع نه ٿو ڪري. آنحضرت ﷺ جن جي زندگي سندس مشڪلاتن حل ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي ڇا لاءِ جو قرآني تعليم جي اها صحيح ترجمان آهي. شاهه صاحب پنهنجي هن تحريڪ جو بنياد به قرآن شريف جي هن آيت تي رکيو آهي: اَوَ لَمْ يَرَوْا اَنَّا نَاْتِي الْاَرْضَ نَنْقُصُهَا مِنْ اَطْرَافِهَا.
هيءَ هڪ ناقابل انڪار حقيقت آهي ته اسلام جي حڪومت هجرت کان اڳ مڪي ۾ قائم ٿي چڪي هئي ۽ اها پنهنجي جڳهه مستقل به هئي، جيتوڻيڪ ان وقت ان ۾ ايتري قوت ۽ طاقت ڪا نه هئي جو تشدد ۽ لڙائي کان ڪم وٺي.

[b]مسلمانن جي مڪي ۾ ئي حڪومت قائم ٿي چڪي هئي
[/b]برخلاف گهڻن مفسرن ۽ مورخن جي شاهه صاحب هن آيت کي مڪي مڃي ٿو ۽ ايئن ڪرڻ سان اعتراض ڪندڙن جي اعتراض جو دروازو بند ٿي وڃي ٿو.
يورپ جا ڪي مصنف هي پروپئگنڊا ڪندا ۽ لکندا رهن ٿا ته حضرت محمدﷺ جو وقت مڪي ۾ هو تنهن ۾ هو وعظ ۽ نصيحت ڪندو ۽ مسڪينيءَ جي زندگي گذاريندو هو. ليڪن جڏهن مديني ۾ اچي ٿو تڏهن حالتون سازگار ڏسي قافلا لٽڻ شروع ڪري ٿو ۽ آهسته آهسته هڪ رياست جو مالڪ بڻجي وڃي ٿو.
مٿينءَ آيت جي وضاحت ڪندي امام ولي الله فرمائي ٿو ته اسلام جي شوڪت روز بروز سرزمين عرب ۾ ترقي ڪندي ۽ وڌندي ٿي رهي ۽ دارالحرب جو دائرو آهستي اهستي ويو پئي گهٽبو. دارالحرب جي دائري جي گهٽجڻ جي معنيٰ هيءَ آهي ته ان وقت ڪيترن عرب جي قبيلن مثلا: غفار، جهينه، مزينه ۽ ڪن يمن جي قبيلن اسلام قبول ڪري ورتو. ان ڪري مشرڪن جو زور ويو ڏينهون ڏينهن گهٽبو. هيءَ ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن پاڻ سونهارا اڃا مڪي ۾ ئي هئا.
هن مان چڱيءَ طرح ثابت ٿيو ته اسلام جي حڪومت مڪي ۾ بڻجي چڪي هئي، البته اصول جي لحاظ کان اها عدم تشدد تي عمل پيرا رهي. ٻين لفظن ۾ هيءَ هڪ باطني خلافت هئي جنهن ۾ عدم تشدد کان ئي ڪم ورتو ويندو آهي. انهيءَ تحريڪ موجب وعظ ۽ نصيحت ذريعي ئي ماڻهن جي دلين جي صفائي ڪئي ويندي آهي.
اهو ئي سبب آهي جو هجرت کان اڳ پاڻ سونهارن جي دعوت فقط مشرڪن تائين محدود رهي. جڏهن وري مديني تشريف ٿيا ۽ اسلام قوت به حاصل ڪئي تڏهن عدم تشدد جو پابند ٿيڻ سندن لاءِ غير ضروري ٿي پيو ۽ پوءِ کليو کلايو اهل ڪتاب کي اسلام جي دعوت ڏيڻ لڳا (جا انهن کي هجرت کان اڳ نه ڏني ويئي هئي) جنهن ڪري هو مخالفت ۾ اٿي کڙا ٿيا.
تاريخ نويس عام طور تي اسلامي رياست جي شروعات ان وقت کان شمار ڪن ٿا جڏهن آنحضرت جن مديني ۾ آيا.انهن جي نزديڪ مڪي ۾ مسلمانن جي جماعتي زندگيءَ جي ڪا باقاعدي سياسي حيثيت ئي نه هئي.
شاهه صاحب جي راءِ آهي ته مسلمانن جي حڪومت مڪي ۾ ئي شڪل اختيار ڪري چڪي هئي، ليڪن هيءَ حڪومت عدم تشدد جي اصولن تي ٻڌل هئي. هيءَ خلافت باطني هئي جنهن کي اڄڪلهه جي اصطلاح ۾ اسين پارٽي سڏيون ٿا.

[b]شاهه صاحب جو نئين نظام قائم ڪرڻ تي زور
[/b]امام ولي الله جڏهن حج کان واپس آيو تڏهن هن ڏٺو ته موجوده نظام هر پهلو کان بيڪار ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري ان کي ڊاهي، سندس جاءِ تي هڪ نئين ۽ جديد نظام جو بنياد رکيو وڃي.
احمد شاهه (1754-1748ع) جي زماني ۾ ٽن سالن تائين فوجين جون تنخواهون ادا نه ڪيون ويون. شاڪر خان پاڻي پٽي لکيو آهي ته شاهي محلات جي ساز و سامان جي فهرست بنائي دڪاندارن کي ڏني ويئي هئي ته جيئن ان کي وڪڻي سپاهين جي تنخواهه پوري ڪئي وڃي. مرهٽا، سک، جاٽ، ۽ روهيلا نهايت سرڪش قومون هيون جن حڪومت کي هر بار پئي پريشان ڪيو ۽ مسلمانن کي بيجا ستايو ۽ ايذايو. سلطنت جي ڪمزوريءَ جي حالت هيءَ هئي جو سلطان شاهه عالم جي حڪومت صرف دهليءَ جي آس پاس وڃي رهي.

[b]شاهه عالم جي حڪومت جو احوال
[/b]سلطانن ۽ اميرن جي عيش پرستي قيصر ۽ ڪسريٰ جي ڀيانڪ تاريخ دهرائي رهي هئي. انهن بنيادي خرابين جا ٻيا اسباب به هئا، جهڙوڪ خالصه علائقي جو محدود ٿي وڃڻ، خزاني جي کوٽ، جاگيردارن جي ڪثرت ۽ اجاري داري.
مطلب ته مصيبتن جا طوفان هر طرف کان کڙا ٿي چڪا هئا ۽ انهن سڀني براين لاءِ اعليٰ طبقو ئي خاص ڪري وڌيڪ جوابدار هو جنهن پنهنجي تن پروري خاطر پئي غريب رعيت کي پيڙيو ۽ نپوڙيو. هيءَ هئي ان وقت دارالسلطنت دهليءَ جي حالت.
14 مهينن تائين حجاز ۾ رهڻ کان پوءِ شاهه صاحب 1146 هجريءَ ۾ واپس دهلي پهتو ۽ 1150 هجريءَ ۾ دهلي نادر گرديءَ جو شڪار ٿي. هندوستان کي نادر شاهه کان اهڙي شڪست ملي جنهن جو مثال ان جي تاريخ۾ ڏسڻ ۾ نه آيو. دهليءَ اندر قتل ۽ غارت جي بازار اهڙي ته گرم هئي جو شريف خاندانن جوهر (ٿيڻ) جو ارادو ڪيو ۽ شاهه صاحب انهن کي امام حسين ؑ جو قصو ٻڌائي ائين ڪرڻ کان پئي منع ڪئي.
حقيقت ۾ ان کان ويهه سال کن اڳ 1131هه ۾ دهليءَ اندر شهزادي فرخ سير جي بي دردانه قتل کان پوءِ ملڪ ۾ فتني ۽ فساد جو هڪ خوفناڪ سيلاب وهي نڪتو جنهن ڏانهن خود شاهه صاحب اشارو ڪندي فرمائي ٿو ته ”حرج مرج عظيم دست داد“.

[b]خلافت جي معنيٰ
[/b]خلافت جي حقيقت تي روشني وجهندي به هو پنهنجي حڪمران طبقي ڏانهن صريح اشارا ڪندو رهي ٿو جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته سياسي عدم استحڪام ته درڪنار مگر ان وقت جي مسلمان حڪومت شرع ۽ دين جي حڪمن کي به فراموش ڪري چڪي هئي.
مثال طور خلافت جي باري ۾ شاهه صاحب چوي ٿو ته ”هڪ ٽولو اهڙو آهي جو پيغمبر ﷺ جي خلافت کي امامت جي معنيٰ ۾ وٺي ٿو ۽ خليفي جي صفتن ۾ هاشمي هجڻ، فاطمي هجڻ ۽ گناهن کان محفوظ هجڻ وغيره کي خيال ۾ رکي ٿو، ليڪن اسان جي راءِ ۾ خلافت مان مراد مسلمانن جي بادشاهي ۽ فرمان روائي آهي. ڪو به سمجهدار ۽ عاقل هن معنيٰ کي سواءِ حضرت علي رضه جي، ٻارهن (اثنا عشر) خليفن بابت ثابت ڪري نه ٿو سگهي.
شرع ۾ به خلافت مان مراد بادشاهي آهي جنهن موجب آنحضرتﷺ جن جي نيابت جا فرائض بجا آڻيندي ان جي دين کي قائم ڪرڻ جو انتظام ڪرڻو آهي. هاڻي جيڪڏهن ڪو بادشاهه نه آهي ۽ نه هن جو حڪم ئي نافذ ۽ جاري آهي ته پوءِ هو خليفو به نه آهي، پوءِ کڻي هو ساري امت ۾ افضل، فاطمي ۽ معصوم ئي ڇو نه هجي.
اهڙي طرح سان جيڪڏهن ڪو ڪافر بادشاهه آهي يا اهڙي حڪومت آهي جنهن ۾ شرع موجب نه بلڪه ترار جي زور تي فيصلا ٿين ٿا ۽ بادشاهه جو ڪم ئي آهي ڍلون ۽ محصول اڳاڙڻ ۽ دين جي ڪمن مثلا: جهاد جاري رکڻ، شرعي حدون قائم ڪرڻ ۽ ان موجب فيصلا نبيرڻ وغيره سان ڪو به واسطو نه ٿو رکي ته هو به خليفو ٿي نه ٿو سگهي. اهڙو مثال هن وقت اسان جي بادشاهن جو آهي جن مان ڪي اسان کان اڳ ۾ ٿي ويا آهن.

[b]مرڪزي جماعت جو قيام
[/b]بهر حال شاهه صاحب پنهنجي پروگرام کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ هڪ مرڪزي جماعت تيار ڪئي، جا تعليم ۽ ارشاد ذريعي هن انقلابي تحريڪ جي اشاعت هڪ طرف صوفين ۽ عالمن ۾ ڪندي رهي ۽ ٻئي طرف سلطنت جي اميرن ۽ سردارن ۾ به ان جي اشاعت کي زور وٺائيندي رهي. انهن ۾ مولانا محمد عاشق پهلتي، مولوي نور الله بدهانوي ۽ مولانا محمد امين ڪشميري خاص طور تي مشهور آهن. هن مرڪزي جماعت جون شاخون ملڪ جي مختلف اطراف ۾ قائم ڪيون ويون، مثلا: نجيب آباد جو مدرسو، راءِ بريليءَ ۾ دائره (تڪيه) شاهه علم الله ۽ سنڌ ۾ ملا محمد معين جو ٺٽي ۾ مدرسو جنهن سان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو خصوصي تعلق رهيو آهي.
شاهه صاحب جي دعوت جي مقبوليت هن مان ئي ظاهر آهي ته سلطان محمد شاهه سندس مدرسي لاءِ (جو پراڻي دهليءَ اندر هڪ ننڍي جڳهه ۾ هو) شاهه جهان آباد جو هڪ پورو محلو خاص ڪري ڇڏيو.
احمد شاهه ابدالي کي شاهه صاحب جي مشوري سان گهرايو ويو هو
هيءَ هڪ حقيقت آهي ته شاهه صاحب جي ئي مشوري سان نواب نجيب الدولة جي معرفت ( جو سندس خاص عقيدت مسندن مان هڪ هو) احمد شاهه ابداليءَ کي قندهار مان گهرايو ويو، جنهن اچي پاڻي پٽ جي جنگ ۾ مرهٽن کي ماري مات ڪيو، ليڪن دهليءَ جو نظام سلطنت ايترو بيڪار ٿي چڪو هو، جو اهو ان فتح مان ڪجهه فائدو حاصل ڪري نه سگهيو. البته ايترو سو ٿيو جو مسلمانن جا ڪي برسر اقتدار ۽ امير ڪن صوبن جون حڪومتون پنهنجي قبضي ۾ ڪري ويٺا ۽ ائين ڪرڻ سان طوائف الملوڪيءَ جو دور شروع ٿي ويو.
شاهه صاحب، احمد شاهه ابداليءَ کي هندوستان تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ خط لکيو ۽ درد مندانه اپيل ڪئي ۽ ٻين اميرن ڏي جي خطوط موڪليا تن سڀني جو خلاصو پيش ڪريون ٿا جنهن مان پڙهندڙن کي ارڙهينءَ صديءَ جي مسلمانن جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ذهني حالتن جو پتو پئجي ويندو.

[b]شاهه صاحب جو احمد شاهه ابدالي ڏانهن خط
[/b]احمد شاهه ابداليءَ ڏانهن خط: ”هن وقت طاقتور ۽ پرشوڪت بادشاهه اوهان کانسواءِ ٻيو ڪو نه آهي. اوهان تي هندوستان ڏانهن قصد ڪرڻ فرض واجب آهي ته جيئن اچي مرهٽن جي زور کي توڙيو ۽ ڪمزور مسلمانن کي نجات ڏياريو جي ڪافرن جي قيد ۾ بند آهن“.
هڪ ٻئي هنڌ احمد شاهه کي اپيل ڪندي لکي ٿو ته: ”مان انهيءَ سياهه ڪاريءَ کان خدا تعاليٰ وٽ پناهه گهران ٿو جا نادر شاهه جي هٿان ٿي. هو مسلمانن جو صفايو ڪري، مرهٽن ۽ جٽن کي سلامت ڇڏي لٽ مار ڪري راهي ٿيو. نتيجو اهو نڪتو جو ڪافرن جي قوت ۾ اضافو آيو ۽ اسلامي لشڪر زير و زبر ٿي ويو ۽ دهليءَ جي سلطنت ٻارن جي راند بڻجي ويئي.

[b]نجيب الدولھ کي شاهه صاحب جو خط
[/b]نجيب الدولھ کي راس المجاهدين ۽ امير الغزاة جا لقب ڏيندي لکي ٿو ته: ”غيب ۾ هنن ٻن گمراهه ٽولن يعني مرهٽه ۽ جٽ، کي سرنگون ڪرڻ طئي ٿي چڪو آهي.. جيستائين ٽن فرقن، جٽ، مرهٽه ۽ سک، جون پاڙون نه پٽيون وينديون تيستائين ڪو به بادشاهه سک سان تخت تي ويهي نه سگهندو، نه امير ۽ نه رعيت.. دشمن سان جنگ ۾ ڪڏهن فتح ته ڪڏهن شڪست نصيب ٿيندي آهي، تنهن ڪري ڪنهن ٿوري بدخبر تي پريشان ٿيڻ نه گهرجي.“

[b]آصف جاه وزير سان خطاب
[/b]آصف جاه وزيرالملک ڏانهن سندس نصيحت ڀرئي خط جو مضمون هيءُ آهي: ”سليم فطرت وارن جي اها خصلت هوندي آهي ته هو ٻنهي سعادتن کي ڪٺو ڪندا آهن. مسلمانن کان ظلمن کي هٽائڻ، دين کي رواج ڏيڻ ۽ نيڪ رسمون پيدا ڪرڻ، اهڙا ڪم آهن جي سراسر سعادت ۽ ڀلائيءَ جو مجسمو آهن.“
علاوه ان جي شاهه صاحب، احمد شاهه ابداليءَ ڏانهن جو ڊگهو خط (هڪ بادشاهه جي نالي) موڪليو هو تنهن ۾ هن، احمد شاهه کي هندوستان جي صحيح حالتن کان چڱيءَ طرح واقف ڪيو. ان جي جاگرافي ۽ تاريخي پس منظر متعلق ضروري معلومات فراهم ڪري موڪلي ته جيئن حملي ڪرڻ وقت انهن مسلمانن جي پاءِ مالي نه ٿئي جي ٿوري انداز ۾ ڪافرن جي درميان رهندڙ آهن. خط جي آخر ۾ شاهه صاحب، قرآن پاڪ جي هڪ آيت لکي جنهن مان سندس سياسي تدبر ۽ دور انديشيءَ جو هڪ بين ثبوت ملي ٿو. اها آيت جنهن جو صلح حديبيه ڏانهن اشارو آهي سا هيءَ آهي: وَلَوْ لَا رِجَالٌ مُّؤْمِنُوْنَ وَ نِسَآءٌ مُّؤْمِنٰتٌ لَّمْ تَعْلَمُوْهُمْ اَنْ تَطَـُٔوْهُمْ فَتُصِيْبَكُمْ مِّنْهُمْ مَّعَرَّةٌۢ بِغَيْرِ عِلْمٍ.
يعني ته جيڪڏهن (اهڙا ڪي) مڙس مومن ۽ (ڪي زالون) مومنياڻيون (مڪي ۾) نه هجن ها جن کي اوهان نه ڄاڻندا آهيو ته (متان) کين لتاڙي ڇڏيو پوءِ بي خبريءَ ۾ انهن جو اوهان کي گناهه پهچي (ته هاڻي ئي فتح ٿئي ها).
”جڏهن مسلمانن کي ڪنهن نقصان پهچڻ جو انديشو هوندو آهي تڏهن حڪمت الاهي چاهيندي آهي ته مهلت کان ڪم ورتو وڃي. اهو ئي ته سبب آهي جو مڪو ٻه سال پوءِ فتح ٿيو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن صلح حديبيه جي وقت ئي مڪي تي چڙهائي ڪئي وڃي ها ته اهي سڀ مسلمان جي ڪافرن جي ڪثير آبادي اندر رهندڙ هئا سي مجاهدن جي حملي وقت نقصان هيٺ اچن ها. دور انديش ۽ دانا بادشاهن کي صلح حديبيه ۽ مڪي جي واقعي ۾ حڪمت جي عجيب ۽ غريب تعليم ڏني ويئي آهي ۽ اها هيءَ آهي ته جنهن هنڌ مسلم ۽ غير مسلم گڏ هجن تنهن هنڌ حلم ۽ بردباريءَ کان ڪم ورتو وڃي. پهرئيان اسلام جي مخالفن کي جي مسلمانن تي تسلط ڄمايو ويٺا آهن ڇڙو ڇڙ ڪيو وڃي، پوءِ مسلمان پاڻهيئي عادل بادشاهه جي هٿ ۾ هٿ ملائيندا.
”حديث شريف ۾ آيل آهي ته خدا تعاليٰ جي نزديڪ هڪ مسلمان جي ناحق خون کان ساري دنيا جي بربادي چڱي (آسان) آهي.“ ”جڏهن زبردست فوجون انهيءَ هنڌ رسن جتي مسلمان ۽ ڪافر گڏ رهن ٿا ته پوءِ اهو مناسب آهي ته انهيءَ هنڌ منتظمين متعين ڪيا وڃن جن کي تاڪيد ڪيو وڃي ته هو انهن مسلمانن کي جي ننڍن ڳوٺن ۾ رهن ٿا اتان ڪڍي وڏن شهرن ۾ آڻين ۽ پوءِ هر هنڌ اهڙو انتظام ڪيو وڃي جيئن مسلمان جو مال ۽ عزت سلامت رهن.“
چئي نٿو سگهجي ته احمد شاهه ابداليءَ کي گهرائي شاهه صاحب پنهنجي مقصد ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو، مگر هيءَ هڪ ناقابل انڪار حقيقت آهي ته پاڻي پٽ جي جنگ هندوستان جي تاريخ جو رخ هميشه لاءِ بدلي ڇڏيو. ان وقت هندوستان ۾ اهڙو گهر نه هو جنهن ۾ (هن شڪست سبب) ماتم نه هو.
احمد شاهه ابدالي 1767-1769ع تائين ڪل نو حملا ڪيا جن مان ست خود شاهه صاحب جي زندگيءَ ۾ ٿيا. هن ڇهون حملو 1760-1761ع ۾ شاهه ولي الله، نجيب الدولة (جو ان وقت اميرالامراء هو) ۽ چند طاقتور امير جي دعوت تي ڪيو. احمد شاهه ابدالي انهن سڀني خوبين جو مالڪ هو يا نه جي شاهه صاحب جي نظر ۾ ڪنهن حاڪم ۾ هئڻ گهرجن، مگر هڪ وقتي مصيبت کي ٽارڻ لاءِ هيءَ راند کيڏي ويئي جنهن ۾ هو (شاهه صاحب) يقينا ڪامياب ويو.
بنگال تي انگريزن جون حريصانه نگاهون کتل هيون ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني گهڻي عرصي کان وٺي سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ لڳل هئي. پنجاب تي سکن جو ڪافي زور هو ۽ سرهند جو متبرڪ مقام به سندن دست برد کان بچي نه سگهيو. روهيلن ۽ جٽ قبيلن جي مسلسل حملن ۽ ڦرلٽ ملڪ ۾ باهه ٻاري ڇڏي هئي. وڏي مصيبت ته وري هيءَ هئي جو ان وقت مسلمانن کي مشوري ڏيڻ وارا گهڻو ڪري نالائق ۽ پر غرض هئا.
شاهه صاحب جي وفات کان ٿورو اڳ دهليءَ جي متعصب شيعي نجف علي خان جو تسلط قائم ٿي ويو. مغل درٻار جو هي آخري امير هو. سندس ئي ڏينهن ۾ شاهي خاندان جون سڱابنديون لکنوءَ جي شيعه سادات سان ٿيڻ لڳيون. هن گهڻن ئي عالمن کي تنگ ڪيو ۽ سزائون ڏنيون. امير شاهه خان ”امير الروايات“ ۾ لکي ٿو ته هن، شاهه ولي الله جون ڪارايون ڪپارائي هٿ بيڪار ڪرائي ڇڏيا ته جيئن هو ڪجهه به لکي نه سگهي.
سوال پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن حالتون اهڙيون ناسازگار ۽ مايوس ڪن هيون تڏهن شاهه صاحب جو ڪهڙو سياسي پروگرام هو ۽ سندس تحريڪ جو خاڪو ڇا هو؟ سياسي ڪم، فقط نظرين يا عملي تجربن جي زور تي نه ٿا هلي سگهن. اهڙن ڪمن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ تيار جماعت ۽ ٻئي هر ڪنهن قسم جي سازو سامان جي به اهڙي ضرورت آهي جهڙي علم ۽ عمل جي آهي. اهو به ضروري نه آهي ته ڪنهن شخص جي حياتي ۾ ئي اهڙو انقلاب (جنهن جو تصور سندس ذهن ۾ هو) پوري ڪاميابي حاصل ڪري وڃي. ڪنهن وقت انقلاب کي ڪامياب ٿيڻ ۾ صديون به لڳي وينديون آهن.

[b]شاهه صاحب جو اهم مقصد اهو هو ته هندستان ۾ مسلم ۽ غير مسلم رلي ملي رهن
[/b]اسان هن راءِ جا آهيون ته امام ولي الله جي ان وقت ڪوشش اهائي هئي ته مرڪزي طاقت مسلمانن جي هٿن ۾ رهي ۽ ان ۾ اهڙو سڌارو آڻجي جيئن غير مسلم رعيت کي ڪو شڪايت جو موقعو نه ملي. هن انهيءَ ڏس ۾ اهو هڪ وڏو سياسي ڪارنامو ڪيو جو مرهٽن جي طاقت کي ٽوڙڻ خاطر (جي مرڪز تي قبضي ڪرڻ لاءِ هر وقت حملا ڪندا رهندا هئا) احمد شاهه ابدالي کي گهرايو. ظاهر ظهور ته شاهه صاحب ڪجهه ڪري به نه ٿي سگهيو، ليڪن نجيب الدولة جي معرفت هن کان جيترو ٿي سگهيو اوترو هن حڪومت ۾ سڌاري آڻڻ جي ڪوشش ڪئي.
جهاد جي روح ڦوڪڻ لاءِ شاهه صاحب جون سڀيئي تصنيفون ڀريون پيون آهن مگر افسوس ته ان وقت شاهه صاحب کي گهڻن ٻڌوئي ڪو نه.
هتي هڪ غلط فهميءَ جو ازالو ضروري آهي. ڪن کي دلين ۾ هي خيال پيدا ٿيو ته شاهه صاحب، اڪبر اعظم جو دور دهرائڻ ٿي گهريو، حالانڪه هي سراسر غلط آهي. اهو حقيقت کان ايئن دور آهي جيئن اونداهي روشني کان دور آهي. اڪبر اعظم جي لادينيءَ کي شاهه صاحب جي تحريڪ ۾ ڪا به جاءِ ڪانهي. سندس مقصد فقط هي هو ته مسلم ۽ غير مسلم پاڻ ۾ رلي ملي هلن ته جيئن مسلمانن جي حڪومت هلندي رهي.
شاهه صاحب تي جو دين جو رنگ چڙهيل هو تنهنجو اندازو سندس هيٺين لفظن مان ڪري سگهجي ٿو:
”اسان مسافر آهيون. اسان جا وڏا هتي هندوستان ۾ مسافر ٿي آيا. عربي نسب ۽ زبان تي اسان کي فخر آهي. اسان کي جڳائي ته عرب جي عادتن ۽ رسمن کي ترڪ نه ڪريون، ۽ عجم ۽ هندن جون ريتيون رسمون هرگز اختيار نه ڪريون“.
شاهه ولي الله جو هڪ هنڌ ”تفهيمات“ ۾ فرمايو آهي مان هن وقت حضرت يوسف ؑ جو نائب آهيان سو خود هن حقيقت تي دلالت ڪري ٿو ته جيئن عزيز مصر جي ماتحت حضرت يوسف هڪ وزير جي حيثيت ۾ حڪومت جو سارو نظام اسلامي ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪافر بادشاهه جو محض وڃي ٻاهريون نالو رهيو هو تيئن شاهه صاحب به غيرن جي حڪومت هيٺ اهڙو نظام قائم ڪري سگهيو ٿي. انهيءَ طريقي ڪار کي خود آنحضرت ﷺ جن جي مڪي زندگي مان تائيد ملي ٿي.
بهرحال شاهه صاحب ڏسي رهيو هو ته هيءَ حڪومت ڪن ٿورن ڏينهن جي مهمان آهي، تنهنڪري هن آنحضرت ﷺ جن جي مڪي زندگي کي پنهنجو پيشوا بنايو. سندس تحريڪ باطني هئي جنهن ڏانهن اڳ ۾ به اشارو اچي چڪو آهي ته شاهه صاحب هڪ جماعت (پارٽي) قائم ڪئي جنهن وڃي مختلف هنڌن تي تبليغ جو ڪم شروع ڪيو.
هن امت ۾ ظاهري خلافت جي ڪم ڪندڙن کانسواءِ هڪڙو گروهه باطني خلافت جو به آهي، ۽ شاهه صاحب کي ان باطني خلافت جي خلعت پهرائي ويئي هئي. باطني خلافت وارن جو ڪم هوندو آهي، ماڻهن کي قرآن، سنت ۽ شريعت جي تعليم ڏيڻ، نيڪ ڪمن جو حڪم ڪرڻ ۽ برن ڪمن کان روڪڻ.

[b]ظاهري ۽ باطني خليفن ۾ فرق
[/b]ظاهري ۽ باطني خليفن ۾ فرق هيءُ آهي ته باطني خليفا جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ به کڻي هجن ته انهن ۾ ڪو جهڳڙو پيدا نٿو ٿئي. ظاهري خليفن جو معاملو ان جي برعڪس آهي. باطني خليفي جو ڪم آهي ته پنهنجي مشن کي عالمگير ڪرڻ لاءِ داعي ۽ سفير روانا ڪري.
هيءَ هڪ صحيح حقيقت آهي ته آنحضرت ﷺ جن ملڪ جي هر طرف مختلف قبيلن ڏانهن پنهنجا نائب موڪليندا هئا، جي انهن ڏانهن وڃي کين الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻڻ جي دعوت ڏيندا هئا ۽ انهن کي شريعت جي حڪمن احڪامن کان واقف ڪندا هئا. انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ سونهارن، حضرت ابو موسيٰؐ اشعريءَ کي اشعريون جي طرف، حضرت ابو ذرؐ غفاريءَ کي اسلم ۽ غفار قبيلن جي طرف، حضرت عمر بن مره کي جهينه قبيلي جي طرف، حضرت عامر حضرميءَ کي بنو عبدالقيس جي طرف ۽ حضرت مصعب بن زبيرؐ کي اهل مدينه جي طرف پنهنجا سفير ڪري موڪليو.
هن ڪم لاءِ پاڻ ڪريم جن ڪو به ظاهري خلافت جو معاملو انهن جي سپرد نه ڪيو هو. انهن جي ذمي ته فقط هيءُ ڪم هو ته ماڻهن کي اسلام جي طرف سڏين ۽ کين قرآن ۽ سنت جي تعليم ڏين. باطني خلافت جي حالت ۾ جي به داعي ۽ سفير موڪليا وڃن ٿا ۽ ان متعلق جي به قاعدا ۽ ضابطا جوڙيا وڃن ٿا تن مان گهڻن (قاعدن ۽ ضابطن) جو ماخذ رسول ﷺ جن جو اهو طريقيڪار آهي جو پاڻ سونهارن هجرت کان اڳ مختلف قبيلن ڏانهن پنهنجي سفيرن موڪلڻ ۾ اختيار ڪيو هو.
شاهه صاحب پنهنجي زندگي ۾ ئي خلافت باطني جو ڪم چالو ڪري ڇڏيو هو، ڇو جو اها جماعت ئي آهي جا اڳتي هلي ملڪ تي قابض ٿئي ٿي. ظاهري حڪومت جو بنياد شروعات ۾ پارٽيءَ تي ئي هوندو آهي ۽ هيءَ پارٽي ئي هڪ طرح جي حڪومت هوندي آهي.
امام ولي الله جي وفات کان پوءِ سندس وڏي فرزند شمس الهند شاهه عبدالعزيز هن تحريڪ کي گهڻو زور وٺارايو. ان جي ميمبر شپ ۾ ڪافي اضافو ٿيو ۽ ان جا داعي ۽ مبلغ جهجهي انداز ۾ نڪري نروار ٿيا. ان بعد به هيءَ تحريڪ زور و شور سان هلندي رهي جنهن کي اڳتي هلي بالا ڪوٽ جي لڙائيءَ ۾ مسلمانن جي سکن جي هٿان شڪست کائڻ سبب هڪ ڪاپاري ڌڪ لڳو، مگر هيءَ تحريڪ هتي بلڪه رڪجي نه ويئي ۽ هلنديئي ئي رهي تان جو سن 1339 هجريءَ ۾ شيخ الهند مولانا محمود الحسن ديوبنديءَ جي وفات تي ظاهري طور ختم ٿي ويئي.

[b]شاهه صاحب جي تعليم تي هلڻ واري جماعت اڃا تائين موجود آهي
[/b]اسان جي پنهنجي راءِ هيءَ آهي ته امام ولي الله جا تعليم ڇڏي ويو آهي تنهن تي هلڻ ۽ ان تعليم کي فروغ ڏيڻ واري جماعت اڃان موجود آهي. هيءَ جماعت جيتوڻيڪ منظم نه آهي مگر تنهن هوندي به انفرادي طور اهي ڪوششون برابر ٿي رهيون آهن ته شاهه صاحب جو اسلام متعلق جو مطمع نظر هو تنهن کي عملي شڪل ڏني وڃي.
شاهه صاحب ڇا ڏسڻ گهريو ٿي ۽ ان جون دلي تمنائون ڇا هيون ۽ هو ڪهڙي ڳالهه لاءِ بي تاب ۽ فڪر مند نظر آيو ٿي تنهنجو احوال اجهو هاڻي شروع ٿئي ٿو.

[b]شاهه صاحب جي تعليم جو نچوڙ
[/b]شاهه صاحب جي ساري تعليم جو نچوڙ هن آيت ۾ سمايل آهي جنهن جي ڪجهه سمجهاڻي گذريل باب ۾ ڪئي ويئي آهي: هُوَ الَّذِيْۤ اَرْسَلَ رَسُوْلَهٗ بِالْهُدٰى وَ دِيْنِ الْحَقِّ لِيُظْهِرَهٗ عَلَى الدِّيْنِ كُلِّهٖ١ۙ وَ لَوْ كَرِهَ الْمُشْرِكُوْنَ مولانا عبيدالله سنڌي هن آيت تي روشني وجهندي لکي ٿو ته: ”هيءَ آيت کليل طور هڪ انٽرنيشنل (بين الاقوامي) انقلاب جي دعوت ڏئي ٿي ۽ ان جو اصلي مقصد سڀني ماڻهن کي هڪ نقطي تي جمع ڪرڻ جو آهي. اسين تاريخ ۾ ڏسون ٿا ته هڪ قوم هڪ مذهب اختيار ڪري ٿي ۽ هيءُ مذهب ان جي قومي فڪرن ۽ عملن جو هڪ مقدس حصو بڻجي وڃي ٿو. اهڙي طرح سان دنيا ۾ هر قوم جو پنهنجو عليحده عليحده دين وجود ۾ آيو. هاڻي قرآن سڀني ماڻهن لاءِ هڪڙو دين پيش ڪري ٿو ۽ هن دين کي ٻين سڀني دينن تي غالب ڪرڻ قرآن جو مقصد آهي.
هن غلبي حاصل ڪرڻ جون ٻه صورتون ٿي سگهن ٿيون. هڪڙي صورت هيءَ آهي ته تعليم ۽ تبليغ وغيره ذريعي هيءُ دين ٻين دينن تي غالب اچي. جيڪڏهن هيءُ ڳالهه هن طرح ممڪن هجي ها ته جنگ ۽ جدال جي ضرورت ئي پيش نه اچي ها ۽ سڀئي قومون خوشيءَ سان هن دين کي کڻي قبول ڪن ها، ليڪن آيت جي آخري حصي ۾ هي لفظ به آهن وَ لَوْ كَرِهَ الْمُشْرِكُوْنَ جنهن جي معنيٰ هيءَ آهي ته مشرڪن کي هيءَ ڳالهه ناپسند آهي ته هو هن دين کي غالب ٿيندو ڏسن، انهيءَ جو صاف مطلب اهو آهي ته انهن جي هيءَ ناپسنديدگي ۽ ڪراهت هن صحيح دين جي راهه ۾ ضرور حائل ٿيندي.
اڄڪلهه هيءُ خيال ڦهلايو وڃي ٿو ته عدم تشدد ذريعي به قومن تي غلبو حاصل ڪري سگهجي ٿو، يعني ته انقلاب لاءِ جنگ ڪرڻ ضروري نه آهي، مگر هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته انساني فطرت ڪجهه اهڙي آهي جو عدم تشدد ذريعي ان کان هميشه ڪم وٺي نه ٿو سگهجي ۽ ڪڏهن نه ڪڏهن تشدد کان ڪم وٺڻو ئي پوي ٿو.
ها، هيءَ هڪ حقيقت آهي جنهن کي ڪڏهن به فراموش ڪري نه ٿو سگهجي ته قيصر ۽ ڪسريٰ جو خاتمو اسلام جي پوري غلبي جي برابر هو، ۽ هيءُ غلبو شيخين جي ڏينهن ۾ حاصل ٿيو، مگر ڇا روشن ماضيءَ کي خيال ۾ رکي اسان کي پنهنجي هن موجوده ڪسمپرسي جي حالت ۾ رهڻ روا ۽ جائز آهي؟ شاهه صاحب جو ته چوڻ هي آهي ته اسلام جو غلبو بدستور جاري رهي ۽ هيءُ غلبو هجي به اهڙو جنهن جي اڳيان باقي دنيا ڪنڌ نوايون بيٺي رهي. اسلام سدائين غالب، ڀڀڪيدار ظاهر ۽ پڌرو هجي ۽ سندس حجتون ۽ دليل صاف ۽ چٽا هجن ۽ جي سندس فوقيت ۽ برتريءَ تي دلالت ڪندا رهن.
بهر ڪيف شاهه صاحب دين اسلام جي مڪمل غلبي جو خواهشمند هو ۽ هن ان غلبي کي هر زماني ۾ ڏسڻ ٿي گهريو. اسلام آيو ئي آهي خلافت ڪبريٰ قائم ڪرڻ لاءِ ليڪن جيستائين هيءَ خلافت وجود ۾ اچي ئي اچي تيستائين قوميت (قومي حڪومت) کي برقرار رکڻ لازمي آهي، جنهن کي ارتفاق ثالت چيو وڃي ٿو جنهن جو تفصيلي بيان هن کان پوءِ ايندو.

[b]اسلام جي غلبي قائم ڪرڻ جو هڪ نسخو
[/b]هڪ دين کي ٻين دينن تي غالب رکڻ لاءِ به ڪي سبب ٿيندا آهن جن جو خيال رکڻ وقت جي خليفي لاءِ نهايت ضروري آهي مثلا: هو پنهنجي دين جي ريتين ۽ رسمن جو ٻين دينن جي ريتين ۽ رسمن تي اعلان ڪري، ڇا لاءِ جو مذهبي رسم هڪ کليل ۽ ظاهر حقيقت هوندي آهي جنهن سبب هڪ مذهب وارو ٻئي مذهب واري کان نکڙيل ۽ ممتاز رهندو آهي. مسلمان پنهنجي رسمن جهڙوڪ ختنه، مسجدن جي تعظيم، آذان ڏيڻ، نماز با جماعت پڙهڻ وغيره سبب غير مسلم کان بالڪل جدا سڃاتو وڃي ٿو.
وقت جي خليفي (حاڪم) جو اهو فرض آهي ته مسلمانن کي ٻين دينن جي رسمن کي ( علانيه طور) اختيار ڪرڻ کان روڪي ۽ شريعت جي پيروي ڪرائڻ ۾ کانئن سختيءَ کان ڪم وٺي ۽ شريعت جي معاملي ۾ انهن کي آزاد نه ڇڏي.
ان کانسواءِ هو هن ڳالهه کي به لحاظ ۾ رکي ته ڇاڪاڻ ته ترار (زور ۽ زبردستي) جي رستي حاصل ڪيل غلبو ماڻهن جي دلين کي پوريءَ طرح فتح ڪري نه ٿو سگهي، تنهن ڪري انهن کي تحرير، تقرير، تبليغ ۽ دليلن ذريعي هيءَ حقيقت پوري طرح ثابت ڪري ڏيکاري ته اسلام واقعي نهايت عمدو، سهل، پنهن جي حدن ۾ واضح، عام ۽ خاص ٻنهي لاءِ نهايت نفع بخش آهي. عقل ان کي خوشيءَ سان قبول ڪري ٿو ۽ اهو پيغمبرن جي سيرت سان زياده مشابهت رکي ٿو.
ان کانسواءِ ٻيا جيڪي به مذهب آهن سي يا ته ڪنهن معصوم نبيءَ کان ورتل (ماثور) نه آهن، يا انهن جون ڪي ڳالهيون ملت جي اصولن سان ٺهڪي نٿيون اچن يا وري انهن ۾ تحريفون اچي ويون آهن، تنهن ڪري اهڙين حالتن ۾ انهن جي پيروي جائز قرار ڏيئي نه ٿي سگهجي.
غلبي جو مٿيون نسخو جو شاهه صاحب ٻڌايو آهي سوئي موجوده زماني ۾ مجرب ثابت ٿي سگهي ٿو. هر مسلم حڪومت پوءِ اها جتي به آهي تنهن لاءِ اها ڳالهه لازمي آهي ته هوءَ پهريائين صحيح معنيٰ ۾ اسلامي اصولن تي ڪاربند رهي. اسلامي شعائرن جو ان اندر چڱيءَ طرح سان مظاهرو ڪيو وڃي. تبليغ کي خوب زور وٺايو وڃي ۽ ان لاءِ داعي ۽ مبلغ پيدا ڪيا وڃن جي اسلام جي برتريءَ کي عقلي ۽ نقلي دليلن سان ثابت ڪري ڏيکارين.
ان کانسواءِ جنهن ڳالهه لاءِ شاهه صاحب افسوس ڪيو آهي سا آهي مسلمانن جي جهاد جي طرف بي رغبتي ۽ بي اعتنائي، ۽ هوڏانهن جهاد ته سدائين جاري اهي (الجهاد ماض الي يوم القيامت)
مسلمانن ۾ جيستائين هيءُ جوهر موجود هو تيستائين هو هر هنڌ سوڀارا ۽ فاتح رهيا ۽ فتح ۽ سوڀ سندن قدم چمندي رهي. پوءِ جڏهن هيءُ جوهر منجهائن ويندو رهيو تڏهن هو هر هنڌ ذليل ۽ خوار ٿيا.
هن وقت مسلماني حڪومتن تي هيءُ فرض واجب آهي ته هو پاڻ ۾ جهاد جو روح ڦوڪين، مرڻ ۽ مارائڻ لاءِ هميشه تيار رهن. ممڪن آهي اڳتي هلي حالتون ڪجهه اهڙو رخ اختيار ڪن جو هو هڪڙي ئي مرڪز تي اچي ڪٺا ٿين. هيءَ حالت في الحال قريب قريب ناممڪن نه ته به گهڻو گهڻو مشڪل آهي، ڇالاءِ جو قوميت مذهب تي غالب آهي، مگر ارتفاق رابع (بين الاقوامي حڪومت جو قيام) لاءِ اميدوار رهڻ ۽ ان ڏس ۾ جدوجهد جاري رکڻ ايمان جو هڪ اهم جزو آهي.
هر شخص کي جيئن جو معلوم آهي پنهنجي وطن پنهنجي زمين ۽ پنهنجي مخصوص روايات سان بيحد شيفتگي ۽ وابستگي رهي ٿي، مثلاً: افغان ۽ هندوستاني، مسلمان هجڻ جي باوجود پنهنجو پنهنجو قومي وجود رکن ٿا. افغان کي هي گوارا نه آهي ته ڪنهن هندوستاني جي ماتحت ڪم ڪري اهڙي طرح سان هندوستانيءَ کي به افغان جي سرداري ڏکي لڳي ٿي. بهرحال قوم جو وجود هڪ مستقل حقيقت آهي ۽ هاڻي جيڪڏهن ڪو بين الاقوامي اسلامي ادارو ٺهندو ته ان ۾ سڀ مسلمان قومون برابر جون (برابري جي اصول تي) شريڪ ٿينديون، يعني ته هر اسلامي ملڪ پنهنجي پنهنجي جڳهه تي آزاد هوندو ۽ پوءِ هي آزاد قومون ۽ ملڪ پاڻ ۾ ملي ڪري ڪنهن بين الاقوامي اسلامي اداري جي تشڪيل ڪندا.
هڪ دلچسپ ڳالهه جنهن جو سلڻ بي مهل نه ٿيندو سا هيءَ آهي ته امام ولي الله ”تفهيمات“ ۾ هڪ هنڌ آڻي ٿو ته جيڪڏهن هندوستان تي هندن جو مڪمل قبضو ٿي به ويو ته به حڪمت الاهي هن ڳالهه جي تقاضا ڪندي ته انهن (هندن) جا وڏا ۽ سردار اهڙي طرح اسلام قبول ڪن جهڙي طرح ان کي ترڪن قبول ڪيو هو.

[b]هندستان جي هندن بابت هڪ پيشنگوئي
[/b]شاهه صاحب هندن جي رئيسن جو اسلام کي قبول ڪرڻ جو سبب ٻڌائيندي چوي ٿو ته ان جو اصلي ڪارڻ عموم نبوت آهي ۽ اها هڪ ڏينهن انهن کي به پنهنجي دائري تصرف ۾ آڻيندي.
آخر ۾ اسين شاهه صاحب جي ان دردمندانه اپيل جو خلاصو پيش ڪريون ٿا جا هن ان وقت جي هر طبقي کي ڪئي هئي جو زندگيءَ جي هر پهلوءَ کان مفلوج ٿي چڪو هو.
”مان بادشاهن کي چوان ٿو ته اي بادشاهو، هن وقت الله تعاليٰ جي مرضي هيءَ آهي ته توهان تراريون مياڻن مان ٻاهر آڻيو ۽ انهن کي ايستائين انهن ۾ نه موٽايو جيستائين الله تعاليٰ مسلمانن ۽ مشرڪن درميان فرق پيدا نه ڪيو آهي ۽ ڪمزور مسلمانن کي انهن جي هٿن مان آزاد نه ڪرايو آهي. توهان ڪافرن ۽ مشرڪن سان جنگ جاري رکيون اچو تان جو الله تعاليٰ جو دين غالب اچي. ان بعد الله تعاليٰ جو ارادو هيءُ آهي ته توهان ملڪ جي هر طرف جتي پهچڻ ۾ ٽي چار ڏينهن لڳي وڃن تتي هڪڙو عادل امير مقرر ڪريو، ۽ اهڙو انتظام رکو جيئن هر ڳالهه شرع جي موافق ٿيڻ لڳي.

[b]اميرن سپاهين وغيره کي شاهه صاحب جي نصيحت
[/b]مان اميرن کي چوان ٿو ته اي اميرؤ ڇا توهان خدا تعاليٰ کان نه ٿا ڊڄو؟، توهان دنيا جي فاني لذتن ۾ اهڙو لڳي ويا آهيو جو اوهان کي رعيت جو ڪو اونوئي نه آهي، نتيجو اهو نڪتو آهي جو انهن (رعيت) مان هڪڙا ٻين کي کائيندا رهن ٿا. ڇا توهان علي الاعلان شراب ڪو نه ٿا پيو؟ ڇا توهان زنا ۽ جوا جا اڏا قائم نه ڪيا آهن؟
ڇا اها حقيقت نه آهي ته هن هيڏي ساري ملڪ ۾ ست سو سالن کان شرعي حدون نه ٿيون لڳايون وڃن؟ جنهن کي ڪمزور ڏسو ٿا تنهن کي ڳڙڪائي وڃو ٿا ۽ جنهن کي طاقتور ڏسو ٿا تنهن کي ڇڏي ڏيو ٿا. توهان جا خيال لذيذ طعامن، حسين عورتن ۽ خوش نما ڪپڙن ۽ خوبصورت جاين رکڻ ۾ ئي گم آهن. توهان خدا تعاليٰ طرف ڪڏهن ڪنڌ به نه ٿا مٿي کڻو ۽ پنهنجن ڳالهين ٻولهين ۾ صرف زبان سان ان کي ياد ڪريو ٿا، ڄڻڪ ائين ڪرڻ سان (محض ان جي نالي وٺڻ سان) زماني ۾ انقلاب ايندو: ۽ چئو ٿا ته الله تعاليٰ قادر آهي تنهنڪري هو پاڻهئي انقلاب آڻيندو، مگر ياد رکو زماني ۾ انقلاب ائين هرگز نه ايندو آهي.
مان سپاهين کي چوان ٿو ته اي سپاهيو، الله تعاليٰ اوهان کي جهاد لاءِ کڙو ڪيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ اوهان کي استوار ڪيو آهي ته حق جي ڪلمي کي غلبو ڏياريو، شرڪ جون پاڙون پٽيو ۽ مشرڪن کي جهڪايو ۽ زير ڪريو، مگر توهان انهن ڳالهين کي ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجي مال کي وڌائڻ جي فڪر ۾ لڳي ويو. شراب پيو ٿا، ۽ ماڻهن کي ستايو ۽ ايذايو ٿا. خدا تعاليٰ کان ڊڄو ۽ جنگ ۾ صبر ۽ استقلال کان ڪم وٺو ۽ شرع جي پوري پابندي ڪريو.
امام صاحب هڪ ٻئي هنڌ هي لفظ به آڻي ٿو جي غور طلب آهن:
”مان، توهان ۾ هڪ ڌاريو ماڻهو آهيان، توهان مون کي پوريءَ طرح سڃاڻو ڪو نه ٿا. منهنجي مٿي تي تاج آهي ۽ منهنجي هٿ ۾ ترار آهي. منهنجي دل حليم آهي ۽ منهنجي زبان گهڻو مٺي آهي. اي انسانو، خدا ڏانهن موٽو، پاڻ ۾ صلح سان رهو، هڪ ٻئي خلاف نه بغض رکو ۽ نه هڪ ٻئي کان عليحدگي اختيار ڪريو. ياد رکو، مون سان جو دشمني ڪندو (۽ منهنجي تعليم کان منهن موڙيندو) سو سراسر نقصان ۾ ويندو.