مذهب

شاهه ولي الله ؓ جي تعليم

قرآن ۽ حديث، فقه ۽ تصوف، نبوت ۽ شريعت، فلسفو ۽ سياست، سماجي درجن ۽ موت کان پوءِ جي زندگيءَ متعلق حجة الاسلام امام شاهه ولي اللهؓ جي حڪمت ڀري تعليم جو بنيادي تعارف ۽ تفصيل.
Title Cover of book شاهه ولي الله ؓ جي تعليم

ارتفاقات

[b]انساني ارتفاق (تهذيب ۽ تمدن) جي چئن منزلن جو بيان
[/b]انسان کي هن دنيا ۾ زندگي گذارڻ جي دوران ڪيتريون ئي مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون. عقل وارن انهن مشڪلاتن مان ڪن جا حل ڳولي ڪڍيا آهن ۽ ڪن جي حل ڪرڻ جي ڳولا ۾ آهن. جن طريقن سان معاشي ۽ فڪري مشڪلاتن تي آنسانيءَ سان عبور حاصل ٿئي ٿو تن کي ارتفاقات يا مرافق چيو وڃي ٿو.
ارتفاق جو مادو ”رفق“ آهي جنهن جي معنيٰ آهي نرمي يا نرميءَ کان ڪم وٺڻ. ان جو مطلب هيءُ آهي ته انسان جي فائدي جون جيتريون به شيون آهن، سي ڪائنات ۾ موجود ته برابر آهن مگر اهي پاڻهيئي ته انسان جي ڪم ۾ نه ٿيون اچن. انسان، انهن کي راضي ڪري کانئن نرميءَ سان ڪم وٺي ٿو.

[b]انساني ارتفاق (تهذيب ۽ تمدن) جون چار منزلون آهن
[/b](1) جنهن ۾ انساني نوع جي مڙنئي فردن کي چند بنيادي شين جي ضرورت پوي ٿي، مثلا: کاڌو جنهن سان ماڻهو پنهنجو پيٽ پالي، ڪپڙو جهن سان هو پاڻ کي سرديءَ ۽ گرميءَ کان بچائي ۽ مڪان جنهن اندر هو پنهنجي جان کي حفاظت ۾ رکي. انهن گهرجن کي پورو ڪرڻ انسان جي طبعي گهرن مان آهي. ٻين لفظن ۾ اها انساني فطرت جي تقاضا هئي ته اهي شيون ان کي طبعي طور معلوم ٿي وڃن.
انهيءَ ڪري هو کيتي ٻاڙيءَ ڪرڻ جو ڪو نه ڪو طريقو ڳولي ڪڍي ٿو، پاڻيءَ جي انتظام لاءِ ڪو کوهه کوٽي ٿو ۽ اهڙي طرح سان پنهنجي بک لاهڻ لاءِ ڪچو پڪو کاڌو تيار ڪري ٿو. اڳتي هلي هو جانورن کي پنهنجو تابع ۽ مطيع بنائي ٿو ۽ انهن جي کلن ۽ وارن مان پنهنجي انگ ڍڪڻ لاءِ ڪو پوش ٺاهي ٿو. ان کانسواءِ دشمن کان محفوظ رهڻ خاطر ڪاٺين ۽ ڪانن مان پنهنجو گهر جوڙي ٿو، ۽ اهڙي طرح هو پنهنجي صنفي خواهش پوري ڪرڻ ۽ نسل کي قائم رکڻ لاءِ هڪ عورت کي (نڪاح ۾ آڻي) پاڻ وٽ رکي ٿو ۽ چاهي ٿو ته ٻيو ڪو به انهيءَ معاملي ۾ ساڻس مزاحمت نه ڪري.
ارتفاق اول جو مثال اسان کي حضرت آدم جي زندگيءَ مان ملي ٿو.
اول اول ۾ انسان کي اهڙين ڳالهين جو طبعي طور الهام ٿيو، جي جيڪڏهن ظهور ۾ نه اچن ها ته سندس حياتي باقي رهي نه سگهي ها.
انساني افرادن کي هي طبعي الهام اهڙي طرح سان ٿئي ٿو جهڙي طرح سان ماکيءَ جي مکين کي ٿئي ٿو ته هو ڪهڙن قسمن جي گلن جي رس چوسين، ڪهڙي طرح ماکي بنائين ۽ ڪهڙي طرح سان پنهنجو مانارو ٺاهين. پاڻ ۾ ڪيئن رلي ملي هلن ۽ پنهنجي راڻيءَ جي ڪهڙي طرح اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪن. مطلب ته حيوان جي هر هڪ نوع لاءِ جداگانه شريعت آهي جا ان جي نوعي صورت ذريعي ان جي فردن جي سينن ۾ پلٽي وڃي ٿي. هنن ڳالهين ۾ انسان سان باقي حيوانات به شريڪ آهي ليڪن انسان کي پنهنجي نوعي خصوصيت جي تقاضا موجب ٽي شيون وڌيڪ ڏنيون ويون آهن جي ٻين حيوانن ۾ ڪو نه آهن.

[b]رفاه عام جو تخيل
[/b](1) عام ڀلي جو خيال (رفاه عام جو تخيل) آهي. انسان جون حاجتون فقط طبعي ڪو نه آهن بلڪه هو انهن کان بالاتر شين جي به پاڻ اندر ضرورت محسوس ڪري ٿو. محض طبعي گهرجون ۽ ضرورتون جهڙوڪ: بک، اڃ، جنسي جذبو وغيره ئي ان کي عمل ڪرڻ تي آماده ڪو نه ٿيون ڪن، مگر منجهس عقلي گهرجون به آهن جي ان کي اهڙي نفعي جي طلب ۽ اهڙي نقصان کان پچڻ جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ اڀارينديون رهن ٿيون جن جي عقل گهر ڪري ٿو ۽ نه حيواني طبيعت.
هو هميشه هي خيال رکي ٿو ته مون کان اهڙا عمل صادر ٿين جي نه فقط مون کي فائدو پهچائن مگر عام جي ڀلي لاءِ به ڪارگر ثابت ٿين. ڪنهن وقت هو ڪنهن شهر ۾ هڪ صالح تمدني نظام قائم ڪرڻ جي تمنا رکي ٿو ۽ چاهيندو آهي ته منهنجو اخلاق مڪمل ۽ منهنجو نفس مهذب رهي.
دور رس فائدن جو لحاظ رکندي هو ويجهن نقصانن کي خوشيءَ سان برداشت ڪري ٿو. ڪن وقتن تي هو ڏورانهن نقصانن کي خيال ۾ رکي پنهنجا ويجها فائدا قربان ڪري ڇڏي ٿو. سندس ڪوشش اهائي رهي ٿي ته عزت ۽ شرف جو مالڪ بڻجان ۽ ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجو دٻدٻو قائم ڪريان.

[b]حسن ۽ جمال لاءِ شوق
[/b](2) حسن ۽ جمال لاءِ شوق آهي. ماڻهوءَ جي فطرت، حيوان وانگر فقط پنهنجي گهرج پوري ڪرڻ ۽ ان لاءِ سببن ۽ وسيلن کان ڪم وٺڻ تي قناعت نه ٿي ڪري. هوءَ هر چيز ۾ لطافت، حسن ۽ خوبيءَ جي ڳولا ۾ رهي ٿي. مثال طور حيواني حاجت محض غذاآهي جنهن سان بک رفع ٿئي ٿي ۽ زندگي برقرار رهي ٿي، مگر انسان ان ۾ به لذت ۽ ميٺاڄ جو طالب رهي ٿو. چاهي ٿو ته ڪپڙا سهڻا هجن ۽ گهر خوبصورت هجي ۽ زال به حسن واري ۽ سونهن ڀري هجي.

[b]ايجاد ۽ تقليد جو مادو
[/b](3) ايجاد ۽ تقليد جو مادو آهي. جهڙي طرح انساني حاجتن جي نوعيت، حيواني حاجتن جي نوعيت کان مختلف آهي، تهڙي طرح الله تعاليٰ جي طرف کان الهامي ڪيفيت به انسان جي باري ۾ ان الهام جي ڪفيت کان مختلف آهي جا حيوان سان تعلق رکي ٿي. برخلاف حيوانات جي انساني نوع جي سڀني فردن تي سندن سڀني حاجتن بابت هڪ قسم جو الهام نه ٿو ٿئي، بلڪه مختلف قسمن جي حاجتن لاءِ، مختلف وقتن ۾ سندن قابليت موافق مختلف قسمن جا الهام ٿين ٿا. انسان انهن الهامن کان مدد وٺي فائدي ۽ نفعي جا نهايت مفيد طريقا ڳولي ڪڍي ٿو. ڪي حاجتون ته ڪن ماڻهن جي دلين ۾ اچن ئي ڪو نه ٿيون ۽ ڪي اچن ته ٿيون مگر انهن جي پوري ڪرڻ جو ڪو بهتر طريقو انهن کي سجهي ئي نٿو. ڪنهن هڪڙي جي دل تي اهڙو الهام ٿئي ٿو ۽ هو هڪ ڪارآمد طريقو ايجاد ڪري ٿو ۽ بعد ۾ ٻيا سڀئي ان کان اهو طريقو سکن ٿا.
هاڻي هن پهرين منزل ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ ماڻهن لاءِ اهو ضروري آهي ته هو پاڻ ۾ جنهن کي وڌيڪ سمجهدار ۽ طاقتور ڏسن تنهن جا پوءِ لڳ ٿي سندس پيروي ڪن ته جيئن هو سندن ابتدائي تمدن کي بهتر بنائي سگهي ۽ آئي ويل سندن دشمن کي پنهنجي طاقت جي زور تي کانئن هٽائي سگهي.
ماڻهن ۾ پنهنجي لاءِ هڪ کي اڳواڻ ۽ رهبر ڪري چونڊڻ ۽ انهيءَ جي اڳواڻي ۽ رهبري هيٺ پنهنجي زندگي بسر ڪرڻ هڪ فطري ڳالهه آهي.
معاشره جي نشو و نما ۾ تقليد کي وڏي اهميت حاصل آهي. تقليد جيڪڏهن انسان جي جبلي خصوصيت نه هجي ها ته معاشري کي تڪميل تي رسڻ لاءِ ڪافي زمانو لڳي ها. تقليد لاءِ انسان آماده ۽ تيار هن ڪري آهي جو انسان، عقل جي لحاظ کان هڪ ٻئي کان گهڻو مختلف آهي. علاوه ان جي حسن ۽ لطافت جي جستجو، مفيد تدبيرن جي ايجاد، اصول ۽ قواعد جي پيروي ۽ غور ۽ فڪر ڪرڻ لاءِ فرصت جي اعتبار کان هر شسخص ٻئي کان مختلف آهي. هيءُ ڪم چند چونڊ ماڻهن جو ٿئي ٿو جي عقل ۽ فهم جا صاحب هجن، ۽ پوءِ ٻيا انهن جي پيروي ڪن.
انهيءَ اوائلي دور ۾ اهو به ضروري آهي ته انهن ساده لوح ماڻهن ۾ ڪجهه ٿورا عقلمند ۽ دانا به هجن جي انهن جي تمدني نظام جي ترقيءَ لاءِ سعي ۽ ڪوشش ڪندا رهن، ۽ منجهن اهڙا آدمي به پيدا ٿين جي خوشحالي ۽ صفائي سٿرائي جي زندگي گذارڻ پسند ڪن ۽ ان سان گڏوگڏ اهي بلند اخلاق ۽ وڏي همت وارا هجن ۽ منجهن سخا، بهادري ۽ عدل موجود هجي.

[b]ارتفاق اول انساني ارتقاء جو بنيادي پٿر آهي ۽ ان جي پابندي بني نوع انسان لاءِ بيحد ضروري آهي
[/b]هن درجي جي انساني ارتقاءَ (ارتفاق اول) کي جماعتي زندگي ۽ انساني معاشري جو سنگ بنياد چيو وڃي ٿو، ڇالاءِ جو هن درجي جي اجتماعي ڪمن کان انسان جو ننڍي ۾ ننڍو ٽولو به آزاد ۽ بي نياز رهي نٿو سگهي. ڪا به انساني جماعت پوءِ کڻي اها ڳوٺن ۽ شهرن کان ڪيترو به پري ڇو نه هجي. کڻي پهاڙن جي چوٽين يا بيابانن ۾ رهندڙ هجي، هن پهرين درجي جي اجتماعي ادارن کان خالي هرگز نظر نه ايندي.
الله تعاليٰ کي هن حقيقت جو علم هو ۽ ان جو اهو ارادو هو ته قرآن پاڪ، دنيا جي سڀني قومن لاءِ هدايت جو سرچشمو ثابت ٿئي ۽ اهو انهن جي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ۽ بهبوديءَ جو ڪفيل بڻجي. هن کي هي علم هو ته ارتفاقات جي جملي قسمن ۾ هيءُ پهريون ارتفاق اهڙو آهي جنهن کي دنيا جون سڀيئي قومون قبول ڪري سگهنديون .تنهن ڪري هن ارتفاق کي قائم رکڻ سندن لاءِ لازمي آهي.
ٻين لفظن ۾ اسين هيئن چونداسون ته هيءُ ارتفاق اهڙو آهي جنهن جي پابندي ڪرڻ بني نوع انسان جي سڀني قومن ۽ قبيلن لاءِ بي حد ضروري آهي. انهيءَ جي پابندي کانسواءِ انهن جو اجتماعي زندگي بسر ڪرڻ نه فقط دشوار مگر بالڪل ناممڪن آهي.

[b]ارتفاق ٻيو جو بيان
[/b]ارتفاق اول جي مسئلن کي صحيح تجربن جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ، ارتفاق ثانيءَ جو هڪ بنيادي اصول آهي. انهن ئي تجربن جي روشنيءَ ۾ ارتفاق جي هر شعبي ۾ اهي ڳالهيون اختيار ڪيون وڃن ٿيون جن مان نفعو زياده حاصل ٿئي ٿو ۽ نقصان گهٽ پوي ٿو. جيڪڏهن ڪا به اهڙي عادت ۽ رسم هن اصول سان ٽڪر کائيندي ڏٺي وڃي ٿي ته ان کي ترڪ ڪيو وڃي ٿو. هن ارتفاق ۾ پهريون ارتفاق جي آدابن جي نئين سر جاچ پڙتال ڪئي وڃي ٿي.
جيڪڏهن اهي آداب، ڪنهن ڪامل ۽ شريف جي نگاهه ۾ موچارا ۽ ڀلا آهن ته چڱو نه ته انهن ۾ مناسب تبديلي آندي وڃي ٿي ۽ انهن کي اصول ڪليه جي موافق بنايو وڃي ٿو. انهن آدابن جو هر پهلو ۽ طور طريقو هميشه راءِ ڪلي پٽاندر هجي ۽ منجهن سدائين عام مصلحت کي پيش نظر رکيو ويو هجي، ۽ جن اندر عمومي خوبين کي خصوصي مصلحت تي ترجيح ڏنل هجي.
هن ارتفاق ۾ انهن آدابن جو ذڪر آهي جي انسان جي کائڻ پيئڻ، نشست برخاست، خلوت ۽ جلوت، لباس ۽ رهائش، خوشي ۽ رنج جي موقعن وغيره سان تعلق رکن ٿا.
مثال طور کائڻ پيئڻ جي آدابن مان هيءُ آهي ته انسان، مرده جانور جو گوشت نه کائي، ۽ نه وري اهڙي جانور جو گوشت واپرائي جنهن جو مزاج اعتدال کان گهڻو هٽيل هجي. هڪ سليم فطرت ۽ معتدل مزاج انهيءَ کان يقيني طور نفرت ڪري ٿو. ان کانسواءِ کاڌو چڱيءَ طرح سان رڌل هجي ۽ اهو ڪنهن ٿانوَ ۾ رکي هٿ ۽ وات صاف ڪري کائڻ گهرجي. صاف پاڻي استعمال ۾ آڻجي ۽ اهو به ڪنهن ٿانوَ ۾ وجهي پئجي ۽ نه جانور وانگر پاڻيءَ ۾ ٻوٿ وجهجي.
عام صفائيءَ متعلق سندس لاءِ اهو ضروري آهي ته هو پنهنجو جسم صاف رکي ۽ هر پليدي ۽ غلاظت کان ان کي پاڪ ڪري. وات کي بدبوءِ کان بچائڻ لاءِ ڏندڻ ڏئي ۽ گرڙيون ڪري، بغل وغيره جا وار ڪوڙي، مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جي وارن کي پسنديده نموني ۾ ڪتري، لباس موچارو پائي ۽ مڪان صاف ۽ سٿرو رکي. لباس ۾ هيءُ لازمي ڄاڻي ته اهو اهڙو هجي جنهن سان انسان جي جسم جو اڪثر حصو ڍڪجي وڃي ۽ شرمگاهه کي ڍڪڻ لاءِ (ان لباس جي علاوه) ٻيو لباس به هجي.
ائينده جي حالتن کان پاڻ کي واقف رکڻ جو شوق انسان ۾ طبعي آهي ۽ ساري دنيا ۾ عام طور تي ان جو رواج آهي. انهيءَ لاءِ خوابن جي تعبير، رمل ۽ نجوم کان مدد ورتي وڃي، ڇا لاءِ جو تفائل وٺڻ جو عقيدو ٿورو ڪي گهڻو جهان جي سڀني قومن ۾ ڏٺو وڃي ٿو. انهيءَ ٻي منزل (ارتفاق) ۾ اهو به لازمي آهي ته انسان ڪوشش ڪري پنهنجي تقرير فصيح بڻائي ۽ گفتگو اهڙي ڪري جا چٽي ۽ عام فهم هجي.
ارتفاق ثاني ۾ گهرو زندگي (تدبير منزل) کي افضل ۽ عمدي طريقي تي قائم ڪرڻ به شامل آهي. ان ۾ چئن ڳالهين کي لحاظ ۾ آندو وڃي ٿو.

[b]نڪاح جو فلسفو
[/b]پهرين ڳالهه جو تعلق زال ۽ مڙس جي حقن ۽ احڪامن سان آهي. انسان کي جڏهن ته نوع کي باقي ۽ قائم رکڻ خاطر اولاد ڄڻڻ ۽ نسل وڌائڻ جي ضرورت هئي، تنهن ڪري اهو لازمي ٿي پيو ته زال ۽ مڙس پاڻ ۾ سهڻي نموني ۾ زندگي بسر ڪن. اولاد جي پرورش ۾ عورت جو حصو طبعي طور زياده آهي ۽ خانه داري (گهر هلائڻ) ڪمن کي بهترين صورت تي سرانجام ڏيڻ جي قابليت منجهس ڪامل طور موجود آهي. سندس فطرت ۾ اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ جو مادو نسبتا زياده آهي.
مرد جون وصفون بلڪل مختلف آهن. هو عقل ۽ سمجهه، معامله فهمي ۽ ڪمن کي اڪلائڻ ۾ يقيني طور عورت تي فوقيت رکي ٿو. مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پيش قدمي ڪرڻ، محنت ۽ مشقت جي ڪمن کي پورو ڪرڻ گويا سندس کاٻي هٿ جو کيل آهي. حاڪمانه اختيارات استعمال ڪرڻ طرف هو طبعا (طبيعت ڪري) مائل آهي. اهي ٻئي پنهنجي عليحده عليحده خصوصيتن جي باوجود منزلي (گهرو) نظام کي بهترين طريقي تي هلائڻ لاءِ هڪ ٻئي جا محتاج ۽ مددگار آهن.
مرد ڇاڪاڻ ته غيرتمند آهي ۽ مردانگيءَ جا جذبات منجهس ڪامل طور تي موجود آهن. تنهنڪري ضروري آهي ته هر مرد جي لاءِ هڪ مخصوص عورت هجي نه ته هو پاڻ ۾ وڙهي مرندا. مرد ۽ عورت جو نڪاح هڪ کليل مجلس ۽ اعلان ذريعي ڪيو وڃي ته جيئن ٻي ڌر جنهن کي ان عورت سان نڪاح ڪرڻ جو خيال هو، سا هميشه لاءِ هٿ کڻي وڃي.
مرد کي جڳائي ته مهر ڏيڻ سان گڏوگڏ ڪجهه ٻيو به شادماني ۽ خوشيءَ ۾ خرچ ڪري ته جيئن عورت جي دل ۾ سندس لاءِ پيار ۽ محبت وڌي. شاديءَ بعد گهرو زندگيءَ کي بهتر ۽ دلچسپ بڻائڻ لاءِ زال مڙس تي فرض آهي ته هو هڪ ٻئي جي مدد ڪن ۽ نفعي ۽ نقصانن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿين. ڪڏهن انهن درميان اهڙيون ناگوار حالتون به پيدا ٿي پون ٿيون جو سندن وڌيڪ عرصي لاءِ گڏجي رهڻ سندن لاءِ ناممڪن ٿي پوي ٿو، تنهن ڪري جيڪڏهن سندن گڏجي رهڻ جا امڪان نظر نه اچن ته پوءِ بهتر آهي ته هو هڪ ٻئي کان طلاق ذريعي هميشه لاءِ جدا ٿي وڃن ته جيئن زندگيءَ جو باقي عرصو ڪنهن چڱي نموني ۾ صرف ڪن.

[b]اولاد جي پرورش ڪيئن ڪجي
[/b]ٻي ڳالهه جا تدبير منزل لاءِ بلڪل لازمي آهي، سا هيءَ آهي ته اولاد جي چڱي طرح پرورش ڪئي وڃي، انهن کي عمدي تربيت ڏني وڃي ۽ علم ۽ تعليم جي زيور سان کين خوب آراسته ڪيو وڃي. سندن صحت ڏانهن غير معمولي ڌيان ڏنو وڃي ۽ انهن جي اخلاق جي سڌاري لاءِ مناسب ماحول پيدا ڪيو وڃي. موٽ ۾ اولاد تي اهو فرض واجب آهي ته هو انهن جي تڪليفن ۽ ڏکن کي خيال ۾ رکن جي سندن والدين سندن خاطر ئي سٺا ۽ ڏٺا ۽ پوءِ انهن جي تعظيم ۽ احترام ڪن ۽ انهن جو چيو مڃين، ساڻن ڪڏهن به تکو نه ڳالهائين ۽ ساڻن اهڙو سلوڪ ۽ احسان ڪن جهڙو هنن انهن سان ڪيو هو.
ٽين ڳالهه آقا ۽ غلام جي باهمي تعلقات سان واسطو رکي ٿي. ظاهر آهي ته سڀئي ماڻهو هڪ ئي طبيعت جا ته ڪو نه خلقيا ويا آهن. انهن ۾ ڪي طبعي طور سعادت پسند ۽ آقا بڻجڻ جا خواهشمند رهن ٿا، ۽ انهن ۾ گهڻا اهڙا آهن جن کي الله تعاليٰ مال ۽ دولت بخشي آهي. ان سان گڏ انهن کي عقل، فهم ۽ سياست مان به جهجهو حصو ڏنو ويو آهي. برخلاف انهن جي ٻيا ماڻهو بيوقوف، بي هنر ۽ اڻ گهڙيا ڪاٺ هوندا آهن. انهن جي وچ ۾ هي اختلاف انهن جي استعداد جي اختلاف جو نتيجو آهي.
اهو ئي ته سبب آهي جو اسين ڏسون ٿا ڪي انسان ڄائي ڄم کان تيز فهم ۽ روشن دماغ هوندا آهن ته ڪي وري ڪندفهم ۽ موڳا هوندا آهن، ۽ هيءُ ظاهر ۽ عيان آهي ته بهتر طريقي تي زندگي بسر ڪرڻ لاءِ هو هڪ ٻئي جا محتاج آهن، ۽ هڪ جي خوشي ۽ راحت ٻئي جي خوشي ۽ راحت سان ڳنڍيل آهي. انهيءَ ڪري اهو بالڪل ضروري آهي ته هو هن باهمي رشتي کي مضبوط ۽ قائم رکن ۽ رنج ۽ راحت (ڏک ۽ سک) ۾ هڪ ٻئي جا شريڪ ٿي رهن.
سوسائٽيءَ جي نظام کي عمدي طريقي تي قائم رکڻ ۾ مالڪي ۽ مملوڪي رشتي کي وڏو دخل آهي، تنهن ڪري انهن درميان باهمي حقن جي مقرري لازمي آهي ته جيئن ڪن خاص حالتن ۾ غلام پنهنجي آغا کان آزادي حاصل ڪري سگهي.

[b]محتاجن جي مدد تمدني نظام جو ضروري جزو آهي
[/b]چوٿين ڳالهه باهمي نشست برخاست ۽ ساٿ، سنگت جي حقن سان واسطو رکي ٿي. هاڻي هيءَ هڪ حقيقت آهي ته سوسائٽيءَ جا ڪي افراد اهڙا به هوندا آهن جي پنهنجن ضرورتن کي عدم استطاعت ۽ اڻ هوند سبب پورو ڪري نه ٿا سگهن. ان کانسواءِ ڪي بيماريون ماڻهن کي ڪم ڪرڻ کان ويهاري ڇڏن ٿيون. انهن حالتن ۾ جيڪي ڌن ۽ دولت جا ڌڻي آهن تن تي واجب آهي ته هو انهن جي وسعت آهر مدد ۽ امداد ڪن. اهو ته سبب آهي جو دنيا جي مدبرن ۽ عاقلن، محتاجن جي دستگيري ڪرڻ ۽ مصيبت زدن سان همدردي ڪرڻ، تمدني نظام جو هڪ لازمي جزو قرار ڏنو آهي. بهرحال محتاج ۽ غير محتاج جا تعلقات ايترو ته گهاٽا هئڻ گهرجن جو انهن مان هڪ، ٻئي جي نفعي نقصان کي پنهنجو نفعو نقصان تصور ڪري. اهڙو گهاٽو تعلق قريبي رشته دارن ۾ طبعا گهڻو ٿئي ٿو ۽ ان جو هڪ سبب هيءُ به آهي ته، هڪ جي مرڻ بعد ٻيو ان جي ترڪي جو وارث ٿئي ٿو. (۽ ان جي ميراث جو مستحق بڻجي ٿو).
ضرورت جي وقت رشته دارن جي هڪ ٻئي کي مدد ڪرڻ جنهن کي شرع جي زبان ۾ صلئه رحمي چيو وڃي ٿو هڪ زياده اهم ۽ تاڪيدي فرض آهي.
پهريون ارتفاق انسان جي ترقيءَ جي پهرين منزل آهي جڏهن انساني نوع اڃان ايترو ڦليو ڦوليو نه هو. ماڻهو جهنگلن ۽ ننڍڙن ڳوٺن ۾ رهندا هئا ۽ پنهنجي جماعت مان ڪنهن وڏي جي چئي هيٺ هلندا هئا. انساني معاشره جو هيءُ ابتدائي دور هو. زمانو گذرندو رهيو ۽ انسان ذات جا اڳ ۾ قلت ۾ هئي سا ڪثرت ۾ تبديل ٿي ويئي ۽ ان جا افراد ڪيترن ئي هزارن کي وڃي پهتا. زندگيءَ ۾ تنوع (گونا گوني) ۽ باهمي معاملن ۾به انهيءَ ڪري مناسب اضافو اچي ويو. انهن جا ننڍڙا ڳوٺ وڏن شهرن جي صورت وٺي ويا ۽ هڪ چڱو خاصو تمدني نظام ٺهي ويو. ان اندر رهي ڪري هو پنهنجون زندگيون گذارڻ لڳا. هيءَ شهري زندگي، ارتفاق ثانيءَ جو ٻيو نالو آهي جنهن جو ذڪر هينئر بيان ٿي چڪو.
ان کان پوءِ ٽيون ارتفاق شروع ٿئي ٿو، ليڪن انساني معاشري جا هي چار درجا هڪ ٻئي کان پوءِ ترتيب وار ايندا آهن. ائين ڪو نه ٿو ٿئي ته جو ٻيو درجو پهرين کان اڳ ۾ وجود ۾ اچي. سوسائٽي ارتقاءَ جي هر ٻئي ڏاڪي تي تڏهن قدم رکي ٿي جڏهن ان پهريون ڏاڪو لنگهي پار ڪيو آهي. ها، هيءُ هروڀرو ضروري نه آهي ته هر ٻيو درجو ايستائين نه اچي جيستائين پهريون درجو هر اعتبار کان مڪمل نه ٿيو آهي ۽ ان جو هر پهلو حسن ۽ خوبيءَ جي معيار وٽان نه آهي.

[b]معاشري جي هر درجي ۾ ٻن قسمن جا عناصر هوندا آهن
[/b]شاهه صاحب جو چوڻ آهي ته معاشري جي هر درجي ۾ ٻن قسمن جا عنصر ٿين ٿا. ڪي عنصر انهيءَ درجي جا رڪن هوندا آهن جن کانسواءِ معاشري جو هي درجو وجود ۾ ئي نه ٿو اچي سگهي، ۽ ڪي عنصر هر درجي ۾ اهڙا به هوندا آهن جي جيڪڏهن نه به هجن ته به ان معاشري جو وجود قائم رهي ٿو، البته ان ۾ حسن ۽ خوبيءَ جي ڪمي رهي ٿي.
انسان معاشري جي هر ٻئي درجي تي ان حالت ۾ به پهچي وڃي ٿو جو معاشري جي پهرين منزل جا فقط رڪن موجود هجن. پهرين درجي ۾ حسن ۽ خوبي پيدا ڪرڻ وارا عنصر ٻيءَ منزل تي قدم رکڻ بعد به پيدا ٿي سگهن ٿا، بلڪه ڪن وقتن تي ته معاشري جي هر مٿانهين درجي ۾ پهچي انسان هيٺانهين درجي جي عنصرن ۾ حسن ۽ خوبي، ڪمال ۽ شائستگي پيدا ڪرڻ تي زياده قادر ٿي ويندو آهي.

[b]ارتفاق ٽيون
[/b]هي ارتفاق سياست مدن (وڏن شهرن جي انتظام) سان تعلق رکي ٿو جنهن ۾ مختلف شهرن جي مختلف باشندن جي باهمي تعلقات کي بهتر نموني تي قائم رکيو وڃي ٿو.
هن ۽ ٻئي ارتفاق جو نمونو اسان کي حضرت سليمان جي زندگيءَ مان ملي ٿو.
هن ارتفاق (معاشري) اندر ساري قوم پوءِ کڻي ان جي فردن جو تعداد لکن ڪروڙن تائين ڇو نه هجي هڪ واحد شخص مثل سمجهي وڃي ٿي، تنهن ڪري جيڪڏهن قوم جي ڪنهن به فرد کي ڪو نقصان پهچي ٿو يا رنج رسي ٿو ته ان کان ساري قوم متاثر ٿئي ٿي، جيئن جڏهن جسم جي ڪنهن حصي کي ڪو دک پهچي ٿو ته ان جو اثر انسان جي ساري جسم تي پوي ٿو. هن منزل تي ماڻهن جون گهرجون ڳاڻيٽي کان ٻاهر ٿي وڃن ٿيون ۽ ماڻهو انهن سڀني ۾ شائستگي، صفائي ۽ عمدگي چاهي ٿو.
هاڻي ڇا ڪاڻ ته هي ناممڪن آهي جو هرڪو شخص پنهنجون سموريون گهرجون نهايت عمدي طريي سان پوريو ڪري سگهي، تنهنڪري انهن کي پاڻ ۾ رلي ملي رهڻ ۽ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيئي اجتماعي زندگي گذارڻي پوي ٿي، جنهن کي تمدن سڏيو وڃي ٿو. هن معاشري ۾ افراد هڪ اهڙي هنڌ تي پهچي وڃن ٿا جتي هڪ جو ڌنڌو ٻئي کان عليحدو ٿي وڃي ٿو جنهن ڪري منجهن باهمي تعاون ۽ امداد جي زياده ضرورت پيدا ٿئي ٿي ۽ پوءِ لازمي طور منجهن هڪ سياسي نظام پيدا ٿي وڃي ٿو جنهن جي ان وقت کين اشد ضرورت پوي ٿي.
باهمي ڏيتي ليتي قائم رکڻ لاءِ انهن کي سڀني شين کان اول ڪنهن مبادلي جي جنس جي ضرورت پوي ٿي، جا هو گهڻي سوچ ۽ سمجهه بعد سون ۽ چاندي جي سڪن کي جاري ڪرڻ سان پوري ڪن ٿا. انهن جا ڌنڌا ۽ ڪاروبار ڇاڪاڻ ته مختلف ٿي وڃن ٿا ۽ هر هڪ پنهنجي پيشي کي لڳي ان ۾ عمدگي پيدا ڪرڻ ۾ ڪوشان رهي ٿو، تنهن ڪري تمدن جي صحيح معنيٰ ۾ تڪميل ٿئي ٿي.
هاڻي جڏهن ته اهل مدينه جن کي اڄ ڪلهه جي اصطلاح ۾ اهل تمدن سڏجي ٿو. عدد ۾ بيشمار آهن تنهن ڪري هيءُ ممڪن ئي نه آهي ته هو سڀئي هر وقت هڪ عادلانه نظام جا پابند رهن ۽ ڪڏهن به ان جي خلاف ورزي نه ڪن. انهيءَ ڪري اهڙي حڪمران شخصيت جو هئڻ ضروري آهي جنهن کي وڏن ۽ سمجهدارن متفق طور يا غالب اڪثريت ذريعي چونڊيو هجي، ۽ هو پاڻ ۾ اهڙي صلاحيت ۽ طاقت رکندڙ هجي جو ماڻهن کي مقرر ٿيل قانون جي پيروري ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري سگهي ته جيئن بدامني افراط ۽ تفريط ڦهلجي نه سگهي.

[b]هڪ حاڪم جون وصفون
[/b]هن حاڪم يا بادشاهه جي وصفن مان هيءَ به آهي ته هو پسنديده اخلاق رکندڙ هجي، بهادر ۽ دل جومضبوط هجي، ورنه ماڻهو ان کان نفرت ڪندا ۽ دشمن ۽ شرارت پسند کانئس مرعوب ٿي نه سگهندا. ان کانسواءِ اهڙي حاڪم جو بردبار ۽ متحمل مزاج هئڻ ضروري آهي ۽ ان سان گڏ ملڪ جي انتظام سنڀالڻ جو پورو پورو سليقو رکندڙ هجي. معزز ۽ شريف هجي ۽ هميشه رعيت جي فلاح ۽ بهبوديءَ جو اونو رکندڙ هجي. ماڻهن جون دليون وٺڻ ۽ پاڻ کي پنهنجي خلوص دلي ۽ ڪارڪردگيءَ ذريعي انهن وٽ مقبول بڻائڻ جو ڍنگ ۽ هنر به ڄاڻي.
ٻين لفظن ۾ جيئن شڪاري پنهنجي شڪار کي هٿ ڪرڻ ۾ هر هنر ۽ چالاڪيءَ کان ڪم وٺندو آهي تيئن هيءُ به پنهنجي رعيت کي محبت جي دام ۾ ڦاسائڻ لاءِ ڪا به ڪسر باقي نه ڇڏي. جيتوڻيڪ بادشاهه يا حڪومت جي لاءِ پنهنجي رعايا سان فياضانه سلوڪ رکڻ مناسب آهي تڏهن به مجرمن کي سزا ڏيڻ ۾ سستي کان ڪم نه ورتو وڃي، پر جيستائين ڪنهن مجرم جو جرم پوريءَ طرح سان ثابت نه ٿيو آهي تيستائين جلد بازيءَ کان ڪم هرگز نه ورتو وڃي. حڪومت جي پرزن مان جو به پرزو ايمانداريءَ ۽ ديانتداريءَ سان ڪم ڪري تنهن جي هر نموني سان حوصله افزائي ڪئي وڃي.
مطلب ته حاڪم اهڙو روشن دل ۽ مردم شناس هجي جو هر شخص کي محض ڏسڻ سان ان جي اندروني حالات کان واقف ٿي وڃي ۽ ايتريقدر ته اونهي ۽ ڊگهي نظر رکندڙ هجي جو جنهن به معاملي تي نظر وجهي تنهن جي نتيجن کان باخبر ۽ آگاهه ٿي وڃي.
جڏهن ملڪ جو حاڪم اڪيلي سر ساري انتظام کي هلائڻ کان قاصر آهي تڏهن حڪومت جي هر شعبي جي نظام کي صحيح طريقي تي هلائڻ لاءِ هو سچ پچ مددگارن جو محتاج آحي. هر ڪم ۽ خدمت لاءِ لائق ۽ پر خلوص آفيسر کي رکيو وڃي جنهن کي پنهنجي فرض جي بجا آوريءَ جو پورو احساس هجي.
مقرري وقت هن ڳالهه جو ضرور خيال رکيو وڃي ته ڪنهن اهڙي شخص کي حڪومت ۾ ڪو عهدو نه ڏنو وڃي، جنهن جي جيڪڏهن بعد ۾ ڪا خيانت يا ناقابليت ظاهر ٿي پوي ته ان کي موقوف ڪرڻ ڏکيو ٿي پوي. اهڙا ماڻهو به هوندا آهن جي ڪنهن نه ڪنهن ذاتي غرض سبب حڪومت اندر داخل ٿي وڃن ٿا، تن کي ڪنهن نه ڪنهن تدبير ۽ حيلي سان سڌي رستي تي آندو وڃي ته جيئن هو حڪومت جا سچا وفادار بڻجي پون. ٻيءَ حالت ۾ انهن کان واڳون ڇڏايون وڃن.
حاڪم (خليفي) کي هيءَ حقيقت وسارڻ نه گهرجي ته هو ڪنهن به ڪارڪن کان ان جي ذاتي ۽ جبلي استعداد کان زياده ڪنهن به ڪم جي اميد رکي نه ٿو سگهي، ڇالاءِ جو ڪو به شخص پنهنجي استعداد کان اڳتي وڌي نه ٿو سگهي.

[b]بيت المال ڇو ضروري آهي
[/b]حڪومت جي ايڏي وڏي ڪاروبار کي هلائڻ لاءِ پيسي جي ضرورت پوي ٿي، جنهن لاءِ هڪ بيت المال قائم ڪيو وڃي ٿو، جنهن جي آمدني مختلف قسمن جي ٽئڪسن مان ٿئي ٿي. مالدارن جو اهو فرض آهي ته هو مناسب ٽئڪسن ڏيڻ کان نه نٽائين، ڇاڪاڻ ته جو ڪجهه بيت المال ۾ ڪٺو ٿئي ٿو سو غريب عوام جي ڀلائيءَ خاطر خرچ ڪيو وڃي ٿو، ۽ ان مان حڪومت جو مقصد فقط عوام جي خوشحالي هوندو آهي ۽ بس.
ٽئڪس لڳائڻ وقت هميشه عدل کان ڪم ورتو وڃي ۽ رعيت جي آمدنيءَ تي غير معمولي بار نه وڌو وڃي، ٽئڪس محض انهن ماڻهن کان اُڳاڙي وڃي جن وٽ دولت ۽ سرمايو آهي، يا جن وٽ اهڙو مال آهي جو ڏينهون ڏينهن وڌندو رهي ٿو ۽ جي صنعت ۽ حرفت جا مالڪ آهن، مگر اهو ٽئڪس به انهن تي ان حالت ۾ لڳايو وڃي جڏهن انهن جي آمدني انهن جي زندگيءَ جي ضرورتن کان وڌيڪ هجي.
پنهنجي قوم کي اندروني ڪمزورين ۽ بيروني خطرن کان محفوظ رکڻ لاءِ بادشاهه (يا حاڪم) کي پنهنجي لشڪر ۽ فوج جي بهتر نموني ۾ تنظيم ڪرڻي آهي ۽ ان لاءِ کيس اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻيون آهن جو فوج هميشه وفادار، منظم ۽ نهايت طاقتور رهي.
فوج تي مڪمل اعتماد ئي تڏهن ٿي سگهندو جڏهن حڪومت سڀڪجهه سواءِ ڪنهن غرض جي پنهنجي رعيت جي ڀلي لاءِ ڪندي رهندي. حڪومت جيترو پنهنجي عوام ۾ مقبول هوندي اوترو سندس فوج وفادار رهندي ۽ آئي ويل دشمن سان بي جگريءَ سان لڙندي. چند ماڻهن جي بيجا عياشي خاطر فوج پنهنجو پاڻ کي برباد ڪا نه ڪندي.
ٽئين ارتفاق ۾ سياسي نظام کي مٿيون سڀ ڳالهيون خيال ۾ رکڻيون پون ٿيون ۽ انساني معاشري کي تندرست رکڻ لاءِ ان کي پنج ڪم سرانجام ڏيڻا پون ٿا.

[b]انساني معاشري کي تندرست رکڻ لاءِ پنجن ڪمن جي ضرورت
[/b](١) حرص، ڪنجوسائي ۽ حسد جهڙين ناپاڪ خصلتن سبب معاشري جي افرادن ۾ اختلاف پيدا ٿي پون ٿا. جيڪڏهن انهن اختلافن کي دور نه ڪيو ويو ته باهمي جهڳڙن، قتل ۽ غارت جي نوبت اچي وڃي ٿي، تنهن ڪري هن سياسي نظام جو فرض آهي ته انهن جي باهمي جهڳڙن جو منصفانه فيصلو ڪري ۽ ان اندر ايتري طاقت به ضرور هجي جو هو اهي اختلاف ختم ڪري سگهي.
(2) معاشري جا بعض افراد برين عادتن ۽ ناپاڪ اختلافن ۾ گرفتار ٿي وڃن ٿا. انهن تي حيواني خواهشن جو پردو چڙهي وڃي ٿو. اهڙن ماڻهن کي ڌمڪايو ۽ ڊيڄاريو وڃي ته جيئن هو پنهنجن ناپاڪ ارادن کان باز اچن. ٻيءَ حالت ۾ هيءَ انديشو رهي ٿو ته هن سبب ڪري معاشرو ڪنهن تباهه ڪن مرض ۾ ڦاسي نه پوي.
(3) معاشري ۾ اهڙا ماڻهو به هوندا آهن جي اجتماعي نظام کي درهم برهم ڪرڻ جي درپي رهندا آهن. ائين ڪرڻ سان انهن جو مقصد اهو هوندو آهي ته ٻين ماڻهن جو مال لٽيو ۽ ۽ ڦريو وڃي، يا وري سندن مراد هيءَ هوندي آهي ته حڪومت تي قبضو ڪري پنهنجي ناجائز حوصلن جي باهه کي وسائين. اهڙا شرير، گهڻائي ويڙهو ۽ جنگجو ماڻهو پاڻ سان شريڪ ڪندا آهن. انهيءَ ڪري انساني سوسائٽي کي حفاظت ۾ رکڻ لاءِ سياسي نظام ۾ اهو ضروري آهي ته انهن سان جهاد ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهي.
(4) انساني اجتماع کي بهترين شڪل ۾ قائم رکڻ لاءِ امت جي مفڪرن جي سامهون هر زماني ۾ هڪ نصب العين هوندو آهي. سندن مراد اها هوندي آهي ته انهن جو معاشرو ان نصب العين جي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳو رهي ۽ معاشري ۾ عدالت پنهنجي پوري ڪمال سان موجود هجي، تنهنڪري سياسي نظام لاءِ اهو ضروري آهي ته هو انهيءَ مقصد جي حصول لاءِ جدوجهد جاري رکي.
(5) دنيا جي جهڳڙن ۾ ڦاسي ڪري انسان پنهنجي اخلاقي ۽ مذهبي تقاضائن کي وساري وهندو آهي ۽ صحيح دين ۽ ان جي فرائض کان غافل رهندو آهي. سياسي نظام جو اهو فرض آهي ته هدايت ۽ نصيحت ذريعي انسان کي هن غفلت کان بيدار ڪري.

[b]ارتفاق چوٿون
[/b]هن ارتفاق ۾ مختلف قومن جي باهمي تعلقات تي بحث ڪيو وڃي ٿو.
هاڻي جڏهن ملڪ جون سرحدون دور دور تائين قائم ٿي وڃن ٿيون ۽ انساني آبادي به اندازي کان ٻاهر نڪري وڃي ٿي تڏهن سارو ملڪ مختلف صوبن ۾ ورهائجي وڃي ٿو، جنهن کي پوءِ مختلف صوبن جا گورنر هلائين ٿا. هر صوبي وٽ پنهنجي آمدنيءَ جا ذريعا رهن ٿا ۽ پنهنجي محافظ فوج متعين رهي ٿي، پر ڇاڪاڻ ته ماڻهن جي طبيعتن ۾ اختلاف آهي ۽ انهن جون لياقتون به الڳ الڳ آهن. تنهن ڪري انهن ۾ جهيڙا جڳهڙا شروع ٿين ٿا ۽ هو صحيح راهه کي ڇڏي ڏنگا رستا اختيار ڪن ٿا. منجهن بغض ۽ حسد پيدا ٿئي ٿو جنهن ڪري هڪ ٻئي جي مال ۽ ملڪيت، زمين ۽ جائداد کي هڙپ ڪرڻ لاءِ حريض بڻجي وڃن ٿا.

[b]خليفي يا حاڪم جي ضرورت
[/b]جڏهن حالتون اهڙو روپ وٺن ٿيون تڏهن انهن کي ضرور هڪ اهڙي خليفي (بادشاهه) جي ماتحت ٿي رهڻ جي ضرورت پيش اچي ٿي جنهن وٽ ايتري فوجي طاقت هجي جنهن سان ڪو به لڙي نه سگهي. پوءِ جڏهن اهڙو طاقتور خليفو (مرڪزي قوت) ملي وڃي ٿو جو پاڻ به صالح نظام جو تابع آهي، تڏهن پوءِ ٻيون سڀ طاقتون ان جي اڏو خوشيءَ يا ناخوشيءَ سان جهڪي پون ٿيون ۽ سندس حڪم ۽ فرمان جون تابعدار رهن ٿيون، ۽ انهن ماڻهن جي پوءِ اجتماعي زندگي نهايت ئي امن ۽ اطمئنان ۽ خوشحالي ۾ بسر ٿئي ٿي.
اهڙي زبردست خليفي کي به ڪن وقتن تي جهاد ۽ جدال جي ضرورت پيش اچي ٿي. هر قوم ۾ شرارت پسند ماڻهو رهن ٿا ۽ انهن مان ڪي نفساني خواهشن ۾ حد کان وڌيڪ مشغول ٿي وڃن ٿا ۽ تمدني نظام ۾ هميشه خلل جو باعث بڻجن ٿا.
اهڙن ماڻهن کي طاقت جي زور تي قانون جو پابند ڪرايو وڃي. انهن ۾ اهڙن جي وجود کي ئي بالڪل ختم ڪيو وڃي جي اڳتي هلي ساري قوم لاءِ هڪ ناسور ثابت ٿين. ڪن حالتن ۾ حڪومت جي سڪي ڄمي وڃڻ کان پوءِ به اهڙيون حالتون پيدا ٿين ٿيون جن ۾ خليفي کي تلوار کڻڻي پوي ٿي، ڇالاءِ جو درنده صفت ماڻهو قتل ۽ غارت کي پنهنجو پيشو کڻي ٿا بڻائين جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ بدامني ۽ فساد پيدا ٿئي ٿو.
لڙايون جيئن جو معلوم آهي ساز ۽ سامان کانسواءِ لڙي نه ٿيون سگهجن. انهيءَ ڪري اهو ضروري آهي ته خليفي (مرڪز) جو خزانو ڀرپور هجي ۽ وٽس فوجي طاقت ڪافي هجي جيئن هر فسادي ۽ فتني ساز جي سرڪوبي ڪري سگهي.
اهڙي خليفي (حاڪم) لاءِ اهو لازمي آهي ته هو جنگ ۽ صلح جي موقعن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندو هجي ۽ مخالفن جي طاقت کي ايترو گهٽائي ۽ ڪمزور ڪري ڇڏي جو هو وري سر مٿي کڻي نه سگهن.
هر باغي ۽ دشمن جي ملڪ۾ پنهنجي جاسوسيءَ جو ڄار پکيڙي ڇڏي جيئن انهن جي خفيه سرگرمين کان واقف ٿي وقت سر اهڙي مرض جو علاج ۽ ازالو ڪري ڇڏي. حڪومت جي خير خواهن کي سرفراز ڪري ۽ نوازي ۽ پنهنجي فوج جي مناسب قدرداني ۽ حوصله افزائي ڪري.
بهرحال سندس دشمن ايترو جهڪيل هجي جو هو پنهنجي وفاداريءَ جو ثبوت قول ۽ فعل ٻنهي سان ثابت ڪري ڏيکاري. انهيءَ جي فقط زباني لفظن تي ايستائين ڪفايت نه ڪئي وڃي جيستائين هو پنهنجي خلوص جو پڌرو ثبوت پيش نه ڪري. سندس ئي نالي ۾ هر هنڌ خطبو پڙهيو وڃي جيئن اڄ ڪلهه اسان جي ملڪ ۾ جمعه ۽ عيد تي ڪيو وڃي ٿو ۽ سندس ئي نالي ۾ سڪو هر هنڌ جاري ۽ مقبول هجي.

[b]ارتفاق جي اصولن تي دنيا جي سڀني قومن جو اتفاق آهي
[/b]دنيا جي سڀني قومن جو باوجود ملڪي ۽ مذهبي اختلاف جي، اصولي طور تي انهن ارتفاقن تي اتفاق آهي. سڀئي انهن جي خوبين کي مڃين ٿا ۽ انهن جي پابندي ضروري سمجهن ٿا. اها ڳالهه خود هن حقيقت جي شهادت ڏئي ٿي ته هي سڀ ڪجهه نوعي صورت جي فطري تقاضا جو نتيجو آهي.
ايئن کڻي سمجهو ته ڪنهن انسان جي پئدائش هڪ غيرآباد هنڌ تي ٿئي ٿي جنهن ڪري هو رسمي تعليم کان بي بهره رهجي وڃي ٿو، پر تنهن هوندي به ان کي پنهنجي بک اڃ ۽ صنفي خواهش کي پوري ڪرڻ جي ضرورت پيش ايندي ۽ هو، گرمي، سردي ۽ بارش وغيره کان بچڻ لاءِ به ڪنهن نه ڪنهن جاءِ جو محتاج ٿيندو. صنفي خواهش ان کي ضرور مجبور ڪندي ته هو ڪنهن عورت سان جائز يا ناجائز ازدواجي تعلق پيدا ڪري، جنهن جو نتيجو اولاد جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو، ۽ ڪجهه مدت کان پوءِ توالد ۽ تناسل جي سلسلي جاري رهڻ ڪري ان جو نسل به يقينا وڌندو. گهرن جي تعداد ۾ به اضافو ٿيندو ۽ هڪ ڪٽنب ۽ قبيلو ٺهي وڃي هڪ قوم جي شڪلا ختيار ڪندو. آبادي وڌي وڃڻ ڪري انهن جي وچ ۾ ڏي وٺ ۽ ٻيا اهڙا تعلقات قائم ٿي ويندا. انهيءَ اجتماعي زندگيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ لازمي طور پهريائين ارتفاق (1) پوءِ (2) ان بعد (3) ۽ آخر ۾ ارتفاق (4) جي ضرورت پيش ايندي ۽ هڪ چڱو موچارو تمدن (معاشرو) ظهور ۾ اچي ويندو.

[b]انسان جي عمراني زندگي جي چئن منزلن جو تت يا اختصار
[/b]مطلب ته انسان جي زندگيءَ جون چار منزلون آهن، پهرين منزل ۾ انسانن جي سوسائٽيءَ حيوانن جي زندگيءَ کان ٿورو مٿڀرو، هڪ ٻهراڙي ۽ ديهاتي زندگي مثل آهي. ٻيءَ ۾ سندن سوسائٽيءَ ترقي يافته شهري زندگي وانگر اهي (جيئن ڪا ميونسپالٽي هجي) ۽ ٽين منزل ۾ هنن (انسانن) جي هڪ قومي زندگي قائم ٿي وڃي ٿي، جنهن ۾ انسانن جو تعداد ڪافي وڏو ٿئي ٿو ۽ انهن جي باهمي تعلقات ۾ گهڻو گهڻو اضافو اچي وڃي ٿو. ٻين لفظن ۾ انهن جي هڪ نيشنل گورنمينٽ وجود ۾ اچي وڃي ٿي جنهن جي هلائڻ لاءِ هڪ حاڪم مقرر ٿئي ٿو. آخري منزل هڪ بين الاقوامي گورنمينٽ جي صورت اختيار ڪري ٿي، جنهن کي اسين اڄڪلهه جي اصطلاح موجب انٽرنيشنل آرگنائزيشن چئون ٿا.
خير، اسين هن مضمون ۾ ته گهڻو پري وڃي پياسون. مقصد ته فقط هيءُ هو ته ارتفاقات جو پڙهندڙن سان تعارف ڪرايو وڃي، ڇا لاءِ جو هي لفظ ڪن اڳين بابن ۾ ڪن هنڌن تي آيو آهي. هن مضمون ۾ وضاحت ۽ ڇنڊ ڇاڻ جي اڃان ڪافي گنجائش آهي مگر هتي ان جو تت ۽ خلاصو اچي ويو آهي. ٻيءَ ڳالهه جنهن اسان کي هن باب لکڻ تي آماده ڪيو سا هيٺ ڏجي ٿي.
انساني ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ جيڪي مٿيان ادارا قائم ٿين ٿا اهي ڪجهه زماني گذرڻ کان پوءِ بگاڙ جو شڪار ٿي کوکلا ٿي پون ٿا ۽ منجهن طرح طرح جون خرابيون پيدا ٿين ٿيون. انهن خرابين جو وڏو ڪارڻ هيءُ هوندو آهي ته جماعت جي رهنمائي ۽ معاشري جي نظام جون واڳون اهڙن ماڻهن جي هٿن ۾ اچي وڃن ٿيون، جي خير مطلق ۽ راءِ ڪلي کي نظر انداز ڪري ڇڏين ٿا ۽ پنهنجي حيواني خواهشن جي پوري ڪرڻ ۾ هم تن مشغول ٿي وڃن ٿا. جماعت جي اڪثريت انهن جي پيروي ڪرڻ لڳي ٿي ۽ اهڙي طرح سان تهذيب ۽ تمدن جو بنياد خطري ۾ پئجي وڃي ٿو.
اهڙي موقعي تي معاشري کي هلاڪت ۽ تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ فطرت ڪي اهڙيون طاقتور شخصيتون پيدا ڪري ٿي جي ان جي کوٽ کي دور ڪري دوباره اوجل ڪن ٿيون.

[b]انسان جي اخلاقي زندگي جو مدار ان جي اقتصادي نظام جي عمدگي تي آهي
[/b]شاهه صاحب گهڻن هنڌن تي هن ڳالهه جي وضاحت ڪئي آهي ته انسان جي اخلاقي زندگيءَ جو دارومدار گهڻي حد تائين انهيءَ جي اقتصادي زندگيءَ جي چڱي انتظام تي آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو ته:
”انسانيت جا اجتماعي اخلاق انهيءَ وقت بالڪل برباد ٿي وڃن ٿا جنهن وقت ڪنهن طاقت (۽جبر) جي ذريعي انهيءَ کي اقتصادي تنگيءَ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ اهي (انسان) گڏهن ۽ گابن جي طرح مانيءَ لاءِ وهندا ڳهندا رهن ٿا. جڏهن ماڻهن تي اهڙي مصيبت ايندي آهي تڏهن خدا تعاليٰ انهن کي انهيءَ مصيبت کان بچائڻ لاءِ ڪو نه ڪو رستو تجويز ڪندو آهي ۽ پنهنجي ڪنهن ٻانهي جي دل ۾ اهڙو الهام ڪندو آهي. فرعون جي تباهي، قيصر ۽ ڪسريٰ جي بربادي به انهيءَ الهام جو نتيجو هئي.“

[b]شاهه صاحب جي پنهنجي دور واري حڪومت تي تنقيد
[/b]امام ولي الله جئن جو اڳ ۾ به ذڪر ٿي چڪو آهي ته حق جي ڪلمي چوڻ کان ڪڏهن به نه گهٻرائيندو هو. هو پنهنجي حڪومت جي غلط ڪارين جي خوب قلعي کوليندو رهيو آهي. انهن جي عياشين ۽ اخلاق سو حرڪتن ڏانهن اشارو ڪندي چوي ٿو ته:
”جڏهن ايران ۽ روم جي سلطنت سالن جا سال هلندي رهي تڏهن هو (بادشاهه ۽ امير) هن دنيا جي لذتن ۾ غرق ٿي ويا ۽ آخرت کي وساري ويٺا ۽ هن زندگيءَ جي آرام ۽ راحت جي طلب ۾ همه تن لڳي ويا. انهن جي عياشي هن حد کي وڃي پهتي هئي جو جيڪڏهن انهن مان ڪنهن امير يا سردار جي سر تي هڪ لک دينار وارو تاج نه هوندو هو ته ماڻهو ان تي طعنو هڻندا هئا. پنهنجي ملڪ جون حالتون توهان ڏسي رهيا آهيو جي انهن جي حالتن کان گهٽ ڪو نه آهن.“
هاڻي هيءُ معلوم آهي ته عيش ۽ آرام جون هي سڀ شيون گهڻي مال ۽ دولت جي فراهميءَ کانسواءِ حاصل ٿي نه ٿيون سگهن. نتيجي ۾ مزدورن، هارين، تاجرن ۽ صنعت ڪارن تي ڳريون ٽئڪسون مڙهيون وڃن ٿيون جن جي ادا ڪرڻ لاءِ هو رات ڏينهن جانورن وانگر ڪم ڪندا رهن ٿا ۽ هنن غريبن کي پوءِ ايتري فرصت ئي ڪا نه ٿي ملي جو خدا ۽ آخرت کي ياد ڪن.

[b]انگ اگهاڙو پيٽ بکيو انسان نه دنيا جو نه دين جو
[/b]انگ اگهاڙو پيٽ بکيو انسان نه ته پنهنجي دنيا سڌاري سگهي ٿو ۽ نه وري هو پنهنجي آخرت ئي سنواري سگهي ٿو.

[b]معاشري جي بربادي جا سبب
[/b]اميرن ۽ رئيسن جي نفس پرستي ۽ ڳرين ٽئڪسن جي عائد ڪرڻ کانسواءِ سوسائٽيءَ (معاشره) جي برباديءَ جو هڪ سبب هيءُ به آهي ته ڪيترا ماڻهو ڪم نه ٿا ڪن ۽ سرڪاري خزاني تي اجايو بار بڻيا ويٺا آهن مثلا: سپاهي، عالم سڳورا جي پاڻ کي اهل علم سبب سرڪاري خزاني مان امداد جا مستحق سمجهن ٿا، زاهد (زاويه نشين ) ۽ شاعر جن کي بخششون ۽ انعام ڏيڻ اڄڪلهه بادشاهن جي عادت ٿي پيئي آهي. تنهن ڪري زندگيءَ جي بهبودي هن ۾ آهي ته ٽئڪسون هلڪيون هجن ۽ ملازم مثلا: پوليس، فوج، سول محڪمن جا ڪارڪن ضرورت آهر هجن.
ان کانسواءِ ڌنڌي اختيار ڪرڻ جي اصولن ۾ غلط طريقي کان ڪم وٺڻ به تمدن جي جڙ کي ڪاٽي ٿو. هڪڙو شخص آهي جو ڏاڍو بکيو رهي ٿو مگر هو ڪسب اهڙو اختيار ڪري ٿو جو اهو ان جي بک نه ٿو لاهي. هو پوءِ ضرور پنڻ ۽ ذليل ڪمن ڪرڻ طرف مائل ٿيندو. ڪي ماڻهو ته گهڻو مضبوط ۽ متارا هوندا آهن، مگر زياده ڪمائي نه ٿا ڪن ۽ ٻين خراب ڌنڌن ۾ ڪاهي پون ٿا.
سوسائٽيءَ جي بگاڙ جو هيءُ به هڪ قوي سبب آهي ته مثلا: ڪنهن هنڌ ڏهن هزارن جي آبادي (بستي) آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن ان جو اڪثر حصو نين شين جي پيدا ڪرڻ ۾ مصروف نه ٿو رهي ته پوءِ اها آبادي (بستي) هلاڪ ٿي ويندي. اهڙي طرح سان جيڪڏهن ان جو وڏو حصو عيش پرستي ۾ مبتلا ٿي ويو ته اهو به قوم جي لاءِ هڪ بار بڻجي پوندو جنهن جو ضرر آهستي آهستي ساري آباديءَ ۾ ڦهلجي ويندو ۽ پوءِ ان آٻاديءَ جي حالت اهڙي ٿي ويندي جو ڄڻڪ ڪنهن کي ڇتي (ڪتي) کاڌو آهي.
بهرحال امام صاحب هيءَ ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ گهري ٿو ته سوسائٽي ڦٽي خراب تڏهن ٿئي ٿي جڏهن هڪڙا ٻين جي معيشت تي قابض ٿيڻ گهرن ٿا ۽ انهن جي گذر گذران جي راهن تي ڌاڙو هڻڻ شروع ڪن ٿا. اجتماعي معاشيات جو اجتماعي اخلاق تي نهايت گهرو اثر پوي ٿو. انهيءَ ڪري اجتماعي اخلاق جي درستيءَ لاءِ اهو ضروري آهي ته انساني اجتماع ۾ عادلانه معاشي نظام قائم ڪيو وڃي. جيستائين هن قسم جو نظام سوسائٽي ۾ قائم نه ٿيندو، تيستائين اجتماعي اخلاق جو حسن نمايان ٿي نه سگهندو. زندگيءَ جي هر پهلوءَ جو هڪ ٻئي سان گهاٽو تعلق رهي ٿو. هڪڙي جي خرابي ٻئي تي اثر انداز ٿئي ٿي. اهي معاشي حالتون ئي آهن جي انساني اخلاق تي اثر انداز ٿين ٿيون.
انساني اجتماع، شاهه صاحب فرمائي ٿو ته بالڪل پوريءَ طور تي ڪامل ۽ مڪمل ٿي نه ٿو سگهي، ليڪن ان کي تڪميل جي ويجهو آڻي سگهجي ٿو. انساني افراد جسم جي مختلف عضون وانگر آهن ۽ جهڙي طرح زيد مثلا: پنهنجي خلطن ۽ عضون ۾ هر طرح کان تندرست ٿي نه ٿو سگهي ۽ انهن (خلطن ۽ عضون) ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪجهه بي اعتدالي ضرور رهي ٿي، تهڙي طرح سان انساني سوسائٽي به پنهنجي صحت ۾ بالڪل پوري اعتدال ۾ ڪڏهن به نه ٿي اچي سگهي.

[b]انسان جا فطري لاڙا ئي اجتماعي زندگيءَ جي هڪ کاڻ يا خزانو آهن
[/b]ڪن مفڪرن، ڪامل معاشري مان اجتماعي ترقي ۽ جهجهو خير مراد ورتو آهي ۽ ڪن وٽ معاشري جو مقصد زياده ۾ زياده ترقي (ڀلائي) آهي. شاهه صاحب انسان جي فطري ميلان کي ئي معاشري ۽ اجتماعي زندگي جو منبع ۽ مخزن مڃي ٿو. انهيءَ ڪري سندس راءِ موجب معاشري جي ڪنهن مقصد متعين ڪرڻ لاءِ انسان جي فطري تقاضائن جي ڄاڻ (معرفت) ئي صحيح رهنمائي ڪري سگهي ٿي. معاشرو ڇاڪاڻ ته انسان جي فطري تقاضائن جو نتيجو آهي تنهن ڪري ان جو واحد مقصد هيءُ آهي ته اهو انسانيت ۽ معاشري جي سڀني فردن جون فطري تقاضائون پوريون ڪري، يعني ته ماڻهن جي بنيادي گهرجن لاءِ سامان مهيا ڪري، جهڙوڪ پيٽ لاءِ کاڌو، انگ لاءِ ڪپڙو ۽ گرمي ۽ سردي کان بچڻ لاءِ ڪو جهڳو وغيره.
حقيقت هيءَ آهي ته هن وقت ڪنهن مذهب جي سچائي ۽ عالمگيريت جو معيار ئي بدلجي ويو آهي. اڄڪلهه ته ماڻهو اهو ڪجهه پڇن ٿا ته جيڪڏهن فلاڻو مذهب سچو آهي ته اهو موجوده زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڇا ڪجهه ڪري سگهي ٿو؟ انهيءَ مذهب جو پابند ٿي ڪري هڪ قوم جا تعلقات ٻين قومن سان ڪهڙا ٿيندا؟ انهيءَ جي معاشي ۽ اقتصادي حالت ڇا هوندي؟ زندگيءَ متعلق ان جو نقطئه نظر ڇا هوندو؟

[b]شاهه صاحب پنهنجي ڪتابن ۾ اقتصادي حالتن جي سڌاري تي غير معمولي زور ڏنو آهي
[/b]انهن حقيقتن کي خيال ۾ رکي امام ولي الله پنهنجي تصنيفن ۾ اقتصادي حالتن جي سڌاري تي غير معمولي زور ڏنو آهي ۽ ارتفاقات تي ايتري ته تفصيل ۽ بسط سان لکيو آهي جو ٻئي ڪنهن مضمون ۾ اهڙو تفصيل ۽ بسط نظر نه ٿو اچي. سندس تلقين اها آهي ته هر انسان ڪجهه نه ڪجهه پنهنجي هٿن سان ڪمائي ڪري ته جيئن هو حڪومت ۽ ٻين ماڻهن تي اجايو بار نه ٿي پوي. هو ماڻهن کي پڪاريندي چوي ٿو ته:
”اي آدم جا اولاد! اوهان مان جنهن کي کائڻ (پيٽ ڀرڻ) لاءِ کاڌو مليو، پيئڻ لاءِ پاڻي مليو، رهڻ لاءِ اجهو مليو، جسم ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو مليو ۽ ان سان گڏ زال به ملي ته ان کي گويا دنيا ۾ سڀ ڪجهه مليو. ان کي هاڻي جڳائي ته قناعت کان ڪم وٺي ۽ پنهنجي رهڻي ڪرڻي ۾ اعتدال جي راهه وٺي.
هي آهن انسان جون ضروري گهرجون. جيڪڏهن اهي پوريون ٿيون ته پوءِ چئبو ته هن کي دنيا ڪامل طور تي ملي. هتي هو نبي سائينءَ جي حديث آڻي ٿو جنهن ۾ پاڻ سڳورن فرمايو آهي ته ”انسان کي سواءِ ٽن شين جي ٻيو ڪو حق حاصل نه آهي، رهڻ جي لاءِ گهر، بدن ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو ۽ پيٽ لاءِ ماني ۽ پاڻي“.
قرآن ڪريم ۾ ”عفو“ لفظ جي معنيٰ شاهه صاحب ”زائد از حاجات ضروري“ (يعني ضروري گهرجن کان زياده) ورتي آهي. حاجتن سان ضروري جو قيد لڳائي امام صاحب اقتصادي بدحالي جو هڪ لاجواب حل ٻڌايو آهي.
حڪمت الاهي جي اها تقاضا آهي ته انساني معاشرو ٻئي ۽ ٽئين ارتفاق کي ترڪ نه ڪري. اهو ئي سبب آهي جو ڪنهن به نبيءَ اهڙو حڪم نه ڏنو آهي ته ماڻهو معاشري کي ڇڏي ڀڄي وڃي جهنگلن ۽ پهاڙن ۾ رهن، ڇالاءِ جو اهو انساني مفاد جي خلاف آهي.
ڪن وقتن تي معاشري جا افراد پنهنجي پهرئين درجي جي ابتدائي ضرورتن کي اڌورو ڇڏي ٻئي درجي جي ضرورتن ڏانهن زياده توجهه ڏين ٿا، جنهن ڪري معاشرو مستحڪم نه ٿو رهي. ماڻهن جي ڀلائي انهيءَ ۾ آهي ته جڏهن مثال طور چوٿون ارتفاق سندن هٿن مان ڇڏائجي وڃي ته هو ٽئين کي لازم پڪڙين. اهڙي طرح سان جيڪڏهن ٽيون ارتفاق به ويندو رهي ته ٻئي ڏانهن رجوع ڪن ۽ اهڙي طرح ڪندا آهن، پر جڏهن ته ماڻهن کي ارتفاق جي مختلف قسمن جو پورو علم نه ٿو رهي، تنهن ڪري هو هڪڙي ئي ارتفاق تي جنهن کي هو ڄاڻن ٿا، ڄميا رهن ٿا، تنهن ڪري سوسائٽيءَ ۾ خرابي اچي وڃي ٿي ۽ معاشري جو شيرازو منتشر ٿي وڃي ٿو.

[b]انقلاب جي ضرورت ڪڏهن پوندي آهي
[/b]جڏهن سوسائٽيءَ ۾ غير معمولي بگاڙ اچي وڃي تڏهن انقلاب پيدا ڪرڻ ضروري آهي. اهڙو معاشرو جنهن ۾ ماڻهو پنهنجن بنيادي گهرجن کي پوري ڪرڻ کان به محروم ڪيا وڃن تنهن کي باهه لڳائڻ ئي مناسب آهي. اهي ماڻهو جي مصلحت ڪليه کي ڄاڻن ٿا تن لاءِ اهڙي سوسائٽيءَ ۾ انقلاب آڻڻ هڪ فرض ٿي پوي ٿو.
انقلاب آڻڻ ڇاڪاڻ ته هڪ تڪليف ڏيندڙ ۽ ڏکيو ڪم آهي تنهن ڪري ان لاءِ جان ۽ مال جي قرباني سان گڏ پنهنجي عزيز وطن ۽ سڀني پسنديده شين کي ترڪ ڪرڻو پوي ٿو. اهڙو ڪم فقط انهن کان ئي ٿي سگهندو جي نهايت مخلص هجن، جن کي پاڻ تي پورو ڀروسو هجي ۽ جي هر مشڪل کي نهايت تحمل ۽ جوانمرديءَ سان منهن ڏيندا رهن.
اهڙي قسم جي جهاد (انقلاب) جاري رکڻ لاءِ ڪن وقتن تي جهڳڙا ڪرڻا پون ٿا ۽ ڪن وقتن تي ته باقاعدي دوبدو لڙڻو به پوي ٿو. هن ڏس ۾ جيڪي ڪجهه ڪيو وڃي ٿو سو سڀ بهترين عملن ۾ شمار آهي.
اسلام هن دنيا ۾ چوٿين نمبر ارتفاق قائم ڪرڻ لاءِ آيو آهي ۽ اهڙي غلبي حاصل ڪرڻ لاءِ آيو آهي جنهن جو مقابلو ڪرڻ ناممڪن ٿي پوي. مسلمانن جو اهو منصبي فرض آهي ته هو هن ارتفاق جي قيام لاءِ ڪا ڪسر باقي نه ڇڏين. ائين برابر آهي ته انٽرنيشنل آرگنائزيشن (ارتفاق رابع، ارتفاق نمبر چوٿون) کي قائم ڪرڻ في الحال ممڪن نظر نه ٿو اچي ليڪن ان جي قيام جو تصور دلين ۾ سدائين ڄميو رهي ۽ هر محل ۽ موقعي جو فائدو وٺي انهيءَ تصور کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ورتي وڃي. جيستائين مسلمانن جي بين الاقوامي حڪومت قائم ٿئي، تيستائين انهن لاءِ ضروري آهي ته هو ارتفاق ثالث (يعني قومي حڪومت جيئن اڄڪلهه پاڪستان، افغانستان ۽ مصر وغيره مسلمانن جون پنهنجيون عليحديون عليحديون قومي حڪومتون آهن) جي قيام ۽ استحڪام لاءِ جدوجهد ڪندا رهن. هر قومي حڪومت پاڻ کي ديني، اخلاقي ۽ سياسي پهلوئن کان مضبوط ۽ طاقتور بنائي، لڙائي لاءِ هميشه تيار ۽ ان جي جديد طريقن کان چڱيءَ طرح واقف هجي. مسلمانن جي دلين اندر لڙائي جو روح زور شور سان ڦوڪيو وڃي ايتري قدر جو هو لڙائيءَ جو مجسمو بڻجي وڃن.
دينوي زندگيءَ کي ڪامياب ۽ قوي بڻائڻ جي وسيلن کي اختيار ڪرڻ جي باري ۾ قرآن مجيد ۾ جا ڪجهه تعليم آهي تنهن ڏانهن بالڪل غفلت ۽ بي پرواهي ڏيکاري ويئي آهي ۽ ان طرف ڪو به توجهه نه ٿو ڏنو وڃي، حالانڪه دشمنن کان محفوظ رهڻ لاءِ ۽ پنهنجي حالت کي ڪاميابي ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ مڪمل تياري ڪرڻ ۽ سڀني امڪاني قوتن کان ڪم وٺڻ اسلامي فرائض ۾ داخل آهي ۽ قرآن اندر ان تي گهڻو زور ڏنو ويو آهي: مثال طور هڪ هنڌ آيل آهي : وَ اَعِدُّوْا لَهُمْ مَّا اسْتَطَعْتُمْ مِّنْ قُوَّةٍ وَّ مِنْ رِّبَاطِ الْخَيْلِ تُرْهِبُوْنَ بِهٖ عَدُوَّ اللّٰهِ وَ عَدُوَّكُمْ يعني ته ”انهن لاءِ لڙائيءَ جي هٿيارن جي سگهه مان ۽ گهوڙن جي تيار رکڻ مان جيڪي ٿي سگهيو سو الله جي ويرين ۽ پنهنجن ويرين کي دهشت ڏيڻ لاءِ تيار رکو.“ ٻئي هنڌ مذڪور آهي: وَلَوْ اَرَادُوا الْخُرُوْجَ لَاَعَدُّوْا لَهٗ عُدَّةً يعني ته ”جيڪڏهن ٻاهر نڪرڻ گهرن ها ته ان لاءِ تياري جو سامان تيار ڪن ها“، ۽ وري ٽينءَ جڳهه تي ذڪر آهي: وَدَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَوْ تَغْفُلُوْنَ عَنْ اَسْلِحَتِكُمْ وَ اَمْتِعَتِكُمْ فَيَمِيْلُوْنَ عَلَيْكُمْ مَّيْلَةً وَّاحِدَةً يعني ته ”ڪافر گهرندا آهن ته جيڪر اوهين پنهنجن هٿيارن ۽ پنهنجي سامان کان ڪجهه بي خبر ٿيو ته اوهان تي هڪ ئي ڀيري حملو ڪن.“
حديث شريف ۾ آيل آهي ته مسلمانن جي حفاظت ڪرڻ نفل نماز ۽ روزي کان بهتر آهي، ۽ هڪ ڏينهن سرحد تي پهرو ڏيڻ هڪ مهيني جي روزي نماز کان افضل آهي ۽ پاڻ سڳورن فرمايو آهي ته الله تعاليٰ جي رستي ۾ هڪ رات جي پاسباني هزار راتين کان بهتر آهي. جن ۾ رات جو نفل پڙهيا وڃن ۽ ڏينهن جو روزا رکيا وڃن.
هن وقت دنيا ارتفاق ثالث کان خالي ڪا نه آهي پر جيڪڏهن اها انهيءَ کان به محروم رهجي ويئي ته پوءِ اها ان لاءِ وڏي مصيبت چئبي.
شاهه صاحب جنهن حقيقت ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ گهري ٿو سا هيءَ آهي ته جڏهن حنيفي دين (دين اسلام) چوٿين نمبر (انٽرنيشنل گورنمينٽ) ارتفاق جي قيام لاءِ آيو آهي تڏهن ان جو اظهار (غلبو) صحيح معنيٰ ۾ تڏهن ئي ٿي سگهندو جڏهن ان کانسواءِ باقي دين مٽايا ويندا ۽ انهن جي شان ۽ شوڪت کي ڪاري ضرب لڳائي ويندي. هن دين کي جڏهن ته پنهنجي اصلي صورت ۾ هميشه لاءِ قائم رکڻو آهي ۽ ان جي تسلط کي سدائين تر و تازه ڪرڻو آهي تڏهن هي لازمي آهي ته ان کانسواءِ ٻين مذهبن جو بنياد اکيڙيو وڃي ۽ ان جي پيروي ڪندڙن کي زير و زبر ڪيو وڃي. هن وقت الله تعاليٰ جي راضپي جو انحصار به حنيفي دين تي ئي آهي، ڇالاءِ جو اهو انساني صورت جي بالڪل موافق ٺهيل آهي.
فرض ڪريو ته ڪو يهودي يا نصارو اڃان اهڙو به آهي جو پنهنجي دين تي هلي ٿو ۽ سندس دين ۾ ڪنهن به قسم جو خلط ملط نه آيو آهي تڏهن به ان کي هينئر محمدي دين اختيار ڪرڻ ضروري آهي. ڇا لاءِ جو جيتوڻيڪ هن کي پنهنجي نيڪي ۽ خدا پرستيءَ (تڪمل ۽ اقتراب) سبب اسلام قبول ڪرڻ واجب نه به آهي تڏهن به هڪ ٻيءَ ڳالهه سبب هن کي ائين ڪرڻ واجب آهي. ان جو سبب هيءُ آهي ته جڏهن الله تعاليٰ حنيفي دين جي اشاعت جو چوٿين ارتفاق جي طور تي ارادو فرمايو ۽ پنهنجي رضامندي به انهيءَ ۾ ئي منحصر فرمائي تڏهن هينئر انهيءَ کان روءِ گرداني ڪرڻ سراسر معصيت ۽ ان جي پڌري مخالفت آهي.
بهر ڪيف قرآن پاڪ جو انقلاب آڻڻ گهري ٿو سو ان جي هن آيت: هُوَ الَّذِيْۤ اَرْسَلَ رَسُوْلَهٗ بِالْهُدٰى وَ دِيْنِ الْحَقِّ لِيُظْهِرَهٗ عَلَى الدِّيْنِ كُلِّهٖ١ۙ وَ لَوْ كَرِهَ الْمُشْرِكُوْنَ ۾ مضمر آهي جنهن جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي.