ڪتاب جو نالو: پاڪستان طوفان جي گهيري ۾
مصنف: بينظير ڀٽو / رڪ سنڌي
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2008
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 02 ڊسمبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 355 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 126 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شھيد محترمہ بينظير ڀٽو صاحبہ جو لکيل آھي، جيڪو ھن ضياء الحق جي مارشلا جي دور ۾ 1983ع ۾ Pakistan: The gathering storm جي نالي سان لکيو. ڪتاب جي انگريزيءَ ۾ ڪاپي ھن لنڪ تان پڙھي سگهجي ٿي. ھن ڪتاب جو سنڌيڪار محترم رُڪ سنڌي صاحب آھي. مھاڳ ۾ محترمہ لکي ٿي:
”هيءُ ڪتاب منهنجي عقيدن جو ترجمان آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي تہ هن ڪتاب ۾ آئون پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فڪر جي ترجماني ڪئي آهي. شهيد ڀٽو کي پاڪستاني فوجي ٽولي 1979ع ۾ جيل ۾ ڦاسي ڏئي شهيد ڪري ڇڏيو هو. ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ آئون پنهنجي امڙ نصرت ڀٽو جي عقيدن جي بہ عڪاسي ڪئي آهي. هوءَ اڄ ڪالهه ملڪ کان ٻاهر ڪينسر جو علاج ڪرائي رهي آهي. ان ۾ ڪو بہ شڪ نہ آهي تہ هن ڪتاب ۾ آئون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي بي انتها سرگرم ڪارڪنن جي خيالن، عقيدن، نظرين ۽ پروگرام تي بہ روشني وڌي آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • سنڌ سلامت پاران
  • ديباچو
  • باب پهريون: فوجي جرنيلن جي ملڪ دشمني
  • باب ٻيو: هڪ سياسي رڻ پٽ بڻيل ڌرتي 
  • باب ٽيون: ضيا جو سائرن گيت 
  • باب چوٿون: نئين نظام جو خاڪو
  • باب پنجون: معاشي نظام جي نئين سر جوڙجڪ
  • باب ڇهون: پرڏيهي پاليسي 
  • باب ستون: تڪڙو سياسي ڪم 
  • باب اٺون: عوامي پروگرام 

  • ڪتاب بابت

    شهيد سنڌ راڻيءَ جي پاڪستان جي سياسي صورتحال تي هڪ ڇرڪائيندڙ تصنيف

    پاڪستان طوفان جي گهيري ۾



    بينظير ڀٽو

    سنڌيڪار: رڪ سنڌي



    روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو
    2008ع


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پاڪستان طوفان جي گهيري ۾“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھي ڪتاب پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شھيد محترمہ بينظير ڀٽو صاحبہ جو لکيل آھي، جيڪو ھن ضياء الحق جي مارشلا جي دور ۾ 1983ع ۾ Pakistan: The gathering storm جي نالي سان لکيو. ڪتاب جي انگريزيءَ ۾ ڪاپي ھن لنڪ تان پڙھي سگهجي ٿي. ھن ڪتاب جو سنڌيڪار محترم رُڪ سنڌي صاحب آھي. مھاڳ ۾ محترمہ لکي ٿي:

    ”هيءُ ڪتاب منهنجي عقيدن جو ترجمان آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي تہ هن ڪتاب ۾ آئون پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فڪر جي ترجماني ڪئي آهي. شهيد ڀٽو کي پاڪستاني فوجي ٽولي 1979ع ۾ جيل ۾ ڦاسي ڏئي شهيد ڪري ڇڏيو هو. ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ آئون پنهنجي امڙ نصرت ڀٽو جي عقيدن جي بہ عڪاسي ڪئي آهي. هوءَ اڄ ڪالهه ملڪ کان ٻاهر ڪينسر جو علاج ڪرائي رهي آهي. ان ۾ ڪو بہ شڪ نہ آهي تہ هن ڪتاب ۾ آئون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي بي انتها سرگرم ڪارڪنن جي خيالن، عقيدن، نظرين ۽ پروگرام تي بہ روشني وڌي آهي.“

    ھي ڪتاب روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران 2008ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون رُڪ سنڌي صاحب جا جنھن ڪتاب ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني آھي.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ديباچو

    هيءُ ڪتاب منهنجي عقيدن جو ترجمان آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هن ڪتاب ۾ آئون پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فڪر جي ترجماني ڪئي آهي. شهيد ڀٽو کي پاڪستاني فوجي ٽولي 1979ع ۾ جيل ۾ ڦاسي ڏئي شهيد ڪري ڇڏيو هو. ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ آئون پنهنجي امڙ نصرت ڀٽو جي عقيدن جي به عڪاسي ڪئي آهي. هوءَ اڄ ڪالهه ملڪ کان ٻاهر ڪينسر جو علاج ڪرائي رهي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هن ڪتاب ۾ آئون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي بي انتها سرگرم ڪارڪنن جي خيالن، عقيدن، نظرين ۽ پروگرام تي به روشني وڌي آهي.
    پاڪستان جي سياسي زندگي ڊانواڊول ٿي چڪي آهي. پارٽيون فقط نالي ماتر قائم آهن. ان صورتحال کان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي الڳ قرار ڏئي سگهجي ٿو. اها هڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، پر ان جي باوجود عوام جي پيرن ۾ زنجير پاتل آهن. هو گڏجي جلسا ۽ مظاهرا ڪري پنهنجو آواز بلند نه ٿا ڪري سگهن.
    هر هنڌ تي پاڪستاني هٿياربند فوج جو نادر شاهي راڄ قائم آهي. ان جي سربراهه جنرل ضيا الحق 5 جولاءِ 1977ع تي صبح جو سوير انتهائي مڪاريءَ سان اقتدار تي قبضو ڪري حڪومت سنڀالي ورتي هئي. هن هڪ شائستا ۽ جمهوري حڪومت جي سڄي نظام کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. هن هر خودمختيار اداري مثلن اخبارن، پارٽين، عدالتن، وڪيلن ۽ بيرسٽرن جي بارن، منسوخ پارليامينٽ، ٽريڊ يونين ۽ دانش گاهن وغيره جو تاڃي پيٽو تباهه ڪري ڇڏيو. 1973ع جو آئين ڪيتري محنت ۽ خلوص سان تيار ڪيو ويو هو، هن حڪمران فوجي ٽولي ان کي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو. پاڪستان جي فوج جتي به پنهنجا قبضي گير قدم رکيا، اتي تباهيءَ ۽ برباديءَ پنهنجو ديرو ڄمايو. قاتل فوجي نظام يعني مارشل لا عوام جي ڇاتيءَ تي منڱ ڏرڻ ۾ ڪا به ڪثر باقي نه ڇڏي.
    في الحال عوام جو آواز جنرل ضيا جي حڪم تي پنج لک کان وڌيڪ فوجي لانگ بوٽن جي هيٺان اچي چيڀاٽجي ويو آهي. سندن دانهن ۽ چيٽن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو. سرڪاري ڪنٽرول هيٺ هلندڙ ريڊيو ۽ ٽيليويزن کي اها هدايت ڏني وئي ته سندن نشريات حقيقتن کي لڪائيندي رهي. اخبارن جي ايڊيٽرن کي اذيت ناڪ سزائن جو خوف ڏئي پاڻ هرتو سينسر شپ هڻڻ تي مجبور ڪيو ويو. ان خوفناڪ سزا ۾ ڪوڙا (ڦٽڪا) هڻڻ جي سزا به شامل هئي. انهن سزائن جو تفصيل مارشل لا آرڊر (ايم ايل او) ۽ مارشل لا ريگيوليشنز (ايم ايل آر) ۾ درج آهي. اهي وحشانيت ۽ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ تي ٻڌل سزائون فوجي عدالتن طرفان ڏنيون وينديون آهن.
    ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جو هيءُ سلسلو 6 سالن تائين جاري رهيو. هاڻي اهو اڻ ڄاڻايل عرصي تائين جاري رهي نه ٿو سگهي. عوام کي فوجي بوٽن جي هيٺان هميشه چيڀاٽي رکي نه ٿو سگهجي. عوام هڪ نه هڪ ڏينهن بغاوت جو جهنڊو ضرور بلند ڪندو. آزاديءَ جي متوالي پاڪستاني عوام 69-1968ع ۽ 1971ع ۾ به وقت جي حڪمرانن کي پنهنجي ٻرن مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو هو. جڏهن ظلم جي انتها ٿيندي آهي ته مظلوم ۽ بي وس عوام ”تنگ آمد به جنگ آمد“ موجب وقت جي حڪومت خلاف بغاوت جو اعلان ڪندو آهي. هڪ ڀيرو ٻيهر ظالم ۽ جابر فوج کي گهٽين ۽ بازارن ۾ کلئي عام چئلينج ڪيو ويندو آهي، جيئن 1978ع ۾ ايران ۾ ٿيو، ان صورتحال ۾ ظالم حڪمران پاڻيءَ جي ڦوٽي وانگر هوا ۾ اڏامي ويندا آهن. آزاديءَ جي انتهائي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي. پاڪستاني عوام اها قيمت ادا ڪري رهيو آهي.
    ڀلي ڇا به ٿي پوي، پر اسان سوڀارا ٿينداسين.


    بينظير ڀٽو


    باب پهريون: فوجي جرنيلن جي ملڪ دشمني

    مان في الحال پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سربراهه آهيان، مون کي بيگم نصرت ڀٽو نامزد ڪيو آهي، جيڪا هن وقت ملڪ کان ٻاهر پرڏيهه ۾ ڪينسر جو علاج ڪرائي رهي آهي. هوءَ منهنجي ماءُ آهي، کيس پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو ان وقت عارضي طور تي پارٽيءَ جو سربراهه نامزد ڪيو هو، جنهن وقت فوجي جرنيلن قتل جو ڪوڙو الزام هڻي کيس قيد ڪيو هو، اهو پاڪستان جي تاريخ جو انتهائي ڪارو دور هو.
    عدل ۽ انصاف سان جيڪا مذاق ڪئي وئي، مان ان جو تفصيل پيش ڪرڻ نه ٿي چاهيان. ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه سڄي دنيا تي واضح آهي ته پاڪستاني فوج جي جرنيلن ۽ ڪجهه ججن جي ملي ڀڳت سان ڪهڙي طرح بي ايمانيءَ ۽ بد ديانتيءَ سان ذوالفقار علي ڀٽي تي ڪيس هلايو ويو.
    ان جا ٻه اهم نتيجا نڪتا، پهريون اهو ته جنرل هاڻي به پاڪستان پيپلز پارٽي کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا، ڇاڪاڻ ته اها ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ وڏي پارٽي آهي. ان کي عوام جو اعتماد ۽ محبت حاصل آهي. ٻيو اهو ته مان ان شخص جي ڌيءُ آهيان، جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو باني هو. هيءَ پارٽي اڄ به قائم آهي. ان جي قيام جي وضاحت پيش ڪرڻ ضروري آهي. پاڪستاني فوجي ٽولي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو هو، ان حڪومت جو سربراهه ذوالفقار علي ڀٽو هيو. جنهن کي سوليءَ تي چاڙهيو ويو. ۽ هاڻي هي ٽولو ذاتي بغض جي بنياد تي بيگم نصرت ڀٽو ۽ منهنجي قيادت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اهو ٽولو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي نقصان پهچائڻ جو ارادو رکي ٿو. حڪومت اهو راڳ ڳائي رهي آهي ته اسان پارٽيءَ جي قيادت پنهنجي خاندان تائين محدود رکڻ جا خواهشمند آهيون. اسان کي حڪومت جي انهيءَ بي بنياد پروپيگنڊا تي ڏک پهچي ٿو ته اسان ملڪ تي موروثي طور تي حڪمراني ڪرڻ چاهيون ٿا.
    مان اهڙي ڪنهن به ارادي جي سخت لفظن ۾ ترديد ڪريان ٿي. پاڪستان پيپلز پارٽي غريبن ۽ بي وس ماڻهن جي پارٽي آهي. اها سماجي انصاف جي لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي. ان جو خاص نعرو اهو آهي ته سڀني ماڻهن کي ’ماني، ڪپڙو ۽ سر ڍڪڻ لاءِ ڇت‘ (روٽي، ڪپڙا اور مڪان) مهيا ڪئي وڃي ۽ اهو قدم سماجي معيشت جي ذريعي ڪيو ويندو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سياست جمهوريت تي ٻڌل آهي ۽ ان کي اسلامي طرز حيات تي مڪمل ڀروسو آهي.
    هاڻي انهن حالتن ۾ هڪ اهڙي پارٽي ۾ موروثي حڪومت جي گنجائش ڪئين ٿي سگهي ٿي؟ مان ان ڳالهه تي زور ڏيڻ گهران ٿي ته اسان مان ڪو به اهو خواب ۾ به سوچي نه ٿو سگهي ته پارٽي جي قيادت هڪ گهراڻي يا خاندان تائين محدود رهي ۽ اسان جو خاندان ڪنهن غير معمولي اهميت يا عهدي لاءِ ڪوششون پيو ڪري.
    آخرڪار منهنجي شهيد والد پارٽي جي قيادت منهنجي ماءُ جي حوالي ڇو ڪئي؟ ۽ منهنجي والده اهو اهم ڪم ۽ ذميواري منهنجي حوالي ڇو ڪئي؟ ان جي وضاحت سولي آهي.

    دهشت يا لالچ جي ترغيب
    فوجي جرنيل ۽ سندن حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مقبوليت کان خوفزده آهي. هو ان پارٽيءَ کي تباهه ۽ برباد ۽ ڪنهن نه ڪنهن طرح بدنام ڪرڻ لاءِ زمين آسمان هڪ ڪري رهيا آهن، انهن جون سڀ کان وڌيڪ وڏيون وڏيون چالون ٻه ئي آهن. عام ورڪرن ۽ هيٺين سطح جي ڪارڪنن ۾ دهشت پکيڙي وڃي ۽ ضلعي، ڊويزنل ۽ مرڪزي سطح تي ناميارن اڳواڻن کي اجتماعي ۽ انفرادي طور تي سرڪاري عهدن ۽ ٻين نوازشن ذريعي ورغلايو وڃي. ۽ اهي به افواهه ڦهلايا وڃن ته هو رشوت خور آهن.
    هو پنهنجون ذاتي رنجشون ڪڍڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي حڪومت جي ناميارن اڳوڻن وزيرن ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جون چالون هلي رهيا آهن. ۽ اها به بدبختي آهي جو پاڪستان پيپلز پارٽي جا ڪجهه فرد فوجي ٽولي جي لالچ ۽ لوڀ جو شڪار ٿي ويا آهن. ذوالفقار علي ڀٽو ڏٺو هو ته پارٽيءَ ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا حربا استعمال ڪيا ويا ۽ سڄي پارٽيءَ کي مختلف گروهن ۾ ورهايو ويو. پارٽيءَ جي صدارت جو عهدو پنهنجي بيوهه کي سونپڻ جو فيصلو ان لاءِ ڪيو ويو ته فوجي جرنيلن جي منصوبي کي خاڪ ۾ ملايو وڃي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي بچايو وڃي. ان کان سواءِ ٻيو ڪو به سبب نه هيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي ذاتي مفاد ۽ خاندان پرستيءَ کان مٿانهين سوچ رکندڙ هيو.
    ان لاءِ ئي منهنجي والدهه نصرت ڀٽو صاحبه مون کي پارٽيءَ جو سربراهه نامزد ڪيو. جرنيلن پنهنجون چالون تيز ڪري ڇڏيون ۽ هنن لالچ ۽ لوڀ ۾ ورتل ڪجهه ماڻهن کي پنهنجو پاڻ سان ملائي ورتو. پر الله تعالى جي فضل ۽ ڪرم سان پارٽي مستحڪم رهي ۽ ان تي ڪو به اثر نه پيو. جنهن به شخص فوجي ٽولي سان تعاون ڪيو، اهو عوام جي نظرن ۾ بڇڙو ٿيو. مڙني پابندين جي باوجود مان پنهنجي پارٽي عهدي تي ڄميل رهيس ۽ ان جي قيمت مون کي مسلسل ادا ڪرڻي پئي. ته جيئن پارٽيءَ ۾ اتحاد ۽ استحڪام برقرار رهي. ڪو به منهنجي ايمانداريءَ تي شڪ نه ٿو ڪري سگهي، ڪو به ان ڳالهه تي يقين ڪري نه ٿو سگهي ته فوجي جرنيلن جي ٽولي مون کي به لالچ ڏني ته منهنجي پارٽيءَ کي جائز پارٽي تسليم ڪيو ويندو يا مون کي ڌمڪيون ڏنيون ويون ته مان عوام سان همدردي ڪري رهي آهيان.
    منهنجو پارٽيءَ سان ڪو به ذاتي مفاد لاڳاپيل نه آهي. ۽ نه ئي اهڙو ڪو قدم کڻڻ جو منهنجو ڪو مقصد يا خواهش آهي. مان في الحال عوام کي هڪ اهڙو پروگرام پيش ڪري رهي آهيان ته جيئن سندن دل ۽ دماغ ۾ ڪو به شڪ باقي نه رهي ته اسان مان ڪو به مستقبل ۾ طاقت حاصل ڪري پنهنجي هٿ ۾ رکڻ گهري ٿو يا پنهنجي خاندان تائين محدود رکڻ گهري ٿو.
    هڪ ٻيو الزام، مجموعي طور تي پارٽيءَ تي لڳايو پيو وڃي ته اسان شهيد جمهوريت ۽ سوشلزم ذوالفقار علي ڀٽو جي سرگرم عملي زندگي جو استحصال ڪري رهيا آهيون. ۽ سندس عوام کي متحد ڪرڻ وارين ڪاوشن مان ذاتي فائدو حاصل ڪري رهيا آهيون. هڪ اعتبار کان اهو صحيح آهي پر معنوي طور تي اهو بلڪل ڪوڙ آهي، مون کي ان جي وضاحت ڪرڻ گهرجي.
    ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي پروگرام جو خالق هيو. جيتوڻيڪ ٻين شخصيتن به ان جي مدد ڪئي هئي، انهن جي خدمتن کي نظر انداز ڪري نه ٿو سگهجي. ان پروگرام جي پويان اها قوت لڪل هئي ته غريبن ۽ بي يارو مددگار عوام لاءِ سچائي ۽ خلوص سان ڪم ڪيو وڃي. هيءُ اهو رهنماءُ هيو، جيڪو هڪ پروگرام (مقصد) لاءِ جيئرو رهيو ۽ پوءَ شهادت ماڻي. اهو پروگرام عوام جي قسمت سنوارڻ جو پروگرام هيو، ان کان سواءِ اسان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا ڪارڪن معذور ٿي ويا هئاسين. سڄي خاندان ۾ ته ڇا پر سڄي پارٽيءَ ۾ ڪو به اهڙو شخص نظر نه ٿو اچي، جيڪو شهيد ڀٽو جو ڪردار مڪمل طور تي بهتر نموني ادا ڪري سگهي.
    اها به هڪ حقيقت آهي ته عوام کي شهيد ڀٽو سان بي پناهه محبت هئي. ان لاءِ انهن جو مثال پيش ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. عوام سان سندس محبت ان ڳالهه جي وضاحت ڪري ٿي ته فوجي جرنيلن جي ٽولي پنهنجي بقا لاءِ کيس قتل ڪيو ته جيئن استحصال پسندن جي حڪومت ٻيهر منظر عام تي اچي. جيڪڏهن اهو الزام اسان تي لڳايو وڃي ٿو ته اسان ان کي خوشيءَ سان تسليم ڪريون ٿا.

    امتيازي سلوڪ جي خواهش وارو الزام
    اسان مان ڪو به ڪارڪن ڪنهن به امتيازي سلوڪ جي دعوى نه ڪري رهيو آهي يا ڪنهن به عارضي يا مستقل طاقت جي حاصلات جو خواهشمند نه آهي. حڪمرانن طرفان اسان جي ڪارڪنن مٿان اهڙي خواهش يا دعوى جو الزام ڪوڙو ۽ شرارت جوڳي پرچار آهي. عوام بيوقوف ناهي، هڪ جمهوري ۽ سوشلسٽ پارٽيءَ تي اهو الزام مڙهي نه ٿو سگهجي.
    اسان تي هڪ ٻيو الزام هنيو پيو وڃي ته پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ جمهوري پارٽي نه آهي، وٽن ان جو ڪهڙو ثبوت آهي؟ اهو الزام هنيو پيو وڃي ته پارٽيءَ اندر ڪڏهن به عهديدارن لاءِ چونڊ نه ٿي آهي. آئون تسليم ڪريان ٿي ته اهو الزام ڪافي حد تائين صحيح آهي. اسان مقامي، ضلع ۽ صوبائي سطح تي پارٽيءَ اندر چونڊون نه ڪرايون آهن، پر ڇا اهو ان جو اڪيلو ثبوت آهي ته اسان جي پارٽيءَ جمهوري پارٽي نه آهي يا پارٽيءَ اندر هڪ خاندان جي ڊڪٽيٽرشپ آهي؟ آئون ان کي قطعن غلط قرار ڏيان ٿي، اسان جمهوريت جي جذبي سان سرگرم عمل آهيون. ان ڳالهه جي به وضاحت ڪرڻ ضروري آهي.
    1967ع جي آخر ۾ هيءَ پارٽي قائم ڪئي وئي هئي. جنهن بعد هن پارٽيءَ پنهنجي دور جي هڪ ڊڪٽيٽر ايوب خان سان مهاڏو اٽڪايو ۽ مٿس بي پناهه ظلم ۽ ستم نازل ڪيو ويو. جنرل ايوب خان جي حڪمراني واري دور ۾ پارٽيءَ کي معمول جي مطابق سياسي سرگرميون سرانجام ڏيڻ جي شايد ئي ڪا اجازت ڏني وئي.
    اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ اهڙي انقلابي پارٽي هئي، جيڪا جاگيردارانه ظلم جو خاتمو ڪرڻ ۽ سرمائيداري نظام کي ناس ڪرڻ گهري پئي. نئون انقلابي پيغام جهنگ جي باهه وانگر پکڙجڻ لڳو. 1967ع جي آخر تائين عوام بغاوت جو علم بلند ڪرڻ شروع ڪيو. ۽ ڇهن مهينن ۾ ايوب خان جي 11 سالن واري آمرانه حڪومت واريءَ جي ڪوٽ وانگر ڊهي پٽ پئجي وئي.
    فوجي جرنيلن جو ٽولو پنهنجي حرڪتن کان نه مڙيو. جنرل يحى خان کي نئون مارشل چيف بڻايو ويو. اها به هڪ سازش هئي، اخباري دنيا ۾ کيس ”ياهو“ جي نالي سان پڪاريو ويندو هو. هو فقط ڪاغذي گهوڙا ڊوڙائڻ (خيالي پلاءَ پچائڻ) ۾ تيز هيو.
    عوامي سطح تي ڪو به سياسي ڪم سرانجام ڏيڻ جي هن ڪڏهن به اجازت نه ڏني. ان جو سبب اهو هيو ته شروع ۾ هن سال ۾ هر چئن مهينن بعد عوام جا مطالبا تسليم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو. ان ڪري کيس شروع ۾ ڪاميابي حاصل ٿي. هن عام چونڊن جي هڪ تاريخ جو اعلان ڪيو ۽ مڪمل سياسي سرگرمي شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني. اهو سلسلو تقريبن هڪ سال هليو.
    عام چونڊن بعد ملڪ اوڀر پاڪستان واري بحران جو شڪار ٿي ويو. ان المناڪ داستان جي سڀني کي خبر آهي. پاڪستاني فوج چونڊن جا نتيجا قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ۽ اوڀر پاڪستان ۾ فوجي سطح تي قتل ۽ خونريزي جي بازار گرم ڪئي وئي. ان سان گڏ فوجي ٽولي اولهه پاڪستان ۾ سياسي سرگرمين ۽ اظهار جي آزادي تي سخت پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون. سڄو ملڪ سڪتي جي حالت ۾ هليو ويو.
    وڏي تيزيءَ سان ڀارت سان جنگ شروع ٿي وئي، ان ۾ فوج کي شرمناڪ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي سڄي اڀرندي ڪمان کي غير مشروط طور هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا. پاڪستان جي جسم جو هڪ عضوو ڪٽجي ڌار ٿي ويو. ڀارت 91 هزار سپاهين کي جنگي قيدي بڻائي ورتو. نه صرف اوڀر پاڪستان الڳ ٿي ويو، پر اولهه پاڪستان جي 5 هزار چورس ميلن جي ايراضيءَ تي ڀارت قبضو ڪري ورتو. الهندي مورچي تي پاڪستاني فوج جي ڪارڪردگي افسوناڪ حد تائين مايوس ڪندڙ هئي.
    اهو مڙني پاڪستانين تي ڪارو وار هيو، مايوسي، انتشار ۽ شڪست جي ان اونداهي دؤر ۾ فوجي جنتا وڏي هوشياريءَ سان نئين پاڪستان جي اقتدار جون واڳون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيون. اهڙيءَ طرح پارٽيءَ کي نه ته پاڻ کي منظم ڪرڻ جو وقت ملي سگهيو ۽ نه ئي موقعو. دراصل پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ تحريڪ هئي، هڪ طوفاني ۽ انقلابي تحريڪ هئي. پر ملڪ سياسي ويڙهه جو شڪار هيو ۽ منهن ڀر ڪري پيو هو. ڇاڪاڻ ته شڪ هيو ته صرف اولهه پاڪستان ۾ اتحاد برقرار رکي سگهجي پيو. فوجي ٽولي جو خيال هو ته اوڀر پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه جي ڪيفيت ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ برقرار رهندي. ان خيال بعد فوج اولهه پاڪستان جي فاتح پارٽي، پاڪستان پيپلز پارٽي کي ٽوڙڻ جي منصوبابندي ڪرڻ شروع ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪتاب ”گريٽ ٽريجڊي“ ۽ ان وقت ڏنل بيانن جو ٻيهر مطالعو ڪرڻ سان اها حقيقت پڌري پٽ ثابت ٿئي ٿي.
    جڏهن شهيد ڀٽو، عوامي حڪومت جي واڳ سنڀالي ته ان حڪومت جي قيادت ۽ رهنمائي ڪرڻ وارن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين کان سواءِ ٻيو ڪو به موجود نه هيو. سندس پهرين ترجيح پارٽي نه پر ملڪ جي وحدت قائم رکڻ هئي، سڄي قوم کي متحد ڪرڻو هيو. ۽ ان جي بقا ۽ اتحاد جي لاءِ هڪ نظرياتي بنياد قائم ڪيو ويو. عوام کي يقين ڏيارڻ ۽ سندن حوصلي افزائي ڪرڻ هئي. ان کان سواءِ هٿياربند فوج کي به حوصلي شڪنيءَ کان بچائڻو ۽ کيس هڪ ڀيرو ٻيهر جنگجو فوج بنائڻو هيو. اها ڪيفيت فوج ۾ ان وقت برقرار نه هئي. ملڪ جو نه ته ڪو آئين هيو ۽ نه ئي سياسي ادارو، جيڪو ان ذلت جوڳي موقعي تي ملڪ کي درپيش مسئلن جو حل تلاش ڪري سگهي. ان وقت عوام جاگيرداري نما سرمائيدارنه نظام جي ظلمن ۽ زيادتين جو شڪار هيو. کين تڪڙي سڪون ۽ راحت جي ضرورت هئي.

    پارٽيءَ جا تڪڙا قدم
    پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي اهي سڀ ڪم هڪ وقت سرانجام ڏيڻا هيا. ان انقلابي سڌارن جا قدم کنيا، معيشت تي ٻڌل سڀ وڏا ادارا قومي تحويل ۾ ورتا ويا. وقت ضايع ڪرڻ کان سواءِ زرعي سڌارن جو ڪم هٿ ۾ کنيو ويو. ان جو اهو مقصد هيو ته پاڪستان جي نانءَ تي جيڪو ڪارو داغ لڳو هو ان کي مٽايو وڃي. ياهو (يحى خان) جي فوجي ٽولي ۽ پاڪستاني فوج جي ڪرتوتن پاڪستانين جي عزت مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏي هئي. پاڪستان جو عالمي وقار ذلتن جي اونداهي غار ۾ غرق هيو.
    ذوالفقار علي ڀٽو جو گهڻو وقت بين الاقوامي معاملن تي صرف ٿيڻ لڳو. حالتن جي اها ئي گهرج هئي. ملڪ جو 5 هزار ميل علائقو دشمن ملڪ جي قبضي هيٺ هيو. 91 هزار پاڪستاني جنگي قيدي ڀارتي جيلن ۾ قيد هيا. پاڪستان جو ڪو به خيرخواهه ۽ دوست نه هيو. ان جو معاشي نظام ڊانواڊول ٿي چڪو هو. ڀارت ۽ بنگلاديش جا لاڳاپا هڪ مستحڪم بنياد تي قائم ٿي رهيا هئا. قانوني يا نظرياتي نقطه نظر سان ملڪ هڪ قوم جي حيثيت سان يڪجا نه هيو. قوم جي تعمير لاءِ هڪ نئون عهدنامو مرتب ڪرڻو هيو. انهن مان هرهڪ ڪم انتهائي پيچيده ۽ وقت طلب هيو. ذوالفقار علي ڀٽو ان لاءِ هر روز 18 ڪلاڪ ڪم ڪندو رهيو. پارٽي معاملن تي ڌيان نه ڏئي سگهڻ تي هن معذرت جو اظهار ڪيو ۽ پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊن جو وقت مٿان اچي بيٺو. ان دوران آمريڪي سي آءِ اي جيڪو ڪردار ادا ڪيو، ان جو داستان سڀني مٿان واضح آهي. پارٽيءَ جون چونڊون نه ڪرائي سگهڻ جي اهم سببن مان هڪ سبب دلچسپ ۽ ڌيان طلب به آهي. 5 جولاءِ 1977ع تي جڏهن فوجي جرنيلن جي ٽولي اقتدار تي قبضو ڪيو ته قانوني طور تي ڪا به سياسي سرگرمي ممڪن نه هئي. اسان مان ڪو به پارٽيءَ ۾ داخلي جمهوريت تي روشني وجهڻ نه ٿو گهري. نه ئي اسان ڪن رعايتن جا گهرجائو آهيون. موجوده حالتن کي سامهون رکندي حقيقتن تي روشني وجهي سگهجي ٿي.
    آئون واعدو ڪريان ٿي ته جڏهن به حالتون سازگار ٿيون ته مڙني سطحن تي پارٽيءَ جون چونڊون ڪرايون وينديون. اهو ڪو حتمي فيصلو نه آهي. جيئن ئي سياسي سرگرميون قانوني طور تي جائز قرار ڏنيون وينديون ته اسان پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ اندرين سطح تي چونڊون ڪرائينداسين. مڙني سطحن تي ليڊرن جي چونڊ عمل ۾ اچي ويندي. ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غلط فهمي ذهنن ۾ نه رهڻ گهرجي.
    اسان جي پارٽي کاٻي ڌر جي پارٽي آهي. نظرياتي طور تي هڪ آزاد خيال ۽ غير قدامت پسند پارٽي آهي. ان جو پروگرام سوشلزم تي ٻڌل آهي ۽ ديني معاملن ۾ ان اسلامي قدرن کي سيني سان لڳايو آهي. مان هن موقعي تي هڪ ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ بهتر سمجهان ٿي. فوجي ڊڪٽيٽرن اسلام جي اعلى قدرن جي تحفظ جي جيڪا ڪوڙي دعوى ڪئي آهي، اسان نظرياتي، سياسي ۽ اقتصادي هر اعتبار سان ان کان لاتعلقي ظاهر ڪريون ٿا. دراصل اسلامي يا پاڪستاني نظرئي جي پردي ۾ هو فوجي ۽ غير فوجي ڪامورا شاهي نظام جي مدد سان جاگيردارانه ۽ سرمائيدارانه طبقن جو مڪروه چهرو لڪائڻ گهرن ٿا.

    پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جون ترجيحون
    پاڪستان پيپلز پارٽي جو موومينٽ فار دي ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي (ايم آر ڊي) يعني تحريڪ بحاليءَ جمهوريت جي اڪثر اڳواڻن جي متعلق پنهنجو هڪ نقطي نظر آهي، پر مان ان پروگرام جي متعلق پهريان به ڪٿي ڪجهه چئي چڪي آهيان. موجوده حالتن جي تقاضا اها آهي ته مڙئي جمهوري قوتون هڪ وسيع قومي پليٽ فارم تي متحد ٿي وڃن ۽ جيڪي ماڻهو اهو چاهين ٿا ته عوام کي پنهنجي مستقبل جي فيصلي ڪرڻ جو اختيار ملڻ گهرجي ۽ فوج کي عوام تي پنهنجو قبضو ڄمائڻ يا پنهنجي مرضي مڙهڻ جي ڪنهن به موقعي کان محروم ڪيو وڃي. انهن کي، فوج کي پنهنجن بيرڪن ۾ واپس موڪلڻ واري گهٽ ۾ گهٽ پروگرام کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي. هيءُ ڪم مڙني ذريعن کي استعمال ڪري سرانجام ڏيڻو پوندو.
    پاڪستان پيپلز پارٽي تسليم ڪري ٿي ته موجوده غير معمولي حالتن ۾ ان خاص مقصد کي ڪنهن به ٻئي پروگرام تي فوقيت حاصل آهي. جيڪي ماڻهو چون ٿا ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو پنهنجو پروگرام مهل ۽ موقعي جي مناسبت موجب نه آهي، اهڙي ڳالهه نه آهي. اهڙن ماڻهن لاءِ مان اهو بيان ڏئي رهي آهيان ته هو سياسي ڪارروائي جي سماجي تصور کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن. منهنجي ان بيان جو مطلب اهو آهي ته اسان موجوده فاشسٽ ۽ ڊڪٽيٽرانه فوجي نظام کي مڙني گهربل ذريعن سان پاڙئون پٽي اڇلڻ واري پنهنجي تڪڙي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي پارٽي پروگرام کي پوئتي رکڻ لاءِ رضامند ٿي ويا آهيون.
    جڏهن منهنجي ان بيان جو جائزو ورتو وڃي ٿو ته ان کي ايم آر ڊي جي ٻين اڳواڻن کان مختلف تصور ڪيو وڃي ٿو. منهنجو نقطه نظر اهو آهي ته فوجي نظام کي پاڙئون پٽي اڇلڻ لاءِ سڀ ذريعا استعمال ڪيا وڃن. جڏهن ته باقي ميمبر صرف روايتي يا آئيني ذريعن تي زور ڏئي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته موجوده حڪومت جو نظام مارشل لا جو حامي ۽ ترجمان آهي ۽ هتي نه ته ڪنهن سياسي سرگرميءَ جو عمل دخل آهي، نه ئي پريس کي آزادي آهي يا ٻيا شهري حق ڏنا ويا آهن يا آزاد عدالتون قائم آهن. انهن حالتن ۾ آئيني ذريعن جي ڳالهه ڪرڻ نيڪ خواهشن جون دعائون ڏيڻ کان گهٽ نه آهي، انهن حالتن ۾ ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهجي. عوامي سطح تي ڪا به ڪارروائي ٿي نه ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته فوجي جنرلن جو ٽولو اهو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو ته عوام مارشل لا جي سختين ۽ پابندين کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري. انهن حالتن ۾ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي ان سرحد کي عبور ڪرڻ ناممڪن آهي.
    ٻئي طرف اسان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا ماڻهو ٻنهي پروگرامن کي سنجيدگيءَ سان گڏوگڏ کڻي هلنداسين، تڪڙي پروگرام کي به ۽ پارٽي پروگرام کي به. اسان انهن ٻنهي پروگرامن جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جو قسم کڻون ٿا. باقي ٻيا ماڻهو جيڪي حقيقي طور تي ڪجهه ڪرڻ جا خواهشمند آهن، انهن کي اسان جي ڳالهه ٻڌڻي پوندي. خاص ڪري انهن پارٽين جا اهي ڪارڪن جن کي انساني آزاديءَ جي تحفظ جو خيال آهي. انهن کي اسان سان هٿ هٿ ۾ ملائي هلڻو پوندو. ان کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو نه آهي. جيڪڏهن اسان سياسي نصب العين جي نفسياتي پهلو کي ذهن ۾ رکي حالتن جو غور سان جائزو وٺنداسين ته اهو سمجهڻ ۾ ڪا به تڪليف نه ٿيندي ته انساني حقن ۽ قدرن سان اسان جو گهرو لاڳاپو آهي. اهو ئي اسان جي پروگرام جو خاص نقطو آهي. ان پروگرام هيٺ اسان عوام کي مجبور ڪري سگهون ٿا ته هو پاڪستاني فوجي ٽولي جي فاشسٽ نظام کي شڪست ڏيڻ واري مقصد کي اوليت ۽ فوقيت ڏئي.
    ماڻهو جمهوريت جا فلڪ شگاف نعرا ان وقت تائين لڳائي نه ٿا سگهن، جيستائين ان کي عملي جامو پهرائڻ وارو اعلان نه ڪيو وڃي. جيڪڏهن اها ڳالهه نه هوندي ته هو اهڙي پروگرام کي سياسي طور تي ناموزون تصور ڪندا. اسان جو عقيدو آهي ته اسان کي اهو ئي ڪجهه ڪرڻ گهرجي، جنهن کي اسان صحيح سمجهون ٿا. ان سان عوام تي پنهنجي مٿان مڙهيل خود ساخته خاموشيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ دٻاءُ وجهي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اسان فقط ان وقت منظم ٿي سگهياسين ۽ ڪنهن سياسي ريلي ۽ جلسي کي خطاب ڪري سگهياسين، جڏهن مارشل لا حڪومت اسان کي ان جي اجازت ڏيندي ته پوءِ عوام کي سجاڳ ڪرڻ جي ڪيفيت پيدا ٿيندي. اسان جو پروگرام سماج کي انساني قدرن سان گڏ تبديل ڪرڻ آهي. انهيءَ پروگرام جو آزادي جي بحاليءَ وارن تڪڙن مقصدن کي حاصل ڪرڻ واري عزم سان ڪو به ٽڪراءُ ڪونهي. دراصل ٻئي هڪ ئي منزل ڏانهن ويندڙ ٻه رستا آهن. پر مان ته ايئن چونديس ته اسان جي هڪ پروگرام تي عمل ڪرڻ کان سواءِ ڪو به شخص عمل جي ميدان ۾ داخل ٿي نه سگهندو ۽ تڪڙن مقصدن کي حاصل ڪرڻ واري پروگرام کي نقصان رسي سگهي ٿو. اها سستي قسم جي عملي سياست نه آهي. اسان انسانيت دشمن فوجي نظام جون پاڙئون پٽڻ واري مقصد هيٺ ٻين پارٽين جي سربراهن ڏانهن سچائي سان تعاون جو هٿ وڌايو آهي. اسان ان مقصد جي حاصلات لاءِ ساڻن قدم سان قدم ملائي هلنداسين. اها ڪيفيت ان وقت تائين موجود رهندي جيستائين هو پنهنجي منزل تائين نه پهچندا. يا ته هو رستي کان هٽي ويندا ۽ ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي ظالمن ۽ ڏاڍ ڪندڙن سان ملي ويندا يا هو ان وقت تائين اسان سان گڏ رهندا جيستائين اسان پنهنجا مقصد حاصل ڪري نه وٺنداسين.
    پوئين معاملي ۾ ان جدوجهد جي ذميواري اسان تي ان وقت تائين عائد رهندي، جيستائين اسان پنهنجي پروگرام کي حاصل ڪري نه ٿا وٺون. اها ڳالهه سڀني تي واضح هجڻ گهرجي. ڪو به اهو نه چئي ته کيس اها خبر نه هئي ته اسان ڪهڙي مقصد لاءِ ثابت قدم رهيا آهيون. اڳ به ڪيترائي ڀيرا عرض ڪري چڪي آهيان ته اسان سياست ۾ ظلم ۽ تشدد جا قائل نه آهيون، پر اسان گهٽين، محلن، بازارن، ڪارخانن ۽ ٻنين ۾ پرامن سياسي سرگرمين جا خواهشمند آهيون. جن ۾ مڙني عوامي جذبو رکندڙ پاڪستانين کي شرڪت ڪرڻ گهرجي. اسان جنرل ضياالحق جي حڪمن جو انتطار نه ڪنداسين ته اسان کي فلاڻو قدم کڻڻ گهرجي يا فلاڻو ڪم نه ڪرڻ گهرجي. اسان عوام سان گڏ هونداسين. اسان اهو ئي ڪنداسين، جنهن کي اسان ضروري سمجهون ٿا. اسان بنا ڪنهن ضرورت جي عوام جون جانيون خطري ۾ نه وجهنداسين يا فوج سان جهڳڙو فساد نه ڪنداسين. پر ٽڪراءَ جي خوف کان اسان فوجي دڪٽيٽرشپ جا آڏو گوڏا به نه کوڙينداسين.
    ايم آر ڊي سان اسان جو الحاق خلوص ۽ سچائي تي ٻڌل آهي. ان جو مقصد فوجي حڪومت کي اونداهي جي ڪُنَ ۾ اڇلي ڦٽو ڪرڻو آهي. ان جو مقصد پاڪستاني فوج تي ٻڌل ملڪ جي سياسي ۽ سماجي زندگيءَ جي ٻانهن مروڙي ڇڏڻي آهي. اسان پنهنجي ان مقصد جي متعلق سنجيده آهيون ۽ ايم آر ڊي جي ٻين ڪارڪنن ۽ اڳواڻن مان به ان قسم جي سنجيدگيءَ جي اميد رکون ٿا. پر انهن جي دلچسپيءَ يا سنجيدگيءَ ۾ گهٽتائي يا ڪنهن قسم جي بددليءَ سبب اسان اڻ ڄاڻايل مدي تائين خاموش نه رهنداسين. اسان ايم آر ڊي جي انهن اڳواڻن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلنداسين، جيڪي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ واري پروگرام ۾ سنجيدگيءَ سان اسان جو ساٿ ڏيندا. ايم آر ڊي جي ٻين اڳوڻن کي تڪڙي پروگرام جي حاصلات لاءِ اسان کان الڳ ٿيڻ جي آزادي هوندي. پر اسان پنهنجي منزل طرف اڳتي وڌندا رهنداسين.
    ان جو مطلب اهو ٿيو ته جيئن ئي اسان جو ننڍي کان ننڍو مقصد حاصل ٿي ويندو يعني مارشل لا يا فوجي حڪمران ٽولي کي اقتدار کان ڌڪي ڌار ڪيو ويندو، پوءِ ڇو نه ان حڪومت جو صدر ضيا هجي يا ڪو ٻيو جرنيل، ايم آر ڊي پنهنجو مقصد حاصل ڪري سک جو ساهه کڻندي. ان بعد مڙني پارٽين کي پنهنجن پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي آزادي هوندي. جيستائين اسان ايم آر ڊي ۾ آهيون، اسان ان جي مقصدن تي عمل ڪندا رهنداسين ۽ ان کي سرگرم ۽ مؤثر تنظيم بڻائي رکڻ جي هر وقت ڪوشش ڪنداسين. اسان پنهنجو ظاهر ۽ باطن ڏيکاري ڇڏيو آهي، اسان ڪنهن کان به ڪجهه نه لڪايو آهي. عوام پنهنجين شڪايتن کي پرامن قدمن ۽ پرامن مظاهرن جي ذريعي حل ڪرائڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. ۽ ان کي هڪ پرامن جدوجهد جي شڪل به ڏني وئي. اسان به خون وهائڻ نه ٿا چاهيون. پر ضيا تي هي واضح هجڻ گهرجي ته هو چونڊون ڪرائڻ واري عوامي مطالبي کي تسليم ڪرڻ ۾ يعني اقتدار عوام حوالي ڪرڻ جي معاملي ۾ جيتري دير ڪندو، ان جي فوجي ٽولي خلاف جدوجهد ايتري ڊگهي، تلخ ۽ خونريز ٿيندي ويندي. ڪيترائي مثال سامهون آهن، تازو مثال ايران جو آهي، چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ظالم حڪمران ڪڏهن به اهڙي جدوجهد ۾ ڪاميابي ۽ ڪامراني حاصل ڪري نه ٿا سگهن. ضيا ضدي آهي، ان تي اهو واضح هجڻ گهرجي ته سزا ان جو انتظار ڪري رهي آهي. سندس خيريت ان ۾ آهي ته هو جلد کان جلد اقتدار کان الڳ ٿي وڃي.
    جيڪڏهن هو جلد ۽ غير مشروط طور تي پنهنجي شڪست قبول ڪري وٺي ٿو، جيئن ته هو 31 جولاءِ 1983ع کان اڳ ملڪ ۾ آزادانه چونڊون ڪرائڻ تي رضامند ٿي چڪو آهي ۽ اقتدار اعلى عوام حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ پنهنجن حوارين سان گڏ پاڻ به عوام کان رحم جي خيرات گهرڻ لاءِ تيار آهي ته مون کي يقين آهي ته اسيمبلي کيس ۽ سندن ساٿي ڏوهارين کي موت جي سزا نه ڏيندي. مان سندس ملڪ نيڪالي ۽ شهريت ختم ڪرڻ واري سزا جي سفارش ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. ۽ مان ان جي وڪالت به ڪنديس، پر شرط اهو آهي ته هو پنهنجي مڪارانه چالن کان پاسو ڪري ۽ مقرر ڪيل وقت دوران ئي عوامي مطالبن جي آڏو ڪنڌ جهڪائي. ٻئي پاسي سندس مسلسل هٺ ڌرمي، ظلم ۽ تشدد جاري رکڻ جو عمل ۽ گولين جي استعمال جو مطلب اهو ئي هوندو ته هو پنهنجو ٻيڙو پاڻ ٻوڙيندو. کيس بدترين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ لازمي طور تي تيار رهڻ گهرجي.
    في الحال مان پاڻ کي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ نمائندي طور ايم آر ڊي جو هڪ جزو تصور ڪريان ٿي. مان ان جي نظم و ضبط کي قبول ڪريان ٿي ۽ پنهنجي پارٽي پروگرام کي سياسي ارتقا جو اڳيون مرحلو تصور ڪريان ٿي. پارٽيءَ ۾ منهنجي موجوده پوزيشن جي نوعيت عارضي آهي. جڏهن بيگم نصرت ڀٽو واپس اچي ويندي، هو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت پاڻ سنڀالي وٺندي. ۽ جيئن ئي پارٽيءَ جون چونڊون ٿي وينديون ته ان جي سربراهه جي چونڊ جو مرحلو به عمل ۾ اچي ويندو.
    


    باب ٻيو: هڪ سياسي رڻ پٽ بڻيل ڌرتي 



    اسان پنهنجي وطن عزيز پاڪستان جو عوام آهيون. اسان سياسي جدوجهد جي ذريعي آزادي حاصل ڪئي آهي. ان جو قيام آزادانه نموني ووٽنگ جي ذريعي عمل ۾ آيو. اسان جي اها بي انتها خواهش آهي ته غربت ۽ اقتصادي بدحاليءَ جا مسئلا جمهوري طريقن سان حل ڪيا وڃن. ساڍن 8 ڪروڙ ماڻهن جي اقتصادي ۽ تمدني حالت بنيادي سڌارن جي ذريعي بهتر ڪرڻ وارا قدم عوامي سطح تي آزادانه طور تي چونڊيل حڪومت جي ذريعي ئي کنيا وڃن. اچو ته 1970ع وارين چونڊن جي ياد تازي ڪريون، جڏهن عوام ورهيه پراڻا پنجوڙ ٽوڙڻ لاءِ ... پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي بيعيت ڪئي هئي.
    اڄ اهي ئي پاڪستاني ظلم ۽ جبر جو شڪار آهن، انهن کي انتهائي بي رحميءَ سان تشدد جو شڪار بڻايو پيو وڃي. حڪمران طبقي عوام جي استحصال جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. ان عوام ۾ هاري به آهن، مزدور به آهن، ڪاريگر به ۽ شهرن ۾ رهندڙ گهٽ آمدني رکندڙ گروپ جا ماڻهو به شامل آهن. سرمائيدار جن وٽ وڏا وڏا زرعي فارم آهن ۽ جديد مشينن ۽ ٽريڪٽرن جي ذريعي پوکي راهي ڪندڙ هارين جو استحصال ڪري رهيا آهن، امير ۽ وڏا واپاري ملڪ جي عوام ۽ ذريعن کي هڪ وڏي عرصي کان ڦري ۽ لُٽي رهيا آهن. فوجي آفيسرن جو طبقو ۽ وڏا وڏا سرڪاري آفيسر ۽ سندن ٻانهن ٻيلي پنهنجي پراڻن آقائن کي سينئر شراڪتدارن طور تسليم ڪرڻ تي مجبور آهن. انهن عوام کان سندن نظرياتي حق به کسي ورتا آهن ۽ هر قسم جي احتجاج کي سختيءَ سان ڪچلي ڇڏيو آهي.
    مارشل لا جا حڪم ۽ قانون ڪاغذي سطح تي به وحشت جوڳا آهن. فوجي عدالتن طرفان 10 کان 14 سال سخت پورهئي سان قيد ۽ 10، 20 يا 30 ڦٽڪن جون سزائون هڪ معمول بڻجي ويون آهن. ۽ جيڪي ڏوهاري آهن؟ ۽ جيڪي سياسي ڪارڪن ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ احتجاج ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، کين اذيتناڪ سزائون ڏنيون وڃن ٿيون.
    اهي ظلم ۽ ستم جا ستايل ماڻهو عام طور تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۽ کاٻي ڌر جي ٻين پارٽين ۽ گروهن جا ڪارڪن هيا. قانوني طور تي ان ظلم ۽ ستم جو سواءِ عام عدالتن جي ٻيو ڪو به علاج نه هيو. انهن عدالتن جي ڪيفيت بذات خود چڪلن کان گهٽ نه هئي. جڏهن اهي متاثر شهري امداد لاءِ اتي پهچن پيا ته کين انصاف ڏيڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو پيو وڃي ته اهو سندن اختيار جي دائري ۾ نه آهي. اصل ۾ فوجي ڊڪٽيٽر جي نادرشاهي فرمانن بيوس ۽ بي يارو مددگار عوام جي دادرسيءَ کي ناممڪن بڻائي ڇڏيو هيو.
    مارچ 1981ع ۾ جابر ضيا اعلى عدالتن کان سندن نظرياتي اختيار به غير رسمي طور تي کسي ورتا هيا. ان اختيار هيٺ ڪنهن به فوجي ڪارروائي جي خلاف مذڪوره عدالتن ۾ شڪايت ڪري سگهجي پئي. ان کان ڪافي اڳ سڀ اهو ڪري سگهن پيا. هاڻي ته اهو بهانو به ختم ڪيو ويو.
    ان کان اڳ فوجي ڊڪٽيٽر اها ڊاڙ هنئي هئي ته اهي اعلى عدالتون، 1973ع جي آئين تحت ڪم ڪري رهيون آهن. حقيقت ۾ اهو نسورو ڪوڙ هيو، پر مارچ 1981ع جي پرويزنل ڪانسٽيٽيوشن آرڊر (پي سي او) ان ڪوڙ جو ڀانڊو ڦاڙي ڇڏيو. ۽ اعلى عدالتن جي اها شيخي به ٽڙڪو ڏئي ٽٽي پئي. حقيقت ۾ پي سي او ان آئين جو متبادل هيو، جيڪو پاڪستاني عوام اپريل 1973ع ۾ خود پنهنجو پاڻ تي لاڳو ڪيو هيو. مذڪوره آرڊر هيٺ اعلى ترين عدالتن ۽ ٻين عوامي ادارن کان خودمختياري، اختيار ۽ اقتدار ۽ قانوني استحقاق کسيو ويو هو. سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي 9 ججن حلف کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هيو. بغاوت جي ان ڏوهه ۾ کين پنهنجن عهدن کان الڳ ڪيو ويو. انهن ججن جو اهو هڪ عظيم ۽ ارڏو قدم هيو. ضيا نظرياتي طور تي 1973ع جي آئين کي اونهي کاهيءَ ۾ دفن ڪري ڇڏيو ۽ عوامي حڪومت جي پاڙ پٽي ڇڏي.
    پاڪستان جي انصاف پسند سرزمين به هاڻي سياسي بنجر ڌرتي بڻجي وئي آهي. پاڪستان جي فوجي ڊڪٽيٽرن هڪ به آزاد يا خودمختيار ادارو باقي نه ڇڏيو آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهذب سماج جو آئينو هوندو آهي. ٽريڊ يونين کي آزاداڻي نموني ڪم ڪرڻ جي اجازت نه آهي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي جمهوري حڪومت 1977ع کان اڳ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي اهي حق عطا ڪيا هيا، کين انهن حقن کان محروم ڪرڻ جو سڌو سنئون خطرو پيدا ٿي پيو آهي. وزيراعظم جناب ذوالفقار علي ڀٽي 1976ع ۾ هارين کي حقن جو جيڪو چارٽر ڏنو هيو، اهو هاڻي هڪ بيرنگ خط بڻجي ويو آهي. يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي آزادي کي به سلب ڪيو ويو آهي. تعليم ۽ تدريس جو سلسلو رڪجي ويو آهي ۽ اتان جي ماحول تي به بي پناهه دٻاءُ وڌو پيو وڃي. وڪيلن ۽ بيرسٽرن جي بار کي عدالت جي ڪمرن اندر به شهري حقن جي سوالن تي بحث ڪرڻ جي حق کان محروم ڪيو ويو آهي. جرنلسٽ يونين تي مسلسل دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ وڏي بي غيرتيءَ سان هڪ ننڍو رقيب پيدا ڪيو پيو وڃي. جرنلسٽن کي بدديانت ۽ بي ايمان بڻائڻ جو سلسلو جاري آهي.

    حقيقي دشمن
    آخر مارشل لا جي ڇا معنى آهي؟ اها ئي ته عوام جي پنهنجي حقن کان مڪمل طور تي محرومي. آخر حقيقي دشمن ڪير آهي؟ هاڻي اها حقيقت به واضح ٿيڻ گهرجي. هي فقط هڪ ضيا نه آهي، جيڪو هڪ معمولي حڪمران آهي، پر سڄو فوجي ٽولو، جيڪو جنرل ضيا جي پٺي ٺپري رهيو آهي. ۽ اهو ممڪن آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو فوجي جرنيل ضيا جي جڳهه وٺي ويهي رهي. اسان کي ان خطري کان پاڻ کي محفوظ ڪرڻو آهي. جنرل ضيا کي سڄي نوڪرشاهي نظام ۽ سڄي استحصال پسند ٽولي جي حمايت حاصل آهي. اهو طبقو سندس حڪومت مان فائدو حاصل ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ضيا جو متبادل اچي ويو ته هو ان جي به اهڙي طرح خوشنودي حاصل ڪندا.
    ضيا جي حڪومت باهمي مفاد پرستن جي ذريعي ۽ سندن لاءِ ئي قائم ڪئي وئي آهي. حڪومت جي نوعيت واضح آهي ته فوجي حڪومت مختلف ميدانن ۾ ڪهڙا گل پوکي رهي آهي؟ هيءَ حڪومت ڏينهن رات پاڪستاني سرحدن تي زبردست خطري هجڻ جو راڳ آلاپي رهي آهي. آخر سندس مقصد ڪهڙو آهي؟ انهن ڳالهين سان خطرو وغيره ڪجهه به نظر نه ٿو اچي. جيڪڏهن اسان پاڻ موقعو ڏنو ته ڀارت اسان تي اوڀر واري سرحد کان وار ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته روس، افغانستان ۾ گهيرو ڪيو ويٺو آهي، هو اولهه کان ٽپي پوندو ۽ هوڏانهن بلوچستان ۽ سرحد صوبي ۾ بغاوت جا شعلا بلند ٿي رهيا آهن. ان کان علاوه وڏي پيماني تي روسي حملي جي امڪان جا به اشارا ملي رهيا آهن. چوڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان خود گهرو ويڙهه جو شڪار آهيون.
    ضيا جي پرڏيهي پاليسي متعلق مان بعد ۾ ڳالهه ڪنديس. پر سچائي ته اها آهي جو پاڪستان جي سلامتي کي درپيش خطرا گهٽ نه ٿيا آهن. ان جي ابتڙ يا ته هو بيوقوف آهي يا مڪار، پر هو آمريڪين جا بوٽ چٽي سندن تعاون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي. اهڙي طرح هو خطرا وڌائي رهيو آهي. ضيا مسلسل عوام کي اپيل ڪري رهيو آهي ته اندروني جهڳڙا ختم ڪري انهن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد ٿي وڃن. ان جي معنى ڇا آهي؟ ته مون سان تعاون ڪريو پر پنهنجي حقن جي ڳالهه نه ڪريو. مان (ضيا) انهن خطرن کي وڌائي چڙهائي بيان ڪري قوم جي رهنمائي ڪندس.
    اسان کي فوجي جرنيلن جي حرڪتن تي نظر رکڻي پوندي. پر اسان کين ان ڳالهه جي اجازت نه ڏينداسين ته هو اسان مٿان ڪڙڪي پون. هر ڪو سندن چال ڏسي سگهي ٿو، هو عوام منجهه وڇوٽيون پيدا ڪرڻ گهرن ٿا. هڪ طبقي کي ٻئي طبقي سان ويڙهائڻ گهرن ٿا. سڀ کان پهريان هنن ساڄي ۽ کاٻي ڌر جو سوال اٿاريو. اها ڪيفيت 69-1968ع جي دوران پيدا ٿي. 77-1974ع جي دوران پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت ڪئي. ساڄي ڌر ۾ اسلامي پروگرام رکندڙ پارٽيون هيون. اولهه پاڪستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۽ اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ 1970ع جي چوندن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. انهن ٻنهي پارٽين کي کاٻي ڌر جون جماعتون چيو ويو. اهي ٻئي پارٽيون فوجي عتاب جون شڪار ٿيون. ساڄي ڌر وارن ڪميونسٽ لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج کان مدد طلب ڪئي. ساڄي ڌر جي پارٽين جو ڪميونزم بابت عقيدو هو ته اها اسلام کي تباهه ڪري ڇڏيندي ۽ پاڪستان جي روايتي قدرن ۽ تمدن کي پائمال ڪري ڇڏيندي.

    رجعت پسندن ڌرين جي چشم پوشي
    اها ڳالهه هاڻي هر ڪنهن تي واضح آهي ته فوج جو ساڄي ڌر جي اسلامي رجعت پسند پارٽين سان ٽڪراءُ ٿي پيو. فوج هڪ بهانو گهڙي 5 جولاءِ 1977ع تي سول حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو، اهو هڪ موقعو کين ملي ويو. حيرت ته ان ڳالهه تي هئي، جو رجعت پسند پارٽين ايتري معصوميت جو ثبوت ڏنو جو هو اها اميد ڪرڻ لڳا ته فوج ڪجهه عرصي تائين مٿن ڇائنيل رهندي ۽ آخر جمهوري نظام ته آڻڻو ئي پوندو. پر پوءِ جلد ئي سندن اکيون کلي ويون ۽ فوجي جرنيلن اهو فيصلو ڪري ورتو ته سندن کان وڌيڪ بهتر حڪمران ته ڪو ٿي نه ٿو سگهي.
    مارشل لا جي نفاذ کي ساڍن پنجن سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي. پر ساڄي ۽ کاٻي ڌر سان ٽڪراءَ جو خطرو اڃا به برقرار آهي. فوجي حڪومت چونڊون ڪرائي اقتدار عوام جي هٿن ۾ ڏيڻ کان لهرائي رهي آهي. ان کي اهو خطرو آهي ته جيڪڏهن سڀاڻي چونڊون ڪرايون ويون ته کاٻي ڌر جي پارٽي، پاڪستان پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي ويندي. ان کان پوءِ آزاد خيال غير رجعت پسند قوم پرست پارٽيون منظر عام تي اچي وينديون، جيڪي پنهنجي علائقن ۾ خودمختياريءَ جو مطالبو ڪن ٿيون. يا مارڪسٽ کاٻي ڌر وارا بلڪل غائب ٿي ويندا. هوڏانهن ضيا شروعات ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو ڏٽو ڏنو. انهن ساڄي ڌر وارن کي ان چال جو بعد ۾ پتو پيو. انهن ضيا کي چونڊون ڪرائڻ ۽ سندس ڪابينا کان علحدگي اختيار ڪري حڪومت کان ڌار ٿيڻ لاءِ 17 مهينن جو وڌيڪ وقت ڏنو. هاڻي اميد آهي ته انهن ساڄي ڌر جي پارٽين انهن حالتن مان ضرور سبق سکيو هوندو.

    ٽمڪندڙ اميدون
    پر جلد ئي ساڄي ڌر جي انهن اميدن تي پاڻي ڦري ويو. فوجي ڊڪٽيٽر اسلام جو دهل زور زور سان وڄائڻ شروع ڪيو. ساڄي ڌر جي چند پارٽين سندس ڪابينا کان ڌار ٿيڻ باوجود هن ڏانهن ويجهو وڃڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. انهن پارٽين ۾ جماعت اسلامي ۽ مسلم ليگ شامل هيون. يعني ساڄي ڌر جون پارٽيون پوءِ به سندس کيسي ۾ رهيون. انهن مان هڪ پارٽي جميعت علماءَ پاڪستان جو رخ ٻنهي طرفن هيو. پر فوجي ٽولو اڃا تائين عوام ۾ غلط فهمي پيدا ڪرڻ ۽ کين غلط معلومات مهيا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي. جيتوڻيڪ ساڄي ڌر جا هي ليڊر اڃا سوڌو عوام جي ئي زبان ۾ ڳالهه ڪندا آهن ته جمهوريت پسند طبقو ڇا ٿو چاهي. جلد کان جلد چونڊون، پر ان سان گڏ هو ڪو نه ڪو سرخاب جو پر لڳائي ڇڏيندا آهن ته جيئن عوام منجهه وڇوٽي پيدا ڪرڻ جي پنهنجي منصوبي ۾ ناڪام نه ٿي سگهن. اهو هڪ سڌو سنئون فراڊ آهي. مان نالا وٺي کين بڇڙو ڪرڻ نه ٿي چاهيان. هڪ متحد محاذ جي لاءِ اڻ کٽ ڳالهين جو سلسلو هلي رهيو آهي. ٺاهه جا ڪي به آثار نظر نه ٿا اچن، آخرڪار ڇو؟
    16 فيبروري 1981ع تي اسان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ وارا ايم ار ڊي جي قيام تي متفق ٿي وياسين ته جيئن پي اين اي (پاڪستان نيشنل الائينس) سان گڏجي ڪم ڪيو وڃي. پي اين اي ئي اهو ادارو آهي، جنهن جمهوري نظام جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ فوجي ٽولي جي مدد ڪئي هئي ۽ فوجي ٽولي ان کي لالچ ڏني هئي. فوجي ٽولو هڪ سال تائين مڙني وڏين وڏين پارٽين کي ٽوڙڻ جو منصوبو بڻائيندو رهيو. هاڻي به هو اها غير يقيني صورتحال پيدا ڪرڻ ۾ اڪثر ڪامياب ٿي ويو آهي. پر چند ٻيون پارٽيون ڪنهن به قيمت تي ڪجهه شرطن هيٺ اسان سان ملڻ لاءِ هميشه تيار آهن.
    ساڄي ڌر جي ليڊرن ۾ انهن شرطن تي ڳالهين ٻولهين جو هڪ اڻ کٽندڙ سلسلو هلي رهيو آهي. مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن ۽ پارٽين ۾ ڪيترن ئي پهلوئن تي اختلاف راءِ موجود آهي. گذريل ٻن سالن جي دوران ايم آر ڊي ۾ اهو ئي تجربو منظر عام تي آيو آهي. فوجي حڪمران اهو چاهين ٿا ته حڪومت جوڙڻ جي سلسلي ۾ سياسي اڳواڻ هڪ راءِ نه ٿي سگهن. ايم آر ڊي کان ٻاهر ساڄي ڌر جون ٽي پارٽيون پاڳاري جي مسلم ليگ، جميعت علماءِ اسلام (جي يو پي) ۽ جماعت اسلامي (جي آءِ) پنهنجي الڳ ديڳڙي چاڙهيو ويٺيون آهن. سندن خيال ۾ نئين حڪومت جي قيام لاءِ هڪ نئون معاهدو ضروري آهي. فوجي ٽولي طرفان چونڊن ڪرائڻ واري عمل تي رضامندي کان اڳ هرهڪ پارٽيءَ کي گڏيل طور تي رضامند هجڻ گهرجي.
    دراصل هيءُ ضيا جو نئون شرط آهي ته 1973ع جي آئين کي دفن ڪيو وڃي. ڊڪٽيٽر ضيا مختلف ماڻهن جي سامهون مختلف هنڌن ۽ موقعن تي مختلف ڳالهيون ڪندو آيو آهي. هن ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هيو ته چونڊن کان اڳ نئون قانوني ڍانچو تيار ڪرڻو پوندو. هي پارٽيون پنهنجا مقصد مختلف انداز سان بيان ڪن ٿيون. هڪ طرف ته هو ضيا تي ذاتي حملو ڪرڻ کان لهرائين ٿيون ۽ ٻئي طرف هو ضيا جي ٻولي ڳالهائي رهيون آهن.
    آخر اسان نئون آئين ۽ نئين حڪومت ڇو ٿا چاهيون؟

    مونجهاري جو بنياد
    آخر اسلامي جمهوريه پاڪستان جي 1973ع ۾ مرتب ڪيل آئين جو حشر ڪهڙو ٿيو آهي، جنهن جي متعلق جابر ضيا اهو چوندي نه ٿو ٿڪجي ته هو پاڻ ئي ملڪ جي آخري اميد آهي پر پوءِ به هو اڃا تائين پردي جي پويان آهي. ٻيون پارٽيون به اهو ئي راڳ آلاپي رهيون آهن. ممڪن آهي ته پاڪستان هڪ ٻئي نئين آئين لاءِ ڪڏهن به رضامند نه ٿئي. پاڪستان جي آئين سازيءَ جي هڪ ڊگهي ۽ المناڪ تاريخ آهي. فوجي حڪمرانن جو مقصد عوام جي ذهنن ۾ وڌيڪ مونجهارو پيدا ڪرڻ آهي. هو اهڙا قدم ان ڪري کڻي رهيا آهن، جيئن سندن نفرت جوڳو حڪومتي نظام وڌيڪ عرصو برقرار رهي سگهي ۽ مختلف پارٽيون متحد ٿي نه سگهن.
    اچو ته اسان ڏسون ته مارشل لا آخر عوام جي سامهون هر روز پنهنجو ڪهڙو رُخ پيش ڪري ٿي. هٿياربند فوج ۽ پوليس وٽ لامحدود اختيار آهن. ڪنهن به شهريءَ کي ڪو به فوجي سپاهي بنا وارنٽ جي گرفتار ڪري اڻ ڄاڻايل عرصي تائين جيل ۾ سڙڻ لاءِ موڪلي سگهي ٿو. اهڙا هزارين مثال ڏئي سگهجن ٿا. حقيقت ۾ هيءَ حڪومت جرنيلن جي حڪومت آهي، جنهن کي سپاهين ۽ نوڪرشاهي نظام جرنيلن لاءِ قائم ڪيو آهي.
    آخر حڪومت جو عوام تي ڪهڙو اثر پيو آهي؟ سول ۽ ملٽري نوڪرشاهي آفيسرن ڦرلٽ جو هڪ اڻ کٽندڙ سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي ڪيفيت هن کان اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي وئي آهي. مٿان کان هيٺ تائين رشوت خوري ۽ بدعنواني جي اهڙي بازار گرم آهي، جنهن جو وهم ۽ گمان به نه ٿو ڪري سگهجي. گورنر تائين رشوت خور آهن، منشيات جو ڪاروبار هلائين ٿا. ”دروغ برگردن راوي“ واري چوڻي موجب بدعنوانيءَ جي گرم بازار چين جي علائقي ڪوئنٽا کي به مات ڏئي ڇڏي آهي.

    اقتصادي دلال
    جيڪڏهن عوام کي پريشاني نه ٿئي ته حڪمران طبقو جيئن چاهي ڪندو رهي. ڪنهن کي به گهڻي ڳڻتي نه ٿيندي، پر بدعنواني جي گرم بازار سبب اعلى آفيسر جذباتي طور تي بي حس ٿي چڪا آهن، جنهن سبب عوام کي صبر ۽ قناعت جو پٿر سيني تي رکڻو پئجي رهيو آهي. سندن زندگي جيئري جاڳندي جهنم جهڙي ٿي وئي آهي. حڪومت جو ادنى ملازم به لالچ ۽ هوس جو شڪار آهي ۽ واپاري صارفين جي استحصال لاءَ هميشه چڪر هلائي رهيو آهي. ان ته هاڻي ناقابل بيان حدن کي به پار ڪري ڇڏيو آهي.
    ملڪ ۾ وسيع پيماني تي بي روزگاري آهي. گهڻا ماڻهو ته عرب ملڪن ۾ وڃي آباد ٿيا آهن. وڌندڙ مهانگائيءَ عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. ننڍو ڪارخانو لڳائڻ به خطري کان خالي نه آهي. صنعتي سيڪٽر هاڻي بيمار ٿي چڪو آهي. عوام کي روزگار مهيا ڪرڻ ۽ صنعتي سيڪٽر جي افاديت برقرار رکڻ ناممڪن ٿي ويو آهي. ان جو سڌو سنئون سبب اهو آهي ته حڪومت کين رليز نه ٿي ڪري.
    غير سرڪاري اندازن جي مطابق افاديت جي صلاحيت 50 ۽ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نه آهي. اها شرح به ان ڪري برقرار آهي جو ڪيميائي ڀاڻ، سيمينٽ، کنڊ ۽ تيل صاف ڪرڻ وارن ڪارخانن جي افاديت جي صلاحيت معقول حد تائين تسليءَ جوڳي آهي. ننڍين وڏين شين جي صنعت به ڪا بهتر نه آهي. گهريلو شين جي صنعتي پيداوار مسلسل زوال پذير آهي. ڇاڪاڻ ته بازارن ۾ پرڏيهه مان گهرايل شين جي ٻوڏ آيل آهي. خانگي ڪارخانيدارن سرمائيڪاري ڪرڻ کان هٿ ڪڍي ورتو آهي. اقتصادي ماهر صنعتڪاري جي زوال جي ڳالهه ڪري رهيا آهن.
    ان اونداهي پس منظر جي باوجود ضيا جي حڪومت آزاد درآمدي پاليسيءَ واري پروگرام تي عمل ڪري رهي آهي. جنهن مقامي صنعت کي موت جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. اها حقيقت سج جي روشني جيان واضح آهي ته فوجي ٽولو اهڙي پاليسي تي آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ جا اشاري تي عمل ڪري رهيو آهي. حقيقت اها آهي ته پاڪستان جي فوجي ٽولي سڄي ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي. ان جي ذهن تي فوجي هٿيار ۽ فوجي سامان حاصل ڪرڻ جو ڀوت سوار آهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو پاڪستان جي آزاد پاليسي ماضيءَ جو قصو بڻجي وئي آهي. اسان جون اڪثر اقتصادي پاليسيون واشنگٽن ۾ آءِ ايم ايف ۽ آءِ جي آر ڊي جي آفيسن ۾ جُڙن ٿيون. فوجي ٽولو اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ به ناڪام ٿيو آهي. اسان جي شهرن ۾ ترقي يافته ملڪن جي شين جي ٻوڏ آيل آهي. اهي حوس پرست ملڪ اسان جي غريب ملڪ پاڪستان تي پنهنجو وڪرو نه ٿيندڙ مال سٿي رهيا آهن. اعلى ۽ طاقتور طبقي جي مفادن جي حوصلي افزائي غير سماجي ڪاررواين جي ذريعي ڪئي پئي وڃي. منشيات جو ڌنڌو پنهنجي عروج تي آهي. ان جي سڄي ذميواري فوجي ٽولي تي عائد ٿئي ٿي.
    اها ڳالهه حيرت جوڳي ناهي ته ڪاري ڌنڌي ۽ اسمگلنگ جي معيشت هڪ متوازي معيشت جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. هڪ اندازي جي مطابق شهري معيشت جو 30 کان 35 سيڪڙو ان متوازي معيشت جي عتاب جو شڪار آهي. هڪ ٻئي اندازي جي مطابق هر سال 30 کان 40 ڪروڙ ڊالرن جي ماليت جو اسمگلنگ جو مال ۽ منشيات جو ڪاروبار اسان جي ملڪ ۾ هلندو آهي. اهو غير سرڪاري درآمدات جو سلسلو آهي.

    پورهيت ڌمڪين جي پاڇي هيٺ
    ڪارخانن جا مزدور ڌمڪين جي پاڇي هيٺ زندگي گهاري رهيا آهن. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي دور حڪومت ۾ جيڪي حق عوام کي ڏنا ويا هيا، اهي هاڻي خطري هيٺ اچي ويا آهن. گذريل ٻن سالن ۾ هڪ نئين ليبر پاليسي آندي وئي آهي. جنهن تحت مزدورن کان سڀ حق ۽ رعايتون کسيون وينديون. يعني کين هڙتال ڪرڻ جو به اختيار نه هوندو. هي فوجي ڊڪٽيٽر ورڪرن سان نئين سوديبازي ڪرڻ لاءِ موقعو تلاش ڪري رهيا آهن. ڪوڙن لڳڻ جو عارضي ڏهڪاءُ ئي اسان جي ورڪر کي خوفزده ڪري رهيو آهي.
    فوجي ٽولي جي آمراڻي نظام ۾ ئي معيشت جي عظيم ترين ڪاميابيءَ جي دعوى ڪئي پئي وڃي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڪڻڪ جي پيداوار هڪ ڪروڙ ڏهه لک ٽن ٿي آهي. پر ان جو فائدو ڪنهن کي ٿيو؟ ايتري سُٺي پيداوار ڪندڙ ماڻهو غربت ۽ مفلسي جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا آهن. کين مفلس ۽ پنڻ جهڙو ڪيو ويو آهي. ته جيئن هو شهرن جي گندن پاڙن ۾ وڃي آباد ٿين. جتي وٽن ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي، هنن وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه رهندو ته هو هن ملڪ مان ڀڄي وڃي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ آباد ٿين. پر ان جي باوجود زميندار مسلسل خوشحال ٿي رهيو آهي. زميندارن کي ننڍن هارين ۽ ڪاشتڪارن جي ڪري ئي سرڪاري طور تي اهميت ملي رهي آهي. ضيا نون ۽ شريف هارين کي تباهه ڪن اگهن تي زمين جي ملڪيت جي منتقليءَ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. 83-1982ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري طور تي زراعت کي هٿي وٺرائڻ جي شروعات ڪئي وئي هئي. عرب شيخن ۽ اهڙين ئي ٻين قومن جي ماڻهن کي وڏا زرعي فارم قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي آهي. انهن فارمن جي ايراضي 5 هزار کان 10 هزار ايڪڙن جي وچ ۾ آهي. ان دوران ملازمت تي موجود ۽ رٽائرڊ فوجي جرنيلن جي نوڪرشاهي نظام هلائيندڙ آفيسرن وڏا وڏا زرعي فارم قائم ڪرڻ شروع ڪيا آهن. اهي سڀ قدم غريب شهرين جي ڀلائي واري نام نهاد نعري هيٺ کنيا پيا وڃن.
    ٻهراڙين جي اڪثر آبادي بي زمين هارين جي آهي، انهن وٽ ڪو به ڪم ناهي، سندن ڪو به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه وري کين ڪا اميد آهي. هنن وٽ شهر جون گنديون ڪالونيون آباد ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو نه آهي. شهرن جي گندين آبادين جي حالت رحم جوڳي آهي. خوراڪ جي گهٽتائي، ٽي بي، ڏوهه، جسم فروشي ۽ ٻين گناهن جي بازار گرم رهندي آهي. انهن گندين وستين ۾ سماجي خدمتن يا پاڻي، رستن، اسڪولن، گهرن ۽ اسپتالن جي ڪا به سهوليت مهيا نه آهي. حڪومت جون به ان صورتحال تي اکيون ٻوٽيل آهن. عوام گُهٽ ۽ ٻوسٽ جو شڪار آهي، هنن وٽ خوابن ۾ تاج محل تعمير ڪرن کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو نه آهي.
    زرعي ترقيءَ جو وڏي زور شور سان پٽڪو پٽيو پيو وڃي. ننڍن هارين، آبادگارن ۽ نيم آبادگارن کي حڪومت مڪمل طور نظرانداز ڪري رهي آهي. ننڍن هارين جي بي وسيءَ ۽ لاچاري جي صورتحال اها آهي جو، هو حڪومت طرفان مهيا ٿيندڙ معمولي کان معمولي رعايت ۽ سهوليت مان به فائدو حاصل ڪرڻ کان لاچار آهن. اهي مڙئي سهوليتون ۽ رعايتون به زميندارن تائين محدود آهن.

    ٻهراڙيءَ وارن علائقن جون مشڪلاتون
    اهوئي سبب آهي جو ٻهراڙيءَ جي عوام جي اڪثريت انتهائي غربت ۽ اقتصادي پريشانين جو شڪار آهي. انهن پريشانين ۾ گهٽتائي بجاءِ ڏينهون ڏينهن اضافو اچي رهيو آهي. بي روزگار ۽ بي زمين هاري زرعي پيداوار ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. پر انهن جو ڪو به حال ڀائي نه آهي. سندن مٿان مايوسي جا پاڇا وڌيڪ گهرا ٿي رهيا آهن.
    ضيا پاڪستان جي معيشت کي اسلامي ڍانچي ۾ آڻڻ لاءِ وڏيون دعوائون ڪري رهيو آهي. اصل ۾ هن ننڍن هارين کي سرمائيدار بگهڙن جي گهيري ۾ بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي. دراصل معيشت جي اسلام ڪاري ضيا جي پروپيگنڊا فيڪٽريءَ مان نڪتل خوبصورت ۽ نمائش ڪرڻ جهڙي شيءِ آهي. دراصل هو مخالف ڌر کي غلط فهميءَ ۾ وجهي رهيو آهي. ۽ انتهائي مايوسيءَ جي ڪيفيت ۾ ”ٻڏندڙ کي ڪک جو سهارو“ وانگر سندس ڪجهه حمايت ۽ تعاون جا طلبگار آهن. هو چاهي ٿو ته عوام اها ڳالهه وساري ڇڏي ته هو غاصب آهي، جنهن سڄي قوم کي مانيءَ جي گرهه کان به محروم ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري عوام پاڻ کي ڪمزور ۽ لاچار سمجهي رهيو آهي. ان ڪري عوام جي دلچسپي ختم ٿي رهي آهي. ان ڪري هو لاتعلق بڻجي رهيو آهي. هر روز سندن مسئلن ۾ واڌ اچي رهي آهي ۽ کيس ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ زمين آسمان هڪ ڪرڻو پوي ٿو. روايتي ليڊرشپ به ڪيترن ئي پاسن کان عوام کي مايوس ۽ نامراد ڪيو آهي. پهريان عوام کي سندن حقن کان محروم ڪيو، کين ذليل ۽ خوار ڪيو ۽ پوءِ سندن استحصال ڪرڻ ۾ به ڪا ڪثر نه ڇڏي. اسان جا رهنماءَ سينگاريل ۽ سنواريل ڊرائنگ رومن ۾ ويهي يا ته گپ شپ ڪندا آهن يا پنهنجون يادگيريون لکڻ يا ڪتاب لکڻ ۾ مصروف آهن، هنن جو عوام سان رشتو ڪٽجي چڪو آهي.
    ٻيو اهو ته اهي ليڊر ضيا جي اڳيان پنهنجو پڇ لٽڪائڻ ۾ پورا آهن، حقيقت اها آهي ته عوامي انقلاب ضيا ۽ سندس جوڙيوالن کي هوا ۾ پنن اونگر اڏائي ڇڏيندو.

    طلسم نيٺ ته ٽٽڻو آهي
    حالتون ان حد تائين خطرناڪ ٿي چڪيون آهن جو انهن کي سنڀالڻ آمرانه نظام جي وس جي ڳالهه نه رهي آهي. هتي چونڊن جي اجازت نه ٿي ڏني وڃي. حڪمران ٽولي انتهائي خطرناڪ غلطيون ڪيون آهن، ۽ هو پنهنجي وجود کي بچائڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ سڀ حربا استعمال ڪري چڪو آهي.
    ان ڪري جڏهن 1973ع جو آئين جوڙيو پيو وڃي ته وزيراعطم ڀٽو کان وٺي ڪري مخالف ڌر جي هڪ هڪ ميمبر پوءِ چاهي انهن ۾ هٿ مٿي کڻي حمايت ڪندڙ ئي ڇو نه هجن، هڪ ٻي فوجي حڪومت جي قيام کي ناممڪن بڻائڻ جو پختو ارادو ڪيو هيو. هنن اتفاق راءِ سان ان عزم جو اظهار ڪيو هو ۽ آئين ۾ اهو لکيو هيو ته جيڪڏهن ڪو به فوجي جرنيل جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جو ڏوهه ڪندو ته آئين جي آرٽيڪل 6 هيٺ بغاوت جي الزام ۾ کيس موت جي سزا ڏني ويندي. ان ڪري ڦاسيءَ جو ڦندو ضيا جو بي صبريءَ سان انتظار ڪري رهيو آهي.
    ضيا جا چند جوڙيوال تشدد پسند سياست جي مذمت ڪن ٿا، سندن خيال ۾ اسان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ وارا ۽ فوجي ٽولي جي ساٿارين کان سواءِ سڀ سياسي رهنماءَ 1973ع جي آئين جي مڪمل بحاليءَ تي زور ڏئي رهيا آهيون. ۽ اسان ذوالفقار علي ڀٽو جي موت جو بدلو وٺڻ چاهيون ٿا، اهو نسورو ڪوڙ آهي. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته قانوني قتل عدل ۽ انصاف جي سڌي سنئين بي حرمتي هئي ۽ انسانيت جي خلاف هڪ وڏو ڏوهه هيو. مون کي سندس قتل تي هڪ انسان جي حيثيت ۾ ۽ سندس ڌيءُ جي ناتي وڏو ڏک پهتو آهي. ڪنهن ٻي مخالف پارٽيءَ جي ليڊر کي اهڙي طرح ذاتي طور تي ملوث نه ڪيو ويو.
    سڄي قوم آئين جي بحاليءَ جو مطالبو ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو آئين نئين قائم ڪيل اسيمبليءَ جو مڪمل طور ترجمان هيو. ضيا به ڪيترائي ڀيرا ان کي تسليم ڪيو هيو ته اهو ملڪ جي آخري اميد هيو. جيڪڏهن اسان اهو آئين بحال نه ڪرائي سگهياسين ته ملڪ سان غداري هوندي. عوام جي جذبن جو احترام ڪندڙ هر فرد جو اهو ئي خيال آهي. ۽ جيڪڏهن آئين جي نفاذ کان پوءِ ڦاسيءَ جو ڦندو ضيا جي ڳچيءَ ۾ فٽ ايندو ته ڀلي اچي وڃي. اهو ڦندو ته دراصل ضيا جي آرمي چيف بڻائڻ کان گهڻو اڳ تيار ٿي چڪو هيو. پر ضيا کي ڦاسيءَ جي ڦندي تائين پهچائڻ اسان جو مقصد ناهي. جيتوڻيڪ هو ان جو حقدار آهي. پر جيڪڏهن هو گهڻو بيچين ۽ بي قرار ٿي پنهنجي ڪئي تي پشيمانيءَ جو اظهار ڪري اسان وٽ اچي ٿو ته اسان ڪنهن نه ڪنهن طرح سندس جان بخشائي سگهون ٿا. بدلو وٺڻ اسان جي سياست جو وڙ ناهي، پر قانون جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي نه ٿي سگهجي، ان کي ته پنهنجي ڪارروائي ڪرڻي پوندي.

    احتجاج جا طريقا
    اسان جي ملڪ ۾ ڪهڙو به سياسي ناٽڪ رچايو وڃي، پر مان اها ڳالهه پوري اعتبار سان چوان ٿي ته اسان قطعي طور تي تشدد پسند سياست جا قائل نه آهيون. اسان جمهوري طرز جي احتجاج ۽ چونڊن کي اهميت ڏيون ٿا. پر جيڪڏهن سڀ آئيني دروازا بند ڪيا ويندا، جيئن ضيا گذريل 6 سالن ۾ ڪيو آهي ته پوءِ اسان هٿ تي هٿ رکي ويهي نه رهنداسين. جيئن ٻيا ڪري رهيا آهن. اسان گهٽ ۾ گهٽ اهڙي ڪارروائي ڪنداسين، جنهن سان ڪم بهتر ڍنگ سان ٿي وڃي.
    ان باري ۾ ڪا به غلط فهمي ذهن ۾ رهڻ نه گهرجي. اهو ضيا جي پسند تي ڇڏيل آهي ته هو آزاداڻي نموني چونڊون ڪرائڻ گهري ٿو يا آزاد چونڊن جي رهنمائي ڪرڻ گهري ٿو يا ڪجهه به نه، جيڪڏهن هو آخري رستو اختيار ڪرڻ گهري ٿو ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته هو عوام کي چئلينج ڪري رهيو آهي ته هو ميدان ۾ اچن ۽ کيس شڪست ڏئي ڪٽهڙي مان ٻاهر ڦٽو ڪن. جيڪڏهن هو ڪجهه به نه ٿو چاهي ته اسان عمل جي ميدان ۾ ڪُڏي ڪاهي پونداسين ۽ ساڻس هڪ هڪاڻي ڪنداسين.
    اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ تي مون کي افسوس ٿيندو. ڇاڪاڻ ته اها هڪ ڊگهي ۽ خوني جدوجهد هوندي. ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجيون جانيون قربان ڪرڻيون پونديون. جسماني طور تي معذور ٿيڻو پوندو، پنهنجيءَ ملڪيت کان محروم ٿيڻو پوندو. پر اسان اهڙي طرح حڪومت کي پنهنجو وطن عزيز تباهه ۽ برباد ڪندي ڏسي نه سگهنداسين. اهو سچ آهي ته جيڪڏهن پاڪستاني پنهنجي پاڪستاني ڀائرن کي موت جي منهن ۾ ڏئي ڇڏين ته اسان کي ان جو افسوس ٿيندو. فوجي سپاهي به ته اسان جا مٽ مائٽ آهن. پر حب الوطني ۽ اخلاقي فرض به ته ڪا شيءِ آهي، ان فرض جون به ڪي گهرجون آهن.اسان ان فرض کان اکيون ٻوٽي نه ٿا سگهون ۽ ضيا کي به مان اها ڳالهه چئي سگهان ٿي. اسان رحم جي خيرات نه ٿا گهرون ۽ نه وري رحم ڪيو ويندو.
    بحث مباحثي لاءِ ته ڪافي وقت گهرجي. پر اسان وٽ ڪرڻ لاءِ هڪ ڪم آهي. يعني فوجي جرنيلن کي اقتدار مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪرڻ. اسان سياسي ۽ اخلاقي نظرئي تي اڻ ڄاڻايل مدي تائين گفتگو ڪري نه ٿا سگهون. اسان ته پنهنجي ذهن کان ڪم وٺندي گهٽ کان گهٽ عرصي ۾ پنهنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ مؤثر ترين رستو ڪڍنداسين. جيئن ته مان پهريان ئي چئي چڪي آهيان ته اسان پنهنجي مرضيءَ موجب رستو اختيار ڪنداسين. اسان ڪهڙا ذريعا اختيار ڪريون ٿا. ان جو فيصلو دشمن جون چالون ڏسي ۽ سمجهي ڪيو ويندو.
    دشمن اسان سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ تي ضد ٻڌي بيٺل آهي، ۽ اسان کي تشدد جا ذريعا استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو ته اسان به اهي ئي استعمال ڪنداسين. نه ته جمهوري حڪومت جي قيام لاءِ پرامن رستو اختيار ڪرڻ لاءِ دروازا ته کليل آهن. ان جو فيصلو ته خود کيس ڪرڻو ئي پوندو.
    مان هڪ ڳالهه ايم آر ڊي سان لاڳاپيل اڳواڻن کي به چوڻ چاهيان ٿي. اها ڳالهه وري وري دهرائڻ جي ڪا به ضرورت ناهي ته اسان عوام کي منظم ڪرڻ ۽ فوجي ٽولي جي خلاف جدوجهد لاءِ پرامن رستو اختيار ڪنداسين. اسان نوجوان هٿ تي هٿ رکي خاموش رهي نه سگهنداسين. جيڪڏهن جنرل ضيا پنهنجون نفرت انگيز پابنديون نه ٿو هٽائي ته اسان کيس اقتدار جي ايوانن کان ٻاهر اڇلڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. اسان انتهاپسنداڻه ڪارروائي جو عوامي رستو اپنائينداسين. عوامي رستي ۾ انتهاپسندي کي ڪو به عمل دخل نه آهي. پر اسان گانڌي جا پوئلڳ ناهيون. مهاتما گانڌي ان ڪري ڪامياب ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته سندس مقابلو انگريزن سان هيو، جيڪي ڪنهن حد تائين بي حس نه هيا. ان ڪري هنن دوستاڻي ماحول ۾ هندستان ڇڏي ڏنو ۽ حڪومت ڪانگريس جي حوالي ڪري ڇڏي. ان وقت ڪانگريس به ڀارتي سرمائيدارن جي ڪٺ پتلي جماعت هئي. اهي ڀارتي سرمائيدار، برطانوي سرمائيدارن جي مدد سان پنهنجي ڪاروبار کي واڌ ويجهه ڏئي رهيا هيا. انهن برطانوي حڪومت سان پنهنجي مفادن وارو ٺاهه ڪيو هيو. جنهن جي نتيجي ۾ برطانوي حڪومت ڪا به ڳري قيمت ادا ڪرڻ کان سواءِ حڪومت هندستانين جي حوالي ڪري ڇڏي. اسان جا فوجي جرنيل نه ته ايترا سياڻا آهن ۽ نه وري ايترا ڊپلوميٽ، هو ڪورا ڪاڳر آهن ۽ بي وقوفيءَ سان وڙهي رهيا آهن.
    اسان پنهنجن پراڻن سياسي رهنمائن کي پاڻ سان گڏائي ڪم ڪنداسين. مان سچي دل سان واعدو ڪريان ٿي ته اسان سندن تجربن ۽ ذهانت مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اها ڪيفيت ان وقت تائين برقرار رهندي، جيستائين هو اسان سان گڏ ڪم ڪندا رهندا ۽ جدوجهد ڪندا رهندا.

    ڊڪٽيٽر جون چالون
    دشمن جي چالن تي نظر رکڻي پوندي. اسان سندن هر هڪ چال کي شڪست ڏينداسين. سندن ”ورهايو ۽ حڪومت ڪريو“ واري پاليسيءَ جو ڀانڊو وچ ميدان ۾ ڦاڙي پوءِ ئي ساهه پٽينداسين. هو عوام ۾ غلط فهمي ڦهلائڻ جون به چالون هلي رهيا آهن، اسان کي ان صورتحال تي به نظر رکڻي آهي. ان کان سواءِ هو فقط پنهنجي دهلڙي وڄائڻ ۾ پورا آهن. مخالف پارٽيءَ جي ڳالهه عوام تائين پهچائڻ کي هو قطعاً پسند نه ٿا ڪن. ان جو به مؤثر ڍنگ سان توڙ ڪڍڻو پوندو. اهو ڊڪٽيٽراڻه نظام جو سڀ کان وڌيڪ مضبوط هٿيار آهي. ان سان اڻ پختو ذهن رکندڙ نوجوانن جي حوصلي شڪني ٿئي ٿي.
    ٿورو تاريخ جي ورقن ۾ ليئو پائي ڏسو، ان مان اسان کي ڪافي مدد ملندي. امن واري زماني جي خود ساخته فيلڊ مارشل ڊڪٽيٽر ايوب خان اهي ئي حربا مؤثر ڍنگ سان استعمال ڪيا هيا. ضيا جا ساٿاري پنهنجن ”وڏڙن“ کان بهتر انداز ۾ اهي ئي حربا استعمال ڪري رهيا آهن. هو سياسي خبرون ۽ هلڪا ڦلڪا تنقيدي جائزه ”تحريري آزادي“ جي نام نهاد دعوى کي نظر ۾ رکندي وقت بوقت پيش ڪندا رهن ٿا. هڪ ئي جهٽڪي سان سندن ڪوڙ وارو واريءَ جو ڪوٽ ڊهي پٽ پئجي ويندو. ايوب اهي حربا ڏهن سالن تائين استعمال ڪيا هيا. آخر سندس حشر ڪهڙو ٿيو؟ آخرڪار ماڻهو ان نفرت جوڳي ڊڪٽيٽراڻه نظام خلاف متحد ٿي ويا. جيتوڻيڪ اهو اتحاد مڙني سياسي معاملن تي ٻڌل هيو. بهرحال ان ميدان ۾ ڪافي حد تائين اتحاد ٿي ويو هيو ۽ عوامي ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي. پارٽين ۽ سندن ڪارڪنن ۾ اتحاد نه هيو. اولهه ۽ اوڀر پاڪستان ۾ عوام پارٽين کي ووٽ ڏنو. اهي پارٽيون سماجي معيشت، عوام جي زندگيءَ ۾ سڌارا، مڙني شهرين کي جمهوري حق ڏيڻ ۽ مذهب ۽ تمدن جي تحفظ جي لاءِ ميدان ۾ ڪاهي پيون هيون. عوام صرف انهن پارٽين کي ووٽ ڏنو، جن اهي واعدا ڪيا هيا، باقي جن پارٽين اسلامي نظرين جو پٽڪو پٽيو هيو ۽ جن جي ڪردار ۽ قول ۾ زمين آسمان جو فرق هيو. عوام انهن پارٽين کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊون ٿين ته عوام انهن عاملن کي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪندو، جيڪي اسلامي عقيدن جي انڌي پوئلڳي ڪرڻ جون قائل آهن.
    


    باب ٽيون: ضيا جو سائرن گيت 

    ڊڪٽيٽر عام طور تي چاهيندا آهن ته هو سورما، بهادر ۽ عظيم هستيون نظر اچن. هو پنهنجا پوز به ان ئي اسٽائيل سان ڇڪرائيندا آهن. عام طور تي پرڏيهي معاملن جي ميدان ۾ اها ئي راند کيڏي ويندي آهي. ضيا به ان انداز سان ايڪٽنگ ڪري رهيو آهي. افغانستان ۾ روسي مداخلت سان کيس اهو سونهري موقعو ملي ويو آهي. هن ڪميونسٽ دشمن ۽ اسلام جي نام نهاد دعويدارن افغان مجاهدن جي پٺي ٺپري. آمريڪا، سعودي عرب ۽ مصر جي گڏيل مدد ۽ تعاون سان انهن مجاهدن کي روپيا پيسا، توبون، گنون ۽ ڌماڪا خيز مادو فراهم ڪيو ۽ هاڻي اينٽي گن شپ راڪيٽ لانچر ڏنا آهن. اهو هو آمريڪي خوشامد سان گڏ مالي ۽ فوجي امداد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪري رهيو آهي. ۽ هو ان ۾ ڪامياب به ويو آهي. اقتدار ۾ رهڻ لاءِ اهو آمريڪي تعاون انتهائي ضروري آهي.
    ضيا اهي قدم اهڙي انداز سان کڻي رهيو آهي، جيئن نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي. اهڙي طرح هو روس سان به دشمني جو خطرو نه کڻي. هو روس کي يقين ڏياري رهيو آهي ته آمريڪا ۽ سندس اتحادين کي هو اهڙا قدم کڻڻ کان روڪي نه ٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته قبائلي علائقن سان سندن سرحدون به ملن ٿيون. هيءُ هڪ نسورو ڪوڙ آهي، جيستائين فوجي حڪمرانن جي مفادن جو سوال آهي، ته هو هنن علائقن ۾ پنهنجي مرضيءَ ۽ رضا جي مطابق فيصلائتا قدم کڻندا آهن، اتي کين هر قسم جو اثر ۽ رسوخ، تنظيم ۽ فوج به فراهم آهي. اُهي اڃا تائين اتي خودمختيار آهن ۽ برٽش راڄ جي علامت آهن ۽ ان سان نوڪرشاهي نظام جا ڪيترائي مقصد پورا ٿيندا آهن. ان جي ذريعي افغانستان ۾ هو پنهنجون ناپاڪ چالون به هلي سگهن ٿا. ان جي باوجود هيءُ پنهنجا مقصد پورا ڪري وٺي ٿو. روسين به پنهنجي حرص خاطر سندس انهيءَ حيلي کي تسليم ڪري ورتو آهي. ڇاڪاڻ ته افغانستان جي سرحدي علائقي ۾ هو به اهڙي چال چلي سگهن ٿا. ۽ هي افغاني قبائلي ٻه طرفي چال هلڻ ۾ انتهائي هوشيار آهن. روايتي طور تي هو 19 صديءَ جي دوران ڪيل جاسوسيءَ جهڙيون ڪاروايون ڪري سگهن ٿا. هو انگريزن جي مخبري ڪندا هيا. انگريزن سوچيو ته سندن مدد سان ٻئي پاسي جون خبرون به ملنديون رهنديون، پر ضيا جي طرفان اهڙو قدم خطري کان خالي نه هوندو. جيتوڻيڪ هيءُ بين الاقوامي پليٽ فارم تي ڪانڀ ڪڍي ويهي سگهي ٿو، هن 30 لک افغان پناهگير اڳواٽ ئي قبول ڪري ورتا آهن. ان ڪري جهڳڙو ختم نه ٿيو آهي.
    ان جو هڪ فائدو ته ضيا کي ضرور ٿيو آهي ته اتان جي سياسي زندگيءَ ۾ نفرت ۽ وڇوٽيءَ جو ٻج پوکجي چڪو آهي. سرحد صوبي ۽ بلوچستان جا حساس علائقا خاص طور تي قابل ذڪر آهن. ته جيئن اتان کان حملي جو خطرو ٽرندو رهي. ان دوران فوجي ظلمن جي انتها ٿي وئي آهي. عوام جي شديد استحصال سان گناهن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. ضيا پاڪستان کي زنده درگور ڪري ڇڏيو آهي. ان سان ڪيترائي اهڙا مسئلا اٿي کڙا ٿيا آهن، جن سبب هيءُ ملڪ پنهنجي زندگيءَ جي پهرين 25 سالن ۾ غير مستحڪم ٿي ويو ۽ سندس وحدت ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪي آهي. آخر اهي دلين کي ورهائڻ وارا معاملا ڪهڙا هيا، اهي هيءُ هيا ته 1. نظريه، 2. فيڊريشن ۽ يونٽن وچ ۾ اختيارن ۽ فرضن جي ورهاست 3. فيڊرل پارليامينٽ ۾ بنيادي نمائندگي 4. ملڪ جي سربراهه جا خاص حق ۽ 5. پرڏيهي پاليسي.
    متحد پاڪستان جي سڄي زندگيءَ ۾ هي مسئلا پاڻ ۾ اختلافن جو سبب رهيا. 1947ع ۽ 1954ع جي وچ ۾ يعني ”مڪمل آزادي“ هڪ اڳوڻي نوڪر شاهي آميز ڊڪٽيٽر جي طرفان مڪمل طور تي حڪومتي اقتدار سنڀالڻ، ٽي ڀيرا آئين جي مسودن کي مرتب ڪرڻ ۽ ٽئين تي رضامندي جي اظهار تائين اها ڪيفيت ڇائنيل رهي. ان جي باقاعدي منظوريءَ کان اڳ ئي بغاوت جو اعلان ٿي ويو ۽ نوڪرشاهيءَ جي نمائندي کي اقتدار کان محروم ڪيو ويو. هو فوج ۽ نوڪر شاهي نظام جي ميمبرن ۽ اولهه پاڪستان جي امير طبقي جي گهيري ۾ ڦاسي ويو. زميندارن، واپارين ۽ ڪارخانيدارن جي ملي ڀڳت سان ڊڪٽيٽرانه نظام جي شروعات ٿي، هڪ ٻي اسيمبليءَ جو قيام عمل ۾ آندو ويو. ان غير جمهوري طريقي سان هڪ فارمولو تيار ڪيو. جنهن هيٺ اوڀر پاڪستان جي 4 سيڪڙو آبادي تحت ايترا ئي نمائندا نئين پارليامينٽ ۾ شامل ڪيا ويا، جيڪي اولهه پاڪستان جي 56 سيڪڙو آبادي طرفان موڪليا ويا هيا. ان آئين هيٺ صدر کي غير معمولي اختيار حاصل ٿي ويا. ان کي فارمولي کي نافذ به ڪيو ويو. پر هيءُ آئين گهڻو عرصو برقرار رهي نه سگهيو. جيئن ئي فيبروري 1959ع ۾ پهرين چونڊن جي تاريخ طئه ڪرڻ لاءِ ڪو نه ڪو فيصلو ڪيو وڃي ها ته پاڪستان جي سربراهه پاڪستاني ايوب خان فوج جي بي انتها تعاون سان هڪ ٻي بغاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو. ۽ ان آئيني نظام جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا، جنهن کي 3 سالن جي محنت سان تيار ڪيو ويو هو.
    جلد ئي پاڪستاني فوج فيصلو ڪيو ته هوءَ ئي حڪومت ڪرڻ جي وڌيڪ اهل آهي. ان جي سربراهه پنهنجي عهدي جي بنياد تي خود ساخته صدر جي طور تي حڪومت جون واڳون سنڀالي ورتيون. ڀٽو جي حڪومتي دور کان سواءِ اهو سلسلو اڃا تائين برقرار آهي. ايوب خان پنهنجي مرضيءَ سان آئين مڙهيو. ان کي فوجي نما شهري مارشل لا جو نالو ڏنو ويو. عوام جي بغاوت کان اڳ اهو سلسلو 6 سالن تائين برقرار رهيو. ۽ جڏهن اها ڪيفيت رونما ٿي ته آرمي پنهنجي سربراهه کي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر (سي ايم ايل اي) مقرر ڪري ڇڏيو. صدر جنرل يحى خان جنهن کي عام طور تي ”ياهو“ چيو ويندو هو، خانه جنگي جي دوران ملڪ جي بخوبي قيادت ڪئي، پر کيس ڀارت کان شڪست ۽ ملڪي ورهاڱي جي سانحي کي منهن ڏيڻو پيو.
    شهيد ڀٽو باقي بچيل ملڪ جي هڪ هڪ سر کي ڪٺي ڪيو ۽ پاڪستان جي نئين سر تنظيم ڪاري ڪئي. دراصل کيس عوام چاهيندو هيو ۽ کيس عوام جو انتهائي گهڻو تعاون حاصل هيو. هن عام سياسي ڏي وٺ جي اصول هيٺ آئين سازي جا سڀ مسئلا طئه ڪري ورتا. هن مڙني پارٽين کي تعاون جي اپيل ڪئي. ان ۾ ساڄي ڌر جون پارٽيون به شامل هيون. جمهوري طريقي سان چونڊيل اسيمبليءَ اتفاق راءِ سان هڪ مستقل آئين تيار ڪيو. مڙني سياسي پارٽين ان کي تسليم ڪري ورتو، اهو هڪ لاثاني ڪارنامو هيو ۽ ضيا به ان کي پاڪستان جي اميد جو آخري ڪرڻو قرار ڏنو هيو. پر ان جي باوجود هن ان آئين جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون.
    1947ع وارا مسئلا وري ڪنڌ مٿي کڻڻ لڳا. چئن صوبن مان هڪ ۾ مستقل اڪثريت هئي. ان جي آبادي سڄي ملڪ جي آبادي کان 63 سيڪڙو هئي (جڏهن ته ان کان اڳ اوڀر پاڪستان جي مستقل آبادي 54 سيڪڙو هئي). هيءُ پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ ذرخيز ۽ دولت مند علائقو هيو. ان جو 75 سيڪڙو حصو فوج ۾ هيو ۽ 85 سيڪڙو ماڻهو نوڪر شاهي نظام جي اعلى عهدن تي فائز هيا. پنجابي شاهوڪار واپار تي ڇائنجي ويا. هنن تقريبن قومي ملڪيت ۾ نه ورتل سڀ ڪارخانا ۽ وڏا وڏا واپاري ادارا خريد ڪري ورتا. قومي ملڪيت ۾ ورتل سيڪٽر تي به گهڻو ڪري پنجابي نوڪر شاهي آفيسرن جو قبضو آهي ۽ اهو الزام لڳايو پيو وڃي ته انهن جا سڀ آرڊر پنجابي فرمن کي ئي ڏنا پيا وڃن. مڙني پيشيورانه ميدانن ۾ پنجابين جو هولڊ (قبضو) آهي. ۽ اڪثر ڪري اقتصادي ۽ سياسي شخصيتون پنجابي آهن. 1982ع ۾ جڏهن ضيا هڪ پارليامينٽ جو مجلس شورى جي نالي هيٺ اعلان ڪيو، ان جو غور سان مشاهدو ۽ مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اسان جون اقتصادي ۽ سياسي شخصيتون ان تي به قابض آهن. اهو به واضح رهي ته اسمگلنگ ۽ منشيات جي ڌنڌي جي تنظيم ۽ سرمائيڪاري ۾ به ڪافي حد تائين پنجابين جو هٿ آهي.
    ان ڪري ماڻهو هڪ يونٽ جي زور زبردستي قيام کي نفرت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. 1955ع ۾ مغربي پاڪستان جي چئني صوبن کي ملائي هڪ صوبو بڻايو ويو هيو. اها ڪيفيت 1969ع تائين برقرار رهي، پر پنجابي ان يونٽ جي تنظيم مان انتهائي خوش هيا. اقليتي نمائندا پهريان به پنجابين جي ان استحصال پسندي جي سخت مذمت ڪندا هيا ۽ هاڻي به ڪن ٿا. ان ڪري ئي هو بنگالين طرفان مڪمل صوبائي خودمختياري واري مطالبي جي به اندران ئي اندران حمايت ڪن ٿا. پنجابي هميشه اسلامي نظرئي جي حمايت تي زور ڏيندا رهيا آهن. مسلم قوميت يا اسلامي نظام ٻين لفظن ۾ اسلامي استحڪام جي نالي هو مرڪز کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ جو مطالبو ڪن ٿا.

    نقلي اسلاميت
    اها ڳالهه ڪيتري لاجواب آهي ته پنجاب ۾ ساڄي ڌر جون پارٽيون وڌيڪ مضبوط آهن، ڇاڪاڻ ته هو اسلامي يا پاڪستاني نظرياتي نظام جي وڌي چڙهي ڪري ڳالهه ڪن ٿيون. اسلامي نظام جي نانءِ تي هو واپار ڪن ٿيون. سندن سياست جو ٻيو ڪو به بنياد نه آهي. پنجاب جو وچولو شهري طبقو کين پسند ڪري ٿو، پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا حامي ان کان الڳ آهن. 1971ع کان اڳ گڏيل پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ ان قسم جي سياست جو ڪو به اثر نه هيو ۽ نه ئي سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان ۾ ڪا رجعت پسند پارٽي جي يو آءِ جي نالي سان موجود هئي. پر اهو هڪ خاص معاملو آهي. اها هڪ صحيح ۽ معتدل رجعت پسند مذهبي پارٽي آهي، ان خودمختياري ۽ زمين کيڙڻيندڙ جي آهي، واري حق کي تسليم ڪيو آهي. ان سسٽم هيٺ سندن عقيدو آهي ته زمين ان جي آهي جيڪو پنهنجي هٿن سان ان کي کيڙي ٿو. کاٻي ڌر جي ٻين پارٽين ۽ دين جي نشي ۾ مبتلا پارٽين ۾ ڪيترو فرق آهي، ۽ سيڪيولر ۽ کاٻي ڌر جي پارٽين سان اها ڪيتري ويجهڙائپ آهي.
    سڌن لفظن ۾ ايئن چيو وڃي ته استحصال پسندن اسلام جو چوغو پائي معصوم عوام کي لٽڻ ۽ ڦرڻ لاءِ ڪيترا بهانا گهڙي ورتا آهن. ضيا ۽ سندس حامي اهي ئي حرڪتون ڪري رهيا آهن. اسلامي نظام جي قيام جو مطلب موجوده سماجي اقتصادي حالت کي برقرار رکڻ آهي ته جيئن سندن رعايتن ۽ حقن تي ڪو به حرف اچي نه سگهي.
    اسلام جي ان استحصال جو اسان کي ڄمي مقابلو ڪرڻو آهي. 93 سيڪڙو مسلم آبادي جي هن ملڪ ۾ ڪا به جمهوري حڪومت اسلامي تصورن کان ابتڙ قانون مرتب ڪرڻ جو خواب به ڏسي نه ٿي سگهي. ڪو به جمهوريت پسند سياستدان عوام جي مذهبي جذبن جي خلاف ڪا به ٻڙڪ ٻولڻ جي جرئت ڪري نه ٿو سگهي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ اسلام جي نوعيت تحريري طور تي واضح ڪئي وئي آهي ته حقيقي طور تي آئين ۾ اسلام جو ڪيترو عمل دخل ٿي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ سڀ رجعت پسند پارٽيون اڃا سوڌو پاڻ کي اسلامي تصورن لاءِ موزون سمجهن ٿيون. اچو ته اسلامي ليڊرن کي اسلامي نعري بازي کان روڪيون.
    


    باب چوٿون: نئين نظام جو خاڪو

    1973ع جي آئين کي هر اعتبار کان پائمال ڪيو ويو آهي. مڙني پراڻن معاملن تي ان آئين ۾ وسيع طور تي روشني وڌي وئي هئي. جنهن جي بنياد تي صوبن کي پارليامينٽ ۾ نمائندگي حاصل ٿيندي. مرڪز ۽ صوبن ۾ اختيارن ۽ فرضن جي ورهاست ڪيئن ٿيندي. ملڪ جي سربراهه وٽ ڪهڙا خاص اختيار هوندا. درحقيقت ضيا ڪجهه ٻين معاملن کي منظر عام تي آڻي رهيو آهي ته فوج جو به لازمي طور تي آئيني ڪردار هجڻ گهرجي.
    آخر هو ڇا ٿو ڇاهي؟ بنگلاديش جي ليفٽيننٽ جنرل ايڇ ايم ارشاد وانگر ڇا هو به جرنيلن کي بهتر نموني هلندڙ حڪومت خلاف ويٽو جي طاقت استعمال ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ چاهي ٿو. ان مڪروهه تجويز کي قلم جي هڪ جنبش سان رد ڪرڻ گهرجي.
    جيستائين پراڻن مسئلن کي ڇيڙڻ جو واسطو آهي ته، اها حقيقت آهي ته حاوي ٿيل پنجابي فوج اڳ ئي هڪ يونٽ قائم ڪري ڇڏيو آهي. فرق صرف ايترو آهي جو ان جو گادي وارو شهر لاهور جي بدران اسلام آباد آهي. فوجي جرنيل هر شيءِ جو فيصلو هر جڳهه تي ڪري وٺن ٿا. ننڍن علائقن جي عوام جو ڪو به آواز موجود ناهي، ان معاملي ۾ پنجاب جو عوام پنهنجي آقائن جي ڪارن ڪرتوتن ۾ غير ضروري طور تي ملوث آهي. معاملا ڪهڙي طرح طئه ڪيا ويندا آهن، انهن ۾ سندن ڪو به هٿ ناهي. پر ان معاملي ۾ سندن مٿان ٿوري گهڻي ذميواري عائد ڪئي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته کين صحيح پوزيشن جو احساس ڏياريو ويندو آهي. کين پنهنجي نالي سان ڪو ڪم ڪرڻ کان پري رکيو ويندو آهي. سندن سنڌين، بلوچن ۽ پٺاڻن وانگر ئي استحصال ڪيو ويندو آهي، کين گاريون به ڏنيون وينديون آهن، ان ڪري کين (پنجابين کي) اقليتي علائقن جي استحصال سٽيل عوام سان ملي ڪري هڪ مضبوط گڏيل محاذ قائم ڪرڻو پوندو. ان اتحاد کي عوام جي امنگن ۽ تمنائن کي بهتر زندگي ۽ برابري وارن حقن لاءِ قائم ڪرڻ گهرجي.
    جيڪڏهن ايم آر ڊي جهڙو مورچو قائم ڪري جمهوري پارٽيون هڪ جهنڊي هيٺ متحد ٿي وڃن ته هي سڀ مسئلا آساني سان حل ٿي سگهن ٿا. 1973ع ۾ اهو ئي ٿيو، پر هاڻي اهو آسان نه هوندو.
    پوئين ڀيري 1970ع جي چونڊن ۾ ٻن سببن جي ڪري عوام پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي اقتدار ۾ آندو. پارٽيءَ عوام جي مفادن کي نظر ۾ رکيو، سندن استحصال نه ڪيو، انهن اقليتي حلقن کي پنهنجو حصو ڏيڻ کان نه ڪيٻايو. ان ڪري مشڪل آئيني مسئلا حل ٿي ويا. هاڻي چونڊن جي حق لاءِ سندرو ساهڻو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪا به پارٽي عوام جي نمائندگي ڪرڻ جي مستحق نه آهي. ان ڪري فوجي جرنيل غلط فهميون پيدا ڪري رهيا آهن.
    ان ڪري ئي ننڍن صوبن جا نمائندا پنجابي فوج جي خلاف مستحڪم گارنٽيءَ جو مطالبو ڪري رهيا آهن ته جيئن فوج کي آئيني نظام تباهه ڪرڻ کان روڪيو وڃي. آرمي مرڪز کي هر اعتبار کان مضبوط ۽ توانو ڪرڻ چاهي ٿي. پي اين پي صوبن کي مستقبل ۾ 1973ع جي آئين کان به وڌيڪ حق عطا ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي.
    کاٻي ڌر جون ڪيتريون ئي پارٽيون صوبن کي زياده اختيار عطا ڪرڻ واري سوال تي رضامند ٿي ويون آهن. جڏهن ته ايم آر ڊي جون ٻيون پارٽيون جن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جا ڪجهه ميمبر به شامل آهن، ان مطالبي کي تسليم ڪرڻ ۾ تڪليف محسوس ڪري رهيا آهن. صوبائي حڪومتن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ جي معاملي ۾ پنجاب ۽ ننڍن صوبن جي وچ ۾ ٺاهه ٿي نه ٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته اهو معاملو اوڀر پاڪستان سان به تسلي بخش طور تي حل ٿي نه سگهيو هيو. ساڄي ڌر جون ايم آر ڊي جون پارٽيون هڪ مضبوط مرڪز ٺاهڻ لاءِ فوج جي خيالن جي حمايت ڪن ٿيون. صوبن کي خودمختياري ڏيڻ جي سوال تي ايم آر ڊي ۾ انتشار پيدا ٿي سگهي ٿو. پر حقيقي طور تي هيءُ مسئلو ايترو وقت طلب نه آهي. شرط اهو آهي ته عوام جي مفادن کي حقيقي معنى ۾ آڏو رکيو وڃي.
    هتي هڪ سوال جو حل ڪڍڻ جي به ضرورت آهي. ڪيترائي سياستدان، جن ۾ ضيا به شامل آهي، ان قسم جا حيلا بهانا ڪري رهيا آهن ته 1973ع جو آئين ته صحيح سلامت آهي. ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي بيوقوفي ٿي سگهي ٿي. آئين جي اهم ۽ ضروري آرٽيڪلز کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جي معنى آئين جو موت ناهي ته ٻيو ڇاهي. آئين جي بقا جو حيلو بهانو ڪڍڻ فضول آهي، هاڻي ته ان جي بقا فقط يادن ۾ ئي محفوظ آهي. ممڪن آهي ته ان جا ڪجهه مرتب ڪيل آرٽيڪل مستقبل جي ڪنهن ڪوشش ۾ معاون ۽ مددگار ٿي سگهن. حقيقت اها آهي ته اسان آئيني طور تي اگهاڙا ٿي چڪا آهيون.

    خاص معاملو
    هڪ ٻئي آئين جي ترتيب واري تصور سان ئي ڪيترائي ماڻهو بيهوش ٿي ڪري پوندا. جيڪڏهن سياسي سمجهه جو ثبوت ڏنو وڃي ته هفتي ٻن ۾ نئين آئين جي ترتيب ڪو مشڪل ڪم ناهي. هڪ طرف ته انتها اها آهي جو نئين چونڊيل اسيمبليءَ کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ سڌي سادي قرارداد منظور ڪرڻي پوندي. 1973ع جي آئين جي آرٽيڪلز کي گهڻي بحث کان سواءِ منظور ڪيو وڃي، ان کي متفق طور تي رضامندي سان ترميمن يا ان کان سواءِ پاس ڪيو وڃي. ٻئي طرف ڪجهه عرصي اندر يعني هفتي ٻن ۾ مرڪز ۽ صوبن ۾ اختيارن ۽ فرضن تي رضامندي جو اظهار به ضروري آهي. جيڪي ماڻهو اهو سوچين ٿا ته 1973ع جي آئين کان وڌيڪ بهتر ڪو آئين مرتب ڪري سگهجي ٿو ته کين ڊگهي مستقبل تائين ان جو انتظار ڪرڻو پوندو. اسان کي سڀ کان پهريان قوم کي هڪ آئين عطا ڪرڻ گهرجي، اعلى سطح تي ترجيح ان موقف کي ڏيڻ گهرجي.
    ٻيو سوال ضيا جي انا جي عبادت جو آهي. 1973ع جي آئين هيٺ چونڊون ٿي نه ٿيون سگهن. هن ان کي ليگل فريم ورڪ (ايل ايف او) جو نالو ڏنو آهي. يحى خان اپريل 1970ع ۾ ايل ايف او نافذ ڪيو هيو. هي نئون سياسي ڍانچو آهي، هو ان تي ڪافي عرصي کان زور ڏئي رهيو آهي. ان جي معنى اها ٿي ته هو .... ايوب خان جي آئين جهڙو پنهنجي مرضيءَ سان آئين عوام تي مڙهڻ گهري ٿو.
    اچو ته ان کي هڪ مسئلو تصور ڪندي ان تي ڳالهه ٻولهه ڪريون. آخر جڏهن آئين ئي ناهي ته چونڊون ڪهڙي اصول ۽ قائدي تحت ٿي سگهن ٿيون. پر اسان کي اها ڳالهه آڏو رکڻ گهرجي ته اهو سوال سياسي نوعيت جو آهي. حقيقي سوال ته هڪ خودمختيار ۽ آزاد اسيمبليءَ لاءِ چونڊون ڪرائڻ جو آهي. اسان کي اهڙا ڪي به شرط وجهڻ نه گهرجن، جن سان ڪنهن نمائندي تي ڪنهن قسم جي فالتو ذميواري عائد ٿي وڃي.
    ضيا کي غير مشروط طور تي چونڊون ڪرائڻيون پونديون ۽ غير مشروط طور تي اقتدار کان الڳ ٿيڻو پوندو. اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته هو (ضيا) 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 6 هيٺ ڏني ويندڙ سزا کان بچڻ چاهي ٿو. ”اعتدال پسند“ ماڻهو اسان کي چون ٿا ته عوام جي غم ۽ غصي کي ڇو ڊيگهه ڏني وڃي. ڇو نه کيس (ضيا) سندس سلامتي ۽ تحفظ جو يقين ڏياريو وڃي. ان سان ضيا جي دل کي تسلي ٿي ويندي. اها ڳالهه معقول به آهي، اسان بدلو وٺڻ واري ڳالهه سوچي نه رهيا آهيون. پر بنيادي اهميت آئين جي استحڪام جي آهي، انهن اصولن تي ته ٺاهه ممڪن ناهي. ان کان سواءِ ضيا جي قسمت جو فيصلو اسان جي هٿ ۾ ناهي. آئنده بڻجندڙ ”آزاد“ اسيمبلي ئي فيصلو ڪندي. جيڪڏهن اسان ڪو فيصلو ڪريون ٿا يا ان جو اعلان ڪريون ٿا، اهو اسان لاءِ به غلط ٿيندو ۽ ضيا لاءِ به. ان رستي جو حل ڪڍڻ ته اسيمبلي جو ڪم آهي. بهرحال اهو ته ضيا جو ڪم هوندو ته هو پاڻ کي اسيمبلي جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏئي ۽ اها ئي سندس اعمالن جو فيصلو ڪندي. جيڪڏهن هو ۽ سندس ساٿي هاڻي کان ئي معقول رستو اختيار ڪن ٿا ۽ هڪ خودمخيتار ۽ آزاد اسيمبليءَ جي قيام لاءِ آزاداڻه چونڊن جي راهه هموار ڪن ٿا ۽ ان ۾ غير ضروري طور تي رڪاوٽون نه ٿا وجهن ته سندن سزا جي متعلق نرم رويو اختيار ڪيو ويندو. اسان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ وارا دل ۾ ڪو به بغض نه رکندا آهيون. پر ضيا جي اعمالن جو حساب ته ڪرڻو ئي پوندو. باقي حقيقي معنى ۾ حقيقي عوامي پروگرام اپنائڻ ضروري آهي. ايم آر ڊي جي لاءِ لازمي آهي ته هو عوامي پروگرام کي اپنائڻ لاءِ وڌ کان وڌ قدم کڻي. جيڪڏهن ساڄي ڌر جون پارٽيون گهٽ کان گهٽ سياسي پروگرام تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿيون ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي هر قسم جي استحصال کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. اهو پروگرام پنجاب ۽ ننڍن صوبن ۾ رهندڙ عوام اپنائيندو. هو فوجي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي خلاف هڪ موثر جدوجهد شروع ڪندا ۽ حقيقي معنى ۾ هڪ اهڙو آواز بڻجي ويندا، جنهن تي ننڍن صوبن جو عوام اعتماد ڪري سگهي ٿو. پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي ان خواهش جي مطابق هر سطح تي سڀ اختيار ڏئي هي مسئلو حل ڪري ڇڏيندي.
    ڪنهن به قسم جي دوکي ۽ مڪاريءَ کان سواءِ پاڪستان پيپلز پارٽي، ايم آر ڊي جي جهنڊي هيٺ ان جدوجهد جي رهنمائي ڪندي. پر ان جدوجهد سان اهڙيون حالتون پيدا ٿي وينديون جو چونڊن جي لاءِ بدلجندڙ حالتن تي گفتگو ڪنداسين. انهن ڳالهين ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ٻيون فاتح پارٽيون شامل هونديون. پر جدوجهد جي دوران انهن جي تعاون ۾ ڪنهن قسم جي گهٽتائي نه ايندي.

    مسئلن تي ڌيان ڏيڻ
    ان قسم جو پروگرام سياسي طور تي سحر انگيز ٿي سگهي ٿو. ان جي معنى اها آهي ته عوام جي حقيقي مسئلن تي ڌيان ڏنو ويندو ۽ جابرن ۽ استحصال پسندن جو خاتمو آڻي انهن مسئلن کي حل ڪيو ويندو. اهڙي اهم پروگرام کان سواءِ اسان فوجي حڪمران ٽولي جي خلاف جدوجهد شروع نه ٿا ڪري سگهون، جيڪو ٽولو روزانو اسلام جي تحفط جا نوان نوان نعرا هڻي پنهنجن سياسي چالن سان عوام کي بيوقوف بنائڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي. فوجي ٽولو اهي مسئلا حل به ڪري نه ٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته هو سياسي پارٽين ۾ انتشار ۽ نفاق پيدا ڪن ٿا. اسان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ وارن کي پنهنجو نظريو ۽ تصور لازمي طور تي واضح رکڻو آهي، ۽ اهڙو پرگرام مرتب ڪرڻو آهي جيڪو ٻين لاءِ سونهون بڻجي سگهي.
    ان عوامي پروگرام جي سحر انگيزيءَ کي به سمجهڻ ضروري آهي. شروع ۾ ان جي تشڪيل جي نشاندهي ضروري آهي. ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن، جن ۾ سجاڳ ذهن رکندڙ اقليتي طبقو به شامل آهي. جيڪو حالتن جو عوامي نقطي نظر سان تجزيو ڪندو آهي. اصل ۾ سندن ذهني سجاڳي اهڙي هجڻ گهرجي، جنهن سان تبديلي آڻي سگهجي. جابر سماجي ۽ اقتصادي ڍانچي کي ڊاهي پٽ ڪري سگهجي. نئون ۽ وڌيڪ برابريءَ تي ٻڌل انقلابي سماج جوڙي سگهجي.
    جيڪڏهن اقليتي طبقي جي ان ذهانت ۽ بيداريءَ سان هڪ ڀيرو صحيح پروگرام مرتب ٿي ويو ته اهو عوام جي اميدن، آرزوئن ۽ تمنائن جو مرڪز بڻجي ويندو. جيڪڏهن اقليتي طبقي مان ڪا سحر انگيز ۽ مقناطيسي ڪشش رکندڙ هستي ميدان ۾ داخل ٿي ته عوام جي علم ۽ عقل ۾ بهتر اضافو ٿيندو ۽ اقليتي طبقو ۽ عوام ٻئي ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي عمل جي ميدان ۾ سرگرم ٿي سگهندا. ان سياسي ڪشش سان عوام ۾ جوش ۽ جذبي جي نئين لهر پيدا ٿيندي. 1967ع ۽ 1970ع جي دوران ڀٽي صاحب اهو ئي ڪارنامو سرانجام ڏنو هيو.
    اسان اهو ڪارنامو هڪ ڀيرو ٻيهر سرانجام ڏئي سگهون ٿا. منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته جيڪڏهن ڪا مقناطيسي اثر رکندڙ شخصيت ميدان ۾ اچي وڃي ته اها عوام لاءِ مثال بڻجي سگهي ٿي. ۽ علم ۽ عمل جو پيغام ڏئي سگهي ٿي. اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته مان اهو نه ٿي سوچيان ته اهڙي پروگرام کي صرف اقليتي طبقي جي ڪا شخصيت ئي عملي جامو پهرائي سگهي ٿي ۽ پارٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن ڪو به مجموعي ڪردار ادا نه ٿو ڪري سگهي. سربراهه جي شخصيت پارٽي ورڪر ۽ ان جو پرگرام، اهي سڀ معاملا الڳ الڳ آهن. انهن ۾ هم آهنگي ۽ لڳ لاڳاپا بلڪل ضروري آهن. عوام ۾ گهربل سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ سرگرم عمل ٿيڻ ضروري آهي.
    مان پهريان به عرض ڪري چڪي آهيان ته ڪنهن مقناطيسي ڪشش جي متعلق فوجي جرنيلن جي طرفان ڪئي ويندڙ پروپيگنڊا سان ڪيئي غلط فهميون پيدا ٿي ويون آهن. انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻه رخي سياسي حقيقت تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي، مان پهريان چئي چڪي آهيان ته فوجي حڪمرانن پنهنجن مقصدن جي لاءِ کاٻي ۽ ساڄي ڌر ۾ غلط فهميون پيدا ڪري غلط پرپيگنڊا ڪئي. اها پروپيگنڊا انتهائي بوگس ۽ ڪوڙي هئي. سڌي سادي پاڪستان جهڙي گهٽ ترقي پذير ملڪ جي معيشت ۾ کاٻي ڌر جي پروگرام جي محدود گنجائش آهي. بنيادي سماجي ڍانچو جاگيردارانه آهي. سڀ کان پهريان بورزوا جمهوريت جو خاتمو ڪرڻو آهي. هيءَ جمهوريت قديم سرمائيدارانه نظام تي قائم آهي. ان ۾ ڪنهن حد تائين صنعت ڪاري به شامل آهي ۽ سياسي سجاڳي به وقت جي ڪيفيت مطابق موجود رهندي آهي.

    سوشلزم جي ضرورت
    هڪ گڏيل معيشت وقت جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي، پر جاگيردارانه عنصرن مان سگهه حاصل ڪندڙ جابر ۽ فرعون مزاج حڪمران ان کي ساڄي ڌر جي معتدل جمهوريت پسندي قرار ڏين ٿا. ان ڪري 1969-1968ع ۾ پاڪستان پيپيلز پارٽي کاٻي ڌر جي پارٽيءَ ۾ ضم ٿي وئي، اها راند اڄ به کيڏي پئي وڃي. اسان مان ڪجهه، جن ۾ مان پاڻ به شامل آهيان، سوشلسٽ آهيون. پر اسان سرمائيداريءَ کي توقع جي مطابق وڌڻ ويجهڻ جو معقول موقعو فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. پر ساڄي ڌر جو وجود پنهنجي جڳهه تي برقرار آهي، اهو هر ترقي پسند نقطي نظر کان هڪ لعنت آهي.
    اچو ته اسان حق جي خاطر جدوجهد ڪريون. ايم آر ڊي سان الحاق جي باوجود جيڪڏهن اسان کي ساڄي ڌر سان وابستا ڪيو وڃي ٿو ته ڀلي ڪيو وڃي. اسان جو هڪ محدود گڏيل پروگرام آهي يعني وڌ کان وڌ هڪ سال تائين ايم آر ڊي سان اسان جو الحاق جاري رهندو. ان بعد اسان هڪ ٻي اليڪشن جو مطالبو ڪنداسين. ان ۾ اسان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي پنهنجي مڪمل پروگرام کي کڻي سامهون اينداسين. ايم آر ڊي رهي يا نه رهي، اسان هڪ هڪ پاڪستاني جي حق لاءِ هن جابر طاقت سان منهان منهن ٿينداسين. سڀ کان پهريان اسان کي ان طاقت کي ڪو نالو ڏيڻ گهرجي، فاشزم ان جو معقول ترين نالو آهي. تاريخ ۾ سڌي سادي سرمائيدارانه نظام کي ڪلاسيڪي آزادي پسند ۽ سرمائيداري نظام جو نالو ڏنو ويو آهي. اهو اصطلاح پاڪستاني بورزوا طبقي ايجاد ڪيو. پاڪستان ۾ سرمائيداريءَ جي بقا ممڪن ٿي نه ٿي سگهي. پر فاشسٽ چالن سان ان کي گهڻي گهٽ سطح تي ترقي ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو. ٻي سياسي حقيقت جو مان پهريان ئي ذڪر ڪري چڪي آهيان، يعني عوام جي لاتعلقي. عام طور تي چيو ويندو آهي ته سرحدن تي خطرا وڌي رهيا آهن. تنهنڪري ملڪ ڪمزور ٿي رهيو آهي. اها ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح آهي. اهو هڪ وهم آهي ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان تي اوڀر واري سرحد کان حملو ڪندو ته سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان صوبي جو عوام ان کي معقول ڍنگ سان منهن ڏئي نه سگهندو. ان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اثر هيٺ پنجاب جو عوام به شامل آهي. هندستاني ڪنهن حد تائين فائدي ۾ وڃي سگهن ٿا. اهڙي طرح اها دعوى به ڪئي وڃي ٿي ته جيڪڏهن روس اتر کان ڪا شرارت ڪئي ته واسطيدار علائقن جي صورتحال اها ئي هوندي. اهو سوال فوجي جرنيلن کان پڇيو وڃي ته آخر اهڙو شوشو ڪير ڇڏي رهيو آهي. انهن جرنيلن ملڪ ۾ لاتعلقي جي ڪيفيت پيدا ڪئي آهي. جيستائين اسان جو ۽ ايم آر ڊي جو واسطو آهي ته اسان جو نقطي نظر واضح آهي.

    پرڏيهي پاليسي
    اسان کي يقين ناهي ته روس ۽ ڀارت پاڪستان تي حملي ڪرڻ جو ڪو منصوبو بڻائي رهيا آهن. اسان کي هر صورت ۾ افغانستان جي ڪارمل حڪومت سان دوستاڻه ناتا برقرار رکڻ گهرجن. اسان کي ڀارت سان دوستي جي معاهدي جي آڇ کي قبول ڪرڻ گهرجي. ٻنهي وڏين طاقتن سان برابري جي بنياد تي دوستاڻه لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن ۽ گڏيل طور تي اقتصادي مفاد ۽ سماجي ميل جول جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي.
    ٻئي طرف اسان کي گڏيل ڪوششن سان وقت ضايع ڪرڻ کان سواءِ فوجي جرنيلن جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ گهرجي. لاتعلقي ۽ خطرا ختم ڪرڻ جو اهو ئي بهترين ذريعو آهي. جيستائين فوجي جرنيل اقتدار ۾ رهندا .... سندن پرڏيهي پاليسي اهڙي انداز ۾ هلندي رهندي ته سرحدن تي خطرا لامارا ڏئي رهيا آهن. ۽ هو موزون قدم کڻڻ کان نه فقط پاسو ڪندا رهندا پر انڪار ڪندا رهندا. خيريت ان ۾ آهي ته هو چونڊون ڪرائين ۽ حڪومت کان الڳ ٿي وڃن. اسان کي ملڪ کي يرغمال ڪرڻ واري سندن ذهنيت کي وڌي وڏو ٿيڻ کان روڪڻ گهرجي. ان کي عام زبان ۾ ڌاڙي جو نالو ڏنو ويندو آهي. انهن سياسي ڌاڙيلن تي غالب اچڻ جي ضرورت آهي. هو ڪيترائي ڀيرا اهڙين حرڪتن ڪرڻ سان مسخرا بڻجي ويندا آهن. اوڀر پاڪستان ۾ يحى خان جي حرڪتن مان اهو ثابت ٿي چڪو آهي. مختصر طور تي ان ڪم جو منفي پهلو واضح آهي. اسان ايم آر ڊي جا ماڻهو ۽ خاص طور تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا فرد ضيا يا سندس امڪاني وارث يا جرنيل کي عوام ۾ انتشار پيدا ڪرڻ نه ڏينداسين. ضيا جي مخالف پارٽين کي بدنام ڪرڻ ۽ شڪن ۽ شهبن جو ٻج پوکڻ وارين حرڪتن کي مسلسل اوسر ڏني وئي آهي. عوام ۾ انتشار پيدا ڪرڻ جو هيءُ هڪ موثر ترين هٿيار آهي. اسان جو سڀ کان وڏو ڪم فوجي جرنيلن ۽ انهن جي حامين کي شڪست ڏيڻ آهي. اهو ڪم وڏي محنت کان پوءِ پنهنجي انجام تي پهچندو. اها جدوجهد ڀلي کڻي ڪيتري به ڊگهي ڇو نه ٿي وڃي ۽ ان لاءِ اسان کي پرامن رستو اختيار ڪرڻو پوي يا تشدد آميز، ان جو انحصار خود فوجي جرنيلن تي هوندو.
    سوال اهو آهي ته اسان کين شڪست ڇو ڏيون؟
    ان جو پهريون ۽ نظرياتي جواب اهو آهي ته عوام کي تحرڪ ۾ آندو وڃي. کين منظم ڪيو وڃي. ۽ عوامي جدوجهد جي ذريعي پاڪستان جي فوجي ٽولي کي عوام جي طاقت جي سامهون ڪنڌ جهڪائڻ تي مجبور ڪيو وڃي.
    هڪ سوال اهو آهي ته ان ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گهنٽي ڪيئن ٻڌي ويندي؟ فوجي جرنيل اقتدار ۾ آهن. هو وسيع پيماني تي ظلم ۽ جبر جي بازار گرم ڪيون ويٺا آهن. معمولي ۽ غير موثر سياسي سرگرميءَ لاءِ ايم ايل ار ۽ ايم ايل او ۾ خوفناڪ سزائون درج آهن. ڪيترائي ماڻهو ڪيترن ئي سالن کان قيد ۾ بند آهن. ڪيترن تي وڏي بي رحميءَ سان ڪوڙا وسايا ويا ۽ پڇا ڳاڇا جي طريقي ته ظلم جي انتها ڪري ڇڏي. پڇا ڳاڇا جي معنى فوجي عدالتن طرفان داخل ڪيل ڪيس کان اڳ ڏوهه قبول ڪرائڻ لاءِ تشدد ڪرڻ آهي.
    عوام هر ورز ظلم ۽ ستم جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو آهي. هو عام طور تي ڊگهي عرصي لاءِ اهي سزائون سهي نه ٿو سگهي. خاص طور تي ان وقت جڏهن اهي معمول بڻجي وڃي. ٻين لفظن ۾ ايئن چيو وڃي ته مارشل لا جي دوارن اسان پنهنجي ڪارروائي ڪيئن ڪري سگهون ٿا.

    فوجي جرنيلن جي چالن کي شڪست ڏيڻ
    ان سوال تي اڳتي غور ڪرڻ کان اڳ ٻيو وڏو ۽ بنيادي ڪم آهي، فوجي جرنيلن جي سياسي شرارت جوڳي روزانو هلندڙ پروپيگندا کي منهن ڏيڻ ۽ ان کي شڪست ڏيڻ. انهيءَ قدم جي ذريعي انهن چالن کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي. هو مسلسل اهي چالون هلي رهيا آهن ۽ عوام کي انهن جي خبر هجڻ گهرجي. اسان کي خبر هجڻ گهرجي ته مواصلات جا سڀ ذريعا سندن هٿ ۾ آهن. سياسي ليڊرن کي عوام سان رابطا برقرار رکڻ يا کين معلومات پهچائڻ کان پري رکيو پيو وڃي. اسان کي عوام کي ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ منظم ڪرڻ ۽ کين تحرڪ ۾ آڻڻو آهي ۽ هڪ دشمن خلاف وسيع پيماني تي جدوجهد شروع ڪرڻي آهي. جنهن دشمن شائسته سياست جي اجازت ڏيڻ کان سراسر انڪار ڪيو آهي. اسان گهر ۾ ويهي پنهنجي تقدير جو ماتم ڪري نه ٿا سگهون. ان نازڪ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي رستا ڳولڻ کان اڳ انهن چالن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. انهن مان اڪثر چالن جو ذڪر پهريان ئي ڪيو ويو آهي. آرمي جڏهن اقتدار ۾ آئي ته ضيا ان کي برابري ۽ منصفاڻي سلوڪ جي خاص ڪارروائي جو نالو ڏنو. هن 90 ڏينهن جي اندر چونڊون ڪرائڻ ۽ حڪومت کان الڳ ٿي وڃڻ جو واعدو ڪيو. ڪيترائي هفتا گذري ويا، هو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جو پٽڪو پٽڻ لڳو ۽ چونڊن کي اڻ ڄاڻايل عرصي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. آخر ضيا کي نومبر 1979ع ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ هڪ ٻي تاريخ جو اعلان ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پيو.
    هن ڀيري هن هڪ ٻيو بهانو تلاش ڪيو ته جيڪڏهن چونڊن لاءِ تحريڪ هلائي وئي ته ملڪ گهرو ويڙهه جو شڪار ٿي ويندو. ٻيو ڀيرو چونڊون ملتوي ڪرڻ کان پوءِ هن اسلامي عقيدا ۽ نظريا زبردستي لاڳو ڪرڻ جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کنيو. ۽ هن جي دعوى اها هئي ته ڇاڪاڻ ته چونڊون بعد ۾ ڪرايون وينديون. ان ڪري سماج ۽ حڪومت ٻنهي کي اسلامي رنگ ۾ رنڱڻ ضروري آهي. ان لاءِ کيس ڪنهن مفتي يا قاضيءَ کان فتوى حاصل ڪرڻ جي ضرورت نه هئي. ان ڪري هو اها ڪارروائي پاڻ ئي ڪندو رهيو. ان کان علاوه هو عوام جي سامهون نظرين جي اها ڌوڙ به اڏائيندو رهيو ته ڇا اسلام ۾ جمهوريت جائز آهي؟ ڇا سڀ پارٽيون ۽ مڙني پارٽين جي سياست اسلاميت جي قائل آهي؟ آخرڪار ضيا تمام گهڻو بيباڪ ٿي ويو. هو عوام ۽ خدا جي ڳالهه ڪرڻ لڳو. هو ان طرح جا حيلا بهانا تلاش ڪندو رهيو ته جڏهن کيس مثبت نتيجن جو احساس ٿي ويندو ته ملڪ ۾ چونڊون ڪرايون وينديون. آخر اهي مثبت نتيجا ڇا آهن؟
    واضح رهي ته مثبت نتيجن مان مراد اهڙي اسيمبلي آهي، جيڪا يقيني طور تي کيس چونڊي. ان ڳالهه کي يقيني بنائن لاءِ هو چوي ٿو ته ان نئين آئين کي سياسي ڍانچو ڏيڻو آهي، جنهن هيٺ چونڊون ڪرايون وينديون. پنهنجي بقا ۽ فوجي حلقن کي خوش ڪرڻ لاءِ هو هٿياربند فوج کي هڪ مستقل يا آئيني ڪردار ادا ڪرڻ تي به زور ڏئي ٿو.
    اها حقيقت آساني سان واضح ٿي سگهي ٿي ته اهي سڀ اقتدار ۾ رهڻ جا حيلا بهانا آهن. پر فوج فقط حيلن بهانن ۽ ڳالهه ٻولهه تي ئي دنگ نه ڪيو آهي پر ان اهڙا ذريعا اختيار ڪيا آهن، جن سان سياسي فضا سازگار ٿي وڃي ۽ سندن مقصد به پورا ٿي وڃن. ان ۾ نام نهاد مجلس شورى جو قيام به شامل آهي. هو ان حد تائين اڳتي وڃي سگهن ٿا ته هو ضيا جي سياسي ڍانچي، ان جي قانونن ۽ ٻين اسڪيمن جي توثيق ڪن. ان کان سواءِ ضيا جي مدد ڪرڻ واريون ڪاميٽيون به قائم ڪيون ويون. انهن جو نالو انٽيگرٽي موومينٽ (تحريڪ استحڪام پاڪستان) رکيو ويو. ۽ عام طور تي انهن کي ايس آءِ سي چيو ويو.
    1983ع جي آخر ۾ چونڊيل مقامي گورنمينٽ باڊيز چونڊون ڪرائڻ جو منصوبو بڻايو. انهن ادارن وٽ انتظام سنڀالڻ جو ڪو به اختيار نه هيو. ڇاڪاڻ ته فوجي آفيسرن جي لت هيٺان دٻيل هيا. هڪ اڳوڻي ڊڪٽيٽر ايوب خان به بنيادي جمهوري ادارن (بيسڪ ڊيموڪريسيز) جي عنوان هيٺ اهڙا مقامي ادارا قائم ڪيا هيا ته جيئن اهي هن جي ۽ سندس اسيمبلين جي چونڊ عمل ۾ آڻي سگهن.
    ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ اهي ادارا ضيا کي ئي چونڊيندا، پر شرط اهو آهي ته هو ان چال ۾ ڪامياب ٿي سگهي. بهرحال ان مقصد جي لاءِ عارضي طور تي فنڊ به ڏنو ويو آهي. سرڪاري پئسي جي گهوٻين جي سلسلي ۾ هي آڊٽ جي معمولي پڪڙ ۾ به نه ٿا اچن. اهڙن ادارن ايوب خان جي خوب خدمت ڪئي، ضيا به ان راهه جو پانڌيئڙو آهي. ان لاءِ فرضن ۾ اضافي ۽ فنڊ ۾ واڌ جون دعوائون ڪري رهيو آهي. ان سان گڏ اهو به چئي رهيو آهي ته معمولي آڊٽ جا اعتراض ان ڏس ۾ نظر انداز ڪري سگهجن ٿا. جيڪا ڳالهه هڪ قصي کان گهٽ نه آهي. ان سان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ ڪهڙن طبقن جي حڪومت آهي. مقامي ادارن جي ڪم ڪار مان ظاهر ٿئي ٿو ته ضيا کلي عام ايوب جو هي طريقي استعمال ڪري رهيو آهي. هو اها ڳالهه وساري ويٺو آهي ته هاڻي وقت بدلجي ويو آهي. جيتوڻيڪ عوام ايوب خان جي بوگس جمهوري ادارن جي خلاف بغاوت جو جهنڊو پهريان ئي بلند ڪري چڪو هو.

    ريفرينڊم جي چال
    ضيا هڪ ٻي چال هلي رهيو آهي. اها آهي راءِ شماري يعني ريفرينڊم جي چال، اها چال اهڙي هوندي جو عوام لاءِ انڪار ڪرڻ ناممڪن هوندو. عام طور تي اها قياس آرائي ڪئي پئي وڃي ته هو مجلس شورى جي توثيق جي لاءِ اسلامي سياسي ڍانچي کي لاڳو ڪرڻ واري قدم کي پسند ڪندو، اهڙي طرح شورى جي فتوى سندس حق ۾ صادر ٿي ويندي ۽ ملڪ ۾ ريفرينڊم ڪرائڻ جي لاءِ به رستو هموار ٿي ويندو. اسلامي ڍانچي لاءِ ڪير انڪار ڪندو. پر هتي به ان چال کي شڪست ملندي. آخر هو اسلام جي نالي تي ته عوام جي آڏو اچڻ جي جرئت ڪيئن ڪري سگهندو.
    هي اهي چالون آهن، جن کي ناڪام ڪرڻو آهي. هڪ محدود حد تائين سندس جوابن تي ڪو شڪ نه ٿو ڪري سگهجي. فوجي چالن کي ناڪام بنائڻ جي لاءِ ايم آر ڊي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي خاص طور تي اهڙيون تنظيمون آهن جيڪي عوام سان گڏجي ڪم ڪنديون. آخر حڪومت سندن قومي، صوبائي ۽ ملڪي سطح جي ليڊرن کي گرفتار ڪيو يا کين قيادت کان محروم ڪيو، ان کان پوءِ به فوجي قيادت عوام وٽ ويندي، اهو ان مسئلي جو بنياد آهي. ان سان وابستگي سان گڏ اهم اهو سوال آهي ته ڪهڙو رستو اختيار ڪيو وڃي، جنهن سان عوام کي مسلسل معلومات فراهم ٿيندي رهي ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. ۽ اسان جي زبان ۽ ڪرادر ڇا آهي. فوجي حڪومت ته پنهنجي قبضي ۾ ڪيل موصلاتي ذريعن سان عوام کي بي خبر رکي ٿي. اهي ٻئي ڪم هڪ ٻئي سان لاڳاپيل آهن.

    هڪ عملي پروگرام
    اسان کي بنيادي چالن کي پنهنجي سامهون رکڻو آهي. عوام ئي فوجي ڊڪٽيٽرن کي شڪست ڏئي سگهي ٿو. اسان کي عوام تي اعتماد ڪرڻو پوندو. ۽ کين پنهنجي ڪم ۾ شامل ڪرڻو پوندو. پنهنجي غير رجعت پسند ۽ چونڊن وارين ڪاررواين ۾ عوام کي وڌ کان وڌ تعداد ۾ شريڪ ڪرڻو پوندو. ايم ايل آر يا ايم ايل او تحت اهڙين ڪاررواين لاءِ ڪو به جوابده ناهي.... انهن ڪاررواين جي بندوبست ۽ تنظيم ۾ ڪهڙن ماڻهن جو هٿ آهي اهو پتو لڳائڻ گهڻو مشڪل هوندو آهي. جيڪڏهن روپوش ٿي اهڙيون ڪارروايون ڪيون وڃن ته عوام کي باخبر رکڻ جو سسٽم ڪو مشڪل ناهي. گهڻائي اهڙا ماڻهو اهو ڪم ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڪري وٺندا آهن. مثال طور 1965ع کان پوءِ صدارتي چونڊن ۾ ڪراچي جي عوام ايوب خان جي هٿياربند غنڊن تي حملو ڪري ڏنو، ڇاڪاڻ ته مس فاطمه جناح صدارتي چونڊن ۾ فاتح قرار ڏني وئي، ماڻهو هوشياري سان ڏينهن رات ڪارروائي ڪندا رهيا. بجلي يا ٽيليفون جي کنڀن کي وڄائي هڪ ٻئي کي فوجي سپاهين جي چرپر کان آگاهه ڪندا رهيا هئا. يا ڀٽو جي خلاف تحريڪ دوران مظاهرين سڄي رات ڪيترو گوڙ ڪندا هئا، نعرا هڻندا، آذانون ڏيندا يا قرآن شريف جي تلاوت ڪندا هئا.
    بهرحال عوام جي شرڪت ئي فيصلي ڪن هوندي آهي. جيڪڏهن حقيقي معنى ۾ وڌ کان وڌ ماڻهو ان ۾ شريڪ ٿي وڃن ته هو هميشه سرگرم عمل رهندا. ۽ قومي ليڊرن کي نوان نوان ماڻهو منظر عام تي آڻڻ جو طريقو اختيار ڪرڻو پوندو. ۽ عوام کي هميشه حالتن کان باخبر رکڻو پوندو. هن ننڍي کنڊ ۾ اهو روايتي طريقو آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن وقت يا هنڌ تي ڪنهن تحريڪ يا جدوجهد جي رهنمائي ڪندو آهي ته هر سطح تي عوام کي باخبر رکيو ويندو آهي ۽ وڌ کان وڌ ماڻهن کي آگاهه ڪيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ ماڻهو هڪ ٻئي کي سڀ ڪجهه زباني ٻڌائي ڇڏيندا آهن. مسجدن ۾ پنج وقت نماز جي دوران نمازين کي واعظ جي دوران به ٻڌايو ويندو آهي، ڳجهي معلومات مهيا ڪرڻ جو هي هڪ بهترين طريقو آهي. مان ان طرف اشارو ڪرڻ چاهيان ٿي اهو ڪا حقيقي حڪمت عملي نه آهي. آخر ۾ ذڪر ڪيل معاملي کي اخبارن ۾ ته شايع ڪرائي نه ٿو سگهجي. صرف هڪ ٻئي کي زباني آگاهه ڪيو ويندو آهي يا ان لاءِ ڪو ٻيو غير قدامت پسند طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته غير يقيني مستقبل ۾ هر علائقي ۾ بدلجندڙ حالتن جي متعلق ڪا اڳڪٿي نه ٿي ڪري سگهجي، نه ئي مقامي ليڊرن کي ڪنهن ڪارروائي جو انڪشاف ڪري سگهجي ٿو. هڪ مقناطيسي قيادت ۾ مسلسل تبديلي ٿيندي رهي ۽ عوام جي لاءِ انفارميشن ايتري اهم ناهي جيتري پاڪستاني فوج جي خلاف جدوجهد ۾ عوام کي فرضن جي معلومات جي فراهمي، ته هي هٿياربند فوج سياسي زندگي ۾ مداخلت ڪري ٿي ۽ استحصال پسند طبقو ڪهڙي طرح ان مان فائدو حاصل ڪري ٿو. هي جدوجهد قدرتي ۽ حقيقي طور تي دستياب وسيلن جي مطابق ئي هوندي. عوام انهن وسيلن جي استعمال سان پنهنجي دشمن کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندو ۽ پاڻ حڪومت سنڀالي سندن استحصال جو خاتمو آڻيندو. سياست ۾ هٿاربند فوج جي مداخلت کي وڏي تيزي سان ختم ڪرڻو پوندو. بنيادي طور تي جڏهن استحصال پسند قوتون ختم ٿي وينديون ته عوام پنهنجي تقدير جو پاڻ مالڪ بڻجي ويندو. پر عوام جي جدوجهد جي ڪاميابي جو انحصار اسان جي گهڻ مدتي پروگرام، مستقبل ۾ جمهوري حڪومت جي صحيح پرڏيهي، سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي پاليسين تي عمل ڪرڻ سان هوندو. انهن پاليسين تي عمل سان ئي آخر ڪار عوام دوکيباز ۽ نام نهاد نجات ڏيندڙن کان محفوظ ٿي ويندو.
    


    باب پنجون: معاشي نظام جي نئين سر جوڙجڪ

    8 جولاءِ 1977ع کان فوج جڏهن کان اقتدار سنڀاليو آهي، فوجي جرنيلن جي اقتصادي پاليسي غير عوامي ٿي وئي آهي. ٿورو سندن گفتار ۽ سندن ڪردار جو جائزو ورتو وڃي.

    هڪ جائزو
    استحڪام ۽ وڌيڪ ڪارڪردگي تي زور ڏيڻ سان اها حقيقت پردي پويان ڌڪجي وڃي ٿي ته هو اقتصادي نظام کي بحال ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪري رهيا آهن. فوجي حڪمرانن سڌارن جي دعوى نه ڪئي آهي، فقط استحڪام ۽ ڪارڪردگيءَ جي ڳالهه ڪئي آهي. ڀٽو شهيد جڏهن اقتدار ۾ هيو ته هن اعتراف ڪيو هيو ته زميندار حڪومت جي سڌارن ۽ ان جي پاليسين جي سلسلي ۾ مڪاري ڪرڻ ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب ويا آهن، ۽ حڪومت زمينن جي وڌ کان وڌ چڪبندي ڪرڻ واري مقصد ۾ ناڪام رهي آهي.
    1975ع ۾ وزيراعظم ڀٽو هارين کي حق ۽ رعايتون ڏيڻ جو اعلان ڪيو هيو. فوجي نظام سندس هر لفظ کان منڪر ٿي ويو آهي. زميندار پنهنجن هارين سان اڳ جهڙو سلوڪ ڪري رهيا آهن. اهو ئي زبردستي زمين کيڙائن جو سلسلو جاري آهي، سڌارا ته فقط ڪاغذ تي موجود آهن.
    ڪارخانن جي مزدورن جا حق غصب ڪيا پيا وڃن. ڀٽو جي حڪومت صنعتي ڪارخانن جي بند ٿيڻ واري خوف سبب جيڪي قدم کنيا هيا، انهن تي قطعي عمل نه ٿيو آهي. 77-1976ع کان سواءِ وزيراعظم ڀٽو حقيقي اجرت جي شرح کي ڪرڻ نه ڏنو هيو. پر فوجي جرنيلن جي نظام ۾ ته مزدوريون قوت خريد کان ڏينهون ڏينهن هيٺ ڪري رهيون آهن. فوجي حڪمران وسيع پيماني تي هڙتالن جي خوف سبب نئين ليبر پاليسي آڻڻ ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ کان لهرائي رهيا آهن.
    ڀٽو صاحب تعليم يافته طبقي ۾ بي روزگاري ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا، پر هن حڪومت اهي قدم واپس وٺي ڇڏيا آهن. گهٽ پگهار کڻندڙ ملازمن جو پگهارون وڌندڙ قيمتن جي مقابلي ۾ انتهائي گهٽ آهن. نوڪر شاهي نظام جي آفيسرن جي مقابلي ۾ فوجي جرنيلن جي پگهارن ۾ هر روز واڌ اچي رهي آهي ۽ هوڏانهن ٻئي طرف ڪلاس ٽئين ۽ چوٿين جا ملازم ڏينهون ڏينهن مهانگائي جو شڪار ٿي رهيا آهن ۽ سندن پگهارون منجمد ٿي رهيون آهن.
    عام صارف مهانگائيءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو آهي. بي روزگارن ۽ جهڳين ۽ جهوپڙين ۾ رهندڙن کي اميد جو ڪو ڪرڻو نظر نه اچي رهيو آهي. مڙني صوبن جي اڌ آبادي بي روزگار آهي، اها ٻهراڙين ۾ رهي ٿي. هر شهر ۾ ڪچيون آباديون وڌي رهيون آهن. بجلي، پاڻي، سيوريج، صحت جي سارسنڀال ۽ اسڪولن جي ڪا به سهوليت نه آهي. خانداني منصوبا بندي جو مشورو ڏيڻ لاءِ ڪو ڊاڪٽر موجود ناهي. سڄي ملڪ جي اڌ آبادي گندين وستين ۾ آباد آهي.
    ڀٽو حڪومت هڪ پنج مرلا اسڪيم شروع ڪئي هئي يعني جنهن ڳوٺاڻي وٽ پنهنجو ڪو گهر نه آهي، ان کي گهر فراهم ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ ته هارين جا گهر ته زميندارن جي ملڪيت هوندا آهن، کين انهن مان ٻاهر ڪڍي سگهجي ٿو. ان ڪري هارين کي 150 چورس وال زمين ڏني ويندي هئي. هاڻي ان اسڪيم کي سرد خاني حوالي ڪيو ويو آهي. پهرين فوجي آمر ايوب خان به سڌارن جي دعوى ڪئي هئي، پر هارين جي قسمت سنوارڻ لاءِ هن به ڪي قدم نه کنيا هيا. عوامي حڪومت جي چارٽر ۽ پنج مرلا اسڪيم جهڙو هارين لاءِ سڌارن وارو قدم اڃا تائين نه کنيو ويو هو.
    دراصل فوجي نظام هڪ استحصال پسند نظام آهي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڪير ڪنهن جو استحصال ڪري رهيو آهي.

    استحصال جو شڪار معيشت
    شروع کان ئي صديون پراڻو زمينداري نظام دٻيل ۽ هيسايل هارين جو استحصال ڪري رهيو آهي. فقط هاري ئي ان جو شڪار نه آهن پر ننڍا آبادگار به سندن چنبي مان بچي نه سگهيا آهن. مڙني ننڍن آبادگارن کي سندن زمين کان محروم ڪيو وڃي ٿو. هي اها ئي زمين آهي جنهن کي هو نسلن کان آباد ڪري رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته ملڪي آبادي جو ٽيون حصو هاري آهن، ان ڪري سندن وڌ کان وڌ استحصال ڪيو پيو وڃي. سرمائيدار سڀ کان وڌيڪ استحصال پسند آهي. بين الاقومي صنعت جو تحفظ ختم ٿي چڪو آهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو پرڏيهي سرمائيدار پاڪستاني صارف جي استحصال ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ عوام جي حالت رحم جوڳي ٿي وئي آهي. هو بيروزگاري جو شڪار آهن. ٻهراڙين ۾ ڪم ڪرڻ جي لائق نوجوانن جي آبادي جو 30 کان 35 سيڪڙو مڪمل طور تي بيروزگار آهي. انهن وٽ نه ته پنهنجي زمين آهي، نه ٺيڪي جي ۽ نه ئي سندن وٽ ڪو روزگار آهي. بيڪار نوجوان شهرن ۾ اچي رهيا آهن. جنهن سان گندين آبادين ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو اچي رهيو آهي. شهر جي گندين بستين ۾ بي روزگاري، عصمت فروشي، ڏوهه ۽ نشي آور دوائن جو ڌنڌو زور وٺي رهيو آهي.
    مايوسي سبب بيروزگار پاڪستاني نوجوان نار جي ملڪن ڏانهن ڀڄي رهيا آهن، جنهن سان پاڪستان جو اقتصادي مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي. نفسياتي طور ڪيترائي ماڻهو پنهنجن گهرن مان نڪري غيرن جي اڳيان هٿ ڦهلائڻ تي مجبور آهن. پيداوار جي اضافي ۽ رپئي جي سپلاءِ جي تناسب ۾ فرق سبب ناڻي واڌ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. گهرن جا ڀاڙا وڌي رهيا آهن. شين جي هٿراڌو کوٽ سبب ڪاري ڌنڌي جو ڪاروبار زور سان هلي رهيو آهي. پوليس ۽ انتظامي عملي ۾ رشوت خوري پنهنجي عروج تي آهي. دوائن جي بليڪ تي وڪري وارو ڪاروبار خوب هلي رهيو آهي.
    استحصال جو ٽيون عنصر واپارين جو آهي، هو موقعو ڏسندي ئي اگهه وڌائي ڇڏين ٿا. رپئي جي سپلاءِ وڌي رهي آهي ۽ ان جي سيڙپ گهٽجي رهي آهي. واپارين وٽ فالتو پيسو پيو آهي، جيڪو هو سٽي بازي ۾ سيڙائي رهيا آهن. هو منافعي خوري ۾ مصروف آهن.
    چوٿون استحصال پسند طبقو نوڪري شاهي نظام آهي، ان ۾ سول ملازم ۽ فوجي ٻئي شامل آهن. عوام جي نمائندن جي غير موجودگي ۾ پاليسيون طئه ڪيون وڃن ٿيون.

    بدعنواني جا طريقا
    نوڪر شاهي نظام ۾ ڦهليل بدعنواني مڙني ماڻهن جي سامهون آهي. سڄي نوڪر شاهي نظام جي بدعنواني جي پاڙ فوج آهي. ڪل دفاعي بجيٽ جي شين ۽ خدمتن جي لاءِ خرچ ڪئي ويندڙ 20 کان 30 سيڪڙو رقم جو اڌ حصو ڪاري ڌنڌي يا متوازي معيشت ۾ هليو وڃي ٿو. ۽ ان رقم جو اڌ سينئر آفيسرن جي کيسن ۾ پهچي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته سويلين کي هو ئي ٺيڪا ڏيندا آهن ۽ باقي دفاع جي ٺيڪيدارن ۾ ورهاست ٿي ويندي آهي. انهن ۾ ٺيڪو ڏيندڙ آفيسرن جا ڀائر، ڀائٽيا ۽ سالا، ڀيڻيويا شامل هوندا آهن. مارشل لا جي نفاذ سان هر سال دفاعي بجيٽ وڌي رهيو آهي ۽ مشينري، ساز سامان يا وڏن تعميراتي ڪمن جا وڏا وڏا ٺيڪا ته جنرل خود پاڻ ۾ معاملا طئه ڪرڻ کان پوءِ ڏيندا آهن.
    مارشل لا سان هٿ رنڱڻ کان پوءِ نوان نوان موقعا حاصل ٿيندا آهن. نوڪرشاهي نظام جا آفيسر ۽ فوجي آفيسر صنعتي ڪارخانا هلائن پيا. انهن ۾ گهڻو ڪري رٽائرڊ فوجي افيسر آهن.
    سرڪاري صنعتي ڪارخانن جو نظام جهڙي طرح هلايو پيو وڃي، اهي آفيسر پنهنجي نالائقي ۽ بدعنواني کي لڪائڻ لاءِ شيون مهانگيون خريد ڪندا آهن ۽ انهن جي دل گهري قيمت وصول ڪندا آهن. هنن عوامي مفاد جي اهم صنعتن جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. سول ملازمن کي اهڙيون ذميواريون گهٽ عرصي لاءِ سونپيون وينديون آهن. ڇاڪاڻ جو انهن وٽ ڪو خاص تنظيمي ليڊر نه آهي. ان ڪري آفيسر پاڻ کان وڏن آفيسرن يا ساٿين کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڦرلٽ جي بازار گرم آهي.
    اڄ ڪالهه ڪو به ڪم رشوت کان سواءِ نه ٿو ٿئي. اهو رواج هر جڳهه ۽ هر سطح تي عام آهي. هڪ سول ملازم کي رشوت ان ڪري ڏني ويندي آهي ته هو هر ڪم ڪري ڇڏيندو. هتي حالت اها آهي جو رشوت کارائڻ بعد به ڪم ٿيڻ جي گارنٽي نه ٿي ملي، ڇاڪاڻ ته اوليت فوجي آفيسرن کي حاصل آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته رشوت خوري لڪائڻ لاءِ به رشوت ڏني ويندي آهي.

    غريبن تي ظلم ۽ ستم
    غريبن جي حالت انتهائي خراب آهي، جيتوڻيڪ اڻ پڙهيل غريب عوام پوليس يا مارشل لا سان لاڳاپيل ڪنهن سپاهيءَ جي چنبي ۾ ڦاسي وڃي ته جان آجي ڪرائڻ مشڪل هوندي آهي. هڪ پوليس جو سپاهي ڪنهن به شهري کي گرفتار ڪري سگهي ٿو. ۽ ان جي خلاف قانوني ڪارروائي جون ڌمڪيون ڏئي سگهي ٿو. هو کين فوجي عدالتن کان علاوه شرعي عدالتن ۽ پراڻين روايتي عدالتن ۾ گهليندو رهندو آهي.
    فوجي عدالتون وڌيڪ خوفناڪ آهن. هو اڌ ڪلاڪ اندر ئي خراب کان خراب سزا جو حڪم ٻڌائي ڇڏينديون آهن. اها سزا به قيد يا ڪوڙن جي شڪل ۾ هوندي آهي. اهي سزائون ان ڪري به خوفناڪ هونديون آهن جو انهن کان بچڻ لاءِ فوجي آفيسرن کي ڳري کان ڳري رشوت کارائڻي پوندي آهي. فوجي حڪومت ۾ دفاع ۽ سيڪيورٽي سروسز تي وڌيڪ خرچ ڪيو ويندو آهي. مزي جي ڳالهه ته اها آهي جو فوجي جرنيل سڀ ترجيحون ۽ رعايتون ماڻڻ چاهيندا آهن. ان ڪري معيشت تباهي جي اونهي غار ۾ غرق ٿي رهي آهي.

    ٽيڪسن جو وڌندڙ بار
    سرڪاري خرچن ۾ مسلسل واڌ جا هيٺ ڄاڻايل نتيجا سامهون آيا آهن.
    • عوام تي ٽيڪسن جو بار وڌندو ويو.
    • اندرين ۽ ٻاهرين ٻنهي ذريعن کان ڳرا قرض ورتا ويا.
    • آزاد درآمدي پاليسي اپنائي وئي، جيئن ڪسٽم ڊيوٽي سبب سرڪاري خزاني کي وڌ کان وڌ آمدني ٿئي.
    • هر سال وڌ کان وڌ نوٽ ڇاپيا ويو، جنهن سان ناڻي واڌ ٿي. انهن مڙني پاليسين سان تباهه ڪندڙ نتيجا سامهون آيا.
    جڏهن ضيا اقتدار سنڀاليو هو ته 78-1977ع ۾ دفاع ۽ سيڪيورٽي سروسز لاءِ 105062 ڪروڙ رپيا مخصوص ڪيا ويا، جڏهن ته 83-1982ع ۾ 231500 ڪروڙ رپيا مخصوص ڪيا ويا، 6 سالن ۾ ان ۾ 120 سيڪڙو اضافو ٿي ويو. جيڪو ڪل بجيٽ جو اڌ حصو هو. اسان اهو به ڏٺو ته موجوده مالي سال ۾ ڪل دفاعي بجيٽ جو چوٿائي مان ٽيون حصو 77855 ڪروڙ رپيا سڌو چئن پنجن ماڻهن جي کيسن ۾ وڃي پهتو ۽ ان رقم تي ٽيڪس به نه لڳايو ويو. ان رقم مان اڌ تقريبن پنج سو جعلي نالن سان جمع ڪيو ويو. انهن آفيسرن جا نالا ڪنهن کي به معلوم ناهن.
    هاڻي ايتري ئي رقم نام نهاد اقتصادي ترقي تي خرچ ڪئي وئي. جيڪا نوڪرشاهي، آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن جي کيسن ۾ هلي وئي ۽ ان جو نتيجو به اهو ئي نڪتو. گهڻا ترقي جا پروگرام ته عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ آهن. گهڻي رقم ته آفيسرن جي پگهارن لاءِ رکي وئي. سندن ٽرانسپورٽ جي خرچن ۽ بنگلن تي خرچ ٿئي ٿي ۽ باقي معمولي رقم حقيقي ڪم تي خرچ ٿئي ٿي.
    هونئن ته هارين کي سستن اگهن تي ڪيميائي ڀاڻ، ٻج، جيت مار دوائون، ٽريڪٽر، ٽيوب ويل ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ۽ قرض به ڏنو پيو وڃي. پر اهو ته سڀ ڄاڻن ٿا ته ننڍا هاري ۽ آبادگار انهن سهوليتن حاصل ڪرڻ کان قاصر آهن. کين ته صرف ٻج يا ڀاڻ وغيره ملي ويندو آهي باقي ته وڏا مانگر مڇ زميندار هڙپ ڪري ويندا آهن.

    اميرن جي ڦرلٽ
    وڏا وڏا زميندار پنهنجي لڳايل حقيقي سرمائي جو گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو منافعو ڪمائن ٿا. اهو طبقو خوشحال ٿيندو پيو وڃي. پنهنجن لڳ لاڳاپن، واسطن ۽ اثر رسوخ سبب کين شيون سستيون ملي وڃن ٿيون. ٺيڪيدارن بعد هي طبقو خوشحال ٿيندو پيو وڃي. اها ڳالهه دلچسپي کان خالي نه آهي ته اهي زميندار، لٽيرا هتي پنهنجي زمين وڪڻي غير ملڪن ۾ پنهنجو ڪاروبار هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هو پنهنجن ٻنهي هٿن ۾ ”تاس جا پتا“ رکن ٿا، هوڏانهن پرڏيهه سان واپار ڪندڙن کي ڪجهه راحت ڏني وڃي ٿي. اها راحت اي اي سي ۽ آمريڪا سان ڪاروبار ڪندڙن کي ڏني وڃي ٿي. ڪچو خام مال انهن ملڪن کان گهرايو وڃي ٿو ۽ راحت جي رقم پاڪستان جي صارفين جي کيسن مان ڪڍي وڃي ٿي.
    غريب شهري صارف کي به هڪ راحت ڏني وڃي ٿي، يعني کين اٽو سستو ملي ٿو. اٽو کليل بازار ۾ ملي وڃي ٿو. جڏهن ته ٻي عالمي جنگ جي زماني کان هلندڙ شهري راشننگ سسٽم اڄ تائين لاڳو آهي. ان ۾ نوڪر شاهي آفيسرن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ سياسي اٿل پٿل سبب اوچتو ڊبل روٽي جا اگهه وڌي وڃڻ جو احساس کي عمل دخل آهي. چوڻ لاءِ ته اها راحت گهٽ آمدني رکندڙن جي گروپ جي ماڻهن ۽ گندين وسندين ۾ رهندڙ عوام جي لاءِ آهي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ننڍا آفيسر ان ميدان ۾ پنهنجن هٿن جي صفائي نه ٿا ڏيکارين. البت اها راحت اعلى طبقي جي لاءِ ناهي.
    گورنمينٽ جي بجيٽ ۾ کوٽ ۾ ڳرن قرضن جو عمل دخل آهي، آمدني ۾ کوٽ، ٽيڪسن ۾ واڌ، دفاعي خرچن ۾ اضافي سان ٽي نتيجا سڌو سنئون سامهون آيا آهن: ناڻي واڌ، اعلى وچولي ۽ صفا هيٺين طبقي جي تناسب ۾ اضافو ۽ افراط زر (ناڻي واڌ) ۾ اضافو. آءِ ايم ايف ۽ آءِ بي آر ڊي جي عالمي يهودين آزادانه درآمدي پاليسي سان پاڪستان کي ڳچيءَ کان جهلي رکيو آهي ۽ مقامي صنعت جو ساهه ٻوساٽجي چڪو آهي.
    آزاد درآمدي (پرڏيهي واپار) پاليسين مان صرف حڪمران طبقو ۽ ان جا غير ملڪي شاهوڪار فيضياب ٿي رهيا آهن.
    نار جي ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني مزدور هونئن ته پنهنجي گهرن ڏانهن 15 کان 20 هزار رپيا ماهوار موڪلي رهيا آهن. ان ۾ گهڻي رقم رشوت جي ڪمائي جو حصو هوندي آهي. اها رپيا غريب ڳوٺاڻن يا شهرن ۾ رهندڙ غريب عوام وٽ ايندو آهن. ان رقم مان هو يا ته پنهنجي مورثي آبادين جي ڀر ۾ زمين خريد ڪندا آهن، باقي پئسو اميرن جي کيسن ۾ هليو ويندو آهي. هو بهترين صارفي شيون خريد ڪندا آهن. هو اهو پرڏيهه مان گهرايل مال به خريد ڪندا آهن ۽ اسمگلنگ جو مال افغانستان ۽ ايران کان اچي ٿو.
    پاڪستان ۾ درآمدي شين جي وڏي خريد ۽ فروخت هلندڙ آهي، هر سال 6 ڪروڙ ڊالر جي ماليت جو پرڏيهه مان گهرايل مال هتي وڪرو ٿئي ٿو. ۽ هوڏانهن پاڪستان جي درآمداتي مال ۾ آفيم مان ٺهندڙ منشيات وارين دوائن جو وڪرو به شامل آهي. فوجي جرنيل ان ڌنڌي ۾ سڌو سنئون ملوث آهن.

    ملڪي صنعت جي مايوس ڪندڙ ڪيفيت
    آزادانه طور تي درآمد ۽ اسمگل ٿيندڙ شين جي آزادانه فراهمي سان هلڪي ڦلڪي ملڪي صنعت جو ٻيڙو غرق ٿي ويو آهي. صرف زرعي اوزارن کان وٺي دفاعي ساز ۽ سامان ۽ زراعت ۾ ڪم ايندڙ شيون مثلن ڪيميائي ڀاڻ وغيره جي پيداوار وڏا وڏا ڪارخانا ڪندا آهن. اهي ڪارخانا پوري پيداوار ڪن ٿا. غير سرڪاري اندازي جي مطابق 40 کان 50 سيڪڙو تائين اهي ڪارخانا مفلوج ٿي چڪا آهن. بيڪاري جي شرح وڌي رهي آهي. نئون زڪوات سسٽم به هڪ مذاق بڻجي ويو آهي. ٽن سالن ۾ 2600 ڪروڙ رپيا (تقريبن 20 ڪروڙ ڊالر) ورهايا ويا آهن. ساڍا اٺ ڪروڙ آباديءَ جو 20 کان 30 سيڪڙو سست ۽ بيڪار آهي ته پوءِ ان کان وڌيڪ ڪهڙو خطرناڪ ڀوڳ ٿي سگهي ٿو.
    آزاد درآمدي پاليسي کان اوچو ۽ وچولو طبقو خوش آهي.
    82-1981ع ۾ معمول جي قرضن جي ادائگيءَ کان علاوهه 375 ڪروڙ ڊالر وڌيڪ ادا ڪيا ويا هيا. اهڙي طرح ملڪ کي 30 جون 1982ع تائين هڪ ارب ڊالر گهاٽو برداشت ڪرڻو پيو، جيڪو ڪنهن به مدد سان پورو نه ٿي سگهيو. پر ايندڙ اڳين سالن ۾ حالتون وڌيڪ خطرناڪ ٿي وينديون. 83-1982ع ۾ جڏهن ڪيتريون ئي اڳوڻيون ادائگيون ڏيڻيون هونديون ته غير سرڪاري طور تي ادائگين جو گهاٽو ٽي ارب ڊالرن تائين پهچي ويندو. فقط آءِ ايم ايف کي ئي هن سال 50 ڪروڙ ڊالر ادا ڪرڻا پوندا. ايترو وڏو ناڻو ڪيئن واپس ڪيو ويندو، جڏهن ته درآمد جي نسبت برآمد مان اڌ آمدني به نه ٿيندي.
    اها ته حقيقت آهي ته ضيا ۽ ان جي فوجي ٽولي پاڪستان جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي. ان عذاب مان بچڻ لاءِ فوجي ٽولو پنهنجي آمريڪي آقائن آءِ ايم ايف ۽ آءِ بي آر ڊي کي خوش رکڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ ڊسمبر 1982ع ۾ پنهنجي آمريڪي دوري جي دوران ضيا رونالڊ ريگن سان ملاقات کان اڳ عالمي بينڪ جي سربراهه سان ملاقات ڪئي هئي. هاڻي ضيا وٽ پنهنجي ملڪ جي آزادي گروي رکڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو نه هو.
    آمريڪا اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته هو حقيقي آقا آهي. هو آمريڪا جي توثيق کان سواءِ افغانستان سان ٺاهه به نه ٿو ڪري سگهي.

    هڪ اقتصادي نظام جي غلامي
    ضيا جي حڪومت آءِ ايم ايف جي طئه ڪيل پاليسين تي عمل ڪيو آهي. ان سان ثابت ٿئي ٿو ته هن ساڍن اٺ ڪروڙ عوام کي غلام بڻائي ڇڏيو آهي. غلام ڪنهن جو؟
    پهريان ته آءِ ايم ايف ۽ آءِ بي آر ڊي وڌائي چڙهائي قرض ڏنا، ته جيئن هڪ طاقت کي نيچو ڏيکاريو وڃي. 1982ع ۾ جڏهن جنرل ضيا پنهنجي فوجي ٽولي سان گڏ آمريڪا ويو هيو ته اها ڪيفيت رونما ٿي هئي. هن سان بلوچستان جو گورنر به گڏ هيو. بلوچستان اهو علائقو آهي، جنهن تي پنهنجا اڏا قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪا جون حريص نگاهون کتل آهن. آمريڪا ان دوري دوران جنرل ضيا سان بلوچستان ۾ پنهنجا اڏا قائم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ڇڏي. ضيا ۽ ان جي ٽولي وٽ محض خالي جڳهه تي صحيحون ڪرڻ کان انڪار کان سواءِ ڪو به چارو نه هيو. جيڪڏهن پاڪستان آمريڪا کي هي اڏا به ڏئي ڇڏيا ته پوءِ سندس وٽ باقي ڇا رهجي ويندو، نه ئي هو نيوڪليئر بم تيار ڪرڻ جي حق کان محروم ٿيڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪري سگهي ٿو. ان ڪري ريگن جي ساٿين ۽ اسلام آباد جي فوجي ٽولي جي وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي پئي. ان جو ثبوت اهو آهي ته 30 جون 1982ع تي ادا ٿيندڙ قرض جي ادائيگي جي تاريخ ۾ مهلت نه ملي سگهي.
    انهن ئي پاليسين سبب پاڪستاني عوام جي ڪنڌ ۾ پيل سرڪڻ ڦاهي کي وڌيڪ سوڙهو ڪيو ويو. ۽ رپئي جي قيمت گهٽجي رهي آهي. صرف پنهنجن آمريڪي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ آمريڪي يهودي ئي پاڪستان جي حقيقي سياسي پاليسي مرتب ڪن ٿا. ان ڪري هو پاڪستان جي موجوده حڪمرانن جي ڪارڪردگيءَ مان ناخوش آهن.

    ضيا جي اسلامي معيشت
    ضيا معيشت کي اسلامي بنائڻ جي دعوى ڪندي ڪڏهن به نه ٿو ٿڪجي، جڏهن ته اسلامي معيشت بذات خود هڪ اعلى ۽ ارفع نظام آهي، پر ضيا جيڪي ڪارنامه سرانجام ڏيڻ چاهي ٿو ڪجهه انهن کي به ڏسڻ گهرجي.
    ضيا پاڪستان ۾ جيڪا معيشت آڻي رهيو آهي، ان جا ڪجهه قدم هيٺيان آهن:
    • زڪوات ۽ عشر جو نظام، زڪوات آمدني تي ۽ عشر زرعي پيداوار تي ورتو وڃي ٿو.
    • ڪمرشل بينڪن ۾ پيشگين ۽ ڊپازٽ جي لاءِ هڪ نئين دري کولي پئي وڃي. جنهن ۾ ڪو به وياج ورتو يا ڏنو نه ويندو. ان جي نفعي ۽ نقصان جو کاتو پرافٽ اينڊ لاس اڪائونٽ کي پي ايل ايس چيو وڃي ٿو.
    • هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن وياج جي بدران نفعي ۽ نقصان جي بنياد تي قرض ڏيڻ شروع ڪيا آهن، اهو هڪ پيچيده ۽ پنهنجي مرضيءَ وارو فيصلو آهي.
    • هڪ سو ٽريڊ ڪارپوريشنن مان هڪ تي پابندي لڳائي وئي آهي. هو ڪنهن بينڪ مان وياج تي ڪو به قرض وٺي نه ٿي سگهي، ان کي پي ايل ايس جي بنياد تي امداد ملندي اها به هڪ حد تائين يعني 9 ڏينهن جي لاءِ اڳواٽ ڏنل رقم تي ساڍا ٽي سيڪڙو ڏني ويندڙ امداد پاڻ هرتو طور تي مڙهي وئي آهي. جڏهن ته اها ساليانو 15 سيڪڙو تائين پهچي ٿي. بينڪ گهڻين پيشگين تي 15 کان 16 سيڪڙو تائين وياج وصول ڪري ٿي.
    قرآن شريف ۾ زڪوات ۽ عشر جي متعلق اها ڳالهه لکيل ناهي ته زڪوات ۽ عشر حڪومت وصول ڪري سگهي ٿي، اهو ته مڪمل طور تي ذاتي معاملو آهي. پاڪستان حڪومت ته ان کي زڪوات بدران ضيا ڪٽ بڻائي ڇڏيو آهي.
    ان جي وصولي جو طريقو به اعتراض جوڳو آهي. اهو به پاڻ هرتو فيصلو آهي. سال ۾ هڪ ڏينهن بينڪن جي مڙني وياج جوڳن کاتن مان اڍائي سيڪڙو يا وياج يا مختلف ننڍن وياج جوڳين اسڪيمن مان ايترو سيڪڙو رقم ڪاٽي وڃي ٿي. جيڪي ماڻهو زڪوات تي يقين نه ٿا رکن، انهن لاءِ انهن جي ادائيگي لازمي ناهي. ڪرنٽ اڪائونٽ تي ڪجهه به ادا نه ٿو ڪرڻو پوي. شرعي اعتبار کان هر فرد کي پنهنجي آمدني ۽ پنهنجي ماليت جو چاليهون حصو عشر جي طور تي ادا ڪرڻو پوي ٿو. ان جي وصولي جو به هڪ طريقو آهي. جمع کاتن، ننڍين اسڪيمن يا ٻين اثاثن کي ڇهيو نه ٿو وڃي. 30 جون 1982ع تائين غريب بيواهن ۽ يتيمن ۾ 9160 ۽ 2600 ڪروڙ ترتيب وار ورهايا ويا. عشر جي ورهاست اڃا تائين باقي آهي. ان ۾ به ڏئي وٺي ڪافي گنجائش آهي.
    ملڪي معيشت جي اسلام ڪاري کي نام نهاد ترقي جو ٻيو نالو ڏنو ويو آهي. پي ايل ايس ڊپازٽ کي ته هڪ معمولي ابتدا چيو پيو وڃي، پر ان پهلو طرف اشارو ڪرڻ ضروري آهي ته اهو اقتصادي زوال طرف هڪ اشارو ڪري ٿو. جڏهن ته سرڪاري معاملا ۽ پبلڪ سيڪٽر بزنيس وياج تي هلي ٿو. پي ايل ايس جي آمدني ڪنهن ٻي سرگرمي جي ترجماني نه ٿي ڪري صرف سرڪاري ادارا پي ايل ايس کي رقم موٽائن ۽ پيشگيون ڏين ٿا. اهڙي اقتصادي نظام مان ڪهڙي هڙ حاصل ٿيندي.

    هڪ ڪوڙ تي ٻڌل نظام
    سڄو نظام ئي هڪ ڪوڙ تي ٻڌل چال آهي ته سڀئي بينڪون پي ايل ايس جو منافعو باقاعدي طور تي ادا ڪن ٿيون. اهو وياج جي عام شرح کان هميشه وڌيڪ هوندو آهي. بينڪن ۾ منافعو ڪمائڻ جو ڪو ٻيو لڪل طريقو ناهي، هو گهڻي رقم وياج تي ڏينديون آهن. صرف حڪومت پنهنجي مرضيءَ جي مطابق رقمون موٽائي ٿي. واپاري مقصدن لاءِ وياج ۽ بينڪ جي ڏيتي ليتي ۾ فقط هڪ ٻه سيڪڙي جو فرق آهي. بينڪن کي گهڻو ڪري فوقيت حاصل ٿي ويندي آهي. حڪومت بينڪن کي وڌيڪ منافعو ڏيکارڻ تي مجبور ڪندي آهي. ڪجهه انهن پاڪ باز کاتيدارن تي نظر ڪرڻ گهرجي، ڇا هو وياج نه ٿا چاهين ۽ ڇا هو هوس پرست کاتيدار ناهن. جيڪي وياج تي پنهنجي جان ڏئي ڇڏيندا آهن. اهي به وياج خور آهن. فوجي جرنيل خاص طور تي پنهنجو پئسو اوڌر تي ڏيندا آهن، هو واعدي جو سودو ڪندا آهن ۽ پاڪستاني معيشت کي عالمي معيشت سان وڃي ملائيندا آهن. اها معيشت وياج تي ٻڌل آهي. فوجي جرنيلن جي وياج جي شرح وڌيڪ آهي. ڇا هو پاڻ وياج تي ٻڌل نظام جو بنياد نه وجهي رهيا آهن؟ پر بنيادي طور تي پاڪستان جو ڪو به اهڙو سيڪٽر ناهي جيڪو وياج کان پاڪ هجي. جيڪڏهن ڪو شخص اعتماد حاصل ڪري رپيا وٺي ٿو ۽ ايمانداريءَ سان وياج سميت رقم موٽائي ٿو. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته پي ايل ايس اسڪيمون هڪ دوکي کان سواءِ ڪجهه به ناهن.
    بينڪون ڪجهه رقم منافعي جي طور تي ادا ڪن ٿيون، پر اهو اسلام آباد ۾ سندن آقائن جو حڪم آهي.
    اسلام ۾ واضح طور تي ربا جي منع ڪيل آهي، پر ساڄي ڌر جا جمهوريت جا قاتل ان تي زور ڏئي رهيا آهن. هٿ ٺوڪي اسلاميت زبردستي مڙهي پئي وڃي. پر ڪو به ان تي ٻڙڪ ٻاهر نه ٿو ڪڍي. پر اسان اسلامي معيشت جي قيام لاءِ دل جي سچائي سان ڪوششون ڪنداسين. اسلام جڏهن آمرن جي هٿن ۾ کيڏڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي، اسلام ڪنهن کي پنهنجون هٿ ٺوڪيون ڪارروايون سرانجام ڏيڻ جي لاءِ گنجائش نه ٿو ڏئي... اسلام جي اقتصادي تعليم مڙني مسلمانن جي لاءِ آهي. پر ان حقيقت کان انڪار ممڪن ناهي ته انهن وضاحتن ۾ اختلاف موجود آهي. ان باري ۾ اقليتي طبقي جي خيالن کي جلد بازي ۾ پيش ڪرڻ يا نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. ايتري قدر جو غير مسلمن جي حقن کي به نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. ڪم شروع ڪرڻ جو اهو اڳواٽ شرط آهي. بنا سوچڻ سمجهڻ جي جلد بازي قومي اتحاد جي لاءِ نقصان ڏيندڙ آهي.

    ترجيحن جي ضرورت
    پاڪستاني عوام جي بي رحميءَ سان استحصال جي خاتمي جي لاءِ معيشت جي نئين سر تنظيم ضروري آهي. سڀ کان پهريان پاڪستاني عوام کي هن ملڪ جي دستياب وسيلن جي مطابق هر شهري کي سٺي زندگي گذارڻ جي لاءِ حق ڏيڻ جي وڌ کان وڌ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اسان غريب ضرور آهيون، پر اهو صحيح ناهي ته اسان وٽ معقول ذريعا ناهن. ان لاءِ ڪافي خرچن ڪرڻ جي ضرورت پوندي. ان مقصد جي لاءِ سرمائي جي حاصلات کي فوقيت ڏيڻ گهرجي. باقي شيون بعد ۾ ڏٺيون وينديون. اسان کي ترجيحن جو حق لازمي ملڻ گهرجي. ان کان سواءِ حڪومت جي تبديلي فقط چهرن جي تبديلي هوندي، پر حڪومتي نظام جي تبديلي نه هوندي.

    هڪ سماجي نظام جي نئين سر جوڙجڪ
    ان نظام حڪومت جي تبديليءَ جي لاءِ منصوبابندي هيٺين مقصدن هيٺ ڪرڻ گهرجي.
    • هر صحتمند بالغ پاڪستانيءَ کي روزگار فراهم ڪيو وڃي، روزگار جي عدم فراهميءَ جي صورت ۾ هر فرد کي 50 رپيا ماهوار گذارو الائونس ڏنو وڃي.
    • مڙني تعيلم يافته نوجوانن کي تعليمي برگيڊ ۾ ڀرتي ڪيو وڃي، جتي کين تعليم ڏيڻ جي ٽيڪنڪن جي ٽريننگ ڏني وڃي.
    • هڪ پنج سالا پروگرام مرتب ڪيو وڃي، جنهن هيٺ:
    • مردن ۽ عورتن ٻنهي ۾ مڪمل طور تي جهالت جو خاتمو آندو وڃي.
    • وسيع پيماني تي پيشيورانه ٽريننگ ڏني وڃي، اها ٽريننگ مختلف نوجوانن جي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ پيداوار وڌائڻ، طريقيڪار، نقل و حرڪت جي ذريعن جي حاصلات ۽ ڪارآمد شين جي ورهاست تي ٻڌل هجڻ گهرجي.
    • ٽن سالن جي اندر هر ڳوٺ ۽ ڪچي آبادي ۾ پاڻي جي سهوليت پهچائي وڃي ۽ صفائي طرف ڌيان ڏنو وڃي.
    • چئن سالن جي اندر ٽن کان چئن ميلن جي حلقي ۾ هڪ پرائمري اسڪول، عام صحت جي يونٽ جي سهوليت، خانداني ڀلائي جا مشورا فراهم ڪيا وڃن.
    • ڏهن هزارن جي آباديءَ تي هڪ مڊل اسڪول ۽ 25 هزار جي آباديءَ تي هڪ هاءِ اسڪول کوليو وڃي. اهو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ٻنهي جي لاءِ ٽن ميلن جي حلقي ۾ هجڻ گهرجي. اهڙي طرح هڪ موثر عام صحت جو يونٽ جنهن جو سربراهه هڪ ڊاڪٽر هجڻ گهرجي، جيڪو مقامي آباديءَ جي گڏيل ڪوششن سان وڌ کان وڌ بسترا فراهم ڪري. ٻئي سهوليتون مفت هجڻ گهرجن ۽ هاءِ اسڪول ۾ داخلا انهن ٻارن تائين محدود هجڻ گهرجي، جيڪي سيڪنڊري اسڪولن جي فائينل امتحان ۾ سٺا نتيجا ظاهر ڪن، باقي شاگردن کي پيشيورانه ٽريننگ ڏني وڃي.
    • هر ڳوٺ ۽ پسگردائي ۾ يونين ڪائونسل هجڻ گهرجي. جيڪا عوامي حڪومت جي قيام جي هڪ مهيني بعد چونڊن جي ذريعي هڪ پلاننگ ڪاميٽي قائم ڪري سگهي.
    • پلاننگ ڪاميٽيءَ ۾ هر ٻن هزارن جي آباديءَ تي هڪ ميمبر هجي. هي ڪاميٽي موجوده يونين ڪائونسل جي طرز جي هجڻ گهرجي. ٻئي مقامي پارليامينٽ قائم ڪن. چونڊيل ميئر جي حيثيت وزيراعظم جهڙي هوندي، جيڪو مقامي حڪومت هلائڻ لاءِ هڪ ننڍي ڪابينا ٺاهي.
    • مقامي حڪومت ۽ پلاننگ ڪاميٽي جو گڏيل اجلاس ٿئي، جيڪو ٽيڪس لڳائڻ ۽ مقامي سطح تي اقتصادي ترقي جا قدم کڻي.
    • صوبائي ڪاميٽيون ٽيڪنيڪل مشورن جي لاءِ ذميوار هونديون، هر سطح جي تنظيم جي لاءِ فنڊ ڏنو ويندو. منهنجي سفارش جي مطابق فنڊ ٽن سيڪشنن ۾ ورهايو ويندو. پهريان سڄي فنڊ جو 60 سيڪڙو مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن کي ڏنو وڃي، ان جي ورهاست آباديءَ جي بنياد مطابق هجي. علائقي جي تڪڙن ترقياتي ڪمن جي لاءِ ٻه سيڪڙو فنڊ ريزرو رکيو وڃي ۽ باقي 10 سيڪڙو فنڊ اسپيشل ريزرو رکيو وڃي.
    • مقامي منصوبن جي جوڙجڪ ضلعي ڪاميٽين جي طرف کان واضع ڪيل صنعتي منصوبن جي بنياد تي ڪئي وڃي. ان لاءِ صوبائي حڪومتن جي مشاورتي آفيسرن کان مدد ورتي وڃي. اهڙي طرح مرڪزي منصوبن جي جوڙجڪ صوبائي منصوبن جي بنياد تي ڪئي وڃي.
    • مٿي ڄاڻايل پرگرام هيٺ هڪ فوري عملي منصوبو تيار ڪيو وڃي ۽ ٽن مهينن جي اندر ڪارروائي ڪرڻ کي ترجيح ڏني وڃي.
    • مڙني فنڊن جي هڪ طرفي ادائگي کي اهميت ڏني وڃي ۽ ان ۾ قرضن جي ٻيهر ادائيگي به شامل آهي ۽ ان سان گڏ نئين سر ادائيگي جو هڪ ڊگهو پروگرام شروع ڪيو وڃي ته جيئن هر قرض جي پائي پائي ادا ڪري سگهجي.
    • درآمدي شين تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي. سڄي مشينري ملڪ اندر تيار ڪئي وڃي. ۽ ان جي پرڏيهه مان گهرائڻ تي پابندي هنئي وڃي. درآمدي خام مال تي هلندڙ سڀ ڪارخانا بند ڪيا وڃن. اها صورتحال ان وقت تائين برقرار رهي، جيستائين اسان وٽ هتي خام مال تيار نه ٿو ٿئي. اصول جي مطابق برآمدات جي آمدني جي مطابق ئي درآمد ڪئي وڃي.
    • ڪارخانن جي لاءِ انتهائي ضروري درآمدي ساز ۽ سامان يا ته برآمدي آمدني يا ملڪي سرمائي يا دوست ملڪن کان حقيقي نرم شرطن تي گهرايو وڃي. بچت ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. گهڻي ضرورت ۾ نه ايندڙ شين جي ٻاهران گهرائڻ ۾ گھٽتائي آندي وڃي. مڙني ماڻهن کي موزون خوراڪ، ڪپڙا، صفائي، پاڻي جي فراهمي، اسڪولن جي سهوليت ۽ صحت جي سارسنڀال جي قدمن ۾ گهٽتائي نه اچڻ گهرجي.
    • زرعي پيداوار ٽن سالن ۾ ٻيڻي ڪئي وڃي.
    • ڪيميائي ڀاڻ جي پيداوار ۾ اضافو ڪيو وڃي ۽ ان جي ورهاست وقت سر ڪئي وڃي.
    • مقامي طور تي دستياب ٽيڪنالاجي مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪيو وڃي، ان جي لاءِ غير ملڪي امداد طلب نه ڪئي وڃي.
    • هر مرحلي تي عوام سان مشورو ڪيو وڃي ۽ کين مشورو ڏنو وڃي.
    • ڪنهن به شڪل ۾ تمام غير حاضر پٽيداري نظام ختم ڪيو وڃي. پاڻ ڏيوالو قرار ڏيڻ تي 40 ساله بانڊ جي ذريعي برابر جو معاوضو ڏنو وڃي. زمينن جي نئين سر ورهاست ڪاميٽيءَ جي مشوري سان مقامي ميئر ڪندا. انهن رهنمائن جي چونڊ پلاننگ ڪاميٽي ۽ مقامي اداري جي گڏيل اجلاس ۾ ڪئي ويندي. پر شرط اهو آهي ته ان جي قطعي منظوري، مقامي سرڪاري اداري ۽ حڪومت جو فيصلو ڪرڻ جي لاءِ گهرايل گڏيل اجلاس ۾ ڏني ويندي.
    • مقامي آبادي جي شڪايتن جي اپيل مقامي راءِ شماري جي ذريعي رهنمائن جي هڪ ٻي ڪاميٽي جي ٽياڪڙيءَ ۾ ٿيندي. زمينن جي نئين سر ورهاست جو طريقيڪار هيٺين نموني هوندو:
    • ڪنهن وٽ به باراني يا بزمي ڪنهن به قسم جي زمين 125 ايڪڙن کان وڌيڪ نه هوندي.
    • نئين زمين جي متعلق شرعي قانون لاڳو ٿيندا. جيڪڏهن ڪنهن کي زمين ملي ٿي ته ان جي قيمت 40 ساليانن قسطن جي ذريعي ادا ڪرڻي هوندي ۽ ان جي شرح به اها ئي ٿيندي جيڪا پراڻن زميندارن کي ٻيهر ڏني ويندي.
    • مضاربه ۽ مشترڪه جي اسلامي اصطلاح جي استعمال جو جرنيلن جو نئون فراڊ ختم ڪيو ويندو. ان هيٺ هو هيل تائين 5 هزار کان 10 هزار ايڪڙ تائين ايراضي دوکي ۽ مڪاريءَ سان ڦٻائي چڪا آهن. هو ان زمين کي سرمائيدارانه فارمن جي شڪل ۾ استعمال ڪن ٿا ۽ ان ۾ ڪيترن غير ملڪين جو به هٿ هوندو آهي. ان قسم جي پيداوار جي اجازت نه ڏني ويندي.
    • موزون ڍنگ جي ڪوآپريٽو سوسائٽين جي قيام لاءِ هارين جي حوصلي افزائي ڪئي ويندي. ان ۾ پيداوار ۽ مارڪيٽنگ به شامل هوندي. ماهرن جي مشوري ۽ آڊٽ جي خدمتن جي سلسلي ۾ صوبائي حڪومتون ڪوآپريٽو سوسائٽين جي معاملي ۾ ڪا به دخل اندازي نه ڪنديون، فقط رجسٽريشن ۽ گوشوارا گڏ ڪرڻ جو ڪم سرانجام ڏينديون. سڀئي جهڳڙا ڪوآپريٽو سوسائٽين جي عام اجلاسن ۾ طئه ڪيا ويندا ۽ جيڪڏهن ڪنهن چونڊيل ميمبر جي تحقيق تي ڪو دوکو يا ڪوڙ پڪڙيو ويو ته ان جي خلاف تعلقي ۽ ضلعي عدالتن ۾ ڪيس هلايا ويندا. جنرل باڊي جا اختيار کسڻ يا ڪوآپريٽو سوسائٽين تي قبضي جو ڪنهن کي به اختيار نه هوندو. پر صوبائي حڪومتن جي ماهرن کي عام سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻي پوندي ۽ کين عام ڪارڪردگي، پيداوار وڌائڻ، قانوني پهلوئن، مارڪيٽنگ جي بهتر ٽيڪنڪس اپنائڻ جا مشورا ڏيڻا پوندا.
    • مڙني زرعي شين جو وڪرو ڪوآپريٽو سوسائٽين ذريعي ڪيو ويندو.
    • تيلي ٻجن جي پيداوار وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. ان ۾ سورج مکي، مڪئي، سرنهن، ناريل، زيتون ۽ تاڙي جي ٻجن جي پيداوار شامل آهي. ان پيداوار کي ٽن سالن ۾ ٻيڻو ڪرڻ جي پروگرام تي عمل ڪيو ويندو. ته جيئن تيلي ٻجن جي پيداوار ۾ ملڪ پاڻ ڀرو ٿي سگهي.
    • پالتو جانورن جي نسل وڌائڻ ۽ ڊيري فارمنگ جي پيداوار ٽن سالن ۾ وڌائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا ۽ وڻ پوکڻ طرف خاص ڌيان ڏنو ويندو.
    • زرعي توسيعي ڪارڪنن جو صوبائي سطح تي ڪيڊر بڻايو ويندو، جنهن ۾ زرعي گريجوئيٽن کي ترجيح ڏني ويندي. اهو ڪيڊر ضلعي، تعلقي ۽ مقامي سطح تي ٽيڪنيڪل مشورا ڏيڻ لاءِ قائم ڪيو ويندو. ته جيئن واري واري سان فصل پوکڻ جي نئون سسٽم ۽ بهتر زرعي طريقا اپنائڻ، مٽي جو تحفظ، پاڻي جي فراهمي ۽ آبپاشي جي بهتر ذريعا استعمال ڪري سگهجن.
    • ان ڪيڊر جا سمورا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ عملدار پنهنجي طور تي ٽيڪس هڻندا، جن جو مرڪزي، صوبائي يا ضلعي ٽيڪسن سان ڪو به ٽڪراءُ نه هوندو.
    • مقامي سرڪاري اداري جي سطح تي قائم هر يونين ڪائونسل بي روزگارن جي فهرست تيار ڪندي ۽ ان بعد صوبائي حڪومتن کان انهن جي سماجي تحفظ جو الائونس حاصل ڪندي. صوبائي حڪومتون ان رقم جي ادائيگيءَ جون ذميوار هونديون. فيڊرل ۽ صوبائي حڪومتن ان سلسلي ۾ موزون بجيٽ تيار ڪرڻ لاءِ هڪ قومي ڪانفرنس منعقد ڪنديون.
    • قومي سطح تي اقتصادي ڪاروبار اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ذريعي هلايو ويندو. هي هڪ خودمختيار ادارو هوندو ۽ هي سڄي حڪومتي ڪنٽرول کان مٿانهون هوندو. هي ڪرنسي نوٽ جاري ڪندو ۽ ملڪ ۾ اقتصادي ترقي لاءِ هيٺ ڄاڻايل قدم کڻندو:
    • رپئي جي قيمت ۽ قوت خريد برقرار رکي ويندي.
    • اقتصادي پاليسين جو موزون ڍنگ سان جائزو ورتو ويندو.
    • قومي معيشت ۽ آبادي ۾ ترقي جي متعلق اعتبار جوڳا گوشوارا مهيا ڪيا ويندا.
    • مڙني سرڪاري ادارن جي هڙني سطحن تي اقتصادي ڪارروائي ۽ مالي ڏي وٺ جي نظام جي نگراني ڪئي ويندي ۽ آڊٽ سروسز ۽ مختلف ڪنٽرولرز آرگنائيزيشن جي ڪم ڪار جي قطعي جاچ ڪئي ويندي ته جيئن هر قسم جي آڊٽ سروسز جو حساب ڪتاب اعلى سطح تي هجي.
    


    باب ڇهون: پرڏيهي پاليسي 

    فوجي ۽ اقتصادي امداد حاصل ڪرڻ جي لاءِ ضيا آمريڪا جي آڏو جهولي ڦهلائي آهي. سندس ان رويي تي ملڪ اندر ۽ پاڙيسري ملڪ ٻئي شڪ ۽ شهبن جو اظهار ڪري رهيا آهن. ضيا 1981ع ۾ آمريڪا سان معاهدو ڪيو ۽ شخصي لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ هن سڄي ملڪ کي آمريڪا وٽ وڪرو ڪري ڇڏيو. ان معاهدي ۾ آمريڪا جي مرضيءَ ۽ خواهش جي مطابق شرط رکيا ويا آهن. جنرل ضيا پاڪستان ۾ 1950ع کان اڳ واري ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي آهي. يعني هو آمريڪا جو اهو ئي پراڻو پٺو بڻجي چڪو آهي.
    ضيا جي افغانستان جي پاليسي فوجي حڪومت طرفان اختيار ڪيل پاليسيءَ جو ئي حصو آهي. اها پاڪستان جي لاءِ انتهائي خطري جوڳي پاليسي آهي. هن هڪ وڏي طاقت سان دشمني پرائي پنهنجي رستي ۾ ڪنڊا پوکيا آهن. هڪ طرف ته افغانستان پاڙيسري ملڪ آهي. پاڪستان جي حڪمرانن ان جي 2 ڪروڙ 80 لک پناهگيرن کي پاڻ وٽ پناهه ڏني آهي ۽ ٻئي طرف اهي پناهگير پنهنجي ملڪ ڪڏهن به واپس نه ويندا. روس پنهنجي وچٿري پاليسيءَ تي عمل ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن سندس ڊپلوميٽس ۽ اخبارن وغيره اهو اشارو ڪرڻ شروع ڪيو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ سندن جاگرافيائي سياسي مفادن کي پاڪستان مان خطرو پيدا ٿيو ته هو ڪهڙو رويو اختيار ڪندا. ملڪ جون اندريون حالتون به ڳڻتي جوڳيون آهن. پاڪستان جي سرحد صوبي ۾ افغانستان جي بک سٽيل صوبن مان 2 ڪروڙ 80 لک پناهگيرن جي موجودگي اسان جي معيشت تي چيلهه چٻي ڪرڻ جهڙو بار آهي، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سرڪاري طور تي ڪجهه غير ملڪي امداد به اچي رهي آهي. سعودي عرب به بي حساب سرمايو لٽائي رهيو آهي ۽ نام نهاد مجاهد سي آءِ اي جي ايجنٽن جي هٿن ۾ کيڏي رهيا آهن. پر اهو پئسو ان صوبي جي معيشت کي تباهه ڪري رهيو آهي. ان کان سواءِ جيڪو ناڻو انهن علائقن ۾ وڏي پيماني تي اچي رهيو آهي، اهو پاڪستان جي معيار کان به گهٽ آهي.
    سياسي طور تي حالتون انتهائي ڇڪتاڻ واريون آهن. انهن علائقن ۾ سماجي طور تي ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي. انهن صوبن ۾ سياسي پارٽين ۾ نظرياتي هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سرحد صوبي ۾ جماعت اسلامي جهڙيون رجعت پرست پارٽيون رپيا ورهائڻ جون ايجنسيون بڻجي ويون آهن. ان کان سواءِ ٻيون به ڪافي پارٽيون اهڙيون خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن. ۽ هو چوريءَ هٿيار اسمگل ڪرڻ جي ڪم ۾ ملوث آهن. انهن هٿيارن ۾ هاڻي ڪلهي واري بندوق، راڪيٽ لانچر ۽ سام (ايس اي ايم) شامل آهن. بلوچستان ۾ اهو ڪم گهڻو ڪري شڪي ماڻهن جي ذريعي سرانجام ڏنو پيو وڃي. ان ۾ سياسي قبائلي ليڊر ۽ اسمگلر شامل آهن. هٿيار سپلاءِ ۽ مفت جو مال لٽائڻ ۾ سرڪاري تحفظ وارا ادارا به شامل آهن. ٻئي طرف ان علائقي ۾ ڪجهه جمهوري پارٽيون به موجود آهن. انهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، تحريڪ استقلال، پراڻي نيشنل عوامي پارٽي (اين اي پي) جا جانشين به شامل آهن. جيڪي اين ڊي پي ۽ اين اي پي، پختون والا خاص طور قابل ذڪر آهن. ان کان سواءِ جميعت علماءِ اسلام ۽ سندس شاگرد ونگ به گهٽ وڌ ان نقطي نظر جي آهي. انهن ڪابل ۾ ڪارمل حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش جي پاليسيءَ جي مخالفت ڪئي. هن ملڪ ۾ باغي عنصرن جي موجودگيءَ سبب جيئڻ حرام ٿي ويو آهي ۽ عوام کي ملڪ مان نڪري وڃڻ لاءِ اڪسايو پيو وڃي. ان عمل ۾ سڀ سياسي پارٽيون ۽ ضيا جي اشاري تي نچندڙ جماعتون ۽ سندن اسلام جا نام نهاد حامي شامل آهن. آمريڪي رجعت پسند طاقتون کين هٿيار ۽ رپيا فراهم ڪري رهيون آهن. (چين جو هتي خاص معاملو آهي) ان ڪري هتي هڪ خوفناڪ ٽڪراءَ جو خطرو پيدا ٿي رهيو آهي.
    اسان جمهوري پارٽين جا ماڻهو هڪ وڏي عرصي کان ڪارمل ۽ ان جي حامي حڪومتن کي تسليم ڪرڻ لاءِ کلئي عام آڏو اينداسين ۽ پناهگيرن جي ٻوڏ روڪڻ جي لاءِ انهن افغان حڪومتن سان معاهدي جي لاءِ تيار آهيون. اسان چاهيون ٿا ته انهن پناهگيرن کي ڪابل حڪومت جي تعاون سان واپس موڪليو وڃي. ضيا جون پاليسيون آمريڪا ۾ تيار ٿين ٿيون، ڇاڪاڻ ته هو ئي سندس پٺڀرائي ڪري ٿو. انهن مخالف عنصرن سبب گهرو ويڙهه جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي ۽ ڪيفيت 1971ع واري گهرو ويڙهه واري ٿي وئي آهي. .... گهرو ويڙهه جهڙن مسئلن جو اڄ سوڌو ڪو به حل نڪري نه سگهيو آهي، هاڻي وسيع پيماني تي خط و ڪتابت ٿي رهي آهي ۽ ان معاملي کي بنيادي خانگي مسئلي سان وابستا ڪيو پيو وڃي ته اهو خانگي مسئلو ئي افغانستان جي بحران جو ذميوار آهي.
    جيئن ته واضع ڪيو ويو آهي ته افغانستان ۾ آمريڪا، مصر، چين ۽ سعودي عرب جو هٿيار ۽ پئسو ڦوڪيو پيو وڃي، ان معاملي تي ضيا جا هزارين پٺو اکيون ٻوٽي ويٺا آهن. پاڪستاني فوج افغانستان ۾ بغاوت کي هوا ڏيڻ ۽ ٽوڙ ڦوڙ جي پيچيده ڪم جي سرانجامي کي برقرار رکڻ جي لاءِ اڻٽر ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان سان پاڪستان جي سلامتيءَ کي خطرو پيدا ٿي ويو آهي. روس ان صورتحال تي سخت غصي ۾ آهي ۽ موقعي جو منتظر آهي.
    هڪ ڳالهه ته طئه آهي ته آمريڪا اهو چاهي ٿو ته روس کي افغانستان تي قبضو ڪرڻ جي مهانگي قيمت چڪائڻي پوي ۽ هيڏانهن پاڪستان آمريڪي پاليسيءَ کي عملي جامو پهرائڻ جي لاءِ پنهنجو بخوبي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. آمريڪا هڪ وڏي طاقت آهي، ان سڄي دنيا ۾ روس سان گهمسان جي ويڙهه شروع ڪري رکي آهي ۽ ان وٽ هيءَ جنگ جاري رکڻ لاءِ طاقت به آهي ۽ ذريعا به آهن. پر اسان مايوسيءَ جي حد تائين غريب ۽ ڪمزور آهيون. اسان ڪيترن ئي طريقن سان روسي دٻاءَ جي ذريعي ڪمزور ۽ نستا ٿي چڪا آهيون. سڀ کان پهريان ڳالهه اها آهي ته اسان جو علائقو ئي ڪمزوريءَ جي دلالت ڪري ٿو. روسي طاقت جو نظام ڳرين ٽينڪن، هوائي جهازن ۽ ميزائيلن تي مشتمل آهي. ٿورو پشاور کان ٻاهر نڪري ڏسو ته اوهان کي اولهه ۾ اتر اولهه جرمن تائين دفاعي قدمن جو هڪ اڻ ٽٽ سلسلو نظر ايندو. اها ڪيفيت اتر اوڀر ۾ ولادي وسٽوڪ تائين آهي. ڇا ان جي ڪا تُڪ آهي ته اسان هڪ عظيم طاقت سان ناحق جهڳڙو پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي هلندا وتون، جڏهن ته ان عظيم طاقت کي خبر آهي ته وار ڪٿان ڪيو پيو وڃي. ان کي جنون کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو چئي سگهجي. وڌيڪ اهو ته سرحد ۽ بلوچستان جي آبادي اتان جي پراڻين پارٽين جي ذريعي اڃان تائين روس ۽ افغانستان جي دوستن سان هڪ ڊگهي مدت کان دوستانه لاڳاپا برقرار رکڻ جي خواهشمند آهي. اهو ئي نه پر کين اسلام آباد جي حڪمرانن سان بنيادي آئيني معاملن تي سنجيده شڪايتون آهن ۽ هو سياسي تعاون جي لاءِ ڪابل ۽ ماسڪو جي طرف ڏسن ٿا ۽ هو هن وقت گهڻن پاڪستاني محب وطنن ۽ قومپرستن سان گڏ ڪارمل حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.
    گهڻا پاڪستان مخالف پارٽين جا بي ضرر ڪردار رکندڙ ليڊر خير بخش مري، اجمل خٽڪ، مرتضى ڀٽو ۽ ان جهڙا ڪيترائي ماڻهو هن وقت ڪابل ۾ ترسيل آهن. انهن تي بغاوت جي الزام هيٺ ڪو به ڪيس نه هليو آهي. اتي اڃا سوڌو ڪجهه اهڙا گمراهه قومپرست پٺاڻ آهن، جيڪي اهو تصور ڪن ٿا ته سرحد صوبي ۽ بلوچستان جي افغانستان سان ڪنهن قسم جي وابستگي آهي. ڪجهه قومپرست بلوچ گوريلا اڃا تائين سرڪاري طور تي افغانستان ۾ رهيل آهن ۽ انهن مان ڪجهه پاڻ کي مارڪسٽ چوندا آهن. سندن تعداد گهٽ آهي. انهن مان گهڻا رپيا ڪمائڻ جي لاءِ نار جي ملڪن يا پاڪستان جي اندرين علائقن ۾ هليا ويا آهن. بهرحال هو علامت جي طور تي اتي موجود آهن. پاڪستان ۾ سندن دوست، ساٿي ۽ مددگار موجود آهن. اهي گوريلا آزاداڻي طور تي گهمن ڦرن ٿا. ۽ بلوچستان جي سياست ۾ هو غير معمولي ڪردار ادا ڪن ٿا، پر اهي سڀ ڪارمل ۽ روس جا دوست آهن. فقط ان ڪري جو پاڪستاني فوج پاڪستاني عوام کي جمهوري حق عطا ڪرڻ کان انڪاري آهي ۽ ٻين هنڌن تي به ڇڪتاڻ جي ڪيفيت موجود آهي. فوجي ڊڪٽيٽر ڏهڪاءَ وارو ماحول پيدا ڪري رهيا آهن. ڪيترن هنڌن تي ان جي انتها ٿي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته ڪيترا ئي علائقائي قومپرست ان نتيجي تي پهتا آهن ته پاڪستان تي پنجابي فوجي ڊڪٽيٽرشپ جو اڻ کٽ سلسلو جاري آهي. گهڻا پاڪستاني فوجي ۽ سول سروسز جا ماڻهو، وڏا وڏا واپاري، زميندار هڪ ئي صوبي پنجاب جا رهندڙ آهن. هي هڪ مستقل اڪثريتي علائقو آهي. هتان جا اڪثر سياستدان اقليتي علائقن جي ماڻهن کي رعايتون ڏيڻ جي سخت مخالفت ڪندا آهن. 1982ع ۾ واشنگٽن ۾ چيو ويو هيو ته هو ته هميشه اقتدار ۾ رهندا. جيڪڏهن ضيا هليو ويو ته ان جي جاءِ تي ٻيو جرنيل اچي ويندو. اقليتي علائقن جا قومپرست هاڻي کلي عام اهو چئي رهيا آهن ته واشنگٽن جي ان اعلان جي معنى اها ٿي ته آمريڪا ۽ پاڪستاني فوجي جرنيلن پاڻ ۾ هڪ ناپاڪ منصوبو سٽيو آهي. ۽ ٻئي طرف پاڪستاني عوام کي فوجي آمريت جي چنبي مان ڪڍڻ جو مطلب اهو هوندو ته واشنگٽن سان نون غلامي وارن لاڳاپن جو سلسلو ٽٽي ويندو.
    پاڪستاني جرنيلن جي آمريڪا سان سياسي سازباز جي معنى اها ٿي ته پاڪستانين کي هاڻي پنهنجي جدوجهد آرمي جي خلاف به ڪرڻي پوندي ۽ آمريڪا جي خلاف به. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته ان سودي ۾ آمريڪا فوجي جرنيلن سان گڏ آهي. واشنگٽن واضح طور تي جرنيلن کي پاڪستاني عوام تي فوقيت ڏني آهي.
    ٻي صورتحال جو نتيجو، معقول نوعيت جون علحدگي پسند تحريڪون جنم وٺي رهيون آهن. روس جيڪڏهن پاڪستان کي سبق سيکارڻ جو فيصلو ڪري وٺي ٿو ته هي ان جي لاءِ بهتر موقعو آهي، پر 1971ع کان به سٺو موقعو آهي. ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هڪ متحد ۽ جمهوري پاڪستان جي خاطر ڪير ميدان ۾ اچي ٿو ان جي لاءِ اسان کي انتهائي اڻ وڻندڙ ڪيفيت کي منهن ڏيڻو پوندو.

    ڀارت ۽ پاڪستان
    ٻه وڏا مسئلا ڌيان طلب آهن، انهن مان هڪ آهي ڀارت سان لاڳاپا. مڙني محب وطن طبقن جا ماڻهو ان ڳالهه تي متفق آهن ته انهن لاڳاپن کي سڌارڻ جي ضرورت آهي. واقعي اسان ان جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا رهنداسين. انهن لاڳاپن ۾ ڪجهه وڏيون وڏيون رڪاوٽون موجود آهن.
    پهريون اهو ته ٻنهي ملڪن ۾ هٿيارن جي ڊوڙ تيز ٿي رهي آهي. اصول اهو آهي ته تيز نوڪ سان اوهان ڪجهه به ڪري سگهو ٿا پر ان تي پاڻ ويهي نه ٿا سگهو. جيڪڏهن ائين ڪيو ته صورتحال خطرناڪ ٿي سگهي ٿي. پاڪستان پنهنجن ساڍن 5 سالن کان وڌيڪ عرصي جي بدعنوان ۽ ناپاڪ فوجي حڪومت کان پوءِ پنهنجي هٿياربند فوج جي ذريعي ملڪ جو بچاءُ ڪري نه سگهيو. عوام هن حڪومت کان بيزار آهي، جيڪا پنهنجي احمقانه پاليسين سان ملڪ کي جنگ جي جهنم جي دروازي تي آڻي بيهاري سگهي ٿي.
    اسان ڪنهن سان زور آزمائي ڪيون؟ ڀارت ۽ روس ٻنهي سان؟ روس سان جنگ جي صورت ۾ افغان بڻجي، دراصل هيءَ ڪيترين ڳجهين جنگين جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي. ان جنگ جي شروعات ته اصل ۾ اسان جي پنهنجي گهرو ويڙهه آهي، جيڪا وڙهي ويندي. روسين، افغانن، آمريڪين ۽ چينين سان گڏ ۽ پوءِ ڀارت به مداخلت ڪندو. اها اصل صورتحال ۾ هڪ شيطاني جنگ بڻجي سگهي ٿي. اسان اهڙين مڙني حالتن ۾ ڦاٿل آهيون. پنجابي جرنيلن جي مهابي آمريڪا سان معاهدو ته ٿي ويو آهي، آمريڪا جي تعاون سان هي پنهنجو اقتدار ته بحال ڪري سگهن ٿا ۽ هي ڊالرن سان کيسا ڀرڻ جو موقعو به هٿ مان ڇو وڃڻ ڏنو وڃي.
    پاڪستاني عوام ڀارت سان امن چاهي ٿو، شملا ٺاهه هيٺ اسان پنهنجا سڀ جهڳڙا پرامن طور تي نبيري سگهون ٿا. ٻئي ملڪ انهيءَ ٺاهه تي ڪاربند آهن. سڀ پاڪستاني سياسي ليڊر ان طريقيڪار کي تسليم ڪن ٿا. افغانستان جي مسئلي کي اسان گهڻي دير تائين نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون. پاڪستان افغانستان جي بغاوت ۾ پنهنجو موجوده ڪردار گهڻي دير تائين ادا ڪري نه ٿو سگهي. اهو ملڪ جي سلامتيءَ جي لاءِ غير ضروري خطرو کڻڻ آهي. ضيا جي قيادت هيٺ قائم فوجي جرنيلن جو ٽولو ان ڪيفيت کي وڌيڪ منهن ڏئي نه ٿو سگهي. بهرحال هي ساڄي ڌر جا انتهائي مذهبي جنوني ملا هر جڳهه يعني پاڪستان، اتر اولهه ايشيا ۽ افغانستان ۾ شيطانيت جو ٻج ڇٽي رهيا آهن. اسان کي ان جو خطرناڪ نتيجو ڀوڳڻو پوندو. پر هن وقت سوال افعانستان جو آهي. دراصل ان پاڪستان جو پنهنجو وجود ئي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. افغانستان ۾ باغي گروپن کي هوا ڏيڻ جو پاڪستاني ڪردار جو هاڻي فوري طور تي خاتمو ٿيڻ ضروري آهي. ان بعد ڪارمل حڪومت کي تسليم ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏ پناهگيرن جي واپسيءَ جو ٺاهه ڪيو وڃي. جنهن بعد افغانستان ۽ روس سان وسيع پيماني تي ڳالهه ٻولهه جو سلسلو شروع ڪيو وڃي ۽ روسي فوج جي واپسيءَ جي لاءِ ڀارت جي خيرخواهي حاصل ڪئي وڃي. يو اين او جي ذريعي اڻ سڌي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي لاءِ آمريڪا ته وقت ٽاري رهيو آهي. جڏهن ته ضيا جو ذهن ان باري ۾ آئيني وانگر صاف آهي ۽ ڪيترائي واضح مقصد ۽ قدم سندس ذهن ۾ موجود آهن. ٻين وڏن مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ٻين چونڊن جو انتظار نه ٿو ڪري سگهجي. پهرين جمهوري حڪومت انهن مسئلن تي وڏي تيزيءَ سان ويچار ڪرڻ شروع ڪندي.
    ڀارت جي دوستيءَ واري آڇ کي رد ڪري نه ٿو سگهجي، ان کي قبول ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان کي آر ڊي ايف ۾ شامل نه ڪيو ويو. ڀارت سان دوستاڻي ٺاهه سان افغانستان جي بحران کي حل ڪرڻ ۾ ڪافي مدد ملندي.

    عرب پاليسي
    ان کان پوءِ هڪ عرب پاليسيءَ جي ضرورت آهي. ڏکڻ اوڀر ايشيا جي عرب ملڪن کي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت آهي ته ساڻن دوستي ۽ اقتصادي تعاون کي لبيڪ چيو ويندو. پر فوجي ڊڪٽيٽر ضيا طرفان ڪيل ڪنهن به فوجي يا نيم فوجي ٺاهه کي هڪدم منسوخ ڪيو ويندو. غير ملڪن ۾ پاڪستاني فوج جي ڪنهن به قسم جي شرڪت کي هڪدم ختم ڪيو ويندو.
    ضيا جي حڪومت پاڪستاني عوام کي ڏکڻ اولهه ايشيا ۾ آمريڪا طرفان روسي مخالف اسڪيمن ۾ اڻ سڌي طرح ملوث ڪري ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان پنهنجي ان معاهدي تي کڳيون هڻي رهيو آهي. اهي اسڪيمون هيٺين طرح آهن:
    • اولهه جي ملڪن جي لاءِ ايراني نار جي تيل جي فراهمي
    • اولهه جي ملڪن جي حامي شاهي حڪمرانن جي تخت ۽ تاج جو سندن پنهنجي عوام کان تحفظ. اڃا وقت آهي ته پاڪستاني عوام مڙني واسطيدار ماڻهن کي خبردار ڪري. ان ۾ اولهه، عرب شيخ ۽ روس شامل آهن، ته هو (پاڪستان) ان ۾ پنهنجو ڪو به ڪردار ادا نه ڪندو ۽ هو ان جو حصو نه ٿو بڻجڻ چاهي. جيئن ئي ضيا جو آمراڻو نظام پنهنجي منطقي انجام تي رسندو ته جمهوري حڪومت ضيا ۽ سندس فوجي ٽولي جي طرفان ڪيل سڀني معاهدن ۽ قدمن جو نئين سر جائزو وٺندي.
    پاڪستان پنهنجي علائقي کان ٻاهر يا غير ملڪين پاڪستان ۾ جيڪا به امڪاني ڪارروائي ڪئي آهي، ان کي هڪدم منسوخ ڪيو ويندو. هيءَ حڪومت سڀ واسطيدار دستاويز ۽ پس منظر پيش ڪندڙ معلومات جي اشاعت عمل ۾ آڻيندي ته جيئن عوام فيصلو ڪري سگهي ته آزادانه طور تي چونڊيل پارٽيون ڪهڙو قدم کڻن. جيستائين ايم آر ڊي جي فوري ذميواري جو تعلق آهي ته اها هيٺ ڏنل قدم هڪدم کڻندي.
    • ڪنهن به طاقت جي خلاف ڪيل سڀ فوجي ۽ سياسي ٺاهه يا صف بندي منسوخ ڪئي ويندي.
    • موزون اڻ وابستگيءَ واري پاليسيءَ تي عمل ڪيو ويندو.
    ايم آر ڊي جي طرف کان نمائندگي ڪندڙ جمهوري طاقتون، فلسطينين يا آفريڪا جي حبشين جي اڪثريت جي قومي آزادي واري ڪاز جي پرزور تائيد کان نه ڪيٻائينديون. هو کين پنهنجو دلي تعاون فراهم ڪنديون. پر ان کان وڌيڪ اسان ڪجهه به نه ڪنداسين، پر اتر اولهه ايشيا ۾ جتي پاڪستان پنهنجي فوج ملوث ڪري رکي آهي، دوست ۽ دشمن ٻئي جنهن کي شڪ ۽ شهبي جي نظر سان ڏسن ٿا ۽ اها عوام جي خلاف آهي، ان کي نار جي ملڪن جي شيخن جي سلطنتن جو اندروني معاملو تصور ڪيو ويندو ۽ ان ۾ پاڪستاني فوج جي شرڪت کان پاسو ڪيو ويندو. پر ان سان معمول جا اقتصادي لاڳاپا ۽ تمدني ڏي وٺ ۽ صديون پراڻا لاڳاپا ۽ دوستي متاثر نه ٿيندي.

    هڪ معمولي خاڪو
    جيستائين عراق ايران جنگ جو تعلق آهي، ان جي باري ۾ سخت اڻ وابستگيءَ واري پاليسي اختيار ڪئي ويندي. ايم آر ڊي اهڙو ڪو به قدم نه کڻندي، جنهن سان جهڳڙي کي هوا ملي سگهي، پر معمول جا لاڳاپا ٻنهي سان برقرار رکيا ويندا. پهرين جمهوري حڪومت ۾ محدود حد تائين اينٽي فاشسٽ فرمان جاري ڪيا ويندا ته جيئن شهرين جي معمول جي آزادي بحال رکي وڃي ۽ آزاد جمهوري ادارن جي تعمير ۾ مدد ڏني وڃي. آزاد سماج جا اهي بنيادي پهلو آهن. ڇهن مهينن ۾ چونڊن جو نئين سر حڪم جاري ڪيو ويندو. ان ۾ انفرادي پارٽيون پنهنجو تفصيلي پروگرام پيش ڪنديون ۽ ڊگهي مدي وارين اقتصادي ۽ پرڏيهي پاليسين جوڙڻ جي متعلق نئين سر مينڊيٽ حاصل ڪري سگهن.

    نيوڪليئر پروگرام
    قوم جي سامهون ٻيو وڏو مسئلو نيوڪليئر ريسرچ پروگرام جو آهي. بهاني بازيءَ سان ڪجهه حاصل نه ٿيندو. اهو سڀني تي واضح آهي ته نيوڪليئر ريسرچ پروگرام منهنجي والد ۽ جمهوري طور تي چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو شروع ڪيو هو. ضيا جي انڪار جي ڪا به معنى ناهي، پر اڄ ڪلهه جي بدلجندڙ حالتن ۾ ان پروگرام جو نئين سر جائزو وٺڻ ضروري آهي.

    آخر تبديلي ڪهڙي ڪئي وڃي؟
    پهريون اهو ته پاڪستان هاڻي سياسي ۽ اقتصادي طور تي (ايٽم) بم بڻائڻ گوارا نه ٿو ڪري سگهي. بم جي لاءِ سڀ ڪوششون لا حاصل هونديون، صرف پاور جنريشن جون سهوليتون ڪٿان به دستياب ٿي سگهن ٿيون، صرف ننڊن ملڪن جي سپلائيرن جي تحفظ تي رضامندي ظاهر ڪرڻي پوي ٿي، خواهه ڀارت هجي يا پاڪستان گهربل تحفظن کي قبول ڪرڻ کان انڪار جو نتيجو ظاهر آهي.
    ٻيو اهو ته ان پروگرام تي عمل ڪندي ضيا ۽ ان جي فوجي ٽولي ڀارت سان هٿيارن جي ڊوڙ لڳائي ڇڏي آهي. ڀارت هٿيار فراهم ڪري ٿو يا نه، اهو سندس پنهنجو معاملو آهي. پر اسان اها ڊوڙ جاري رکڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون.
    ٽيون اهو ته ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ته اسان کي ڀارت سان ته ڇا پر ڪنهن سان به جنگ ناهي ڪرڻي، ته پوءِ هٿيارن جو حصول ۽ خاص طور تي نيوڪليئر هٿيارن جي حصول لاءِ ڊوڙ ته سمجهه ۾ نه ٿي اچي. ڊگهو عرصو گذري چڪو آهي جو اسان صرف بم ٺـاهڻ جي صلاحيت حاصل ڪئي هئي ته فوجي جرنيلن هڪ ڊگهي جنگ ڇيڙي ڇڏي. هو پنهنجي سياسي بازيگرين سبب منهن ڏئي نه سگهيا، 1971ع جو مثال اسان جي سامهون آهي.
    چوٿون اهو ته جيڪو ڪجهه هڪ جمهوري حڪومت ۾ جائز ۽ موزون هوندو آهي، اهو ضروري ناهي ته دوستن کان محروم فوجي جابرن جي لاءِ به قابل عمل هجي.

    ايم آر ڊي جي پرڏيهي پاليسي
    جيستائين ٻيهر چونڊون عمل ۾ نه ٿيون اچن ۽ خالص هڪ پارٽي حڪومت قائم ٿي نه ٿي وڃي، تيستائين گهڻ مدي واري پرڏيهي پاليسي مرتب نه ڪئي ويندي. پرڏيهي معاملن تي گهٽ سطح تي ڌيان ڏنو ويندو ۽ ان جو انداز واپار وارو هوندو. عراق ايران جنگ جي سلسلي ۾ امن برقرار رکڻ تي زور ڏنو ويندو. ايم ار ڊي گلف ڪوآپريشن ڪائونسل (جي سي سي) جي ڪاررواين کي نه ته تقويت ڏيندي ۽ نه ئي ان ۾ رخنو وجهندي. ان کان سواءِ اهڙو ڪو به قدم نه کنيو ويندو، جنهن سان روس، چين ۽ ڀارت کي ڪجهه چوڻ جو موقعو ملي سگهي. مان ان ۾ امريڪا کي به شامل ڪرڻ چاهيان پئي، پر شامل نه ڪري رهي آهيان، ڇاڪاڻ جو ان طرفان اسان جي پهرين ڪارروائي جي ئي مخالفت ٿيندي. اها ڪارروائي هوندي فوجي جرنيلن جي اقتدار حڪومت کان محرومي ۽ افغانستان جنگ ۾ تعاون تان هٿ کڻڻ.
    جيئن ته مان پهريان ئي عرض ڪري چڪي آهيان ته جيستائين افغانستان جو تعلق آهي، ايم آر ڊي بذات خود هيٺيان قدم کڻندي.
    • مجاهدن جي ڪنهن به گروپ کي هر قسم جي فوجي، سلامتي يا سفارتي تعاون يا امداد ڏيڻ کان انڪار.
    • باغين جي غير ملڪي امداد يا مالي مدد جي روڪٿام.
    • بابرڪ ڪارمل حڪومت کي افغانستان جي واقعي حڪومت طور تسليم ڪرڻ ۽ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ روايتي دوستي وارا لاڳاپا ۽ تعاون جي بحالي ۽ خاص طور تي افغان پناهگيرن جي واپسي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ.
    ايم آر ڊي کي افغانستان ۾ روسي فوج جي موجودگيءَ جي مذمت ڪرڻ گهرجي، پر ان سان گڏ ان ڳالهه کي به تسليم ڪرڻ گهرجي ته اهو ٻن آزاد ملڪن افغانستان ۽ روس جو قطعي طور تي پنهنجو گڏيل معاملو آهي. ان ڪري پاڪستان کي ڪو ڪردار ادا نه ڪرڻو هوندو. پاڪستان دل جي سچائي سان توقع رکي ته افغانستان اڻ وابستگيءَ واري پاليسي اپنائيندو ۽ سندس پرڏيهي پاليسيءَ جو اهو ئي رهمناءُ اصول هوندو. ايم آر ڊي جي حڪمرانيءَ هيٺ پاڪستان افغانستان سان روايتي اقتصادي رابطا قائم ڪرڻ ۽ انهن کي وڌائڻ يا سگهه بخشڻ لاءِ جوڳا قدم کڻندو. ۽ ان سان گڏ ئي افغانستان جي واپاري حقن جو تحفظ ڪندو. اهو واپار پاڪستان جي رستي ٿيندو رهيو آهي. پر ان سان گڏ ئي هر قسم جي اسمگلنگ جي ڌنڌي جو خاتمو آڻڻ جا حق سندس وٽ هوندا ته جيئن گڏيل مفادن جو تحفظ ٿي سگهي ۽ سامراجي ايجنٽن جي صفائي ٿي سگهي. اسمگلنگ جي يا ان ۾ منشيات ۽ هٿيارن جي چرپر به شامل آهي.
    ايم آر ڊي پنهنجن مڙني پاڙيسري ملڪن سان خاص طور تي ڀارت سان دوستانه لاڳاپا پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کڻندي. ايم آر ڊي ڀارت سان دوستاڻي ڳالهه ٻولهه جي حڪمت عمليءَ کي تسليم ڪري ٿي، ان ڪري هٿيارن جي حاصلات جي ڊوڙ جي شدت سان حوصلي شڪني ڪئي ويندي. نيوڪليئر ريسرچ پروگرام جي مڙني پاسن جي ڊوڙ جي سختيءَ سان حوصلي شڪني ڪئي ويندي. نيوڪليئر ريسرچ پروگرام جي مڙني انهن حصن کي منجمد ڪيو ويندو، جيڪي پاور جنريشن جي لاءِ ضروري ناهن. جيڪڏهن ڀارت چاهي ته ان موضوع تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي ته جيئن اسان جي ٻنهي حڪومتن جا ماڻهو ان ميدان ۾ امڪاني تعاون جو جائزو وٺي سگهن. ان فيصلي ۾ ڊگهو وقت نه لڳايو ويندو، پر گهربل مڙني اختياري فرقن جي لاءِ راءِ عامه هموار ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي.
    ايم آر ڊي جنگ نه ڪرڻ جي معاهدي جي ذريعي امن، دوستي ۽ باهمي تعاون ۽ ميل جول لاءِ ٺاهه جي نظرئي کي تسليم ڪري ٿي. ان هيٺ ڀارت سان واپاري، اقتصادي ۽ تمدني تعاون ۽ ميل جول جي موقعن ۾ اضافو ٿيندو. ان سان پاڪ ڀارت سرحد تي ڇڪتاڻ ختم ٿي ويندي ۽ ان سلسلي ۾ نرم رويو اهڙي طرح اپنايو ويندو، جيئن ڪينيڊا ۽ آمريڪا اپنائي رکيو آهي.
    ايم آر ڊي علائقائي اقتصادي لڳ لاڳاپن جي نظرئي کي به عملي جامو پهرائڻ جي خواهشمند آهي. اقتصادي تعاون جي لاءِ ان جو علائقائي ڍانچو ASEAN جهڙو هوندو. ايم آر ڊي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ ۽ مستقبل جي ڪنهن به پارٽيءَ جي حڪومت جي ڊگهي مدي واري حڪمت عملي کان سواءِ لاڳاپا بهتر بنائڻ جي لاءِ ڀارت جي مڙني تجويزن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ آماده هوندي.
    ڪشمير جي متعلق ايم آر ڊي جو نظريو شملا ٺاهه جي مطابق هوندو ۽ ان سان گڏ هيءَ فلسطينين، افغانن ۽ خود پاڪستانين جي پنهنجو فيصلو پاڻ ڪرڻ واري مقصد جي حمايت ڪندي.
    ايم آر ڊي آمريڪا، برطانيه، جپان، اولهه جرمني، فرانس، ڪينيڊا، آسٽريليا جهڙين وڏين وڏين طاقتن ۽ ٻين اولهه جي ملڪن سان سياسي، اقتصادي ۽ تمدني لاڳاپا برقرار رکڻ جي لاءِ قدم کڻندي. جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي حدن کان ٻاهر ڪو به فوجي يا نيم فوجي ٺاهه ڪندو ته ان کي قلم جي هڪ نوڪ سان منسوخ ڪيو ويندو. جيستائين چين جهڙن سوشلسٽ ملڪن جو واسطو آهي ته انهن سان به سياسي، اقتصادي ۽ ڪلچرل لاڳاپا رکڻ جي لاءِ اهڙي طرح قدم کنيا ويندا ۽ انهن ۾ ڪنهن به مغربي طاقت جي مفاد تي حرف اچڻ نه ڏنو ويندو.
    ايم آر ڊي معقول حد تائين اڻ وابستگيءَ واري پاليسي اپنائيندي. هوءَ عوام جي مڙني آزاديءَ جي تحريڪن جي حمايت ڪندي.جتي سامراجي نوآبادياتي نظام قائم آهي، هو اهڙي هر قسم جي نظام جي مخالفت ڪندي. هوءَ اسرائيل جي جارحانه نوآباديت جي مذمت ڪري ٿي ۽ فلسطينين ۽ ٻين عرب ملڪن جي مقصدن جي حمايت ڪري ٿي، جيڪي اسرائيلي پيرن هيٺان دٻيل آهن. ايم آر ڊي اسلامي ملڪن جي اداري (او آءِ سي) جي هڪ ڀيرو ٻيهر حمايت ڪري ٿي ۽ اسان جو اهو مؤقف آهي ته يروشلم جي مقدس جڳهن کي يهودين جي قبضي مان آزاد ڪرايو وڃي.
    ايم آر ڊي گهٽ ترقي يافته ۽ بنيادي شيون پيدا ڪندڙ ملڪن سان ٿيندڙ ناانصافي ۽ موجوده بين الاقوامي اقتصادي نظام جي طريقيڪار کي ناجائز قرار ڏئي ٿي. هوءَ ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿي ته نيو انٽرنيشنل اڪانومڪ آرڊر (اين آءِ او) وقت جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي ۽ مذڪوره آرڊر کي تسليم ڪري ٿي ۽ 77ع ۾ اڳڀرائي ڪندڙ ملڪن جي گروپ کي تعاون ڏيڻ ۽ سندن مقصدن کي سگهه ڏيڻ جو واعدو ڪري ٿي.

    پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو ڊگھي مدي وارو پروگرام
    پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي موجوده صدر ۽ ان جي هڪ سرگرم ڪارڪن جي حيثيت سان ٻيهر چونڊون وڙهڻ جي لاءِ مان پارٽيءَ کي هيٺين ڊگهي مدي واري پاليسي اپنائڻ جي لاءِ سفارش ڪريان ٿي، ان پروگرام هيٺ اسان جي پرڏيهي پاليسي هيٺين هوندي:
    • پاڪستان جون سڀ پاليسيون اڻ وابستگيءَ واري رهنماءَ اصول تي ٻڌل هونديون. پاڪستان جي متعلق اسان ڪنهن به وڏي طاقت طرفان ڪيل سلامتيءَ جي قدمن ۾ شرڪت کان پاسو ڪنداسين. اسان جو ملڪ کان ٻاهر يا ڪنهن به ٽين ملڪ جي خلاف ٿيندڙ فوجي يا نيم فوجي قدمن سان ڪو به واسطو نه هوندو.
    • ڪنهن به ٻاهرين طاقت کي فوجي اڏا قائم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ان ۾ ٽين ملڪ جي متعلق اليڪٽرانڪ جي ذريعي معلومات حاصل ڪرڻ يا جاسوسي ڪرڻ جا قدم به شامل هوندا. نه ئي پاڪستاني فوج کي ملڪ کان ٻاهر جنگي خدمتون سرانجام ڏيڻ جي لاءِ موڪليو ويندو. سواءِ ان جي جو ڪنهن پاڙيسري امن پسند ملڪ کي فوجي استاد مهيا ڪري ۽ ملڪ کان ٻاهر تربيت جي لاءِ فوجي آفيسر روانا ڪيا ويندا.
    • ان پاليسيءَ هيٺ پاڪستان پنهنجن ظاهري يا ڳجهي طور ڪيل انهن معاهدن جو جائزو وٺندو، جن هيٺ پاڪستان ڪنهن ٻئي يا طاقتور گروهن جي خلاف فوجي ڪارروائي ڪرڻ ۾ شريڪ آهي. خاص طور تي 1954ع جي پاڪستان آمريڪا جي گڏيل سلامتيءَ واري ٺاهه ۽ 1959-1981ع ۽ 82ع جي معاهدن جو جائزو ورتو ويندو. ته جيئن يا ته انهن تي نظرثاني ڪئي وڃي يا انهن کي منسوخ ڪيو وڃي، ته جيئن پاڪستان اهڙي ڪنهن به معاملي ۾ ملوث نه ٿي سگهي، جنهن سان ٽئين ملڪ جي خلاف آمريڪا جي شرڪت سان پاڪستاني فوج يا نيم فوجي دستا حملي ۾ استعمال ڪيا وڃن. اهڙن مڙني مقصدن، اسڪيمن يا وابستگين کان پاسو ڪيو ويندو.
    ان جو مطلب اهو ناهي ته اسان آمريڪا سان پرامن ۽ غير فوجي سياسي ۽ اقتصادي تعاون نه ٿا چاهيون. اسان دنيا جي ان طاقتور ۽ خوشحال جمهوري ملڪ کان ڪافي رسد حاصل ڪرڻ جي لاءِ تيار هونداسين.
    • اهو ئي رويو مڙني معاهدن، ٺاهن ۽ انتظامن سان اپنايو ويندو. جنهن ۾ هر هڪ ملوث طاقت شامل آهي. ان ۾ ڪنهن وقت ڪيل سينٽو ۽ سيٽو جا معاهدا به شامل آهن. جن جي لاءِ گڏيل سلامتيءَ جا ٺاهه يا معاهدا ڪيا ويا هئا. اهو ئي اصول جي سي سي يا ڪنهن ٻئي ملڪ سان ڪيل ٺاهن يا معاهدن تي به لاڳو ٿيندو.
    • ڪو به پاڪستاني سپاهي جهازي، هوابازي، پيرا ملٽري فوج يا نيم فوجي ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ ٻاهر نه موڪليو ويندو، جنهن هيٺ هو ڪنهن ٻي طاقت جي سلامتيءَ جي اسڪيمن يا انتظامن ۾ ملوث ٿي سگهي. ان ۾ مڊلنڪ ۽ برائيٽ اسٽار وغيره جهڙيون فوجي مشقون به شامل آهن. پاڪستاني فوجي آفيسرن جي ننڍن ننڍن دستن کي ٻين کي ٽريننگ ڏيڻ يا پاڻ ٽريننگ وٺڻ جي لاءِ ٻاهرين ملڪن موڪليو ويندو، پر ڪنهن به فوجي يا نيم فوجي فارميشن کي پارليامينٽ جي توثيق کان سواءِ فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ پرڏيهه نه موڪليو ويندو.
    • پاڪستان پنهنجن پاڙيسرين سان دوستانه لاڳاپا رکڻ وارن قدمن تي خاص ڌيان ڏيندو. پاڪستان پيپلز پارٽي ڀارت سان پرامن دوستي ۽ گڏيل ميل جول ۽ تعاون برقرار رکڻ لاءِ معاهدو خوشيءَ سان قبول ڪندي. قدرتي طور تي ان ۾ هڪ ٻئي تي جارحانه ڪارروائي نه ڪرڻ جا نقطا به شامل آهن. حقيقت ۾ ان ڳالهه تي وڌيڪ زور ڏنو ويندو ته ان معاهدي جي نوعيت جنوري 1963ع جي خاص فرانڪو جرمن معاهدي جهڙي هجي. آئنده قائم ٿيندڙ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت افغانستان سان به اهڙو ئي ٺاهه ڪندي.
    • پاڪستان پيپلز پارٽي، چين سان دوستانه لاڳاپا رکڻ کي خاص اهميت ڏئي ٿي، پر ان جو مقصد ڀارت يا روس جي خلاف بغض جو جذبو بيدار ڪرڻ ناهي. جيڪڏهن روس ۽ چين متفق هجن ته اسان ٻنهي سان يا فقط هڪ سان اهڙو ٺاهه ڪرائڻ جي لاءِ تيار آهيون.
    • ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي تعاون کي اسان پنهنجي مڪمل مدد فراهم ڪنداسين. اهو تعاون مڙني ميدانن ۾ ڪري سگهجي ٿو. گڏيل پوزيشن قائم ڪرڻ جي لاءِ سياسي ڳالهه ٻولهه ئي ان جو مقصد آهي. ان کان سواءِ ڏکڻ ايشيا جي مڙني ملڪن ۾ اقتصادي تعاون اڃا وڌيڪ وسيع پيماني تي هجي. گڏيل ڪلچر جي ڏي وٺ ۾ اضافو ان جو مقصد آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي ڏکڻ ايشيا ۾ منظم ڪيل اي اي سي جهڙن ادارن سان گڏجي ڪم ڪندي.
    • افغانستان جو حق ڏکڻ ايشيا سان وابستگيءَ سان وڌيڪ آهي. علائقائي تعاون ڏيندڙ ادارن ۾ افغانستان جي شرڪت کي خوش آمديد چيو ويندو.
    • پاڪستان پيپلز پارٽي، ڏکڻ ايشيا جي عوام جي استحڪام واري تحريڪ ۾ ميزباني وارا فرض سرانجام ڏيندي. ته جيئن جمهوري، سياسي، سماجي انصاف، باهمي مذهبي رواداري ۽ روشن خيالي وارن قدمن کي سگهه ڏني وڃي ۽ انهن جي موزون طور تي تشهير ٿئي. ان کان سواءِ مذهبي ظلم پسندي، جاگيرداري، فوجي يا فاشسٽ آمريت جو ڄمي ڪري مقابلو ڪيو وڃي.
    • پاڪستان به اسلامي نظرين جو قائل آهي ۽ اهي ئي سندس ميراث آهن. هو اقتصادي ۽ تمدني ميدانن ۾ اتر اولهه ۽ ڏکڻ ايشيا جي اسلامي ملڪن سان گهرا رابطا قائم ڪندو. اهي رابطا ڪنهن ٻئي ملڪ جي اندرين معاملن ۾ عدم مداخلت جي پاليسي تي ٻڌل هوندا. پر پاڪستان ڏکڻ اولهه ايشيائي ملڪن جي گروپ بندي ۽ انهن جي سياسي سلامتيءَ جي ڪنهن به اسڪيم ۾ ملوث نه ٿيندو.
    • پاڪستان او آءِ سي ۾ پنهنجي رڪنيت برقرار رکندو، پر هو ان سان گڏ ان ڳالهه جو به خيال رکندو ته هي ادارو عوامي سطح تي فلاح ۽ بهبود، تمدني ڏي وٺ، اقتصادي ترقي جا قدم کڻندو رهي، نه هي ادارو مطلق العنان بادشاهن ۽ آمرن جي ڪلب بڻجي رهجي وڃي. ان اداري کي مضبوط ۽ توانو رکڻ جي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي روس، چين ۽ ڀارت کي به ان ۾ رڪنيت قبول ڪرڻ جي دعوت ڏيندي. جيستائين ڀارت جو تعلق آهي ته ان کي هندستاني مسلمانن ۽ ڀارت پاڪستان جي اڪثريتي طبقي جي وچ ۾ پيدا ٿيل ذهني ۽ دلي مفاصلن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي. آخر انڊونيشيا کان سواءِ او آءِ سي جي ڪنهن به ميمبر ملڪ ۾ مسلم آبادي ڀارت کان وڌيڪ ڪٿي ٻئي هنڌ ناهي.
    • پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ڏکڻ ايشيا ۾ هر اعتبار کان هٿيارن ۾ گهٽتائي تي زور ڏئي ٿي. اندروني طور تي امن ۽ استحڪام واري ڏکڻ ايشيا جي قيام تي زور ڏيڻو آهي، ته جيئن پاڻ ۾ هم آهنگي برقرار رهي، هيءَ حڪومت نه ٿي چاهي ته هي ڪنهن وڏي فوجي طاقت جو مرڪز بڻجي وڃي ۽ ايشيا جي ٻين علائقن ۾ پنهنجو توازن برقرار رکڻ جي لاءِ قدم کڻي، جن ۾ ڏکڻ اولهه ۽ ڏکڻ اوڀر جا ايشيائي ملڪ شامل آهن. اسان ان ڳالهه تي زور ڏيون ٿا ته ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي افرادي قوت خام مال، مشينن ۽ ڪاريگرن تي ٻڌل ذريعن کي پرامن مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. جيئن ڪروڙين غريب ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي جو معيار بلند ٿي سگهي.
    • پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو هندي وڏي سمنڊ ۾ وڏين طاقتن جي وڌندڙ دشمنيءَ سان ڪو به واسطو ناهي. خاص طور تي آمريڪا، روس، برطانيه، فرانس، چين ۽ ٻين ملڪن جي مضبوط سامونڊي دستن جي موجودگيءَ ۽ نئين يو ايس سينٽرل ڪمان ۽ پنجين ٻيڙي جي تخليق ڌيان ۾ رکڻ جهڙي آهي. هٿيارن جي حاصلات جي ڊوڙ سان هن سمنڊ جي ڪنارن تي رهندڙ لاتعداد مزدورن لاءِ خطرو پيدا ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ جو هي طاقتون کاري پاڻيءَ جي لاءِ نه وڙهي رهيون آهن، پر کين ته سامونڊي معدنيات گهرجي. جيڪڏهن ان خطري کي منهن نه ٿو ڏنو وڃي ته ڏکڻ ايشيا جي ذريعن کي ضايع ڪرڻ وارن قدمن سان ڪٿي هتي هڪ ٻيو طاقتور مرڪز نه بنجي وڃي. هي پاڻ هرتو شڪست جو طريقو آهي، هن هيتري غريب ۽ پوئتي پيل علائقي ۾ هٿيارن جي ڊوڙ جي ذريعن کي خرچ ڪرڻ سان غربت وڌيڪ وڌندي ۽ اهڙي طرح هي علائقو وڌيڪ ڪمزور ۽ نستو ٿي ويندو. صرف خوشحال روشن دماغ آزادي جا خواهشمند ۽ پنهنجي آزادي جي تحفظ جا خواهشمند ماڻهو ئي غير ملڪي فوجي طاقتن جي ڌمڪين جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي سگهن ٿا. ۽ کين مقامي ادارا ۽ نوآبادياتي نظام قائم ڪرڻ کان روڪي سگهن ٿا.
    • پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هٿ هيٺ پاڪستان ڪنهن به قيمت تي پنهنجا ڪارائتا ذريعا، ڪو به لاڀ نه ڏيندڙ فوجي اڏن جي تعمير تي ضايع نه ڪندو. جڏهن ته عوام انتهائي غربت واري حالت ۾ زندگي گذاري رهيو آهي. اسان اهو ڪافي حد تائين ڏسي ورتو آهي ۽ اسان کي اهو معلوم ٿي ويو آهي ته اهي فوجي اڏا ڪيترا بي مقصد ۽ بي لاڀ آهن. غريب ملڪن ۾ فوجي اڏن جي تعمير ۽ فاشسٽ آمريت کي اسان کي هٿيارن جي ڊوڙ کان ٻاهر ڪڍڻو آهي ۽ ٻين ٻاهرين طاقتن کي به ان ۾ شريڪ ڪرڻو آهي.
    • پاڪستان پيپلز پارٽي جي هٿ هيٺ پاڪستان وڏي تيزيءَ سان فوجي اسٽيبلشمينٽ ۾ گهٽتائي ڪندو. اسان کي آرمي جون ڪجهه ڊويزنون، ايئر فورس جا ڪجهه اسڪوارڊن ۽ معمولي نيوي جي ضرورت آهي، جيڪا جديد ٽيڪنالاجيءَ کي برقرار رکي سگهندي.
    • اسان جي پرڏيهي پاليسي جو خاص مقصد اسان جي عوام جي اقتصادي ۽ تمدني ترقي کي بهتر کان بهتر منزل تي پهچائڻو آهي.
    • پاڪستان هر وڏي طاقت سان پرامن اقتصادي ۽ ڪلچرل لاڳاپن کي لبيڪ چوندو. اهي لاڳاپا ۽ تعاون برابريءَ ۽ هڪ ٻئي جي معاملن ۾ عدم مداخلت جي پاليسيءَ تي ٻڌل هوندا.
    • پاڪستان پيپلز پارٽي دنيا جي استحصال سٽيل عوام ۾ استحڪام پيدا ڪرڻ جي قائل آهي. ان ۾ اسان جا ايراني ڀائر به شامل آهن. اسان اقتصادي، سماجي ۽ سياسي آزاديءَ جي مقصد جي لاءِ ڪئي ويندڙ هر جدوجهد ۾ سندن مدد ڪنداسين. اسان مڙني جابرن ۽ جاگيردارن، غير ملڪي سامراجين جي پٺوئن، مقامي سول ۽ ملٽري نوڪرشاهي نظام جي ڪارڪنن ۽ هر قسم جي سامراجيت ۽ نوآبادياتي نظام جي خلاف آواز بلند ڪنداسين. ته جيئن ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ تي فتح حاصل ڪئي وڃي.
    • جيستائين ڪلاسيڪي نوآباديت يا لينن جي تشريح ٿيل سامراجيت جو واسطو آهي، اسان سڄي دنيا جي ڏاڍ سٽيل عوام ۾ استحڪام جي لاءِ جدوجهد ڪنداسين. پوءِ چاهي اهو فلسطيني عوام هجي يا ڏکڻ ايشيا جا ماڻهو يا لاطيني آمريڪا يا آفريقا يا ايشيا جو اقتصادي طور تي استحصال سٽيل عوام هجي. عالمي طور تي سامراجيت جو خاتمو ڪرڻ واري عوامي تحريڪ کي مقامي، سماجي، اقتصادي ۽ سياسي آزادي جي پروگرامن جي ذريعي سگهه بخشڻ اسان جو نصب العين هوندو.
    • پاڪستان پيپلز پارٽي نئين بين الاقومي اقتصادي نظام (نيو انٽرنيشنل اڪانومڪ آرڊر، اين آءِ اي او) جي نظرئي کي تسليم ڪري ٿي. ان جو خيال آهي ته اهو نظام فقط يو اين يا ڪنهن ٻئي اداري ۾ ٺهراءُ منظور ڪري آڻي نه ٿو سگهجي، هيءُ ته صرف هڪ طرف سڄي دنيا ۾ شديد عوامي تحريڪ جي ذريعي ئي آڻي سگهجي ٿو. ۽ ٻي، ٽين دنيا جي منفرد حڪومتن جي ڪارروائي ۽ گڏيل اقتصادي تعاون جي ذريعي آڻي سگهجي ٿو. خاص طور تي علائقائي ادارا ان ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. پراڻي نظام وارو آرڊر هڪ ڏينهن اندر پنهنجو بسترو گول ڪري اين آءِ آر کي جڳهه نه ٿو ڏئي سگهي. اين آءِ آر ته آهستي آهستي پر مستحڪم انداز ۾ اچي رهيو آهي. هي دنيا جي مختلف حصن ۾ پکڙي رهيو آهي. اها ڪيفيت ان وقت تائين برقرار رهندي، جيستائين هو قديم آرڊر يعني پراڻي نظام تي ڇائنجي نه ٿو وڃي.


    باب ستون: تڪڙو سياسي ڪم 

    اسان جو مقصد عوام کي متحرڪ ڪرڻو آهي. کين پنهنجا کسيل حق ٻيهر ملڻ گهرجن. اقتدار هٿياربند فوج جي سينئر آفيسر طبقي کان کسيو وڃي.
    ان مقصد جي لاءِ آزاديءَ جو مٺ جيترن ماڻهن کي احساس ٿي ويو آهي. اهي ماڻهو عوام جي رهنمائي ڪندي فوجي حڪمران ٽولي جي خطرناڪ چالن کي شڪست ڏيڻ لاءِ جدوجهد ۾ مصروف آهن، فوجي حڪمران سياسي طور تي سجاڳ پارٽين ۾ نفاق جو ٻج ڇٽڻ جي ناپاڪ سازش سٽي رهيا آهن. ان ڪري عوام اهو سڀ ڏسي جوش ۾ اچي رهيو آهي. فوجي ٽولي جا حوصلا خطا ٿي رهيا آهن. ان ڪري امر حڪمران بي حس ٿي چڪا آهن. جنرل ضياءُ الحق ساڄي ڌر جي سياسي پارٽين کي رشوتون ڏئي ۽ جيڪي ماڻهو عوام جي حقن لاءِ آواز بلند ڪرڻ جي دعوى ڪري رهيا آهن، کين خريد ڪري پنهنجو مقصد ماڻي رهيو آهي. عوام جي بي حسي ۽ سندن سياسي بي پرواهي، هن حڪومت جي وجود جي ڪافي حد تائين ذميوار آهي.
    جيڪو به جمهوريت پسند ۽ سوشلسٽ آهي، اهو هڪ جهنڊي هيٺ متحد ٿي وڃي، هو ڪهڙيءَ به پارٽيءَ سان لاڳاپو رکندڙ هجي، ان تي ڪو به بحث ناهي. حقيقي طور تي مان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڳالهه ڪري رهي آهيان، جنهن جي مان هن وقت سربراهه آهيان. منهنجي پارٽي انهن ماڻهن جي پارٽي آهي، جن کي هر قسم جي استحصال کان نفرت آهي. اهو استحصال پوءِ ڇو نه فوج جو هجي. زميندارن جو هجي، سرمائيدارن جو هجي يا وڏن واپارين جو هجي يا مختلف ڪارخانيدارن جو هجي. عوام انهن کان به نفرت ڪري ٿو جيڪي اسلامي عقيدن ۽ نظرين جو مدي خارج ۽ گٺل پيٺل مال خوبصورت نعرن جي پاڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ جي عمل ۾ مصروف آهن. اسان جي پارٽي غير اسلامي يا اسلام مخالف پارٽي نه آهي. اسان جو محبوب رهنماءُ جناب ذوالفقار علي ڀٽو مرحوم اڪثر فرمائيندو هيو ته؛ ”اسان حقيقي اسلامي جذبي، عقيدن ۽ نظرين جي ترجماني ڪيون ٿا.“ اسان کي ان جو نعرو ياد ڪرڻ گهرجي.
    اسان جي سياست جمهوري آهي، اسان جي معيشت سوشلسٽ آهي ۽ اسان جو دين اسلام آهي. ان جي باوجود مان مڙني پاڪستانين کي اها اپيل ڪريان ٿي ته هو يا ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿين يا ان ڳالهه جي وضاحت ڪن ته عوامي حقن جي بحاليءَ جي لاءِ آئينده ٿيندڙ جدوجهد صرف پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي جهنڊي هيٺ ڪئي وڃي. مان کليل دل سان تسليم ڪريان ٿي ته اهڙا ڪيترائي انسان جمهوريت پسند ۽ سوسلسٽ به آهن، جيڪي ماضيءَ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان گڏ نه هيا ۽ هو اڄ به ان ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ تيار نه آهن. ماضيءَ جي دشمني سندن راهه ۾ رڪاوٽ هوندي. مون کي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي انهن افسوسناڪ غلط فهمين تي ڏک آهي، پر اڄ خطرو وڌيل آهي. خوفناڪ حالتون واضح آهن ۽ ان موقعي تي اچو ته اسان سڀ خبردار ٿي وڃون. بعد ۾ پنهنجو پاڻ ۾ جهڳڙا نبيرڻ جو ڪافي وقت هوندو. پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي تقدير هرهڪ جمهوريت پسند سان وابستا ڪري ڇڏي آهي. پوءِ اهو چاهي سوشلسٽ هجي يا غير سوشلسٽ. ان اتحاد جو اسان جو هڪ خاص مقصد آهي. اسان کي سينئر فوجي آفيسرن طرفان مڙهيل هيبتناڪ فاشسٽ آمريت کي پاڙئون پٽي اڇلائڻو آهي ۽ ان ڳالهه جو خيال رکڻو آهي ته اهڙي اقتدار جي هميشه جي لاءِ چيلهه چٻي ڪري ڇڏڻي آهي.
    ٻين لفظن ۾ اسان جنرل ضيا کي ان ڳالهه جي اجازت نه ڏينداسين ته ان جي جاءِ تي ڪو ٻيو جرنيل اسان مٿان مڙهيو وڃي. ۽ نه ئي ڪنهن جرنيل جي طرفان ٻيهر ظلم ۽ جبر جي بازار گرم ڪئي وڃي. اسان هن ڀيري يقين ڏيارڻ چاهيون ٿا ته عوام خود ميدان ۾ ايندو، پنهنجا نمائندا چونڊيندو ۽ کين ٻيهر ڪڏهن به دوکو نه ڏنو ويندو.
    مان فقط پنهنجي پارٽيءَ جي جهنڊي هيٺ متحد ٿيڻ، مڙني ميمبرن ۽ آزاديءَ جي شيدائين کي ئي نه پر ايم آر ڊي جي معمولي ڪارڪنن کي به اپيل ڪري رهي آهيان. مان هن جهنڊي هيٺ غير مشروط طور ڪم ڪندڙن کان به قسم وٺان ٿي. مان چاهيان ٿي ته هر شخص پوءِ ڇو نه هو پاڻ کي سوشلسٽ سڏائيندو هجي يا جمهوريت پسند، اهو حلف کڻي ۽ پاڪستاني فوج جي فاشسٽ، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي خلاف جدوجهد جي لاءِ ايم آر ڊي جي اپيل جو موثر جواب ڏئي.

    گڏيل مقصد
    اسان جو آخري مقصد پاڪستان ۾ پختو جمهوري نظام قائم ڪرڻو آهي. ان ۾ ڪنهن به ڦورو کي عوام کان سندن حق غصب ڪرڻ جو حق نه ڏنو ويندو. سڀني ماڻهن کي هميشه جي لاءِ حقيقي برابريءَ وارا حق حاصل هوندا. فقط ڪاغذ جي ٽڪري تي تحرير لکي ڇڏڻ ڪافي ناهي، پر ان جي لاءِ ته سخت عملي جدوجهد جي ضرورت هوندي.
    انساني حقن ۾ اسان هڪ طرف ته روائتي شهري آزادين، مثلن آزادانه طور تي تقرير، ملڪ ۾ ڪٿي به گهمڻ ۽ رهڻ، تحرير ۽ اشاعت، ڪنهن به مظاهري ۽ جلسي جلوس جي حق وغيره تي زور ڏينداسين. ته ٻئي طرف معمولي سماجي تحفظ به مهيا هوندو، جنهن ۾ روزگار جو حق به شامل آهي. هن ڀيري اسان کي ان ڳالهه جو به خيال رکڻو پوندو ته اهي حق فقط نمائشي نه هجن، پر انهن کي حقيقي معنى ۾ لاڳو ڪيو وڃي. ان لاءِ فقط ڳالهين جا ڳوٺ ٻڌڻ ڪافي نه هوندو.
    ملڪ جي حڪومت عوام هلائيندو. جيڪڏهن کين فيصلي ڪرڻ جي قوت عطا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته ان سان کين پنهنجو حقيقي ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو. حڪومت جي طرف کان ڪا به سياسي ڪارروائي انجام ڏيڻ کان اڳ وقت بوقت عوام کان مشورو حاصل ڪرڻ ضروري آهي. انهن سياسي ڪاررواين ۾ قانون سازي به شامل آهي. اها سياسي ڪارروائي آسان هجڻ گهرجي ۽ ان کي عوام تي مڙهيو نه وڃي. پر ملڪ جي سڄي عوام کان ان جي تائيد حاصل ڪئي وڃي.
    باقي قدمن جي لاءِ پارليامينٽ جي نگراني لازمي آهي. حڪومت جي رهنمائي ۽ ڪنٽرول اهڙي طرح ڪيو وڃي. اخبارن کي ان حد تائين آزادي حاصل هجي، جو هو هر قدم جو صحيح تجزيو ڪري سگهن ۽ ان تي تنقيد به ڪري سگهن. هڪ سوال اهو آهي ته اسلام، حڪومت ۽ انساني حقن بابت ڇا ٿو چوي. ان جو فيصلو عوام جي هٿ ۾ آهي يا نه آهي. اها ڳالهه نه آهي ته اهو تڪراري فيصلو آهي. ها! حڪومت ۽ انساني حقن جو فيصلو عوام جي ئي هٿن ۾ آهي. اڄ هڪ آمر عوام تي ان بهاني ظلم ۽ جبر ڪري رهيو آهي ته هو اسلامي قانون لاڳو ڪري رهيو آهي.
    اها الله تعالى سان سڌي سنئين گستاخي آهي. رب پاڪ قرآن شريف ۾ واضح طور تي چيو آهي ته ان فقط مسلمان کي نه پر انسان کي زمين تي پنهنجو خليفو بڻايو آهي، سڄي عالم انسان جي مفاد جو هو پاڻ (خليفو) ئي ذميوار آهي. ۽ انساني برابريءَ جي لاءِ خليفو ئي مجموعي طور تي عوام ڏانهن جوابدار آهي. جڏهن ته هن آمر عوام جا حق پائمال ڪيا آهن.
    عوام ئي پنهنجن ٺوس قدمن سان اهو ثابت ڪندو ته الله تعالى پاڪستاني فوج جي سربراهه جنرل محمد ضياءُ الحق جي نالي ڪو به ڳجهو حڪم صادر نه ڪيو ته هو هڪ چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏي. پارليامينٽ منسوخ ڪري عوامي ادارن ۽ پارٽين کي ٽوڙي ڇڏي ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ عوام جا مڃيل حق لتاڙي ڇڏي، اسلامي جمهوري نظام جي جاءِ تي فوجي حڪومت قائم ڪري ڇڏي. ۽ اهو چوي ته هي اهو اسلامي نظام آهي، جنهن تي سڄي پاڪستاني عام راءِ متفق ۽ رضامند هئي. هي سڀ گستاخيون هاڻي مستقبل ۾ ختم ڪيون وينديون. اها ڳالهه واضح هجڻ گهرجي ته منهنجي چوڻ جو مقصد اهو نه آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت هڪ مثالي حڪومت هئي. يا اسان ان کان اڳتي وڌڻ نه ٿا چاهيون. اها حڪومت هڪ مختصر مدي جي لاءِ اقتدار ۾ آئي هئي، ۽ اهو دور هڪ ڪڙي امتحان جو زمانو هيو. ان دوران غلطيون به ٿيون. پر اسلام سماجي تنظيم جي متعلق ڇا ٿو چوي. اهو سوال بحث کان الڳ آهي. اپريل 1973ع جي آئين ۾ قطعي طور تي ان سوال کي حل ڪيو ويو هيو. باقي ڪيترا ئي مسئلا اسان جي سامهون هيا، شروعات کان عوام بي حساب تڪليفن جو شڪار هيو. اسان پاڪستاني عوام جي نمائندن جي ذريعي انهن مسئلن کي آهستي آهستي تجربن جي روشنيءَ، گهربل وسيلن ۽ موقعن جي مطابق حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    الله تعالى، جنرل ضيا کي پنهنجو خليفو بڻائي نه موڪليو آهي. ۽ نه ئي هو آئينده ڪنهن آمر کي پنهنجو خليفو بڻائي موڪليندو ته هو اعلى اسلامي قدرن ۽ نظرين کي خاڪ ۾ ملائي اسلام جي مٽي پليد ڪري ۽ عوام تي پنهنجو نام نهاد اسلام مڙهي. خدا ۽ عوام جي وچ ۾ ڪو ٽيون فريق نه هوندو آهي، مسلم عوام کي جمهوري طريقي سان خوداراديت جو حق ڏيڻ ئي صحيح اسلام آهي.
    اسلام جو ان کان بهتر سماجي ۽ سياسي ڪردار ٿي نه ٿو سگهي. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ يونائٽيڊ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ (1973ع وارو يو ڊي ايف) ۽ ان کان پوءِ پاڪستان نيشنل الائينس (1977ع وارو پي اين اي) هر واري ان موقف تي رضامند ٿيا. ان جي معنى اها ٿي ته پاڪستان جون سڀ سياسي پارٽيون اسلام جي مڪتبه فڪر جي مطابق هم خيال ٿي ويون آهن ۽ هنن سڀ قدم گڏيل رضامنديءَ سان ڪيا ۽ ان تي هم خيال پارٽين ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو جهڳڙو به نه هيو.

    هڪ نظام جو بنياد
    ان مقصد کي عملي جامو 1973ع جي تسليم ٿيل آئين هيٺ ئي پهرائي سگهجي ٿو. هي آئين هڪ سياسي منصوبي هيٺ مرتب ڪيو ويو هيو. ان تي شروعاتي طور تي اتفاق ڪيو ويو هيو. هي آئين صحيح آزاد سياست کي لاڳو ڪرڻ جا قدم مهيا ڪندو. ان آزاد سياست جو قيام عوام ۽ حڪومت جي ذريعي عمل ۾ ايندو. اهو ئي هن نظام جو بنياد آهي.
    سياست جو ڪهڙو تصور هوندو، ان جي متعلق پيشن گوئي نه ٿي ڪري سگهجي. تمدني ترقي جا موقعا گهٽجي رهيا آهن. انهن جي فراهمي تي ڌيان ڏنو ويندو. طبقاتي عدم توازن ۾ بهتري آندي ويندي. روشن خياليءَ جي ذريعي سماجي برائين ۽ خرابين جو خاتمو آندو ويندو. خاص مقصدن ۾ هڪ اهم مقصد سياسي تعليم ۽ مسلسل عوامي ڪارروائي به شامل آهي، ته جيئن آئينده ڪنهن به آمر کي جمهوري نظام جون ڌڄيون اڏائڻ ۽ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ وارو نظام قائم ڪرڻ جي ٻيهر ڪڏهن به جرئت نه ٿئي. ڪنهن هٽلر شاهي فاشسٽ پارٽيءَ کي اقتدار سنڀالڻ يا اوچتو فوجي انقلاب جي نوبت نه اچي. مفاد پرست عنصرن جي ذريعي جمهوري نظام جو تختو اونڌو ڪرڻ جي خلاف گارنٽي ڏيڻ جو مطالبو به ڪيو ويو آهي.
    ڪاغذ جي ٽڪري تي اهڙي گارنٽي ڏيڻ بي مقصد آهي. 1973ع جو آئين به هڪ اهڙي ڪوشش هئي پر هاڻي ڪجهه به حاصل نه آهي. حقيقي گارنٽي ته لوهه جي سانچي ۾ مڙهيل هجي. اها گارنٽي عوام جي چوڪسيءَ تي ٻڌل هوندي آهي ته جيئن هو ڪنهن دوکي ۽ ڪوڙ سان پنهنجا حق غصب ڪرڻ واري ڪنهن به قدم کان انڪار ڪري. جيڪڏهن اهڙي معمولي ڪوشش به ڪئي وئي ته گهٽين ۽ چوواٽن تي سڌو سنئون عوامي ڪارروائي سان آمرن جو مقابلو ڪيو ويندو.
    عوامي حڪومت جي پروگرامن جي قطعي منظوري هاڻي طئه ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن ڪنهن ايندڙ آمر عوامي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جو نتيجو عوامي بغاوت جي شڪل ۾ سامهون ايندو. ان ٽڪراءِ جي خوني هجڻ جو به انديشو آهي. صرف باشعور ۽ پختو عزم رکندڙ ماڻهو جيڪي آزاد ۽ خودمختيار حڪومت جي قيام جا خواهشمند آهن، هڪ جمهوري نظام جي منظوري ڏئي سگهن ٿا. ان منظوري جو سلسلو هميشه برقرار رهڻ گهرجي.
    هيءَ گارنٽي ٻن خطرن کي منهن ڏيندي. پهريون اهو ته عوام جا شهري حق ڪا نام نهاد مضبوط يا سڌارا پسند حڪومت نهايت مختصر ڪري پيش ڪري سگهي ٿي يا انهن اصولن کان انحراف ڪري سگهي ٿي. اهو خطرو مڙني تي واضح آهي ۽ ان جي خلاف تحفظ جي ضرورت آهي. ان کان فقط سجاڳ ۽ چوڪس عوام جي ذريعي ئي بچاءُ ٿي سگهي ٿو. ماڻهو ان ڳالهه جو خيال رکي سگهن ٿا ته گهٽين ۾ بغاوت ٿيڻ يا خون جون نديون وهڻ جي خوف کان عوامي آزادين تي راتاهو هڻڻ نه ڏنو ويندو.

    قومي اتحاد کي خطرو
    ٻيو خطرو قومي اتحاد کي پيش اچي سگهي ٿو. مان ڏٺو آهي ته مڙني نظرين ۽ خيالن جا ماڻهو ان ڳالهه سان متفق آهن ته فوجي آمريت قومي اتحاد کي پائمال ڪري رهي آهي. فقط حقيقي معنى ۾ ڪم ڪندڙ جمهوري نظام ئي عوام منجهه استحڪام آڻي سگهي ٿو. 1970ع ۽ 1971ع جي چونڊ مهمن ۾ جن ماڻهن ڪنهن پارٽيءَ جي لاءِ ڪم ڪيو، انهن کي ياد هوندو ته سخت ۽ ڪٽر جذبن جي اظهار جي باوجود قومي اتحاد برقرار رهيو. ٻنهي موقعن تي قومي يڪجهتي جو احساس مضبوط کان مضبوط ٿيندو رهيو. 1977ع ۾ پي اين اي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي خلاف تحريڪ هلائي ته ان وقت به قومي اتحاد کي ڪو خطرو موجود نه هيو. پر اڄ اها ڪيفيت نه آهي.
    ڇو؟
    ڇاڪاڻ ته مختلف مقامي عنصر ڪنهن فيصلي ڪندڙ لمحي يا سياسي ڪوشش ۾ ڪو به حصو ڏيڻ کان انڪاري رهيا آهن. جيڪا ڳالهه قومي اتحاد جون ڌڄيون اڏائڻ جي برابر آهي. عوام جي مڪمل شرڪت جو تحفظ ۽ هر قسم جي آزادي مان حقيقي فائدو، هر قسم جي گارنٽيءَ جو اڻ ٽٽ جزو آهي. اسان ان جي جستجو ڪري رهيا آهيون ۽ اسان ان کي حاصل ڪري سگهون ٿا.
    دراصل حقيقي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪجهه بلوچ ۽ سنڌي ليڊر حقيقي طور تي نئين پختي سماجي ۽ قومي معاهدي جو مطالبو ڪري رهيا آهن. سندن ڏک، مايوسيءَ ۽ محروميءَ کي سمجهي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته هو ڪن خاص حالتن سان منهن مقابل آهن ۽ ساڻن انتهائي بدسلوڪي ڪئي پئي وڃي.
    هي موقعو پراڻيون قبرون کوٽي مردا ڪڍڻ ۽ غلط فهمين ۽ الزام تراشين جو نه آهي. اهي غلط فهميون ختم ڪرڻ جا اسان وٽ اڃا تائين موقعا آهن. اسان کي قوميت واري سوال کي منهن ڏيڻو آهي. جيڪڏهن سرحد، سنڌ ۽ بلوچستان جا اسان جا ڀائر ۽ ڀينرون قوميت واري سوال کي اولين ترجيح ڏين ٿا ته اسان کي هڪدم ان کي ضروري تصور ڪندي، ان تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ان ۾ ڪنهن به قسم جي مڪاري يا چالاڪي نه ٿيڻ گهرجي. هڪ حقيقي جمهوري ۽ اشتراڪي ڪامن ويلٿ ۾ ذاتي غرضن ۽ مطلب پرستيءَ جو ڪو به عمل دخل ٿي نه ٿو سگهي. اصل ۾ برابريءَ تي ٻڌل هڪ حڪومت قائم ڪرڻ کان اڳ هڪ صوبي جي طاقت ۽ رعايتن کي ختم ڪرڻو پوندو. ان ڪري قوميت ۽ صوبائي خودمختياري جي ان سوال کي حل ڪرڻ ۾ ڪنهن اعتراض جي ضرورت نه ٿي رهي، جيتوڻيڪ گارنٽيءَ جو سوال به سامهون اچي ٿو. مان اها ئي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪنهن ڳالهه جي تحريري منظوري ڏيڻ بي معنى آهي. غرض مند ماڻهن جو گروهه حڪومت جو تختو اونڌو ڪري سگهي ٿو، جيئن هيل تائين ٿيندو آيو آهي. (1973ع جي آئين سان به ته ايئن ٿيو) ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مفاد پرست ماڻهن جي طاقت کي نستو ڪرڻ جي لاءِ عام راءِ هموار ڪئي وڃي ۽ اهڙن ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. ننڍين قومن جو نه پر سڀني پاڪستانين جو اهو مسئلو آهي.
    جيڪڏهن هڪ ڀيرو مفاد پرستن جي گروهه کي ٽوڙيو وڃي، جيڪو اسان جو سڀ کان پهريون مقصد آهي، ته پوءِ سڀ حالتون بدلجي وينديون. هڪ برابريءَ واري سماج ۾، موقعن جي برابريءَ جي بنياد تي فراهمي جو يقين ڏياريو وڃي ٿو. انهن ٻنهي قدمن کي عملي جامو پهرائڻ جي لاءِ اسان تڪڙا قدم کڻنداسين. سڀني کي روزگار مهيا ڪيو ويندو ته جيئن هيٺين سطح تائين عوام به جمهوري نظام ۾ حقيقي معنى ۾ شامل ٿي سگهي. صوبائي خودمختياري جي ڏس ۾ ته اهو چئي سگهجي ٿو ته ان ڪيفيت کي کڻي جيڪڏهن هو چاهين ته سڄو معاملو حل ڪري سگهن ٿا.

    هڪ تڪڙو پروگرام
    پر اچو ته اسان پنهنجن ترجيحن جا اختيار حاصل ڪرڻ جي به ڳالهه ڪريون. ان مرحلي تي ڪيترائي آئيني سوال نئين سر اٿاريا وڃن ٿا. مفاد پرست ماڻهو اقتدار ۾ آهن ۽ هو ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي چال هلي رهيا آهن. ان سوال کي شروع ڪرڻ سان ڪيترا ئي تڪرار اٿي پوندا ۽ ان سان آمرن کي موقعو ملي ويندو. اچو ته سڀ کان پهريان اهي حالتون پيدا ڪيون، جن ۾ اهي مسئلا تسلي بخش نموني حل ٿي سگهن ۽ انهن جو علاج به ڳولي لهي سگهجي ٿو. تڪڙو ڪم هاڻي گهٽ ۾ گهٽ عوامي پروگرام جي لاءِ عوام کي متحد ڪرڻ آهي. هي پروگرام هڪ جمهوري نظام جو بنياد وجهندو.
    اصل ۾ بنيادي طور تي موجوده جاگيردارانه نظام جي جاءِ تي هڪ جمهوري سماج تعمير ڪرڻو پوندو. اسان کي سرمائيداري جي حوصلي افزائي نه ڪرڻي آهي. ڇاڪاڻ ته اهو تجربو اسان پهريان ڪري چڪا آهيون ۽ ان ۾ اسان ناڪام رهيا آهيون. 1970ع ۾ ان کي منسوخ ڪيو ويو هيو ۽ گذريل 8 سالن ۾ ان کي گهرجي لونڊي بڻايو ويو. اچو ته اسان اڳتي وڌئون. اسان کي جمهوري ادارن جي بقا تي زور ڏيڻ گهرجي. انهن ۾ اخبار، آزاد عدليه، سخت ڪنٽرول هيٺ نوڪرشاهي نظام، پختگيءَ سان پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ جهڙي آرمي سيڪيورٽي سروسز شامل آهن. ڪنٽرول انتهائي مختصر هجڻ گهرجي. آزادانه طور تي ڪارروائي ڪرڻ جي لاءِ ٽريڊ يونين، يونيورسٽين، وڪيلن ۽ بيريسٽرن جي بار، صحافين ۽ پنهنجن ٻين پيشور ادارن کي خودمختياري عطا ڪئي وڃي. ۽ انهن کي ريس ڪرڻ جهڙو تحفظ هجڻ گهرجي. اهي ادارا سماج جو بنياد آهن. کين قوت عطا ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان جو اهو موقف رهيو ته ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جا ڏينهن پورا ٿي ويندا.


    باب اٺون: عوامي پروگرام 

    اسان کي اڳتي هلي هڪ وڏي ويڙهه وڙهڻي آهي. اڄ اسان جي سامهون سڀ کان وڏو ڪم اهو آهي ته آمرن جي گڏيل مفادن ۽ غرضن جي ٻانهن مروڙي وڃي ۽ کين اقتدار کان محروم ڪيو وڃي. ضيا جي فوجي حڪومت ۾ آرمي جي ”آتشين قوت“ تاريخ جي ڪٻاڙ خاني ۾ هلي وئي آهي.
    سوال هيءُ آهي ته اهو ڪيئن ٿئي؟
    پاڪستان جو متحد عوام هڪ وڏي طاقت آهي. اها ئي طاقت فوجي آمريت جو خاتمو آڻي سگهي ٿي، پر ڇا هو اهو قدم کڻي سگهن ٿا؟
    ها! هو اهو قدم کڻي سگهن ٿا. متحد ٿي، اتحاد هميشه هڪ مقصد جي حاصلات لاءِ هوندو آهي ۽ هڪ طاقت جي خلاف هيءُ هڪ عوامي ڪارروائي تي ٻڌل هوندو آهي. انقلاب فقط کوکلا واعظ ٻڌي نه ايندو آهي. يا انهن ماڻهن جون تقريرون ٻڌي نه ايندو آهي، جيڪي ڪردار نه پر گفتار جا عازي هوندا آهن. عوام ۾ اتحاد فقط علم ۽ عمل جي ذريعي پيدا ٿيندو آهي. عوامي پروگرام تي عمل ڪري ۽ عوام کي ان ۾ شامل ڪري پيدا ٿيندو آهي، ته جيئن هڪ جهٽڪي سان فوجي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏجي. ان جو تصور سڌو ۽ سادو آهي، پر ان لاءِ ڪيترا ئي شرط لازمي طور تي پورا ڪرڻا پوندا آهن.
    جيئن ته پهريان چئي چڪا آهيون ته هڪ عوامي پروگرام اپنائڻو پوندو. ان ۾ عوام جي ضرورتن يا مسئلن ۽ اميدن جي جهلڪ هوندي. هي پروگرام اهڙو هوندو جيڪو عوام جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي وڃي. هيءُ مڙني دانشورن کي هڪ جهنڊي هيٺ آڻي بيهاريندو. ان ۾ مڙني مخالف پارٽين جا ماڻهو به شامل هوندا. روائتي عام راءِ هموار ڪرڻ وارن ماڻهن ۽ تسليم ٿيل سياسي ليڊرن جي ان ۾ شرڪت کان انڪار حماقت هوندي.
    ان ڪري هڪ متحد محاذ قائم ڪرڻو پوندو. پر ان جهاز جي ڪپتاني عوام جي هٿن ۾ هوندي، جيڪي هن عوامي پروگرام جي طريقيڪار جي مطابق عمل ڪندا. پر فقط هڪ پروگرام ترتيب ڏيڻ سان ڪجهه به هٿ نه ايندو، سڀ کان پهريان هڪ اهڙي رهنماءَ جي ضرورت آهي جيڪو هڪ سخت جدوجهد جي قيادت ڪري سگهي ۽
    الف: عام راءِ کي متحرڪ ڪري سگهي.
    ب: ۽ عوامي طاقت کي منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    ڀارت ۽ پاڪستان يعني برصغير جي سياست ۾ عوام کي وڏي پيماني تي شريڪ ڪرڻ جي لاءِ تحريڪون، مظاهرا، هڙتالون، لانگ مارچ ۽ جيل ڀريو وارا قدم کڻڻ شامل هوندا آهن. اهي مقصد بنيادي طور تي عدم تشدد تي ٻڌل هوندا آهن. هاڻي عام هڙتالن، گهيراءُ، مورچابندي ۽ جلوسن جو سهارو ورتو وڃي ٿو. اهي ذريعا تشدد نه هوندا آهن. پر ضروري آهي ته انهن کي وقت سر تيار ڪيو وڃي. هيءُ هڪ موثر ۽ آزمودي جوڳي ٽيڪنڪ آهي. مان عام طور تي انهن جي ئي سفارش ڪريان ٿي.
    هي ذريعا ۽ مقصد بنيادي طور تي عدم تشدد جوڳا هوندا آهن. پر انهن جو لب لهجو ۽ تاثر جو راز عدم تشدد نه هوندو آهي. ان جي برعڪس ان ۾ عوامي سطح تي مغالطو پيدا ٿي پوندو آهي. ان ۾ عوام جوش ۽ جذبي سان شريڪ ٿيندو آهي. ان ڪري تشدد کي ترجيح ڏيڻ جي حيثيت ثانوي اڃا به بي وقت آهي.
    تشدد ۾ آزاديءَ جي مجاهدن جي پسند نه پر جابرن جي سلوڪ کي عمل دخل آهي. صرف احمق يا فاشسٽ ئي تشدد کي پنهنجي غرض جي لاءِ ترجيح ڏئي سگهي ٿو. مڙني انسانن جا حقن ۽ سماجي انصاف جي خاطر جدوجهد ڪندڙن کي عوامي تعاون حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙن ماڻهن کي شامل ڪرڻو پوندو آهي. ۽ سندن ئي شرڪت ۽ عمل سان اها جدوجهد ڪامياب ٿي سگهي ٿي. پنهنجي معاملي ۾ اسان اهي سڀ ذريعا استعمال ڪنداسين، جن سان فقط ضيا جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ تي بندش لڳي وڃي پر عوام جي طاقت جي مدد سان کيس شڪست جو منهن ڏسڻو پوي ۽ مڪمل طور تي نستو ٿي وڃي.
    اسان کي مولن ۽ متن جي فلسفياڻي بحث ۾ پنهنجو وقت ضايع ڪرڻ نه گهرجي. اهي قدم بي معنى ٿيندا. اهو سوال ته ضيا ۽ سندن پٺوئن لاءِ ڇڏڻ گهرجي. اسان شخصي حڪومت ڪرڻ کي اسلام ۽ پاڪستاني مسلمان عوام ٻنهي جي توهين سمجهون ٿا.
    ضيا جي اها دعوى ته عوام سندس حڪومت کي تسليم ڪري ورتو آهي، يا عوام گهٽين ۽ بازارن ۾ سندس ساراهه جا ڍُڪ ڀري رهيو آهي. اهو هڪ نسورو ڪوڙ آهي. ٿورو هڪ ڏينهن جي لاءِ هو پنهنجي مارشل لا هٽائي ته ڏسي. ته کيس سندس دعوائن جي خبر پئجي ويندي. ضيا جو اهو چوڻ به صحيح آهي ته فوجي توبون سندس تحفظ نه ٿيون ڪري سگهن. پر ملڪ ۾ ليڊرشپ جي ڪمي آهي، جنهن سبب عوام جدوجهد ۾ حصو وٺڻ کان لهرائي رهيو آهي.

    قانوني ڍانچو
    ضيا نڪ جي نرڄائيءَ سان قانون جي ڳالهه ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ ملڪ ۾ ڪو به قانوني ڍانچو ناهي. مان پڇان ٿي ته 5 جولاءِ 1977ع ۾ مڪاريءَ سان اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ هن ملڪ کي ڪهڙو آئيني ڍانچو عطا ڪيو آهي. جنهن آئين جي تحفظ جو هن حلف کنيو هو، جنهن ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته جمهوري حڪومتن جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ هر قسم جي فوجي انقلاب کي بغاوت تصور ڪيو ويندو. ڏسو ته هڪ باغي ۽ غدار ڪهڙي بي حيائي ۽ نڪ جي پڪائي سان قانون جي ڳالهه ڪري ٿو.
    هن تي واضح هجڻ گهرجي ته آزاد چونڊون ڀلي ڪير به ڪرائي يا ڪنهن به آئين هيٺ ٿين. جيستائين عوام آزادانه طور تي پنهنجو ووٽ ڏيندو رهندو، هو اسان جو ساٿ ڏيندو رهندو. عوام جا نمائندا ئي مڙني قانوني مسئلن ۽ سوالن تي ويچار ڪندا. ضيا کي ان جو فڪر ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ڪونهي.
    ضيا کي خبر آهي ۽ سڀ پاڪستاني ڄاڻن ٿا ته هو قانوني ڍانچي جي ڳالهه ڪهڙن سببن جي ڪري ڪري رهيو آهي. پهريون اهو ته هو نٽائڻ ۽ چونڊون نه ڪرائڻ جا بهانا ڳولي رهيو آهي. ٻيو اهو ته هو يا ته يحى خان جي نقش قدم تي هلڻ گهري ٿو، جنهن چونڊن جا نتيجا قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ملڪ کي گهرو ويڙهه جي جهنم ۾ اڇلي ڇڏيو هو. يحى پاڻ پاڪستان جي هٿياربند فوج کي پاڪستاني عوام جي قتل عام، خونريزي ۽ لڄالٽ لاءِ استعمال ڪيو. ۽ آخر وڏي آباديءَ رکندڙ (بنگالي) هن ملڪ جي اقتدار کان محروم ٿي ويا. يحى مجبوريءَ هيٺ باقي بچيل پاڪستان جي حڪومت سياستدانن جي حوالي ڪرڻ لاءِ مختلف شرطن تي رضامندي ظاهر ڪئي. يا جنرل ضيا، ايوب خان جي راهه تي هلڻ جو خواهشمند آهي، جنهن پنهنجا مقصد ماڻڻ جي لاءِ ملڪ کي هڪ آئين عطا ڪيو. يحى خان اپريل 1970ع ۾ ملڪ کي هڪ ممڪن نه هجڻ جهڙي نوعيت جو ايل ايف او (ليگل فريم آرڊر) يعني قانوني ڍانچي جو حڪم نامو عطا ڪيو. ان هيٺ هن 1970ع ۾ چونڊون ڪرايون، هن ڪجهه خوفناڪ شرطن هيٺ، حڪومت عوامي نمائندن کي ان وقت تائين سونپڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جيستائين هو اهڙا قدم کڻي وٺي ها، جيڪي ناممڪن هيا ۽ جن کان کيس تسلي نه ٿي سگهي. بهرحال عوام يحى خان ۽ ايوب خان ٻنهي کي هڪ ڌڪ سان خارج ڪري ڇڏيو.
    ها! ضيا ۽ سندس پٺوئن کي اهو علم آهي ته اسان هنن منجهان اها اميد نه ٿا رکون ته هو پنهنجي مرضيءَ جون چونڊون ڪرائي ڇڏيندا، جيڪڏهن آزادانه چونڊون ٿين ٿيون ته اهي لازمي طور تي ٿينديون. ڇاڪاڻ جو عوام کين پنهنجو مطالبو منظور ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو. عوامي طاقت اهو ڏسڻ گهرندي ته ملڪ ۾ آزاد چونڊون ٿين. حقيقي قانون ته عوام جي طاقت ئي بڻائيندي ۽ آزادانه چونڊن جو عمل ئي بڻائيندو. اها ڳالهه کين لازمي طور تي ذهن ۾ رکڻ گهرجي.
    پوءِ به اچو ته ڏسون ٿا ته اهي چونڊون ڪيئن منعقد ٿي سگهن ٿيون. جيڪڏهن ضيا جي حڪومت يا سندس جانشين جرنيل چونڊون ڪرائڻ تي رضامند ٿي وڃن ٿا ۽ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏين ٿا ته انهن آمرن جو حشر به ايران جي شهنشاهه جهڙو ٿيندو.
    مارچ 1981ع ۾ سينئر ججن کي بدنام ڪيو ويو. پر ان جي باوجود به هو چونڊن جي نگراني ڪري سگهن ٿا. آزاد چونڊون پنهنجو ماحول پيدا ڪنديون، ڇاڪاڻ جو ضيا جا مشير انهن کان نٽائڻ ۾ وڏا هوشيار آهن. يا ڪو اهو شوشو ڇڏي ڇڏيندو ته ان وقت اقتداري پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ، مخالف ڌر پي اين اي تي 4 جولاءِ 1977ع تي سخت وار ڪيو هو.
    8 آڪٽوبر 1977ع تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو هيو ۽ هاڻي ان تي عمل ڪيو ويندو. ايم آر ڊي ان ۾ ڪجهه ترميم ڪري سگهي ٿي. اها ڳالهه ناممڪن ناهي. آمرن طرفان اڳواٽ هڪ شرط رکڻو پوندو ته عوام جي طاقت جرنيلن جي هٿن ۾ لازمي طور تي سونپي وڃي. ان صورت ۾ ”جتي چاهه اتي راهه“ واري چوڻي جي مطابق ٻيو ڪهڙو چارو رهجي وڃي ٿو؟ پوءِ به جرنيلن وٽ ٽيون رستو آهي، هو دفن ڪيل مڙدا ٻيهر ٻاهر ڪڍڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا. هو سڀ کان سينئر ججن ۽ يونيورسٽين جي وائيس چانسيلرن يا ٻين نامور شخصيتن جي ذريعي چونڊن جي نگراني ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ايڊهاڪ يعني عارضي ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏيندا. ان جا ڪيترائي شرط طئه ڪيا ويندا. جيستائين آزاد چونڊن جي نگرانيءَ جو واسطو آهي ته اها ڪير به ڪري سگهي ٿو. پر ان جو بنيادي شرط اهو هوندو ته عوام جو هي آزادانه ۽ خودمختيار اختيار ظالمن ۽ جابرن کي اقتدار کان محروم ڪرڻ هوندو.

    حڪومت جي تشڪيل
    ان کان پوءِ ضيا جو فرمان آهي ته مستقبل جي حڪومت جي تشڪيل جو فيصلو چونڊن ذريعي ڪيو ويندو. مون کي اهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته ان معاملي تي سڀ محب وطن پاڪستاني هڪ راءِ آهن. عوام قطعي طور تي پختي عزم سان هاڻي ۽ هميشه جمهوريت جي چونڊ ڪندو. ڇاڪاڻ جو اها ئي حڪومت هن ملڪ ۾ هلي سگهي ٿي. 1973ع جي متفق طور تي تسليم ٿيل آئين ۾ به اهو ئي لکيل آهي.
    پاڪستان ۾ ڪير ان ڳالهه سان متفق نه هوندو ته 1973ع جي آئين سان سڀ ماڻهو ۽ پاڪستان جا عوامي ادارا گهڻي حد تائين متفق هيا. ان ڳالهه کان ڪير انڪار ڪري سگهي ٿو ته ان آئين تان هٿ کڻڻ سان قومي اتحاد کي نقصان پهچندو.
    اها حقيقت سڀني مٿان واضح آهي ته هر اعتبار کان تسليم ٿيل ۽ متفق آئين مرتب ڪرڻ ڪيترو ناممڪن آهي؟ ايتري قدر جو ضيا به چيو هيو ته 1973ع جي آئين جو متبادل نه ٿو ملي سگهي. هيءُ ملڪ لاءِ اميد جو آخري ڪرڻو آهي، پر اهو سندس نجي حڪومت جو ابتدائي زمانو هيو، هاڻي ان جي ڪيفيت سڙندڙ روم ۾ بانسري وڄائڻ واري نيرو کان گهٽ نه آهي. 1973ع جي آئين جي نئين سر نفاذ سان ئي قوم ٻڏڻ کان بچي سگهي ٿي.
    ضيا جي شرارت کي سمجهڻ ۽ ان کي شڪست ڏيڻي آهي. هن آئين جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون آهن. هن ۽ سندس حوارين کي هاڻي اهو خوف ورائي ويو آهي ته چونڊون ان آئين هيٺ ٿينديون. آئينده قائم ٿيندڙ جمهوري حڪومت جي ذريعي کين پنهنجي ڪيتي جي سزا ڀوڳڻي پوندي. ان ۾ موت جي سزا جو به امڪان آهي. ان ڪري هو ”يوم حساب“ کي ٽاري رهيا آهن. هنن مٿان اهو واضح هجڻ گهرجي ته ڀلي هو پنهنجن بدعنوان هٿڪنڊن ۽ رشوت ذريعي ڪيترن ئي سياستدانن کي پنهنجي جهوليءَ ۾ وجهي ڇڏين، پر تاريخ جو رخ ۽ عوام جو مزاج بدلائي نه ٿو سگهجي.
    پنهنجي شخصي حڪومت کي ڊيگهه ڏيڻ جي لاءِ ضيا مداريءَ پنهنجي جادوءَ واري گودڙي کولي ڇڏي آهي. سڀ کان پهريان هن عوام جي سڀ کان وڏي اثاثي 1973ع جي آئين کي پائمال ڪيو. مارچ 1981ع ۾ پنهنجو خود ساخته پروينئل ڪانسٽيٽيوشن آرڊر (پي سي او) نافذ ڪيو. ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن جي 90 ججن کي ان پي سي او تحت وفاداريءَ جو حلف کڻڻ کان انڪار تي پنهنجي ملازمتن تان هٿ کڻڻو پيو. هاڻي هو هڪ نئين حڪومت قائم ڪرڻ جو ڏوهه ڪري رهيو آهي، ان جي معنى اها ٿي ته هو هڪ ٻئي آئين مرتب ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ ڪم مشڪل سان ئي انجام تي پهچندو، ان ڪري هو ايندڙ ڏينهن ۾ هڪ ٻي حقيقي گهرو ويڙهه جي تياري ڪري رهيو آهي. ڇو؟
    کيس علم آهي ته جيڪڏهن هڪ ڀيرو رجعت پسند اسلام پرست پارٽيون سندس ڳجهي اشاري تي بنيادي طور تي هڪ غير جمهوري مطلق لاعنان نظام جي حصول تي اصرار ڪرڻ شروع ڪنديون ته ان جي سخت مخالفت ٿيندي. سندس فوج ڪنهن جو ساٿ ڏيندي، اهو اسان کي خبر آهي. عوام کي اهڙي ناپاڪ سازش ڪچلڻي پوندي. ضيا پنهنجي اقتدار جي هوس ۾ عوام منجهه نفاق جو ٻج ڇٽي رهيو آهي ۽ ملڪ کي گهرو ويڙهه جي ڪنڌيءَ تي آڻي بيهاريو آهي.

    سيهڙ جو خواب
    ضيا انتهائي نڪ جي پڪائي سان چوي ٿو ته چونڊون ڪو مقصد نه پر ذريعو آهن. آخر اهو ذريعو ڪهڙي مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ آهي. اهو ته سندس من گهڙت دليل آهي؟ هو ان ڳالهه تي بضد آهي ته هو ان وقت چونڊون ڪرائيندو، جڏهن کيس ”مثبت نتيجن“ جو يقين ٿي ويندو. هو ان ڳالهه تي به متفق آهي ته هيءُ چونڊون ڪجهه خاص اميدوارن لاءِ ٿينديون. هو ته لولو لنگڙو دليل به پيش ڪري ٿو ته ان جو مطلب اهو ناهي ته چونڊ صرف انهن جي ٿيندي جيڪي سندس حمايت ڪن ٿا. پر هيءُ ته صرف سندس بهاني بازي آهي. ڏسو ته هيءُ ڪيڏو وڏو ڪوڙ آهي.
    ضيا چونڊيل اميدوارن جي اخلاق ۽ اسلامي ڪردار جي ڳالهه ڪري ٿو. آخر ڪير هڪ ٻئي جي شخصي اخلاق، اعتقاد يا ڪردار جو فيصلو ڪندو. اهو فيصلو ته الله تعالى جي هٿ ۾ آهي. عوام پنهنجا نمائندا خدمت خلق سرانجام ڏيڻ جي لاءِ چونڊي ٿو. عوام ته چونڊن ۾ بيهندڙ مختلف اميدوارن جا خيال ٻڌي انهن جي حمايت ڪري سگهي ٿو. هو ڪنهن جي دل ۾ ليئو پائي ڏسي نه ٿا سگهن، آخر ووٽر کي اهو يقين ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته هي اميدوار اسلامي نظرين جو پيروڪار ۽ ٻئي مسلمان اميدوار کان بهتر آهي.
    ڪيتري نه بي معنى اها ڳالهه آهي؟
    پر ان ديوانگيءَ جو طريقو به عجيب آهي. ضيا جا ڍنڍورچي اسلام جي عقيدت جو رات ڏينهن دهل وڄائي رهيا آهن. هو ان کي نافذ ڪرڻ جي تيارين ۾ آهن. هو ان سازش ۾ ٽن نام نهاد اسلام جي شيدائي پارٽين کي شريڪ ڪري رهيا آهن. هنن ڪيترن ئي موقعن تي بنا پارٽيءَ جي چونڊن ۾ شرڪت تي رضامندي ۽ انهن چونڊن بعد قائم ٿيندڙ حڪومت جي لاءِ اڳواٽ گڏيل معاهدي جو شرط قبول ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. اميدوارن جو تجزيو ۽ تقريبن هر معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي. ضيا ڇا ٿو چاهي، اهو واضح ٿي چڪو آهي. سندس مثبت نتيجن جي معنى انهن پارٽين ۽ پنهنجن حوارين کي کٽائڻ آهي، اهو آهي چونڊن جو ڊرامو.
    انهن چالن کي ناڪام بنائڻو پوندو.

    ڪنڌ مٿان لٽڪندڙ تلوار
    ضيا جي هڪ دل خوش ڪندڙ تجويز هٿياربند فوج جو آئيني ڪردار آهي. اها انتهائي شرارت جوڳي تجويز آهي. هر هڪ باشعور شخص ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿو ته 1973ع جي آئين ۾ قطعي طور تي هٿياربند فوج جي ڪردار جو ذڪر ڪيو ويو آهي. کين سرحدن جو دفاع ڪرڻو آهي ۽ سول حڪمرانن جي حڪمن تي عمل ڪرڻو آهي.
    ان جي مُدت!
    ضيا جي ذهن ۾ جيڪا تجويز ڪر کڻي رهي آهي، اها سڀني تي واضح آهي. سندس حوارين اشارو ڪيو آهي ته هو اهڙو اعلى سطحي ادارو چاهين ٿا، جنهن ۾ هٿياربند فوج کي اهڙي نمائندگي حاصل هجي، جو هو ڪنهن به وقت آئين منسوخ ڪرڻ جو فيصلو ڪري سگهي. ان اداري کي امڪاني طور تي حڪومت جي مدد جي اڪثريت حاصل هوندي ۽ هٿياربند فوج اقتدار سنڀالي حڪومت جو نظام سڌو سنئون هلائي سگهي ٿي. اهڙي قسم جي جمهوريت مستقبل جي عوامي حڪومتن کان انحراف آهي ته جيئن فوج جي بقا ممڪن ٿي سگهي. فوجي ٽولي کي هميشه اهڙا جي حضور گهرجن جيڪي هميشه فوج جي آڏو پڇ لوڏيندا رهن. ۽ فوج پنهنجي مرضيءَ موجب ڪارروائي ڪندي رهي. ان دوکي جهڙي سازش جو خاتمو آڻڻ ضروري آهي.

    ڪم جي نوعيت
    بنيادي ڪم فوجي لٽيرن جي حڪمراني جو جادو ٽوڙڻو آهي. هي ٽولو نه صرف عوام جو پر سادن سودن فوجين جو به استحصال ڪري رهيو آهي. هي ٽولو انهن ئي فوجين جي مدد سان عوام تي ظلم ڪرڻ ۽ انهن کي ڦري ماري رهيو آهي. ان ۾ پنجاب، بلوچستان، سنڌ ۽ سرحد صوبي جو عوام به شامل آهي. جيتوڻيڪ هي ٽولو ننڍو آهي پر ڪمزور ناهي. هي هٿياربند فوج کي مختلف رعايتون ڏئي بدعنواني ڦهلائي رهيو آهي. هي ڊسيپلين جي نالي تي جمهوريت پسند عوام ۽ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن کي فوجي گنن جو نشانو بڻائي رهيو آهي. هو صرف پنهنجي فوجي قوت تي نه ٿو ڀاڙي پر ان فوجي ٽولي کي سڀني جاگيردار طبقن، سرمائيدارن، اميرن، ٺيڪيدارن، وسيع واپاري ۽ صنعتي ادارن جو تعاون حاصل آهي. هن ٽولي جو سماجي بنياد ذاتي مفادن ۽ غرضن تي ٻڌل آهي ته جيئن فوجي جرنيل مضبوط ٿيندا وڃن ۽ عوام جي طاقت ڪمزور ٿيندي رهي.
    سندن طاقت واضح آهي، هو عوام جو ڌيان هٽائڻ جي لاءِ دوکي تي ٻڌل نعرن، اصولن ۽ خيالن جي پنهنجي ڪنٽرول هيٺ هلندڙ مواصلاتي ذريعن جي ذريعي پروپيگنڊا ڪري سگهن ٿا ۽ ان جي لاءِ ذهين کان ذهين فنڪار مقرر ڪري سگهن ٿا. جيڪي ماڻهو پاڪستان جي سموري عوام ۽ مفاد پرست گروهن جي وچ ۾ ٽڪراءَ جي ڳالهه ڪن ٿا، هي گروپ ان کي فقط ڪوڙي بڪواس قرار ڏئي ٿو. اهڙن ماڻهن کي پوليس ٿاڻن ۾ وٺي وڃي وڏي بيدرديءَ سان ماريو ڪٽيو وڃي ٿو. کين بوگس فوجي عدالتن ۾ آڻي سندن مٿان ڪوڙا ڪيس هلائي سخت سزائون ڏنيون وڃن ٿيون. ان سزا ۾ وحشياڻي نموني ڪوڙا هڻڻ جي سزا به شامل آهي. ملڪ جي مختلف حصن ۾ اڄ تائين گهٽ ۾ گهٽ 25 کان 35 هزار ماڻهن کي ڪوڙا هنيا ويا آهن ۽ هزارين ماڻهن کي سرعام رستن تي ڪوڙا هنيا ويا آهن.
    ان کان علاوه هي فوجي ٽولو عوام جو ڌيان هٽائڻ جي لاءِ عوام منجهه نفاق ۽ ڪوڙ جو ٻج ڇٽي رهيو آهي. جيستائين عوام جون دليون ورهايل آهن ۽ هو هڪ بئي سان ننڍن ننڍن معاملن تي وڙهندا رهندا، فوجي حڪمران ۽ مفادپرست طبقا محفوظ ۽ سلامت رهندا. عوام اتحاد جي گهٽتائي سبب ڪمزور رهندو. هو پنهنجي حقن کان اڻڄاڻ رهندا ۽ حڪمرانن جي ظلم ۽ ستم جو شڪار رهندا.
    فوجي ٽولي کان حڪومت کسڻ جي لاءِ سنجيدگيءَ سان جدوجهد شروع ڪرڻ کان اڳ سندن ناپاڪ چالن کي ختم ڪرڻو پوندو.
    آخر اسان اهو ڪم ڪيئن ڪري سگهون ٿا؟

    عوام جو اتحاد
    اسان عوام کي متحد ڪري دشمن جي ان چال کي ناڪام ڪري سگهون ٿا. هڪ مقصد جي لاءِ هڪ دشمن جي خلاف متحد ٿيڻ لاءِ اسان کي گڏيل مقصد يا ڪاز جي وضاحت ڪري ڇڏڻ گهرجي، جڏهن ته اسان کي علم آهي ته دشمن موجود آهي. البت اهي مقصد هيٺيان ٿي سگهن ٿا:
    • بدعنوان فوجي حڪمرانن ۽ انهن جي حامين جي طاقت کي ٽوڙيو وڃي.
    • هڪ جمهوري نظام جو قيام نئين سر عمل ۾ آندو وڃي.
    هيءُ جمهوري نظام سڄي دنيا ۾ تسليم ٿيل انساني حقن جي فراهميءَ جي ذريعي قائم ڪيو وڃي. يعني انهن حقن جي ذريعي عوام کي راءِ ڏيڻ جو حق ملي ويندو. دراصل عوام پنهنجا حق جدوجهد جي ذريعي حاصل ڪري سگهي ٿو. آمرانه نظام جو آخري علاج ته عوام جو اتحاد آهي. جڏهن اسان اتحاد جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اهو اتحاد فقط اظهار تائين محدود نه ٿو رهي، ان لاءِ ته علم ۽ عمل جي ضرورت هوندي. جيڪڏهن گڏيل ڪارروائي ۽ عمل کان سواءِ اتحاد جي نفاذ جا ڪجهه ٻيا طريقا اختيار ڪيا وڃن ته مصنوعي ۽ غير حقيقي هوندا. گڏيل ڪارروائي عوام جي عملي پروگرام جو ٻيو نالو آهي. ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ معاملا شامل ڪيا وڃن ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو متفق ٿي سگهن. متفق ٿيڻ مان منهنجي مراد بامقصد هجڻ جي لاءِ آهي. مقصدن حاصل ڪرڻ جو نظريو واضح هجڻ گهرجي ۽ هر شي آئيني وانگر صاف ۽ شفاف هجڻ گهرجي.
    هتي قيادت جي ڳالهه ڪرڻ به ضروري آهي. هيءُ اهو عنصر آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ عوامي پروگرام هيٺ گڏيل عملي ڪارروائي کي عملي جامو پهرائڻ ۽ هڪ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ خاطر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هيءُ بنيادي طور تي عوامي پروگرام جو هڪ حصو آهي.
    حڪمرانن وٽ ملڪ جو پئسو به آهي ۽ توبون ۽ گنون به آهن. ان کان سواءِ هو غير ملڪي امداد تي به ڀاڙي رهيا آهن. انهن طاقتن ۾ گهڻو ڪري سامراجي ملڪ شامل آهن. ڏوڪڙن جي ڏڍ تي هو عوام منجهه نفاق پيدا ڪرڻ لاءِ هر قسم جون چالون وڙهي رهيا آهن. ته جيئن عوام پنهنجا حقيقي مفاد وساري ويهي.گنن سان هو انهن ماڻهن کي شهيد ڪري ڇڏين ٿا، جيڪي کلي عام سندن منهان منهن ٿيڻ جي لاءِ ميدان ۾ اچن ٿا. حڪومت کي برقرار رکڻ جي لاءِ هنن جي پاليسي واضح آهي. ٻئي طرف عوام هٿين خالي، جاهل، معصوم ۽ ديانتدار هوندو آهي. جيڪڏهن هڪ مقصد جي حاصلات جي لاءِ هو متحد ٿي اڳتي وڌندو آهي ته عوام هڪ بي پناهه طاقت آهي. ان بي پناهه طاقت کي منهن ڏيڻ کان اڳ ئي آمرن جون متيون منجهي وڃن ٿيون ۽ هو پاش پاش ٿي وڃن ٿا. غير متحد عوام هڪ ٻئي سان وڙهي پنهنجي طاقت ضايع ڪندو رهندو آهي. اها ڪا طاقت نه آهي، هو جلد بيحس ٿي ۽ مايوس ٿي ناانصافي جي غار ۾ ڪري پوندو آهي.
    الجيريا، ويٽنام ۽ هاڻي ايران جي تجربن مان اها ڳالهه پڌري آهي. بندوق ۽ رپئي جي طاقت هڪ وقتي طاقت آهي. اها ته فقط هڪ گهڙيءَ جي لاءِ ڪم ڪندي آهي. جيڪڏهن حوصلي مند عوام پنهنجو حساب ڪتاب وٺڻ تي اچي ته سندن چئلينج جي آڏو سڄو سارو ڍانچو ڪمزور ٿي ويندو آهي ۽ چند زوردار حملن سان ڪري چڪنا چور ٿي ويندو آهي. پر عوام سان اها ڳالهه لاڳو نه ٿي ٿئي. هو پنهنجي ڪمزوري مختصر مدت ۾ پوري ڪري سگهي ٿو. ماڻهو پنهنجين ناڪامين تي مايوس نه ٿيندا آهن پر انهن مان سبق حاصل ڪندا آهن ۽ جلدي ئي ٻيهر زور آزمائي جي لاءِ تيار ٿي ويندا آهن.
    ان جي باوجود اڄ جي حالتن ۾ فوجي حڪمران طاقتور نظر پيا اچن.
    ڇو؟ ڇاڪاڻ جو عوام کين اقتدار ۾ رهڻ جي اجازت ڏئي ٿو ۽ هو پنهنجي من ماني ڪري رهيا آهن.
    ڪيئن؟
    ڇاڪاڻ ته عوام پنهنجن ننڍڙن ننڍڙن مسئلن ۾ الجهيل رهندو آهي. کين وڏن سياسي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي فرصت نه آهي يا هو ننڍن وڏن سياسي معاملن ۾ الجهندا رهندا آهن. جنرل ضيا ۽ ان جو فوجي ٽولو بنيادي طور تي اسان جي ئي غلطيءَ سبب اقتدار ۾ آهي. هو اتي آهن، جتي کين نه هجڻ گهرجي. پر ماڻهو چاهين ٿا ته هو اتي رهن، صرف ان ڪري جو ان ۾ عوام جي بيحسي ۽ سياسي لاپرواهي شامل آهي، جو هڪ آمر ۽ ان جا ساٿي سياسي اسٽيج تي آڪڙجي هلن ٿا ۽ هو پنهنجي پروپيگنڊا جي ذريعن سان پاڻ کي ضرورت کان وڌيڪ وڌائي چڙهائي پيش ڪرڻ جي جرئت ڪن ٿا.
    اسان ڏٺو ته هو اڪثر هڪ خطرناڪ ۽ مضبوط طاقت جي طور تي نظر اچن ٿا. اها ڪيفيت ان وقت تائين برقرار رهندي آهي، جيستائين عوامي قوتون منتشر رهنديون آهن. ۽ ماڻهو بيڪار ڳالهين ۾ پنهنجي قوت کي ضايع ڪندا آهن.ڪيتريون ئي سياسي جماعتون حقيقي صورتحال کان ابتڙ پاليسيون بڻائينديون آهن. هر پارٽي الڳ ۽ مختلف وقتن تي ڪارروائي ڪندي آهي، جيڪا غير فائديمند ڳالهه آهي. شروعاتي دور ۾ يا ته ان کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي يا دٻايو ويندو آهي. ضيا جي حڪومت اهو قدم انتهائي مڪاريءَ سان کڻي رهي آهي.
    ضيا جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ خلاف وڏي انگ ۾ مظاهرا ٿي رهيا آهن، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا 25 هزار کان وڌيڪ ڪارڪن ۽ حامي جيلن ۾ بند آهن. يا ته هو نظربند آهن يا انهن تي ڪيس هلي رهيا آهن. يا هو مارشل لا جي مختلف حڪمن هيٺ بوگس ڏوهن هيٺ سزائون ڪاٽي رهيا آهن. انهن ۾ ڪجهه ٻين جمهوري پارٽين جا ڪارڪن آهن. انهن تي به اهڙي طرح ڪوڙا ۽ من گهڙت الزام هڻي کين بند ڪيو وڃي ٿو. فوجي حڪومت جي خلاف ٿيندڙ مظاهرن جو گهڻو اثر ٿي نه رهيو آهي. ڇاڪاڻ جو هو بنا سبب جيلن ۾ بند آهن ۽ جيڪڏهن عوام ساٿ ڏئي ته هي مظاهرا هڪ وڏي تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري سگهن ٿا. آخر هي تحريڪ ڇو موثر آهي؟ ڇاڪاڻ ته مرڪزي طور تي الڳ الڳ مظاهرا هڪ بهادرانه ڪوشش آهي، پر انهن شين سان حڪومت جو نظام بدلائي نه ٿو سگهجي. فقط منظم تحريڪ ئي ضيا جهڙي حڪومت کي سبق سيکاري سگهي ٿي.

    ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو
    ضيا جي حڪومت عوام کي متحد ٿيڻ کان پري رکڻ جي لاءِ پنهنجي هڪ خاص پاليسيءَ ۾ انتهائي ڪامياب رهي آهي.
    ضيا پنهنجي ڪارروائي ڪيئن ڪري ٿو؟ ان جو جواب انتهائي سولو آهي، يحى خان جي نقش قدم تي هلندي ضيا هر سياسي ليڊر کي رشوت ڏيندو آهي. اها رشوت خوري رپين پئسن، خوشامد، نظرياتي ڪوڙڪي يا ڪنهن ٻي چال جي شڪل ۾ ٿي سگهي ٿي. هو هر هڪ پارٽيءَ سان سياسي ٺاهه ڪندو آهي ۽ عوام کي غلط فهميءَ ۾ رکندو آهي ۽ مڙني سياستدانن جو تعاون حاصل ڪري هر قسم جي ڪوڙي پرچار ڪندو آهي. نظم ۽ ضبط جو خيال رکندڙ ميڊيا جي ڪردار کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. اصل حقيقتن کي بلڪل بليڪ آئوٽ ڪيو ويندو آهي. سنجيده تحريري تجزين جي نسبت صرف سطحي تنقيد کي منطر عام تي آندو ويندو آهي ته جيئن ڪٿي فوجي حڪمرانن جون چالون وائکيون ٿي نه پون. حقيقت پسند تجزين کي اخبارن، ريديو يا ٽيليويزن تي پيش ڪرڻ جي ڪڏهن به اجازت نه ٿي ڏني وڃي.
    ريڊيو، ٽيليويزن ۽ اخبارن ۾ ضيا جي شخصيت پرستي ڪئي وڃي ٿي. سندس ڪارنامن جا راڳ ڳايا وڃن ٿا ۽ اهو ئي چيو ويندو آهي ته هو ئي ڪروڙين ماڻهن جو نجات ڏيندڙ آهي. اها خطرناڪ پرچار ملڪ ۾ ڏينهن رات جاري رهندي آهي. عوام ۽ ٻين آوازن کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي. ان سان اڳ ئي انتشار جي شڪار ٿيل عوام جو ڌيان ورهائجي ويندو آهي ۽ حڪمرانن کي غير ضروري ڪارروايون ڪرڻ ۽ غير واسطيدار مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جو موقعو ملندو رهندو آهي.
    ان پس منظر ۾ حڪومت کي وڌ کان وڌ طاقتور ٿيڻ جو موقعو ملي ويندو آهي. 60 هزار کان وڌيڪ رائيفلز جي ڪمان هن جي هٿ ۾ آهي. هو ڏينهون ڏينهن سگهه حاصل ڪري رهيو آهي ۽ اها صورتحال ان وقت تائين برقرار رهندي جيستائين عوام سجاڳ نه ٿو ٿئي.
    ڇا اسان کي جمهوريت کي ڇڏي ڏيڻ گهرجي؟ ڇا اسان کي مستقل طور تي غلامي قبول ڪرڻ گهرجي؟ ڇا ساڍا اٺ ڪروڙ عوام بدعنوان ۽ اسڪيم باز جرنلن جي ٽولي جي زنجيرن م جڪڙيل رهي؟

    عوام جي طاقت جو راز
    مان چوان ٿي ته اها ڪمزوري، اها غلامي اسان جي نه آهي. اهو قطعن غير ضروري آهي، ان کي جلد ئي وڏي تيزي سان ختم ڪري سگهجي ٿو. ڪيتري تيزيءَ سان؟ اهو مان نه ٿي چئي سگهان، پر ان جي لاءِ سخت جدوجهد لاءِ ڪيترائي سال گهربل هوندا. ان ڳالهه جو دارومدار ڪيترن ئي پهلوئن تي آهي، ڪيترائي پهلو اهڙا آهن جيڪي سخت ۽ ڊگهي جدوجهد جو مطالبو ڪن ٿا. ان ۾ ڪنهن وقت رت ۽ ست به شامل ٿي ويندو آهي.
    هي ٻئي ڳالهيون هڪ ٻئي جو تضاد آهن، پراميد تجزيو به آهي ته مايوس ڪندڙ به. مايوس ڪندڙ پوزيشن جو ذڪر بعد ۾ ڪيو ويندو. متوقع مختصر جدوجهد جو انحصار فوج تي آهي، جيڪا ايتري بدعنوان آهي، جو ان کي متحد نه ٿو ڪري سگهجي. مون کي سڀني جرنيلن جي خبر آهي. ايرانين جي تجربي کان پوءِ هو عوام کان خوفزده ٿي ويا هيا. پر هاڻي ضيا جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن. انهن مان ڪو به جنرل ضيا جو جيئڻ حرام نه ٿو ڪري سگهي، پر منجهن پاڻ ۾ تعاون سگهارو آهي. جوانن ۽ جونيئر آفيسرن کي غلط طور تي استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ ان سان گڏ سندن استحصال ڪيو پيو وڃي. هو اڄ ڪالهه ملڪي دولت جي منظم نموني سان ڦرلٽ ۾ پارٽي بنجڻ نه ٿا چاهين.
    فوجي حڪمرانن جو ڪو حقيقي حلقو ناهي. انهن ملڪ کي اهڙي انداز سان هلايو آهي، جو ملڪي حالتون خطرناڪ حد تائين خراب ٿي ويون آهن. اهي ڪو به رستو اپنائي نه ٿا سگهن. ملڪي دفاع جو سوال دوکو آهي. کين اهو علم ناهي ته جيڪڏهن اسان جي ڪنهن پاڙيسري ملڪ اسان تي حملو ڪري ڏنو ته ڇا هي آرمي اسان جي جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت ڪري سگهي ٿي؟ هي ته هاڻي دپلوميٽڪ دٻاءَ جو مقابلو به نه ٿا ڪري سگهن. هو مڪمل طور تي عوام کان ڪٽجي چڪا آهن. عوام سندن ڪنهن به پڪار جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. هي سياسي خلا ۾ جي رهيا آهن ۽ اها ڳالهه سڀني کي خبر آهي. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته هر پاڪستاني ان ڳالهه تي متفق آهي ۽ هوندو ته هي نظام فرسوده ٿي چڪو آهي. ان لاءِ مضبوط ۽ مستحڪم همت ۽ عزم گهرجي، پوءِ هي نظام ڊهي پوندو. مختصرن اهو چئجي ته هي حڪومت گهڻي مضبوط آهي ۽ طاقتور به آهي پر جيڪڏهن اسان (عوام) صحيح معنى ۾ وطن پرست آهيون ته هيءُ ظلم ۽ جبر وارو نظام گهڻو عرصو هلي نه سگهندو. اسان هن ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ واري نظام تي فتح حاصل ڪري وٺنداسين. جيڪو ڪجهه اسان اڄ ڪندي نظر نه ٿا اچون، ان مقصد جي شروعات جيڪڏهن اسان ڪري وٺون ٿا ته ان جي لاءِ ڀلي اسان کي ڪيتري به قيمت چڪائڻي پوي، اهو ڪم سرانجام ڏيڻ آسان ٿي پوندو. ۽ اڄ شروع ۾ جيترو سولو نظر اچي ٿو، ان کان به تمام سولو ٿي ويندو.
    پر خوشفهميءَ ۾ مبتلا رهڻ خطري کان خالي نه هوندو آهي. بهرحال ظلم ۽ جبر تي فتح حاصل ڪرڻ جي لاءِ اختيار ڪيا ويندڙ ذريعا اهي ئي رهندا ۽ ان جو طريقيڪار به اهو ئي رهندو. جيتسائين دليلن جو واسطو آهي ته اسان خوشفهميءَ ۾ گهٽ مبتلا رهنداسين.
    هاڻي ان ڳالهه کي وري وري ورجائڻ جي گهڻي ضرورت ناهي ته عوامي طاقت جو راز اتحاد ۽ سچائي سان عمل ڪرڻ آهي. اهو ئي اتحاد جو اڻٽٽ جزو آهي. بقا جي لاءِ اتحاد جو اظهار عمل سان ئي ٿيندو آهي.
    عمل ڪنهن جو؟ عوام جو. ان عوام جو جيڪو اتحاد جو خواهشمند آهي. عوامي ڪارروائي يا وڌ کان وڌ عوام جي ان ۾ شرڪت ئي اتحاد جو ٻيو نالو آهي ۽ ڪاميابيءَ جي اها ئي ڪنجي آهي.
    هاڻي طريقيڪار تي گهڻي گهرائي سان ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان جي شروعات ته عوام جي اتحاد جي ذريعي ٿي وئي. آخر ان ڪارروائي کي ڪيئن اڳتي وڌايو وڃي ۽ ان کي سگهه بخشي وڃي؟ اڄ جي سياسي جدوجهد عوام جي وڏي پيماني تي شرڪت جو ٻيو نالو آهي. ان لاءِ ڪهڙا ذريعا اختيار ڪيا وڃن ٿا، ان تي ڪو بحث ناهي.

    عوامي ڪارروائي
    جيستائين عوامي ڪارروائي جو تعلق آهي، ان جي متعلق ڪيئي سوال اٿي کڙا ٿيا آهن. جيڪڏهن مارشل لا کي سياسي سرگرمين کي روڪڻ جي لاءِ استعمال نه ٿو ڪيو وڃي ته ان جي ڪا به حيثيت ناهي. اخباري دنيا ۾ سياسي خبرن، سياسي ليڊرن جي چرپر جي خبرن ۽ ڊرائنگ رومن ۾ ٿيندڙ اجلاسن جي خبرن تي سخت سينسر هنيو وڃي ٿو. سياسي رهنمائن جي بيانن ۽ انٽرويوز کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو وڃي ٿو. دانشور طبقي جي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري احساس جي اظهار جي خلاف مارشل لا سيفٽي والي جو ڪم ڏئي ٿو. پر حقيقي طور تي ان جي ذريعي حقيقي سرگرمين تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي ٿي.
    جبر ۽ ڏاڍ واري هن صورتحال ۾ عام ماڻهو نه ته ڪٺي ٿي سگهن ٿا ۽ نه ڪو عام سياسي ڪارڪن يا ورڪر ڪنهن ننڍي وڏي جلسي کي خطاب ڪري سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ويهن ٽيهن ڪوڙن ۽ جيل جي چوديواريءَ پويان سڙڻ جو خوف کائي وڃي ٿو. عوام جلوس ڪڍي نه ٿو سگهي، ڪنهن موقعي تي جيڪڏهن ڪو اجتماع شروع ٿئي ٿو ته ان جي مظاهري يا مارچ جي شڪل اختيار ڪرڻ جو امڪان هوندو آهي. ان ڪري ان اجتماع کي زبردستي ختم ڪرايو وڃي ٿو. هٿياربند پوليس جا جٿا اسڪولن، ڪاليجن، رستن جي چوواٽن ۽ ناڪن تي مقرر ڪيا وڃن ٿا. اها هڪ نئين چال آهي ۽ کين وڌ کان وڌ طاقت جي استعمال جا حڪم ڏنا وڃن ٿا. ۽ جيڪڏهن اوچتو 500 کان وڌيڪ ماڻهن جو مظاهرو عملي صورت اختيار ڪري وڃي ٿو ته ان کي چالو رکڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي ۽ پوليس ۽ ٻيا ماڻهو چپ چاپ بيهي ڏسندا رهن ٿا. اخبارن، ريڊيو ۽ ٽي وي وغيره تي ان جي ڪا رپورٽ نه ٿي ڏني وڃي. ننڍن ننڍن جلسن کي وڏي بي رحميءَ سان چٿيو وڃي ٿو. ان جو مقصد اهو آهي ته عوام کي اها خبر نه پئجي سگهي ته ملڪ ۾ حڪومت جي ڪنٽرول کان ٻاهر مظاهرا ٿي رهيا آهن ۽ انهن کي طاقت سان ڪچليو پيو وڃي، جنهن سان جاني نقصان ٿي رهيو آهي.
    هيٺين ۽ وچولي سطح جي هزارين سياسي ڪارڪنن کي جيلن جي لوهي پنڃرن پويان بند ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن هو گهرن ۾ هوندا آهن يا ڪم ڌنڌي تي ويندا آهن ته سي آءِ اي ۽ پوليس سندن چرپر تي نظر رکندي آهي ۽ مسلسل خوفزده ڪندي آهي. سندن مقصد کين غير موثر ڪرڻ ۽ عوام کان کين الڳ ٿلڳ رکڻ آهي.
    اهو عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته قومي سطح تي سياسي ليڊرن ۾ هر طرح جون غلط فهميون ۽ انتشار پيدا ڪيو وڃي ٿو. ان مقصد جي لاءِ پئسو، مڪاري ۽ فراڊ جهڙا حربا وڏي پيماني تي استعمال ڪيا وڃن ٿا ۽ ضيا پاڻ انهن معاملن ۾ ڪارروائي ڪري ٿو. ان جا نام نهاد مخبر سياستدان عوام ۾ ڪجهه چون ٿا ۽ پنهنجي آقا کي پرائيويٽ طور ڪجهه ٻيو ٻڌائين ٿا. ان سان نه صرف سياستدانن ۾ انتشار پيدا ٿئي ٿو پر عوام تي به خراب اثر پوي ٿو.
    ان کان سواءِ سياستدانن ۾ اهڙو انتشار پيدا ٿي وڃي ٿو، جو هو سياسي فضا ۾ خرابيءَ جو باعث بڻجن ٿا ۽ عوام کان مڪمل طور ڪٽجي وڃن ٿا. انهن کي عوام جي ردعمل جو قطعن علم نه هوندو آهي. صرف خطن جي ذريعي يا سڌو سنئون بيانن يا اخبارن ۾ ٽوڙي مروڙي پيش ڪيل بيان ئي مواصلات جو اڪيلو ذريعو هجن ٿا. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته مارشل لا جي حڪومت پوءِ ان جو بنياد ڪيتري ئي عرصي جو ڇو نه هجي، پنهنجي ڪاميابيءَ ۽ قوت جو رخ پيش ڪندي آهي. پهريون اهو ته هنن وٽ هٿيار آهن، بندوقون ۽ گوليون آهن ۽ هو هر ڪنهن کي پنهنجي لانگ بوٽ سان ڪچلي سگهن ٿا. هي عوام کي پنهنجي صحيح ۽ معقول راءِ جي اظهار جي اجازت نه ٿا ڏين. هنن جي پنهنجي پروپيگنڊا هوندي آهي. جنهن جي صدا سڄي ملڪ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندي آهي. ٻيو ته عوام غير منظم آهي، ان ڪري هو پاڻ پنهنجي اکين سان پنهنجي بي اثر هجڻ جو تماشو ڏسي سگهن ٿا. مارشل لا سندن حوصلي شڪني ڪندي آهي. جلد ئي هو بي حس ٿي ويندا آهن. سياستدانن جي بيڪسي، لاچارگي، علحدگي ۽ تنهائي سان سندن نااميدي ۽ سياسي بي حسيءَ ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. سندن قوت عمل ختم ٿي ويندي آهي.
    ان هوندي به هيءَ ڪيفيت مستقل طور تي برقرار نه ٿي رهي ۽ جيڪڏهن اها ئي ڪيفيت هميشه برقرار هجي ته عوام آزاد نه هجي ۽ سياسي دنيا ظلم ۽ ستم جي چڪيءَ ۾ پيسجندي رهي. دنيا جي عوام اڄ جي پاڪستان کان وڌيڪ خطرناڪ ظلم، تشدد، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جون ٻانهون مروڙي ڇڏيون آهن. پاڪستاني عوام به اهڙو قدم کڻي سگهي ٿو ۽ کڻندو.
    ڇاڪاڻ؟
    اهو ڪو وڏو مسئلو ناهي، اهو ته جابر جي پنهنجي رويي تي منحصر آهي، ان جو ذڪر مان پهريان به ڪري چڪي آهيان.
    جيڪڏهن عوام وٽ تشدد جوڳا ذريعا استعمال ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه رهجي وڃي ته ڪو به هوش مند انسان ان تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهڻ جو مشورو نه ڏيندو. تشدد کان پاسو ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي. عوام مٿان فوج يا سي آءِ اي جي ذريعي ڪنهن آمرانه حڪومت طرفان ڏاڍ ۽ تشدد ڪرڻ جو هر وقت ڀوت سوار هوندو آهي. جيڪڏهن آمر حڪمران شروعاتي مرحلن ۾ ئي عوامي تحريڪ جي رهنمائن کي تشدد جوڳا قدم کڻڻ تي اڪسائين ته ان تشدد جي خاتمي لاءِ سندن ظلم ۽ ستم جي ڪا انتها نه هوندي. روائتي طاقت شڪن عنصرن کي ان تحريڪ کي ڪچلڻ جو موقعو ملي ويندو آهي ۽ تشدد دٻائڻ جي آڙ ۾ هو مختصر مدت ۾ وڌ کان وڌ ظلم ۽ ستم ڪرڻ جو موقعو هٿان نه وڃائيندا آهن. پوءِ ڇو نه عوام کي نقصان رسي ۽ جدوجهد ڊگهي ۽ شديد تر صورت اختيار ڪري وٺي. هڪ فاشسٽ حڪومت ۾ هڪ عوامي تحريڪ کي پرامن طور جاري رکڻ جي لاءِ عملي طور تي ذريعا اختيار ڪرڻ جو سوال اهم آهي. مسئلو اهو آهي ته هڪ آمر حڪومت جي خلاف هلايل مهذب ۽ شائسته سياسي تحريڪ کي ڪيئن جاري رکيو وڃي؟ ته جيئن ان سان ڪنهن کي ڪجهه چوڻ جو موقعو نه ملي سگهي. ان ڏس ۾ نه فقط مارچ ۽ ريليون منعقد ٿي سگهن ٿيون پر ديوارن تي نعرا لکي سگهجن ٿا ۽ عوام جي صحيحن واري مهم هلائي سگهجي ٿي. ان سان عوام جو ڌيان ڪوڙن ۽ رسمي سزائن طرف ڏياري سگهجي ٿو. پوليس طرفان پڇا ڳاڇا جي مرڪزن ۾ ٿيندڙ ظلم کان به عوام کي واقف ڪري سگهجي ٿو.
    اخر ان کان سواءِ ٻيو ڪهڙو چارو آهي؟

    گهرج
    ان سلسلي ۾ ٻن معاملن تي ڌيان ڏيڻ جي تڪڙي ضرورت آهي. پهريون اهو ته آزاديءَ جي تحريڪ هلائڻ ۽ جاري رکڻ جي لاءِ جيڪا به قيمت چڪائڻي پئي، چڪائي ويندي. ٻيو. جيڪڏهن ايم ايل آر ۽ ايم ايل او جهڙيون غير قانوني حرڪتون عمل ۾ آنديون وڃن ته ان صورت ۾ پرامن طريقي سان قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وڃي ۽ مظاهرا به جاري رکيا وڃن. جابر حڪومت کي ڳريون سزائون ڏيڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي. ان جو عملي پاسو اهو آهي ته پرامن طريقي سان مظاهرا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
    هاڻي هتي ليڊرن جي ڪردار جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي. سڀ کان پهريان سياسي طور تي سجاڳ عنصرن کي هڪ ڪري حرڪت ۾ آڻڻ ۽ منظم ڪرڻ جو ڪم اڳواڻن جو آهي. انهن عنصرن ۾ گهڻا سياسي ڪارڪن ٿي سگهن ٿا. بعد ۾ عوام کي شامل ڪرڻ جي ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي. انهن ڪارڪنن ۽ عوام کي اڳڀرائي ڪرڻ جي ترغيب ڏني وڃي.
    اهو ڪم مختلف مرحلن ۾ سرانجام ڏئي سگهجي ٿو. سڀ کان پهريان عوام جي سامهون ڪيفيت بيان ڪئي وڃي ۽ مڪاني صورتحال جي ڀيٽ ڪئي وڃي. اهڙي طرح پهريان عوام ۽ ڪارڪنن ۾ دلچسپي پيدا ڪئي وڃي، ان کان پوءِ ماڻهو ننڍين ننڍين ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪندا. هو مقررن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ وقت ڪڍندا. انهن سان ڳالهيون ٻولهيون ڪندا. هو انهن جي سرگرمين بابت عملدارن کي ڪا به رپورٽ نه ڏيندا. مطمئن ٿيڻ تي کين ڪجهه ڪرڻ لاءِ چيو وڃي، اهڙي طرح هو ٻيهر سرگرم ٿي ويندا ۽ ترقيءَ جي راهه تي هلڻ شروع ڪندا. هڪ ليڊر جي صلاحيت جو انحصار ان ڳالهه تي آهي ته هو فيصلي ڪن مرحلن لاءِ عوام کي ڪهڙي طرح متحرڪ ڪري پاڻ سان ملائي ٿو.

    مختلف چالون
    مختلف علائقن بابت مختلف چالون اپنائڻ جي سخت ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته مقامي آفيسر ظلم ۽ تشدد ڪرڻ جي معاملي ۾ الڳ الڳ مزاج رکندڙ هوندا آهن. ان ڪري تحريڪ جو مرڪزي ليڊر هر شهر، ڳوٺ يا علائقي ۾ ڪهڙيون چالون اختيار ڪيون وڃن، ان جا تفصيل بيان نه ٿو ڪري سگهي، پر ان لاءِ کيس پنهنجي ذهن کان ڪم وٺڻ گهرجي. هو گفتگو جو عام پهلو ۽ معمول جا رستا اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏئي سگهي ٿو.
    ذهن جي صفائي (برين واش) دنيا جو سڀ کان طاقتور ترين هٿيار آهي. ان تي تحريري پيغامن جي ذريعي عمل ڪيو ويندو آهي. مواصلات جا ٻه شروعاتي ۽ مؤثر ذريعا هوندا آهن. ان ۾ ليڊرن جي طرز عمل جون خبرون يا تقريرون يا نعرا يا حڪمرانن جي بدعنوانين کي وائکو ڪرڻ جا تحريري قدم کڻڻ شامل هوندا آهن. عوام کي پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي زبان ذريعي خبرون ڦهلائڻ ڏنيون وڃن. شهرن ۾ تعليم يافته عوام وٽ تحريري پيغام پهچائي سگهجن ٿا. اتي ڪيسٽ ۽ ويڊيو ڪيسٽ وغيره به ڪارائتا ثابت ٿي سگهن ٿا. ايران جو مثال سامهون آهي ته اتي ڪيسٽ ۽ ويڊيو ڪيسٽ جو استعمال ڪيترو ڪارائتو ثابت ٿيو. پاڪستان ۾ ڪيسٽ جو استعمال گهڻو وڌيڪ نه آهي. پر هڪ خانه بدوش ڪارڪن ٻهراڙي ۾ وڃي ڪيسٽ استعمال ڪري سگهي ٿو. ان سان گهڻا ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ زباني، تحريري يا ڪيسٽ جي ذريعي جيڪڏهن پرڪشش اعلان جاري ڪيا وڃن ته تحريڪ جلد شروع ٿي سگهي ٿي. پر فقط ڳالهه ٻڌي ڇڏڻ ڪافي ناهي، هر شهري ۽ جدوجهد لاءِ تيار امڪاني مجاهد جي لاءِ لازمي آهي ته هو خطن ۽ تحريرن جاري ڪرڻ جو هڪ سلسلو جاري رکي ۽ انهن کي هڪ ٻئي تائين پهچائيندو رهي. پر اها گهٽ ۾ گهٽ ڪارروائي صرف شروعاتي دور جي لاءِ ڪافي آهي. وڌيڪ ڪارروائي مقصد جي نوعيت جي مطابق سرانجام ڏني وڃي. اڳيون مرحلو مظاهرن تي ٻڌل هوندو آهي، ان ۾ وڌ کان وڌ عوام جو تعاون ۽ شرڪت ضروري هوندي آهي ۽ ان ۾ بيجا تشدد جوڳو رويو اپنائڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ مقامي اجتماعي ڪارروائي جي لاءِ مقامي مسئلن کي سامهون رکڻ ضروري هوندو آهي. انهن ۾ سياسي سوالن ۽ مطالبن کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويندو آهي، اهي ڳوٺ مقامي مجموعي ڪارروائي جا بي مثال مورچا هوندا آهن.
    جڏهن ان نوعيت جو ڪم شروع ٿي وڃي ته اسان کي اهي سڀ قدم کڻڻا پوندا. جيڪي ڪلاسيڪي انقلاب لاءِ پمفليٽ جاري ڪرڻ وارن ۽ روپوش پريس هڪ آمر حڪومت جي دور ۾ سرانجام ڏنا هيا. پاڪستان بنيادي طور تي ٽيڪنالاجيءَ جي اعتبار کان هڪ ترقي يافته سماج ناهي. ان ڪري غير قانوني طباعتي سهوليتن جو سلسلو محدود حد تائين برقرار رهندو، اجتماعي ڪارروائي جو اڻ کٽ سلسلو برقرار رکڻ جي لاءِ تحريري يا تقريري پيغامن جو سلسلو برقرار رهندو.
    انهن طريقن مان ڪيترن طريقن کي ته فقط ابتدائي حيثيت حاصل آهي، ان ڪري هڪ ڊگهو عرصو کپندو. جيڪڏهن هي ڪم هڪ سسٽم هيٺ انجام ڏنو ويو ته ان کي ڪجهه مهينن کان وڌيڪ عرصو نه لڳندو. ان کان پوءِ اسان ننڍي سطح جي ٻئي دور ۾ داخل ٿي سگهون ٿا. پر وڏن سياسي مظاهرن جي لاءِ هڪ ئي وقت تي ڪجهه سو ماڻهو ئي ڪافي ٿي سگهن ٿا. وڏن شهرن جي چوواٽن ۽ ناڪن تي اعلان ڪرڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. وڏن شهرن ۾ هڪ ئي وقت تي ڪيترائي مظاهرا مختلف حصن ۾ ٿي سگهن ٿا. پر خاص ڳالهه اها آهي ته اهي مظاهرا وقت بوقت ۽ برجستي انداز ۾ ٿيندا رهن. سي آءِ ڊي جي خوف کان سواءِ هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي مظاهرا ٿيندا رهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي.
    شروعاتي مرحلن ۾ ان ڳالهه جو احتياط ڪيو وڃي ته پوليس سان ٽڪراءَ جي امڪان کان وڌ کان وڌ پاسو ڪيو وڃي. ٻئي دور ۾ ان کي درگذر نه ڪيو وڃي ۽ جڏهن ٽڪراءُ پليگ جي مرض وانگر چنبڙي وڃي ته ان جو خيرمقدم نه ڪرڻ گهرجي. جڏهن ۽ جتي اهي ٽڪراءُ ٿين ته اسان کي گهرجي ته جاني نقصان گهٽ کان گهٽ ٿئي، معصوم عوام جو خون ايترو سستو ناهي، جو ان کي ناحق وهايو وڃي. اهڙي خونريزي کي ڏسي نه ته خوشي ٿئي ٿي ۽ نه ئي خواهش.
    ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هن ڊگهي جدوجهد جي پهرين مرحلي تي ئي اسان کي قيمت چڪائڻي پوندي. جيستائين ٻئي دور جو تعلق آهي، ان لاءِ وڌيڪ ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي. اسان جي قسمت ۾ وڌيڪ گرفتارين، وڌيڪ سزائن ۽ پڇا ڳاڇا وغيره جا ظلم لکيل آهن.
    مختصر مدت کان پوءِ جڏهن تحريڪ شروع ٿئي ٿي ۽ زور وٺي ٿي ته ان ۾ وڌ کان وڌ ماڻهو ملوث ٿي وڃن ٿا ۽ جهڪڻ جي بدران غم ۽ غصي جو اظهار پختي ارادي سان ڪندا آهن. شروعاتي مرحلن ۾ جيتوڻيڪ دهشت ننڍي پيماني تي هوندي آهي پر ان کي وسيع پيماني تي ڪچلي ڇڏڻ جو خطرو موجود رهندو آهي. ان سان مايوسي ۽ نااميدي کي سگهه ملندي آهي. اڳواڻن کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي.
    جيڪا تحريڪ اسان چاهيون ٿا، ان جي لاءِ ڪجهه بنيادي ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. هڪ اڳواڻ کي پيدا ٿيندڙ حالتن جو علم هجڻ گهرجي ته جيئن هو تحريڪ جي رهمنائي ڪري سگهي. جيڪڏهن ضرورت پوي ته ان جي لاءِ قيمت به چڪائي سگهي. هو عوام تائين موزون ۽ اهڙا پيغام پهچائي سگهي، جيڪي انهن ۾ علم ۽ عمل جو نئون جوش پيدا ڪري سگهن ۽ کين سڌي سادي تنظيمي ڍانچي جي قيام جو مشورو ڏئي سگهن. ان سان عوامي ڪارروائي جي وچ ۾ ڳانڍاپو پيدا ٿي سگهندو ۽ اڳواڻن ۽ عوام جي وچ ۾ ٻه رخو مواصلاتي سلسلو قائم ٿي ويندو. ان ۾ معلومات فراهم ڪرڻ جو سسٽم به شامل آهي. انهن واضح ضرورتن مان ڪنهن هڪ کي اهميت ڏيڻ مشڪل آهي. پر خاص اهميت تحريڪ جي متعلق معلومات ڪٺي ڪرڻ ۽ پرچار کي حاصل آهي.
    جيتوڻيڪ هيءُ هڪ ڊگهو سسٽم نظر اچي ٿو ۽ آهي به، پر ڪا به عوامي تحريڪ ان کان سواءِ هلائي نه ٿي سگهجي. نموني طور مقامي روايتن جو جائزو وٺڻو پوندو. پاڪستان ٻه تحريڪون ڏٺيون آهن، 69-1968ع جي تحريڪ ۽ 1977ع جي تحريڪ. برصغير ۾ سڀ تحريڪون مهاتما گانڌي جي تحريڪن کان بي حد متاثر هيون، ڇاڪاڻ جو گانڌي جي تحريڪن ۾ عوام جو وڏو تعداد شامل هيو. انهن تحريڪن ۾ مقامي حالتن جي مطابق اختيار ڪيل ٽيڪنڪون ۽ سڀ طريقا پراڻا هئا. پر ان جي باوجود پرڏيهه ۾ هلندڙ اختلاف، تحريڪن جي ٽيڪنڪ کان وڌيڪ موزون ٿي نه پيا سگهن. پر ٻيون ڳالهيون وڌيڪ صحيح ناهن.

    آخر تبديلي ڪهڙي آئي؟
    انهن تحريڪن سان هڪ فطري ۽ بنيادي تبديلي آئي. برطانوي حڪمرانن پنهنجن سامراجي مقصدن جي لاءِ اهڙو نظام قائم نه ڪيو هو، جنهن جي ڀيٽ هڪ آمرانه حڪومت واري نظام سان ڪئي وڃي. جيستائين پاڪستان جي ٻن تحريڪن جو تعلق آهي، ان حقيقت کي وساري نه ٿو سگهجي، جڏهن اسان کي اهو چيو وڃي ٿو ته سڄي ڪارروائي ڳجهن هٿن ذريعي پهريان کان ٿي رهي هئي. جنهن ۾ مقامي ۽ پرڏيهي هٿ ملوث هيا ۽ حڪومت شهري عوامي مطالبن تي مزاحمت ڪري رهي هئي ۽ ان تحريڪ کي آزادانه طور ڪچلڻ جي لاءِ پنهنجي پوليس ۽ سي آءِ ڊي جو کليل نموني استعمال ڪري رهي هئي. چون ٿا ته ان تحريڪ ۾ هٿياربند فوج جو استعمال به ڪيو ويو. پر اها ڳالهه واضح هئي ته هٿياربند فوج ايتري ڳري قيمت تي هڪ مخصوص حڪومت جو دفاع نه پئي ڪري سگهي.
    اڄ اسان هڪ ڳالهه واضح ڪري ڇڏيون ته موجوده نظام ۾ آفيسر ڪور جي ڪهڙي ذميواري آهي. اصل ۾ هيءَ هڪ فوجي ٽولي جي حڪومت آهي، جنهن ۾ سڀ يا گهڻا سينئر فوجي آفيسر شامل آهن. سياسي طور تي جيئن ته اسان ڏٺو آهي. فوج هن وقت سڀ کان وڌيڪ رعايت يافته طبقو آهي. هتي استحصال جو ذڪر نه ٿو ڪيو وڃي. ان فوجي ٽولي کي ٻين رعايت يافته جماعتن جو مڪمل تعاون حاصل آهي. مارشل لا جي ڊگهي عرصي کان نفاذ سان هڪ ڳالهه ته منظر عام تي آئي آهي ته سماجي ڍانچو ۽ ملڪي دولت جي ورهاست جو نظام رعايت يافته طبقي وٽ هوندو آهي ۽ اهو طبقو عوام کي لٽيندو آهي. ان جو وجود صرف آرميءَ جي جابر آمريت ۾ ئي برقرار رهي سگهي ٿو. ان ڪري رعايت يافته طبقو آرمي جي پٺي ٺپري رهيو آهي. ان ڪري هاڻي سازشون ۽ بغاوتون نه ٿيون ٿين. هي نظام سڀني رعايت يافته گروهن خاص ڪري هٿياربند فوج کي راس آيو آهي.
    ان ڪري فوجي نظام جي خلاف تحريڪ جي هٿياربند فوج طرفان سخت مزاحمت ٿيندي. آرمي شروعاتي مرحلي ۾ ئي هن تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اسان کي ان جي خلاف لوهه جي ديوار بڻجڻو پوندو.
    موجوده نظام کي فوج جي تعاون جو هڪ ٻيو سبب به آهي، پهرين دور ۾ ئي هن تحريڪ عوام جا ذهن پنهنجي طرف منتقل ڪري ڇڏيا ۽ ان کي آسانيءَ سان دٻائي نه ٿو سگهجي. فوجي ٽولو اسان جي هن تحريڪ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فيصلي جي صورت ۾ جنرل ضياءُ الحق کي اوچتو حڪومت کان الڳ ڪري ڇڏيندو. سندس جاءِ تي نئون جرنيل آندو ويندو. هن تحريڪ کي جيڪڏهن ختم ڪرڻ جي نه ته عوام جو ڌيان هٽائڻ جي لاءِ حڪومت ڪنهن ٻئي شخص کي سونپي ويندي. اها سندن ڪريل چال هوندي. اسان ان قسم جي چال کي هڪدم رد ڪيون ٿا. اسان کي ته هميشه ان ڳالهه تي زور ڏيڻ گهرجي ته اسان فوجي نظام جو خاتمو چاهيون ٿا ۽ ان کي پاڙئون پٽي اڇلڻ گهرون ٿا. آمرن جون حمايت يافته سياسي تنظيمون ۽ آئيني طور تي هي نظام ڊاهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هي سڄو نظام استحصال پسند آهي ۽ عوام تي ظلم ۽ ستم ڪري ٿو.
    ان مقصد جي خاطر سڀني مفاد پرست جماعتن جي سربراهي ڪندڙ هٿياربند فوج هاڻي هن تحريڪ کي بيدرديءَ سان ڪچلڻ تي سندرو ٻڌي بيٺي آهي. هو وڌ کان وڌ طاقت، مڪاريءَ وارن طريقن ۽ ڪوڙ ۽ دوکي جو سهارو وٺي رهي آهي. هيءَ لڙائي ڊگهي ۽ خونريز ٿي سگهي ٿي. ان ۾ ڪيتري مدت لڳندي ۽ ڪيترن ماڻهن جو ناحق خون ظالمن ۽ جابرن جي جهوليءَ ۾ پوندو، ان متعلق ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي.
    اچو ته اسان هڪ ڊگهي ۽ خوني جدوجهد لاءِ تيار ٿي وڃون. جيتوڻيڪ ان جو بنياد اڃا تائين اسان کي سولو نظر اچي رهيو آهي. پاڪستان آرميءَ جا حوصلا هارايل آهن. ان کي ڏسي سگهڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ جو شاهه ايران وٽ ايراني هٿياربند فوج اهڙو ئي سلوڪ ڪري رهي آهي. جيتوڻيڪ اها فوج به هن فوج جهڙو رعايت يافته طبقو آهي. ممڪن آهي مزاحمت عوام سان ٿئي، ڪجهه شروعاتي شديد ۽ سفاڪانه مقابلن کان پوءِ يا ته تحريڪ ختم ٿي وڃي يا عوام ان جو موزون جواب ڏيندو. ان وقت اها عوام جي هڪ صحيح مزاحمتي طاقت هوندي. جيڪا آخرڪار سوڀاري ٿي ويندي. ڪجهه اهڙن مقابلن کان پوءِ هٿياربند فوج جا منحرف طبقا بغاوت تي آماده ٿي ويندا. پر اهو اندازو لڳائڻ لا حاصل آهي ته آرمي ڪجهه مخصوص حالتن ۾ ڪهڙو رويو اختيار ڪندي. ترقي پسند سياسي عنصرن جي عملي نقطي نظر سان اهو محسوس ڪرڻ اهم آهي ته آرمي لڳاتار سخت مزاحمت ڪندي. ان کي سوڀارو ٿيڻو آهي. هڪ جابر طاقت جو مقابلو دليريءَ ۽ بهتر طاقت سان ڪرڻو پوندو. ان جدوجهد جو ثمر ان ڳالهه ۾ ئي لڪل آهي. هن موقعي تي هڪ مثالي تحريڪ جي قيام جو سوال به موزون رهندو. برصغير جي روايتي طرز موجب عوام جي فتح اڻ ٽر آهي پر پاڪستاني فوج جو هڪ نمايان پهلو اهو آهي ته هوءَ سياسي اسٽيج تي وڏن وڏن ايڪٽرن مان هڪ بڻجي وئي آهي. ۽ ناموزون پراڻين ٽيڪنڪن تي عمل ڪري رهي آهي. اسان کي پنهنجي تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ خاص عدم تشدد جي آئيني يا نيم آئيني طريقن کي اپنائڻو پوندو. جيتوڻيڪ تحريڪ جي مڙني سطحن تي تشدد جي تلخ ذريعن کي به منهن ڏيڻو پوندو.
    ڇاڪاڻ ته حڪومت هن تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ فاشسٽ طريقا وڏي پيماني تي اختيار ڪري رهي آهي، ان ڪري اسان کي 1940ع جي يورپ وارن اينٽي فاشسٽ طريقن تي نظر وجهڻي پوندي. مقبوضا فرانس جي ماڪوس ۾ ڪيل تجربا ۽ مشقون اسان کي خوب راس اينديون. ڇاڪاڻ ته اسان به هڪ بدنام جابر جي چنبن ۾ ڦاٿل آهيون. مختصر طور تي ته پهرين مرحلي ۾ تنظيمي عنصر تي گهٽ ڌيان ڏنو ويندو، پر تحريڪ سرگرم ماڻهن ۽ پيغامن ۽ وڌ کان وڌ نشر و اشاعت تي ٻڌل هوندي. پر جڏهن هي تحريڪ ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيندي ته ان جي لاءِ وڌيڪ سگهارا قدم کڻڻا پوندا. اهي ڪارروائيون عوام جي وڌ کان وڌ شرڪت جي ذريعي عمل ۾ اينديون ۽ اهڙي طرح نسبتن هڪ معقول تنظيم جو عمل وجود ۾ ايندو. ان جو قيام هڪ تحريڪ تي ٻڌل ڪاررواين جي ذريعي عمل ۾ ايندو. هي سرگرم ڪارڪنن منجهه رابطن جو هڪ ٻيو ذريعو آهي. نئين مثالي تحريڪ يورپ جي اينٽي فاشسٽ جي مزاحمتي تحريڪن مان سبق پرائي اسان جي حالتن جي مطابق هلائي ويندي. خاص طور تي هڪ عملي پروگرام هيٺين نقطن هيٺ هلايو ويندو:
    • ان تحريڪ جو مقصد عوام جي مقامي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ ۽ کين فلاح ۽ بهبود جون معمولي سهوليتون فراهم ڪرڻ لاءِ متحرڪ ڪرڻ آهي. ان سلسلي ۾ حڪومت جي ادارن کي ڌيان ڏيڻو پوندو. انهن ۾ مقامي ادارن جا چونڊيل ميمبر ۽ نام نهاد مصالحتي عدالتن جي ميمبر، زڪوات ڪاميٽين جا ميمبر، ميونسپل ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسلن جا ميمبر يا عهديدار ۽ مرڪزي يا صوبائي مشاورتي ڪائونسلن جا ميمبر شامل هوندا. شڪايتن جو ازالو ڪرڻ جي لاءِ مظاهرن جي ذريعي عوامي دٻاءُ وڌو ويندو ۽ اهڙي طرح سندن شڪايتون ختم ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. ڪچين آبادين ۾ رهندڙ غريب عوام جي مقامي مسئلن حل ڪرڻ تي به زور ڏنو ويندو. کين بنيادي سهوليتون مثلن صحت جي حفاظت، رهڻ جي لاءِ گهر، گڏيل باٿ روم ۽ جهوپڙين ۾ نه ته سندن علائقن ۾ بجلي ۽ پاڻي جي سهوليتن جي فراهميءَ تي زور ڏنو ويندو. هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو 25 کان 30 ماڻهن تي مشتمل اهڙا مظاهرا ڪرايا وڃن.
    ان ڪم جي لاءِ مقامي ورڪرن جي هڪ ننڍي ڪاميٽي ٺاهڻ جي ضرورت پوندي. ان ڪاميٽيءَ ۾ چار، پنج ماڻهو هوندا ۽ انهن سان گڏ صرف هڪ عهديدار هوندو. اهو عهديدار ڪاميٽيءَ جو ڪنوينر يا سيڪريٽري هوندو.
    • ٻيو نشانو پوليس ۽ سماجي معاملا نبيرڻ وارن سرڪاري اهلڪارن جي بدعنوانين ۽ ظلمن کي وائکو ڪرڻ جو هوندو. انهن آفيسرن ۾ سوشل سڪيورٽي مزدور يا زڪوات تنظيم جا آفيسر شامل آهن. غريب ترين طبقي کي خوراڪ ۽ روزگار جي فراهميءَ تي زور ڏنو ويندو. زڪوات ڪاميٽي ۽ پوليس جي کاتي ۾ رشوت خور ۽ زيادتيون ڪندڙ ڏوهارين جو پتو لڳايو ويندو. ۽ 20 کان 30 ڪارڪن مظاهرو ڪري انهن جي حرڪتن کي وائکو ڪندا. اهڙن مظاهرن جي لاءِ ڪو خاص وقت مقرر ناهي، پر هر قابل عمل موقعي تي غريب ترين طبقن کي ڪٺي ڪري مظاهرا ڪرايا ويندا ۽ مقامي آفيسرن جي سامهون غم ۽ غصي جو اظهار ڪرايو ويندو.
    انهن ورڪرن جي ڪاميٽين جا ڪنوينر ۽ سيڪريٽري ڳوٺاڻي يا شهري ڪاميٽي مقرر ڪندي. ڪراچي يا لاهور جهڙن شهرن ۾ وارڊ ۽ زونل ڪاميٽيون قائم ڪيون وينديون. انهن سان وڌيڪ رابطي جي لاءِ ٻيون ڪاميٽيون قائم ڪيون وينديون.
    • عوام جو وسيع پيماني تي تعاون حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر جمعي تي مسجدن ۾ ٿيندڙ اجتماعن مان فائدو وٺڻ ضروري آهي. انهن اجتماعن جو بندوبست اهي مزدور ڪاميٽيون ڪنديون ته جيئن هو وڌ کان وڌ پنهنجا حامي ۽ همدرد حاصل ڪري سگهن ۽ علائقي جي عوام جي بنيادي مسئلن تي ڌيان ڏنو وڃي. جهوپڙين ۽ ريلوي پٽڙين جي ڀر ۾ رهندڙ عوام جا مسئلا سامهون آندا ويندا. هر جمعي تي مسجدن ۾ اجتماعن جي ذريعي شائستگيءَ سان مطالبا منظر عام تي آندا ويندا. اهڙن گروپن يا ڪاميٽين جي رهنمائي ڪئي ويندي. جيڪي ملان غير واسطيدار مسئلن تي تقرير بازي ڪن ٿا انهن جي خلاف احتجاج جو آواز بلند ڪيو ويندو. کين مجبور ڪيو ويندو ته هو شريعت جي روشنيءَ ۾ مخصوص علائقن جي بنيادي مسئلن کي منظر عام تي آڻين. انهن مظاهرن جو خاص مقصد اهو ئي هوندو. اهڙي طرح ساڄي ڌر جي رجعت پرست ملن جي ڪارن ڪرتوتن ۽ سندن بنياد جو ڀانڊو ڦاڙيو ويندو.
    ان ۾ ۽ اهڙين ٻين سرگرمين ۾ ڪاميٽي جي هر ميمبر کي 3 يا 4 سرگرم حامي ۽ همدرد ڀرٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو وقت اچڻ تي خود سرگرم ڪارڪن بڻجي وڃن. ڪاميٽيءَ جي ميمبرشپ هر ايري غيري نٿو خيري جي لاءِ کليل نه هوندي ۽ نه ئي کين هڪدم ڀرتي ڪيو ويندو. جيڪڏهن ڪو به خيرخواهه يا همدرد ڪجهه سرگرمين ۾ باقاعدي شرڪت ڪري ٿو ته ان ڪاميٽيءَ جو اڻ ملهيو ڪارڪن تصور ڪيو ويندو. هر هڪ عام ڪارڪن جيڪو ٻن کان وڌيڪ مظاهرن ۾ حصو وٺي ٿو، ڪاميٽيءَ جو حقيقي ميمبر بڻجي ويندو. جيڪڏهن ڪاميٽي گهڻي وڌي وڃي ته هڪ مخصوص گروپ بنائڻ جي لاءِ خاص ڪاميٽين جي لاءِ خاص سب ڪاميٽيون بڻايون وڃن.
    • شروعات ۾ هر ڳوٺاڻي يا شهري ڪاميٽيءَ کي هڪ مظاهري جو بندوبست ڪرڻو پوندو. ان ۾ هر مهيني چار کان پنج هزار ماڻهو شرڪت ڪندا. ان ۾ فقط اهي ئي ماڻهو شرڪت ڪندا، جيڪي مقامي مظاهرن ۾ اڳ ئي شرڪت ڪري چڪا آهن. اهو ضروري آهي ته اسان جا سرگرم ڪارڪن هڪ مظاهري جي لاءِ ڪٺي ڪيل عوام کي نظرانداز نه ڪن. اهي چند هزار ماڻهو هڪ هجوم ناهن پر هڪ وڏو تعداد آهن. جيڪو صحيح معنى ۾ هڪ موثر مظاهري جي رهنمائي ڪري سگهي ٿو.
    • پهرين دور واري هڪ خاص سرگرميءَ کي تيز ڪيو وڃي. ان سرگرميءَ هيٺ ديوارن کي اردو ۽ ٻين علائقائي زبانن سان نعرن ذريعي ڀريو وڃي. پارٽين ۾ ڪاميٽيءَ جي ميمبرن کي اهو ڪم ٻن ٽن راتين ۾ مڪمل ڪرڻ گهرجي. ان هيٺ کين موٽا قلم يا سستا پينٽ برش استعمال ڪرڻ گهرجن. هر ميمبر کي هفتي ۾ ٻه راتيون ان ڪم لاءِ وقف ڪرڻ گهرجن. اهو ڪم مڙني ڀتين تي تيزيءَ سان نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو حڪومت انهن نعرن کي ڊاهي ڇڏيندي. هڪ شخص کي پوليس يا ان جي ٻين ساٿين کي ڏسڻ گهرجي. ته جيئن ڪم جاري رهڻ جي صورت ۾ هو کين پوليس جي آمد کان واقف ڪري سگهي.
    • شروع ۾ مرڪزي سطح تي مظاهرا مهيني ۾ هڪ ڀيرو ٿيڻ گهرجن ۽ ان ڳالهه جو احتياط ڪرڻ گهرجي ته ڪم وڏي تيزيءَ سان ٿيڻ گهرجي. اسان جي اها ڪوشش هجڻ گهرجي ته اسان جا گهٽ ۾ گهٽ ڪارڪن گرفتار ٿين. ان مقصد جي لاءِ نعرن جي رفتار نه پر اصول ۽ قول هجڻ گهرجي. مظاهرن جو ڏينهن، وقت ۽ هنڌ علائقائي زبان ۾ اطلاعاتي اشتهارن، ننڍن ڳوٺن، ديوارن تي پينتنگ کان سواءِ عوام کي الڳ الڳ معلومات فراهم ڪرڻ گهرجي.
    مظاهرا وڏي تيزيءَ سان ۽ زور شور سان منظم ڪرڻ گهرجن ۽ انهن ۾ وڌ کان وڌ شرڪت هجڻ گهرجي. وڌ کان وڌ تاثر پيدا ڪرڻ جي لاءِ اهي مظاهرا بازارن، چوواٽن تي منعقد ڪيا وڃن. جڏهن پوليس ۽ سڪيورٽي جا ماڻهو اچن ته انهن کي پهريان نظرانداز ڪرڻ گهرجي ۽ جڏهن هو شروعاتي طاقت استعمال ڪرڻ شروع ڪن ته ڪارڪنن کي لڪي وڃڻ گهرجي. يعني جڏهن ماڻهو نعرا هڻي رهيا هجن ته انهن جي ميڙ ۾ ملي وڃڻ گهرجي.
    خاص نڪتو اهو آهي ته پاڻ کي تشدد جو نشانو بنائڻ يا گرفتاري جي لاءِ پيش ڪرڻ سان ڪجهه حاصل نه ٿيندو. ڪوشش تيزيءَ سان غائب ٿي وڃڻ جي ڪرڻ گهرجي.
    • انهن مڙني سرگرمين، خاص طور تي مظاهرن جي سرگرمين کان عوام کي روشناس ڪرائڻ جي سخت ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ خبرن جي نشر و اشاعت جو ڪم تيزيءَ سان ڪرڻ گهرجي. اهو ڪم اشتهارن، جي ضرورت پوي ته هٿ سان اشتهار لکيا وڃن. انهن کي سائيڪلو اسٽائيل ڪيو وڃي. انهن کي شايع ڪرايو وڃي. انهن جون فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون ورهايون وڃن. ان کان سواءِ زباني طرح به اطلاع ڏنو وڃي. ننڍين ننڍين پريس جو پتو لڳائي انهن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي، پر احتياط ضروري آهي، ڇاڪاڻ جو انهن تي هميشه نظر رکي ويندي آهي، غير ملڪي خط و ڪتابت جو سلسلو به جاري رهڻ گهرجي ۽ جيستائين ممڪن ٿي سگهي، غير ملڪين کي تازه ترين واقعن کان روشناس ڪرايو وڃي.
    • ڪجهه تجربي کان پوءِ اڳڀرائي ڪندڙ هڪ دستي کي معمول جي سرڪاري تقريبن ادبي، ۽ تهذيبي ميڙاڪن، مذهبي تقريبن ۽ ميلن ملاکڙن ۾ خاص مظاهرن جو بندوبست ڪرڻ گهرجي، جتي عوام وڏي انگ ۾ شريڪ هوندو آهي، اتي معقول نوعيت جا سوال پڇڻ گهرجن. اختلاف راءِ جو اظهار ڪرڻ گهرجي ۽ متبادل نقطي نظر پيش ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ نعرا به شامل هجن.
    • صنعتي مزدورن، شاگردن، استادن، وڪيلن، صحافين وغيره ۽ نمايان پيشيور ادارن ۾ نقل و حرڪت تيز ڪرڻ گهرجي ۽ اتي سرگرميون جاري رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. انهن ۾ گهڻا ماڻهو ڏکي زندگي گذاريندا آهن ۽ هم خيال به هوندا آهن. ان ڪري انهن ۾ نئون روح ڦوڪڻ جي ضرورت هوندي آهي، جنهن سان هو سرگرم ڪارڪن بڻجي سگهن ٿا.
    • وسيع ترين نشر و اشاعت جي ڏس ۾ ڪتابن ۽ پمفليٽن وغيره جي تخليق ۽ تحرير ۽ موزون ڪيسٽون تيار ڪرڻ جي لاءِ مرڪزي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ گهرجن.
    نشر و اشاعت جي لاءِ پرڪشش نعرا تيار ڪيا وڃن. انهن ۾ لطيفا به گهڙڻ ضروري آهن.
    حقيقي مظاهرن جي ٽئين مرحلي تي اهڙي طرح پهچي سگهجي ٿو. انهن سرگرمين هيٺ شهرن ۾ ڪم ڪار ٺپ ڪرڻ ۽ سرڪاري سرگرمي کي مفلوج ڪرڻ جا قدم به شامل آهن.
    • ان لاءِ وڏي پيماني تي گرفتاريون ٿينديون ۽ خطرناڪ سزائن جو به امڪان آهي. گرفتاري تي سخت نعري بازي ۽ خبرون ۽ افواهه ڦهلائڻ گهرجن، پوليس يا سڪيورٽي جي هر آفيسر جي بدسلوڪيءَ يا مهم جي خلاف مظاهرا ڪيا وڃن. مظاهرا ظلم ۽ ستم جو شڪار يا گرفتار ٿيلن جي عزيزن ۽ دوستن کي ڪرڻ گهرجن.
    • باقي ٽيون مرحلو فيصلي ڪن هوندو. ان جي لاءِ ڪو طئه ٿيل فارمولو ناهي ته ان جي رهنمائي ڪيئن ڪئي وڃي. مون کي اميد آهي ته تحريڪ جي مرڪزي رهنمائن جو ڪردار نازڪ هوندو. ان ۾ ايم آر ڊي ۾ شريڪ اٺ پارٽيون نه هونديون. پهرين ۽ ٻئي مرحلي ۾ ٻن شين ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ضروري آهي. پهريون اهو ته عظيم عوامي ڪارروائي سان واقعا هڪ صورت اختيار ڪندا.
    ٻيو هن نقل ۽ حرڪت مان فائدو وٺندي مڪمل نئين ليڊرشپ ان تحريڪ جي ذريعي ئي حاصل ٿيندي.
    ان لمحي ۾ يا ڪو ٻيو ان ڪارروائي جو خلاصو پيش ڪري نه ٿو سگهجي. البت ڪم جي نوعيت ايئن آهي.
    باقاعدي عوامي ڪارروائي جي نقل ۽ حرڪت
    هڪ منظم طريقي جي مطابق آرگنائيزيشن جي تشڪيل
    ليڊرشپ جي جدوجهد جي ذريعي تشڪيل
    طريقيڪار حقيقي معنى ۾ اثر جوڳو هجڻ گهرجي.

    


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 870
    ڪتابن جو مشاهدو: 2450986
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 627222
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ