ڪتاب جو نالو: پيهي پروڙيوم
مصنف: احسان دانش
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 19 مارچ 2020 ع
پڙهيو ويو: 723 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 175 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر احسان دانش جديد سنڌي شاعريءَ جو ڀرپور نموني فني ۽ فڪري ڇيد ڪيو آهي ۽ هن ڪتاب ۾ شامل ٽن مختلف دورن جي 13 چونڊ ڪوتاڪارن جي ڪوتائن تي هڪ نقاد ۽ بهترين پڙهندڙ جي حيثيت سان پنهنجي ذاتي پسند ناپسند کي پرڀرو رکي وت آهر نڀائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. ان ۾ هو ڪيترو ڪامياب ويو آهي، اهو سڀ پڙهندڙ جي ذهني ائپروچ تي منحصر آهي، بهرحال ان ۾ڪوبه شڪ ناهي ته احسان جي قلم جي جنبش، سوچن جو وسيع ڦهلاءُ، مطالعاتي ۽ مشاهداتي اڏام توڙي احساساتي پيشڪش جي ڪماليت پڻ منفرد ۽ گهڻن کان ممتاز آهي ۽ يقينن سندس اڳ آيل ڪتابن جيان هيءَ تصنيف ”پيهي پروڙيم“ پڻ سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والاري پڙهندڙن لاءِ لاڀائتي سوکڙي ثابت ٿيندي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • سٽاءُ
  • پبلشر نوٽ
  • مهاڳ - تنقيد، تخليق کي نئون روح ۽ رنگ بخشي ٿي
  • مقدمو : تنقيد جا معيار ۽ جديد شاعري
  • شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ موسيقيت
  • استاد بخاري جي شاعريءَ ۾ سماجي، انقلابي ۽ مزاحمتي شعور
  • تنوير عباسي جي شاعري جا دور (هڪ تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو)
  • انور پيرزادي جي شاعري
  • ادل سومري جي شاعريءَ جا رنگ
  • اياز گل : سنڌي شاعريءَ کي نئون لهجو ڏيندڙ شاعر
  • سعيد ميمڻ جي ڪتابَ ”ازل جو آڏاڻو” جو تنقيدي اڀياس
  • روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي پرک
  • اياز جاني جي شاعريءَ جي ڪٿَ
  • جواد جعفري جي شاعريءَ جو مطالعو
  • شبير هاليپوٽو ۽ سندس شاعري
  • شهمير سومري جي غزلن جو اڀياس
  • گوهر شيخ جي شاعريءَ جي پروڙ
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب نمبر 98

    ڪتاب جو نالو: پيهي پروڙيوم
    موضوع: تنقيد
    ليکڪ: ڊاڪٽر احسان دانش
    ڇاپو پهريون: ڊسمبر 2017ع
    ڪمپوزنگ: شاهزيب ميمڻ
    ٽائيٽل: ا. د
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966

    مُلهه: 300

    ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com


    PEHI PAROORYOOM
    (Criticism)
    Writer: Dr. Ahsan Danish
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966


    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.


    ارپنا

    سنڌي ٻوليءَ جي ناميارن عالمن
    پنهنجن مهربان ۽ محسن استادن
    ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيو
    ۽
    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    جي نالي

    ڊاڪٽر احسان دانش


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پيھي پروڙيوم“ اوهان اڳيان پيش آهي. جديد سنڌي شاعريءَ تي لکيل تنقيدي ۽ تحقيقي مقالن جي مجموعي جو ليکڪ ڊاڪٽر احسان دانش آھي.
    ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر احسان دانش جديد سنڌي شاعريءَ جو ڀرپور نموني فني ۽ فڪري ڇيد ڪيو آهي ۽ هن ڪتاب ۾ شامل ٽن مختلف دورن جي 13 چونڊ ڪوتاڪارن جي ڪوتائن تي هڪ نقاد ۽ بهترين پڙهندڙ جي حيثيت سان پنهنجي ذاتي پسند ناپسند کي پرڀرو رکي وت آهر نڀائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. ان ۾ هو ڪيترو ڪامياب ويو آهي، اهو سڀ پڙهندڙ جي ذهني ائپروچ تي منحصر آهي، بهرحال ان ۾ڪوبه شڪ ناهي ته احسان جي قلم جي جنبش، سوچن جو وسيع ڦهلاءُ، مطالعاتي ۽ مشاهداتي اڏام توڙي احساساتي پيشڪش جي ڪماليت پڻ منفرد ۽ گهڻن کان ممتاز آهي ۽ يقينن سندس اڳ آيل ڪتابن جيان هيءَ تصنيف ”پيهي پروڙيم“ پڻ سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والاري پڙهندڙن لاءِ لاڀائتي سوکڙي ثابت ٿيندي.
    هي ڪتاب 2017ع ۾ سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ پياري ساجد سنڌيءَ جا جنھن ڪتاب موڪليو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    سٽاءُ

    سٽاءُ

    • پبلشر نوٽ 07
    • تنقيد، تخليق کي نئون روح ۽ رنگ بخشي ٿي 09
    (مهاڳ) ڊاڪٽر فياض لطيف
    • تنقيد جا معيار ۽ جديد شاعري (مقدمو) ڊاڪٽر احسان دانش 34
    • شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ موسيقيت 60
    • استاد بخاري جي شاعريءَ ۾ سماجي، انقلابي ۽ مزاحمتي شعور 95
    • تنوير عباسي جي شاعري جا دور (هڪ تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو) 123
    • انور پيرزادي جي شاعري 154
    • ادل سومري جي شاعريءَ جا رنگ 160
    • اياز گل سنڌي شاعريءَ کي نئون لهجو ڏيندڙ شاعر 179
    • سعيد ميمڻ جي ڪتاب “ازل جو آڏاڻو” جو تنقيدي اڀياس 188
    • روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي پرک 204
    • اياز جاني جي شاعريءَ جي ڪٿَ 225
    • جواد جعفري جي شاعريءَ جو مطالعو 242
    • شبير هاليپوٽو ۽ سندس شاعري 257
    • شهمير سومري جي غزلن جو اڀياس 269
    • گوهر شيخ جي شاعريءَ جي پروڙ 283


    پبلشر نوٽ

    پبلشر نوٽ

    جيئن عميق سمنڊ ۾ چمڪندڙ موتين جي پرک پروڙڻ جو راز جوهريءَ جي ڪمال نظريءَ سان ئي ڳڱاٽيل آهي، ايئن ئي جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ٿيندڙ وقت بوقت تجربن کي مڙني روايتي لوازمات کي لتاڙي جدت، ارتقا يا نئين ڪويتا سميت مختلف نالا ۽ شڪليون ڏنيون ويون آهن.هونئن ته انهن تي طبع آزمائي ڪندڙن جو ڳاڻيٽو ڳڻپ کان ٻاهر آهي پر فني ۽ فڪري حوالي سان پاڻ مڃائيندڙ ڪافي ڪوتاڪارن جي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ ڊاڪٽر احسان دانش پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ آڌار مختلف پهلوئن جي ڇنڊڇاڻ ڪندي پنهنجي حصي جو ڪم نهايت خلوص دل ۽ سچائيءَ سان اسان آڏو نمودار ڪندو رهيو آهي، جن مان جديد سنڌي شاعريءَ جي تنقيدي اڀياس جي هن ڪتاب ”پيهي پروڙيم“ ۾ في الحال فقط تيرنهن جديد سنڌي شاعرن جي قلمي ۽ علمي پورهئي کي هڪ جوهريءَ جي اک سان پڙهڻ ۽ پرکڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو ويو آهي.
    هڪ ادبي گهراڻي سان واڳيل ڊاڪٽر احسان دانش جي ادبي ۽ علمي قد ڪاٺ کان ڪنهن به طرح انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، اهوئي سبب آهي جو سندس ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس سنڌ جي نوبل انعام شاهه لطيف ايوارڊ سميت ڪيترن ئي مڃتا ايوارڊ ن سان نوازيو ويو آهي، گهڻ رخي شخصيت ۽ محبوب سڀاءَ جي مالڪ ڊاڪٽر احسان دانش جتي علمي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي، اتي ادبي صنفن خاص طور تحقيق، تنقيد، ڪالمن،ڪهاڻين توڙي شاعريءَ ۾ پنهنجي ڏاهپ ۽ قابليت سان ڳوڙهي مطالعي ۽ مشاهدي آڌار داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جي اپٽار ڪندي اکين ۾ صدين جا خواب اُڻڻ کان عاري نظر نه ٿو اچي. ڀرپور محبتي موٽ بدلي مرڪون آڇيندڙ هن سچيت سرجڻهار جي هر لکڻي ۾ محبتي مايا جو موهه پر سحر ۽ پر اثر لفظن جي جهرمٽ بند ذهنن جو ڪڙو کڙڪائڻ لاءِ ڪافي آهي، بس رڳو ڪن لاٽار کان ٽارو ڪندي ڪشادي دل رکڻ واري دعويٰ تي براقرار رهڻ لازم آهي.
    ڊاڪٽر احسان دانش هن ادبي پورهئي ۾ پڻ اکين جو نور نچوڙي جديد سنڌي شاعريءَ جو ڀرپور نموني فني ۽ فڪري ڇيد ڪيو آهي ۽ هن ڪتاب ۾ شامل ٽن مختلف دورن جي چونڊڪوتاڪارن جي ڪوتائن تي هڪ نقاد ۽ بهترين پڙهندڙ جي حيثيت سان ڊاڪٽر احسان دانش پنهنجي ذاتي پسند ناپسند کي پرڀرو رکي وت آهر نڀائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، ان ۾ هو ڪيترو ڪامياب ويو آهي، اهو سڀ پڙهندڙ جي ذهني ائپروچ تي منحصر آهي، بهرحال ان ۾ڪوبه شڪ ناهي ته احسان جي قلم جي جنبش، سوچن جو وسيع ڦهلاءُ، مطالعاتي ۽ مشاهداتي اڏام توڙي احساساتي پيشڪش جي ڪماليت پڻ منفرد ۽ گهڻن کان ممتاز آهي ۽ يقينن سندس اڳ آيل ڪتابن جيان هيءَ تصنيف “ پيهي پروڙيم” پڻ سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والاري پڙهندڙن لاءِ لاڀائتي سوکڙي ثابت ٿيندي. اميد ته لطيفي راهه جو هي راهي ساڳئي نموني روحاني رمزن کي سرير ۾ سموئي اسان آڏو تخليقي عمل آڌار نت نوان باب قملبند ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻيندو رهندو. سمبارا پبليڪيشن پاران ڊاڪٽر احسان دانش جي هن ادبي ولوڙ کي اوهان آڏو آڻيندي ساڳي محبتي موٽ جا منتظر آهيون.


    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
    03003513966


    مهاڳ - تنقيد، تخليق کي نئون روح ۽ رنگ بخشي ٿي

    تخليق ۽ تنقيد جو رشتو انتهائي گهرو ۽ اَٽوٽ آهي. ڪا به تخليق معرضِ وجود ۾ تڏهن اچي ٿي، جڏهن اها تنقيد جي مختلف مرحلن مان گذري ٿي. تنقيدي شعور کان سواءِ معياري ۽ شاهڪار تخليق جو جنم ممڪن نه آهي.
    “The art of criticism consists in knowing how to read an author judiciously and to teach others to read him in the same way” (H.M.C: p: 292).
    (تنقيد جو فن اسان کي مصنف جي منصفانه ڪٿ جو ڏانءُ سيکارڻ سان گڏ اها سگهه پڻ عطا ڪري ٿو ته، اسان ٻين کي اهو سيکاري سگهون ته، اهي ليکڪ کي ساڳيءَ ريت پڙهي سگهن.)
    دراصل ‘تنقيد’ عربي ٻوليءَ جي لفظ ‘نَقَدَ’ مان نڪتل آهي، “جنهن جي لغوي معنى پرکڻ يا کري کوٽي جو فرق معلوم ڪرڻ آهي. انگريزيءَ ۾ تنقيد کي (Criticism) چيو ويندو آهي، جنهن جي به لڳ ڀڳ ساڳي معنى عدل يا انصاف ڪرڻ آهي. اصطلاحي طور ڪنهن به ادب پاري تي راءِ قائم ڪرڻ يا ان جي خوبين ۽ خامين جي اندازي لڳائڻ کي تنقيد چئجي ٿو” (عرساڻي:2010: 31).
    تنقيد هڪ علمي، معياري، مدلل، تجرباتي، تجزياتي، فڪري ۽ فني موضوع آهي، جنهن ذريعي ڪنهن به فن پاري جي معائب جي نشاندهيءَ کان علاوه نه رڳو ان جي محاسن کي بيان ڪيو ويندو آهي، پر ان جي ترڪيبي ۽ تخليقي جُزن جي تجزياتي، تخليقي ۽ تحقيقي انداز سان ڇنڊ ڇاڻ ڪري، ان جي مختلف فني، فڪري ۽ جمالياتي پهلوئن کي پڌرو ۽ نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. جان مورلي (John Morley) جو چوڻ آهي ته:
    “The aim of criticism is to trace relation of the poet’s idea through the central currents of thought to the visible tendencies of an existing age” (Morley, p. 1886).
    (تنقيد جو اهم مقصد اهو آهي ته، اها پنهنجي وقت جي نمايان لاڙن جي مرڪزي خيالي وهڪرن مان تخليقڪار جي سوچ جو تعلق تلاش ڪندي آهي)
    حقيقت ۾ تنقيد ڪنهن به تخليق جي اصل جوت ۽ جوهر کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جو هڪ بهترين علمي ۽ معقول ذريعو آهي، پر الميو اهو آهي ته، اسان جي ادب توڙي سماج ۾، تنقيد ۽ نقاد ٻنهيءَ لاءِ ڪا چڱي راءِ موجود نه رهي آهي. ايتري تائين جو تنقيد کي عيب جوئي ۽ نقاد کي ‘تخليق’ جو وڏو ويري تصور ڪرڻ جو خيال ايترو عام ۽ رواجي بڻيل آهي، جو خود تخليقڪار ڪنهن نقاد کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته، “اسان جي تخليقڪار کي زمانن کان وٺي فقط ساراهه ۽ تعريف ٻُڌڻ جو عادي بڻايو ويو آهي، تنهن ڪري ئي هن جي ويچار جي صلاحيت محدود رهجي وئي آهي ۽ سندس ذهن سواءِ ڪوڙي ساراهه جي ٻيو ڪجهه به ٻُڌڻ لاءِ تيار نظر نه ٿو اچي، پوءِ ڀلي اهو سچ ئي ڇو نه هجي. جيتوڻيڪ ساراهه وارو عمل به خراب ۽ منفي ناهي، پر سکڻي، بي روح ۽ لفاظيءَ تي ٻَڌل ساراهه تخليق توڙي تخليقڪار ٻنهي لاءِ موت برابر آهي” (سميجو2005 ص 8).
    هڪ سُڄاڻ تخليقڪار هڪ حوالي سان خود نقاد به هوندو آهي، ڇو ته هو پنهنجي تخليقي عمل دوران هر لمحي نه صرف ڪيترن ئي تنقيدي نقطن کي مدنظر رکندو آهي، پر عملي ۽ علمي طرح انهن جي اطلاق بعد ئي ڪنهن تخليق کي سِرجي سگهندو آهي. هڪ آرٽسٽ ڪا شاهڪار تصوير تڏهن ئي ٺاهي سگهندو آهي، جڏهن هو ڪئنواس تي پنهنجن ڪڍيل لڪيرن جي ڪَٿ، ذهن ۾ موجود تصويري خاڪي جو تجزيو ۽ رنگن جي آميزش ۾ ترتيب ۽ توازن جو پورو خيال رکي سگهندو آهي. ساڳيءَ ريت هڪ شاعر ۽ سرجڻهار پنهنجي تخليق ۾، خيال جي سرمدي ۽ فن جي نرملتا تڏهن ئي پيدا ڪري سگهندو آهي، جڏهن ان ۾ هُن جو تنقيدي شعور شامل هوندو آهي ۽ اها تنقيد جي مختلف مرحلن مان رَچي ۽ پَچي نِڪتي هوندي آهي.
    تنقيد جي فن ۽ فڪر جو تعلق نه صرف علم ۽ ادب سان هجي ٿو، پر زندگيءَ جي عام ڪار وهنوار ۾ پڻ ان جي وڏي حيثيت ۽ اهميت آهي. روزمره جي ضرورت جي عام شين کان وٺي جيون جي مختلف مامرن ۾، اسان نه رڳو تنقيد جي انيڪ ماڻن ۽ ماپن کي ذهن ۾ رکي، شين جي ڪَٿ ۽ پرک ڪندا آهيون، پر انهن مان چونڊ پڻ پنهنجي پنهنجي انداز، احساس ۽ شعوري پختگيءَ جي آڌار تي ڪندا آهيون. هڪ ٻار کان وٺي، هڪ جوان ۽ عمر رسيده ماڻهوءَ تائين هر فرد وٽ يقيناً فطري طرح تنقيد جو فهم ۽ ادراڪ انفرادي ۽ پنهنجو پنهنجو ٿئي ٿو. هر شخص پنهنجي بصيرت، مشاهدي ۽ تجربي آڌار پنهنجي آس پاس موجود شين کي ڏسي، پرکي ۽ انهن جو نه فقط تجزيو ڪري ٿو، پر پنهنجي ضرورت ۽ منشا موجب انهن کي اپنائي به ٿو، ان طرح هو شين بابت پنهنجي هڪ سوچ ۽ ڪا نه ڪا راءِ رکي ٿو، پر حقيقت ۾ ادبي تنقيد محض ‘راءِ’ کي ظاهر ڪرڻ جو نالو نه آهي، پر ان کان اُتم ۽ انتهائي اهم فني ۽ فڪري پرک ۽ پروڙ جو اهڙو عمل آهي، جنهن سان تخليقن جي گهڻ پهلوئي ڇنڊڇاڻ ڪري، انهن جي نه رڳو خوبين ۽ خامين کي عيان ڪيو ويندو آهي، پر انهن جي مجموعي جمالياتي نُدرتن کي نروار ڪري، ‘تخليق ۽ تخليقڪار’ جي معيار ۽ ادبي وقعت جو تعين پڻ ڪيو ويندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ايملي زولا (Emile Zola) ان حوالي سان چوي ٿو:
    “Criticism no longer assumes to ascertain on authors’ place in literature. It is very well satisfied if it can say something suggestive concerning the nature and quality of his work, and it tries to say this with a little of the old air of finality as it can manage to hide its poverty in”(Mathew: p: 55).
    (تنقيد جو ڪم اهو ناهي ته، اها ادب ۾ رڳو ليکڪ جي حيثيت متعين ڪري، پر ان جو اهو پڻ ڪم آهي ته اها، ان جي تخليقن جي معيار، قدر ۽ قيمت جو ڪاٿو اهڙي مدلل انداز سان ڪري، جيئن ان جي تخليقن جي خوبين ۽ خامين جي خبر پئجي سگهي.)
    تخليق ۽ تنقيد جو تعلق هڪ لحاظ سان باغ ۽ مالهيءَ جهڙو به آهي. جهڙيءَ ريت هڪ مالهي پنهنجي باغ جي اؤسر ۽ آجپي، زيب ۽ زينت لاءِ، ان مان غير ضروري گند گاهه ڪڍي، ان کي صاف ۽ اُجرو ڪندو آهي ۽ نتيجي ۾ ان جا گل ۽ ٻوٽا پنهنجي پوري جوڀن ۽ جوت سان نکري ۽ نروار ٿي، پنهنجي سونهن ۽ سُندرتا پَسائيندا آهن، ائين ئي هڪ سُچيت ۽ سُڄاڻ نقاد، ادبي تخليقن جو پنهنجي مثبت، تعميري ۽ تنقيدي شعور ذريعي ‘پوسٽ مارٽم’ ڪري، انهن جي تخليقي ۽ جمالياتي رُخن کي پڙهندڙن اڳيان پڌرو ڪندو آهي.
    عام طرح سان مالهيءَ جي ڪم کي آسان ۽ رواجي سمجهيو ويندو آهي، جڏهن ته اصل ۾ اهو وڏي ذميواري ۽ اُنسيت جو گهرجائو آهي، ڇو ته نازڪ گلن ۽ ٻوٽن مان خام شين کي الڳ ڪري، معصوم ٻوٽن جي وجود ۽ انهن جي موهيندڙ مُرڪن کي قائم رکڻ، انهن جي قدر ۽ قيميت ۽ سندن سونهن ۽ سندرتا کي نروار ڪرڻ، ڪو معمولي ڪم نه آهي. ساڳيءَ طرح نقاد به تخليقن جي باغ جو هڪ اهڙو گهڻ تجرباتي، پارکو ۽ باذوق مالهي هجي ٿو، جيڪو ان جي خوبين ۽ خوبصورتين کي نمايان ڪرڻ خاطر، ان ۾ موجود نقصن ۽ خامين کي نه رڳو الڳ ڪري ٿو، پر پنهنجي سُرت ۽ صلاحيت سان انهن جي باطن ۽ جَڙَن ۾ موجود جوهر ۽ جمال جي، پنهنجي طور تي جهلڪ پَسائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري ٿو.
    ”صحتمند تنقيد، نئين تخليق کي جنم ڏيندي آهي. هڪ نقاد جڏهن ڪنهن فنپاري جو مطالعو ڪندو آهي ته، ان تي تخليق جا پوندڙ اثر، ان جي احساسن ۾ شامل ٿي ويندا آهن ۽ جڏهن هو فنپاري جي تشريح ۽ تعبير ڪندو آهي ته، انهن ئي تاثراتن ۽ تجربن مان گذرندو آهي، جنهن مان مصنف پهريان گذري چڪو هوندو آهي. ان ريت هو فنپاري جي ٻيهر تخليق ڪندو آهي ۽ تنقيد ۾ سندس تخليقي صلاحيتون به شامل ٿي وينديون آهن. تخليقڪار، زندگيءَ کان جيڪو ڪجهه حاصل ڪندو آهي، پنهنجي تخليق ۾ اهو ئي پوئيندو آهي ۽ نقاد ان تخليق جي مطالعي مان جيڪو ڪجهه پِرائيندو ۽ پُرجهندو آهي، ان ۾ پنهنجي احساس ۽ شعور کي شامل ڪري، ان جي تشڪيلِ نو ڪندو آهي” (شهزاد: 1985: 6).
    ان مان ثابت ٿيو ته، تنقيد نه رڳو تخليق جي مجموعي رنگن ۽ رعنائين تي روشني وجهي، ان جي تخليقي ۽ فني پهلوئن کي وڌيڪ نمايان ڪندي آهي، پر اها تخليق ۽ تخليقڪار جي پنهنجي وقت ۽ حالتن سان وابستگي ۽ سماجي ڪارج کي پڻ واضح ڪندي آهي.
    “True criticism consists in studying each being that is each author, each talent, according to the conditions of his nature, in giving a vivid and faithful description, but always providing that it classifies him and puts him in place of the order of art”(Saints Bury).
    (سچي تنقيد همه گير مطالعي تي مبني هوندي آهي، جيڪا هر تخليق ۽ تخليقڪار کي نه صرف ان جي فطري حالتن موافق پرکيندي ۽ ان جو واضح ۽ ايماندارانه طريقي سان ذڪر ڪندي آهي، پر اهو پڻ ڌيان ۾ رکندي آهي ته، اهو ذڪر انهيءَ تخليق يا تخليقڪار کي سندس مقام مهيا ڪرڻ سان گڏ هن جي فن جي دنيا ۾، حيثيت متعين ڪرڻ جو سبب بڻجي.(
    ڊاڪٽر احسان دانش جو پنهنجي همعصر دؤر جي مختلف جديد شاعرن جي تنقيدي مطالعي تي محيط هي ڪتاب ‘پيهي پروڙيوم’ پڻ هڪ اهڙي ئي ڪوشش آهي، جنهن ۾ هن جديد سنڌي شاعريءَ جي اهم ۽ پنهنجي منفرد لب و لهجي جي شاعرن جي تخليقن جو تجزيو ڪري، انهن جي شاعريءَ ۾ موجود مختلف فني ۽ فڪري خوبين ۽ خوبصورتين کي نه رڳو نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر تنقيد جي جديد معيارن آڌار انهن جي ڪوتائن جي ڪَٿَ ڪري، انهن ۾ موجود اوڻائين جي نشاندهي پڻ ڪئي آهي.
    اسان وٽ عام طرح ٿيندو ائين آهي ته، پنهنجن همعصرن ۽ ذاتي واسطيدارن لاءِ تنقيد جي نالي ۾ رڳو تعريف ۽ مداحي هوندي آهي، پوءِ ڇو نه انهن جو ڪم سطحي ۽ رواجي هجي، پر انهن جي ثنا خواني ۾ زمين آسمان هڪ ڪيو ويندو آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن سان ذاتي عداوت ۽ نا اتفاقي هوندي آهي ته، ان لاءِ فقط تضحيڪ ۽ تذليل جا سرٽيفڪيٽ ئي هوندا آهن.
    اسان وٽ گهڻو ڪري تنقيد کان تلوار جو ڪم ورتو ويندو رهيو آهي. اها مخالفَ ۽ راءِ جو اظهار ڪرڻ واري خلاف ايتري بي رحمي سان استعمال ٿي آهي، جو تنقيد جو لفظ ٻُڌندي ئي ڪيترن جا لڱ ڪانڊارجي ۽ جيءَ گهٻرائجي وڃن ٿا. توڙي جو اها تنقيد ئي آهي، جيڪا زندگي ۽ سماج جي مَرندڙ قدرن کان وٺي ادب ۽ آرٽ جي بي ساهي وجود ۾، نئون روح ڦوڪي، ان ۾ جوت ۽ جياپي جو احساس پيدا ڪري سگهندي آهي.
    سنڌي ادب، خاص ڪري سنڌي شاعريءَ جي تنقيدي تاريخ تي جڏهن نظر وجهجي ٿي، تڏهن اوائل کان اڄ تائين صورتحال ڪا اُتساهيندڙ ۽ بهتر نظر نه ٿي اچي. شاعريءَ جي تنقيدي نظرين، سماجي تنقيد، علمي تنقيد، عملي تنقيد، نظرياتي تنقيد، تجزياتي تنقيد، نفسياتي تنقيد، وجودي تنقيد، جمالياتي تنقيد، فڪري تنقيد کان وٺي فني ۽ ٻين انيڪ تنقيد جي قسمن تائين، تذڪرا ته عام ۽ جام ٻُڌا آهن، پر شاعريءَ تي انهن جو اطلاق گهٽ ۽ اَٽي ۾ لوڻ برابر ملي ٿو. تخليق هجي يا تنقيد اها پنهنجو مڪمل ڪارج ادا ڪري ۽ اثرانگيز تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي، جڏهن اها پنهنجي وقت ۽ حالتن سان هم آهنگ ۽ پنهنجي دؤر جي ترجمان هوندي.
    شاعريءَ جو تجزيو، ان جي تشريح، ماڻ ۽ ماپا به مختلف وقتن ۾ مختلف رهيا آهن. ڪڏهن شعر جي ڇند ۽ عروض، لغت ۽ لفظيات، دقيق ترڪيبن، تشبيهن ۽ عقل کان ماورا تمثيلن جي ڪسوٽيءَ تي شاعريءَ کي پرکيو ويو آهي، ته ڪڏهن خيال، تخيل، احساس، عڪسيت، استعارن، ڪناين، قافيي، رديف ۽ ترنم کي بنياد بڻائي، شاعريءَ جون تشريحون ۽ تاويلون ڪيون ويون آهن، ته ڪڏهن وري فڪرن ۽ نظرين جي فٽ پٽين سان شاعريءَ جي اظهار ۽ احساس کي ماپي، ان جون پنهنجي منشا ۽ مرضيءَ موجب مفهومَ ۽ معنائون پيش ڪيون ويون آهي. هر ڪنهن پنهنجي انداز سان ويچارن جا واهڙ وهايا آهن، پر شاعري، جنهن وشال آرٽ ۽ احساس جو جهان آهي، ان کي گهٽ ئي ڇُهيو ويو آهي. جيتري تائين عملي تنقيد جو تعلق آهي ته اڪثر ڪري تعلقات خراب ٿيڻ جي خوف کان همعصر دؤر ۽ سهيوڳي شاعرن تي بنهه نه جي برابر ڳالهايو ويو آهي. جيڪڏهن ڪنهن تنقيد جي نالي ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو به آهي، ته اهو فقط تعريف ۽ تبصري تائين محدود رهيو آهي. سنڌي ادب ۾ تنقيد اڃان عبوري مرحلا اُڪري رهي آهي، ۽ معياري دؤر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ کيس اڃان ڪافي ڪشالا ڪرڻا آهن. انهيءَ ڪري اهڙو مواد تمام ٿورو ملي ٿو، جيڪو تنقيد جي معيارن تي پورو هجي، پر پوءِ به اهو ضرور آهي ته ڪجهه نقادن جي ڪم مان روايتي تنقيد جي برعڪس، تخليق جو حقيقي عڪس ۽ احساس پَسي سگهجي ٿو.
    احسان دانش پنهنجي هن ائنٿالاجي ۾، گهڻي قدر انهن شاعرن جي شاعري تي، پنهنجي اتفاق ۽ اختلافِ راءِ جو اظهار ڪيو آهي، جيڪي سندس سهيوڳي آهن، جن مان ڪيترن سان سندس ذاتي مراسم ۽ قريبي تعلقات به آهن، پر هُن کرائي، ادبي سچائي ۽ پنهنجي ايمانداريءَ سان انهن جي تخليقن بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، جنهن کي آءٌ موجوده روايتي تنقيد جي ملول ماحول ۾ هڪ مثبت ۽ منفرد وک سمجهان ٿو.
    منهنجي نظر ۾ تنقيد بذات خود هڪ تخليقي ۽ تعميري ڪم آهي، پر ان جو ‘پراسس’ انوکو ۽ غير روايتي آهي. هڪ تخليقڪار پنهنجن خيالن ۽ احساسن جي آميزش سان ‘تخليق’ کي جنم ڏيندو آهي، يعني هڪ سرجڻهار اڻ گهڙيل محرڪات (Raw material) کان تراشيل ۽ تڪميل کي رسيل (Finished goods) راهه جو راهي هوندو آهي، جڏهن ته نقاد ان تخليق جي مختلف عنصرن جي فڪري، احساساتي ۽ فني ڇنڊڇاڻ ڪري، ان مان نئين تخليقي نُدرتن ۽ فڪري نقطن کي نروار ڪرڻ سان گڏ نئين خيالن ۽ احساسن جي دنيا کي دريافت پڻ ڪندو آهي. سرجڻهار ۽ نقاد ٻنهي جو ڪم پنهنجي پنهنجي طور تي نه فقط تخليقي ۽ تعميري هجي ٿو، پر هڪ لحاظ سان نقاد جو پورهيو وڌيڪ محنت طلب، جستجو، ذميواري، صبر، جهجهي مطالعي، مشاهدي ۽ بُردباريءَ جي تقاضا ڪري ٿو. تخليقڪار گهڻي حد تائين خود ڪفيل، اظهار ۽ احساس جي معاملي ۾ آزاد هوندو آهي، پر نقاد جو انحصار مڪمل طور’تخليق’ تي هجي ٿو. هو هر لمحي تخليق سان ذميواري ۽ فرض شناسيءَ سان نڀائڻ، غير جذباتي ۽ سائنسي انداز سان ان جو تجزيو ڪري، ان جي حقيقتن ۽ حُسناڪين کي پڌرو ڪرڻ لاءِ سرگردان هوندو آهي.
    هڪ سُچيت نقاد ۽ سگهاري سرجڻهار جو ڪم ۽ ڪردار هڪ ٻئي کان مختلف ۽ منفرد ضرور ٿئي ٿو، پر ان کي ‘متضاد ۽ مخالف’ چئي نه ٿو سگهجي. “تخليقڪار ۽ نقاد ٻئي هڪ ئي سلسلي جي ڪَڙي هوندا آهن، پر سندن پهچ (Approach) جو عمل هڪٻئي کان الڳ هوندو آهي. تخليقڪار تاثرات کي بيان ڪندو آهي، يعني تاثرات کان بيان ڏانهن ويندو آهي ۽ نقاد بيان کان تاثرات يا ان جي محرڪات تائين پهچندو آهي....تخليقڪار سينٿيسس (Synthesis) يا ترتيب ڏيڻ ۽ ڳنڍڻ جو عمل ڪندو آهي ۽ نقاد ڇنڊڇاڻ (Analysis) جو عمل اختيار ڪري، سينٿيسس (Synthesis) کي پرکيندو آهي” (بدر:1985: 3).
    ڊاڪٽر احسان هِن ڪتاب ۾ اهي ٻئي ڪم سُهڻي سليقي سان ڪيا آهن. يعني هُن پنهنجن تحريرن ۾، تخليقي تاثرن ۽ فڪري خيالن جو برجستو اظهار به ڪيو آهي، ته تنقيدي معيارن کي مدِنظر رکي مختلف سرجڻهارن جي تخليقن جو مناسب ڇيد به ڪيو آهي. هُو اهو سڀ انهيءَ ڪري به ڪري سگهيو آهي، جو پاڻ هڪ ئي وقت سُچيت اديب ۽ شاعر هجڻ سان گڏ سٺو پاڙهو، محنتي محقق ۽ سُڄاڻ نقاد به آهي. هن وٽ تخليقڪار واري جمالياتي بصيرت ۽ فڪري آگهي به آهي، ته وٽس نقاد وارو فهم، فڪر، استعداد، علمي اشتياق ۽ نواڻ جي تلاش جو سدا جوان جذبو به موجود آهي، جيڪو ئي هڪ تخليقڪار کي نقاد ۽ نقاد کي تخليقڪار سان ڳنڍي رکڻ ۽ روايتي ويڇن ۽ وڇوٽين کان باز رکندو آهي.
    احسان دانش هن وقت تائين علمي ۽ ادبي لحاظ سان چڱو پورهيو ڪيو آهي. هڪ ڪهاڻي ڪتاب، ‘بي سڪون خواب جو سچ‘، شاعريءَ جي مجموعي، ‘لفظن جي خوشبو’ ۽ لطيف تي پي ايڇ ڊي مقالي، ‘شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج’ ڇپجڻ کان علاوه تاريخ، ادب ۽ سماجيات جي مختلف موضوعن تي سندس ٽي اهم مرتب ڪيل ڪتاب پڻ منظر عام تي اچي چڪا آهن، جن جي پنهنجي علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تخليقي اهميت ۽ افاديت آهي، پر تيرنهن جديد شاعرن جي تنقيدي اڀياس تي مشتمل سندس هي ڪتاب ‘پيهي پروڙيوم’ انهيءَ ڪري به مختلف ۽ منفرد آهي، ڇو ته اهو هڪ طرف تحقيق ۽ تنقيد جي جديد لاڙن ۽ رجحانن جو اطلاق آڇي ٿو، ته ٻي طرف ان ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جي پرک ۽ ڪٿ جي حوالي سان نئون انداز به ملي ٿو. هيٺ ڪتاب ۾ موجود مقالن ۽ مضمونن تي ترتيبوار هڪ طائرانه نظر وجهي، پنهنجي مختصر راءِ جو اظهار ڪجي ٿو.
    ڪتاب ۾ شامل پهريون مقالو جديد سنڌي شاعريءَ جي مهندار، شيخ اياز جي شاعريءَ جي هڪ اهم پهلو ‘ترنم جي خوبي ۽ خوبصورتيءَ’ تي لکيل آهي. هن مقالي ۾ ڊاڪٽر احسان، شاعريءَ جي وصف، فڪري وسعتن، احساساتي نفاستن، معنوي گهراين ۽ فني حُسناڪين جي مختلف مامرن تي پنهنجا مفيد ويچار ونڊڻ کان پوءِ شاعريءَ ۾ موسيقيءَ جي اهميت ۽ حيثيت بابت مختلف عالمن جي ڏنل راين جي روشنيءَ ۾ لاڀائتو بحث ڪيو آهي. حقيقت ۾ شاعري ۽ موسيقيءَ جو تعلق، ميوي سان مٺاس جي سُٻنڌ جهڙو آهي. جيئن ميوو مٺاس کان سواءِ بي چسو ۽ بي لذت محسوس ٿيندو آهي، ائين ئي شاعري موسيقيءَ کان سواءِ بي اثر ڀاسندي آهي. شاعريءَ ۾ ترنم، نه صرف رقص جي ڪيفيت پيدا ڪندو آهي، پر لفظن ۾ تاثير کي اُڀاري، معنى ۽ مفهوم جو ابلاغ پڻ آسان بڻائيندو آهي.
    هن مقالي ۾ احسان، شيخ اياز جي دوهن، غزلن، گيتن، نظمن، آزاد نظمن، منظوم ڊرامن ۽ ڏيڍ سٽن ۾ موجود موسيقيءَ جي مختلف عنصرن تي، نه صرف ڀرپور نموني سان لکيو آهي، پر هن جي تخليقن جو شاعراڻي ۽ تخليقي انداز سان فني ڇيد پڻ ڪيو آهي. هو اياز جي شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ موجود ترنم جي خوبين ۽ خوبصورتين جي حوالي سان پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو،”شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۾ غنائيت ۽ موسيقي سمايل آهي، پر خاص طور هن جا نظم، غزل، گيت، منظوم ڊراما، دوها ۽ ڏيڍ سٽا ان خوبي سان سرشار آهن. انهن کي پڙهندي ماڻهو پاڻ کي سُرن جي لهرن ۾ لُڙهندي محسوس ڪري ٿو. اياز جا لفظ پڙهندڙ کي احساس جي هندورن ۾ لوڏين ٿا ۽ اندر جي تارن کي ڇيڙي هڪ اهڙي سرور واري ڪيفيت پيدا ڪن ٿا، جيڪا ڪڏهن خوابن جي رنگينين سان هم آهنگ ڪري ٿي، ته ڪڏهن جاڳ ۾ جوڳ جون رمزون پَسائي ٿي”.
    مجموعي طرح هي مقالو، نه رڳو شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ترنم جي اٿاهه نُدرتن، تخليقي فنڪاري ۽ سندس فني جماليات تي روشني وجهي ٿو، پر اهو جديد تحقيق ۽ تجزياتي تنقيد جي معيارن جو پڻ سٺو پورائو ڪري ٿو.
    ٻيو مقالو جديد سنڌي شاعريءَ جي سوناري شاعر استاد بخاريءَ تي آهي. جديد سنڌي شاعرن ۾، استاد بخاري پنهنجي اسلوب، انداز ۽ لب و لهجي جو نرالو ۽ نرمل شاعر آهي. هن جي شاعريءَ جا نه رڳو موضوع، لفظيات، ڪردار ۽ اظهاري احساسَ عوامي آهن، پر هن جي شاعريءَ جي ٻولي، ترڪيبون، تشبيهون، استعارا ۽ ڪنايه نج پج پنهنجا ۽ تخليقي آهن. جيئن هجومن ۾ به ڪي ماڻهو، پنهنجن انفرادي گڻن ۽ صلاحيتن سبب نشانبر ۽ نروار نظر ايندا آهن، ائين ئي استاد جي شاعري پنهنجن هم عصرن جي هَشامن ۾، ٻولي، هيئت، فڪر، اظهار ۽ تاثر جي لحاظ کان نه فقط منفرد ۽ مختلف آهي، پر اها نشانبر ۽ نروار به نظر اچي ٿي، ڇو ته ان جا وصَفَ ۽ ورلاپ پنهنجا ۽ پري کان پڌرا آهن. استاد جي شاعري لهجي ۽ لطف ۾ رومانوي، خيال ۾ گهري ۽ سليس، ترنم ۾ روان ۽ تاڃي پيٽي ۾ عامي ۽ عوامي آهي. استاد جي شاعري جيتري گائڪي جي ذريعي ماڻهن تائين پهتي آهي، ايترو ان جو علمي تجزيو ۽ تشريح ڪري، ادبي ڦهلاءُ گهٽ ٿيو آهي. ڊاڪٽر احسان پنهنجي مقالي ۾، استاد جي شاعريءَ جي مختلف پهلوئن جو تفصيلي جائزو وٺندي، ان جو تت ڄڻ هنن لفظن ۾ پيش ڪيو آهي. “استاد بخاري شاعراڻي فن ۽ ٻوليءَ جي حُسناڪين جي حوالي سان هڪ اهڙي آرٽسٽ طور نظر اچي ٿو، جنهن وٽ نه رڳو لفظن جي گَھڙت، پر جَڙت جو هنر به آهي. هو شاعريءَ جي نزاڪتن ۽ فن کان نه رڳو واقف آهي، پر هن نوان تجربا پڻ ڪيا آهن. هن وٽ پنهنجو ڌار اسلوب ۽ ڏانءُ آهي. هن جو لهجو عوامي آهي، پر ان عواميت سبب استاد کي رڳو ڪنهن سُگھڙ ۽ سپورنج جي سطح تي آڻي سندس شاعريءَ جي تخليقي معيار، ترقي پسندي ۽ جدت کي نظر انداز ڪري نه ٿو سگھجي. موضوعي حوالي سان استاد جي شاعري جماليات توڙي رومانوي، قومي، سماجي ۽ انقلابي فڪر ۽ طبقاتي شعور سان ڀرپور نظر اچي ٿي”.
    هي مقالو استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي فني، فڪري ۽ احساساتي رُخن تي نه رڳو بهترين روشني وجهي ٿو، پر سندس شاعريءَ جي موضوعاتي مانڊاڻ، خاص طرح سان رومان، انقلاب، مزاحمت، امن، انسانيت، آزادي، ڌرتي، قوم، فطرت ۽ زندگيءَ سان لاڳاپيل ٻين اهڙين ڪيترين ئي سچائين ۽ سندرتائن جي علمي ۽ تجزياتي ڇنڊڇاڻ ۽ تنقيد ڪري ٿو.
    تنوير عباسي جو تحقيق ۽ تنقيد جي کيتر ۾ ڳاڻ ڳڻيو ڪم آهي. هُنَ ڪلاسيڪل ۽ جديد دؤر جي ڪجهه شاعرن جو، پنهنجن مهاڳن، مضمونن ۽ مقالن ۾، جنهن عالماڻي ۽ تخليقي انداز سان اڀياس ۽ تجزيو ڪيو آهي، اهو تمام گھڻو اهم ۽ مُلهائتو آهي. خاص ڪري هن جنهن سائنسي انداز سان شاهه لطيف جي شاعريءَ جو ڇيد ڪري، ان جي جمالياتي جهان جي منظرن ۽ مظهرن جي تشريح ڪئي آهي، اها انتهائي موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي. تنوير عباسي جهڙو سڀاءُ ۾ سُلڇڻو ۽ حليم هو، اهڙي ئي سندس شاعري نرمل ۽ نفيس آهي. هن جي شاعريءَ ۾ وڏن فڪرن ۽ فلسفن بجاءِ زندگيءَ جي سادي ۽ سُندر عڪاسي ملي ٿي. هن جو شعر پڙهي ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ماڻهو پرهه ڦٽيءَ جو ڪنهن ڦلواڙيءَ جو سير ڪري آيو هجي. تنوير جي شاعريءَ ۾ گلن، پوپٽن، سڳنڌن ۽ زندگيءَ جي وشال سندرتائن جي هڪ انوکي دنيا آباد آهي.
    ڊاڪٽر احسان جو هي مقالو، ڊاڪٽر تنوير جي شاعريءَ جي، نه صرف انهن جمالياتي حُسناڪين جي شاعراڻي اک سان هڪ جهلڪ پَسائي ٿو، پر سندس شاعريءَ کي ٽن مکيه دؤرن ـــ روايتي دور، ترقي پسند دور ۽ جديد دور ۾ تقسيم ڪري، انهن جي مناسب تجزياتي اوک ڊوک پڻ ڪري ٿو. دانش هن مقالي ۾ تنوير جي شاعريءَ جي اوسر، فڪري لاڙن، فني پهلوئن ۽ تخليقي تغير جي نُدرتن تي دلجمعي سان لکيو آهي. هن مقالي کي’تنوير شناسي’ جي سلسلي ۾ هڪ اهم قدم چئي سگهجي ٿو.
    انور پيرزادي جو شمار چند انهن قلمڪارن ۽ اديبن ۾ ٿئي ٿو، جن سڄي زندگي ‘ڌرتي ۽ ڌرتي واسين’ سان، نه فقط پنهنجي ساهه ۽ سُرت جو سَڳو سلهاڙي رکيو، پر آخري پَساهن تائين انهن جي ڏکن ۽ سُکن کي پنهنجن تحريرن ۽ تخليقن ۾ اوتيو ۽ اظهاريو آهي. انور جي پورهئي ۽ پيار جو محور ‘صحافت، سياحت، ادب، تاريخ ۽ تحقيق’ هو، پر سندس سوچ ۽ فڪر جو خاص مرڪز ‘ڀٽائي ۽ مُهين جو دڙو’ هئا. هُن جو جُسو ۽ جان مُهين جي دڙي جي مٽيءَ مان ڳوهيل هو ۽ سندس روح لطيف جي ‘کاهوڙڪي کير’ سان رنڱيل ۽ رتل هو، اهو ئي سبب آهي جو هن جي تخليقن مان مُهين جي مٽيءَ جي سُڳنڌ ۽ ڀٽائي جي ‘سيلاني ساڃاهه’ جو واس اچي ٿو.
    انور جا مڙئي حوالا پنهنجي طور تي معتبر ۽ منفرد آهن، پر سندس شاعراڻو حوالو پڻ سگهارو آهي. توڙي جو سندس شاعريءَ جو هڪڙو مجموعو ‘اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان’ ئي آهي، پر اهو ‘رومان ۽ انقلاب’ جو حسين امتزاج پيش ڪري ٿو. هن جي شاعري ۾ مزاحمت جو عنصر وڌيڪ ملي ٿو، ان جو وڏوسبب سندس دؤر ۽ ان جون معروضي حالتون آهن، پر اهو ڪرخت ۽ اُڇاترو نه آهي، ان ۾ فڪري گهرائي ۽ فني نفاست موجود آهي، جنهن ڪري اهو اُڪتاهٽ بدران اُتساهه ۽ آجپي جو احساس آڇي ٿو. ڊاڪٽر احسان پنهنجي هن مضمون ۾ سندس شاعريءَ جو تجزيو ڪندي لکي ٿو،”انور پيرزادي جي گھڻي شاعري ان آمراڻي دور جو نوحو آهي، جنهن ۾ آڪسيجن گھٽجي ويندي آهي ۽ ماڻهو ساهه نه کڻي سگھندا آهن. اظهار تي پابنديون هونديون آهن. سچ جو نعرو بلند ڪندڙن جي زندان جون ديوارون آجيان ڪنديون آهن. ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ علامتن جا ميڙا آهن. انور جي اهڙن علامتي نظمن مان زندگي ۽ ان جي تلخين جا مختلف روپ پَسي سگهجن ٿا.”
    انور پيرزادي جي شاعريءَ جي ترقي پسند، مزاحمتي ۽ انسان دوست پهلوئن تي، توڙي جو دانش هن مضمون ۾ هڪ طائرانه نظر وڌي آهي، جيڪا سندس شاعريءَ جي ڪجهه رخن کي نمايان ضرور ڪري ٿي. انور جي شاعري ‘محبت، مزاحمت ۽ جماليات’ جو هڪ گوناگون جهان آهي، جيڪا گهڻ رخي اڀياس ۽ تجزيي جي تقاضا ڪري ٿي.
    ادل سومرو هڪ شخص کان شاعر تائين انتهائي موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ ماڻهو آهي. هن جي طبيعت ۾ عجيب ماٺار، نماڻائي، بُردباري ۽ نرملتا آهي. هن توڙي جو نثر، خاص ڪري تحقيق جي شعبي ۾ ذڪر جوڳو ڪم ڪيو آهي، پر سنڌي ادب ۾ سندس حوالو هڪ شاعر طور وڌيڪ نمايان آهي. هُن وڏن لاءِ شاعري ڪرڻ سان گڏ ٻارن لاءِ شاعري پڻ ڪئي آهي، جيڪا سندس شخصيت وانگر خوبصورت ۽ تخليقي رنگن ۽ احساساتي روح سان مالا مال آهي.
    ادل جي شاعريءَ جي اهم خوبي اها آهي ته، ان ۾ ڪلاسيڪي روايتن جي پاسداري به ملي ٿي ته، اها پنهنجي عصري حالتن جي عڪاس به آهي. سندس شاعريءَ ۾ تخيل جي تازگي، تصور جي سگهه ۽ تفڪر جي گهرائي کان علاوه علامتن ۽ عڪس نگاري جو فن پڻ پنهنجن سمورين نُدرتن سان موجود ملي ٿو. هن وٽ اظهار جو انداز ۽ اسلوب نه فقط پنهنجو ۽ انفرادي آهي، پر سندس ٻولي، ترڪيبون ۽ تشبيهون پڻ تخليقي ۽ نيون آهن.
    ڊاڪٽر احسان پنهنجي هن مضمون ۾ ادل جي نرمل شخصيت ۽ گهڻ پهلوئي شاعريءَ بابت نه صرف پنهنجن جذبن ۽ خيالن جو اظهار ڪيو آهي، پر سندس شاعريءَ جي ٽن اهم پهلوئن، رومانوي، سماجي ۽ عڪسي حُسناڪين ۽ حقيقتن جي حوالي سان پڻ پنهنجا علمي ويچار ونڊيا آهن. هو لکي ٿو، “ادل جي شاعري ۾ پيار جي اُجري دنيا ملي ٿي، جنهن ۾ اڻ ڇهين احساسن جي سڳنڌ محسوس ڪري سگهجي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ سماج جي ڏتڙيل ۽ پيڙيل طبقي جي اهنجن ۽ عذابن کي آساني سان پَسي سگهجي ٿو”. ائين هن جي عڪسي شاعريءَ ۾ پڻ فطرت ۽ زندگيءَ جا سمورا رنگ پنهنجي پوري جاذبيت سان نظر اچن ٿا. هي ليک ادل جي شاعريءَ جي فڪري ۽ مختلف موضوعي پهلوئن تي جوڳي روشني وجهڻ سان گڏ سندس شاعريءَ ۾ موجود احساساتي رنگن ۽ تخليقي رعنائين کي عيان ڪري ٿو.
    اياز گل جديد شاعريءَ جي چمن جو اهڙو گل آهي، جنهن جي شاعريءَ جي نه رڳو رنگت ۽ رونق نرالي آهي، پر ان جي سُڳنڌ ۽ سرهاڻ پڻ پنهنجي آهي. هُن وٽ احساسن جي امرت کي لفظن جي ساغر ۾ اوتڻ جو سليقو به آهي، ته بي جان لفظن ۾ جذبن جو ساهه وجهڻ جي سگهه ۽ سُرت به آهي. اياز پنهنجي سڀاءُ ۽ تخليقي صلاحيتن ۾ سچ ته هڪ مڪمل ۽ سگهارو شاعر آهي.
    اياز گل گهڻو ڪري سنڌي شاعريءَ ۾ مروج مڙني صنفن، بيت، وائي، گيت، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، هائيڪو وغيره تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر غزل هن جي خاص شناخت آهي. سنڌي غزل کي ‘گيڙو ويس’ اوڍائڻ ۽ پنهنجي مٽيءَ جي مهڪ سان معطر ڪرڻ جو ‘ڪريڊٽ’ ته شيخ اياز ڏانهن وڃي ٿو، پر ان روايت کي قائم رکي، ان ۾ پنهنجي تهذيب ۽ تمدن، ڪلچر ۽ عصري حالتن جي سچائين کي سمائي وڌيڪ نُدرت ۽ جاذبيت پيدا ڪرڻ ۾، جن سرجڻهارن جو ڪردار آهي، انهن ۾ اياز گل جو نالو سرفهرست آهي.
    گل جي غزل ۾ رومانوي رنگَ نمايان ۽ ٻين موضوعن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حاوي آهن ۽ اهي سندس شاعريءَ ۾ پنهنجي پوري روح ۽ تخليقي رنگيني سان نظر اچن ٿا. هن جا رومانوي احساس اُٻهري جذبات ۽ سکڻي تخيل تي محيط نه آهن، پر انهن ۾ زندگيءَ جي حسيت ۽ محبتن جي اَڇوتي احساسن جي حُسناڪي آهي. سندس رومانوي شاعري ۾ پيار جي هڪ مڪمل ۽ اُجري دنيا پَسي سگهجي ٿي، جنهن ۾ خوابن ۽ خيالن، صداقتن ۽ سُندرتائن جو هڪ نئون ۽ نرمل جهان موجود آهي.
    ڊاڪٽر احسان هن مضمون ۾ اياز گل جي شاعريءَ جي انهيءَ نئين ۽ نرمل جهان ۾ جهاتي پائي، ان ۾ موجود تخليقي نُدرتن ۽ جمالياتي حُسناڪين کي پائڻ ۽ اهي ٻين کي پَسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. خاص ڪري اياز جي غزل جي گهڻ پهلوئي فني ۽ فڪري رُخن تي روشني وجهي، احسان سندس شاعريءَ جو سهڻو تجزيو ڪيو آهي. مجموعي طرح مضمون ڳردار آهي ۽ اياز جي شاعريءَ جي ڪجهه تخليقي تهن کي کولي، انهن جي تشريح ڪري ٿو، پر گل جي شاعريءَ جي گوناگون فني ۽ فڪري پهلوئن تي جامع انداز سان تنقيد ۽ تجزيي جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.
    سعيد ميمڻ جو نالو انهن چند شاعرن ۾ شامل آهي، جن جديد سنڌي شاعريءَ کي پنهنجن تخليقي تجربن، فني جدت ۽ فڪري سگهه سان نئين تازگي ۽ توانائي عطا ڪئي آهي. هن جي شاعري اهڙي آبشار ڌارا وانگر آهي، جنهن مان نه رڳو ڪيترن پياسن پنهنجي اُڃ اُجھائي آهي، پر ان انيڪ راهه ڀٽڪي ويل مسافرن کي پنهنجي گس ۽ پيچري تي آڻي، انهن کي منزل ڏانهن وڌڻ جو اُتساهه ۽ حوصلو پڻ بخشيو آهي.
    شاعريءَ ۾ سعيد جو نه صرف رَند ۽ پنڌ پنهنجو آهي، پر هُن ان ۾ نوان فڪري ۽ فني دڳ دريافت ڪري، ان کي نئين اسلوب، انداز ۽ احساس سان پيش ڪيو آهي، جيڪو هر لحاظ کان موهيندڙ ۽ تخليقي محسوس ٿئي ٿو. هن جي شاعريءَ جو تجزيو ڪجي ٿو، ته اها مکيه چئن ڌارائن تي مشتمل نظر اچي ٿي. هڪ هن جي فطرت پسندي آهي، ٻي رومانيت، ٽين سماجي ۽ عصري حالتن جي عڪاسي ۽ چوٿين داخليت، جيڪا گھڻو ڪري تصوف جي گيڙو رتن رنگن ۾ رَتل ملي ٿي.
    احسان جو هي مضمون دراصل، سعيد ميمڻ جي طويل غزل، جيڪو سندس شعري مجموعي ‘ازل جو آڏاڻو’ ۾ موجود آهي، ان تي هڪ فني ۽ فڪري اڀياس آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي مثبت تنقيدي راءِ جو اظهار هن ريت ڪري ٿو، “سعيد جو هي غزل پنهنجي طوالت جي باوجود پنهنجي فني، لسانياتي، فڪري ۽ اسلوبي خوبين سبب پڙهندڙ جي حواسن تي بار نه ٿو وجھي. هن غزل ۾ نه رڳو خيالن جو هجوم آهي، پر اظهار جي بيساختگي به ان کي حسن بخشيو آهي... هن غزل ۾ شعري مبالغي، ابهام، استعاري ۽ تشبيهه جو حسن ۽ اسلوب جي رنگيني عيان آهي. فني لحاظ کان هي غزل ٻه رخو محسوس ٿئي ٿو. ڪٿي هن ۾ هڪ ئي موضوع جي وهڪري سبب مسلسل غزل وارو انداز آهي، ته ڪٿي ٽڙيل پکڙيل خيالن جي رنگيني هن کي غير مسلسل بڻائي ٿي... هن ڊگھي غزل ۾ ‘حدي خوانو‘، ‘دار و رسن’ ۽ ‘ڪميت’ جهڙا ڀاري لفظ، غزل جي فطري حُسن ۽ رواني کي متاثر ڪن ٿا.”
    مجموعي طرح ڊاڪٽر احسان جو هي مضمون سعيد جي شاعريءَ ۾ موجود ڪيفيتن جي مانڊاڻ ۽ سندس مختلف فڪري خيالن جي سٺي اوک ڊوک ڪرڻ سان گڏ هن جي شاعريءَ جي ڪيترن ئي اڻ ڇهيل پهلوئن جي پنهنجي انداز سان وضاحت ۽ تشريح ڪري ٿو.
    روبينه ابڙو جديد سنڌي شاعريءَ جو هڪ نرمل ۽ معتبر نالو آهي. هن پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ سان سنڌي شاعريءَ کي نيون ندرتون ۽ لطافتون عطا ڪيون آهن. هن جي شاعريءَ ۾ خيال ۽ جدت جو هڪ نئون ۽ نڪور جهان ملي ٿو. هن جي شاعريءَ کي پڙهي، ماڻهو فڪري ۽ احساساتي طرح نه رڳو پنهنجو پاڻ کي تازو توانو ۽ پُرمسرت محسوس ڪري ٿو، پر سندس شاعري انسان جي اندر ۾ انيڪ ڪيفيتن ۽ داخلي دردن جي درياهه کي پڻ اُٿلائي وجهي ٿي. روبينه جي شاعريءَ ۾ رومانس جا حسين رنگ به نظر اچن ٿا، ته داخلي سورن ۽ سماجي دکن دردن جو احساس به ملي ٿو.
    هن جي شاعريءَ جو موضوعاتي ڪئنواس وسيع آهي، جنهن ۾ فطرت جي گوناگون مظهرن کان وٺي زندگيءَ جي ظاهري ۽ ٻين انيڪ باطني لقائن تائين جي منظرڪشي، اهڙي اثرائتي انداز ۾ ڪئي وئي آهي، جنهن کي پَسي، لفظن ۾ مصوري جو احساس ٿيڻ لڳي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ هڪ انوکي بي چيني ۽ تشنگيءَ جو احساس پڻ ملي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ ترنم ۽ فڪر پنهنجي پوري توازن سان موجود آهي.
    ڊاڪٽر دانش هن مقالي ۾ روبينه جي شاعريءَ جو مختلف فني، فڪري ۽ احساساتي زاوين کان اڀياس ڪري، نه صرف سندس شاعريءَ جي ڪيترين ئي خوبين جو کُليءَ دل سان اعتراف ڪيو آهي، پر سندس شاعريءَ ۾ موجود ڪجهه اوڻائين جي نشاندهي پڻ هن ريت ڪئي آهي: “روبينه جي شاعري ۾ جتي گھرو تخيل ۽ تفڪر، ڳوڙهو فهم ۽ ادراڪ، انوکي ڏات ۽ شعور موجود آهي، اتي کوڙ ڪچايون ۽ ڪمزوريون به آهن، ڪافي هلڪا ۽ معمولي خيال ۽ فني جھول پڻ به نظر اچن ٿا. سندس شاعريءَ ۾ ڪٿي لفظن جو اجايو اڊمبر ۽ شور آهي، ته ڪٿي لفظي ابهام ۽ بي معنويت جو گمان ٿئي ٿو. ائين ئي ڪٿي وري شعري طوالت جي شوق ۾ قافيه پيمائي جي ٽُنب ٽوپ، ته ڪٿي خيالن جو اجوڳو استعمال ۽ ورجاءُ سندس شاعريءَ جي حسن کي متاثر ڪري ٿو”. ڊاڪٽر احسان پنهنجي هن مقالي ۾ روبينه جي شاعريءَ جي مختلف فني توڙي فڪري پهلوئن جي ڀرپور ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، پر اوڻائين جي ثبوت لاءِ سندس شاعريءَ مان ڪجهه مثال شامل هجن ها ته، مضمون اڃان وڌيڪ جامع ۽ جاندار محسوس ٿئي ها.
    اياز جاني انهن ٿورن شاعرن مان هڪ اهم ۽ نمايان شاعر آهي، جنهن پنهنجي تخليقي پورهئي، فني ۽ فڪري ڏات ۽ ڏانءَ سان، جديد سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي هڪ الڳ جاءِ جوڙي آهي. جاني بنيادي طور تي هڪ تخليقي، قومي شعور رکندڙ ۽ ڌرتيءَ سان واڳيل شاعر آهي. هو خلائن ۾ خيالي پُلاءَ پَچائيندڙ نه، پر پنهنجي مٽي ۽ ماڻهن جي درد جي دانهن جو وارث ۽ پنهنجي مجموعي عهد جي سورن ۽ پورن جو سرجڻهار آهي.
    هن جي شاعري کي پڙهي اهو احساس شدت سان ٿئي ٿو ته شاعر واقعي خيالن جا کيڙائو ٿيندا آهن، جيڪي پنهنجي ديس ۽ ديس واسين جي دردن کي پنهنجن تخليقن ۾ پوئي اهڙي اثرائتي انداز سان پيش ڪندا آهن، جو انهن جو اظهار بي زبان ماڻهن جي زبان بڻجي پوندو آهي. هن جي شاعري ٻنهي عصري صداقتن ۽ شاعراڻي نزاڪتن سان معمور آهي، انهيءَ ڪري اها فڪري طرح موهي ۽ متاثر به ڪري ٿي، ته فني ۽ جمالياتي لحاظ سان جاذب ۽ اثرائتي به لڳي ٿي.
    اياز جاني غزل ۽ وائيءَ جو منفرد شاعر آهي. جاني جي غزلن ۾، روايتي غزل جي موضوعن، ترڪيبن ۽ تشبيهن جي برعڪس نئين حسيت، فڪري جدت ۽ تخليقي حسناڪي ملي ٿي. هن جون وائيون پڻ پنهنجي اظهار، احساس ۽ فني تاڃي پيٽي جي لحاظ کان موهيندڙ ۽ منفرد آهن. ڊاڪٽر احسان هن مقالي ۾، جانيءَ جي شاعريءَ جون نه رڳو انيڪ خوبيون ۽ خوبصورتيون پَسايون آهن، پر پنهنجي علمي پرک ۽ تنقيدي تجزيي سان هن جي شاعريءَ جي فني ۽ فڪري ڪمين ۽ ڪوتاهين جي نشاندهي پڻ ڪئي آهي.
    هو پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو، “ وائي ۾ جاني جدا جدا تجربا ڪيا آهن. هن ڏيڍوڻي، ٻڻي ۽ ٽيڻي وائي لکي آهي. جيتوڻيڪ هن جون ڪجھ وايون اڻ پورين ماترائن سبب ڪنهن مئه خوار جيان ٿيڙ به کائن ٿيون، ته ڪڏهن وري بي معنويت جو شڪار به ٿين ٿيون، ڪٿي انهن جون وراڻيون بندن سان تز نه هجڻ ڪري اوپريون ۽ اجوڳيون به ڀاسن ٿيون... ساڳي ريت سندس ڪجھ غزلن ۾ وزن ٿيڙ کائي ٿو ۽ هن کوڙ اکرن کي زوري حذف ڪري وزن جو پورائو ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي. ائين ئي سندس ڪجهه غزلن جي شعرن ۾ ابلاغ جا مسئلا پڻ موجود آهن، پر مجموعي طور سندس شاعري فڪر، فن ۽ تصور ۾ نهايت جامع ۽ پختي آهي”. ڊاڪٽر دانش مجموعي طرح هن مقالي ۾ اياز جانيءَ جي شاعريءَ جي فني ۽ فڪري پاسن تي عالماڻي ۽ مدلل انداز سان ڳالهايو ۽ انهن جي تنقيدي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي.
    جواد جعفري بنيادي طور غزل جو شاعر آهي. هن ٻين صنفن ۾ پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي، پر هو پنهنجي اظهار کي غزل ۾ ڀرپور نمونيءَ سان اظهارڻ ۽ اورڻ جي پوري سگهه ۽ سُرت رکي ٿو. هن وقت تائين جواد جو شعري مجموعو ته هڪ ئي ڇپيو آهي، پر سنڌ جي اڪثر معروف فنڪارن سندس شاعري جهجهي انداز ۾ ڳائي آهي، انهيءَ ڪري هو پنهنجن همعصر شاعرن ۾ وڌيڪ خوشنصيب ان ڪري به آهي، جو سندس شاعري گهڻن ماڻهن تائين پهتي آهي ۽ انهن کيس پسند پڻ ڪيو آهي. ڊاڪٽر احسان هن مضمون ۾، جواد جي شاعريءَ جي مختلف پهلوئن، خاص ڪري سندس غزلن ۾، خيال جي ندرتن، ترنم جي تازگي، تشبيهن، ترڪيبن ۽ مجموعي فني ۽ جمالياتي سونهن جي حوالي سان سٺو بحث ڪيو آهي.
    هو سندس ڪلام ۾ موجود ترنم کي سندس شاعريءَ جي وڏي خوبي ڪوٺيندي لکي ٿو: “هن جي ڪلام ۾ غنا ۽ ترنم جي خوبي اتم درجي تي موجود آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس اڪثر غزل سنڌ جي ڳائڻن ۽ ڳائڻين ڳائي مڃتا ماڻي آهي. هن جي شاعريءَ ۾ موجود اها فطري موسيقي ۽ ترنم کيس هم عصر شاعرن ۾ نمايان ڪري بيهاري ٿو”. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر احسان، جواد جي شاعريءَ جي تبصراتي ۽ روايتي انداز سان تشريح نه ڪئي آهي، پر تنقيدي ۽ تجزياتي انداز ۾ هن جي ڪوتائن جي ڪٿ ڪري، سندس شاعريءَ ۾ موجود خوبين ۽ خامين کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    شبير هاليپوٽي جو نالو جديد سنڌي شاعرن جي طويل فهرست مان چند انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شاعرن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو، جن جي شاعري نه رڳو روحن کي نرمائڻ ۽ گرمائڻ جي سگهه رکي ٿي، پر اها آڪسيجن وانگر ماڻهن جي مُنجهيل ساهن ۾ توانائي ۽ تازگي ڀري، انهن کي احساساتي آٿت عطا ڪرڻ جو ساهس پڻ رکندي آهي. شبير هندي شاعر سورداس وانگر نيڻن جي نور کان محروم هو، پر سچ ته هن جي دل جي ديد ايتري منور هئي، جو هن نه رڳو ان سان هن دنيا جي قابلِ ديد شين جي حقيقتن ۽ حُسناڪين کي محسوس ڪيو ۽ ماڻيو، پر زمان ۽ مڪان کان مٿي انيڪ اهڙين سندرتائن کي پڻ پَسيو، جنهن کي اڄ تائين اکين جي نور وارا ڏسي ۽ پائي ڪين سگهيا آهن.
    شبير هاليپوٽي شاعريءَ جي مڙني مروج ۽ اهم صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر گيت نه صرف هن جي من جا ميت آهن، پر هن جو شاعراڻو مزاج پڻ گهڻو ڪري ‘گيتاڻو’ آهي. گيت جيئن ته جيءَ جي جولانن، جذبن جي بيساخته اُڇل ۽ پوري وجودي ڪيفيتن جا سچا پچا عڪاس هوندا آهن، انهيءَ ڪري اڪيلائين ۽ تنهائين جا راهي انهن کي پنهنجو رفيق ۽ راحت جو ذريعو سمجنهدا آهن. شبير به ائين سمجهي ۽ گيتن ۾ پنهنجن لڙڪن ۽ مرڪن کي پوئي ۽ پِروئي ٿو.
    شبير جي شاعريءَ ۾ تصور ۽ تخيل جي دنيا تمام گهڻي گهري، حسين ۽ رنگين آهي. هن جي شاعريءَ ۾ منظرن ۽ محسوسات جو ته پنهنجو هڪ الڳ ۽ نرالو جهان آهي، پر سندس تخليقن ۾ جيڪا حسي رنگن جي حسين ڪائنات موجود آهي، اها پَسڻ، محسوس ڪرڻ ۽ پُرجهڻ جهڙي آهي. ڊاڪٽر احسان هن اڀياس ۾ پڻ انهن حسي رنگن کي بحث هيٺ آڻي، شبير جي شاعريءَ جي وضاحت ۽ تشريح ڪئي آهي. احسان، شبير جي شاعري ۾ موجود ڇهن عڪسن، نظري عڪس (Visual Image)، ٻڌڻ جو عڪس (Auditory Image)، سنگھڻ جو عڪس (Olfactory Image)، چکڻ جو عڪس (Taste Image)، ڇهڻ جو عڪس (Tactile Image) ۽ ٿڌي گرم جو تاثر ڏيندڙ عڪس (Thermal Image) کي سامهون رکي، جنهن عڪسي ۽ احساساتي انداز سان سندس شاعري جو مطالعو ۽ تجزيو ڪيو آهي، اهو بلاشبه تخليقي ۽ نئين نوع جو آهي. هڪ شاعر پنهنجن حواسن سان تخليقي رنگ ڪيئن رچي ۽ انهن جي سندرتا ٻين تائين ڪيئن اثرائتي انداز سان پهچائي سگهي ٿو، انهيءَ سچائي کي سمجهڻ لاءِ ڊاڪٽر دانش جو شبير هاليپوٽيءَ جي شاعريءَ جي مختلف داخلي توڙي خارجي رنگن جي عڪسي اڀياس تي محيط هي مضمون ضرور پڙهڻ گهرجي.
    شهمير سومرو جو نالو ويجهي ماضيءَ ۾ نئين ٽهيءَ جي اُڀري آيل ڪجهه اهڙن شاعرن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، جن پنهنجي صلاحيت ۽ سُرت سان ادبي کيتر ۾ پنهنجو هڪ حوالو ۽ سڃاڻپ حاصل ڪرڻ ۾ چڱي سڦلتا ماڻي آهي. شهمير غزل جو سٺو شاعر آهي. خاص ڪري غزل ۾ هن ڊگھن ۽ منفرد رديفن کي استعمال ڪري، پنهنجي اندر جي مختلف ڪيفيتن کي اورڻ ۽ اظهارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ هو ڪافي سوڀارو رهيو آهي.
    هُن جي غزلن ۾ گهڻو ڪري رومانيت جو رنگ حاوي آهي، پر ان سان گڏ سماجي مسئلن جي اپٽار پڻ سندس تخليقن ۾ موجود ملي ٿي. ٻولي جي سلاست، لفظن جي چونڊ، تز تشبيهن، ترڪيبن، مناسب قافين ۽ متوازن رديفن جو استعمال سندس غزلن ۾ انوکي نُدرت ۽ نزاڪت کي جنم ڏئي ٿو.
    ڊاڪٽر احسان جو هي مضمون دراصل شهمير جي شعري مجموعي، ‘اکڙين جي ڀاڪر ۾’ تي لکيل تنقيدي اڀياس آهي، جيڪو هن سندس ڪتاب جي مهورت جي موقعي تي پڙهيو. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر دانش، شهمير جي غزلن جي معنوي ۽ فني خوبين کي نروار ڪرڻ ۽ انهن جي اندر موجود ڪيترن ئي ڳوڙهن احساسن، ڪلچرل مفهومن، فڪري احساس ڌارائن ۽ علامتن کي کولي بيان ڪيو آهي. ان سان گڏوگڏ سندس غزلن ۾ موجود ڪجهه فني ۽ فڪري ڪچائين کي پڻ عيان ڪيو آهي. هو پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو،”شهمير ڪجهه غزلن ۾ ڪمزور قافيا استعمال ڪيا آهن ته ڪٿي خيال کي پورو ڪرڻ لاءِ وزن جي اڻ پورائي جو بنهه خيال نه رکيو آهي. ڪٿي انوکن استعارن جي استعمال جي چڪر ۾ سندس شعر بي معنويت جو شڪار ٿيو آهي، ته ڪٿي وري مختلف شاعرن جي شعرن جي اثرن سندس غزلَ جي تخليقي سگھ ۽ اصليت ڦُري آهي.”
    توڙي جو هن تحرير ۾ احسان جو لهجو ٿورو تُرش آهي، پر هن پنهنجي دليل ۽ منطق سان ڪيترن ئي ڳالهين جي اهڙي سليقي ۽ سيبتائيءَ سان نشاندهي ۽ وضاحت ڪئي آهي، جو تلخي، دليل جي اثر ۾ دم وڃائي، وڻندڙ تاثير جي احساس ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي.
    ڪتاب ۾ آخري مضمون گوهر شيخ جي شاعريءَ تي آهي، جيڪو اصل ۾ سندس شعري مجموعي،’پڃرا تنهنجي پنبڻين جا’ تي لکيل آهي. گوهر شيخ جو شمار اهڙن شاعرن ۾ ڪري سگھجي ٿو، جن وٽ اسلوب ۽ اظهار جو انداز پنهنجو ۽ انفرادي آهي. هن جي شاعريءَ جي مجموعي اڀياس کان پوءِ سُڌِ پوي ٿي ته هو فڪر توڙي تخيل ۾ غير روايتي رندن ۽ پنڌن جو راهي آهي. هن جي شاعريءَ ۾ گھري علامتي مانڊاڻ کان علاوه تجريدي خيالن ۽ شعوري وهڪري ۾ سرجيل احساسن جي اپٽار ملي ٿي، جيڪي عام فهم هجڻ بدران گھڻي حد تائين ڳوڙها آهن. علامت ۽ فڪري ڳوڙهائي شاعريءَ جي سونهن هوندي آهي، پر شرط اهو آهي ته ان ۾ ابلاغ، احساس ۽ تاثر جي خوبي موجود هجي. گوهر جي شاعريءَ ۾ ابلاغ گھٽ ۽ ابهام جھجھو ملي ٿو.
    هن مضمون ۾ ڊاڪٽر احسان، گوهر جي شاعريءَ جي ٽن صنفن، ‘وائي، غزل ۽ نظم’ جو تنقيدي ڇيد ڪري، انهن مان هر هڪ تي پنهنجي راءِ ڏني آهي. هن جي نظر ۾،”گوهر شيخ هڪ مشڪل پسند شاعر آهي. سڌو سنئون اظهار کيس پسند ناهي، ان ڪري هو پنهنجي فڪر ۽ تخيل کي انوکين علامتن، ترڪيبن ۽ استعارن، تشبيهن، اشارن ۽ ڪناين وسيلي ظاهر ڪري ٿو. هڪ عام پڙهندڙ لاءِ هن جا غزل دماغ جون Nerves پڪڙيندڙ آهن”.
    هن اڀياس ۾ ڊاڪٽر دانش، گوهر جي شاعريءَ تي مجموعي راءِ اها ڏئي ٿو ته ان ۾ غير ضروري ابهام ۽ لفظي مغالطا آهن، جنهن ڪري صحيح نموني سان ابلاغ نه ٿو ٿئي. هو گوهر جي غزلن ۽ واين مان ڪيترا ئي مثال پيش ڪري، ثابت ڪري ٿو ته هن جي شاعريءَ ۾ خيال ۽ فڪر جا مونجهارا آهن، جيڪي ڪوشش باوجود سمجهه جي دائري ۾ نه ٿا اچن. احسان، گوهر کي نظم جو ڪامياب ۽ سگهارو شاعر ڪوٺيندي، هن جا ڪجهه نظم نموني طور پيش ڪري ٿو.
    حقيقت ۾ شاعري لفظن جو منظوم ميڙ نه آهي، پر جذبن ۽ خيالن جي اهڙي بي ساخته اُٿل آهي، جنهن ۾ سرمستي ۽ سُرت به هوندي آهي، ته نفاست، نرملتا ۽ نغمگي به، جيڪا جڏهن سماعتن کي ڇُهندي آهي، ته ماڻهوءَ جي سموري وجود ۾ راحتن ۽ رقص جي مجذوبي جاڳي پوندي آهي.
    ڊاڪٽر احسان جا هي مضمون ۽ مقالا مختلف وقتن ۽ موقعن تي لکيل آهن، جن مان ڪجهه ڪتابن جي مهورتي تقريبن جي موقعن تي پڙهيل آهن، ڪجهه شاعرن سان رچايل رهاڻين جي پروگرامن ۾ پيش ڪيل آهن، ته ڪجهه وري اهڙا اڀياس آهن، جيڪي جديد سنڌي شاعريءَ جي تجزيي ۽ تنقيد جي سلسلي ۾ لکيل آهن، پر گهڻو تڻو مواد اهڙو آهي، جيڪو مختلف ادبي ميڙاڪن ۽ محفلن ۾، جديد سنڌي شاعريءَ بابت پنهنجي نقطه نظر کي پيش ڪرڻ خاطر سِرجيل ۽ پيش ڪيل آهي، انهيءَ ڪري هر تحرير جو معيار ۽ مقصد نه رڳو پنهنجو ۽ انفرادي آهي، پر انهن جو تاثر ۽ نتيجو الڳ ۽ مختلف آهي. ڪجهه لکڻيون فڪري ۽ تجزياتي طور پختيون، بيلنسڊ ۽ مجموعي تاثر ۾ نئين تازگي رکندڙ ۽ تنقيد جي جديد تخليقي معيارن جو پورائو ڪندڙ آهن، ته ڪجهه وري شاعريءَ بابت مروج ماڻن ۽ ماپن جو احاطو ڪندڙ، پر حقيقت اها آهي، ته اهي سمورا مضمون/ مقالا شاعريءَ جي مختلف پهلوئن تي روشني ضرور وجهن ٿا ۽ ان جي جزيات ۾ تشريح، توضيح ۽ تنقيد پڻ ڪن ٿا. هي تحريرون هڪ طرف احسان جي شعوري ۽ فڪري اوسر کي عيان ڪن ٿيون، ته ٻي طرف انهن مان جديد سنڌي شاعريءَ جي سفر ۽ تخليقي جوت ۽ فني جهان جي سُڌ پوي ٿي.
    فيض احمد فيض اعلى شاعريءَ جي خوبين ۽ خوبصورتين تي ڳالهائيندي پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته،”سهڻو شعر اهو آهي، جيڪو نه فقط فن جي معيار تي، پر زندگيءَ جي معيار تي به پورو لهي سگهي” (فيض: 2012: 31)
    ساڳي ڳالهه آءٌ ڊاڪٽر احسان دانش جي هن مقالن/ مضمونن جي حوالي سان محسوس ڪئي آهي، ته اهي نه صرف تنقيد جي جديد قدرن جي پاسداري ڪن ٿا، پر زندگيءَ جي صداقتن سان پڻ سلهاڙيل لڳن ٿا. مارگريٽ فلر (Margret fuller)چواڻي:
    “Criticism is not only praising and appreciating but also saying no. things must be examine, comparing, shifted and winnowed as they are” (H.M.C: p. 241).
    (تنقيد صرف واکاڻ ۽ ثناخواني جو نالو ناهي، پر اها شين جي پرک ۽ تجزيو ڪري، انهن کي اصل جوهر ۾ ڏسڻ، ڄاڻڻ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ آهي.)
    ڊاڪٽر احسان جا هي اڀياسي مضمون ۽ مقالا تنقيد جي روايتي ثناخواني واري مفهوم کان هٽي ڪري، گهڻو ڪري تخليقن جي پرک ۽ اوک ڊوک جو چڱو عڪس پَسائن ٿا. هي مواد شاعريءَ جي تفهيم جي سلسلي ۾ نه رڳو عام توڙي شاعريءَ سان چاهه رکندڙ ماڻهن کي سٺي رهنمائي ۽ سهائتا فراهم ڪري سگهي ٿو، پر شاعريءَ جي شائقن ۽ پارکن کي تنقيدي معيارن بابت اهم ۽ ڪارائتي معلومات پڻ آڇي ٿو.
    جديد سنڌي شاعريءَ جو سفر پنهنجي جوت ۽ جوهر ۾ گهڻ رخو، وسيع ۽ وشال آهي، ان جي مجموعي ۽ سڀ طرفي اڀياس ۽ تجزيي لاءِ وڏا دفتر درڪار آهن. منهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته هن وقت تائين جديد سنڌي شاعريءَ جي تنقيد، تشريح ۽ تفهيم جي سلسلي ۾ ڪو گهڻو ۽ معياري ڪم ڪو نه ٿي سگهيو آهي، پر ڪجهه ذڪر جوڳو ڪم ضرور ٿيو آهي. آءٌ ڊاڪٽر احسان دانش جي هن تنقيدي پورهئي کي قدر جي نگاهه سان ڏسندي اهميت جو حامل سمجهان ٿو، ڇو ته اهو جديد سنڌي شاعريءَ جي تخليقي، فني، فڪري ۽ جمالياتي رخن ۽ رعنائين جو هڪ عڪس ۽ آئينو پيش ڪري ٿو.

    حوالا

    1. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، ‘سنڌي ادب ۾ تنقيد‘، اوسر اشاعتاڻو، حيدرآباد.
    2. John Morley, `critical miscellanies`, London.
    3. اسحاق سميجو، ‘شاعريءَ سان دشمني‘، نئون جنم پبليڪشن، حيدرآباد.
    4. Mathew Arnold, history of criticism, vol: ii.
    5. شهزاد منظر، ‘ردِ عمل‘، منظر پبليڪشن، ڪراچي.
    6. بدر ابڙو، ‘تنقيد نگاري ارتقائي جائزو‘، سنڌي ادبي سنگت، ڪراچي.
    7. فيض احمد فيض/ ڊاڪٽر نواز علي شوق، ‘ميزان‘، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.


    ڊاڪٽر فياض لطيف
    12 ــ ڊسمبر 2017
    لاڙڪاڻو


    مقدمو : تنقيد جا معيار ۽ جديد شاعري

    تخليقڪار هڪ اهڙو وجود آهي، جيڪو سدا فڪر، تصور ۽ احساس جي انوکي دنيا ۾ رهي ٿو. هو پنهنجي تخليقن ۾ ڪيئي خيال، تصور، جذبا، احساس ۽ ڪيفيتون اوتي ٿو ۽ ان اوت جو ٽول لفظَ آهن. هر لفظ جي هڪ معنى ۽ ان ۾ هڪ احساس ٿئي ٿو. هر لفظ هڪ خيال کي جنم ڏئي ٿو. هر لفظ جي هڪ الڳ دنيا ٿئي ٿي ۽ ائين هڪ تخليقڪار جي اڳيان لفظن جي ڪائنات هجي ٿي. ڪنهن به تخليقڪار جو پنهنجي تخليقن سان پيار به فطري آهي، ڇوته انهن ۾ سندس دل جو لهو موجود هوندو آهي. ان ڪري اسان جي سماج ۾ تنقيد جو لفظ اڪثر تخليقڪارن کي نه وڻندو آهي. ڇوته اسان وٽ تنقيد جي عام معنى آهي عيب جوئي، نقص نگاري، تنقيص، نڪته چيني ۽ خاميون ڪڍڻ ــ ۽ عام طور تخليقڪارَ ان کي سٺو ڪم نه سمجھندا آهن. ڪن ماڻهن ته نقادن لاءِ ‘ناڪام تخليقڪار’ جو اصطلاح به استعمال ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ايمرسن جو اهو جملو به ادب جي دنيا ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو ته “نقاد اهو ماڻهو هوندو آهي، جنهن کي شعر چوڻ ۾ ناڪامي ٿيندي آهي ته ان ناڪاميءَ کان پوءِ بيزار ٿي تنقيد نگاريءَ جو ڪم شروع ڪندو آهي.” اهڙين ئي ڳالهين سبب سنڌي ادب ۾ به تنقيد جي ان سطح تي اوسر نه ٿي سگھي آهي، جيڪا ٿيڻ گھربي هئي. اهڙا سنڌي ليکڪ جيڪي تنقيد کي رڳو نڪته چيني سمجھن ٿا، ۽ نقاد کي حقارت جي نگاهه سان ڏسن ٿا انهن لاءِ هتي مان ڪجھ عرض ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان.
    فن ۽ آرٽ جا جيترا به شعبا آهن، تن سان لاڳاپيل فنڪار ۽ تخليقڪار پهريان نقاد هجن ٿا ۽ پوءِ فنڪار ۽ تخليقڪار. مان سمجھان ٿو ڪوبه تخليقڪار پنهنجي فن جو پهريون نقاد پاڻ هجي ٿو. هڪ مصور ڪا تصوير ٺاهڻ کان اڳ هڪ سوچ، خيال ۽ تصور جي دنيا کي رنگن ۽ لڪيرن ۾ قيد ڪرڻ دوران خود ئي ان تي سوچيندو آهي ته ڇا اها تصوير سندس تصور ۽ تخيل جو مڪمل پورائو ڪري ٿي يا نه؟ هڪ سنگتراش جڏهن ڪنهن پٿر کي تراشي ڪا مورتي تخليق ڪري ٿو ته ان مورتيءَ جي خد و خال تي پهرين تنقيدي نظر پاڻ ئي وجھي ٿو ۽ پوءِ لوڪ اڳيان نروار ڪري ٿو. هڪ راڳي جڏهن ڪي سُر، سرگم ۽ راڳڻيون ڇيڙي ٿو، لئي کي تال سان ملائي ٿو، ڪا نئين طرز ۽ ڌن ٺاهي ٿو ته سڀ کان پهريان پاڻ ئي ان جي نزاڪتن کي جاچي، ان جي خوبين ۽ خامين تي نظر وجھي ٿو ۽ وري وري ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هڪ نرتڪي جڏهن ڪنهن ڌن تي جھومي پنهنجن جذبن جو اظهار ڪري ٿي ته هوءَ ان خيال کان ڪڏهن به غافل نه ٿي رهي ته هن جي جسم جي شاعري اظهار جو مڪمل لباس پهري سگھي آهي يا نه! ائين ئي هڪ شاعر پنهنجن جذبن، احساسن ۽ ڪيفيتن جي اظهار ڪرڻ لاءِ لفظ لفظ کي توري ۽ تخليق جي مرحلي وقت ۽ بعد ۾ سوچي ٿو ته ڇا هو ان خيال، فڪر ۽ احساس کي لفظن جي صراحي ۾ پوري طرح اوتي سگھيو آهي يا نه؟ حقيقت ۾ ڪنهن به فنڪار / تخليقڪار جي پنهنجي فن تي اها پهرين تنقيد هوندي آهي.

    تنقيد ۽ ان جا معيار
    تنقيد هڪ وسيع ادبي اصطلاح آهي، جنهن کي ڪنهن به ريت محدود معنى ۽ مفهوم ۾ نه ٿو وٺي سگھجي. اصل ۾ اهو هڪ گھڻ رخو ۽ گھرو علم آهي، جنهن کي سمجھڻ لاءِ رڳو ان جي لفظي مادي جي ڀاڃ ئي ڪافي ناهي پر ان جي گھرائيءَ تائين پهچڻ ضروري آهي، پر ان ڳالهه کان به انڪار نه ٿو ڪري سگھجي ته ان جي گھرائي ۽ وسعت تائين رسائي تيسيتائين ممڪن نه ٿيندي جيسيتائين ان لفظ جي حقيقت جي ساڃاهه نه هوندي. تنقيد جنهن کي انگريزي ۾ Criticism چيو ويندو آهي، جي لفظي ڇنڊ ڇاڻ ڪبي ته معلوم ٿيندو ته “انگريزي لفظ Criticism يوناني لفظ Krites مان ورتل آهي جنهن جي لغوي معنى الڳ ڪرڻ ۽ فرق ڪرڻ آهي. لاطيني زبان ۾ ان جي بدران لفظ Criticus استعمال ٿيندو آهي. ان مان Critique ٺهيو آهي، جنهن جي معنى ‘تنقيدي مضمون‘، ‘تنقيدي مقالو’ يا ‘تنقيد جو فن’ آهي..... تنقيد ۾ Criterian مان مراد اهي اصول يا قانون ۽ معيار آهن جن جي روشنيءَ ۾ ڪنهن تصنيف ۽ تخليق جي سٺائي ۽ خرابي جي باري ۾ ڪوئي فيصلو ڏنو ويندو آهي.” (عتيق، 1995ع، ص 465)
    ان مان معلوم ٿيو ته هي هڪ اهڙو فن آهي، جنهن جا پنهنجا معيار آهن ۽ انهن ئي معيارن جي بنياد تي ڪنهن به تخليق جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي آهي. ان ڇنڊ ڇاڻ مان مراد رڳو خامين جي تلاش نه آهي، پر اهو ڪنهن به فنپاري جي گھڻ رخي جاچ جو عمل آهي. ظاهر آهي ڪنهن به نقاد لاءِ ڪنهن تخليق کي تنقيد ۽ پرک جي معيار تي ڪٿڻ هڪ اوکو ڪم آهي. سنڌي ادب ۾ عملي تنقيد هڪ بدعت ان ڪري بڻجي وئي آهي، جو گھڻو ڪري اسان جا نقاد تنقيد جي انهن عالمي معيارن کي سامهون نه رکندا آهن، جيڪي ڪنهن به فنپاري تي تنقيد لکڻ لاءِ ضروري آهن.
    اڪثر نقادن تنقيد جي معنى ‘عدل ۽ انصاف ڪرڻ’ ڄاڻائي آهي. ان راءِ مطابق نقاد هڪ منصف ٿئي ٿو، جيڪو ڪنهن به تخليق جي پرک جو معيار ديانتداري تي رکي ٿو. هڊسن پنهنجي ڪتاب Introduction to the study of Literature ۾ لکيو آهي: “ادبي نقاد ان کي چيو ويندو آهي جنهن ۾ ڪنهن فنپاري کي سمجھڻ ۽ ان تي غور ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي. ان فن جي ماهر جو اهو ڪم هوندو آهي ته ڪنهن به فني تخليق کي ڏسي، سمجھي، غور ڪري ۽ ان جي سٺاين ۽ براين جي جاچ ڪرڻ بعد ان جي قدر و قيمت جو صحيح اندازو لڳائي.” (ص 346). حقيقت اها آهي ته اها تنقيد جي محدود وصف آهي، جيڪا سرسري طور مناسب سمجھي سگھجي ٿي پر اها وصف تنقيد جي وسيع اصطلاح جو مڪمل پورائو نه ٿي ڪري. عدل، انصاف، يا راءِ ڏيڻ جي ڳالهه نقاد کي هڪ منصف جو منصب ته عطا ڪري ٿي پر انهن راين پڙهڻ بعد تنقيد جي ڪُلي خوبين توڙي قدرن جي ڳالهه واضح ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.
    تخليق جو سرچشمو زندگي آهي ۽ ادب زندگيءَ جي ڪشمڪش جي اظهار جو نالو آهي. ادب بابت هڪ عام راءِ اها آهي ته ‘ادب زندگيءَ جي تشريح آهي.’ پر مٿيو آرنولڊ جي اها راءِ به نهايت وزنائتي آهي ته “ادب زندگيءَ جي تنقيد آهي.” ڇوته هڪ تخليقڪار پنهنجي چوڌاري ٿيندڙ لقائن تي هڪ تنقيدي نظر وجھڻ بعد تخليق جي مرحلي ۾ داخل ٿئي ٿو. اها زندگيءَ جي تنقيد آهي ۽ هڪ نقاد فن ۽ آرٽ جي بنياد تي ڪنهن به تخليق جو تنقيدي جائزو وٺي ٿو. ايليٽ جو اهو مشهور جملو تمام گھڻي اهميت رکي ٿو ته “تنقيد اسان جي زندگيءَ لاءِ ايتري ئي اڻ ٽر آهي جيترو ساهه کڻڻ.” (احتشام، 1968ع، 89) جيڪڏهن زندگيءَ لاءِ تنقيد ايتري اهم آهي ته يقيناً ادب لاءِ به آهي. پر جڏهن اسين ادب ۽ تنقيد جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ‘واٽون ويهه ٿيام’ واري ڳالهه سامهون اچي ٿي. ڇوته هن وقت تائين هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي نڪتهءِ نظر مطابق تنقيد جون ايتريون ته تشريحيون پيش ڪيون آهن، جو هڪ پڙهندڙ مونجھاري جو شڪار ٿي پوي ٿو. “ڪوئي تنقيد کي ادبيات جي پرک ۽ جاچ جو اوزار چوي ٿو. ڪوئي چوي ٿو ته اها تخليقي ادب پيش ڪرڻ وارن مٿان لعنت ملامت ڪندي آهي ۽ انهن بابت غلط سلط ڳالهائڻ کان سواءِ ان جو ڪو مقصد ئي ناهي. ڪنهن جو خيال آهي ته اها صرف فني تخليقن جون سٺايون ڳڻائيندي آهي ۽ انهن جي خوبين کي اجاگر ڪري پيش ڪندي آهي ته جيئن پڙهندڙن تي انهن جا اثر گھرا ۽ ديرپا ٿين. ڪوئي چوي ٿو ته اها صرف تخليقي ادب جي تشريح ڪري ٿي. يعني بيان جي سهنجي انداز ۽ سولي نموني ۾ انهن خيالن کي تفصيل سان ڦهلائي بيان ڪري ٿي، جيڪي فني تخليقن ۾ سمايل هوندا آهن. ان خيال تحت ته جيئن انهن کي سڀ سمجھي سگھن. ڪنهن جو خيال آهي ته تخليقي ادب ۾ جيڪي فلسفياڻا خيال لڪل آهن، فن جو جيڪو نڪتهءِ نظر هوندو آهي، هڪ تخليقڪار جيڪو پيغام عوام تائين رسائڻ چاهيندو آهي، ان جو پتو لڳائڻ ۽ تجزيو ڪرڻ تنقيد آهي. مطلب ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون!” (ڊاڪٽر عبادت، 1979،80ع، ص 34) جيتوڻيڪ انهن راين مان ڪوبه رايو مڪمل ۽ حتمي نه آهي پر تنهن جي باوجود تنقيد جي معيارن کي سمجھڻ جي سلسلي ۾ انهن مان هر هڪ رايي جي اهميت آهي.
    ارسطو، هوريس، آرٽيبنو، پفرهو، کان وٺي ايمرسن، ميٿيو آرنولڊ، جان مورلي، اسڪاٽ جيمس، هڊسن ۽ ٽي ايس ايلئٽ تائين دنيا ۾ جيترا به نقاد ٿي گذريا آهن، اهي ان ڳالهه تي متفق آهن ته تنقيد اصل ۾ ڪنهن به تخليقي فن پاري جي ڪٿ ۽ پرک جو علم آهي. جنهن لاءِ نقادن ڪيترائي اصول متعين ڪيا آهن. تنقيد بابت مجموعي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هن وقت تائين تنقيد جي تشريح جي سلسلي ۾ ٽي نظريا وڏي اهميت رکن ٿا. پهريون: تنقيد ڪنهن به فن پاري جي تعريف جو ڪم آهي، جنهن ۾ ان جي خوبين کي اجاگر ڪيو ويندو آهي. ٻيو: تنقيد ڪنهن به تخليق جي تشريح ڪرڻ کي چيو ويندو آهي. تنقيد جي اهڙي وصف بيان ڪندڙن جي خيال ۾ تنقيد جو مقصد ڪنهن به تخليق جي شرح ۽ تفسير بيان ڪرڻ کان سواءِ ڪجھ به ناهي. هڊسن ان کي پنهنجي ڪتاب Introduction to the study of Litrature ۾ ‘توضيح (Exposition) سڏيو آهي.’ (ص 356). تشريح لاءِ عام طور تعبير جو لفظ پڻ ڪتب آندو ويندو آهي پر تعبير ۽ تشريح ۾ ڪجھ فرق آهي. تشريح ۾ متن جي معنى بيان ڪئي ويندي آهي جڏهن ته تعبير ۾ متن جي معنويت (Significance) کي دريافت ڪيو ويندو آهي. پر عام طور تي ان معنويت جي دريافت کي تشريح جي زمري ۾ آندو وڃي ٿو. ٽيون: تنقيد جو مقصد ڪنهن به فن پاري جو تجزيو ڪرڻ آهي. جنهن مان مراد اها آهي ته ڪوبه تخليقڪار پنهنجي تخليق ۾ جيڪو فڪر ۽ خيال پيش ڪري ٿو ان جو گھڻ رخو جائزو ورتو وڃي ۽ ان جي فني پرک ڪئي وڃي.
    تنقيد بابت اهي ٽئي نظريا بنيادي ۽ اهميت وارا آهن. حقيقت اها آهي ته تنقيد وسيلي انهن ٽنهي خيالن کي ڌيان ۾ رکيو ويندو آهي، پر سڀ کان اهم ٽيون نظريو آهي جنهن ۾ ڪنهن به فن پاري جي فني ۽ فڪري پرک ۽ ڇنڊ ڇاڻ وسيلي ان جي خوبين ۽ خامين تي نظر وجھندي ان جو ملهه متعين ڪيو ويندو آهي. تجزيي دوران ڪنهن به تخليق جي قدر جو تعين پڻ ڪيو ويندو آهي، يعني فن پارو ان صنف جي معيار تي پورو لهي ٿو يا نه؟ تجزيي وسيلي ڪوبه نقاد ادبي فن پاري جي ادبي حيثيت جي ڪٿ پڻ ڪندو آهي. “تجزيو تنقيد لاءِ ضروري آهي ۽ ان تجزيي تحت ڪافي ڳالهيون اچي وڃن ٿيون. مثلاً سڀ کان پهريان ته اهو ضروري آهي ته نقاد تخليق کي غور سان ڏسي ۽ ان جي گھرائين ۾ پهچي اهو معلوم ڪري ته اها ڇا آهي؟ ان ۾ سمايل مواد ۽ فني حسن جو پتو لڳائي. ان لاءِ اهو به معلوم ڪرڻ ضروري آهي ته ان ۾ ڪهڙي شي اهڙي آهي جيڪا هميشه رهڻ واري آهي ۽ ڪهڙي شيءِ عارضي آهي؟ ان جون معنائون ۽ مطلب ڪهڙا آهن؟ ان کان پوءِ ان لاءِ اهو معلوم ڪرڻ به ضروري آهي ته ڪهڙا اخلاقي ۽ فني اصول اهڙا هيا، جنهن کان فنڪار شعوري طور واقف هيو، يا جيڪي غير شعوري طور تي منجھس ڪم ڪندا رهيا آهن.” (ڊاڪٽر عبادت، 1979،80، ص 39)
    ادبي تنقيد لاءِ هڪڙا اصول ۽ نظريا موجود آهن. جن کي سمجھڻ نهايت ضروري آهي. اهڙن اصولن ۽ نظرين ۾ “ادب ۽ زندگيءَ جو حقيقت سان رشتو ۽ تخيل، افاديت ۽ پروپيگنڊا، مواد ۽ هيئت جو تعلق، حسن جو مفهوم، تنقيد نگار جو نقطهء نظر، ادب ۽ عوام، شعر ۽ ادب ۾ زبان جي جڳهه، اسلوب، فني اصول ۽ فن جون روايتون اهم بحث آهن، جن جي پٺيان ٻيا به ڪيئي معاشي، سماجي ۽ نفسياتي پهلو اچي وڃن ٿا. جيڪڏهن نقاد انهن مسئلن تي واضح راءِ نه ٿو رکي ۽ پنهنجن راين کي ادب جي ڪنهن مخصوص فلسفي سان قطعي طور ملائي نه ٿو سگھي ته ان کي عملي تنقيد جي ميدان ۾ قدم رکڻ جو حق حاصل ناهي. ڇوته انهن ئي مسئلن جي علم جي بنياد تي هو ڪنهن به ادب پاري جو تجزيو ڪري سگھي ٿو.” (احتشام، 1968ع، ص 122)
    عام طور تنقيد سان گڏ تحقيق جو لفظ پڻ ڪتب آندو ويندو آهي. ڪي ماڻهو انهن ٻنهي کي هڪ ٻئي کان ڌار سمجھندا آهن پر حقيقت اها آهي ته تنقيد ۽ تحقيق جو پاڻ ۾ گھرو تعلق آهي. اصل ۾ تحقيق حقيقتن جي تلاش جو نالو آهي ۽ تنقيد، تخليق جي حقيقي صورتگري جو علم ان ڪري ٻنهي کي ڌار نه ٿو ڪري سگھجي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر سيد محمد عبد الله جو مضمون “تحقيق و تنقيد” پڙهڻ وٽان آهي. جنهن ۾ هن لکيو آهي ته “تنقيد ۾ به تحقيق جي لاءِ ڪيئي پهلو نڪرن ٿا. ۽ تنقيد جي لاءِ به تحقيق هڪ لازمي عمل آهي..... ڪابه سچي تنقيد تحقيق کان جدا ٿي نه ٿي سگھي ۽ رڳو تاريخ ئي نه پر انساني حياتيءَ جي پوري تاريخ ان جي لپيٽ ۾ اچي ٿي ۽ اتي ئي پهچي تحقيق ۽ تنقيد هم معنى لفظ بڻجي وڃن ٿا.” ((احتشام، 1968ع، ص 149 ۽ 150)
    ادبي تنقيد جا ڪيترائي قسم آهن مثلاً معروضي تنقيد، موضوعي تنقيد، اجتماعي تنقيد، اخلاقي تنقيد، استعاري تنقيد، تاثراتي تنقيد، تجزياتي تنقيد، تصوراتي تنقيد، تقابلي تنقيد، جمالياتي تنقيد، رومانوي تنقيد، عملي تنقيد، مارڪسوادي تنقيد، فطرتي تنقيد، نفسياتي تنقيد، نئين تنقيد وغيره وغيره پر هتي اسان جو مقصد تنقيد جي انهن سمورن قسمن کي سمجھڻ نه آهي. پر ڪتاب “معروضي تنقيد” جي مصنف ڊاڪٽر سيد وقار احمد رضوي معروضي تنقيد جي وضاحت ڪندي جيڪو نڪتهءِ نظر پيش ڪيو آهي اهو هتي پيش ڪري مان پنهنجي ڳالهه اڳتي وڌائڻ چاهيندس. هو لکي ٿو ته “معروضي تنقيد اصولي تنقيد کي چئبو آهي. اصولي تنقيد يا معروضي تنقيد جو مطلب اهو آهي ته ڪنهن به ادب پاري کي اصولي تنقيد تي پرکيو وڃي. اصولي تنقيد ۾ چار شيون آهن. جيڪي هي آهن: 1. جذبو 2. خيال 3. مواد ۽ 4. اسلوب. مثال طور اسان ڪنهن به شعر يا ادب پاري کي جاچڻ لاءِ کڻون ٿا، ته هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ان شعر يا ادب پاري ۾ جذبو اعلى آهي يا ڪريل. انهيءَ طرح خيال نادر آهي يا معمولي. پوءِ ان شعر يا ادب پاري ۾ مواد ۽ اسلوب کي ڏسندا سين ته شاعر يا اديب جو اسلوب ڪهڙو آهي. ان ۾ نواڻ آهي. اسلوب فطري آهي يا آورد ۽ تصنع کڻي آيو آهي. اِهي اُهي چار اصول آهن جن جي ڪسوٽيءَ تي ڪنهن به شعر يا ادبي تخليق کي پرکيو ويندو آهي.” (ڊاڪٽر رضوي، 2013ع ص 11) ڪنهن به تخليق جي پرک جا اهي چارئي معيار نهايت اهم آهن ۽ ادبي تنقيد ۾ انهن جي تمام وڏي وقعت آهي. تنهنڪري هڪ نقاد لاءِ ڪنهن به فن پاري جو اهو چار رخو جائزو وٺڻ ضروري آهي.
    ادب ۾ نقاد (Critic) هڪ اهڙو شخص آهي جيڪو تنقيد جي مقرر معيارن کي سامهون رکندي ڪنهن به تخليق جو اڻ ڌريو جائزو وٺندو آهي. پر ادب ۾ نقادن جا به الڳ الڳ گروهه تنقيد جي جدا جدا نقطهء نظر جا حامي آهن. ڪجهه نقاد ادب جي پرک مخصوص قومن جي مزاج، ڪردار توڙي سياسي ۽ سماجي حالتن جي پس منظر ۾ ڪرڻ گھرندا آهن. اهي ادب ۽ اديب کي قومي ۽ سماجي شعور سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڪي نقاد تقابلي مطالعي تي زور ڏيندا آهن، سندن خيال مطابق اهو تنقيد جو بنيادي اصول آهي. ڪجهه وري ادب جي موضوعاتي مطالعي کي تنقيد چوندا آهن. ڪي لفظي مطالعي تي زور ڏيندا آهن ۽ تحقيق وسيلي گھڻ رخي لفظي ڇنڊ ڇاڻ کي تنقيد ڄاڻيندا آهن. نقادن جو هڪ وڏو گروهه وري ادب جي نفسياتي مطالعي جو قائل آهي. ڪجھ نقاد جيڪي تحليل نفسي جا پارکو آهن تن جو چوڻ آهي فن جي تخليق ۾ شعور نه پر لاشعور جو عمل دخل آهي. اديب جي لاشعور جي تلاش سندن تنقيد جو بنياد هوندو آهي. اهڙا نقاد ڪنهن شاعر يا نثر نگار جي نفسياتي مطالعي سان گڏ و گڏ سندس تخليقي عمل جي مطالعي، تخليق جي ڪردارن ۽ موضوعن توڙي تخليق جي پڙهندڙن تي ٿيندڙ اثراندازي جو نفسياتي مطالعو پيش ڪندا آهن. هڪڙا نقاد وري تخليق جي تاريخي پهلوئن تي روشني وجھندا آهن. اهڙي ريت ڪي نقادن ڪنهن به تخليق تي ادب ۽ فلسفي جي رشتي کي سامهون رکندي تنقيد ڪندا آهن. اهڙي ريت الڳ الڳ نقادن جي گروهن هن وقت تائين تنقيد کي پنهنجي پنهنجي نقطهء نگاهه سان پيش ڪيو آهي. انهن مان هر هڪ جي پنهنجي اهميت آهي ۽ انهن نظرين تي تنقيد پڻ ٿي آهي.

    تنقيد ۽ شاعري
    شاعري بابت هونءَ ته ڪيترن ئي نقادن جدا جدا رايا پيش ڪيا آهن، ڪن ان کي وندر ۽ ورونهن جو ذريعو قرار ڏنو آهي ته ڪن لطيف احساسن جو بيان، ڪن انسان جي جمالياتي حِسن کي اجاگر ڪرڻ جو وسيلو ته ڪن وري سماجي فڪر اڀارڻ جو ذريعو. اهي شاعريءَ جون موضوعي، فڪري ۽ تصوراتي حدون آهن پر حقيقت ۾ “شاعري هڪ اهڙو فن آهي جنهن ۾ ادراڪ ۽ تخيل جي مدد سان مسرت ۽ صداقت ۾ امتزاج پيدا ڪيو ويندو آهي. ان فن جو روح ايجاد آهي...... شاعري جذبن ۽ تخيل جي امتزاج جو نالو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته شاعريءَ ۾ تخيل ۽ جذبات جو وجود ضروري آهي، پر رڳو اهي ئي شيون شاعريءَ کي تخليق نه ڪنديون آهن..... (ڊاڪٽر سنديلوي، 1963ع، ص 38، 39، 40) مثلاً شاعريءَ ۾ وزن جي به تمام وڏي اهميت آهي اصل ۾ اهو شاعريءَ جي فني ڪٿ جو سوال آهي. جنهن جي بنياد تي ئي شاعري ۽ نثر ۾ فرق ڪري سگھجي ٿو، پر شعر ۾ وزن جي موجودگيءَ بابت به ادب جي نقادن وٽ متضاد رايا نظر اچن ٿا. “سر فلپ سڊني جو خيال آهي ته وزن صرف شعر جو لباس آهي يا ان کي شعر جو زيور چئي سگھجي ٿو، پر اهو شعر جو روح ناهي...... ڪولرج جو به چوڻ آهي ته ‘اعلى درجي جي شاعري بغير وزن جي ٿي سگھي ٿي.’ پر ڪجھ نقادن انهن نظرين جي ترديد پڻ ڪئي آهي. مثلاً لي هنٽ جو خيال آهي ته ‘شاعريءَ جي روح جي تڪميل لاءِ وزن جو هجڻ ضروري آهي، ان کان علاوه سونهن جي سرمستي ۽ سگھ جو اظهار اڌورو هوندو آهي.’ انهيءَ طرح ڪارلائل جي نقطهء نظر کان ‘شاعريءَ جو با وزن ۽ مترنم هجڻ ضروري آهي.’ (ڊاڪٽر سنديلوي، 1963ع، ص 40، 41) ميٿيو آرنولڊ به شعر ۾ وزن ۽ بحر کي لازمي قرار ڏنو آهي. هيگل، شلر ۽ ٻين ڪيترن ئي نقادن به وزن تي زور ڏنو آهي. اصل ۾ وزن سان شاعريءَ ۾ هڪ لئي ۽ ترنم جنم وٺي ٿو، اهڙو شعر ٻڌڻ ۾ وڌيڪ مزو ڏيندو آهي. وزن شاعريءَ ۾ موسيقيت پيدا ڪري ٿو، جنهن سان شاعريءَ جو بنيادي مقصد وندر ۽ لطافت پڻ پورو ٿئي ٿو. وزن جي پورائي سبب شاعريءَ ۾ هڪ خاص قسم جي اثر اندازي پيدا ٿئي ٿي ۽ جذبا تحرڪ ۾ اچن ٿا.
    ڪتاب “Modern English in Action” جو مصنف هينري آءِ ڪرسٽ عظيم شاعريءَ بابت راءِ ڏيندي انگريزيءَ جي چئن اکرن T I M E وسيلي ان جي وضاحت ڪئي آهي. هن جي خيال مطابق ڪنهن به اعلى درجي جي شعر ۾ خيال، تصور، موسيقي ۽ جذبات جو هجڻ نهايت ضروري آهي، ۽ انهن کان سواءِ شعر جي عمدگي ۽ معيار جو تعين نه ٿو ڪري سگھجي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ لفظ TIME کي هن ريت پيش ڪيو آهي.
    T hought
    I magery
    M usic
    E motion
    اعلى درجي جي شاعريءَ جي گڻن کي سمجھڻ لاءِ هينري جي اها ترڪيب ڪافي ڪارگر آهي. جنهن مطابق عظيم شاعريءَ جي وصف سامهون اچي وڃي ٿي.
    شاعرُ جنهن جي ادب ۾ پهرين سڃاڻ صانع يا Maker طور آهي. ان جو ڳانڍاپو شعور ۽ احساس سان گھرو آهي. جيڪڏهن ڪوئي چوي ته شاعرَ باشعور ۽ حساس هوندا آهن ته ڇا ٻيا ماڻهو بي شعور ۽ بي حس هوندا آهن ته ظاهر آهي ته ان جو جواب نفي ۾ ايندو. هڪ شاعر ۽ غير شاعر ۾ بنيادي طور فرق اهو آهي ته هڪ شاعر ڪنهن غير شاعر جي ڀيٽ ۾ زندگيءَ جي معمولي کان معمولي چرپر ۽ ننڍي کان ننڍي وٿ ۽ سادي کان سادي منظر کي به پنهنجي گھري مشاهدي وسيلي اهڙي ريت پيش ڪندو آهي، جو اهي سڀ معمولي شيون به غير معمولي محسوس ٿينديون آهن. اهو هڪ اعلى درجي جي شاعر جي بيان جو حسن آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ شاهه لطيف جي شاعري ان جو عمدو ترين مثال آهي، جنهن سمنڊ جي سپي ۽ سَپَ کان وٺي سُئي ۽ سائي سَلي تائين معمولي کان معمولي شين کي اهڙي نموني بيان ڪيو آهي، جو اهي اهم ۽ املهه محسوس ٿين ٿيون. شاعر جو شعور غير شاعر جي ڀيٽ ۾ ڏاڍو شديد هجڻ سان گڏ ڏاڍو نازڪ، لطيف ۽ وسيع به هوندو آهي ۽ هن وٽ پنهنجي جذبي، احساس، تصور ۽ خيال کي بيان ڪرڻ جو آرٽ هوندو آهي. شاعر وٽ احساس سان گڏ ادراڪ به موجود هوندو آهي.
    جيڪڏهن شعر دل جي ڌن آهي ته تنقيد دماغ جي ڪرت، جنهن ۾ دليل ۽ منطق جو گھڻو عمل دخل آهي. شاعري ڪائنات جي سموري جمال ۽ رنگينين کي پنهنجي آغوش ۾ سمائڻ ۽ زندگيءَ جي رمزن کي کولڻ جي سگھ رکي ٿي. هڪ اعلى فهم شاعر جنهن ريت شين ۽ لقائن کي ڏسي ۽ محسوس ڪري ٿو انهن کي پوري سگھ سان اظهارڻ جي قوت پڻ رکي ٿو. هو پنهنجي چوڌاري موجود شين ۽ خارجي لقائن کي جيئن جو تئين پيش نه ٿو ڪري پر انهن کي پنهنجي داخلي جذبات سان گڏائي پيش ڪري ٿو، جنهن سبب ئي ان ۾ تخليقي حسن پيدا ٿئي ٿو. هن جو ذهن شين، معاملن ۽ عڪسن کي ڪيمرا وانگر جھٽي ٿو پر سندس قلم انهن کي ڪنهن پينٽنگ وانگر پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ سندس دل جو لهو به شامل ٿي وڃي ٿو. اهو آرٽسٽڪ اظهار جنهن ۾ سندس خيالَ، جذبا ۽ احساس گڏيل هوندا آهن، تن کي قاري به پنهنجي دل جو آواز سمجھندو آهي. هڪ اعلى درجي جي شاعر جو اظهار موثر ۽ ديرپا هوندو آهي. هن جي ڪلام ۾ ياد رهجي وڃڻ واري خوبي پڻ موجود هوندي آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ شاهه لطيف کان شيخ اياز، استاد بخاري، اياز گل ۽ سعيد ميمڻ تائين ڪيترن ئي شاعرن جي ڪلام ۾ اها خوبي موجود آهي. شاعر ڪو مبلغ نه آهي، اهو دراصل پيغامبر آهي، ان جو پيغام جيترو وسيع هوندو اوتريون ان جون سرحدون ڪشاديون ٿينديون وينديون. ڪن شاعرن جو پيغام ڪن به سرحدن جو محتاج نه هوندو آهي ۽ ان کي بين الاقوامي حيثيت حاصل هوندي آهي.
    شاعريءَ کي اسان ٻن حصن ۾ ورهائي سگھون ٿا. پهريون داخلي شاعري ۽ ٻيو خارجي شاعري. داخلي شاعري اها آهي جنهن ۾ هڪ شاعر پنهنجي ذات ۾ گم ٿي انهن جذبن ۽ احساسن جو اظهار ڪندو آهي، جيڪي سندس ذاتي تجربن ۽ حادثن تي مشتمل هوندا آهن. جڏهن ته خارجي شاعري ۾ شاعر پنهنجي وجود کان هٽي سماج ۽ ڪائنات جي ڳالهه ڪندو آهي، پر ان جو اهو مطلب هر گز نه آهي ته خارجي اظهار وقت هن جي اندروني جذبن جو ڪو عمل دخل نه هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته شاعر جا داخلي ۽ خارجي احساس ۽ خيال ان حد تائين گڏجي ويندا آهن جو انهن کي ڌار ڪرڻ ممڪن نه هوندو آهي. داخلي شاعريءَ ۾ گھڻو ڪري محبت جا جذبا ۽ احساس شامل هوندا آهن ان ۾ شاعر جون محروميون، مايوسيون، غمَ، خوشيون، اميدون، نااميدون ۽ حسرتون به جھلڪنديون آهن. داخلي شاعريءَ تي تنقيد ڪرڻ وقت مواد ۽ هئيت ٻنهي تي نظر رکڻ ضروري هوندو آهي ۽ ڏسڻو پوندو آهي ته شاعر جو اهو اظهار شعر جي قالب ۾ اسونهون ۽ اجوڳو ته محسوس نه ٿو ٿئي يا ان ۾ مصنوعي بيساختگي ته نه آهي. داخلي شاعريءَ ۾ جذبي جي صداقت ضروري آهي ۽ ان ۾ تصنع جي ڪابه گنجائش نه هوندي آهي. اهڙي شاعري پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جي دل ۾ لهي وڃڻ جي سگھ رکندي آهي.
    داخلي شاعري جي جاچ ۽ تنقيد لاءِ ان جي اسلوب ۽ جذبي جي سچائي جي پرک جو جائزو ضروري هوندو آهي. جيئن داخلي شاعري اندر جي دنيا سان تعلق رکي ٿي تئين خارجي شاعري وري ٻاهر جي ڪائنات سان سلهاڙيل هجي ٿي. ان ۾ ڪائنات جي شين، منظرن، عڪسن ۽ واقعن کي پيش ڪيو ويندو آهي. اهڙي شاعري گھڻو تڻو بيانيه انداز ۾ ڪئي ويندي آهي. ان قسم جي شاعريءَ تي تنقيد ڪرڻ وقت ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو ويندو آهي ته شاعرَ خارجي شين، منظرن، عڪسن ۽ واقعن کي ڪهڙي ريت پيش ڪيو آهي، ان جو اسلوب ڪهڙو آهي، ڇا منظرن ۽ عڪسن کي پيش ڪرڻ وقت شاعر مشاهدي جي کوٽ جو شڪار ته ناهي؟ ڇا هن انهن منظرن جو مشاهدو پاڻ ڪيو آهي يا ڪتابي مطالعي جي آڌار تي آهي؟ ان منظرنگاريءَ ۾ جمالياتي عنصر ۽ مصوراڻو حسن آهي يا نه؟ انهن منظرن ۾ شاعر جا داخلي احساس گڏيل آهن يا نه؟ ڇا واقعن جي پيشڪش ڪنهن خبرنامي وانگر ته نه آهي ۽ ڇا ان پيشڪش ۾ ڪو آرٽ آهي؟ خارجي شاعريءَ تي تنقيد وقت هڪ نقاد انهن ۽ اهڙن سوال جا جواب تلاش ڪندو آهي.

    جديد سنڌي شاعري ۽ تنقيد
    شاعريءَ ۾ ‘جدت’ جو سوال ڏاڍو اهم ۽ پيچيده آهي. ان جو سادو جواب ته اهو ٿي سگھي ٿو ته جديد شاعري اها آهي، جنهن جو فڪر، تخيل، اهڃاڻ، استعارا، ۽ فن جو پورو نظام نئون هجي. اها شاعري نئين دور جي سياسي، سماجي ۽ تهذيبي شعور سان سلهاڙيل هجي ۽ ان ۾ بين الاقواميت ۽ همه گيريت هجي. پر ان سوال کي ايترو آساني سان حل نه ٿو ڪري سگھجي. انهن مان ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ پڻ موجود آهن ته پوءِ ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ ۾ حدِ فاصل جو تعين ڪيئن ڪري سگھبو! ڇا ڪلاسيڪل شاعريءَ جو تعلق وقت ۽ تاريخ سان آهي؟ ڇا قدامت ئي شاعريءَ کي ڪلاسيڪيت جو درجو ڏئي ٿي؟ ڇا ڪلاسيڪي شاعريءَ کي به پنهنجي عهد جي جديد شاعري چئي سگھجي ٿو؟ ان حوالي سان تنوير عباسيءَ جو خيال آهي ته “هر دور جي شاعري ان دور لاءِ جديد هوندي آهي. هر دور ۾ ڪي شاعراڻيون روايتون ڇنڊجي ڇڻي وينديون آهن، ته وري ڪن نين روايتن جو بنياد پوندو آهي.” (تنوير، 1988ع، ص 51) پر اها ڳالهه جديد ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ کي سمجھڻ لاءِ ڪافي ناهي. اصل ۾ “ڪلاسيڪي ادب اهو آهي، جنهن ۾ آفاقيت ۽ ابديت هجي، اهو ڪنهن هڪ دور يا ملڪ لاءِ مخصوص يا محدود نه هجي پر هر دور ۾ وقت جي ڪسوٽيءَ تي پورو بيهي. ان ۾ فطرت جي عڪاسي هجي ۽ انساني مزاج ۽ فطرت جي ترجماني هجي. حقيقت پسندي ۽ جدت پسندي هجي. ان ۾ صداقت ۽ خلوص هجي ان ۾ مستقل دلڪشي ۽ تاثير هجي، ان ۾ فڪري ۽ فني توازن هجي ۽ ان ۾ اهڙي ڪشش هجي، جنهن جو اثر، رنگ قوم ۽ نسل کان آجو هجي..... ڪلاسيڪي ادب ۾ اخلاقي قدرن جو به خاص خيال رکيل هوندو آهي.” (ڊاڪٽر مجيد، 1991ع ص 9، 10)
    ڊاڪٽر اياز قادري جي لفظن ۾ “ڪلاسڪ جو تعلق وقتيت ۽ قدامت سان گھرو آهي.... اهڙا شاهپارا ۽ تخليقون جن ۾ وقت کي مات ڪرڻ جي قوت آهي، ڪلاسڪ ڪوٺجن ٿا... ايران ۾ فردوسيءَ جو شاهنامو، روميءَ جي مثنوي، حافظ جا غزل، انگلينڊ ۾ شيڪسپيئر جا ڊراما، ڀارت ۾ ڪاليداس جي شڪنتلا، سنڌ ۾ شاهه جو رسالو ۽ سچل جو ڪلام ڪجھ اهڙا شاهپارا آهن، جن وقت کي مات ڪري ڇڏيو آهي.” (ڊاڪٽر قادري، 2007، 119، 120) ان مان ظاهر ٿيو ته ڪلاسيڪيت ڪو پُراڻ پسندي جو نالو نه آهي، ان ۾ به پنهنجي وقت جي حالتن ۽ تجربن مطابق هڪ جدت هوندي آهي پر ان جي سڀ کان وڏي خوبي خيال، فڪر ۽ فن جي دائميت آهي، جنهن سبب ڪوبه فن پارو ‘پئي پراڻو’ نه ٿو ٿئي.
    اهڙي ريت ‘جدت’ جو لفظ به پنهنجي معنى ۽ مفهوم ۾ وضاحت جو گھرجائو آهي. اسان وٽ ڪي ماڻهو “جدت” (Modernity) ۽ “جديديت” (Modernism) جي لفظن کي هڪ ئي معنى ۾ استعمال ڪندا آهن. جڏهن ته انهن لفظن جي مطلب ۽ مفهوم جي سرحدن کي ڇهڻ سان محسوس ٿيندو ته انهن ٻنهي ۾ تمام وڏو فرق آهي. اصل ۾ Modernism ادب جو هڪ مخصوص لاڙو آهي، جڏهن ته Modernity جو لفظ ان جدت طرازي ۽ نواڻ جي معنى ۾ استعمال ٿيندو آهي، جنهن وسيلي ڪنهن به تخليق ۾ موضوع، اسلوب ۽ هيئت جي نواڻ جي جاچ ڪئي ويندي آهي ۽ منجھانئس نئين فڪر، فلسفي ۽ تخيل جي تلاش ڪئي ويندي آهي. انهيءَ معنوي مغالطي سبب ڪيترن ئي وڏن شاعرن ۽ نقادن به انهن ٻنهي اصطلاحن کي گڏائي هڪ ئي معنى ۾ استعمال ڪيو آهي. جيئن ن. م راشد پنهنجي مضمون “جديديت کيا هي؟” ۾ لکيو آهي ته “جديديت جي هڪ تعريف ته اها ئي ٿي سگھي ٿي ته جيڪو اندازِ نظر پنهنجي زماني سان هم آهنگ هجي ۽ ماضيءَ سان يگانگت ۽ رابطو محسوس نه ڪري اهو ڄڻ ته جديديت جو حامل آهي. پر جديديت جي معنى رڳو معاصريت نه آهي. يعني هر شاعر جيڪو اسان جي زماني ۾ زندگي بسر ڪري رهيو آهي ۽ شعر چوي ٿو جديد شاعر نه ٿو چورائي سگھي..... بيشمار شاعر هن وقت “موجود” آهن پر “جديد” نه آهن. “جديد” شاعر صرف اهو آهي، جيڪو “جديد” شعر چوندو هجي. رڳو ان قسم جا شعر چوندو هجي جن تي قدامت يا روايت جي مهر لڳل نه هجي. جيڪي هر لحاظ کان جديد اندازِ نظر جا حامل هجن، جن منجھ ڪنهن خيالي يا مصنوعي زندگيءَ جي ترجماني بدران جيئري جاڳندي اسان ۽ اوهان جي اردگرد جي دنيا جي ترجماني ڪيل هجي. جنهن ۾ روايتي طور تي ڄاڻي واڻي خيالن، احساسن ۽ علامتن وغيره جو ذڪر نه هجي. اهي خيالَ، احساسَ ۽ علامتون بلڪه اها هر شي جيڪا شاعر جو سرمايو بڻبي آهي، ڪنهن طرح قاري جي “توقع مطابق” نه هجي بلڪه قاري جي لاءِ غير متوقع ۽ اجنبي هجي.” (اشتياق، 2006ع، ص 84) اصل ۾ ن. م راشد جي اها راءِ جديديت جي تحريڪ يا لاڙي جي باري ۾ نه پر جديد شاعري بابت آهي.
    ڪي ماڻهو جدت کي روايت کان بغاوت جو نالو ڏيندا آهن، پر اها ڳالهه به مڪمل طور درست نه آهي. ‘روايت’ جون به جدا جدا معنائون آهن. ان حوالي سان ٻه لفظ استعمال ٿيندا آهن. پهريون ‘روايت پرستي’ ۽ ٻيو ‘روايت پسندي‘. ادب ۾ صحتمند ۽ مثبت روايتن کي برو نه سمجھيو ويندو آهي، بلڪه اهي جديد دور ۾ به ادب جو حصو هونديون آهن، البته ‘روايت پرستي’ جو لفظ ادب جي ان جامد تصور کي اڀاري ٿو، جنهن جي ٻي معنى ‘قدامت پرستي’ يا ‘رجعت پرستي’ آهي. ان صورت ۾ اسان روايت پرستيءَ کي جدت جو ضد چئي سگھون ٿا. ڪوبه جديد شاعر نئين دور جي تبديلن ۽ تقاضائن توڙي نون سياسي، سماجي ۽ اقتصادي معاملن کان ڪڏهن به منهن نه موڙيندو آهي ۽ دنيا جي انقلابن کي قبول ڪندو آهي. هن جو نڪتهء نظر سائينٽيفڪ هوندو آهي ۽ سندس شاعريءَ ۾ انسان دوستي ۽ جمهوري قدر زنده هوندا آهن.
    جڏهن اسين جديد شاعريءَ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اديبن جي هڪ ٽولي جي اها راءِ به سامهون اچي ٿي ته جديد شاعري اها آهي، جنهن ۾ نه رڳو نئين زماني جي مسئلن جي عڪاسي هجي پر اها غير طبقاتي سماج جي اڏاوت ۾ باقاعدي حصو به وٺي. ان صورت ۾ شاعر جو منصب هڪ سماج سڌارڪ وارو به بڻجي پوي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هڪ سچو شاعر پنهنجي دور جي لاهن چاڙهن کان متاثر ٿيندو آهي، هو پنهنجي اردگرد جي حالتن کان ڪڏهن به اکيون ٻوٽي نه ٿو سگھي. ظاهر آهي ڪنهن به انسان وانگر هڪ شاعر سماج کان ڪٽجي زندگي نه ٿو گذاري سگھي، پر اها ڳالهه رڳو جديد شاعريءَ سان لاڳاپيل نه آهي. هڪ روشن خيال شاعر انسان دوست هوندو آهي ۽ سماج ۾ ڪنهن به ظلم ۽ زياتيءَ کي سٺو نه سمجھندو آهي، هو طبقاتي ورڇ جو قائل نه هوندو آهي پر اهو ضروري نه آهي ته هو پنهنجي شاعريءَ کي ڪنهن مخصوص سياسي فڪر ۽ نظريي سان هم آهنگ ڪري پنهنجي اظهار کي پمفليٽ جي درجي تي آڻي ڇڏي. جيئن ته شاعري ڪنهن شاعر جي ذات جي تجربن، مشاهدن ۽ ڪيفيتن کان وٺي ڪائنات جي لقائن ۽ وسعتن کي فني ۽ تخليقي انداز ۾ بيان ڪرڻ جو هنر آهي، تنهنڪري هڪ جديد شاعر کي اشتهاري نوعيت جي ڳالهه رکڻ ۽ نعري بازي کان پري رهڻ کپي. اهو جديد شاعريءَ جو پهريون تعارف آهي.
    جديد شاعريءَ جون پنهنجون فني ۽ فڪري حسناڪيون ۽ ندرتون آهن. ان ۾ جديد شعور ۽ آگهي، نئون تصور ۽ ادراڪ موجود آهي. جديد شاعريءَ ويهين صديءَ جي روح کي پنهنجي اندر جذب ڪيو آهي. اها هڪ بيساخته ۽ اجھل اظهار جو نالو آهي، جنهن ۾ ڪنهن منصوبه بندي جو ڪو عمل دخل نه آهي. ان جو هڪ مثال موجوده دور ۾ لکيل بي عنوان نظمَ آهن. نظم جو عنوان خود هڪ اڳواٽ سوچيل موضوع ۽ منصوبه بندي جو عمل آهي، جنهن تحت ڪنهن خاص عنوان جهڙوڪه “بهار“، “خزان“، “انقلاب“، “جمهوريت“، “سِج“، “ڪارو ڪاري” وغيره تي ڪو شاعر هڪ مخصوص فريم ۾ رهندي پنهنجي خيال يا احساس کي قلم بند ڪري سگھي ٿو، پر جديد نظم هڪ شاعر جي اندر جي اهڙي مسافت آهي، جنهن جا پنهنجا رنگ ۽ ڍنگ آهن، جنهن جا الڳ رستا ۽ راهون آهن. اهڙو نظم ڪنهن مخصوص فريم جو گھرجائو نه آهي، ان ڪري جديد نظم ۾ خيالن جا انيڪ پُر پيچ رستا ۽ وري وري اڀري لهڻ واريون خوبيون موجود آهن، ان ۾ سمنڊ جي موجن وارو شور ۽ درياهه جي لهرن واري رواني هجڻ سان گڏ احساس کي گرمائڻ وارا گڻ اتم درجي تي موجود آهن.
    جيتري قدر جديد سنڌي شاعريءَ جو سوال آهي ته جديد سنڌي شاعري جدت ۽ نواڻ جون سموريون خوبيون ساڻ کڻي به پنهنجي ڪلاسيڪي ورثي ۽ روايت کان ڪڏهن به بغاوت نه ڪئي آهي. پوءِ اهو فن جي سطح تي هجي يا فڪر ۽ موضوع جي سطح تي يا وري شعري صنفن جي حوالي سان. مثلاً فن جي حوالي سان جديد سنڌي شاعري جتي عروضي صنفن غزل، نظم وغيره سان ناتو نڀائيندي اچي ٿي اُتي ماترڪ ڇند تي آڌاريل صنفن بيت، وائي، دوهو وغيره ۾ به جديد شاعرن جي طبع آزمائي هلندڙ آهي. اهڙي طرح موضوعاتي حوالي سان رومانيت کان تصوف تائين اظهار جون مختلف صورتون جيڪي ڪلاسيڪي ۽ روايتي شاعريءَ جي سڃاڻپ هيون اڄوڪي جديد سنڌي شاعريءَ ۾ به موجود ملنديون. فرق اهو آهي ته جديد شاعرن جي ٻولي، اسلوب توڙي موضوعن کي پيش ڪرڻ جو انداز نرالو ۽ نڪور آهي. خاص طور جديد شاعري روايتي عروضي دور جي لب لهجي، فارسيت جي غلبي ۽ لٻيل موضوعن، توڙي ڌاري ماحول مان نڪري آئي آهي. هاڻي اها نج سنڌي ڪلچر ۽ روايتن سان جُڙيل محسوس ٿئي ٿي. ان ڪري ان ۾ سنڌ جي چيڪي مٽيءَ وارو هڳاءُ محسوس ٿئي ٿو.
    جيتوڻيڪ اهو طئي ڪرڻ ڏاڍو اوکو آهي ته نيٺ جديد سنڌي شاعريءَ جو دور ڪڏهن کان شروع ٿيو؟ پر ان سلسلي ۾ تنوير عباسي اسان جي هن طرح رهنمائي ڪري ٿو “جديد سنڌي شاعريءَ جي اوسر ۽ واڌ گھڻو تڻو پاڪستان جي قيام بعد ٿي آهي. جيتوڻيڪ ان جو ٻج گھڻو اڳ ۾ پوکجي چڪو هو.” (تنوير، 1988ع، 52) جديد سنڌي شاعري جي سلسلي ۾ سڀ کان اڳ اسان کي جيڪو مختصر ۽ ڪارائتو مضمون ملي ٿو اهو آهي تنوير عباسي جو “جديد سنڌي شاعري”. جيڪو هن ‘مهراڻ’ ۾ 1960ع ڌارا لکيو هيو. ان مضمون ۾ هن جديد سنڌي شاعريءَ جا معيار ٻڌائيندي ان جون ڇهه خاصيتون بيان ڪيون آهن، تنوير مطابق “اسان جي جديد شاعريءَ جو مزاج ۽ لهجو سليس، سادو، وڻندڙ ۽ نرم آهي. ائين چئجي ته اسان جا شاعر اڄڪلهه پنهنجي قومي مزاج کان باخبر آهن، سندن شعر جو سڀاءُ، پنهنجي قوم جو مخصوص سڀاءُ آهي. هنن جي تخاطب جا انداز پيارا آهن.... ٻي خصوصيت جيڪا جديد شاعريءَ جي جان آهي، سا آهي انفراديت. اسان جي جديد دور جي هر سٺي شاعر ڪوشش ڪري پنهنجي تخليق ڪئي آهي. پنهنجن ذاتي مشاهدن، تجربن ۽ احساسن کي بيان ڪيو اٿس. ان ڪري هن دور ۾ ڪيتريون ئي تشبيهون، استعارا، اصطلاح ۽ محاورا اسان جي شاعريءَ جي دنيا ۾ داخل ٿيا آهن، جيڪي شاعريءَ لاءِ بلڪل نوان آهن..... اڄوڪن شاعرن ‘روايتي حسن’ ۽ مطالعي جي سهاري کي ڇڏي، پنهنجي مشاهدي جي قوت کي تيز ڪيو آهي ۽ پنهنجو احساس وڌيڪ اونهو ڪيو اٿائون.... جديد ادب جي ٽين خصوصيت آهي، پنهنجي ڪلاسيڪي ورثي کي سنڀالڻ...... بيت، ڪافي، وائي ۽ موضوعن کي پڻ نئين سر هن دور جي ئي شاعرن جيئاريو آهي.... اسان جي جديد شاعريءَ جي چوٿين خصوصيت آهي، موضوعن جي فراواني ۽ ندرت..... پنجين پر اهم خصوصيت آهي هيئت جا تجربا..... ڇهين ۽ آخري اهم خصوصيت آهي ترنم ۽ موسيقيت.” (تنوير، 1988ع، ص 52، 53، 56، 57، 58).
    تنوير عباسي مطابق انهن ڇهن اهم نقطن جي بنياد تي اسين جديد سنڌي شاعريءَ جي پرک ڪري سگھون ٿا ۽ جيڪڏهن اهي خاصيتون ڪنهن شاعر جي شعر ۾ موجود آهن ته ان کي اسين جديد شاعر چئي سگھندا سين. ظاهر آهي تنوير جي اها راءِ ڇهه ڏهاڪا اڳ جي آهي، تنهنڪري ان کي اڄ جي جديد شاعريءَ سان مڪمل طور سلهاڙي نه ٿو سگھجي. اڄ جتي ادب جي دنيا جديديت کان جديديت پڄاڻان ۽ ان کان به اڳتي جو سفر ڪري رهي آهي اُتي جديد شاعريءَ جا معيار به تبديل ٿيا آهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ انهن ادبي لاڙن جو اثر سنڌي شاعريءَ به قبوليو آهي، پر ان لاءِ هڪ ڌار مطالعي جي ضرورت آهي. هتي اسين رڳو جديد سنڌي شاعريءَ جي ڳالهه ڪندا سين. هتي جيڪڏهن مان تنوير عباسي واري مضمون ۾ ڏنل راءِ کي گڏائي ۽ ان کي ڪجھ وسيع ڪري مختصر لفظن ۾ چوان ته ‘جديد سنڌي شاعري پنهنجي فڪر، احساس ۽ ادراڪ ۾ نئين آهي. ان ۾ موجود تصورن، خيالن ۽ احساسن کي اظهارڻ جو انداز بنهه پنهنجو آهي. ان ۾ گڏيل شعور ۽ تهذيبي ورثي جو حسين اظهار موجود آهي. اها پنهنجي ڪلاسيڪي ورثي سان سلهاڙيل آهي. ان ۾ موسيقيت سان گڏ نج نبار ٻوليءَ جون حسناڪيون ۽ انوکي لفظيات جو هڪ مانڊاڻ آهي. ان ۾ فن جون نزاڪتون ۽ گھرايون توڙي نج شاعراڻو اسلوب آهي. ان جي پيشڪش نئين ۽ انوکي آهي.’ ته غلط نه ٿيندو.
    جڏهن اسين جديد سنڌي شاعريءَ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ائين به نه آهي ته ان بابت ڪلهه تائين جيڪي بحث ٿيا ۽ ان جون جيڪي سرحدون طئي ڪيون ويون اڄ جو شاعر رڳو انهن تي ئي بيٺو آهي. ان جو تازو مثال 2015 ۾ سوشل ميڊيا (فيس بڪ) تي احمد سولنگي پاران “نئين ڪويتا” جو اصلاح پيش ڪري هڪ ڊگھو ڊائلاگ شروع ڪرڻ آهي. اهو ڊائلاگ فياض ڏاهريءَ جي هڪ غزل تي علي آڪاش جي ڏنل ان راءِ ته “هي ‘غزل’ سنڌي ٻوليءَ جي غزل صنف ۾ هڪ بريڪ ٿرو (Break through) جي حيثيت رکي ٿو.” کان پوءِ شروع ٿيو جنهن بعد ان تي هڪ گرماگرم بحث ڇڙي پيو ۽ ڪن اديبن “نئين ڪويتا” جي دفاع ۾ ڳالهايو ته ڪن وري ان جي مخالفت ۾ دليل ڏنا. ڪن ان بحث کي غزل ۽ عروضي شاعريءَ خلاف سازش سڏيو ته ڪن وري ان کي سنڌي ادب ۾ هوا جو نئون جھوٽو چيو. بهرحال ڪجھ به هجي مان سمجھان ٿو اهو جديد سنڌي شاعريءَ بابت هڪ صحتمند بحث هيو. احمد سولنگي “نئين ڪويتا” جي اصطلاح کي Justify ڪندي لکيو: “نئين ڪويتا، سمورا قديم تاڃي پيٽا ٽوڙي هڪ نئون جهان جوڙيو آھي...... روايتي شاعري جي مقابلي ۾ نئين ڪويتا جو ماحول ۽ ان جا سمورا چٽا ۽ اڻ چٽا اهڃاڻ سماج جي سياه ڪارين تي سڌي طرح احتجاج ڪن ٿا...... نئين ڪويتا ۾ “اَڪويتا” به اچي وڃي ٿي، اُلٽ ڪويتا به اچي وڃي ٿي، نثري نظم به اچي وڃي ٿو ۽ هر اها ڪويتا به اچي وڃي ٿي جنهن ۾ نئين سجاڳيءَ ڏانهن شاعر جو رويو تبديل آهي.” (احمد سولنگي جي فيس بڪ وال تان).
    جديد سنڌي شاعريءَ جون عصري سرحدون ڳوليندا سين ته ڳالهه خليفي گل محمد ۽ مير عبدالحسين سانگي کان شروع ڪرڻي پوندي ۽ ان ۾ مرزا قليچ بيگ، ڪشن چند بيوس، هري دلگير، هوندراج دکايل، شيخ اياز، نارائڻ شيام، حيدر بخش جتوئي، عبدالڪريم گدائي، شمشير الحيدري، امداد حسيني ۽ تنوير عباسي کان وٺي اياز گل، حسن درس، اياز جاني، احمد سولنگي، مظهر لغاري، روبينه ابڙو ۽ سعيد ميمڻ تائين ڪيترن ئي شاعرن جو ذڪر ايندو، پر هن مقدمي ۾ منهنجو مقصد انهن شاعرن جي شاعريءَ جي جدتن ۽ ندرتن کي نروار ڪرڻ نه آهي. ان لاءِ هڪ پوري ڪتاب يا ڪتابي سلسلي جي گھرج آهي. تنهنڪري هتي مختصر طور مان رڳو اها ڳالهه رکڻ چاهيان ٿو ته اسان وٽ هن وقت تائين جديد سنڌي شاعريءَ تي تنقيد جي صورتحال ڇا رهي آهي. جيتوڻيڪ ويجھي ماضي ۽ حال ۾ جديد سنڌي شاعريءَ تي تنقيد ڪندڙ ۽ نقاد جي زمري ۾ ايندڙ ڪيترن ئي اديب جا نالا ڳڻائي سگھجن ٿا جن ۾ غلام محمد گرامي، تنوير عباسي، احسان احمد بدوي، محمد اسماعيل عرساڻي، امير علي چانڊيو، تاج بلوچ، امداد حسيني، رسول بخش پليجو، رشيد ڀٽي، سراج، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر سحر امداد، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، ڊاڪٽر بدر اڄڻ، قربان بگٽي، اڪبر لغاري، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ڊاڪٽر تهمينه مفتي، مختيار ملڪ، ممتاز مهر، ادل سومرو، تاج جويو، بدر ابڙو، رئوف نظاماڻي، جامي چانڊيو، ڊاڪٽر غفور ميمڻ، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، احمد سولنگي، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، شبنم گل، عادل عباسي، ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر احسان دانش، سرمد چانڊيو، رياضت ٻرڙو، علي آڪاش، ممتاز بخاري، مبارڪ لاشاري، رکيل مورائي، گوهر شيخ، اسير امتياز، مشتاق ڀرڳڙي، رضوان گل، ابراهيم کرل، سرواڻ سنڌي، خليق ٻگھيو، ڊاڪٽر شير مهراڻي، ڊاڪٽر ساجده پروين، حبدار سولنگي، قدير شيخ، بخشل باغي، خادم بالادي، مهراڻ ميمڻ وغيره وغيره شامل آهن، پر انهن مان به ڪي نقاد اهڙا آهن، جيڪي تنقيد جي گھربل قدرن ۽ معيارن مطابق سنڌي ادب / شاعريءَ تي تنقيد نه ڪري سگھيا آهن. تنهنڪري حقيقت ۾ سنڌي ادب تنقيد جي ميدان ۾ اڄ به هم عصر ادب جي ڀيٽ ۾ پوئتي نظر اچي ٿو، پر مورڳو ائين به نه آهي جو اسان اهڙو بيان جاري ڪري ويهون ته اڃا سنڌي ادب / شاعريءَ تي تنقيد جي شروعات ئي نه ٿي آهي. بهرحال سنڌ ۾ تنقيد تي جيترو ڪم ٿيو آهي ان جي ڀيٽ ۾ هند ۾ وڌيڪ ۽ معياري ڪم نظر اچي ٿو خاص طور ويجھي ماضي ۾ آنند کيماڻي، ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي، هيرو شوڪاڻي، کيمن يو مولاڻي ۽ ٻين تنقيد جي جديد معيارن مطابق سنڌي ادب / شاعريءَ جو تنقيدي اڀياس پيش ڪيو آهي. هنن وٽ Post Modernism ۽ Deconstruction Theory مطابق شاعريءَ تي تنقيد نظر اچي ٿي.
    جيتري قدر سنڌ ۾ سنڌي شاعريءَ تي تنقيد جو سوال آهي ته اسان جي اڪثريتي اديبن ۽ نقادن جي اها ڳالهه ڪافي وزنائتي آهي ته اسان جي تنقيد وڏي حد تائين بي وزن، ادبي معيار کان ڪريل ۽ غير اهم آهي. گھڻو ڪري ته اسان وٽ جديد شاعريءَ تي جيڪا تنقيد ٿي آهي ان ۾ شخصيت کي اڳيان رکيو ويو آهي ۽ ان جي فن تي تمام هلڪي، معمولي ۽ غير معياري تنقيد ٿي آهي. نتيجي ۾ تنقيد جي اوسر جي رفتار سست رهي آهي. تاج بلوچ مطابق “تنقيد جي غير موجودگي تخليقيت جو گس روڪيو بيٺي آهي. فني اسرار ليکڪ جي ميراث آهي، ان کي پنهنجو مفهوم ڏيڻ درست ناهي. اسان هڪ روايت طور ڪنهن شاعر جو ڪو بند، ڪو مصرعو يا ڪا سٽَ حوالي طور ڏيو، ان تي پنهنجو تشريحي بيان نافذ ڪري، تخليقڪار جي حسي اسرار ۽ تجربي تي منڌيئڙو ڦيري ڇڏيندا آهيون..... تشريحي تنقيدي رويو تخليقڪار جي حسي تجربي کي مڏو ۽ محدود ڪيو ڇڏي ٿو....... اسان وٽ هڪ ٻي روايت به آهي ته سنڌي شاعر صنفي (گھاڙيٽن) تجربن جي چڪر ۾، تخليقيت بدران، گھڻن گھاڙيٽن تي طبع آزمائي ڪيو، پنهنجي تخليقي سڃاڻ کي محدود ڪيو ڇڏي، ۽ اها بدعت تڏهن کان شروع ٿي آهي، جڏهن کان اسان زور ــ مس ڪري ٻاهران آيل گھاڙيٽن يا نون گھڙيل گھاڙيٽن تي طبع آزمائيءَ کي فروغ ڏنو. بلاشڪ ڪجھ تخليقڪارن بي مثال تخليقي تجربا ڪيا، پر گھڻائي شوقيه فنڪارن جي آهي. جن نين صنفن يا ٻاهران آيل گھاڙيٽن جي فني ۽ فڪري هيئت يا پس منظر کي سمجھڻ بدران فيشن طور (اهل) اختيار ڪيو، جنهن مان شاعري گم ٿي چڪي آهي.” (تاج بلوچ، 2014ع ص 124، 125)
    جيئن ته شاعري انساني جذبن، احساسن ۽ ڪيفيتن جو اجھل اظهار آهي، جنهن ۾ هڪ شاعر پنهنجي تصور ۽ تخيل جي دنيا جا رنگ رچي ٿو، پر اهو به سچ آهي ته هر شعر فطري طور اظهار جي الڳ قالب ۾ سمائجي وڃي ٿو، سنڌي شاعريءَ ۾ نين صنفن جي ايجاد جو شوق پنهنجي جڳهه تي پر مروج نئين شعري صنفن ۾ ڪن فنڪارن ڪمال جا تجربا ڪيا آهن، پر انهن تي تمام ٿورو ڳالهايو ويو آهي. مان سمجھان ٿو تاج صاحب جي ان ڳالهه کي ان طرح سان اڳتي وڌائي سگھجي ٿو اهڙا شاعر جن نين پر ڌارين صنفن جهڙوڪه هائيڪو، ترائيل، سانيٽ ۽ خود آزاد نظم توڙي نثري نظم وغيره تي طبع آزمائي ڪئي آهي تن بابت ڀرپور تنقيدي اڀياس اچڻ کپن ۽ هڪ ڪٿ ۽ پرک ڪرڻ کپي ته انهن صنفن کي جديد سنڌي شاعريءَ ڪهڙي ريت قبول ڪيو آهي. ان کان علاوه هڪ پاسي سنڌي شاعريءَ تي تنقيد ڪندڙن/ تبصره نگارن جي اڪثريت شاعرن جي شان ۾ ٺلهي تعريف جون پُلون ٻڌي، شاعريءَ جي واڌ ويجھ ۾ رڪاوٽ پيدا ڪئي آهي، ته ٻئي پاسي غير ضروري نڪته چيني ۽ تنقيص سان گڏ ڪنهن تخليقڪار سان ذاتي عناد سبب گار گند تائين جي صورتحال اصلوڪن فنڪارن کي Isolation جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي. ائين اسان کي جديد سنڌي شاعريءَ تي هن وقت تائين ٿيل تنقيد جو توازن اڪثر بگڙيل نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر اسحاق سميجي ان حوالي سان بلڪل صحيح لکيو آهي ته “اسان جي تخليقڪار کي زمانن کان وٺي، فقط ساراهه ۽ تعريف ٻڌڻ جو عادي بڻايو ويو آهي، تنهنڪري ئي هن جي ويچار جي صلاحيت محدود ٿي رهجي وئي آهي ۽ سندس ذهن سواءِ ڪوڙي ساراهه جي ٻيو ڪجھ به ٻڌڻ لاءِ تيار نٿو ٿئي، پوءِ ڀلي اهو سچ ئي ڇونه هجي. جيتوڻيڪ ساراهه وارو عمل به خراب ۽ منفي ناهي، پر سکڻي، بي روح ۽ لفاظيءَ تي ٻڌل ساراهه تخليق توڙي تخليقڪار، ٻنهي لاءِ موت برابر آهي. جيڪڏهن ايماندارانه جائزو وٺجي ته همعصر ادبي دور اهڙو ئي سطحي موت مرندي نظر اچي ٿو..... ڪوڙي واهه واهه مان انتهائي بيزاريءَ واري حالت جنم ورتو آهي، تنهنڪري ئي رد عمل ۾ اڀري آيل تنقيد تي به تنقيصي رويي جو غلبو رهي ٿو. تنقيص ته وري به تخليق جي دشمن ناهي پر تنقيد جي نالي ۾ ڪردارڪشي، شخصي تضحيڪ ۽ ذاتيات تي گفتگو، خسيس ۽ سطحي حرڪت آهي ۽ اهڙي ڪنهن حرڪت ۾ ملوث شخص کي نقاد چوڻ، نقاد لفظ جي سڀ کان وڏي تضحيڪ آهي.” (سميجو، 2005ع ص 8) هڪ نقاد جي ذميداري ڪهڙي آهي ان بابت اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون. ان سموري پس منظر ۾ جديد سنڌي شاعريءَ تي تنقيد ڪندڙ اصل نقاد اسان کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي نظر ايندا.
    مان پنهنجي هن ڪتاب ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جي چوڏنهن آوازن کي پيش ڪندي تنقيد جي گھربل معيارن مطابق انهن جي شاعريءَ جي ڪٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مان پنهنجي هن ڪم کي ڪوئي ڪارنامو سڏڻ لاءِ تيار ناهيان، هن ڪتاب کي جديد سنڌي شاعريءَ تي تنقيد جي سلسلي ۾ هڪ ننڍڙي ڪوشش سمجھڻ کپي. هي ڪتاب هن صورت ۾ يا هن کان ٿورو مختلف، وڏي عرصي کان تيار پيو هيو، پر مونکي جڏهن به هن ڪتاب کي ڇپائڻ جو خيال ايندو هيو ته هڪ غيراطمينانيءَ واري ڪيفيت هِن کي ڇپائڻ لاءِ موڪلڻ اڳيان رڪاوٽ بڻبي هئي. اها غير اطميناني ڪتاب ڇپائڻ جي آخري مرحلي تائين رهي ٿي ۽ هڪ تخليقڪار / نقاد بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو. ادب هجي يا زندگي ان تي تنقيد جي هر وقت ضرورت محسوس ٿئي ٿي. ڪنهن به اهڙي ليکڪ کي مڪملتا ۽ اطمينان جو احساس ڪڏهن به نه ٿيندو آهي، جيڪو سدائين بهتر کان بهتر جي ڪوشش ۾ سرگردان هوندو آهي. اصل ۾ مون سان به ڪجھ اهڙو ئي معاملو آهي. جيتوڻيڪ مان گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ سنڌي شاعرن جي شاعريءَ بابت ايترا تنقيدي اڀياس لکيا آهن جو، ههڙو ئي هڪ ٻيو ڪتاب به جُڙي پوندو پر مان مقدار کان معيار کي ترجيح ڏيندي هن ڪتاب ۾ رڳو تيرنهن شاعرن جي شاعريءَ جو تنقيدي اڀياس پيش ڪيو آهي. اهو اڀياس اوهان مان ڪن پڙهندڙ کي واضح طور سنڌيءَ ۾ عام مروج تنقيد کان مختلف به لڳندو، ڇوته ان ۾ اوهان کي ڪنهن به تخليقڪار جي تضحيڪ، ڪردار ڪشي، پٽڪا ڊاهه، طنز، ٽوڪ ٺٺول نه ملندي، نه ئي وري انهن اڀياس ۾ اوهان کي ڪٿي به شخصيت پرستي، اجائي تعريف، غير معمولي لقب القاب ۽ تخليقن بابت هروڀرو زمين آسمان هڪ ڪرڻ وارو تاثر ملندو. هنن تنقيدي مضمونن ۾ گھڻو تڻو تخليقڪارن جي فن ۽ فڪر تي ڳالهايو ويو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي شخصيت تي هلڪي روشني وجھڻ جي ضرورت کي پورو ڪيو آهي. انهن اڀياسن ۾ اوهان کي هر شاعر جي فن، آرٽ، جذبي ۽ خيال جي بنياد تي تنقيد نظر ايندي. انهن مان ڪي مقالا اهڙا به آهن، جن ۾ شاعر جي ڪلام جي گھڻ رخي خوبين کي اڀاريو ويو آهي. اهڙا اڀياس ٿي سگھي ٿو، تنقيد جي اصطلاح کي خاص عينڪ سان ڏسندڙ لَڏو قبول نه ڪري ۽ چئي ڏِئي ته ان ۾ ته ڪا تنقيد ئي نه آهي.... پر جئين اسان مٿي تفصيل سان ذڪر ڪري آيا آهيون ته تنقيد جو ڪم رڳو نقص نگاري نه آهي، تنهنڪري منهنجا اهي مضمون انهن لاءِ آهن جيڪي تنقيد جي اصل روح کي سمجھن ٿا.
    هن ڪتاب ۾ منهنجا لکيل اهڙا تحقيقي، تنقيدي ۽ تجزياتي مضمون ۽ مقالا شامل آهن، جيڪي مون مختلف وقتن تي لکيا آهن. انهن مان ڪي مقالا ٿانيڪو ٿي لکيا آهن ته ڪي وري نظريهء ضرورت تحت ــ پر اهي سمورا مضمون ڪنهن نه ڪنهن طور تنقيد جي معيارن مطابق لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڇوته اهي مضمون مختلف وقتن تي لکيل آهن، تنهنڪري انهن کي خود منهنجي تنقيدي شعور جي اوسر جي راهه جا نشان سمجھڻ گھرجي. مان اهو قبول ڪريان ٿو ته اهي تحريرون مختلف وقتن تي لکيل هئڻ سبب، سڀئي هڪ ئي معيار جون به نه آهن، انهن مان اوهان کي ڪن ۾ حوالا تحقيق جي مروج اصولن تحت ملندا ته ڪن ۾ روان مواد ۾ موجود ملندا. گھڻو وقت گذرڻ سبب انهن حوالن کي هن وقت ڳولڻ به مون لاءِ محال هيو، تنهنڪري اهڙا مقالا جيئن جو تيئن شامل ڪيا آهن. انهن مضمونن مان اوهان کي ڪٿي تاثراتي انداز به ملندو جيئن شبير هاليپوٽي تي لکيل مضمون ۾ آهي، ڪٿي ٿورو ٿورو شخصيت جو اولڙو محسوس ٿيندو جيئن ادل سومري تي لکيل آرٽيڪل ۾ آهي. ائين ڪٿي وري تبصري ۽ فڪري پروڙ جو احساس ٿيندو جيئن انور پيرزادي جي شاعريءَ تي لکيل مضمون ۾ آهي. اهي اڀياس مجموعي طور منهنجي گذريل ٻن ڏهاڪن جي تنقيدي پورهيي جو ثبوت آهن.
    اُهي شاعر جن جي شاعري تي اڀياس هن ڪتابَ ۾ شامل آهن. انهن جو تعلق جديد سنڌي شاعريءَ جي ٽن دورن سان آهي. پهرين دور ۾ شيخ اياز، استاد بخاري ۽ تنوير عباسي کي شامل ڪري سگھجي ٿو. ٻئي دور ۾ انور پيرزادي، اياز گل ۽ ادل سومرو جا نالا اچن ٿا، جڏهن ته ٽئين دور ۾ سعيد ميمڻ، روبينه ابڙو، اياز جاني، جواد جعفري، شبير هاليپوٽو، شهمير سومرو ۽ گوهر شيخ شامل آهن. اميد ته ٽن دورن جي انهن شاعرن جي الڳ الڳ رخن تي لکيل هي تنقيدي اڀياس جديد سنڌي شاعريءَ تي ٿيل تنقيد جي سلسلي ۾ ڪجھ نه ڪجھ اهميت ضرور حاصل ڪندا. هي ڪتاب ان سلسلي جو پهريون جلد آهي، ان حوالي سان هن ڪتاب جا وڌيڪ جلد پڻ شايع ٿيڻ باقي آهن. منهنجو هي پورهيو مجموعي طور تنقيد جي تشريحي، معياري، فني، تخليقي، تحقيقي، تجزياتي ۽ عملي رخن تي مشتمل آهي.
    هن ڪتاب جي تڪميل تائين جن دوستن ۽ مهربانن جو مون سان ساٿ رهيو آهي ۽ هر لمحي مونکي ان ڪم کي منظرِ عام تي آڻڻ لاءِ اتساهيندا رهيا آهن، انهن مان سر فهرست نالو منهنجي پياري دوست رياضت ٻرڙي جو آهي، جنهن گھڻي عرصي کان هن ڪتاب کي ڇپائڻ لاءِ زور پئي ڀريو. ان کان علاوه منهنجو بابا سائين ڊاڪٽر بشير احمد شاد، رضوان گل، محمد هاشم حامي، لعل بخش ڪلهوڙو ۽ جهانگير عباسي به هن ڪم جي سلسلي ۾ مون کي همٿائيندا رهيا آهن. خاص ٿورا پنهنجي محبوب دوست ڊاڪٽر فياض لطيف جا جيڪو منهنجي عيبن کان به واقف آهي ته منهنجي فن کان به. هُنَ ڪتابَ ۾ اهڙو ته ڀرپور مهاڳ لکيو آهي جو ان جي ڪري هِنَ ڪتاب جي اهميت وڌي وئي آهي. محترم دوست عابد ڪاظمي فليپ تي تعارف ۽ رياضت بئڪ ٽائيٽل تي جيڪي لفظ لکيا آهن، انهن کي به مان پنهنجي لاءِ عزت ۽ اعزاز جي ڳالهه سمجھان ٿو. هن ڪتاب کي منهنجي تخليقي سفر جي ساٿي ۽ سهڻي دوست ساجد سنڌي بنان ڪنهن شرط شروط جي ڇپائي اوهان جي هٿن تائين پهچايو آهي، سچ ته اهو سندس پيار آهي. اميد ته منهنجو هي پورهيو اوهان سڄاڻ پڙهندڙن وٽ صاب پوندو.

    حوالا

    1. عتيق الله، (مولف) ادبي اصطلاحات فرهنگ، جلد اول، دهلي يونيورسٹي اردو مجلس، 1995
    2. بريلوي ڈاکٹر عبادت “اردو تنقيد کا ارتقا“، انجمن ترقيء اُردو، پاکستان، کراچي، اشاعت سوم 1979،80
    3. احتشام حسين، (مرتب) “تنقيدي نظريات” لاهور اکيڈمي، لاهور، بار اول 1968
    4. رضوي وقار احمد ڈاکٹر “معروضي تنقيد” مکتبه دانيال کراچي، 2013
    5. سنديلوي سلام ڈاکٹر، “ادب کا تنقيدي مطالعه” ميري لائبريري، لاهور 8، 1963
    6. احمد اشتياق، (مرتب) “جديديت کا تنقيدي تناظر” بيت الحکمت، لاهور 2006
    7. Hudson, Introduction to the study of Literature.
    8. Henry I. “Christ Modern English in Action” D. C Heath and Company, 1975
    9. عباسي تنوير، “ترورا” سهڻي پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1988ع
    10. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر، “لطيفي لات” مهراڻ اڪيڊمي 1991ع
    11. قادري اياز “مشعلِ اياز” قادري قلم قبيلو ڪراچي / لاڙڪاڻو 2007ع
    12. احمد سولنگيءَ جو فيس بڪ وال
    13. بلوچ تاج “جديد ادب جو تجزيو“، سوجھرو پبليڪيشن، ڪراچي، ڊسمبر 2014ع
    14. سميجو اسحاق، ‘شاعريءَ سان دشمني‘، نئون جنم پبليڪشن حيدرآباد، 2005ع.

    ڊاڪٽر احسان دانش
    10 ڊسمبر 2017


    شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ موسيقيت

    دنيا ۾ هن وقت تائين شاعريءَ جون ايتريون تشريحون ۽ توضيحون پيش ڪيون ويون آهن جو عظيم شاعريءَ جي عظمتن جي ڪٿ لاءِ ڪي ٿورا نه پر اڪيچار ماڻ ۽ ماپا اڳيان رکڻا پون ٿا. “ڊاڪٽر جانسن (Dr. Johnson) شعر کي موزون تصنيف (Metrical Composition) چيو آهي..... ڪارلائل (Carlyle) شاعريءَ کي “مترنم خيال” ٻڌائي ٿو. شيلي (Shelley) ‘تخيل جي اظهار’ کي شاعري چوي ٿو. هيزلٽ (Hazlitt) وٽ “شاعري تخيل ۽ جذبات جي زبان” آهي..... ورڊس ورٿ (Wordsworth) جي لغت ۾ “شاعري سمورن انساني علمن جي جان ۽ ان جو لطيف ترين روح آهي. شاعري جذبات جي اهڙي پُر جوش علامت آهي جيڪا سموري علم ۽ حڪمت جي چهري ۾ چٽي هوندي آهي.” ايڊگر ايلين پو (Edgar Allen Poe) جي خيال مطابق “شاعري حسن پُر آهنگ ۽ مترنم تخليق جو نالو آهي. وائيس ڊنلٽن (Wais Dunlton) جو قول آهي ته “شاعري جذباتي ۽ مترنم زبان ۾ انساني شعور جي محسوس ۽ جمالياتي اظهار جو نالو آهي.” (1)
    شاعريءَ جي انهن سمورين تشريحن مان بهرحال اها ڳالهه ته واضح آهي ته شاعريءَ ۾ لئي ۽ ترنم جي موجودگي لازمي آهي، ڇوته جيسيتائين شاعر جا لفظ روح جي تارن کي نه ٿا ڇيڙين، تيسيتائين اها بي ساهي ۽ بي ست محسوس ٿئي ٿئي. عظيم شاعريءَ جو وڏو ڪمال اهو ئي آهي ته اها پنهنجي پڙهندڙ جي وجود ۾ ائين سرائيت ڪري ويندي آهي جو سندس اندر ۾ ‘مي رقصم’ جي ڪيفيت پيدا ٿي ويندي آهي. اها ڪيفيت ۽ اهو جادو لفظن جي ترنم ۽ موسيقي سبب ئي پيدا ٿيندو آهي ۽ شاعري انهيءَ منزل تي اچي ساحري بڻجي ويندي آهي. تنهنڪري ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪنهن به شعر ۾ لئي، ترنم ۽ نغمگيءَ جا گڻ کيس اوچي مقام تي رسائين ٿا. حقيقت ۾ شاعري ۾ جيسيتائين قاري کي سُرن جي هندورن ۾ لوڏڻ جي صلاحيت ناهي تيسيتائين اها پُر تاثير نٿي ٿي سگھي. شاعريءَ جي تاثر جو تعلق بنيادي طور سندس جماليات سان آهي. شعر جي حسن ۽ نکار پٺيان جيڪي محاسن موجود آهن انهن ۾ موسيقيت هڪ اهڙو ڳڻ آهي، جنهن کان سواءِ شعر جو ڪنهن روح سان ربط ۽ تعلق جي تند جڙڻ ممڪن نه آهي، تنهنڪري شاعريءَ ۾ ٻين سمورين خوبين سان گڏ لفظن جي سُر ميل يا موسيقي جو هجڻ اڻ ٽر آهي.
    تاريخِ ادبياتِ عربي جو مصنف احمد حسين زيارت شعر ۽ شاعريءَ جو معنوي راز کوليندي شاعري ۽ موسيقي جي حقيقت کي هن طرح بيان ڪيو آهي “شعر” عبراني زبان جي ‘شير’ لفظ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنى، ڳائڻ، گيت ۽ ڀڄن آهي. عربي زبان ۾ جو اڄ تائين شعر پڙهڻ لاءِ ‘انشاد’ لفظ عام آهي، تنهن جي معنى پڻ ڳائڻ ئي آهي. مطلب ته شعر جو ماخذ هر طرح سان غنا ۽ موسيقي آهي.” (2) ان ڪري ان ڳالهه کان ڪَن لاٽار ممڪن ئي نه آهي ته جتي ڪنهن شعر ۾ فڪري ۽ تخليقي وجدان جي ڳالهه ٿيندي اتي ئي شاعريءَ جي موسيقي جي اهميت جو به ذڪر ايندو. شاعرَ لفظن مان مترنم نغما ڪيئن ٿا جوڙين ۽ شاعريءَ جي موسيقيت ڇا آهي ان حوالي سان ٽي ايس ايليٽ لکيو آهي ته “شاعريءَ جي موسيقي ڪا اهڙي شي نه آهي جيڪا معنى کان جدا پنهنجو وجود رکندي هجي. جيڪڏهن ائين هجي ها ته اهڙي شاعري به ضرور هجي ها جنهن ۾ عظيم موسيقاڻو حسن ته هجي ها پر جنهن ۾ مفهوم ڪجھ به نه هجي ها. پر هن وقت تائين مون اهڙي شاعري نه ڏٺي آهي نه ٻڌي آهي.” (3) ايلٽ جي ان ڳالهه مان اندازو ٿيو ته شاعريءَ جو معراج آهي ان جو معنوي حسن. پر جڏهن اها مفهوم جي سونهن ترنم ۽ غنائيت جي خوبي سان ذهنن تائين پهچي ٿي ته ان جو تاثر ٻيڻو ٿي وڃي ٿو. اها ڳالهه پروفيسر پي گري (P. Gurrey) پنهنجي تنقيدي مقالي “Appreciation of Poetry” ۾ هنن لفظن ۾ سمجھائي آهي “ترنم نالو آهي، فڪر، تخيل ۽ ادراڪ جي مڪمل ٿيڻ دوران انهيءَ رد عمل جو جيڪو شعر جا لفظ ذهن تي مرتب ڪندا آهن. انهن کي محض نفسياتي حقيقت طور قبول ناهي ڪرڻو ڇو ته لئي، ترنم يا “ردم” به تخليقي عمل ۾ ايترو ئي ڪردار ادا ڪندڙ آهي جيترو شعر جي ساڃاهه جو تجربو ڪرڻ وقت ڪو ٻيو عنصر ڪندو آهي.” (4)
    گھڻو ڪري انهيءَ شعر ۾ ترنم ۽ تازگيءَ جو احساس وڌيڪ هجي ٿو جيڪو وزن تي آڌاريل هوندو آهي. ٻين لفظن ۾ موزون شاعري موسيقيءَ جي وڌيڪ ويجھو هوندي آهي. ڊاڪٽر وقار احمد رضوي لکيو آهي ته “شعر کي وزن يا موسيقي سان اهڙي ئي نسبت آهي جهڙي ٻول کي راڳ سان. راڳ ۽ نغمي جي ظهور لاءِ ساز ۽ مضراب جي ضرورت آهي، جڏهن ته شعر کي ظاهر ڪرڻ لاءِ وزن ۽ قافيي جي اهميت آهي. وزن ۽ قافيو طرزِ بيان ۽ اسلوب جا آلات آهن. راڳ، صوتِ مطلق کي چوندا آهن.... ٻولَ، لفظ ۽ وزن جي مجموعي جو نالو آهن.” (5) جڏهن ته قاسم يعقوب پنهنجي ڪتاب “تنقيد ڪي شعريات” ۾ لکي ٿو ته “شعري آهنگ کي رڳو وزن سان متعين نه ٿو ڪري سگھجي. شعر ۾ آهنگ تي ڳالهائيندي وزن کي موسيقي جو مثال ئي چيو ويندو رهيو آهي. تقريباً هر وڏي نقاد شاعري ۽ نثر ۾ بنيادي فرق وزن جي بنياد تي قائم ڪيل آهنگ کي قرار ڏنو آهي، جيڪا ڪنهن حد تائين غلط تعبير آهي. عام طور تي ائين سمجھيو ويندو آهي ته وزن شعر ۾ موسيقيت کي پيدا ڪري شعري جذبي جي روح تائين پهچڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. ڇا موسيقي جو گرامر ۽ وزن جا اصول هڪ جهڙو ڪم ڪندا آهن؟ ڇا شعر کي وزن سان موزون ڪرڻ سان ان جي اندر موسيقي ڀرجي ويندي آهي؟ ڇا هر وزن وارين مصراعن کي ڳائي سگھجي ٿو؟ ڇا غير عروضي مصرعن کي موسيقيءَ ۾ نه ٿو اوتي سگھجي؟” (6)
    انهن سوالن جي سُٽ کي سُلجھائڻ لاءِ نه رڳو شاعريءَ جي فن کي چڱي پر ساڃاهڻو پوندو پر موسيقيءَ جي نزاڪتن کي به سمجھڻو پوندو. البته ايترو ضرور آهي ته وزن شعري آهنگ ۽ ترنم کي اڀارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، جڏهن ته ڪيترائي غير موزون شعر لفظي بيهڪ، ترتيب، ورجاءَ ۽ تجنيس جي خوبين سبب پنهنجي اندر دل ڇهي ويندڙ موسيقيءَ جهڙا سُر پڻ رکندا آهن. ان سلسلي ۾ سنڌي شاعريءَ مان اسان شيخ اياز جي نثري نظمن جو مثال وٺي سگھون ٿا. جيتوڻيڪ نثري نظم بنيادي طور خيال تي آڌاريل شاعري آهي، پر اياز ان ۾ اندروني قافين ۽ مترنم لفظن مان ڪم وٺندي خيال کي موسيقي سان ملائي ڇڏيو آهي.
    موسيقي ۽ راڳ لاءِ ‘روح جي راحت’ جهڙا اصطلاح استعمال ٿيندا آهن. حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن موسيقي روح جي راحت آهي ته شاعري وري روح جو رقص آهي، پر شعر ۾ اها رقص ۽ جھومائڻ واري ڪيفيت تڏهن ئي پيدا ٿئي ٿي جڏهن ان ۾ موسيقيت ۽ غنا جي خوبي ڀرپور هجي ٿي. ڊاڪٽر فياض لطيف لکيو آهي ته “راڳ حقيقت ۾ لذت، جذباتي سرور ۽ سڪون جو ذريعو آهي. راڳ ۾ آواز ۽ آلاپ جو سنگم ئي سڀ ڪجھ هوندو آهي. سُر ۽ سَرگمَ، سکڻي صوتي آوازن سان به پيدا ٿي سگهندا آهن، جڏهن ته شاعري رڳو صوتي آوازن جو مجموعو نه آهي. سکڻي آوازن ۽ لفظن سان شاعريءَ جي تخليق ممڪن نه آهي. لفظن جي انبارن سان آوازن ۽ آلاپن جو رنگ برنگي جھنگ ته تخليق ڪري سگھجي ٿو، پر اها شاعري ڪڏهن به تخليق نه ٿي ڪري سگھجي، جيڪا روح کي گرمائي ۽ وجود جي انگ انگ کي جھومائي. شاعريءَ جي موسيقي دراصل خيال جي ڪَنن سان ٻُڌڻ ۽ دل سان محسوس ڪرڻ جي شيءِ آهي.” (7) ان صورت ۾ شاعري موسيقي کان هڪ قدم اڳتي جي چيز محسوس ٿئي ٿي، جنهن ۾ رڳو صوتي آوازن جي سنگم ئي نه آهي پر موسيقيت سان گڏ معنويت پڻ موجود آهي.
    محمد ابراهيم جويو لکيو آهي ته “عام طور جڏهن ڪنهن شاعر جو ڪو شعر ٻڌبو يا پڙهبو آهي، تڏهن ان ۾ ڪٿي ڪو لفظ يا اکر گھٽ وڌ يا اَجوڳي انداز ۾ آيل هوندو آهي، ته هڪ دم اهو ذهن ۾ کٽڪندو آهي. شعر ۽ موسيقيءَ جو هريل ڪَنُ، آواز توڙي لفظن جي تار مڪان، لئي ۽ ترنم تي ايڏو ته ٺهي وڃي ٿو، جو اهڙو جهڙو ڪو سقم شايد ئي ان کان ڪڏهن بچي وڃي. آءٌ سمجھان ٿو ته ڪنَ جي اها چستي ۽ ٻوجھ شعر ۽ راڳ جي هر پياسيءَ جي قسمت ۾ آيل آهي، تنهنڪري ان کي ڪا خاص اهميت به ڪانه ٿي ڏجي. پر شعر ۽ راڳ مان پورو لطف حاصل ٿئي، ان لاءِ اهو ڪن جو رس ضروري آهي ۽ ان لطف جي صحيح ۽ پيڙهائتي هجڻ جي يڪ ٽڪ ڪسوٽي پڻ اها ئي ڪن رس آهي.” (8)
    شاعريءَ ۾ هونءَ ته آوازي عڪسن (Auditory Images) جو به وڏو عمل دخل آهي پر شاعريءَ جي موسيقي (Music of poetry) ان کان هڪ جداگانه شي آهي. تنوير عباسي آوازي عڪسن ۽ شاعريءَ جي موسيقي ۾ فرق هن طرح بيان ڪيو آهي “آوازي عڪس ۽ شاعريءَ جي موسيقي ۾ فرق آهي، اهو هي ته آوازي عڪسُ رڳو ڪنهن ٻڌل آواز جي ٻيهر تخليق ٿو ڪري، پر شاعريءَ جي موسيقي لفظن جي اچارن مان ترنم پيدا ڪرڻ جو فن آهي. (9) اهو ترنم ۽ آهنگ شاعريءَ ۾ اهڙن مڌر سُرن کي جنم ڏئي ٿو، جيڪي سماعتن کي صوتي سرور عطا ڪن ٿا. “شعر جو ترنم نالو آهي انهيءَ آهنگ جو، تال ۽ لئي جو ۽ حرڪت جو جيڪا لفظن کي پڙهڻ ۽ لکڻ مهل اسان جي ذهني سوچ (thinking) ۾ پيدا ٿئي، نه رڳو ايترو ته اها ڳالهه سوچ ۾ پيدا ٿئي بلڪه ٻين ذهني عملن جهڙوڪه ادراڪ، تخيل ۽ وجدان ۾ به پيدا ٿئي. اهڙي ريت نظم (شاعريءَ) بابت اسان جي رد عمل جو لازمي حصو ترنم بڻجي ٿو. ڊبليو پي ڪر (W.P ker) بيان ڪري ٿو ته “خيال کي لفظن جي موسيقيءَ تي نچڻ گھرجي ۽ جيڪي فطرتي خيال شاعر جي خوابن ۾ لهي اچن ٿا، اهي لفظن کي به نچڻ تي مجبور ڪن ٿا.” (10) لفظن ۾ اهڙو رقص ۽ تخيل ۾ اهڙو ترنم تڏهن ئي پيدا ٿيندو آهي جڏهن شاعر، شاعريءَ جي فني پيچيدگين کان اڳتي تخليق جي فطري لقائن کي با معنى لفظن سان مرتب ڪندو آهي.
    شاعري ۽ موسيقي جي ميل بابت سنڌي ٻوليءَ ۾ ذوالفقار راشدي جي مضمون کي اهميت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، جنهن ۾ هن موسيقيءَ کي شاعريءَ کان مٿاهون قرار ڏيندي، اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته شاعري موسيقيءَ جي محتاج آهي. هو لکي ٿو ته “موسيقيءَ کي اُچي شاعريءَ جي ڪاڻ ڪڍڻ جي ايتري ضرورت ڪانهي. جڏهن به اسين ڪنهن راڳيءَ کي ڪجھ ڳائڻ لاءِ چوندا آهيون، ته ان جو مطلب بنيادي طور راڳ سان هوندو آهي، ۽ نه اُچن لفظن جي ٻڙن سان جڙيل ۽ جھنجھيل شاعريءَ سان.” (11) ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته شاعريءَ جو موسيقيءَ سان گھرو سٻنڌ آهي ۽ سُر ۽ تار يا ساز ۽ آواز شاعريءَ جي حسن کي هيڪاندو وڌائين ٿا ۽ ان ڳالهه کان به انڪار نه ڪبو ته هر شعر هڪ لئي ۽ ترنم جو گھرجائو هوندو آهي پر ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته شاعري موسيقيءَ جي محتاج آهي. ڇوته مٿي اسين اهو واضح ڪيو آهي ته شاعري خود پنهنجي اندر موسيقيت رکي ٿي، تنهنڪري راشدي صاحب جي ان راءِ تي بحث جي وڏي گنجائش آهي، سندس اها راءِ عوامي ته ٿي سگھي ٿي پر ادبي هر گز نه. ادب ۾ لفظن جي وڏي حرمت ۽ تقدس آهي. بهرحال انهيءَ راءِ مان به اها ڳالهه ته ضرور سمجھي سگھجي ٿي ته سٺي شاعريءَ ۾ موسيقيت موجود هوندي آهي، تڏهن ئي گائڪ ان کي موسيقيءَ جي تند ۽ تار سان ملائيندو آهي. ها! ان حقيقت کان انڪار ممڪن نه آهي ته جيسيتائين ڪنهن شاعر کي ترنم جي آگهيءَ نه هوندي، سندس ڪَن سريلا نه هوندا، ربابن جي رون رون تي رنو نه هوندو، سازن جي سوز کي هنئين سان نه هنڊايو هوندو، تبل ۽ تيج جي تال کي محسوس نه ڪيو هوندو ۽ سندس منُ آبشارن جي آوازن کان وٺي، پکين جي ٻولين تائين فطرت جي سُر ۽ ساز کان آشنا نه هوندو، تيسيتائين سندس شاعريءَ ۾ اهو جادوئي اثر ناپيد هوندو، جنهن کي اسين شاعري جي موسيقيت چئون ٿا.
    سنڌي ٻولي جي وڏي ڏاهي فلسفي علامه آءِ آءِ قاضي، جڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ کي دنيا جي وڏن نقادن جي راين کي سامهون رکندي پرکيو هو، تڏهن هن اسڪاٽلينڊ جي وڏي نقاد ٿامس ڪارلائل (Thomas Carlyle) جي قائم ڪيل ان معيار کي به سامهون رکيو ته “عظيم شاعري اها آهي، جنهن ۾ ڳائڻ جي صلاحيت هجي.” يعني جنهن شعر ۾ ترنم يا رڌم جي خوبي نه آهي ته اهڙي شعر کي عمدو ۽ اعلى شعر نه چئبو. ان مان ظاهر ٿيو ته شاعريءَ ۾ موسيقي جو هجڻ هڪ اڻٽر ڳالهه آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ان خوبيءَ سان مالامال آهي، پر جڏهن اسين جديد سنڌي شاعريءَ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان ۾ شيخ اياز هڪ اهڙي شاعر طور نظر اچي ٿو، جنهن جي ڪوتائن ۾ هڪ عجيب لئي ۽ تال محسوس ٿئي ٿي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ رڳو لفظي طور سُرندي، ڪينري، چڙي ۽ چنگ جي ڳالهه نه ڪئي آهي، پر هن جي لفظن مان انهن سازن جي گونج ٻرندي به محسوس ڪري سگھجي ٿي.

    تون نانهه ته هي چنگُ، چڙو، چنڊ نه ڏي ساءُ
    اي سير ـــ مئي! آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ
    (وڄون وسڻ آئيون ص 77)

    ابراهيم جويو “جل جل مشعل جل” جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته “اياز جي شاعريءَ جي ترنم ۽ موسيقيءَ کان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ هروڀرو شعر جي فني مهارت جي ضرورت به ڪونهي، ڇوته ان کي پڙهندي ۽ ٻڌندي، ازخود ان جي لئي ۽ ترنم کان ماڻهو متاثر ٿئي ٿو. اها فطري موسيقي اياز جي شعر ۾ ڪيئن ٿي پيدا ٿئي، ان تي ڪجھ ڌيان ڏيڻ ضروري آهي.” (12) جويي صاحب جي ان راءِ مان اهو ئي ظاهر ٿئي ٿو ته موسيقيت، شاعريءَ کي فن جي معيار کان به مٿاهين حيثيت ڏئي ٿي. خاص طور اسين جڏهن اياز جي شاعريءَ کي ڏسون ٿا ته اها موسيقيت سان ايتري ته ڀرپور نظر اچي ٿي، جو اندر ۾ احساس جون اجھل لهرون اٿڻ لڳن ٿيون. هن جي شاعري ڪڏهن تڙپائي وجھي ٿي ته ڪڏهن پڙهندي پڙهندي ماڻهوءَ جو من جھومي پوي ٿو.

    شاعري طبيعت تي
    ايترو ته ڇانئي آ
    هي اڀام ڇولين جي
    ڄڻ ته ٻوڏ آئي آ
    مڌ ۾ رتا ڪيئي
    شعر لڙکڙائن ٿا
    پوءِ به اُت آنڀوءَ سان
    ڪينرو وڄائن ٿا
    جيءَ ۾ جھمر آهي
    پيار سوَ ڪٺا آهن
    ڪير شعر ٿو جوڙي؟
    بند ڪير ٿو ٽوڙي؟
    هي اڀام ڇولين جي
    هي اڏام ڇولين جي
    اڳ ڪڏهن نه آئي آ
    ڪيتري سُهائي آ
    (راڄ گھاٽ تي چنڊ ص 177)

    هن نظم مان نه رڳو لفظن جي سهائي بکي ٿي پر ڇولين جي اڀام ۽ اڏام جو احساس موسيقيءَ جا مڌر ساز به ڇيڙي ٿو. ڪينري جي وڄت هڪ پاسي پيار جون عجيب ڪيفيتون پيدا ڪري ٿي ته ٻئي طرف ان ساز جي آواز تي جيءُ جھومڻ لڳي ٿو. نظم جي ترتيب ۽ بيهڪ نظم جي ترنم کي هيڪاندو وڌائي ڇڏيو آهي.
    هونءَ ته شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۾ اها غنائيت ۽ موسيقي سمايل آهي پر خاص طور هن جا نظم، غزل، گيت، منظوم ڊراما، دوها ۽ ڏيڍ سٽا ان خوبي سان سرشار آهن. انهن کي پڙهندي ماڻهو پاڻ کي سُرن جي لهرن ۾ لُڙهندي محسوس ڪري ٿو. اياز جا لفظ پڙهندڙ کي احساس جي هندورن ۾ لوڏين ٿا ۽ اندر جي تارن کي ڇيڙي هڪ اهڙي سرور واري ڪيفيت پيدا ڪن ٿا، جيڪا ڪڏهن خوابن جي رنگينين سان هم آهنگ ڪري ٿي ته ڪڏهن جاڳ ۾ جوڳ جون رمزون پسائي ٿي.

    اياز جي نظمن / آزاد نظمن ۾موسيقيت
    C.D Lewis پنهنجي مضمون The Hope for Poetry ۾ لکيو آهي ته “شاعرُ ڪائنات جي اڻ ٻڌل آوازن تي ڪن ڌريندو آهي. سندس حواس اهي نازڪ تارون آهن جيڪي سندس تجربن کي هن جي تخيل تائين رسائينديون آهن.” (13) حقيقت ۾ اهي اڻ ٻڌل آواز جڏهن ڪنهن شاعر جي روح تي دستڪ ڏين ٿا ۽ هو انهن آوازن کي جھٽي فطرت جي آهنگ سان ملائي پيش ڪري ٿو ته شاعريءَ جي اها صورت سامهون اچي ٿي جيڪا پنهنجي اندر روح جي تارن کي ڇيڙڻ جو هنر سمائي ٿي. “شاعري هڪ گھڻ ــ تارو ساز آهي، جنهن جي هر تار ۾ مختلف سُر سمايل آهن. انهن سُرن کي مناسب طريقي سان ڇيڙي منجھائن وڻندڙ موسيقي پيدا ڪرڻ لاءِ سمجھدار، ڄاڻو ۽ استاد جي ضرورت آهي ۽ اها خوبي اياز ۾ اتم درجي موجود آهي. هن جا لفظ هر طرح ۽ هر طرف کان مندائتي مينهن جيان وڏ ــ ڦڙو وسڪارو لائي ڏين ٿا. پاڻيءَ جي ان پالوٽ ۾ دل چوي ٿي ته جيڪر وچ پڌر تي بيهي خوب پاڻ پسائجي ۽ پنهنجي پاڻ کي ڇاٽن، اوهيڙن ۽ وسڪاري جي ڇر ۾ اڪيلو ڇڏي اهو ڪيف، سرور ۽ سڳنڌ ماڻجي جيڪو بن ۾ مور کي ملندو آهي.” (14) اها حقيقت آهي ته شيخ اياز جا نظم ان ڪيف ۽ سرور، ان لطف ۽ لذت، ان رقص ۽ راحت سان ڀرپور آهن. سچ پچ سندس نظمَ پڙهندي منُ ان مور وانگر رقصان ٿي وڃي ٿو، جيڪو ٿر تي سانوڻيءَ جي پهرين بارش ويل پنهنجا کنڀ کولي نچندو آهي.

    اچو اچو!
    نچو نچو!
    تمام ڪائنات رقصِ جام ۾ رچي وئي
    سرود و ساز جي صدا ڪلام ۾ رچي وئي
    حياتِ مختصر خيالِ خام ۾ رچي وئي
    شباب جي عظيم انتقام ۾ رچي وئي
    اچو اچو!
    نچو نچو!
    (ڀونر ڀري آڪاس ص 147)

    هن نظم ۾ “اچو اچو، نچو نچو” جا لفظ پنهنجي اندر عجيب ترنم ۽ موسيقي رکندڙ آهن. تمام ڪائنات رقصِ جام ۾ رچڻ واري ڪيفيت ۽ سرود و ساز جي صدا ان سرور ۾ گم ڪري ڇڏي ٿي، جنهن جي منزلِ، رقصِ درويشان تي کُٽي ٿي. هن نظم ۾ رچي وئي جي خوبصورت رديف جو استعمال ان ڪري به سڀاويڪ آهي جو اهو هڪ نغمگيءَ جو احساس ڏياري ٿو.
    هونءَ ته شيخ اياز جا انيڪ نظم سندس ڪيترن ئي ڪوتا ڪتابن ۾ پکڙيا پيا آهن ۽ انهن نظمن ۾ ڪمال جي موسيقيت ۽ ترنم آهي پر هن پنهنجي ڪتاب “ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون” ۾ جيڪي نظم ڏنا آهن انهن ۾ جيڪا موسيقي ۽ رڌم آهي ان لاءِ خود اياز چوي ٿو ته “اهو ڪتاب دراصل آزاد شاعريءَ ۾ آ جيڪا پابند کان وڌيڪ پابند آ..... انٽرنل رائيننگ يا سٽ جي اندر جيڪو قافيو آ اهو هن ۾ آهي ۽ جيڪو ريئل ميوزڪ پيدا ڪري ٿو. ايليٽريشن پهريان اکر نه آهن (عام طور) پهريان اکر ملندا آهن پر (منهنجي شاعريءَ ۾) وچان اکر ملندا آهن. اهو منڍ کان وٺي منهنجي سڄيءَ شاعريءَ ۾ آ. جيئن:

    گوريءَ گجري پير ۾ چوريءَ ڪيئن اچي.

    هاڻي گوري ۽ گجري ان ۾ ‘گ’ به ڪامن آ ‘ر’ به ڪامن آ ‘ي’ به ڪامن آ. پير ۾ ته گوريءَ ۾ به ‘ر’ گجريءَ ۾ به ‘ر’ ته پير ۾ به ‘ر‘، ‘ي’ ته ٽنهي ۾ ‘ي’ آهي چوٿين اچي ۾ به ‘ي’ آهي. اها Alliteration هڪڙو وڏو فن جو ڪمال آهي، جيڪو هر ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ناهي. رلڪي جي شاعريءَ ۾ جيڪڏهن اهڙي ايليٽريشن ٻن سٽن ۾ ملندي هئي ته سڄو يورپ جھومي اٿندو هو ۽ منهنجون اهڙيون هڪ لک سٽون هن.... اها خود اعتمادي آ ڪا خود ثنا ناهي.” (15) اياز جي ان دعوى ۽ اعتماد جو ثبوت سندس ڪيترائي نظم آهن. انهن نظمن ۾ رڳو ڪيفيتن جون ڇوليون ئي ڇلندي محسوس نه ٿيون ٿين پر سٽن ۾ سمايل نغما، لفظن ۾ آيل اندروني قافيي مان جنم وٺندڙ سُر اهڙي موسيقيت کي جنم ڏين ٿا، جيڪا سڌو سنئون دل تي اثر ڪري ٿي.

    باک جو آواز آيو
    ”ڪير آهين؟“
    مون جئين ٽئگور کي ٿي گنگنايو
    ”ڪير آهين؟“

    ڪنهن پرندي چهچهايو
    ”ڪير آهين؟“
    وڻ به ٿي وارو وٺايو،
    ”ڪير آهين؟“
    ”ڪير آهين؟” “ڪير آهين؟” ڪنهن پڇي
    جادو جڳايو
    ”ڪير آهين؟“

    نير آهن يا ندي جنهن بڙبڙايو،
    ”ڪير آهين؟“
    تون شفق ۾ ٿو ٻڏين،
    آڪاس ۾ درياهه ڪنهن کي ٿي ڪَنايو،
    ”ڪير آهين؟“
    ڪنهن پڇيو ٿي جئن ستارن جڳمڳايو
    ”ڪير آهين؟“
    ٿي چيو سنسار “پنهنجو يا پرايو؟“
    ”ڪير آهين؟“
    ڪنهن پئي ور ور اچي ٻَر ٻَر ٻُرايو
    ”ڪير آهين؟“
    ريت ڪڻ ڪڻ ۾ صدائن کي سمايو،
    ”ڪير آهين؟“
    رات ۾ سورج سمايو ۽ وري
    آواز آيو،
    ”ڪير آهين؟“
    ”ڪير آهين؟“
    ”ڪير آهين؟”
    (ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون ص 56 ۽ 57)

    C. Day Lewis پنهنجي ڪتاب A Hope For Poetry ۾ لکيو آهي ته “صحيح معنى ۾ غنائيه شاعريءَ جي نالي جو مستحق صرف هڪ اهڙو نظم هوندو آهي جنهن ۾ شاعر پاڻ روپوش ٿي ويو هجي، جنهن جا لفظ خود بخود ڳائين، ڄڻ ته سازندو ساز کي ڇيڙي الڳ ٿي ويو آهي ۽ ساز پنهنجو پاڻ وڄي رهيو آهي” (16) اياز جا اڪثر نظم انهي بيساخته اظهار جو نتيجو آهن، هن جي نظمن ۾ عجيب سازن جو سرور آهي. سازَ، جن کي اياز جي احساس جون آڱريون ٿورو ئي ڇيڙين ٿيون ته اهي اهڙي موسيقي پيدا ڪن ٿا جو اندر جي ڪيفيتن ۾ تلاطم اچي وڃي ٿو. اهو تلاطم ان ئي وقت محسوس ٿيندو آهي جڏهن لفظن جي سُرن مان اهڙا آلاپ گونجندا آهن جيڪي ٻڌندڙ / پڙهندڙ کي، شاعر جي روح جي ڪيفيت سان هم آهنگ ڪري ڇڏيندا آهن. شيخ اياز جي نظمن ۾ اها طاقت آهي جو اُهي نه رڳو پنهنجي ٻڌندڙ يا پڙهندڙ جي ذهن ۾ پنهنجي فڪر جي تار کي ڳنڍي رکن ٿا پر پنهنجي سُرن جي سرمستيءَ سبب ڀرپور نموني شاعراڻي ڪيفيت سان هم آهنگ ڪن ٿا.

    آنءُ سانوڻ مينهن آهيان،
    نينهن آهيان،
    مان جھڙالو ڏينهن آهيان!
    ڪيتريون مون سان گھٽائون ٿيون اچن،
    ڪيتريون مون مان صدائون ٿيون اچن.....
    (ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون ص 59)

    شيخ اياز جا نظم مختلف هيئتن ۽ گھاڙيٽن ۾ چيل آهن ۽ هو سنڌي ٻولي ۾ نظم جي صنف ۾ گھڻي ۾ گھڻا هيئتي ۽ موضوعاتي تجربا ڪندڙ شاعر آهي، انهيءَ ڪري سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان کيس جديد نظم جو خالق چيو وڃي ٿو. انهن هيئتي تجربن باوجود شيخ اياز جي نظمن مان ترنم جي خوبي غائب ٿيل محسوس نه ٿي ٿئي. ايتري تائين جو هن ان خوبي کي پنهنجن آزاد نظمن ۾ به برقرار رکيو آهي. شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ‘ڀونر ڀري آڪاس’ ۾ پاڻ لکيو آهي ته “ نظم ۽ آزاد نظم ۾ به مون ترنم ۽ نغمگي برقرار رکڻ چاهي آهي. ترنم جي تخليق لاءِ نه قافيو لازمي آهي ۽ نه نظم جي ڪائي خاص هيئت.” (17) محمد ابراهيم جويو ‘ڪي جو ٻيجل ٻوليو’ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته “اياز جي شعر جي فني تجربن کان مون هميشه پاڻ کي مجبور پئي سمجھو آهي ۽ شايد هي ڪم سواءِ خود اياز جي ٻئي ڪنهن نقاد کان پوريءَ طرح نه به ٿي سگھي. خاص طرح اياز جا نظم انهي لحاظ کان مونکي ڏاڍا انوکا پئي معلوم ٿيا آهن. انهن کي نظم جو ڪو به مروج روپ نه آهي ۽ ائين ٿو لڳي، ڄڻ ڪنهن نشي ۾ آيل مصور ڪيئي رنگ ڪينواس تي هاري، برش جي زوردار جھٽڪن سان، گھڙيءَ ۾ عجيب غريب نقش ٺاهي ورتا هجن.” (18) شيخ اياز جا مختلف هيئتون رکندڙ ڪجھ اهڙا نظم ڏسو، جيڪي انوکي لئي ۽ ترنم رکندڙ آهن ۽ جن جو عڪس ۽ اولڙو ڪٿي ڪٿي اڄ به جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نظر اچي ٿو:

    ڌرتي ماءُ!
    صدين جو ساءُ
    وساريان ڪيئن؟ وساريان ڪيئن؟.....
    (وڄون وسڻ آئيون ص 185)
    او انسان او انسان
    ڪنهن کي ٿو مارين!
    هي ماڻهوءَ جو ٻچڙو آهي
    هي جو پٿر کان ڏاڍو آ
    ڪونپل کان ڀي ڪچڙو آهي!
    او حيوان!
    اوحيوان!
    ڪنهن کي ٿو مارين.........
    (وڄون وسڻ آئيون ص 187)
    ــــــــ
    جھونجھڙڪي ۾ ڪارو ڪڻڇي ــ
    منهنجو من،
    جيون بن:
    اڏري اڏري، پوندو ٿڪجي
    تنها تن،
    منهنجو من.....
    جھونجھڙڪي ۾ ڪارو ڪڻڇي
    (ڀونر ڀري آڪاس ص 159)

    شيخ اياز جي مٿين نظمن کان علاوه اسلوب ۽ هيئت جي انوکائپ جا ٻيا به ڪيئي مثال ڏئي سگھجن ٿا، پر اهڙن سمورن مثالن کي پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالهه ضرور محسوس ٿئي ٿي ته اياز نظم جي انهن فني تجربن دوران به شاعريءَ جي غنائيت واري پهلو تي خاص ڌيان ڏنو آهي. مان سمجھان ٿو اياز جي نظمن ۾ اظهار جي بيساختگي فطري ترنم پيدا ڪري ٿي. هن نظم لکڻ ۾ پاڻ کي ڪنهن خاص ٽيڪنيڪ جو پابند نه رکيو آهي پر هن جا نظم سُر ۽ غنا جي پابنديءَ ۾ جڪڙيل آهن. باقي هونءَ “غنائيه شاعريءَ ۾ شاعر ڪنهن جي سامهون جوابده نه هوندو آهي. ان تي جيڪي قانون عائد ٿيندا آهن اهي سندس پنهنجي احساس، پنهنجي جذبي ۽ پنهنجي طبيعت جا قانون هوندا آهن.” (19)
    شيخ اياز جا نظم مترنم لفظن، انوکين تشبيهن، ترڪيبن ۽ تجنيسن سان ڀريل آهن. انهن ۾ جيڪو رڌم (Rhythm) ۽ ميلوڊي (Melody) آهي، جيڪا سُريلي (Lyrical) لَئي آهي، جيڪا نغمگي ۽ موسيقيت آهي اها سندس لفظن جي جوت مان جھلڪي ٿي. اها جوت اکين تي اهڙا کيپ چاڙهي ٿي جو پل ۾ رقص جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي.

    هي ننڊ به امرت وانگي آ!
    اڌ رات وڇوڙيل وهه جهڙا
    پل پهر نه آهن پيالن ۾
    اڄ منهنجا نيڻ اجالن ۾
    هن ڌرتيءَ جي انڌيارن مان
    واجھائن ٿا،
    ۽ توکي ويجھو پائن ٿا،
    هي ڌرتي ڪيڏي ڪاري آ!
    انڌياري آ!........
    (راڄ گھاٽ تي چنڊ ص 190)

    ڪو سپنو سرجي اڀري ٿو
    هن تنبوري جي تارن مان
    تون چندرما جي ناوَ جھلي
    ٿي نڪرين دور ستارن مان

    ۽ منهنجي سيرانديءَ ڀرسان
    هٿ ڦيري منهنجي وارن تي
    تون ڪوئي گيت ٻڌائين ٿي
    هن تنبوري جي تارن تي.........
    (وڄون وسڻ آئيون ص 286)

    اياز جا نظم رڳو تنبوري جي تارن سان ٻَڌل نه آهن، رڳو انهن تارن جي ڇيڙ من ۾ مڌرتا جا نغما نه ٿي ڇيڙي پر موضوعاتي لحاظ کان اگر سندس نظمن ۾ مزاحمتي ۽ انقلابي رنگ، شڪوو يا تلخي به آهي ته اها به ترنم جي آهنگ (Harmony) سان جڙيل آهي.

    مان توکي گيت ڏيان اي ڌرتي!
    تون مون تي زنجير وجھين!

    هي گيت گلابي جھڙ ڦڙ جا
    هي گيت شرابي جھڙ ڦڙ جا
    هي سانوڻ جا، من ڀانوڻ جا
    هي آگم آگم آوڻ جا
    هي گيت اڃايل مورن جا
    ريتيءَ تي ڪنٺ ڪٺورن جا
    هي گيت سنهريءَ سنڌوءَ جا
    جا سپنا آهي سانجھيءَ جا ــ .....

    (وڄون وسڻ آئيون ص 213)

    ڇا ته آبشار واري رواني آهي، ڇا ته لفظن جي ترتيب آهي، ڇا ته اندازِ تخاطب آهي. ائين ٿو لڳي ته ڪنهن راڳيءَ تال سان تال ملائي آهي. اياز جا لفظ، لفظ نه پر ساز ٿا لڳن جيڪي پڙهندي پڙهندي هڪ بي خودي جي ڪيفيت طاري ڪندا ٿا رهن. هن جا گلابي ۽ شرابي گيت، سانوڻ ۽ من ڀانوڻ جا نغما اهڙو آلاپ پيدا ڪن ٿا، جيڪو لفظن ۾ موسيقيءَ جي گونج وانگر محسوس ٿئي ٿو.
    اياز جا مشهور نظم “مان ڏوهي هان“، “سچ وڏو ڏوهاري آهي“، “ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا“، “اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها” کان علاوه “ماڻهو سڀ هڪ جهڙا آهن“، “تون آ ته چئون ڪي گيت محبت وارن جا“، “تون نه ايندينءَ پو به منهنجي شاعري“، “پيار تي ڪهڙي ميار“، “زندگاني سڀ فنا“، “گھاوَ کي گھاوَ سان ڇٽائي ٿو” ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي نظم انهيءَ غنائيت ۽ موسيقي سان ڀرپور آهن.

    اياز جي غزلن ۾ موسيقيت
    شاعريءَ ۾ تيسيتائين موسيقيت پيدا نه ٿي سگھندي آهي، جيسيتائين سريلن لفظن جو سنگ ۽ ساٿ موتين جي مالها وانگر خاص ترتيب سان موجود نه هوندو آهي. لفظن جي اهڙي ترتيب ۽ توازن نه رڳو شاعريءَ ۾ نغمگي پيدا ڪندو آهي پر ان جي جمالياتي گھرجن جو پورائو به ڪندو آهي. قمر شهباز چوي ٿو ته “لفظ انسانن جيان هوندا آهن. کلندا آهن، روئندا آهن، مرڪندا آهن، ڪُرڪندا آهن، سوچيندا ۽ لوچيندا آهن، رسندا ۽ پرچندا آهن، اگھا ۽ عليل ٿيندا آهن، ۽ ڪن حالتن ۾ مري کپي صفحهِ هستيءَ تان مٽجي ويندا آهن. شاعرُ انهن کلندڙ، ڪڏندڙ، روئندڙ ۽ سڏڪندڙ، شرمائيندڙ، لڄائيندڙ لفظن کي ڀنڀوريءَ جيان ڄاريءَ ۾ ڦاسائي، هٿ وس ڪندو آهي.” (20) شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ لاءِ جيڪي لفظ چونڊيا ۽ گھڙيا سي لئي ۽ ترنم جي خوبين سان مالا مال آهن، سي اگھا ۽ عليل نه پر چست ۽ چوبن آهن. ان ڪري اهي مري مات ٿيڻا نه آهن، ڇوته انهن جو تال ميل روح جي ربابن سان آهي. اهي پنهنجي سُرن ۾ ساز ۽ آهنگ سان رچيل آهن. خاص طرح شيخ اياز پنهنجي غزلن ۾ لفظن جي چونڊ ويل مترنم لفظن جي موجود رهڻ جو خاص ڌيان رکيو آهي.
    غزل جي صنف ايران مان محبوب جي ناز ۽ ادا جون لطافتون کڻي جڏهن سنڌ ۾ پهتي ته ڪجھ عرصي بعد ان ۾ سنڌ جي جديد شاعرن نه رڳو هيئتي پر موضوعاتي تجربا پڻ ڪيا. خاص طور شيخ اياز ان ۾ فڪري ۽ موضوعاتي وسعت آندي، اياز پنهنجن غزلن کي نه رڳو فارسي زبان جي چوغي مان آزاد ڪيو ۽ نج سنڌي زبان جي سونهن سان سلهاڙي ‘گيڙو ويس غزل’ بڻايو، پر ڪن فني تجربن وسيلي به ان جو روپ سنواري سهڻو ڪيو. غزل پنهنجي فني لوازمات جي لحاظ کان علم عروض جي اصولن تحت سرجيو ويندو آهي پر جڏهن “اياز غزلن لاءِ مترنم هندي ڇند متعارف ڪرايا ته انهن جي موسيقي ۽ مڌرتا کان متاثر ٿي سنڌي غزل جي هن گلاب واسئين واٽ تان جديد شاعرن، قطار در قطار سفر شروع ڪري ڇڏيو.” (21) اياز جي غزلن ۾ جيڪي تجنيسون ۽ ترڪيبون، استعارا، علامتون ۽ تشبيهون ڏنل آهن، اهي نه رڳو سندن لسانياتي حسن جو باعث آهن پر اهي ادراڪ ۽ آگهي جون نيون راهون به کولين ٿيون. اياز جي غزل جي معنوي تهداري ۽ ترنم گڏجي پڙهندڙ / ٻڌندڙ تي اهڙو اثر ڪري ٿو، جنهن جي سحر مان جلدي نڪرڻ مشڪل ۽ محال ٿي وڃي ٿو.

    ڪير چوندو ته هي غزل آهن؟
    پيار جا ڪي ٻه چار پلَ آهن
    ڳل تنهنجا ائين لڳا مونکي
    ننڊ ۾ موتيا ستل آهن.

    (سورج مکي سانجھ ص 150)

    غزل جي صنف هونءَ ئي غنا ۽ آلاپ سان جڙيل هوندي آهي، پر اياز جا غزل هن صنف جي ان فطري خوبيءَ کان اڳتي پنهنجي اندر اهڙي مڌرتا ۽ انوکي موسيقيت رکن ٿا، جيڪا رڳو سماعتن نه پر سڌو دل تي به اثر ڪري ٿي. اياز جا غزلَ، غزل جي روايتي ۽ مروج موضوعن جي انحرافي ڪن ٿا، اهي فڪري ۽ موضوعاتي طور جديد آهن، پر اياز انهن ۾ ڪٿي به لفظي سُرن ۽ لئي جي سنگم کي ٽوڙيو نه آهي. اُهي حسنِ تغزل ۽ موسيقيت سان لبريز آهن.

    ڪا جھرمر جھرمر جگنوءَ جي ڪا ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم تاري جي
    گھنگھور گھٽا جو گھيرو آ، ڪنهن جي ته سهاري وينداسين

    (ڪي جو ٻيجل ٻوليو ص 98)

    غزل جي هن شعر ۾ جتي جگنوءَ جي جوت، تارن جو ٽمڪو ۽ گھنگھور گھٽائن جو گھيرو آهي، اتي لفظن ۾ ڀرپور رواني ۽ ترنم به آهي. خاص طور جھِرمر جھِرمر ۽ ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم جا لفظ صوتي حسن سان ٽمٽار آهن ۽ جيڪي ڪنهن به اٻاڻڪي من ۾ جلترنگ ڇيڙڻ جي سگھ رکن ٿا.
    ڪولرج چيو هو ته “عظيم ۽ ڀرپور شاعري روح جي هڪ هڪ تار کي لوڏي ڇڏيندي آهي.” شاعريءَ ۾ اها سگھ تڏهن ئي پيدا ٿيندي آهي، جڏهن منجھس تازي فڪر سان گڏ مناسب لفظي توازن ۽ تال ميل موجود هوندو آهي، جنهن کي اسين موسيقيت سڏيون ٿا. شيخ اياز جا غزل پنهنجي اندر اهو جادوئي اثر رکن ٿا، جنهن جي سحر ۾ جڪڙجي ماڻهو جھومڻ لڳندو آهي.

    هي سين نه ڏيندي چين، اُٿي ڏسُ! ڪوئي آيو آ پيارا!
    هي شايد ساڳيو رمتو آ، اڳ جيئن اُڃارو آ پيارا
    جنهن وقت چراغِ شام ٻري ۽ ميخاني ۾ جام ٻري
    تنهن وقت اسان جو پنڌ پري، پنهنجو به پرايو آ پيارا
    جنهن وقت اسان جي تند تپي ۽ سازُ ٽپي آواز جھپي
    تنهن وقت ڀلي ڪو ڪنڌ ڪپي، جو آيو، ڳايو آ پيارا

    (وڄون وسڻ آئيون ص 78)

    شيخ اياز جي هن غزل ۾ نه رڳو لفظي ترتيب ڪنهن خوبصورت مالها وانگر آهي، پر سٽن ۾ سُر ۽ تال جو توازن به ڪمال جو آهي. هڪ پاسي “جنهن وقت چراغِ شام ٻري ۽ ميخاني ۾ جام ٻري” جا لفظ من ۾ هڪ عجيب سرگم ڇيڙين ٿا ته ٻي پاسي “پنڌ، پري، پنهنجو، پرايو ۽ پيارا” جي لفظي بيهڪ تجنيسِ حرفي (Alliteration) جي خوبي کي ظاهر ڪندي مصرع ۾ انوکي لئي ۽ ترنم پيدا ڪري رهي آهي. اهڙي طرح “تند تپي، سازُ ٽپي، آواز جھپي” جهڙا هم آواز لفظ غزل جي خوش آهنگيءَ جو سبب بڻيا آهن. اهڙي لئي ۽ ترنم جي لهرن ۾ لڙهندي وجدانيت ۽ خود سپردگيءَ جو احساس ڪر موڙي اٿي ٿو ۽ اهڙي حالت ۾ “ڪو، ڪنڌ، ڪپي ۽ آيو، ڳايو” جا لفظ تجنيسي خوبي ۽ لفظي ترنم کان اڳتي وڌي هڪ بي خودي ۽ مستيءَ جي ڪيفيت پيدا ڪن ٿا. اهڙي جذب ۽ مستيءَ جي ڪيفيت ئي اياز جي شاعريءَ کي موسيقيت سان ڀرپور بڻائي ٿي.
    شيخ اياز جا طويل بحرن وارا اڪثر غزل ترنم جي خوبيءَ جا سرشار آهن، پر ان جو اهو مطلب هر گز نه آهي ته ننڍن بحرن ۾ لکيل سندس غزل ان خوبي کان وانجھيل آهن. هونءَ ته سندس لاتعداد خوبصورت غزل ان نغمگيءَ جي خوبيءَ سان پُر آهن، پر مثال طور رڳو ڪجھ غزلن جا هي شعر ڏسو:
    جنهن وقت گھٽا گھنگھور اچي، ۽ مورَ نچن ٿو جام ڀريان
    ٻي آءٌ عبادت ڪيئن ڪريان، چؤ ڪيئن ڪريان، چؤ ڪيئن ڪريان؟
    (ڪتين ڪرَ موڙيا جڏهن ــ ڀاڱو ٽيون ص 78)
    جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل! هي ڏينهن به گھاري ويندا سين
    ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ ڏونگر ڏاري ويندا سين
    (ڪي جو ٻيجل ٻوليو ص 98)

    ٿي ماڪ وسي ميخاني تي، ڪي رِندَ ڪَڙو کڙڪائن ٿا
    ڪجھ ڳاٽ ڳهر مان ڇرڪن ٿا ۽ جام جھلي واجھائن ٿا
    مون سهڻا! تنهنجي ساکَ کنئي ۽ لوئيءَ تنهنجي لاک هَنئي
    سي ڪانئر ٻي ڪنهن ڪُڙم منجهان، جي پريت ڪري پڇتائن ٿا
    (ڪي جو ٻيجل ٻوليو ص 97)

    مون ڌرتي تنهنجا ڌڱ ڏٺا، مون تن جا لويل لڱ ڏٺا
    جن وڙهندي وڙهندي جان ڏني، سي وارا وير وڄائي ويا

    (گيڙو ويس غزل ص 190)

    شبِ تاريڪ کان تاريڪ تر آ زندگي منهنجي
    ڪٿي آهين اڙي او روشني، او روشني منهنجي
    (ڀونر ڀري آڪاس ص 210)

    ڪونج ڪرڪي پئي ڪا اتر پار جي
    ياد آئي اسان کي وري يار جي

    (ڪي جو ٻيجل ٻوليو ص 79)

    دور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا
    تون اڃا ٿو جيئن هاءِ ڙي جيئڙا
    (ڪي جو ٻيجل ٻوليو ص 80)

    تون نه آئين، نه آئين، نه آئين اڃا
    ٿو اسان کي پيو آزمائين اڃا!
    آ گھڙو ڪا گھڙي، ڏس ٻُڏين ٿي ٻَڙي
    پريت ميهار سان ٿي نڀائين اڃا!
    (ڪي جو ٻيجل ٻوليو ص 96)

    وري عشق بازي اڙي دل! اڙي دل!
    اُئين ئي مجازي، اڙي دل! اڙي دل!
    سدا سانگ تنهنجا، نوان نانگ تنهنجا
    گھُرين چوٽَ تازي، اڙي دل! اڙي دل!

    (وڄون وسڻ آئيون ص 75)

    مٿي پيش ڪيل غزلن جي مصرعن مان قاري کي سُرن جي هندورن ۾ جھومڻ جو احساس ٿئي ٿو. اياز جا اهڙا انيڪ غزل آهن جيڪي ترنم ۽ موسيقي جي حسن سان تار آهن. انهن ۾ روح کي گرمائڻ، اندر جي جذبات کي متحرڪ ڪرڻ ۽ لفظي ساز ۽ آواز جي لهرن کي ٻڌندڙن جي سماعتن ۾ سرور سان سمائجڻ جي سگھ موجود آهي.

    اياز جي گيتن ۾ موسيقيت
    گيت سنسڪرت لفظ ‘گيه’ مان ورتل آهي، جنهن جي معنى ئي آهي “ڳائڻ”. ان جو مطلب ته گيت جو سُرَ، سازَ، آوازَ ۽ گائڪيءَ سان گھرو سُٻنڌ آهي، تنهنڪري گيت پنهنجي وجود ۾ سراپا موسيقي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻن قسمن جا گيت ملن ٿا. 1. لوڪ گيت 2. جديد گيت. لوڪ گيت جو ماخذ سنڌ جي قديم شعري صنف “ڳيچ” آهي، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ جديد گيت هندي شاعريءَ کان متاثر ٿي لکيل آهي ۽ لوڪ گيت جي ڀيٽ ۾ اهو جديد دور جي صنف آهي، پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته ٻنهي قسم جي گيتن جو بنياد سُر ۽ رس آهي. “هڪ سٺي گيت کي روان ۽ سَرل هجڻ کپي، جيئن نديءَ جي لهر ۽ جيئن ڳوٺاڻي جي گفتگو ـــ گيت مشڪل ۽ نثري آهنگ وارن بحرن، ڳهرن ۽ کُهرن لفظن جي سٽاءَ جي اجائي پيچيدگي، جنهن سان ان جي لَئي متاثر ٿيندي هجي، کي ناپسند ڪري ٿو. گيت جو حسن ئي ان جي نغمگيءَ ۾ آهي، جنهن ۾ موسيقيت، لفظي آهنگ ۽ روانيءَ جو لطف ڀرپور نموني سمايل هجي.” (22) شيخ اياز لوڪ ۽ جديد گيت ۾ گڏ و گڏ تجربا ڪيا آهن، تنهنڪري سندس گيت روايت ۽ جدت جو سنگم محسوس ٿين ٿا. هن جا گيت اهڙا مترنم نغما آهن، جن کي ٻڌندي ۽ پڙهندي ڪنن ۾ مڌر موسيقيءَ جا ساز ٻُرڻ لڳن ٿا.

    محبت نه ڪڏهن مات ڪئي موت، هلي آءُ ـــ
    سندم هوت هلي آءُ
    ٽڙي آهه رتن جوت نه ڳڻ ڳوت، هلي آءُ

    سندم هوت هلي آءُ

    هلي آءُ نوان ڏينهن، نوان نينهن هلي آءُ

    هلي آءُ، هلي آءُ
    هلي آءُ، پيا مينهن ڀنا ڏينهن، هلي آءُ

    هلي آءُ، هلي آءُ

    سندم سونهن، سندم ساهه، هلي آءُ، هلي آءُ
    ڇڇ
    هلي آءُ، هلي آءُ
    نئون چنڊ، نوان چاهه، هلي آءُ، هلي آءُ

    هلي آءُ، هلي آءُ

    نيئن رات، نئين بات، هلي آءُ، هلي آءُ

    هلي آءُ، هلي آءُ
    نئين تانگھ، نئين تات، هلي آءُ، هلي آءُ

    هلي آءُ، هلي آءُ

    جھلي لاٽ، ڏسي واٽ، ٿڪا نيڻ، هلي آءُ

    نه ڏي ويڻ هلي آءُ
    جڙين شال، مڙي وڃ نه جيئين ميڻ، هلي آءُ

    نه ڏي ويڻ هلي آءُ

    ڏسي آس سندم پياس، اَچي اوت، هلي آءُ

    سندم هوت هلي آءُ
    محبت نه ڪڏهن مات ڪئي موت، هلي آءُ

    سندم هوت هلي آءُ
    (ڀونر ڀري آڪاس ص 52 ــ 51)

    هي گيت آهي يا ڪو جادو، لفظ آهن يا وڏ ڦڙي جي برسات ــ هي لئي ۽ ترنم، هي باترتيب لفظن جون قطارون، هي لفظي ورجاءَ جو وهڪرو، هي سٽن جي سَرلتا، هي قافيه پيمائي جو ڪمال، سچ ته هي بي خوديءَ جي ڪيفيت ۾ چيل اهڙو نغمو آهي، جيڪو سڌو دل تي اثر ڪري ٿو. هن گيت ۾ جذبي جي اڇل ۽ تخليقي وجدان هڪ پاسي پر هن جي لفظن مان اڀرندڙ سُر ۽ موسيقي ئي في الحال مدهوشي طاري ڪندڙ آهي. “هلي آءُ، هلي آءُ” جو لفظي ورجاءَ ڪنهن پراڻي پپر ۾ ٻڌل پينگھ ۾ جھولڻ جو لطف ڏئي ٿو. قمر شهباز پنهنجي مضمون “اياز لفظن جو جادوگر” ۾ لکي ٿو ته “اياز کي پڙهندي مون شدت سان محسوس ڪيو آهي ته “ورجاءَ” واري عمل مان هو وجد واري ڪيفيت پيدا ڪرڻ جو ماهر آهي. لفظن کي سٽن ۾ وري وري دهرائڻ سان، جيڪو مانڊاڻ مچي ٿو، سو انسان جي بنيادي جبلت (Instinct) يعني ناچ لاءِ هٿ پير، اکيون ۽ آڱريون بي ساخته موڙڻ، مٽڪائڻ ۽ مچلائڻ لاءِ مجبور ٿو ڪري.” (23) لفظي ورجاءَ وسيلي شعر ۾ موسيقي پيدا ڪرڻ وارو هڪ ٻيو مثال به ڏسو:

    تون آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ
    اي پيار، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ

    هي هيج ڀري سيج، هلي آءُ، هلي آءُ
    هي چاهه ڀريو ساهه، هلي آءُ، هلي آءُ
    هي سنگ ڀريا انگ، هلي آءُ، هلي آءُ
    هي نينهن ڀريا ڏينهن، هلي آءُ، هلي آءُ

    (ڀونر ڀري آڪاس ص 90)

    شيخ اياز جي کوڙ سارن گيتن ۾ اهڙو لفظي ورجاءُ ۽ رواني موجود آهي، جن کي پڙهندي دل جھومڻ چاهي ٿي. “اياز جا گيت رس ڀري ٻوليءَ، لهجي جي تاثير، نازڪ خياليءَ، پيشڪش جي ڳنڀيرتا ۽ ويچارن جي گھرائيءَ سان پچي راس ٿيل آهن. جنهن ۾ وڻ ۾ پڪل ميوي جهڙو مٺاس ۽ هڳاءُ آهي. هن جي گيتن ۾ قدرتي ترنم، رواني ۽ غنائيت آهي..... اياز جو گيت پڙهي اهو اندازو ڪري سگھجي ٿو ته اهو غير روايتي ترنم ۾ ڳوهيل آهي، جنهن کي سکيا، علم ۽ تجربي سان حاصل ڪري نه ٿو سگھجي، بلڪه اهو ترنم فقط شاعريءَ جي روح ۾ روانيءَ هجڻ سان ئي ممڪن ٿي سگھي ٿو.” (24) اياز جي گيتن جي جادو بياني، لطيف انداز، هم آواز لفظن مان پيدا ٿيندڙ سُر ۽ انهن جي اندروني موسيقي، سنڌي موزون شاعريءَ جو هڪ انوکو مثال آهن. هن جا انيڪ گيت انهيءَ رمزيت ۽ غنائيت سان ٽمٽار آهن.

    روئڻ سان رهن ها جي سُپرين

    مان نيڻين نير نه روڪيان ها
    مان ڳوڙها ڳاڙي ڳايان ها،
    مان وک وک وار وڇايان ها،
    وَرُ واريان ها، گھر گھوريان ها
    مان سهسين سانگ رچايان ها
    روئڻ سان رهن ها جي سُپرين

    مان نيڻين نير نه روڪيان ها
    (وڄون وسڻ آئيون ص 53)
    ــــــــــــــــ
    وهندي رهندي، وهندي رهندي، سون ورنُ سنڌو ــ
    سون ورنُ سنڌو
    ويرون اينديون، ويرون وينديون
    آلڙَ ۾ به اسهندي رهندي، سون ورنُ سنڌو
    (ڪپر ٿو ڪُنَ ڪري ص 311)
    ــــــــــــــــ
    جان جان جيان آنءُ
    تان تان تنهنجو نانءُ
    مون کان مور نه وسري
    (لڙيو سج لڪن ۾ ص 43)
    ـــــــــــــــ
    موٽي هَلُ
    موٽي هَلُ
    موٽي هَلُ

    توکي رستا روڪِن ٿا
    ٽاڻي ٽاڻي ٽوڪِن ٿا
    موٽي هَلُ
    موٽي هَلُ
    موٽي هَلُ
    (چنڊ چنبيليءَ ول ص 112)

    مٿيان گيت نه رڳو پنهنجي سٽاءَ جي اعتبار کان مختلف ۽ منفرد آهن، پر سُرن جو هڪ جداگانه احساس ڏياريندڙ به آهن. پهرين گيت ۾ “ڳوڙها ڳاڙي ڳايان” ۽ “وک وک وار وڇايان” لفظن مان تجنيسِ حرفي جي خوبي اڀري گيت ۾ رڌم پيدا ڪري ٿي. ٻئي گيت ۾ “وهندي رهندي، وهندي رهندي” ۽ “ويرون اينديون، ويرون وينديون” جا لفظ پنهنجي اندر ساز ۽ آواز جو جادو رکن ٿا. ٽين گيت ۾ “جان، جان” ۽ “تان تان” جا لفظ پڻ ساڳي خوبي رکندڙ آهن. جڏهن ته چوٿين گيت جي لفظي ورجاءَ مان هڪ انوکي لَئي ۽ تال اڀري ٿي. شيخ اياز جا اڪثر گيت اهڙي سُر، ساز ۽ آهنگ سان رچيل آهن، جيڪي روح کي ڪيف ۽ سرور بخشين ٿا.
    لوڪ رس جي حوالي سان اياز جي “گيت پرولي” سُر ۽ آهنگ جو هڪ انوکو مثال آهي. “رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي” ۾ اياز جا لوڪ گيت “لمڪيان ڙي لو“، “سانوڻ ـــ ٽيج“، “مڻيارُ” ۽ “ڪرهو” يا “ڇيڄ“، “همرچو” ۽ “لوليون” نج سنڌي ٻوليءَ جي هڳاءَ، نرم لهجي، نفيس احساسن، ثقافتي سونهن ۽ موسيقيت سان ڀرپور آهن. شيخ اياز جي گيتن لاءِ رسول بخش پليچي جي اها راءِ ڏاڍي وزنائتي آهي ته “سندس گيت لفظن جي خوبصورتيءَ، سٽاءَ جي سونهن، موسيقيت ۽ اثر ڪري فن جا ڄڻ تاج محل آهن.” (25)


    اياز جي منظوم ڊرامن ۾ موسيقيت
    جڏهن اسين منظوم ڊرامن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان حوالي سان اسان کي ٻن قسمن جا ڊراما ملن ٿا. “راڳ ناٽڪ” (Opera) ۽ “نرتيه ناٽڪ” (Dance Drama). سنڌ جي آڳاٽي ادب ۾ منظوم ڊراما نه ٿا ملن، البته انگريزن جي دور ۽ ان کان پوءِ سنڌي ادب ۾ منظوم ڊرامن جي حوالي سان رڳو ٻن چئن شاعرن جا نالا ملن ٿا. اهڙن شاعرن مان شيخ اياز جو نالو وڏي اهميت جو حامل آهي، جنهن سنڌي شاعريءَ کي ٽي منظوم ڊراما “دودي سومري جو موت” “رني ڪوٽ جا ڌاڙيل” ۽ “ڀڳت سنگھ کي ڦاسي” ڏنا. حقيقت اها آهي ته شيخ اياز جا سنگيت ناٽڪ (Opera) موسيقيت جي معراج تي نظر اچن ٿا. “دودي سومري جو موت” جو آغاز يعني ايڪٽ پهريون ئي ايڏو ته شاندار ۽ لفظي سُر، سنگيت ۽ ساز سان ڀريل آهي جو ڇا ڳالهه ڪجي.

    جيئو جيئو، پيئو پيئو!
    ڇَنن ڇَنن ڇن ڇن
    ڪاري رات اٻهرو ليئو!
    ڇَنن ڇَنن ڇن ڇن
    ٽمڪي نيٺ وسامي ڏيئو!
    ڇَنن ڇَنن ڇن ڇن
    پيئو پيئو، جيئو جيئو
    ڇَنن ڇَنن ڇن ڇن
    ڇن، ڇن، ڇن، ڇن، ڇن، ڇن، ڇن، ڇن
    ڇَنن ڇَنن ڇن ڇن
    ڇن........ ڇن...... ڇن.......
    (ڪي جو ٻيجل ٻوليو ص 43)

    سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙي سُر تال ۽ موسيقيءَ جو مثال ملڻ محال آهي. اهو اياز جي لفظن جو ڪمال آهي، لفظ جيڪي رقص جي زبان سمجھائن ٿا. “ڇنن” ۽ “ڇن” جا لفظ هر ويلي پنهنجي الڳ سُر ۽ ڪيفيت سان ظاهر ٿين ٿا، اها ڇير جي ڇمڪار ڪڏهن تيز ته ڪڏهن ڌيمي محسوس ٿئي ٿي. هنن لفظن کي پڙهندي ڄڻ تبلي جي ٿاپ به ڪنن ۾ گونجي ٿي. نرتڪيءَ جي پيرن ۾ ٻڌل گنگھرو ڪنن ۾ مڌرتا جا سُر اوتين ٿا ۽ لفظن مان رقص جو منظر اڀري اچي ٿو. اهڙا ئي منظر ۽ سُر “رني ڪوٽ جا ڌاڙيل” ۾ پسي سگھجن ٿا. جنهن ۾ وينگس چوي ٿي ته:

    پريت به آهي پل جي مايا،
    ڪنهن ڇايا جي ڇل جي مايا،

    پوءِ به ان بِن چارو ڪونهي،
    پريت سوا ڇٽڪارو ڪونهي،

    من جي موک انهيءَ ۾ آهي،
    ساري اوک انهيءَ ۾ آهي،

    پريت جڏهن هي روح رڄي ٿي،
    بادل بادل بين وڄي ٿي.

    (ڪي جو ٻيجل ٻوليو ص 76 ـ 77)

    شيخ اياز جو سنگيت ناٽڪ “ڀڳت سنگھ کي ڦاسي” به انهيءَ سحر، نغمگيءَ ۽ موسيقيت سان ڀرپور آهي. “هن سنگيت ناٽڪ ۾ به اياز جي اها جادوگري ۽ سحر انگيزي ڪارفرما نظر اچي ٿي. سندس عام شعر جيان، هن ناٽڪ جا منظوم مڪالما به نغمگي ۽ مڌرتا سان ٽمٽار آهن ۽ ان ڪري پڙهندڙ تي وڌيڪ ۽ گهڻو اثر وجهن ٿا. پڙهندڙ شعر جي نغمگيءَ جي وهڪري ۾ بي خود ٿيو، وهندو لڙهندو ٿو وڃي.” (26) هن ڊرامي جا مڪالما به سندس ٻين ڊرامن وانگر غنائيت ۽ لفظي روانيءَ سان تار ۽ روح جون تارون ڇيڙڻ جي سگھ رکندڙ آهن. ناٽڪ جو آغاز ئي ڀڳت سنگھ جي اهڙن مڪالمن سان ٿئي ٿو، جيڪي پنهنجي اندر جادوئي اثر رکن ٿا.

    هي ديس سڄو ئي اوڳو آ
    منُ روڳي آ جو موڳو آ
    هر گيان انهيءَ جو گيڙو آ
    ۽ رات مٿان جو ٽيڙو آ
    تنهن ڏانهن اڀو ترسول ڪري
    ٿو واريءَ تي ويراڳ ٺري ــــ
    هر تياڳ انهيءَ جو روڳي آ
    هر ماڳ انهيءَ جو روڳي آ
    هر جاڳَ انهيءَ جي جُوٺي آ
    هر لاڳَ انهيءَ جي لوٺي آ
    جا ڳالهه ڪري ٿو ڳوڙهي آ
    پر پرک ته مت جي موڙهي آ.


    (ڀڳت سنگھ کي ڦاسي ص 41)

    شيخ اياز جي ٽنهي ناٽڪن ۾ جڳهه جڳهه تي اهو جادوئي اثر ۽ سُر ساز جو سحر محسوس ٿئي ٿو ۽ هڪ هڪ ناٽڪ جو هڪ هڪ بند شاعراڻي موسيقيت سان ڀرپور نظر اچي ٿو.

    اياز جي دوهن ۾ موسيقيت

    شيخ اياز شاعريءَ جي جنهن به صنف ۾ لکيو آهي، تنهن ۾ سُر ۽ لئي جو خاص خيال رکيو آهي. حقيقت اها آهي ته هو هڪ مغني شاعر آهي. هن جو شعر پڙهي جيءُ ان کي جھونگارڻ چاهي ٿو. هن جي لفظن ۾ انوکو آلاپ ۽ هڪ پيارو پڙلاءُ آهي، اهڙي مڌر آلاپ ۽ گونج مان جا نغمگي جنم وٺي ٿي سا اياز جي شاعريءَ کي هڪ انفراديت بخشي ٿي. اها نغمگي بي سمت ۽ بي مقصد نه آهي. اياز جي سريلن لفظن مان رڳو موسيقي جو موهه پيدا نه ٿو ٿئي پر معنائن جا تهه به کُلندا ٿا وڃن. “شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ مقصد ۽ موسيقي، جسم سان روح جيان سلهاڙيل ۽ سنجوڳي آهي. هن جي شاعريءَ ۾ فن ۽ فڪر، سرُ ۽ سندرتا جو حيرت انگيز سنگم ملي ٿو. هُو سِٽن ۾ متحرڪ لفظن، اندروني قافين، مختلف بحرن جي آميزش، تجنيسن جي منفرد استعمال، لفظن ۽ ٻولن جي مناسب ورجاءَ سان جيڪو ردم ۽ ترنم پيدا ڪري ٿو، اهو جادوئي اثر رکندڙ آهي، ۽ ان جي سرور ۽ ڪيف ۾ ماڻهوءَ جو من مُنڊجي جھومڻ ۽ رقص ڪرڻ لڳي ٿو.” (27)
    دوهو بنيادي طور هندي شاعريءَ جي هڪ حسين صنف آهي، جنهن کي هندي ۾ شلوڪ پڻ سڏيو ويندو آهي. ٻن سٽن تي آڌاريل هن خوبصورت صنف ۾ هڪ اعلى پايي جو شاعر هڪ ڪائنات سمائي سگھي ٿو. جيئن ڪبير جو دوهو آهي:
    چلتي چکي ديکھه کے ديا کبيرا روئے
    دوے پت بھيتر آئے کے ثابت گيا نه کوئے

    دوهي جي صنف امير خسرو ۽ ڀڳت ڪبير کان بلهي شاهه، شاهه لطيف ۽ شيخ اياز تائين هڪ ڊگھو سفر ڪيو آهي. هن صنف کي اياز نه رڳو فڪري جدت بخشي آهي پر ان ۾ لفظن ۽ سُرن جي سهڻي جڙت سان موسيقيت جي عنصر کي به شانائتي نموني اڀاريو آهي. شيخ اياز جا گھڻي ۾ گھڻا دوها سندس ڪتاب “سانجھي، سمنڊ، سپون” ۾ ملن ٿا، پر ان کان علاوه “ڀونر ڀري آڪاس” ۽ “ڪُلهي پاتم ڪينرو” ۾ به شاندار دوها نظر اچن ٿا. هن جي اڪثر دوهن ۾ سُر ۽ آهنگ جو رچاءُ توڙي لئي ۽ ترنم جي تازگي جو احساس نمايان آهي. اياز جي اڪثر دوهن جي پهرين مصرع سرن جي لهرن ۾ جھومندڙ محسوس ٿئي ٿي. ان موسيقيت جي اڀار ۾ ڪٿي سندس لفظن جي خاص ترتيب ۽ تجنيسِ حرفي ته ڪٿي لفظي ورجاءُ ۽ اندروني قافيا ڪم ڪن ٿا. مثلاً سندس دوهن مان اهڙيون ڪجھ مصرعون ڏسو:

    هِن کي ماريو، هُن کي ماريو، ماريو ماريو ماريو.
    (سانجھي سمنڊ سپون ص 116)

    هونءَ ته جھر مر ۾ جيءُ ڏسجي، جاني آهه جهانُ.
    (سانجھي سمنڊ سپون ص 123)

    ڀورائيءَ ۾ ڀالَ ڪيا تو، ڏاهپ سارا ڏنڀ.
    (سانجھي سمنڊ سپون ص 124)

    گِرهه گرهه تي مُهرَ پرينءَ جي، پهر پهر تي مَهر.
    (سانجھي سمنڊ سپون ص 127)

    ڪو ڪيئن ويو ڪو ڪيئن ويو، تون ڪنهن جو پيڇو چاهين ٿو؟
    (سانجھي سمنڊ سپون ص 131)

    ڪنهن وقت هوا جي جھوٽي تي، ڪيڏانهن پري اڏري ويندين.
    (سانجھي سمنڊ سپون ص 135)

    ويرا واهه وري وسڻو آ، اي ڀوڏيسر ڀون
    (سانجھي سمنڊ سپون ص 137)

    ڪنهنجا ڪنهنجا چپ چميا سين، ڪنهن جا ڪنهن جا هٿ
    (سانجھي سمنڊ سپون ص 146)

    مسجد مندر ۾ مان توڙي، گرجا گھر ۾ تنها
    (سانجھي سمنڊ سپون ص157)

    چاهين ڇاٿو چارڻ؟ توکي چريو چوي ٿو ديس.
    (ڪُلهي پاتم ڪينرو ص 37)

    اياز جا دوها فطري موسيقي سان رچيل آهن. انهن ۾ گھڙت جو ڪم کان وڌيڪ بيساختگي آهي. انهن دوهن ۾ خيال ردم سان ملي اڀري ٿو ۽ سٽن ۾ سنگيت کي جنم ڏئي ٿو. اياز جي هيٺين دوهن ۾ ان سُر ۽ سنگيت جو ساءُ چڱيءَ پَرِ محسوس ڪري سگھجي ٿو.

    آ بوند نه برسي ماڻهوءَ تي، هوءَ ڪوڙا ڪارونڀار هيا،
    سي مات ڏئي ويا ماڻهوءَ کي، جي جَڳَ جي جئه جئه ڪار هيا.
    (سانجھي سمنڊ سپون ص 117)

    نيٺ ته ماڻهو مات ٿئي ٿو، نيٺ ته ماڻهو مات،
    هي سنسار سدا ته نه رهندو، رهندي ربَ جي ذات.

    (سانجھي سمنڊ سپون ص 118)

    ساري رات اڏاڻين ڪرها، ڪاڪ ڪنڌيءَ کان دور،
    ائين لڳي ٿو توکي مومل، ملڻي ناهي مور.
    (سانجھي سمنڊ سپون ص 123)

    جا ويل وئي سا لهر جيان، ٻيهار نه موٽي اچڻي آ،
    آ ڪارو ڪارونڀار پريان، هي دنيا اچڻي وڃڻي آ.
    (سانجھي سمنڊ سپون ص 128)

    ڇا لاءِ ڪرين جاکوڙ، اجائي لوڙ ڪويتا کوڙ اٿي،
    ڪهڙي فرق پوي جي توکي، ٻيو ڪجھ ڪونه ڪروڙ اٿي؟
    (سانجھي سمنڊ سپون ص 147)

    هاءِ اڃايون، آسرونديون، وک وک تي وهلور،
    منهنجون اکڙيون، هيڻيون هرڻيون، ڏسن افق ۾ ڏور.
    (ڪُلهي پاتم ڪينرو ص 37)

    آهه پراڻو پاپي هي من، چندرما جو چورُ،
    هيءُ لُٽي جيون جي جَڳ مڳ، جڳ کي ننڊ اگھور.
    (ڪُلهي پاتم ڪينرو ص 38)

    تنهنجو سندر روپ انهيءَ تي، چوڏهينءَ چنڊ چٽاءُ،
    منهنجي من ۾ کيپُ، نديءَ جو هيج هندورو واءُ.
    (ڪُلهي پاتم ڪينرو ص 38)

    مٿين دوهن ۾ لفظن جو تال ميل، ترتيب ۽ ورجاءُ، ٻنهي سٽن جو هڪ ٻئي سان ربط، خاص اکرن مان پيدا ٿيندڙ سُرن جو اڀار منجھن جيڪا موسيقيت پيدا ڪري ٿو اها سچ پچ بي مثل ۽ بي بدل آهي. انهن دوهن ۾ تجنيسِ حرفي جو حسن به آهي، انوکي لفظيات جو مانڊاڻ به آهي، اندروني قافيي مان جنم وٺندڙ سُرن جي سونهن به آهي ته لفظن جي پڙلاءَ مان پيدا ٿيندڙ موسيقيءَ جو موهه پڻ.


    اياز جي ڏيڍ سٽن ۾ موسيقيت

    اها ڳالهه درست آهي ته شاعريءَ جي اڪثر صنفن جو پنهنجو پنهنجو سُر ۽ وزن ٿئي ٿو، تنهنڪري ان ۾ فني سطح تي هڪ موسيقي جو هجڻ لازمي آهي پر شيخ اياز جي شاعريءَ جي هر صنف سچ ته هڪ الڳ ۽ انوکي رڌم کي جنم ڏئي ٿي. ڏيڍ سٽو سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نڪوري صنف آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ شيخ اياز ئي پالي تاتي جوڀن بخشيو. هن پنهنجي ڏيڍ سٽن جي ڪتاب “ننڊ وليون” ۾ لکيو آهي ته “اهو ڪتاب اڌ رات جو ننڊ مان اُٿي مون هڪ نيم شعوري ڪيفيت ۾ اوندهه ۾ لکيو آهي.... اهي منهنجي ماضيءَ جي کنڊرن مان لڌل اڻ ــ لڀ شيون آهن يا منهنجي شهري گوشه نشينيءَ ۾ تنهائيءَ جي احساس جو اظهار آهن..... هي ڏيڍ سٽا فارسيءَ جي مستزاد ۽ پنجابي گيت ماهيا جو ميل جول آهن ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين صنف آهن جي آسانيءَ سان ڳائي سگھجن ٿا.” (28) هيءُ ڏيڍ سٽ جو نظم جنهن ۾ ڳائڻ جي صلاحيت آهي، ان جي ڪرافٽنگ هڪ ڏکيو ڪم آهي. شيخ اياز جي هن ڪتاب ۾ موجود ڏيڍ سٽن ۾ رڳو ڪيفيتن جون ڇوهيون ڇوليون ئي موجود نه آهي پر نرالا سُر ۽ ساز پڻ سمايل آهن. اهي ڏيڍ سٽا رڳو هڪ ڏيهه جو ڏيکاءُ محسوس نه ٿا ٿين پر انهن جو هر اکر ساهه کڻندي ڀاسي ٿو، انهن جي لفظ لفظ ۾ هڪ لطف ۽ ڪشش آهي ۽ ان ڪشش ۽ ڇڪ جو بنيادي سبب انهن ۾ سمايل غنا ۽ موسيقي آهي. اياز جي انهن ڏيڍ سٽن ۾ ڪٿي سِتار جي تار جي ڇيڙ وارو سرور آهي ته ڪٿي تنبوري جي وڄت جو احساس. اياز جي ڏيڍ سٽن ۾ ڪٿي لفظ چپڙيون ۽ يڪتارا بڻجي گونجڻ لڳن ٿا ته ڪٿي دف جي ڌيمي ڌن جيان محسوس ٿين ٿا.

    ٿو راڳ ٻَري ٻاري،
    چپڙيون ته هندو ناهن، ڪو ڌرم نه يڪتاري (ص 76)

    ڪهڙو نه تنبورو آ؟
    ٿي باهه ٻري جنهن مان، هٿ لاهه ته کورو آ. (ص 76)

    دف جيئن وڄايان ٿو،
    هُو چنڊ جڏهن توکي، اڌ رات نچايان ٿو. (ص 81)

    اهي رڳو سنڌي موسيقي جا ساز نه آهن پر انهن سازن سان سرور جون سوين ڪيفيتون به جڙيل آهن. اها راڳ ۽ رقص جي ڳالهه، توڙي سُرن ۽ سازن جو ورجاءُ ته اياز جي سموري شاعريءَ ۾ موجود آهي پر خاص طور اسان جڏهن سندس ڏيڍ سٽن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته انهن ۾ رڳو انهن سازن جو ذڪر ئي موجود نه آهي پر لفظي ۽ فني سطح تي به سٽ سٽ ۾ سُرن جي گونج محسوس ٿئي ٿي.

    چُپ چاپ لڪي چوري،
    چوڌارِ ڏسي ٻاهر، پو آءُ ڇِتي ڇوري. (ص 61)

    هر شعر شباب آهي،
    هر سٽ صراحي آ، جنهن منجھ شراب آهي. (ص 84)

    تون تارِ تري ويندين؟
    ڇالاءِ اٻالو آن، جي نيٺ مري ويندين! (ص 88)

    ڪن ڪانوَ پيا ‘ڪان’ ‘ڪان‘،
    ٿي سانجھ سرءُ جي آ، مان ڪجهه ته پيو سوچان. (ص 153)

    مٿيان ڏيڍ سٽا لفظي ترنم ۽ آهنگ جو حسين مثال آهن. جن ۾ نه رڳو تجنيسِ حرفي وسيلي لفظن مان سُرن کي اڀاريو ويو آهي پر لفظن جي خاص ترتيب ۽ اندروني قافئي سبب انهن ۾ موسيقيت جو ساءُ پيدا ڪيو ويو آهي. پهرين ڏيڍ سٽي ۾ اياز چپ چاپ، چوري چوڌاري ۽ ڇتي ڇوري جهڙا لفظ استعمال ڪري ‘چ’ ۽ ‘ڇ’ جي ميلاپ سان جنهن آهنگ کي اڀاريو آهي سو ڇير ۽ چنگ جو احساس پيدا ڪندڙ آهي. ائين ئي شعر، شباب، شراب ۽ سٽ صراحي، تون تار تري، سانجھ سرءُ، سوچان ۽ ڪن ڪانوَ پيا ‘ڪان’ ‘ڪان’ جهڙن لفظن جي ترتيب انهن ڏيڍ سٽن مان ان ترنگ کي اڀاري ٿي جنهن مان ٿرڪڻ ۽ جھومڻ جو احساس پيدا ٿئي ٿو. ائين ئي هيٺيون ڏيڍ سٽو اياز جي ڏيڍ سٽن مان موسيقيت جو حسين مثال آهي.

    هي تار به تون آهين،
    ميهار به تون آهين، سيسار به تون آهين، (ص 107)

    هن ڏيڍ سٽي ۾ تار، ميهار ۽ سيسار جي قافين کي تون آهين جي رديف سان ملائي سچ پچ اياز هڪ حسين ڌن ترتيب ڏني آهي. اهڙي ڌن جنهن کي وري وري ٻڌڻ تي دل چاهيندي هجي. “نرمل خيالن، رنگين جذبن ۽ سهڻي احساسن جي اظهار لاءِ اياز نه رڳو وڻندڙ اسلوب، جاندار لفظ ۽ انهن سان هم آهنگ ترنم جي چونڊ ڪري ٿو، پر متوازن ۽ معنى دار لفظن جي ورجاءَ سان تاثر جي وحدت قائم ڪري، شعر ۾ وجداني ڪيفيت پيدا ڪري ٿو، جيڪا سرور ۽ سڪون سان گڏ هڪ احساس جي انوکي تجربي جي آشنائي پڻ عطا ڪري ٿي.” (29) شيخ اياز جي ڏيڍ سٽن ۾ موجود موسيقيت جي حوالي سان اهڙا ٻيا به ڪيئي مثال ڏئي سگھجن ٿا جئين:

    آ اُڃ ڪيو آتو،
    ڇُلڪي نه پوي هاڻي ائين جام ڀريو آ تو. (ص 35)

    ها باک بهارن جي،
    تن آهه پرين تُنهنجو ڄڻ شاخ انارن جي. (ص 36)

    تون آ ته کِڙي مُکڙي،
    تون باک جيان آهين اچ اچ ته ٽڙي مکڙي. (ص 40)

    ٻلهار ٿيان توتان،
    مون ڏانهن ائين آئينءَ، تون ڄڻ ته ڏياري آن. (ص 42)

    تو ساڻ سجائي وئي،
    ٿو ڪير چوي منهنجي، ائين عمر اجائي وئي. (ص 48)

    اڄ رات سکي توکي،
    هُو ٻانهن وري آهي، ٻيهار ٻکي توکي. (ص 60)

    اي مينهن! مرڻ ايندا،
    تون تار ترائي ڪر، هر رات هرڻ ايندا! (ص 128)

    شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ان ڳجھي موسيقي جو بنيادي سبب اهو آهي ته هن جو روح فطري طور سُرن، سازن ۽ آلاپن سان رچيل آهي. اهوئي سبب آهي جو هن کي رباب جي رون رون گلاب جي خوشبو جيان پئي ڀاسي. شيخ اياز جي شاعريءَ جي موسيقي ۽ مڌرتا، ساز ۽ سَرلتا، سُر ۽ آهنگ، نغمگي ۽ لطافت، رواني ۽ نفاست جا انيڪ مثال آهن. مٿين صنفن کان علاوه سندس بيت، وايون حتاڪه نثري نظم به انهن خوبين سان ٽمٽار آهن، جن جو ذڪر وري ڪنهن ٻي ڀيري.

    حوالا
    1. گورکپوري مجنون “ادب اور زندگي” مڪتبه دانيال ڪراچي (تيسري بار) 2008 ص 191
    2. زيارت احمد حسن پروفيسر “تاريخِ ادبياتِ عربي” (اردو ترجمه طاهر سورتي) 1961 ص 66
    3. جالبي جميل “ايليٽ ڪي مضامين” سنگ ميل پبليڪيشنز لاهور 1989 ص 122
    4. Appreciation of Poetry P. Gurrey (ادب جي ساڃاهه) (ترجمو) ڊاڪٽر فهميده حسين ــ ڪتاب “ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ” سنڌي ادبي اڪيڊمي ڇاپو پهريون 1997 ص 248
    5. رضوي وقار احمد سيد ڊاڪٽر، “معروضي تنقيد” مڪتبه دانيال، 2013ع، ص 64
    6. قاسم يعقوب “تنقيد ڪي شعريات” پورب اڪادمي اسلام آباد، 2014، ص 54
    7. لغاري عنايت حسين ڊاڪٽر ايڊيٽر ڇهه ماهي “ڪارونجھر” تحقيقي جرنل، مقالو: “شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ غنائي جمال” (چانڊيو بشير احمد ڊاڪٽر @ فياض لطيف ڊاڪٽر)، جلد 9، شمارو 16، جون 2017ع ص 80
    8. شيخ اياز “وڄون وسڻ آئيون” ــ “جل جل مشعل جل جو مهاڳ” محمد ابراهيم جويو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ڇاپو چوٿون 2008 ص 318
    9. عباسي تنوير “شاهه لطيف جي شاعري” روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ڇاپو ٻيو 2000 ص 176
    10. فهميده حسين ڊاڪٽر “ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ” سنڌي ادبي اڪيڊمي ڇاپو پهريون 1997 ص 247
    11. راشدي ذوالفقار مضمون (شاعريءَ ۽ موسيقيءَ جو ميل) ڪتاب “ڪسوٽي” سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻو ڇاپو پهريون 1986 ص 43
    12. شيخ اياز “وڄون وسڻ آئيون” ــ “جل جل مشعل جل جو مهاڳ” محمد ابراهيم جويو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ڇاپو چوٿون 2008 ص 318 7.
    13. محمد هادي حسين (مترجم) “مغربي شعريات” مجلسِ ترقيِ ادب لاهور طباعتِ سوم 2010 ص 174 75
    14. ملڪ نديم ڊاڪٽر، سومرو ادل ڊاڪٽر (ايڊيٽرس) “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” ــــ”اياز لفظن جو جادوگر” (مضمون) ـــ قمر شهباز شيخ اياز چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس 2001 ص 62
    15. شيخ اياز جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل سندس شاعريءَ واري يادگار ڪيسيٽ مان ورتل
    16. A Hope For Poetry C. Day Lewis (شاعري ڪا اميد افزا مستقبل) (اردو ترجمو) محمد هادي حسين (مترجم) “مغربي شعريات” مجلسِ ترقيِ ادب لاهور طباعتِ سوم 2010 ص 171
    17. شيخ اياز “ڀونر ڀري آڪاس” نيو فيلڊس پبليڪيشن ڇاپو ٽيون 1995 ص 3
    18. شيخ اياز “ڪي جو ٻيجل ٻوليو” مهاڳ ـــــ محمد ابراهيم جويو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ڇاپو پهريون ص 37
    19. محمد هادي حسين (مترجم) “مغربي شعريات” مجلسِ ترقيِ ادب لاهور طباعتِ سوم 2010 ص 172
    20. ملڪ نديم ڊاڪٽر، سومرو ادل ڊاڪٽر (ايڊيٽرس) “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” ــــ”اياز لفظن جو جادوگر” (مضمون) ـــ قمر شهباز شيخ اياز چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس 2001 ص 61
    21. جويو تاج “مان ورڻو هان مان ورڻو هان” مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ / حيدرآباد 2000 ص 86
    22. سميجو اسحاق “ناوَ هلي آ گيت کڻي” ـــ (شيخ اياز جي گيتن جو ڪُليات) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2009 ص 20
    23. ملڪ نديم ڊاڪٽر، سومرو ادل ڊاڪٽر (ايڊيٽرس) “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” ــــ”اياز لفظن جو جادوگر” (مضمون) ـــ قمر شهباز شيخ اياز چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس 2001 ص 70
    24. سميجو اسحاق، حوالو ساڳيو ص 20
    25. ساڳيو ص 350
    26. شيخ اياز “ڀڳت سنگھ کي ڦاسي” مهاڳ ـــ رشيد ڀٽي نيو فيلڊس پبليڪيشن ڇاپو ٻيو 1987 ص 35
    27. لغاري عنايت حسين ڊاڪٽر، حوالو ساڳيو ص 86
    28. شيخ اياز “ننڊ وليون“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1992ع ص 25 ۽ 26
    29. لغاري عنايت حسين ڊاڪٽر، حوالو ساڳيو ص 84


    (2011ع ۾ شيخ اياز سال ڪاميٽي طرفان ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي صدارت ۾ لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل ميڙاڪي ۾ پيش ڪيل. جيڪو ساڳي سال ماهوار “پرک” جي ‘شيخ اياز نمبر’ ۾ به شايع ٿيو.)


    استاد بخاري جي شاعريءَ ۾ سماجي، انقلابي ۽ مزاحمتي شعور

    سنڌي شاعري تڪبندي ۽ قافيه پيمائي واري روايتي دور کان نڪرڻ بعد جديد فڪر ۽ جولان سان سلهاڙجي انيڪ نوَن ۽ اڻ ڇهيل احساسن ۽ موضوعن سان جڏهن پنهنجو سفر اڳتي وڌايو، ته ان ۾ ڪيترن ئي شاعرن فن ۽ اسلوب جي سطح تي به انيڪ تجربا ڪيا، پر ڇوته جيسيتائين شاعري پنهنجي فڪر، خيال ۽ ادراڪ ۾ گھري ۽ وسيع نه آهي، تيسيتائين ٺلهو فن ڪنهن ڪم جو نه ٿو ٿئي، تنهنڪري جديد سنڌي شاعرن عروضي شاعريءَ جي اڳوڻي رومانوي روايت سان گڏ مزاحمت ۽ انقلابيت کي به اهم موضوع بڻايو ۽ شاعري جي سماجي فڪر ۽ ڪارج تي زور ڏنو. استاد بخاري سنڌي شاعريءَ جي ان تحريڪ جو نمايان شاعر آهي. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي استاد بخاري جي ڪتاب “اوتون جوتون” جي مهاڳ ۾ لکيو آهي “سچ پچ ته اها شاعري، جيڪا ڪنهن کي سڏي نه ٿي سگھي، ڪنهن کي پيار نه ٿي ڪري، ڪنهن سان به سچي ناهي ۽ ڪنهن کي به جياري ۽ اٿاري نه ٿي سگھي، سا بڪواس آهي..... استاد بخاري جي شاعري اهڙي نستي ۽ نڪمي شاعريءَ جي ابتڙ آهي. هوءَ سڏي ٿي، اها ستل کي جنجھوڙي جاڳائي ٿي، اونگھيل کي اٿاري ٿي. اها زندگيءَ جو عظيم قوتون حاضر ڪري ٿي.” (1)
    استاد بخاري جي شاعريءَ بابت هن وقت تائين جيڪو ڪجھ لکيو ويو آهي، ان کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو. پهريون استاد جي شاعريءَ جو فني اڀياس ۽ ٻيو استاد جي شاعريءَ جو فڪري ۽ موضوعي اڀياس. استاد بخاري شاعراڻي فن ۽ ٻوليءَ جي حسناڪين جي حوالي سان هڪ اهڙي آرٽسٽ طور نظر اچي ٿو، جنهن وٽ نه رڳو لفظن جي گھڙت پر جڙت جو هنر به آهي. هو شاعريءَ جي نزاڪتن ۽ فن کان نه رڳو واقف آهي، پر ان حوالي سان هن نوان تجربا پڻ ڪيا آهن. هن وٽ پنهنجو ڌار اسلوب ۽ ڏانءُ آهي. استاد جي ڪلام جي فني اڀياس جي حوالي سان تاج جويي، مير محمد پيرزادي، تاجل بيوس ۽ ڪجھ ٻين جو ڪم ساراهه جوڳو آهي، پر مان ان کي ڪافي نه ٿو سمجھان. اهڙي طرح موضوعي حوالي سان استاد جي شاعري جماليات توڙي رومانوي، قومي، سماجي ۽ انقلابي فڪر ۽ طبقاتي شعور سان ڀرپور نظر ايندي. اها پنهنجي موضوعاتي جهان ۾ گھڻ رخي ۽ ڦهليل نظر اچي ٿي. مجموعي طور هن جو لهجو عوامي آهي، پر ان عواميت سبب استاد کي رڳو ڪنهن سگھڙ ۽ سپورنج جي سطح تي آڻي سندس شاعريءَ جي تخليقي معيار، ترقي پسندي ۽ جدت کي نظر انداز ڪري نه ٿو سگھجي. “استاد بخاري هن معنى ۾ عوامي شاعر آهي جو هو عوام لاءِ شاعري ڪري ٿو. عوام کي عشق، جدوجهد، جستجو، قربانيءَ، سورهيائيءَ جا نوان تصور ڏئي ٿو ۽ سندن سوچ، احساس ۽ عمل جي مٽي نئين سر ڳوهي کين جهالت، عقيدن ۽ خودفريبين جي ڌٻڻ مان ڪڍي، پنهنجي ۽ سماج جي قسمت بدلائيندڙ عوام ۾ تبديل ڪري ٿو. ان ڪري استاد بخاري جيڪڏهن عوامي شاعر آهي ته رواجي معنى ۾ نه پر انقلابي معنى ۾ آهي.” (2) بخاري پنهنجي فڪر ۾ هڪ جدت طراز شاعر آهي. هن کي پتو آهي ته هر نئين دور جون پنهنجون تقاضائون آهن ۽ نئين دنيا هر ساعت تبديلي ۽ تغير چاهي ٿي. تنهنڪري هو پنهنجي فڪر ۾ رجعت پرستيءَ کان ڪوهين ڏور ۽ هر نئين فڪر جي آجيان ڪندي نظر اچي ٿو.

    بانس ڪري ٿو بيٺل پاڻي، دنيا آ دريا
    ڇوليون ڏيندا، ايندا رهندا، فڪر نوان تازا

    (گيت اسانجا جيت اسانجي ص 11)
    ...........
    ڪلهوڪي ڳالهه کي هر هر نه دهرايو
    اڄوڪي سوچ جو نُڪتو نرالو آ

    (گيت اسانجا جيت اسانجي ص 57)
    ...........
    جو ڪالهه هيو سو اڄ ناهي، جو اڄ آ سو نه سُڀان هوندو
    ڪلهه دور ٻيو اڄ دور ٻيو، هر دور مٿان نئون دور ڪبو

    (گيت اسانجا جيت اسانجي ص 83)
    استاد بخاري جنهن دور جو آواز آهي، ان دور جو هڪ ٻيو اهم ۽ سگھارو آواز شيخ اياز آهي. جيتوڻيڪ ٻنهي شاعرن جي لب لهجي ۾ فرق به آهي پر کوڙ اهڙا موضوع آهن، جن تي ٻنهي شاعرن اتم تخليقي جوهر سان لکيو آهي. اسان رڳو هِي وڏو ۽ هُو ننڍو وارن سلوگنز کي ڇڏي ٻنهي شاعرن جي فني ۽ تخليقي حسناڪين، ٻوليءَ ۽ لهجي بابت، استدلال جو هٿ پڪڙي تقابلي مطالعو ڪندا سين ته پتو لڳي ويندو ته سندن راهه هڪ آهي يا جدا جدا. مان ٻنهي شاعرن جي مطالعي جي آڌار تي سمجھان ٿو ته ٻنهي شاعرن جا هڪ ئي دور ۾ رهندي قومي ۽ سماجي سطح تي تخليق جا محرڪ ساڳيا آهن، پر ٻنهي جي اسلوب ۽ تخليقي سطح ۾ وڏو فرق آهي. ان لاءِ هڪ ڌار مطالعي جي ضرورت آهي. البته استاد بخاري خود پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته “همعصر شاعرن ۾ شيخ اياز جي شاعري برابر مونکي بيچين به بڻائي ٿي ۽ پنهنجي شاعريءَ کان غير مطمئن به ڪري ٿي.” (3). استاد جو اهو عدم اطمينان خود ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته هو اياز جي شعري ڪائنات کان بيحد متاثر هيو، پر استاد ڪڏهن به اياز جو اسلوب اپنائڻ جي ڪوشش نه ڪئي بلڪه تخليقي حوالي سان پنهنجي ڌار سڃاڻپ ٺاهي. هن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو آهي ته “سوجھري رسالي ۾ رشيد ڀٽيءَ لکيو ته “هن دور جِي سڄي شاعري شيخ اياز جو پڙلاءُ ۽ پاڇو آهي.” مون کي رشيد ڀٽيءَ لاءِ وڏو احترام آهي. هو وڏو ليکڪ ۽ نقاد هو، پر ان جي جواب ۾ ساڳي سوجھري رسالي ۾ ذوالفقار راشدي لکيو ته “اهو ايڏو وڏو آمرانه رمارڪ آهي، جو اهو قبولڻ جوڳو ناهي، ڇوته استاد بخاري ۽ امداد جي شاعري شيخ اياز جو پڙاڏو نه آهي.” جنهن مان لڳي ٿو ته اسان اياز جي پيروي نه ڪئي، پر نرالا ۽ الڳ رهيا سون. جڏهن مون کي اعتماد ٿيو ته اسان ان کان نرالا آهيون ته پوءِ مان شيخ اياز کي بنان ڊپ ڊاءَ جي پڙهڻ لڳس.” (4)
    شيخ اياز بيشڪ هڪ گھڻ پڙهيو ليکڪ هيو هن ادب جي دنيا جي عظيم ليکڪن ۽ شاعرن کي گھرائيءَ سان پڙهيو هيو، جن جي فڪر جا عڪس ۽ اولڙا به سندس شاعريءَ تي چٽا نظر اچن ٿا، ائين استاد به هڪ پڙهيل ڳڙهيل، ذهين ۽ زيرڪ انسان هيو. هو سنڌي ادب جو پروفيسر هيو پر هو هومر، ورجل، شيڪسپيئر جي ڏات کان به باخبر هيو، کيس سقراط، برٽينڊرسل، ماياڪو وسڪي، مائوزي تنگ، شوپنهائر، ايپيقيورس، نٽشي، فردوسي، رومي، جامي، حافظ ۽ خيام جي فڪر جي پروڙ هئي. هن ڪبير، تلسي ۽ ميران جو مطالعو ڪيو هيو. هن بلهي، باهو، وارث شاهه ۽ ماڌو لال حسين جي واٽ کي سمجھيو پئي، هو لطيف، سچل، سامي ۽ جديد سنڌي شاعرن جي شاعري پڙهندو رهندو هو. ان ڪري انهن ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي ڪردارن جو هن پنهنجي ڪلام ۾ وري وري ذڪر آندو آهي، پر جيئن اسين اڳ ۾ چئي آيا آهيون ته هن جو رند ۽ پنڌ پنهنجو هيو. هن پاڻ کي عوام سان جوڙي پنهنجي لهجي کي سادگي ۽ حسن جو لباس اوڍايو ۽ هو پنهنجي دور جي احساس جو آواز ٿي اڀريو.

    هڪ ڏات کي هڪ ذات مٿان ناز آهي
    هڪ طرز کي نئين طرز جو اعزاز آهي
    استاد بخاريءَ جو تعارف هي آ ـــ
    هن دور جي احساس جو آواز آهي

    (بخاريءَ جا قطعا ص 108)

    سنڌ جي جديد شاعرن مان شيخ اياز خوشنصيب شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ بابت نه رڳو سندس حياتي ۾ پر وفات کان بعد به تمام گھڻو لکيو ويو آهي، ان ڪري اڄ جي محقق لاءِ سندس هماليه جهڙي هستي ۽ شاعراڻي حيثيت جو تعين ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿي پئي آهي، ان جي ڀيٽ ۾ استاد بخاري جي شاعريءَ تي ان سطح جو تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم بنهه ٿورو ۽ سطحي ٿيو آهي. بيشڪ استاد بخاري جي شاعري جي عوامي مقبوليت سان اياز جي ڪلام جو بَر ميچي نه ٿو سگھجي پر مان سمجھان ٿو ته هي وقت آهي استاد جي شاعريءَ جي ادبي ڪٿ ۽ پرک ڪرڻ جو.
    هڪ اعلى ۽ عمده شاعر جي ڪلام ۾ جيڪي گڻ هجڻ کپن انهن مان سڀ کان اهم پنهنجي ٻوليءَ تي گرفت هجڻ آهي. يعني شعر ۾ استعمال ڪيل ٻولي اهڙي هجي، جو ان جو هڪ هڪ لفظ موتين وانگر ڀاسي، ان ۾ هم معنى لفظن، استعارن، تشبيهن ۽ ترڪيبن جو هڪ مانڊاڻ هجي. “سچو شاعر نه صرف پنهنجي ٻوليءَ جو ڄاڻوڪار ٿئي ٿو، پر هو پنهنجي سماج جي نفسياتي مامرن کي به بخوبي سمجھندو آهي ۽ هن کي پنهنجي ڪلچر، روايتن ۽ مٿ جي به ڄاڻ هوندي آهي. ڇوته جيسين شاعر پنهنجي ماڻهن جي ثقافتي وٿن (Values) ۽ نفسياتي پيچيدگين کي نه ٿو سمجھي تيسين ٻوليءَ جي واڌاري ۽ سماجي ترقي ۽ تبديليءَ لاءِ ڪابه انفرادي يا اجتماعي ڪوشش ڪري نه سگھندو ۽ نه سندس پيغام کي ادبي ۽ دائمي حيثيت ملندي. استاد بخاري انهن شاعرن مان آهي، جيڪي پنهنجي ٻوليءَ جي واڌاري واري عمل ڏانهن هلندي پاڻ کي سماج آڏو جوابدار سمجھندا رهيا.” (5) استاد بخاري سنڌي ٻوليءَ جو وينجھار شاعر آهي. هو لفظ لفظ کي سوڌي سنواري، اجاري موتين جو روپ ڏئي ٿو ۽ هڪ هڪ موتيءَ کي جَڙي لفظن جي اهڙي مالها ٺاهي ٿو، جيڪا سنڌي شاعريءَ جي ڳلي جي سونهن ۾ اضافو آڻي ٿي. حقيقت اها آهي ته استاد لفظن جو جادوگر آهي. “لفظ سقراط کان وٺي سارتر تائين ۽ هومر کان وٺي ڀاڳو ڀانَ تائين انسان جي اندر جو اظهار رهيا آهن. ويدن ۾ لکيل آهي ته جڏهن ڪجھ به نه هو ته شبد هئا ۽ اسلام ۾ ڪائنات جي تخليق به هڪ لفظ “ڪُن” جي محتاج هئي. استاد لفظن سان کيڏندو به آهي ته لفظن جي ڀرپور عظمت ۽ سگھ جو قائل به آهي. سندس هڪ نظم جو عنوان ئي آهي “لفظ”.

    لفظ پنهنجي پنهنجي هستيءَ جو هجن ٿا يادگار
    هير کان هلڪا به آهن لفظ ۽ ڪي ڪوهسار
    لفظ ڪي مفلوج، ليلهر فلسفا
    لفظ ڪي ڪمزور، لنگڙا نظريا (6)

    استاد جي شاعريءَ ۾ لفظن جو هڪ وڏو جهان آباد آهي ۽ لفظ ئي ته ٻوليءَ جو بنياد آهن. سنڌي ٻولي به ائين ئي حسين لفظن جو شاهڪار آهي. بخاري جي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حسناڪين جا هزارين رنگ پَسي سگھجن ٿا. “استاد بخاري جي شاعريءَ جي ٻولي ۾، فن، تخليقي تجربن، منفرد تخليقي تشبيهن، علامتن، استعارن جي حَسين استعمال ۽ خيال جي اڻت جا پاسا به ايترائي باڪمال آهن جيترا هن جا فڪري يا تخليلاتي پاسا آهن...... هن جي ٻولي، اسلوب، فن، بندشون ۽ ترڪيبون پڻ بيحد انوکيون، نيون، منفرد ۽ تخليقي آهن..... هن جي شاعريءَ ۾ بنهه غير شاعراڻا لفظ به نئون معنوي جنم وٺي وڏيءَ حسناڪيءَ سان جھومڻ لڳن ٿا.” (7) جيئن ته هو گھڻو ڪري سنڌ جي عوام سان مخاطب آهي، تنهنڪري سندس ٻولي ۽ لهجو عوامي آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي تشبيهون، محاورا ۽ استعارا ڏنا آهن اهي به گھڻو تڻو سنڌ جي دهقاني زندگيءَ سان سلهاڙيل آهن. انهن ۾ هڪ نج پڻو ۽ ڪشش موجود آهي. هن جو شاعراڻو فن، ٻوليءَ جي انهيءَ حسن سبب اڃا به نکري پيو آهي. “هن جي گيتن جو ماحول ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن، ڪچي، ڪاڇي، ڪَتين، ڪيٽين، درياهه جي نظارن، چانڊوڪين ۽ چيٽن، مٽرن ۽ چڻن جي پَليءَ، سرنهن جي ڦولار، ڄانڀي ۽ ڄمونءَ جي رنگن، ٻاجھريءَ جي سنگن، جوئر جي آنڀن ۽ هارين ۽ پورهيتن جي پورهيي ۽ تقدس تي مشتمل آهي.” (8) ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي لکيو آهي ته “استاد، سولي ۽ سلوڻي سنڌيءَ جي انداز ۽ ڍنگ ۾ پنهنجي فڪري قوت ڀري، ان ۾ شاعريءَ جون قوتون وڌايون آهن ـــ ۽ مان يقين سان چوان ٿو ته ٻوليءَ جي معصوميت، اثرائتي استعمال ۽ بيان جي رواني واري خصوصيت، استاد جي مقابلي ۾ اسان مان مشڪل ڪنهن وٽ ملي.” (9)

    ڪلفت ڪٺي ڪرڻ کان محبت رَتي چڱي آ
    ڪوڙي قصي کڻڻ کان هڪ سِٽَ سچي چڱي آ
    کاريون کَٽيون نه کوليو، ٻوليون مٺيون ڪي ٻوليو
    رَسوَل رکي چڱي آ، ماکي چکي چڱي آ

    (اوتون جوتون ص 184)

    استاد بخاري جي شاعري پنهنجي فن ۽ گھاڙيٽي ۾ مڪمل ۽ اثرائتي آهي. شاعريءَ ۾ هن کي نه رڳو ٻولي پر فن تي به پوري پوري گرفت آهي. غلام حسين رنگريز لکيو آهي ته “استاد جنهن به گھاڙيٽي بيت، وائي، گيت، آزاد نظم، نظم وغيره جي ڪوٺاريءَ ۾ سوچ جو سونُ پگھاريو آهي سو خود سونو بڻجي پيو آهي. هن جي شعرن ۾ ترنم، لئي، نغمگي ۽ بيان جو قلب و ذهن کي ڇُهندڙ عنصر ڪٿي به ڪِريو، جُھريو ۽ جَھڪو نه ٿيو آهي. استاد جي شاعريءَ ۾ ٽئگور واري نهٺائي، ڪاليداس واري رنگيني، هومر واري رزميه انداز، دانتي ۽ ورجل واري سياسي گرفت، حافظ و خيام واري دل لڳي، لطيف واري نازڪ خيالي ۽ خلفي نبي بخش وارو گجگوڙ به شامل آهي.” (10) انهيءَ ڪري هن جي شاعري گھڻ موضوعي ۽ ڳتيل آهي. هن ڪڏهن به پنهنجي فن تي غرور نه ڪيو، هن وٽ عجيب نهٺائي هئي، هن رڳو اهو ئي پئي چاهيو ته شعر لکڻ پويان سندس جيڪو مقصد آهي ان کي ساڃاهيو وڃي، سندس ارادي ۽ نيت کي ڏٺو وڃي.

    نه استاد جو فنُ ۽ شعر ڏسجو
    ارادن کي، مقصد کي نيت کي ڏسجو

    (گيت اسانجا جيت اسانجي ص 62)

    استاد بخاري جي سموري شاعري ۾ هڪ ڌڙڪندڙ ۽ تڙپندڙ دل موجود آهي. ان ڌڙڪ ۽ تڙپ کي سندس لفظ لفظ مان محسوس ڪري سگھجي ٿو. هن جي شاعريءَ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته هو بنيادي طور هڪ رومانوي شاعر آهي. حسن ۽ عشق هن جي شاعريءَ جو جوهر آهن ۽ عوامي سطح تي به استاد جي سڃاڻپ جو اهوئي حوالو سڀ کان اتم ۽ سگھارو آهي. هن جا مشهور گيت ۽ غزل “تنهنجا مون تي ٿورا ڪي ٿورا ته ناهن“، “هٽڪي هٽڪي هٽڪي هٽڪي، وڃي آخر دل اٽڪي“، “جيءُ جنهن کي چيم، جھڻڪ تنهن کان مليم“، “تنهنجا مون تي ٿورا ڪي ٿورا ته ناهن” وغيره سندس شاعريءَ جي رومانويت واري پهلو کي اجاگر ڪن ٿا پر جڏهن اها رومانويت قومي ۽ سماجي شعور سان سلهاڙجي وڃي ٿي ته استاد جي شاعري هڪ نئون موڙ کائي ٿي.

    ڇا قوم تي لکان مان يا حسن تي لکان مان
    افسوس زندگي هڪ، پورو نه ٿو پوان مان

    مظلوم ٿو پُڪاري، محبوب پيو نهاري
    ڪيڏي ڀڄي ڀڄان مان، ڪيڏي ڊُڪي ڊُڪان مان

    هو وقت ٿو سڏي پيو، هي يارُ ٿو اچي پيو
    توسان، وڃان، ڪيان ڇا، بيٺو ٻڏان تران مان

    (گيت اسانجا جيت اسانجي ص 48)
    استاد ابتدا ۾ ان ٻُڏَ تَرَ ۾ ضرور هيو پر جلد ئي هن رومانويت کي انقلابيت سان سلهاڙي هڪ نئون رستو اختيار ڪيو. يعني هاڻي هن جي شاعريءَ ۾ انقلابي رومانويت جو ظهور ٿيڻ لڳو. استاد جي شاعري ۾ کوڙ جاين تي عشق خود انقلاب جو استعارو بڻجي اچي ٿو. استاد پاڻ اهڙو اظهار پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن طرح ڪيو آهي: “منهنجي رومانوي شاعريءَ ۾ به قومي شعور واري جھلڪ آهي، جيڪو پڻ منهنجو پنهنجو اسٽائيل آهي. ادب انقلابي هجي يا مجازي ۽ سماجي هجي، ان ۾ رومانيت پاڻ مرادو اچي وڃي ٿي.” (11) اها قومي ۽ انقلابي رومانويت استاد جي شاعريءَ ۾ جا بجا نظر اچي ٿي.

    سڄو وقت آهيون اسان انقلابي
    رُتن کي ڳتن کان وٺي ٿا گھمايون
    خزائن کي لوڌي، لُڪن کي تڙائي
    بهاريون گھرايون، کٿوريون ورهايون

    (سوچون، ڀڻڪا، واڪا ص 43)

    استاد بخاريءَ وٽ اها انقلابي سوچ عمر جي آخري ڏهاڙن تائين رهي. هن سدائين خزائن کان بڇان ڏيکاري ۽ بهارن جي آجيان ڪئي. انقلاب ئي هن جو رومانس هيو، تنهنڪري هن جي رومانوي موضوعن مان به انقلابيت بکي ٿي. جامي چانڊيي لکيو آهي ته “استاد بخاري پنهنجي ڳَر ۽ جوهر ۾ بنيادي طور هڪ رومانوي انقلابي شاعر آهي. واضح هجي ته انقلابي جو مطلب نعري بازي ناهي پر اهو فڪر آهي جيڪو دنيا کي نه رڳو گھرائيءَ سان سمجھڻ جو شعور ڏي پر ان کي تبديل ڪرڻ جو شعور به ڏي.” (12) استاد پنهنجي شاعريءَ کي سماجي تبديليءَ جي راهه ۾ هٿيار طور استعمال ڪيو. حالتن جي جبر، طبقاتي تضاد ۽ سماجي فڪر استاد جي شاعريءَ ۾ ان انقلابي شعور کي جنم ڏنو.
    ٻاٽ کُٽندي وڃي
    واڍ ٽٽندي وڃي
    جند چٽندي وڃي
    انقلاب آڻجي!
    نئون ڪو باب آڻجي
    بي حجاب آڻجي
    سوجھرو سوجھرو
    (ڳائي پيو جاڳائي پيو ص 192)

    جڏهن بخاري چوي ٿو ته انقلاب آڻجي! ته ڄڻ سماج جي سمورين فرسوده ۽ مدي خارج ريتن ۽ رسمن کي للڪاري ٿو. هن کي پتو آهي ته انقلاب وسيلي ئي دنيا کي تبديل ڪري سگھجي ٿو ۽ گھگھ اونداهي ۾ سوجھرو آڻي سگھجي ٿو. هن کي خبر آهي ته متحرڪ ۽ باغي فرد ئي انقلاب جي راهن کي روشن ڪندا آهن. ان ڪري هو پاڻ کي سماج ۽ سماج جي فردن سان جوڙي ٿو ۽ ساڻن ئي مخاطب آهي.

    مان نه موسى جو لِڪي الله سان ڳالهيون ڪريان
    آءٌ احمد شاهه انسانن سان اوريندو وتان

    (زندگي زندگي ص 18)

    هر شاعر پنهنجي عمر ۾ مختلف فڪري ۽ ارتقائي مرحلن مان گذرندو آهي، ۽ فڪري ۽ موضوعاتي حوالي سان سندس شاعريءَ جا مختلف دور هوندا آهن. بخاري جي شاعري به ائين ئي مختلف دورن ۾ ڌار ڌار فڪري ڌارائن جو اثر قبول ڪيو آهي. هڪڙو دور سندس روايتي شاعريءَ جو دور آهي ٻيو رومانوي شاعريءَ دور آهي ته ٽيون وري قومي، سماجي، مزاحمتي ۽ انقلابي شاعريءَ جو دور آهي. ان لاءِ اسان کي الڳ سان استاد جي شاعريءَ جو موضوعي ۽ معروضي مطالعو ڪرڻو پوندو. استاد پاڻ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چوي ٿو ته “منهنجي شاعريءَ جو هڪ وڏو دور اهڙو رهيو آهي، جنهن ۾ مون منهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجي داخلي جذبن کي وڌيڪ موضوع بڻايو آهي..... پر جڏهن کان شعور آيو آهي ته شاعري سماجي مسئلن تي به ڪري سگھجي ٿي ۽ ان جو سماجي ڪارج به ٿئي ٿو ۽ زندگيءَ جي ڏکن سکن کي به ان ۾ جاءِ ملڻ گھرجي، تڏهن کان مون اهڙي قسم جي شاعري به ڪئي آهي، جنهن ۾ قومي ۽ سماجي مسئلن تي لکيو آهي.” (13) ڊاڪٽر شمس سومرو ڪنهن به تخليقڪار جي تخليقي ارتقا کي مختلف ڏاڪن ۾ ورهائي استاد بخاري جي ادبي حيثيت جي ڪٿ هنن لفظن ۾ ڪري ٿو: “هر سرجڻهار پنهنجي تخليقي اوسر ۾ مختلف ڏاڪن (Mile Stones) کي اڪرندي تخليق جو سفر طئي ڪندو آهي. تخليق جي پهرين ڏاڪي تي اهي بي ترتيب ۽ ڇڙوڇڙ سوچون هونديون آهن، جيڪي هن کي سماجي حالتن ۽ پنهنجي ذهني ولوڙ جي ٿانوَ مان ملنديون آهن. پهرين ڏاڪي تي اهي بي ترتيب سوچون ترتيب وٺڻ لڳنديون آهن. ٻئي ڏاڪي تي اهي سوچون، خيال جي پختگيءَ کي جنم ڏينديون آهن ۽ ٽئين ڏاڪي تي خيال جي تاڃي پيٽي مان هڪ فڪر ۽ ڏاهپ اسرڻ شروع ڪندي آهي. انهيءَ ڏاڪي تي پهچي انسان هڪ ‘شخصيت’ جو روپ ڌاري امر ٿي ويندو آهي. استاد بخاري اهي سڀ ڏاڪا نهايت ڌيرج ۽ حوصلي سان ڏاڍي پُر وقار نموني سَر ڪيا.” (14)
    استاد بخاري جي شاعري متحرڪ سوچن، جذبن، احساسن ۽ امنگن جي شاعريءَ آهي، جيڪا پنهنجي دور ۾ هڪ تحريڪ وانگر اڀري. هن کي پنهنجو سنيهو سنڌ جي عام لوڪ تائين پهچائڻو هيو، تنهنڪري هن پنهنجو ڊڪشن عوامي بڻايو. هن جي شاعريءَ ۾ جڳهه جڳهه تي سماجي شعور جون ڌارائون نظر اينديون ۽ هن پنهنجي شاعريءَ وسيلي هڪ سماجي مفڪر طور پنهنجي قوم کي اٿارڻ، ڌونڌاڙي متحرڪ ڪرڻ ۽ مثبت سماجي تبديليءَ لاءِ جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي.

    پوک، مزدوري، هنر، ڌنڌو پڙهو!
    رات توڙي ڏينهن مڙسيءَ سان ڪمايو، دوستو!
    جھنگ ۾ پکڙي وڃو ۽ شهر کي چهٽي وڃو
    پنهنجي ڌرتيءَ تي قدم پنهنجا ڄمايو دوستو.

    (ميلا ملهالا ص 52)

    پڙهيل ماڻهو ڀليل ماڻهوءَ کي سمجھائي
    پڙهائيءَ جي ائين تحريڪ ٿي ويندي
    برابر سنڌ سورن ۾ ٿي چيچلائي
    دوا ٿيندي ته رڳ رڳ ٺيڪ ٿي ويندي

    (ميلا ملهالا ص 57)

    جي چورَ جُو به پورهيو قدرت نه ٿي وڃائي
    ڪيڏي نه ڪاميابي، جي ساڌ ڪو ڪمائي
    محنت ۽ سخت محنت، هن وقت جي تقاضا
    جو وقت کان لنوائي، سو پاڻ کي گنوائي
    (ميلا ملهالا ص 64)

    جھنگ، جھر ۾ روشنيون اڀري پون!
    برپٽن ۾ زندگيون اسري پون!
    ماڻجن جيئري ئي جڳ ۾ جنتون
    سنڌ تنهنجا ڳوٺ جي سڌري پون

    (بخاريءَ جا قطعا ص 143)

    اهو سماجي شعور ۽ جاڳرتا جو سڏ سماجي تعمير ۾ يقيناً اهم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو. استاد جو سماجي شعور اوچو ۽ عقليت پسند آهي. هن وٽ سماجي تبديليءَ لاءِ پختا دليل ۽ سائنسي سوچ موجود آهي. استاد بخاري هڪ باشعور سجاڳ ۽ وقت جو نبض شناس شاعر هيو، هن کي نه رڳو پنهنجي قوم جي مرض جو پتو هيو پر هو ان جو علاج به ڄاڻي پيو. استاد پنهنجي ڌرتيءَ تي سُک جا سلا ڏسڻ چاهي پيو. هو چاهي پيو ته سندس قوم پورهئي، هنر ۽ ڌنڌي وسيلي پنهنجي ڌرتيءَ تي پنهنجا پير ڄمائي. هو علم ۽ ڄاڻ جي تحريڪ ۾ سماج جي سمورن سورن ۽ ناسورن جو علاج ڏسي پيو. هو چوي پيو ته محنت ۽ وقت تي ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ٿو ڪري سگھجي. هو سنڌ جي ڳوٺن ۾ خوشحالي چاهي پيو ۽ ان خوشحالي لاءِ وري به علم ۽ هنر جي ئي ضرورت تي زور ڏئي پيو. تنهنڪري مجموعي طور سماجي تبديليءَ ۾ ئي استاد کي قوم جي تعمير ۽ ترقي نظر اچي پئي.
    سماجي بي حسي، غربت ۽ جهالت قومن جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيندي آهي، استاد بخاري سنڌي قوم جو به اهڙو ئي حشر ڏسندي پنهنجي ڪلام ۾ دک جا ڳوڙها ڳاڙيا آهن. هن کي سنڌ ۾ هڪ پاسي غربت جي ڏائڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته ٻي پاسي جهالت جا نانگ ٿا ڏنگين. تنهنڪري چوي ٿو ته سنڌ جي سورن جو ڪو آند پاند ئي ڪونهي. بخاري غيرت جي نالي ۾ رشتن جي قتلام تي ڇڀندڙ طنز ڪئي آهي:

    سنڌ جي سورن جو ڪونهي آند پاند
    گھر ڊٺل، وهڪيل ڍڳي، ڪمزور ڏاند
    پوءِ به شهپر کي وٽيندي ٿو چوي
    سوٽَ سان ڪرڻو اٿم جلدي پلاند!
    (ميلا ملهالا ص 51)

    جڏهن ڪا قوم پنهنجن کي ئي چيڀاٽي چٿي مارڻ کان نه ڪيٻائيندي ته ان کي ٻئي جي ڏک جي ڪهڙي پرواهه هوندي، اها سماجي بي حسي ۽ بي پرواهي قومن کي جھڪائي ڇڏيندي آهي. استاد کي پتو هيو ته اسين جيسيتائين ٻي جي دک کي پنهنجي دل جو روڳ نه بڻائينداسين ۽ ڪُڇڻ جي ڪفر کي نه اپنائينداسين تيسيتائين سماج ۾ هاڪاري تبديلي ممڪن نه هوندي. هن کي پتو هيو ته انهيءَ طرح سماجي جاگرتا ممڪن آهي. ان ڪري هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪي سوالَ اڀاريا آهن ۽ اهي سوال جن ۾ طنز جا نشتر به موجود آهن، هڪ ستل سماج کي لوڏڻ، ڌوڏڻ ۽ سجاڳ ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن.

    ڪٿي ڪنهن جي ٻيڙي ٻڏي وئي ته ڇاهي؟
    جي لوڙهي تان جھرڪي اُڏي وئي ته ڇاهي؟
    سڄو ڳوٺ دهلن دمامن تي جھومي
    جي گھر مان ڪا گونگي گُڏي وئي ته ڇاهي؟
    (بخاريءَ جا قطعا ص 29)

    استاد بخاري هڪ دردمند دل رکندڙ شاعر هيو. هن جي سموري شاعريءَ ۾ لوڇ پوڇ، تڙپ ۽ تشنگي جو احساس ٿئي ٿو. هو سماج ۾ بيچيني نه ٿو چاهي، هو پٿر دل ماڻهن کي ڌونڌاڙي سندن دل ۾ رحم جي احساس جي چڻنگ ٻارڻ چاهي ٿو ۽ ان لوڇ ۽ تڙپ جو احساس ڏيارڻ چاهي ٿو جيڪو هر انسان ۾ سماجي ظلم ۽ ڏاڍ ڏسڻ وقت پيدا ٿيڻ کپي.

    تنهنجي اک ۾ پُتلي ناهي، پٿري آهي
    سنڌ سڙي پئي تنهنجي اک روئي به نه ٿي
    تنهنجي بُت ۾ رتُ جي بدلي ريتي آهي
    خلق لڇي پئي تنهنجي دل ڇرڪي به نه ٿي
    (بخاريءَ جا قطعا ص 40)

    استاد بخاري سماج ۾ صدين کان موجود طبقاتي تضاد کي محسوس پئي ڪيو. اهو طبقاتي تضاد جنهن زرعي سماج مان جنم ورتو هيو، اهو اڄ تائين اسان جي معاشري ۾ موجود آهي. اڄ جتي دنيا امن انسانيت ۽ برابريءَ جا گيت ڳائي ٿي اتي اسان وٽ اڃا تائين آقا ۽ غلام وارو تصور موجود آهي. استاد پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ان طبقاتي فرق ۽ ڪلاس سسٽم کي واضح ڪندي چيو هو ته “ڪلاس ٿلهي ليکي آهن ئي ٻه ــ وڌيڪ چٽيءَ طرح چئجي ته ظالم ۽ مظلوم، ڦريل ۽ ڦٻيل. جيڪڏهن سرمائيدار، جاگيردار ۽ امير نه هجي ها ته ايڏو وڏو هنگامو ڪونه مچي ها، پر جيئن ته انهن سان گڏ ظالم هجڻ لازمي آهي، ان ڪري دنيا ۾ هڪ ظالم آهي ۽ ٻيو مظلوم...... مون انهن جا ڪٿي ڪٿي ظاهر ظهور نالا به ورتا آهن، جهڙوڪه هاري، مزدور، سرمائيدار ۽ جاگيردار وغيره. اُهي سٺا آهن يا بُرا آهن، پر انهن کي هن طبقاتي سماج ۾ پنهنجو پنهنجو ڪارج آهي، پر جي شاعريءَ ۾ ائين نه چئجي ۽ ان سڄي معاملي جي تشريح به نه ڪجي ۽ رڳو ظالم ۽ مظلوم جي ڳالهه ڪجي، تڏهن به انهن ٻن طبقن جو ذڪر ٿي وڃي ٿو....... حاڪم ۽ محڪوم به ان ۾ اچي وڃي ٿو، آمر ۽ معمور به ان ۾ اچي ٿو وڃي، جابر ۽ مجبور به ان ۾ اچي ٿو وڃي ۽ ڏاڍو ۽ هيڻو به ان ۾ اچي ٿو وڃي.” (15) استاد بخاري جڏهن طبقاتي سماج جي ڳالهه ڪري ٿو ته ان ۾ رڳو سنڌي سماج جو عڪس ناهي پر عالمي سطح تي هو ان طبقاتي فرق کي سٺو نه ٿو سمجھي. جتي هن کي ٿر جي بک نظر اچي ٿي اُتي اٿوپيا جا بکارا به ياد اچن ٿا.

    لکين ٽن ڀَرِي ڪڻڪ ڀانڊن ۾ پئي آ
    ٿري لک بکارا، نڌڻڪا نه آهن؟
    گذارن غلامن جان پنهنجي وطن ۾
    هي سنڌي سگھارا، نڌڻڪا نه آهن؟
    اٿوپيا ۾ انسان لولي لئي ڦتڪي
    هي گگدامَ ڪارا نڌڻڪا نه آهن؟
    (زندگي زندگي، ص 37 ۽ 38)

    هن دنيا ۾ موجود هر طبقي لاءِ اصول ۽ قانون به پنهنجا پنهنجا آهن. هڪ پاسي برابري ۽ مساوات جون ٺلهيون دعوائون آهن ته ٻئي پاسي هڪ مفلس، مجبور ۽ لاچار کان وٺي طاقت جي ٻَلَ تي راڄ ڪندڙ هڪ سفاڪ، ظالم ۽ بي رحم لاءِ قانون ۽ انصاف جا الڳ الڳ معيار نظر اچن ٿا. استاد ان سماجي تضاد ۽ طبقاتي استحصال کي سٺو نه ٿو سمجھي ۽ قوم اڳيان سوالَ ٿو رکي.

    ڪو ڪِيلي چڀاٽي ته پاپي چئون ٿا
    ڪو قومون ئي ماري ته پو ڇا چئون؟
    ڪو هڪ ٽار ڏاري ته ناحق سڏيون ٿا
    ڪو ٻيلا ئي ٻاري ته پو ڇا چئون؟

    (بخاري جا قطعا ص 132)

    استاد بخاري قوم جو عيوضي شاعر آهي. هو پنهنجي دک کي سڄي سماج جو دک بڻائي ٿو ۽ سڄي قوم جي تڪليف کي پنهنجي دل جو روڳ ڀانئي ٿو. ان ڪري سندس انداز انفرادي اظهار وارو هوندي به قومي ۽ اجتماعي محسوس ٿئي ٿو.

    مون ڪُڇيو ڪجھ ناهه، چي: دانهون نه ڪر!
    مان کڻان ٿو ساهه، چي: آهون نه ڪر
    ڏاڍ ڏئي ٿو ڏنڀ چوکنڀو ٻڌي
    جي چُري ٿو ماس، چي: آهون نه ڪر

    (سوچون، ڀڻڪا، واڪا ص 45)

    استاد بخاري جي شاعريءَ جو علامتي مطالعو ڪبو ته هن جو سماجي، انقلابي ۽ مزاحمتي فڪر اڃا به واضح ٿي پوندو. “ڪوڪڻ يا ڪلياڻ” جي ‘موکي’ جو مطالعو ڪجي ٿو ته محسوس ٿو ٿئي ته استاد، موکيءَ جا سمورا مَٽَ پي، هوا ۾ ڀرپور مستي ڀري ڇڏي آهي. ‘سُر مومل راڻي’ ۾ مومل کي مقصد قرار ڏئي، ماڻهو ماڻهوءَ کي مينڌرو بنائي استاد ٻڌايو آهي ته منزل ۽ مقصد ماڻڻ لاءِ قد ڪڇبا نه آهن، ۽ منزل ماڻي ئي معجزو ڏيکارڻو آهي. هن سُر گھاتو ۾ ‘مڇ’ کي فاشزم جو اهڃاڻ ڄاڻائي، ان سان ويڙهه جو سبق ڏئي، ‘ڳاڙهن بلبلن’ پيدا ڪرڻ /انقلاب آڻڻ جو ڏس ڏنو آهي. سُر ڪيڏاري ۾ ٽلٽيءَ کان ٽوڙهيءَ جو تسلسل بيان ڪندي، استاد جديد ڪيڏاري کي جنميو آهي.” (16)
    استاد جي سماجي شعور مان مزاحمتي ۽ قومي شعور جا ڪرڻا ڦٽن ٿا. هو سماج ۾ ڪنهن به ظلم ۽ تشدد جي ريت کي قبول نه ٿو ڪري ۽ قوم کي ان خلاف بغاوت ۽ مزاحمت لاءِ اتساهي ٿو. هو ڪنهن به آمراڻي سوچ ۽ جبر اڳيان جھڪڻ کي بزدلي سمجھي ٿو.

    تڙڪي جي تَتَان، سمنڊ سُڪي ناممڪن
    ڪڪرن جي پٺيان ڪوهه ڊُڪي ناممڪن
    تاريخ ڪري چيخ چيو: او آمر!
    جابر جي اڳيان سنڌ جھُڪي ناممڪن
    (بخاريءَ جا قطعا ص 115)

    استاد، حق ۽ انصاف وارو سماج چاهي ٿو، هڪ اهڙو سماج جتي مظلوم جو ڪو سڏ ورنائڻ وارو هجي، جتي عدل جي ريت هجي ۽ ماڻهوءَ کي ڪُچلڻ بداران اٿڻ جو حوصلو ملي، جيڪڏهن ڪنهن معاشري ۾ ائين نه هوندو ته فطري طور بغاوت ڪَرُ کڻڻ لڳندي.

    جنهن دور ۾ انصاف نه ٿيندا آهن
    حقدار کي ڪو حق نه ڏيندا آهن
    ٻڌجي ٿو ته ان دور سندا پيءُ ۽ ماءُ
    اولاد به باغي ئي ڄڻيندا آهن
    (بخاري جا قطعا ص 14)

    استاد جي ڪلام ۾ اها بغاوت ۽ انقلابيت جا بجا نظر اچي ٿي. هو سماجي تبديلي لاءِ گناهن جو قتلام چاهي ٿو، دولت ۽ اقتدار جي ٻَل تي مزا ماڻيندڙ چند ماڻهو جيڪي پنهنجي وقت جا لات منات بڻجي وڃن ٿا، تن جي پوڄا کان کيس بُڇان آهي. هو سماج مان غربت ۽ تنگ دستيءَ جو خاتمو گھري ٿو. اهو ئي انقلابي ۽ سماجي شعور استاد جي شاعريءَ جو اهم حوالو آهي.

    گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ گناهن جو قتل عام ٿئي
    انهيءَ جو پوءِ ڀلي انقلاب نام ٿئي

    اڃا به ڪاٺ جي ڪرسيءَ جي پئي هلي پوڄا
    اڃا پيو لات مناتن جو احترام ٿئي

    خدا اوهان جي اميري اوهان کي بخش ڪري
    اسان گھرون ٿا غريبيءَ جو اختتام ٿئي
    (گيت اسانجا جيت اسانجي ص 65)

    بخاري پنهنجي وقت جو آوز هيو ان ڪري سندس لفظ لفظ هڪ دور جي تاريخ ۽ هر ڪيفيت سندس اندر جي اجاڙ دنيا جي تصوير لڳي ٿي. صدين جو درد ۽ سماجي بي چيني هن جي دل جي ڌرتيءَ کي ڌوڏي ٿي ڇڏي ۽ هو تڙپي، لُڇي لکي ٿو. استاد پاڻ چيو آهي ته “شاعر جيئن ته ڪنهن قوم جو شعور ٿئي ٿو ۽ اک به ٿئي ٿو، ڇوته هو تاريخ جو مطالعو رکي ٿو، ان ڪري ئي اسان اهڙي صورتحال سامهون اچڻ کان پوءِ دل کولي سماجي ۽ قومي مسئلن تي شاعري ڪئي آهي..... اسان کي حالتن مجبور ڪيو آهي ته، اسان پنهنجي ادب فن ۽ شاعريءَ کي زندگيءَ جي مسئلن سان قومي مسئلن سان ۽ سماجي مسئلن سان واڳيون ۽ انهن جي پنهنجي شاعريءَ ۾ ترجماني ڪريون.” (17) جڏهن سماجي حالتون زهر آلود هونديون آهن، ته هڪ سجاڳ شاعر جا گلاب لفظ به ٽانڊا ٿي پوندا آهن. هن جو سينو جلڻ لڳندو آهي ۽ پوءِ سندس قلم کي بجلي جي نوڪ ملي ويندي آهي.

    گلابَ لفظ ڪڍان ٿيو پون رڳا ٽانڊا
    گلي کي آڳ لڳي آهي مان چوان نه چوان
    (زندگي زندگي ص 10)
    ...........
    تو واري “استاد” قلم کي، بجليءَ جي آ نوڪ ــ پون ٿا
    گھڙيءَ گھڙيءَ ۾ گوڪَ
    (گيت اسانجا جيت اسانجي ص 26)

    استاد بخاري جي سماجي، انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري آهي ته سڄي دنيا جي مظلوم ۽ محڪوم عوام لاءِ پر ان ۾ سنڌ جون مقامي حالتون واضح نظر اچن ٿيون. ٻين لفظن ۾ چئجي ته سندس سماجي فڪر جو مرڪز سنڌ آهي. بخاري سنڌ تي ٿيندڙ هر ظلم، ڏاڍ ۽ بربريت کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿو ڪري ۽ هر ڏاڍ خلاف پنهنجن لفظن وسيلي مزاحمت ۽ انقلاب جو جھنڊو بلند ڪري قوم جو آواز بڻجي وڃي ٿو. هن جي سموري شاعريءَ ۾ قومي ۽ انقلابي شعور ۽ طبقاتي فڪر جي جوت جلندي نظر اچي ٿي ۽ ان ۾ سنڌ جي عصري ۽ سماجي حالتن جو اولڙو پَسي سگھجي ٿو.

    جيڏيون منهنجي جندڙي، گھنگھر جا گھمسان
    صدين جوڙي سنڌڙي، اڄڪلهه آ لبنان
    (هي گجرا هي گولا ص 21)

    سنڌ، جنهن سان بخاريءَ کي بي پناهه پيار آهي، هو ان کي پنهنجي ممتا سمجھي ٿو. سنڌ جي سونهاري مٽيءَ جي هڳاءَ کي سدا پنهنجي ساهن ۾ تحليل ڪرڻ چاهي ٿو، کيس سنڌو جو پوتر پاڻي امرت ڌارا جيان محسوس ٿئي ٿو. استاد جو پنهنجي جيجل سنڌ سان محبت جو ان کان وڏو مثال ڪهڙو ٿي سگھي ٿو جو بخاري مرڻ پڄاڻان به پنهنجي ڌرتيءَ جي ڌوڙ بڻجڻ جي تمنا ٿو ڪري ۽ پنهنجي وجود کي سنڌو جل بڻائي ڇڏڻ چاهي ٿو. هو موت کان پوءِ به پنهنجي وجود کي سنڌ جي مٽيءَ ۽ پاڻيءَ سان گڏڻ ۾ ئي سرهائي محسوس ڪري ٿو.

    ڌڌڙ جو جھول بڻجان ها مرڻ کانپو
    سڄي سنڌڙي تي ڇٽڪاريوم ها ساٿي!
    گھڙو پاڻيءَ جو پسجان ها مرڻ کانپو
    کڻي سنڌوءَ مٿان هاريوم ها ساٿي
    (بخاري جا قطعا ص 58)

    سنڌ سان محبت جو اهو عالم آهي جو استاد سنڌ جي بيابان کي به جنت ٿو سمجھي. فيض ته چيو هو ته ‘اور ڀي غم هين زماني مين محبت ڪي سوا’ پر اسان جو استاد، فيض کان ٻه قدم اڳتي وڌي سڌو سنئون پنهنجي جنم ڀومي ‘سنڌ’ کي ساهه سڏي ان کان سواءِ جيئڻ جو تصور به نه ٿو ڪري، جڏهن ته پرينءَ سواءِ زندگي گذارڻ ممڪن سمجھي ٿو.

    تنهنجو شيطان ٿو ڪوثر تي ٻڌي بندَ خدا!
    منهنجو فردوس، بيابان ۽ بَرُ ٿي ويندو
    سِنڌ آ ساهه، بنا ساهه نه جِي سگھبو آ
    منهنجا محبوب! سوا تنهنجي گذر ٿي ويندو.
    (بخاريءَ جا قطعا ص 77)

    استاد سنڌ جي چپي چپي سان چاهه رکي ٿو ۽ پنهنجي ڌرتيءَ کي قومي ملڪيت سمجھي ٿو. هو وري وري ورجائي، پنهنجي پُر اعتماد لهجي سان چوي ٿو ته هيءَ ڌرتي سنڌ جي سوڍن ۽ دودن جي آهي.

    کاري کان ماٿيلي تائين، ساري سڌڙي تنهنجي آ
    تون سنڌڙيءَ جو سوڍو آهين!
    تون ڌرتيءَ جو دودو آهين، دودا ڌرتي تنهنجي آ
    تنهنجي آ
    تنهنجي آ
    (ڳائي پيو جاڳائي پيو ص 42)

    استاد بخاري جو فڪر ۽ خيال پڌرو ۽ چِٽو آهي. هن کي خبر آهي ته تحرڪ ۽ جدوجهد سواءِ سماج تبديل نه ٿو ٿي سگھي. متحرڪ ۽ اڻ ٿَڪ فرد هڪ اعلى ۽ آدرشي سماج کي جنم ڏيندا آهن. جيئڻ جي جنگ ۾ هر صورت اڳتي وڌڻ ضروري آهي. جڏهن زندگي ميدانِ رزم ۾ پير ڌري وٺي ته پوئتي ڀڄڻ ۽ ڊڄڻن گيدين جو ڪم هوندو آهي. اصل ۾ اهو ڀٽائي جو فلسفو آهي، جنهن چيو آهي ته:

    سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار
    هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍالَ مَ ڍار
    مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿيئن.
    (سُر ڪيڏارو)

    سوڀ لاءِ دل جي وهمن کي وسارڻو پوندو آهي ۽ همت ۽ حوصلي سان قدم قدم اڳتي وڌڻو پوندو آهي. استاد جي شاعريءَ ۾ به اهو قومي ۽ سماجي شعور موجود آهي. هن وٽ به اهڙي ئي مزاحمت ۽ بي خوفي آهي. هن جو فڪر لطيف جي ان سوچ جو به پڙاڏو محسوس ٿئي ٿو ته:

    ڀڳو آءٌ نه چوان، ماريو ته وسهان
    ڪانڌ مُنهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سُهان،
    ته پڻ لڄ مران، جي هئنس پُٺ ۾.
    (سُر ڪيڏارو)

    استاد بخاري جون هي سٽون شاهه جي ڪيڏاري جو تسلسل ناهن ته ٻيو ڇاهن؟

    تنهنجي پُٺ ۾ گھاءُ،
    تون ڪيئن منهنجو پُٽ ٿئين؟
    مان ته نه تنهنجي ماءُ.
    (ميلا ملهالا ص 43)

    استاد بخاري، شاهه جي سُر ڪيڏاري جي روايت کي اڳتي وڌائيندي هڪ پورو ڪتاب “ڪاري ڪڪر هيٺ” سرجيو ۽ سنڌ سميت دنيا ۾ ظلم جي تاريخ ورجائيندي وسيع تناظر ۾ هڪ شعري جهان جوڙيو آهي. ان ۾ انهن جوڌن، جوانن ۽ جونجھارن کي به سلام پيش ڪيل آهي جن پنهنجن سرن تي ڪفن ٻڌي ڌرتي ۽ جياپي جي جنگ جوٽي. هو ان ڪتاب ۾ پنهنجي پاران ۾ لکي ٿو: “آءٌ طبعي طور مالهي مزاج ماڻهو آهيان. حسين رنگن لذيذ هڳساڻن، شيرين نغمن جو پياسي، پر باغ کي جو باهه لڳائي وئي آهي ته مان به ڀڙڪي پيو آهيان. حسن پرست، پيار پڄاري، امن علمبردار هوندي، جيون ــ جياپي، امن، آجپي لاءِ جھونجھار بڻجھي پيو آهيان. سُر ڪلياڻ، سورٺ، ڪوهياري ڳائڻ وارو ڪلاڪار، ڪيڏاري ۾ ڪاهجي پيو آهيان ـــ خوشيءَ کان نه پر دلي جَليءَ کان. منَ ــ مَستيءَ کان نه پر قومي غيرت ۽ تاريخي ضرورت کان، گھوگھي اچڻ تي اکيون ڦوٽارڻ، ڌاڙي لڳڻ تي ڌاڙ ڌاڙ ڪرڻ واري مجبوريءَ کان. تنگ آيد بجنگ آيد.” (استاد بخاري، ڪاري ڪڪر هيٺ ص 9) استاد جي هن ڪتاب سنڌي شاعريءَ ۾ مزاحمت ۽ انقلابيت جو پڙاڏو پيدا ڪيو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي هم عصر دور سان گڏ دنيا جو تاريخي رزميو به ملي ٿو. “ڪاري ڪڪر هيٺ” (سر ڪيڏارو) ۾ اوائلي تاريخ جي جنگين، سڪندر ۽ ميدن (مهاڻن) جي ويڙهه، سورهيه سانبس جي سورهيائيءَ، يونانين، فنيقن ۽ مصرين سان ميدن جي مڙسيءَ جي معرڪن، سومرا دور، سمن ۽ ارغون دور جي جوٽڻين، مخدوم بلاول ۽ شاهه عنايت شهيد جي حب الوطنيءَ ۽ هيڻن جي حمايت تي شاعراڻي ڏات ذريعي روشني وڌي اٿس. (18)
    استاد بخاري ظلم کي هر صورت نندي ٿو، ڏاڍ جي ڏونگرن هيٺان دٻجڻ قبول نه ٿو ڪري ۽ انسان جي تحرڪ، جدوجهد ۽ عظمت ۾ ويساهه رکي ٿو، هو پنهنجي دل مان وهمن ۽ وسوسن کي ڪپي ۽ ڪوري ٻاهر ڪڍي ٿو، هو رڳو بهادريءَ ۽ بيباڪيءَ جي ئي ڳالهه نه ٿو ڪري پر کيس جديد علم ۽ تحقيق ۾ به يقين آهي.

    انسان جي عظمت کي مڃون ٿا سو مڃون ٿا ــ
    ڌرتيءَ کان هلي چنڊ وڃون ٿا سو وڃون ٿا؛
    تحقيق جي مضبوط هٿوڙي سان نڪوري
    وهمن جا ٺلها ٺاٺ ڀڃون ٿا سو ڀڃون ٿا
    (بخاريءَ جا قطعا، ص 21)

    استاد هڪ حوصله مند شاعر آهي. هن جي سماجي نظريي مطابق تڪليفون ڪيڏيون به هجن، طوفان ڪيڏا به هجن پر حوصلو ناهي هارڻو. استاد وٽ سماجي سجاڳي جو سنيهو هڪ جذبو ۽ جولان بڻجي وڃي ٿو. ڀلي پير ڦٽيل هجن، روحَ رڌل هجن، پر جيئڻ جي جنگ، امن، انصاف ۽ قومي حقن لاءِ مِڙي مُٺِ ٿيڻو آهي ۽ اڳتي وڌڻو آهي. ان رند ۽ پنڌ تان جو هٽندو سو ڪٽبو. اڳيان باهه، پويان پاڻي ۽ مٿان اوٿر ڇونه هجي پر باهمت ماڻهوءَ وٽ انهن مان نڪرڻ جا سؤ طريقا هوندا آهن. استاد کي يقين آهي ته قوم جي خماريل اکين ۾ جاڳ جي جوت آهي، سندن هٿن ۾ ڀاڳ جون ريکائون آهن، هي سماج سوڀ جي سگھ رکي ٿو. قوم جو هر فرد عظمت جي بلندين تي پهچي سگھي ٿو، چنڊ به سندن قدمن تي سجده ريز ٿي سگھي ٿو رڳو ان ارڏي عزم سان اڳتي وڌڻو آهي، جنهن عزم وسيلي پاپ پرزا ٿي سگھي.

    پير پيا ٿَوَ ڦَٽيا، هانءُ پيو ٿَوَ رَڌو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!
    جو هٽيو سو ڪٽيو، مونکي آهي پتو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

    زندگي جنگ جاري جيئڻ جي، مگر امن، انصاف لئه
    پنهنجي قومي حقن لئه اچو ۽ مچو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

    هائو آڙاهه آڏو آ، درياهه پويان آ، اوٿر مٿان
    ڪنهن به ڪهڙو به، پر ڪو طريقو ڪڍو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

    جاڳ اک ۾ اٿوَ، پنهنجون کوليو اکيون، ڀاڳ هٿ ۾ اٿوَ
    سوڀ سگھ ۾ اٿوَ، ساٿ جوڙيو سگھو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

    چنڊُ سجدا ڪندو آ، عظيم آدميءَ جي قدم تي جھڪي
    پاپ پرزا ڪندو عزم پنهنجو پڪو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!
    (ڳائي پيو جاڳائي پيو، ص 83 ۽ 84)

    استاد بخاري هڪ اميد پرست (Optimist) شاعر آهي. اها اميد پرستي (Optimism) سندس سڄي شاعريءَ تي ڇائنيل آهي. ان ڪري هو وري وري عزم، حوصلي، جستجو ۽ اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪري ٿو.

    پنهنجا رستا پاڻ ٺاهيو دوستو!
    قافلي کي تيز ڪاهيو دوستو!
    ڄاڻ پهتؤ دور ناهيو دوستو،
    دل نه لاهيو، دل نه لاهيو دوستو!
    (سوچون، ڀڻڪا، واڪا ص 48)

    استاد رڳو پنهنجي دور جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن کان باخبر نه هيو، پر هو سنڌ جي دردناڪ ماضي کان به واقف هيو. هن وٽ وڏو تاريخي شعور هيو، تنهنڪري هن هر لٽيري ۽ ڦورو کي سڃاتو پئي، کيس پتو هيو ته ماضي جيان حال ۾ به ڪي درندا سنڌ جي ڪونئري جسم کي پٽيندا رهن ٿا پر هن جي ان پختي يقين لاءِ ڇا چئجي جو هو ڪڏهن به سنڌ کي مِٽجندي نه ٿو ڏسي.

    آريا به لٽيرا ها، لُٽي لُٽجي ويا
    ترخان، مدد خان ڦري، ڦرجي ويا
    هي سنڌ بهرحال جيئي پئي، جيئندي
    ڪئين بار ڪٽڪ آيا، ڪٽي، ڪٽجي ويا
    (بخاريءَ جا قطعا، ص 16)

    بخاري قوم کي خوف جي پاري مان ڪڍي جوش جي اڱرن ڀرسان ويهاري ٿو. خوف ماڻهوءَ کي ڪمزور ڪري ڇڏندو آهي ۽ بي خوفي، بهادري ۽ جرئت منزلن تي رسائيندي آهي، ان ڪري استاد چوي ٿو ته:

    ڏانگ ڦيري ته ڏس، نانگ نوڙي اٿئي
    پير، ٻوڙي ته ڏس، باهه پاڻي اٿئي
    ڪنڌ پڪڙي ته ڏس،
    شينهن ٻڪري اٿي.
    دل شڪستو نه ٿي
    (ڳائي پيو جا ڳائي پيو ص 184)

    اهو لهجو سنڌ ۾ گھٽ شاعرن وٽ ملندو، سچ ته اهو خالص بخاري جو لهجو آهي. استاد جي شاعريءَ مان انهيءَ بي خوف لهجي جا ڪجھ ٻيا مثال ڏسو:

    جي جھنگ ڪندو تنگ ته ساڙي اچبو
    هوندو جي بيابان ته لتاڙي اچبو
    او منزلِ مقصود، هي واعدو آهي
    آيو جي اڳيا اُڀ ته ڦاڙي، اچبو
    ...........
    اچبو ته جگر شير جو ڌاري اچبو
    هر ديوَ ۽ راڪاس کي ماري اچبو
    او منزلِ مقصود، هي واعدو آهي
    هر حال ۾ انجام کي پاري اچبو.
    (بخاريءَ جا قطعا، ص 9)

    اها للڪار، اهو عزم ۽ جوش جيتوڻيڪ منشي، سرويچ ۽ سرڪش وٽ به آهي پر استاد جي انفراديت اها آهي ته هن جي شاعريءَ ۾ جذبي جي شدت سان گڏ هڪ خاص قسم جي نفاست موجود آهي. استاد بخاريءَ وٽ بيان جي جرئت ڪمال جي آهي. اصل ۾ اها جرئت، بهادري، ارڏائي، ولولو، جوش ۽ بي باڪي استاد جي شاعريءَ جو حسن آهي.

    پير پنهنجا کوڙ، جي کوڙي سگھين او ڪوڙ ٻُڌ!
    ڌوڙ ٿي ويندين، جو آهين زلزلي جي سامهون

    استاد بخاري شاعرَ جي سماجي ۽ انقلابي ڪردار تي وڌيڪ زور ڏئي ٿو. “گيت اسانجا جيت اسانجي” جي منڍ ۾ هن لکيو آهي ته “شاعر اهو به آهي جو پنهنجي قوم، پنهنجي ملڪ بلڪه سڄي انسان ذات جي زبان بڻجي، امن جو آواز اٿاري، ظلم سان جنگ جوٽي.” (19) استاد شاعرَ جي انهي منصب کي سمجھندي پنهنجي شاعريءَ کي هڪ تحريڪ ۾ تبديل ڪيو. استاد بخاري امن پسند ۽ انسان دوست شاعر آهي. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ اجتماعي سماجي ڀلائي لاءِ آواز اٿاري، ‘جيئو ۽ جيئڻ ڏيو’ جي نعري کي ورجائي ٿو. تاج جويي پنهنجي مضمون “ڪيڏاري جو امر ڪلاڪار” ۾ لکيو آهي ته “استاد بخاري هن ڌرتيءَ تي جنگ، ويڙهه، فساد ۽ جھيڙن جو مخالف رهيو آهي ۽ سندس آس رهي آهي ته هيءَ ڌرتي، امن، اتحاد، محبت ۽ پيار جو مسڪن رهي. ڪوبه آمر، ڪوبه جابر، ڪوبه هاڪارو ۽ دل ڪارو، ڌرتيءَ جي ٻچن جي زندگي زهر نه بڻائي، سندن آزاد زندگيءَ جو حق نه کَسي ۽ انسانيت، امن ۽ آزاديءَ جي پينگي ۾ مسرت جا جھوٽا کائيندو رهي.” (20) بخاري، ڌرتيءَ تي بارود جي دونهين جا بادل نه ٿو ڏسڻ چاهي، هن جي اکين ۾ امن ۽ انسانيت جا خواب آهن. هو هڪ اهڙو آدرشي سماج چاهي ٿو جتي غريب ۽ امير ۾ دولت ۽ اقتدار سبب ڪوبه ويڇو نه هجي. ٻين لفظن ۾ هو ڪلاس ليس سوسائٽي جو حامي آهي. هڪ اهڙو معاشرو جتي سڀني کي پنهنجا حق حاصل هجن، ڪو جھيڙو ۽ جنگ نه هجي.

    بهشت ڀونءِ بڻايو، جيئو ۽ جيئڻ ڏيو
    جهانَ کي نه جلايو، جيئو ۽ جيئڻ ڏيو
    صدي نئين کي ته روڪيو، ڄڻي نه جنگ نئين
    عظيم امن اُپايو، جيئو ۽ جيئڻ ڏيو
    غريب ڪوبه ڇو تڙپي، امير ڇو ٿڙڪي
    سماج اهڙو سجايو، جيئو ۽ جيئڻ ڏيو
    مزو ته ڪيڏو وڏو آ جناب جيوت ۾
    رڳو عذاب هٽايو، جيئو ۽ جيئڻ ڏيو
    (ڳائي پيو جاڳائي پيو ص 110 ۽ 111)

    استاد وٽ انسان جي عظمت جا ڪجھ معيار آهن. پهريون معيار جيئو ۽ جيئڻ ڏيو آهي ۽ ٻيو معيار دکي انسانن جي دل جوئي ڪرڻ آهي. استاد جو فڪر اهو آهي ته ماڻهو ڀلي ڪيڏي به مادي ترقي جي منزلن تي ڇونه پهچي وڃي، پر ماڻهپي جو اصل مقام هڪ ٻئي جي دکن جو درمان ٿيڻ ۾ آهي. حقيقت ۾ اهو ئي سماجي شعور استاد کي هڪ ترقي پسند ۽ انسان دوست شاعر بڻائي ٿو.

    پهاڙن جون وڏيون چوٽيون جهڪائين تون
    خلائن ۾ اپالن کي ڊڪائين تون
    عظيم انسان مان توکي مڃيندس پو
    جڏهن سنسار جا آنسو سڪائين تون
    (بخاريءَ جا قطعا ص 61)
    زهري جا پانڌيئڙا پنهنجي، ـــ ڌرتيءَ تي ڪجھ پَسُ ــــ او سائين
    واڪا منهنجو واسُ
    (گيت اسانجا جيت اسانجي ص 35)
    استاد بخاري نه رڳو سنڌي سماج جي سمورين ڪمزورين کان واقف هيو پر سڄي دنيا جي اندر جيڪي خباثتون ۽ خرابيون هيون تن تي به سندس گھري نظر هئي، هن سڄي حياتي ظلم ۽ استحصال کان نفرت ڪئي، جنگ ۽ جبر کي ننديو ۽ دنيا جي هر خرابيءَ کي ڌڪار جي نگاهه سان ڏٺو ان ڪري سندس خواهش هئي ته ڪاش سنڌ سميت هيءَ سڄي دنيا ٻيهر اڏجي.

    دل چوي ٿي سنڌ ڇا، سنسار کي نئين سِر اڏيان
    شهر، گھر آهن سڻاوا بحر بر، ڳوليان پيو
    (نه ڪم نبريو نه غم نبريو ص 57)

    سچ اهو آهي ته مونکي استاد جو مٿيون شعر ڀٽائي جي ان عظيم دعا جو تسلسل محسوس ٿئي ٿو جنهن ۾ هن سنڌ سميت عالَمن لاءِ دعا گھري آهي. فرق رڳو اهو آهي ته لطيف وٽ دعا آهي ۽ بخاري وٽ تبديليءَ جي خواهش.
    استاد بخاري جي سموري شاعري هڪ اهڙي باشعور ۽ حوصله مند انسان جي اندر جو اڌمو آهي، جنهن وٽ انسان دوستي وارو فڪر نهايت اتم ۽ اعلى پد تي نظر اچي ٿو. هو جڏهن سنڌ وطن جي سورن جي ڳالهه ڪري ٿو تڏهن به سندس تحت الشعور ۾ سڄي دنيا جا دکي انسان آهن. هو ڪنهن به ماڻهوءَ جي ڳل تان ڪريل لڙڪ تي لڇي پوي ٿو، پوءِ اهو ماڻهو سنڌ جو هجي يا هند جو. هو بکي جي اذيت کي محسوس ڪري ٿو پوءِ اهو ٿر جو هجي يا ايٿوپيا جو. استاد سڀني دکي انسانن کي دکن ۽ تڪليفن مان رستو ڪڍڻ جو حوصلو بخشي ٿو. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ هيڻن جو بازو محسوس ٿئي ٿو. هن وٽ سماجي سجاڳيءَ جو جذبو موجود آهي. هن وٽ جيڪا بغاوت ۽ انقلابيت نظر اچي ٿي اها سماجي تعمير لاءِ آهي. هو ڪنهن به سماجي ۽ طبقاتي تضاد ۽ استحصال کي پسند نه ٿو ڪري. ان ڪري سندس شاعري ۾ ان جي جابجا نندا ملي ٿي.
    استاد بخاري سماجي تبديليءَ لاءِ مفروضن جو سهارو نه ٿو وٺي، پر هن وٽ تاريخي شعور ۽ سائنسي سوچ موجود آهي. هن وٽ سماجي تبديلي جي سوچ، انقلابيت ۽ مزاحمت بي بنياد نه آهي پر ان لاءِ هن وٽ اعلى دليل موجود آهن. سنڌ جيڪا هن جي عشق جو مرڪز آهي، هو ان جي مسئلن کان ته آگاهه آهي پر کيس اهو به پتو آهي ته ان جا حل ڪهڙا آهن. هو جڏهن علم، سائنس ۽ فلسفي تي زور ڏئي ٿو، هو جڏهن اتحاد، ايڪي، بهادري، سجاڳي ۽ پاڻ سڃاڻڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته هن جي اکين ۾ هڪ اهڙي سماج جو خواب سانڍيل آهي، جتي جديد علمن، فلسفن ۽ نئين سوچ جي آجيان ٿئي، جتي ڪنهن به قسم جي انتهاپسندي نه هجي، جتي ماڻهو پنهنجي فڪر ۽ اظهار ۾ مڪمل طور آزاد هجن. هن جو مزاحمتي ۽ انقلابي فلسفو انهن ئي ڳالهين تي بيٺل نظر اچي ٿو.... استاد جي سماجي شعور مان مزاحمتي ۽ قومي شعور جي جوت جرڪي ٿي. اهو قومي شعور ۽ جاگرتا جو سڏ سندس سٽ سٽ ۾ موجود آهي. هن کي سماج ۾ ڪنهن به قسم جو ڏاڍ قبول نه آهي اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪلام ۾ بغاوت جا ٽانڊا ٻرندي نظر اچن ٿا، اها بغات هر ڪڌي ريت کان آهي، اها بغاوت هڪ اعلى ۽ آدرشي سماج جي اڏاوت لاءِ آهي. انهيءَ ڪري بخاري پنهنجي شاعريءَ ۾اجتماعي سماجي ڀلائي ۽ جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جي پيغام کي وري وري ورجائي ٿو. هن جي شاعريءَ جي سماجي، انقلابي ۽ مزاحمتي فڪر کي سمجھڻ لاءِ سندس ڪلام جي علامتن کي به سمجھڻو پوندو. بخاري جي سموري شاعري متحرڪ سوچن ۽ تازي فڪر سان ڀرپور آهي، استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ انقلابي شعورــ عصري جبر ۽ طبقاتي تضادن سبب اڀريو ۽ هن پنهنجي ڪلام کي سماجي تبديلي جي راهه ۾ مشعل راهه بڻايو.


    حوالا

    1. بخاري استاد “اوتون جوتون” (تعارف: ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو)، روشني پبليڪيشن، 2005ع، ص 11
    2. چانڊيو جامي، “سندي جوڳيان ذات” پيڪاڪ پرنٽرس اينڊ پبلشرس، ڪراچي، 2016 ص 131 ۽ 132
    3. ڪانڌڙو آزاد انور “سمي صحرا سمي دريا” ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد، 2007ع، ص 81
    4. حوالو ساڳيو ص 60
    5. بلوچ تاج (ايڊيٽر) ماهوار “سوجھرو” ڪراچي، مقالو “استاد بخاري ــ هن دور جي احساس جو آواز ـــ سڌايو غلام نبي ڊاڪٽر“، جولاءِ 2012ع، ص 8
    6. رنگريز غلام حسين “سونهن، سهائي سوچ” سچائي اشاعت گھر 2014ع ص 101
    7. چانڊيو جامي، حوالو ساڳيو، ص 138
    8. جويو تاج “استاد بخاري ــ سنڌ جي جوڀن جو شاعر” ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ، 2010ع ص 96
    9. بخاري استاد “اوتون جوتون” (تعارف: ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو)، روشني پبليڪيشن، 2005ع، ص 7
    10. رنگريز حوالو ساڳيو ص 103
    11. ڪانڌڙو آزاد انور، حوالو ساڳيو، ص 268
    12. چانڊيو جامي، حوالو ساڳيو ص 133
    13. ڪانڌڙو آزاد انور، حوالو ساڳيو ص 32
    14. سومرو شمس ڊاڪٽر، “تخليقي ادب جا ترڪيبي جزا” شمس سومرو يادگار سٿ، 2016ع، ص 190
    15. ڪانڌڙو آزاد انور، حوالو ساڳيو ص 49 ۽ 50
    16. جويو تاج، حوالو ساڳيو ص 169
    17. ڪانڌڙو آزاد انور، حوالو ساڳيو ص 33
    18. جويو تاج، حوالو ساڳيو ص 58
    19. بخاري استاد “گيت اسانجا جيت اسانجي” کيرٿر پبليڪيشنس، دادو، حيدرآباد، ڇاپو پهريون 1971ع، ص 6
    20. جويو تاج، حوالو ساڳيو ص 54


    مقالي ۾ ڏنل شعر استاد بخاري جي هيٺين ڪتابن مان ورتل آهن.

    • بخاري استاد “گيت اسانجا جيت اسانجي” کيرٿر پبليڪيشنس، دادو، حيدرآباد، ڇاپو پهريون 1971ع
    • بخاري استاد “ڪاري ڪڪر هيٺ“، سنڌي ساهت گهر، ڇاپو پهريون مارچ 1991ع
    • بخاري استاد “زندگي زندگي“، سنڌي ساهت گهر، مئي 1991ع
    • بخاري استاد “نه ڪم نبريو نه غم نبريو” 1992 سنڌي ساهت گھر حيدرآباد ڪتاب نمبر 93
    • بخاري استاد “لهري لهري ۾ لالاڻ” سنڌي ساهت گھر ڪتاب نمبر 94، 1992
    • بخاري استاد “سوچون، ڀڻڪا، واڪا” سنڌي ساهت گھر، ڇاپو ٻيو 1995ع
    • بخاري استاد “لهر لهر دريا“، سنڌي ساهت گهر
    • بخاري استاد “اوتون جوتون“، سنڌي ساهت گهر
    • بخاري استاد “ڳائي پيو جاڳائي پيو“، سنڌي ساهت گهر، ڇاپو پهريون، 1998ع
    • بخاري استاد “بخاريءَ جا قطعا“، سنڌي ساهت گهر، ڇاپو پهريون اپريل 2000ع
    • بخاري استاد “ميلا ملهالا” روشني پبليڪيشن، ڇاپو ٽيون 2005
    • بخاري استاد “ڌرتي سرتي“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2008ع
    • بخاري استاد “هي گجرا هي گولا“، سنڌي ساهت گهر، ڇاپو پهريون، ڊسمبر 2013ع


    (استاد بخاري اڪيڊمي دادو طرفان 9 آڪٽوبر 2017ع تي دادو ۾ استاد بخاري جي 25 هين ورسي جي موقعي تي ٿيل پروگرام ۾ پيش ڪيل.)


    تنوير عباسي جي شاعري جا دور (هڪ تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو)

    شاعريءَ جي شروعات بابت ڪيئي ڪهاڻيون ٻڌڻ ۽ پڙهڻ ۾ اچن ٿيون. ڪن ان کي ديو مالائي قصن جي ابتدائي اظهار جو اسلوب سڏيو آهي ته ڪن وري قبل از مسيح بلڪه غير مهذب دور کان جادو ٽوڻن جي استعمال جو وسيلو...... بهرحال اهو سچ آهي ته شاعري انسان جي فطري اظهار جو سڀ کان قديم ذريعو آهي. تمام ڪُهني وقت کان ڪيترين ئي مهذب قومن پنهنجين مذهبي رسمن ۽ طور طريقن جو اظهار به شاعريءَ وسيلي ئي ڪيو آهي. اهي شاعريءَ جا ئي ابتدائي نمونا هئا جن وسيلي ڪي عقيدتمند، ديوين ۽ ديوتائن کي ڀيٽائون پيش ڪندا هئا. ڪڏهن وري اها ئي شاعري مذهبي پيشوائن ۽ حاڪمن جي مداحن جي صورت ۾ پيش ٿيندي هئي.
    شاعريءَ جي قدامت جو اندازو ان مان به لڳائي سگھجي ٿو ته دنيا جي ڪيترن ئي مذهبن جي مقدس ڪتابن جي ٻولي پڻ شاعراڻي رهي آهي. خود سنڌوءَ ڪناري جيڪي ويد لکيا ويا انهن جو اسلوب شاعراڻو آهي. انسان جيئن جيئن شعور جون ٻرانگھون کڻندو اڳتي وڌندو رهيو آهي تيئن تيئن شاعري به ساڻس گڏ رهي آهي. جيئن ته بنيادي طور شاعريءَ جو تعلق ئي فڪر ۽ خيال سان آهي، جنهن کي هڪ خاص فني قالب ۾ وجھڻ به ضروري آهي، تنهنڪري انسان جي ذهني ۽ فڪري اوسر سان گڏ شاعري به هڪ ارتقا مان گذرندي رهي آهي. اها ارتقا ۽ اوسر سموري انساني اوسر جي حوالي سان به ڏسڻ ۽ سمجھڻ لائق آهي پر انفرادي طور به هر شاعر مختلف دورن مان گذري ٿو ۽ سندس فن توڙي فڪر ارتقا ڪندو رهي ٿو. هتي مان هڪ تخليقڪار فرد طور سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ٻهڳڻي شاعر تنوير عباسي جي شاعريءَ بابت ڪجھ لکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، جنهن وسيلي سندس شاعريءَ جي ارتقائي سفر کي سمجھي سگھجي ٿو.
    هڪ تخليقڪار طور تنوير عباسيءَ جي تخليقي اوسر تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن کي ٻالپڻي کان وٺي ئي شاعريءَ سان گھڻو چاهه هو. شايد اهو ئي سبب هو جو هن ادب جي ميدان ۾ سڀ کان پهريان هڪ شاعر جي حيثيت سان پير پاتو. شاعريءَ سان ويجھڙائپ ۽ محبت جي باري ۾ هن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته “ننڍي هوندي ئي مونکي نثر کان وڌيڪ نظم سان لڳاءُ هو. جيڪي درسي ڪتابَ هوندا هئا انهن ۾ مونکي نظم وڌيڪ وڻندا هئا، پوءِ چاهي انگريزيءَ ۾ هجن، چاهي سنڌيءَ ۾ پر شعرَ مونکي جلد ياد ٿي ويندا هئا.” (1) شاعريءَ سان اهڙي عشق ئي تنوير کي هڪ خوبصورت شاعر بڻايو.
    تنوير عباسي کي اسين هڪ شاعر جي حيثيت ۾ ڏسنداسين ته هن جديد سنڌي شاعريءَ جي ابتدا ۽ عروج واري دور ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ ڪيترائي نوان لاڙا متعارف ڪرايا. غزل، نظم، آزاد نظم، گيت ۽ هائيڪو وغيره تي مختلف انداز جي طبع آزمائي ڪئي ۽ موضوع توڙي ٻوليءَ جي لحاظ کان ڪافي مثبت تبديلي آندي. جديد سنڌي شاعريءَ جي ابتدائي دور ۾ جن شاعرن جي ڪلام ۾ روشن خيالي، انسان دوستي، قوم پرستي، انقلابيت ۽ مزاحمت جو تصور ملي ٿو، انهن ۾ تنوير عباسيءَ جو نالو نمايان آهي. ون يونٽ واري زماني ۾ تنوير ۽ سندس هم عصر ساٿين قلم جي قوت کي نهايت سگهاري انداز سان استعمال ڪيو. قمر شهباز جي راءِ مطابق “شاعريءَ کي عام فهم، سادو ۽ سٻاجھو بڻائڻ ۾ تنوير جو مٽ ڳولڻ اڄ به ممڪن ناهي.” (2)
    تنوير عباسي جنهن دور ۾ شاعريءَ جي سحر انگيز واديءَ ۾ داخل ٿيو اهو سنڌ ۾ جميعت الشعراء جو دور هيو، جيڪا ان زماني جي وڏي ادبي تنظيم هئي. ان وقت جا وڏا وڏا شاعر جن کي ادب جي دنيا ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام حاصل هو، پر سندن شاعري ايراني ماحول ۾ رچيل لڳندي هئي. سندن ڪلام ۾ اهي ساڳيا فارسي شاعريءَ وارا موضوع، ساڳيا محاورا، ساڳيون تشبيهون ۽ تلميحون ۽ ساڳيا استعارا هوندا هئا. ابتدائي دور ۾ تنوير به انهن حالتن جو اثر قبوليو ۽ مغموم عباسي جي نالي سان شعر لکڻ لڳو ۽ ان دور جي ساڄي ڌر جي نهايت وڏي شاعر ۽ جميعت الشعراء سنڌ جي ان وقت جي صدر ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل کان اصلاح ورتي ۽ وٽانئس باقائدگيءَ سان علم عروض سکيو. ڊاڪٽر تنوير هڪ انٽرويو ۾ ان دور بابت ٻڌائي ٿو ته “انهيءَ وقت ٻن قسمن جي شاعري ٿيندي هئي، هڪڙي فارسي عروضي شاعري، انهي وقت ۾ ڊاڪٽر ابراهيم خليل، نواز علي نياز، غلام محمد نظامي اسانجا وڏا شاعر ليکيا ويندا هئا. انهيءَ دور جي شاعريءَ جو ماپو يا ماڻ اهو هوندو هو ته عروض تي پوري هجي. شعر وزن بحر تي پورو هجي ۽ فارسي ترڪيبون، فارسي شاعريءَ جون تشبيهون ۽ ماحول اردو جي غزل تان ورتو ويندو هو. جيڪو گهڻا فارسي ۽ عربي لفظ وجهندو هو، تنهن کي چوندا هئا تون وڏو شاعر آهين ۽ فڪر ۽ گهرائيءَ ڏي يا ٻوليءَ جي خوبصورتيءَ تي گهٽ ڌيان ڏنو ويندو هو ۽ ايئن لڳندو هو ته اها شاعري هڪڙي اوپري ماڻهوءَ جي شاعري آهي، سواءِ ڪن ڳاڻ ڳڻين شاعرن جي! ان کانپوءِ ٻئي قسم جي شاعري جنهن کي قومي شاعري چوندا هئا. ‘ٻَڌ ڪفن سر ساڻ، هل ڪشمير هل‘، اهڙي قسم جا شاعر، جيڪو ٻن قومن وارو (هندو ۽ مسلم) نظريو هو. انهي جي آڌار تي يا ان کان متاثر ٿي شاعري ڪندا هئا ۽ ان کي قومي شاعري چوندا هئا!” (3)


    تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ جا دور
    تنوير عباسي جي شاعريءَ جي اوسر تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اها پنهنجي فن، هئيت ۽ گھاڙيٽن توڙي فڪر ۽ تخيل جي لحاظ کان ابتدا کان آخر تائين تبديل ٿيندي رهي آهي. ان ڪري سندس شاعريءَ کي الڳ الڳ دورن ۾ ورهائڻ ضروري آهي. ان طرح صحيح معنى ۾ سندس فني ۽ فڪري اوسر جي پروڙ پوندي. پروفيسر سحر امداد پنهنجي هڪ مقالي “تنوير عباسيءَ جي پنهنجي اصل ڏانهن مراجعت” ۾ تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ کي ٽن دورن ۾ ورهايو آهي. “پهريون روايتي دور (شروعاتي دور) ٻيو ترقي پسند دور (وچون دور) ۽ ٽيون جديد دور (هلندڙ دور).” (4) تنوير جي شاعريءَ جي اهڙي ورڇ نهايت مناسب آهي ۽ مان ان سان متفق آهيان. تنهنڪري هن مطالعي ۾ مان انهيءَ ورڇ کي بنياد بڻائي سندس ڪلام تي روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. البته سندس فڪري ۽ فني اوسر جي بنياد تي انهن ٽنهي دورن جو عرصو مون پاڻ متعين ڪيو آهي. جنهن مطابق روايتي دور 1950ع کان 1958ع تائين، ترقي پسند دور 1959ع کان 1985ع تائين ۽ جديد دور 1985ع کان 1998ع تائين مقرر ڪيو آهي.
    تنوير عباسي، تاج بلوچ جي ڪتاب “لفظن جو ماتم” جي اڀياس ۾ ڪيڏي نه صحيح ڳالهه لکي آهي ته “شاعري تاريخ نويسي نه آهي، پر اها جذبن جي تاريخ نويسي آهي. هر شاعر ڪنهن نه ڪنهن دور ۾ رهندو آهي ۽ سندس شعور ۽ لاشعور تي ان دور جا اولڙا پوندا رهندا آهن، ائين چئجي ته هر شاعر جو شعر سندس دور جي جذبن ۽ احساسن جي تاريخ آهي ته غلط نه ٿيندو.” (5) تنوير عباسيءَ جي شاعري به حقيقت ۾ سندس جذبن ۽ احساسن جي تاريخ آهي. اها مختلف دورن مان گذري آهي ۽ ان تي مختلف اثرَ رهيا آهن. جيئن مٿي هن جي شاعريءَ جي ٽن دورن جو ذڪر ڪيو ويو آهي ته هيٺ سندس شاعري جي انهن دورن کي سامهون رکندي نهايت مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.

    1. روايتي دور (ابتدائي دور) جي شاعري
    تنوير عباسيءَ جي هن دور واري شاعري 1950ع کان 1958ع تائين يعني اٺن سالن تي محيط آهي. اڳ ۾ ذڪر ڪري آياسين ته ان ابتدائي دور ۾ تنوير جي شاعري جيئن ته هڪ مخصوص ماحول ۾ اسري ۽ نسري، تنهنڪري فڪر ۽ تخيل جي گهرائي توڙي نج ٻوليءَ جي حسناڪين جي حوالي سان سندس ان دور واري شاعريءَ ۾ ڪافي کوٽ نظر اچي ٿي. جڏهن ته فني حوالي سان سندس ان دور جي شاعريءَ ۾ وڏي پختگي آهي. روايتي دور واري شاعريءَ ۾ تنوير نه صرف موضوعن جي لحاظ کان ان دور جي شاعريءَ کان متاثر ٿيو آهي، پر هُن شاعريءَ جي صنفن جي حوالي سان به عام مروج صنفن غزل، رباعي، قطعه کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي. جيتوڻيڪ بعد ۾ تنوير نظم، آزاد نظم، گيت ۽ وائي تي به طبح آزمائي ڪئي، پر غزل کي محبوب صنف طور اختيار ڪيو. ان دور ۾ هن شعر جي فن، هئيت ۽ اسلوب تي گھڻو ڌيان ڏنو آهي ۽ سندس شعر وزن بحر ۾ بيحد پختو نظر اچي ٿو، البته ان دور ۾ سندس ڪلام ۾ فارسي ترڪيبن جو حد کان وڌيڪ استعمال ڏسڻ ۾ اچي ٿو. تنوير عباسيءَ جي پهرئين شعري مجموعي “رڳون ٿيون رباب” کان اڳ واري شاعري جيڪا 1950ع کان 1954ع تائين آهي، کي جڏهن ڪتاب “تنوير چئي” ۾ شامل ڪيو ويو ته سندس شاعريءَ جي شروعاتي دور وارو هڪ نئون باب اسان جي سامهون آيو.
    سحر امداد پنهنجي مقالي “تنوير عباسيءَ جي پنهنجي اصل ڏانهن مراجعت” ۾ تنوير جي روايتي دور واري شاعريءَ متعلق لکي ٿي ته “روايتي دور ۾ تنوير جي شاعريءَ ۾ اهي ئي تشبيهون، ترڪيبون، لفظ ۽ موضوع ملندا، جيڪي روايتي غزل لاءِ مخصوص بلڪه لازم آهن. ‘رڳون ٿيون رباب’ کان اڳ ۾ ستيتاليهن صفحن تي پکڙيل شاعريءَ ۾ توهان کي جا بجا، ساغر و مينا، ساقي وميڪده، دستِ جنون، عزمِ عمل، عالمِ خرد، چاڪِ دامان، چاڪِ گريبان، چرخِ نيلگون، گردشِ ڪهن، مئي گلگون، ڪوءِ يار، جبينِ آستان، اشڪِ خون، جلوه گري، بزمِ جهان، زلفِ پيچان، ديدهِ خونبار، ديدهِ شوق، جرائت سجده، دل و نظر، بزمِ رفيقان، خونِ عاشق، تابشِ انوار، زلفِ يار، ضبطِ مسلسل، رونقِ محفل، دامنِ ساحل، ذوقِ سفر، سرِ منزل، چشمِ تر، سوزِ پنهان، جهانِ دل، ذوقِ جستجو، دشت پيمائي، واعدهِ فردا، فڪرِ روزگار، غمِ دنيا، بزمِ سخن، طرزِ ستم، تڪلم، طرزِ فغان، دردِ دل، در و ديوار، حياتِ جاودان، بارِ عصيان، پيڪرِ مشت غبار.... جهڙا روايتي لفظي جوڙ ملندا.” (6)
    فارسي ترڪيبن ۽ ڌارئي لهجي جي ڪري تنوير جي ابتدائي شاعري ۾ فن جي پالوٽ ته آهي پر منجھس اهو رس ۽ رچاءُ، اها نج نبار سنڌي ٻوليءَ واري خوشبو نه ٿي محسوس ٿئي ۽ سندس شعرَ ايراني جُبي ۾ ويڙهيل نظر اچن ٿا. مثال طور تنوير عباسيءَ جا ان دور ۾ لکيل ڪجھ شعر ڏسو:

    هي اشڪ هاءِ مسلسل، هي داغ هاءِ جگر،
    گذشته دور جا آهن، هي يادگار اڃان.
    (رڳون ٿيون رباب کان اڳ ۾)

    رهڻ ڏي دستِ جنون، تار هڪڙي دامن ۾،
    بيادگارِ جنون، ڪجهه ته پيرهن ۾ هجي،
    تون پنهنجي رونقِ محفل جو ڪجهه خيال ته رک،
    زبون حال ڪو ۽ تنهنجي انجمن ۾ هجي.
    (رڳون ٿيون رباب)

    گلن ڀي ڪيو چاڪ دامن چمن ۾،
    هي تنهنجي فغان زيرِ دام الله الله
    (رڳون ٿيون رباب کان اڳ ۾)

    ستم مون اهڙو ڪٿي، چرخِ نيلگون نه ڏٺو.
    ٿيو دل جو خون مگر دل جو خون مون نه ڏٺو.
    (رڳون ٿيون رباب کان اڳ ۾)

    مٿين شعرن ۾ نه ته سنڌي ٻوليءَ جي اصل لهجي جو حسن آهي ۽ نه ئي موضوعي پنهجائپ. انهن شعرن ۾ رومانيت ۽ جماليات ۾ به ڌاريائپ جو احساس عيان آهي. انهن شعرن ۾ ايراني رومانوي شاعريءَ وارو روايتي پِٽڪو اشڪ هاءِ مسلسل، داغ هاءِ جگر، دستِ جنون، بيادگارِ جنون، رونقِ محفل، زيرِ دام ۽ چرخِ نيلگون جهڙن اوپرن لفظن ۽ ترڪيبن وسيلي بيان ٿيل آهي، تنهنڪري اهي ڳالهيون پنهنجي اصل تاثر ۽ احساس سان قاريءَ جي دل تائين نه ٿيون پهچن. اصل ۾ اها شاعري هڪ خاص طبقي جي شاعري هئي، جيڪي ان مخصوص لفظيات جا ڄاڻو هئا. اهڙي شاعري عوام يا گهٽ پڙهيل ماڻهن لاءِ نه رڳو ڳوري هئي پر کين اهڙي شاعريءَ کان بُڇان ايندي هئي. ڇوته سنڌي ماڻهن تائين ان کان اڳ سنڌ جي صوفي شاعرن وسيلي نج سنڌي ٻوليءَ واري شاعري پهتل هئي جنهن کي هنن روح سان قبول ڪيو هيو.
    تنوير عباسيءَ جي ان دور جي شاعري ۾ روايتي شاعريءَ وارا سمورا لوازمات شامل آهن. ان ۾ زيرِ اضافت، همزه اضافت، واءُ عطفي سان گڏوگڏ ٺهيل ٺڪيل قافيي ۽ رديف جو استعمال به موجود آهي. تنوير جي اها شاعري هڪ مخصوص روايتي دائري ۾ ڦري ٿي. اهڙي قسم جي شاعريءَ متعلق خود تنوير ماهوار “پروڙ” ۾ ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چوي ٿو ته “ٺهيل ٺڪيل يا ريڊي ميڊ لفظ هوندا هئا، جي “بهار” آ ته پوءِ ان سان “خزان” هوندو “بلبل” هوندي ته “چمن” هوندو، ته اهي لفظ ڦيرائي ڦيرائي استعمال ڪري لکيا ويندا هئا. حالت اها هوندي هئي ته پنجاهه ديوان پڙهو، غزل ساڳي معنى وارا هوندا هئا.” (7) تنوير جي ابتدائي شاعري پڻ انهيءَ اثر هيٺ هئي تنهنڪري ان ۾ به ائين ساڳي معنى وارا ڪيترائي شعر ملن ٿا، اهڙو ورجاءُ شاعريءَ کي بي چسو ۽ پاروٿو بڻائي ڇڏي ٿو. مثال طور تنوير عباسي جا هيٺيان ڪجھ شعر پڙهي سگهجن ٿا:
    چمن ۾ آهي اي دل، موسمِ بهار اڃان.
    خدا ٿو ڄاڻي رهان ڇو ٿو بيقرار اڃان.
    (رڳون ٿيون رباب اڳ ۾)

    خزان جي خون جي سرخي، گلن ۾ اڄ ڏسان ٿو مان،
    به اندازِ دگر منهنجي چمن ۾ اڄ بهار آيو.
    (رڳون ٿيون رباب کان اڳ ۾)

    نوان فتنا نوان طوفان کڻي دل ۾ قرار آيو،
    الاهي خير جو منهنجي چمن ۾ اڄ بهار آيو.
    (رڳو ٿيون رباب کان اڳ ۾)

    تنوير عباسيءَ تي ان دور ۾ ايراني ماحول ۽ اثر هيٺ لکجندڙ ڪلام ۽ ساڳين موضوعن هيٺ سرجندڙ شاعريءَ جو اثر گهڻو وقت نه رهيو. هن 1950ع کان 1954ع يعني چئن سالن تائين اهڙي قسم جي روايتي شاعري ڪئي، پر پوءِ بيزار ٿي پيو ۽ جلد ئي ترقي پسند فڪر واري ڌارا ۾ شامل ٿي ويو. تنوير پنهنجي هڪ انٽرويوءَ ۾ ٻڌائي ٿو ته “56_1955ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سان تعلق ٿيو، تيستائين مون اهڙي قسم جي شاعري ڪئي، جيڪا منهنجن مجموعن ۾ به شامل آهي. 56_1955ع کانپوءِ هڪڙو دور اهڙو آيو، جو ادبي سنگت جي منظم شروعات ٿي ۽ ان کان اڳ ڪشنچند بيوس، هوند راج دکايل، کئيل داس فاني، نارائڻ شيام، شيخ اياز، هري دلگير اهي شاعر هئا، جيڪي روايتي شاعريءَ کان مختلف شاعري ڪندا هئا ۽ انهن چاهيو ٿي ته سنڌي ماحول پنهنجي شاعريءَ ۾ هجي. پنهنجي شاعريءَ ۾ تشبيهون، ٻولي، ٻوليءَ جو مزاج، ٻوليءَ جي نغمگي سنڌي ٻوليءَ واري هجي ۽ تنهن کانپوءِ جديد خيال، جديد مسئلا ڏجن ۽ انهن جو شعر ۾ بيان هجي ته اها تحريڪ اسان سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان 1956ع کان باقاعدي شروع ڪئي.” (8)
    تنوير عباسيءَ جو پهريون شعري مجموعو “رڳون ٿيون رباب” 1958ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ گيت، نظم ۽ غزل شامل ڪيل آهن. سندس ان شعري مجموعي جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ان دور ۾ سندس شاعريءَ ۾ هن جي ابتدائي دور واري شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ موضوع توڙي اسلوب جي حوالي سان ڪجھ تبديليون آيون. ان دور واري شاعريءَ ۾ رڳو غمِ جانان نظر نه ٿو اچي پر ان سان گڏ غمِ دوران به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. “رڳون ٿيون رباب” تائين تنوير جي شاعريءَ کي اسان سندس ابتدائي دور ۾ شامل ڪيو آهي. هن مجموعي ۾ ڪٿي ڪٿي سندس شعرن جي ٻولي ۽ بيان جو انداز ڇرڪائيندڙ آهي، پر ان شاعريءَ تي بهرحال فارسي زده شاعريءَ وارو اڳوڻو اثر به موجود آهي ورنه خود تنوير کي ان مجموعي جي منڍ ۾ ائين لکڻو نه پوي ها ته “منهنجي شعر، خاص ڪري منهنجن تازن غزلن، گيتن ۽ نظمن ۾ ٻولي ۽ موضوع ڪجھ اوپرا پيا ڀانئبا.” (9) اهڙي ڳالهه ساڳئي مجموعي ۾ نياز همايوني هنن لفظن ۾ ڪئي آهي “هي مجموعو تنوير جي ابتدائي شاعريءَ تائين محدود آهي، جنهن کي ڪنهن حد تائين تجرباتي شاعري چئي سگھجي ٿو. هن ۾ جيتوڻيڪ گھٽ وڌايون موجود آهن تنهن هوندي به هيءَ شاعري نظر انداز ڪرڻ جهڙي نه آهي.” (10) بيشڪ تنوير عباسي جي ان شاعريءَ جي پنهنجي اهميت آهي، جنهن وسيلي اسان سندس فني ۽ فڪري اوسر کي سمجھي سگھون ٿا.
    تنوير عباسيءَ “رڳون ٿيون رباب” جي منڍ ۾ لکيو آهي: “سنڌيءَ کي پنهنجو لهجو ۽ پنهنجي مخصوص لئه آهي، فارسيءَ جو لهجو ۽ موسيقيت سنڌي شعر ۾ اجنبي پيا لڳن. ان ڪري نون لکيل غزلن ۾ سنڌي لهجي ۽ موسيقيت کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ۽ ان سان گڏ موضوع پڻ سنڌي ماحول مان چونڊيا اٿم.” (11) نصير مرزا رڳون ٿيون رباب واري شاعريءَ تي لکيل تاثر ۾ چوي ٿو ته “تنوير هڪ آدرشي شاعر آهي ۽ هڪ آدرشي شاعر پنهنجي وقت ۽ وقت جي دکدائڪ حالتن کان ڪڏهن به منهن نه موڙي سگهندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو تنوير جي هن مجموعي واري شاعري جنهن وقت جي حالتن ۾ سرجي وئي آهي. ان جا پاڇا ۽ اولڙا هن شاعريءَ ۾ ڏسي سگهجن ٿا.” (12)
    تنوير عباسي جي ان شعري مجموعي ۾ منفرد اسلوب ۽ خوبصورت ٻوليءَ وارا سهڻا گيت به نظر اچن ٿا، جيڪي پنهنجي موضوع ۽ فڪر جي لحاظ کان نهايت جاندار آهن. گيتن جي ڀيٽ ۾ تنوير جي ان دور ۾ لکيل نظمن ۾ ايڏي پختگي نظر نه ٿي اچي پر پوءِ به ڪٿي ڪٿي ڪافي سٺا نظم به پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. جيئن:

    زندگانيءَ ۾ حقيقت جي ڪڏهن تلخي هئي،
    زندگيءَ جي جام مان.
    جو ڀريل هو زهر سان،
    مون به ڳيتون ڏئي دکن دردن جي وهه پيتي هئي.
    (رڳون ٿيون رباب)

    تنوير عباسيءَ جي خوبصورت گيتن مان هتي هڪ گيت پيش آهي، جنهن ۾ هڪ اميد ۽ آس آهي. روشن صبح جا ڪرڻا ۽ اوندهه جي ڪُک مان ڦٽندڙ باک جون ڳالهيون آهن:

    صبح نه آهي دور ساٿي
    صبح نه آهي دور.
    لمبي رات وهامي ويندي،
    وک جي آڳ اجهامي ويندي،
    آس نه لاٿي تو جي ساٿي،
    اوندهه مان ئي باکون ڦٽنديون،
    ڪاريون راتيون نيٺ ته کٽنديون،
    ڇو ٿو وڃين وهلور ساٿي.
    صبح نه آهي دور.
    (رڳون ٿيون رباب)

    اِهو اُهو ئي دور هو جڏهن تنوير عباسي ۽ سندس هم عصر ۽ هم فڪر شاعرن سنڌي شاعريءَ تان فارسي لهجي جي دز دور ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، تنوير جي مٿئين گيت جون سٽون به ان جو ثبوت آهن. ان وقت ترقي پسند شاعرن پنهنجن غزلن ۾ پڻ محبوب جي حسن ۽ ادا جي تذڪري سان گڏ قومي جاگرتا ۽ مزاحمت جا موضوع شامل ڪيا. اهڙن غزلن ۾ پنهنجي قومي حقن جي حاصلات لاءِ ترقي پسند شاعرن وٽ هڪ عزم، همت ۽ حوصلو نظر اچي ٿو. تنوير عباسي جي ڪلام مان ان جي جھلڪ ڏسو:

    ٿڙنداسين ٿاٻڙنداسين پر اڳتي هلندا هلنداسين،
    لهرن وانگر اٿندي ڪرندي ماڳ ڏي وڌندا هلنداسين،
    پاڻ جلائي لاٽ ڏبي هن جڳ کي هڪڙي واٽ ڏبي.
    اوندهه کي چيريندي تارن وانگر کڙندا هلنداسين.
    (رڳون ٿيون ارباب)

    ’رڳون ٿيون رباب’ جي شاعري، ٻوليءَ ۽ اسلوب جي لحاظ کان تنوير جي 1958ع تائين واري شاعريءَ کان ڪجهه مختلف ضرور آهي، پر ڪٿي ڪٿي ان قسم جي چٽي پٽي جهلڪ نظر اچي ٿي، جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته تنوير 1958ع تائين به لفظن ۽ خيالن جي فارسي زده ڄار کان مڪمل طور جان نه ڇڏائي سگهيو هيو. اهو ئي سبب آهي جو ان دور واري شاعريءَ کي مون ابتدائي دور واري شاعريءَ ۾ شامل ڪيو آهي. “رڳون ٿيون رباب” مان مثال:

    اهو ئي گل ۽ اهو تبسم اهو ئي آنسو،
    اهو ئي تنهنجو جواب آهي، اهو ئي منهنجو سوال آهي.
    (رڳون رٿيون رباب)

    نه پڇ اي همدم تون مونکان هي غم پسندين جو فسانو هرگز،
    جهان کي جنهن مان ملي ٿي راحت، اهو ئي منهنجو ملال آهي.
    (رڳون رٿيون رباب)

    مٿين شعرن ۾ تبسم، آنسو، همدم، فسانو، جهان (نون غُني سان) ۽ ملال اهڙا لفظ آهن، جيڪي فارسي زده شاعريءَ جي باقيات محسوس ٿين ٿا. خيال جي لحاظ کان به غم ۽ ياس جو ان قسم جو گِريو فارسي غزل جي ياد تازي ڪندڙ آهي.
    مجموعي طور تنوير عباسيءَ جي پهرين دور جي شاعريءَ ۾ ان دور جي فني ۽ موضوعي تقاضائن پٽاندڙ روايتي انداز حاوي آهي. تنهنڪري هن جي ڪلام ۾ فارسي زده لهجي جي فراواني ملي ٿي ۽ هن پاڻ کان سينيئر شاعرن جي اثر هيٺ جيڪو ڪلام چيو آهي اهو فني حوالي سان ته ڏاڍو پختو ۽ علم عروض جي اصولن تي گھڻي حد تائين پورو آهي، پر موضوعن جي ورجاءَ جي ڪري سندس شاعريءَ جو فڪري پهلو اڀري نه سگھيو آهي. 1958ع ۾ هن پنهنجي شاعريءَ کي نئون موڙ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ جلد ئي هو پنهنجي ڪلام تان فارسي ٻولي، لهجي، موضوعن ۽ استعارن جي ڇاپ لاهڻ ۾ ڪامياب ويو.

    2. ترقي پسند دور (وچئين دور) جي شاعري
    تنوير عباسيءَ جي ٻئي دور واري شاعري، جنهن کي اسين ترقي پسند دور واري شاعري سڏيون ٿا، 1959ع کان 1985ع تائين پکڙيل آهي. ان دوران تنوير جي شاعريءَ جا ٽي مجموعا اسان جي سامهون آيا. پهريون “شعر” 1970ع، ٻيو “سج تريءَ هيٺان” 1977ع، ۽ ٽيون “هيءَ ڌرتي” 1985ع. تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ جو هي دور 26 سالن تي مشتمل آهي. سندس ان دور واري شاعريءَ جو اڀياس پيش ڪرڻ کان اڳ ضروري ٿو سمجھان ته ان دور جي حالتن جي حوالي سان ٻن نقطن پهريون ترقي پسند تحريڪ جو پس منظر ۽ سنڌي ادب ۽ ٻيو ون يونٽ خلاف تحريڪ جو ٿورو ذڪر ڪريان. ڇوته انهن ٻنهي نقطن کي سمجھن کان سواءِ سندس شاعريءَ جي ان دور جو جائزو وٺڻ ممڪن نه آهي.

    • ترقي پسند تحريڪ جو پس منظر ۽ سنڌي ادب
    ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند تحريڪ اردوءَ سان گڏوگڏ سنڌي ادب تي پڻ گهرا اثر وڌا. ان وقت ٻن نظرين سان سلهاڙيل اديب هئا. هڪڙا ادب براءِ ادب جا حامي هئا ۽ ٻيا ادب براءِ زندگيءَ جا. اهي ٻئي نظريا بنيادي طور تي اولهه جي اديبن وٽان اسريا ۽ اڀريا جن بعد ۾ ٻين ٻولين جي ادب تي پنهنجي ڇاپ قائم ڪئي. ڪتاب “ترقي پسند ادب” جو مصنف ڊاڪٽر عزيز احمد ادب براءِ ادب واري تحريڪ جي آغاز بابت لکي ٿو ته “ادب براءِ ادب هڪ ڀرپور تحريڪ طور فرانس ۾ شروع ٿي هئي. وسلر (Wissler) انگريزي ادب کي ان سان روشناس ڪرايو، اسڪر وائيلڊ ان جي سرپرستي ڪئي. اڻهويهين صديءَ جي آخري ڏهن سالن ۾ انگريزي ادب هڪ لحاظ کان رجعت پسنديءَ طرف مائل ٿيو ۽ هيءَ تحريڪ ڏاڍي مقبول ٿي.” (13) ان نظريي جي علمبردارن ۾ ڪيٽس ۽ پيٽرا جا نالا خاص طور ذڪر لائق آهن. ترقي پسند تحريڪ سان واڳايل سنڌي اديبن به پنهنجي بنيادي نظريي مطابق ادب براءِ زندگيءَ تي زور ڏيندي ادب براءِ ادب جي نظريي کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ننڍي کنڊ ۾ اردو ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ جو آغاز 1936ع ڌاري ٿيو. جڏهن ته سنڌي ادب ۾ ان تحريڪ سٺ واري ڏهاڪي ۾ باقاعده زور ورتو. ڪتاب “اردو ادب ڪِي مختصر تاريخ” جو مصنف ڊاڪٽر انور سديد لکي ٿو: “ترقي پسند هڪ موثر ۽ پرجوش سماجي تحريڪ هئي. ان تحريڪ معاشي ناانصافيءَ جي دور ۾ انسانيت ۽ مساوات کي مذهب جو درجو ڏنو ۽ اديب کي سائنسي ۽ تجزياتي نقطئه نظر کان آگاهه ڪيو. هن تحريڪ استحصال خلاف سماجي ناانصافيءَ جو احساس پيدا ڪيو. رجائيت ۽ اميد جي شمع روشن ڪئي. عام انسان، محنت ڪش ۽ هاريءَ کي ادب جو موضوع بڻايو ويو.” (14)
    ترقي پسند تحريڪ جي هڪ شاخ “حقيقت نگاري” به هئي، جنهن وسيلي ليکڪن اشاري ۽ ڪنايي ۾ ڳالهه ڪرڻ بدران فطرت جي اصولن مطابق هر ڳالهه کلي عام، صاف صاف ۽ بي ڊپائيءَ سان ڪرڻ کي ترجيع ڏني. سندن چوڻ هيو ته سچ کي پردن ۾ لڪائڻ جي ضرورت نه آهي. زندگيءَ جي حقيقتن ۽ رازن کي لڪائڻ بدديانتي آهي. انسان آزاد پيدا ٿيو آهي. انڪري ان کي آزاد خيال به هجڻ کپي، اهڙيءَ طرح حقيقت نگار اديبن جنس (Sex) جهڙن حساس موضوعن تي پڻ آزاداڻي انداز سان لکيو. اهڙن موضوعن تي اڳ يا ته قلم نه کنيو ويندو هو يا ان کي ڍڪي ستن پردن ۾ ويڙهي پيش ڪيو ويندو هو. تنوير عباسي سميت شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، رشيد ڀٽي، امر جليل، نجم عباسي، طارق اشرف، امداد حسيني، تاج بلوچ ۽ ٻين ڪيترن ئي سنڌي اديبن ان تحريڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.

    • ون يونٽ خلاف تحريڪ
    ترقي پسند تحريڪ سان گڏوگڏ سنڌ ۾ انهيءَ دوران ون يونٽ خلاف زبردست تحريڪ هلائي وئي. ون يونٽ ٺاهي صوبن جا حق غصب ڪيا پئي ويا، جنهن لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان احتجاج جا آواز بلند ٿيا، پر ان ڏاڍ خلاف سنڌ مان سنڌي اديبن جنهن جوش ۽ ولولي جو مظاهرو ڪيو. اهو تاريخ جو هڪ اهم باب آهي. حقيقت ۾ انهيءَ دور ۾ ئي سنڌ ۾ مزاحمتي ادب جي هڪ ڀرپور تحريڪ اڀري. ان تحريڪ ۾ جن سنڌي اديبن پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو انهن ۾ تنوير عباسيءَ جو نالو به نمايان آهي، هن هڪ تخليقڪار طور هن تحريڪ کي اڀاريو. ايتري تائين جو هن سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ جي تمنا به ڇڏي ڏني ۽ ائين هن پنهنجو ڪيريئر داءُ تي لڳائي ون يونٽ تحريڪ ۾ حصو ورتو. تنوير پاڻ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌائي ٿو ته “سڀني دوستن قسم کنيو هو ته جيستائين ون يونٽ نه ٽوڙينداسين. تيستائين سُک سان نه ويهنداسين.” (15) اهو ئي سبب هو جو سنڌي اديبن جي گڏيل جدوجهد جي نتيجي ۾ ون يونٽ ٽٽو.
    سنڌي ادب / شاعريءَ تي مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي تحريڪن جو گهرو اثر پيو. ترقي پسند تحريڪ جي حوالي سان ادب ۾ موضوع ۽ فڪر جي لحاظ کان جيڪي تبديليون آيون، اهي بنهه نيون ۽ ڇرڪائيندڙ هيون. جڏهن ته ون يونٽ ٽوڙڻ لاءِ سنڌي اديبن جيڪا تحريڪ شروع ڪئي، ان دوران سندن لکڻين ۾ قوميت، اجتماعيت، مزاحمت ۽ انقلابيت جهڙا موضوع اڀري آيا. ان دوران نثر توڙي نظم ۾ ڌرتي، ڌرتيءَ واسين ۽ ڌرتيءَ جي ڏکن توڙي پنهنجي ٻوليءَ جي بچاءَ جي حوالي سان بهترين ادب سرجيو ويو. تنوير عباسيءَ جي ٻئي دور واري شاعريءَ کي انهيءَ سموري پس منظر ۾ ڏسڻو پوندو.
    تنوير عباسيءَ جي ٻئي دور واري شاعريءَ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان سموري عرصي دوران هن جي شاعريءَ ۾ نه صرف ٻولي ۽ اسلوب جون تبديليون نظر اچن ٿيون، پر خاص طور موضوع جي لحاظ کان سندس پهرئين دور واري شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻي جدت نظر اچي ٿي. هو، گل و بلبل، ساغر و مينا ۽ زلفِ پريشان واري شاعريءَ کان ته اڳي ئي بغاوت ڪري چڪو هو، پر هاڻي هن پنهنجي دور جي سگهارن شاعرن شيخ اياز، نارائڻ شيام، هري دلگير، هوند راج دکايل، شيخ راز، عبدالڪريم گدائي، ڪيرت ٻاٻاڻي، نياز همايوني، بردي سنڌي، امداد حسيني، شمشير الحيدريءَ ۽ ٻين جي تقليد ڪندي غزل جهڙي نازڪ ۽ نفيس صنف ۾ پڻ ٻوليءَ توڙي موضوعن جون حسناڪيون اوتيون ۽ غزل کي محبوب جو سراپا بڻائڻ کان وڌيڪ ڌرتيءَ، قوم ۽ عوام جي ڏکن سورن جو داستان بڻايو ۽ ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز بلند ڪرڻ جهڙا موضوع منجهس سمايا. جيتوڻيڪ اها ان دور جي حوالي سان روايتي شاعريءَ خلاف هڪ وڏي بغاوت هئي، پر تنوير فارسي ۽ اردو شاعريءَ جي پاروٿن اصولن جون تارازيون کڻي ڦرندڙ شاعرن جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ پنهنجو ڪم جاري رکيو. ائين ڪرڻ سان سندس فڪر ۽ تخيل ته اوچو ضرور ٿيو پر فن کي ڌڪ رسيو. ڇوته انهن ڏينهن ۾ هن علم عروض کي فڪر جي ڀيٽ ۾ ثانوي شي پئي سمجھيو. نتيجي ۾ سندس ان دور واري شاعري ۾ وزن ۽ بحر جا جھول نظر اچن ٿا. جڏهن ته موضوعاتي لحاظ کان هن جي شاعري جديد ۽ سماجي حقيقت نگاري واري محسوس ٿئي ٿي، جنهن ۾ هڪ قومي جذبو ۽ مزاحمتي شعور موجود آهي. ان حوالي سان سندس هيٺيان شعر پڙهڻ وٽان آهن:

    اڃا به جاڳندا رهو،
    اڃا به جاڳندا رهو،
    اڃا ته وقت پر خطر ٽريو نه آ ٽريو نه آ،
    اڃا سڻائو واءُ ڪيو وريو نه آ وريو نه آ.
    اڃا به جاڳندا رهو،
    متان ٿي ڀورڙا اوهان ڀلي پئو ڀلي پئو،
    متان اوهان جي اک لڳي وڃي اوهان سمهي پئو.
    اڃا به جاڳندا رهو،
    اڃا به جاڳندا رهو.
    (سج تريءَ هيٺان)

    سنڌڙي منهنجا سارا ڳوڙها تنهنجا آهن،
    منهنجي جرئت منهنجي همت تو لئه آهي.
    منهنجي قوت منهنجي طاقت تو لئه آهي.
    ٻانهن ۾ جيڪو آٻل سو تو لئه آهي.
    منهنجي رڳن ۾ آهي جو رت تو لئه آهي.
    سنڌڙي، جڳ جي ساري عظمت تو لئه آهي.
    هونءَ ته اڙٻنگائيءَ جو انگ نه آهي مون ۾،
    پوءِ به جيڪا آهي بغاوت تو لئه آهي.
    (شعر)
    ’اڃا به جاڳندا رهو’ جي ورجاءَ سان تنوير جيڪو سماجي بيداري ۽ سجاڳيءَ جو سڏ ڏنو، ان جي اڄ به گھرج آهي. اڃا به وقت جا خطرا ۽ طوفان اسان جي سامهون آهن، اڃا به اسان اگھور ننڊ ۾ آهيون، اسان پنهنجن حقن کان غافل ۽ عمل ۾ ڪاهل آهيون. تنوير عباسي پنهنجي دور جي ماڻهن جا اهڙا حال ڏسي لڇي تڙپي ۽ روئي ڏنو. هو پنهنجي ڌرتيءَ کي پنهنجِي همت، جرئت ۽ طاقت آڇي، هر بغاوت لاءِ تيار رهيو. هو پنهنجيءَ ڀونءِ کي عظيم کان عظيم تر ڪوٺي ٿو. ان دور ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ پيش ڪيل اهڙا ويچار بلڪل نڪورا هيا، اهو لهجو دل کي ڇهندڙ ۽ عام ماڻهوءَ کي قابلِ قبول هيو.
    امداد حسيني تنوير جي ڪتاب “سج تريءَ هيٺان” جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته “تنوير پنهنجي لفظ لفظ سان کرو ۽ سچو آهي، تنوير جي اندر مان شعر ائين ڦٽي ٿو نڪري، جيئن ٿڻن مان ٿڃ جو گوهو اڇو اجرو ۽ مقدس..... ڇلڪندڙ کوکلن لفظن جي ميڙ ڪٺي ڪرڻ ۾ هن جو ڪو به چاهه ناهي.” (16) تنوير عباسيءَ جي شاعري مقصديت واري آهي. هن پنهنجي سوچ، فڪر، تصور ۽ تخيل کي هرو ڀرو گهٽيو نه آهي، بلڪه هن کي جيڪا ڳالهه صحيح محسوس ٿي آهي ته هن کلي عام چئي ڏني آهي.
    سمنڊ جي اونهائي ڀي سچ،
    شاعر جو سينو ٻي ڳالهه،
    جيڪو سوچيندو، چوندو،
    شاعر ڪيئن چوندو ٻي ڳالهه.
    (شعر)
    تنوير عباسيءَ ان دور ۾ شاعريءَ جي جن صنفن تي طبع آزمائي ڪئي تن ۾ غزل، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، گيت، بيت ۽ وائيءَ کان علاوه خاص طور جاپاني شاعريءَ جي صنف هائيڪو ذڪر قابل آهن. تنوير عباسيءَ ڏانهن اهو به ڪريڊٽ وڃي ٿو ته هو پهريون سنڌي شاعر هو جنهن هائيڪو کي پهريان ترجمن وسيلي سنڌي ٻوليءَ ۾ متعارف ڪرايو ۽ پوءِ وري سنڌيءَ ۾ اصلوڪا هائيڪو لکيا. موضوع توڙي فن جي لحاظ کان سندس ڀرپور هائيڪو ان دور ۾ اسان جي سامهون آيا. اهڙن هائيڪن مان ڪجهه هتي ڏجن ٿا:

    جرڪيو اهڙي ريت،
    اونداهه ۾ ڄڻ ڪا کنوڻ،
    منهنجو روشن گيت.

    هوريان وهندڙ واهه،
    پاڻيءَ تي پاڇا لُڏن،
    ترڪي وڃي نگاهه.

    هي جي ساوا پن
    ۽ هو ڳاڙهيون پنکڙيون،
    ڪنهن جا ويس ۽ ون.

    ڪنهن جو چوريو چنگ،
    ۽ ڇرڪي آواز کان،
    اڏري ويو هو ڪنگ،
    (سج تريءَ هيٺان)

    هائيڪو جو حُسن منظر نگاري آهي. ان ڪري بنيادي طور اها عڪسي شاعري آهي. تنوير جي مٿين هائيڪن ۾ به اهي ئي عڪس ۽ اولڙا نظر اچن ٿا. پهرين هائيڪي ۾ پنهنجي روشن گيت کي اوندهه ۾ چمڪندڙ کنوڻ سان تشبيهه ڏئي ٿو، يعني گيت جيڪو هڪ غير مادي چيز آهي، کي فطرت جي لقاءَ سان گڏائي پيش ڪري ٿو. ٻئي ۾ جماليات سان ڀريل منظر پيش ڪندي هوريان وهندڙ واهه تان لڏندڙ پاڇن تان نگاهه جي ترڪي وڃڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، ٽئين ۾ ساون پنن ۽ پنکڙين کي ڪنهن جا ويس ۽ ون سڏي حسن ۽ رنگن جي دنيا پَسائي ٿو ته چوٿين ۾ وري چنگ جي آواز تي ڪنگ جي اڏرڻ جو حسين منظر چٽي ٿو. اهي سمورا هائيڪا منظرن ۽ آوازن جو جھرمٽ محسوس ٿين ٿا. تنوير عباسي نه فقط اصلوڪي هائيڪو جي موضوعي ۽ فني تقليد ڪئي، پر ان حوالي سان نئون تجربو ڪندي ان ۾ جذبات نگاري به ڪئي آهي. بعد ۾ انهن هائيڪن ۾ ڪن شاعرن گهاڙيٽي جي لحاظ کان به تبديليون آنديون، جن کي اڳتي هلي ٽيڙو يا ٽه سٽو سڏجڻ لڳو، تنوير جي اهڙن موضوعي ۽ فني تبديليءَ وارن هائيڪن (ٽيڙن) ۾ هيٺيان ڳڻائي سگهجن ٿا:

    تون آهين ڪوگيت
    لڇندي منهنجي روح ۾،
    جاڳائي سنگيت.

    تون آهين سا ٻاجهه،
    هر ماڻهو مظلوم لئه،
    جا وجهندي آ واجهه.

    ماڻهو ڪورئيڙي مثال آهي،
    پاڻ مان نڪري جا ڪڍي ٿو ڄار.
    جنهن ۾ ٿو پنهنجو پاڻ ڦاسائي.

    جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو ته تنوير عباسي ترقي پسند تحريڪ جي اثر هيٺ ٻوليءَ، موضوع توڙي اسلوب جي حوالي سان روايتي شاعريءَ کان بغاوت ڪئي. ان سلسلي ۾ ان دور ۾ تنوير جي شاعريءَ جي ٻوليءَ جو جائزو وٺون ٿا ته ان ۾ نج سنڌي لفظن جو خوب استعمال نظر اچي ٿو ۽ اوپرائپ جو احساس ڪٿي به محسوس نٿو ٿئي. ان دور واري شاعريءَ ۾ هو جوت، هوت، ڳڻ، ڳڀرو، نينهن، ساڻيهه، اجهل، ڪهل، ڪانئر، پرين، پرڀات، سانجهه ۽ سرتيون جهڙا خوبصورت لفظ استعمال ڪري ٿو. نج ٻوليءَ ۽ حسين استعارن جي استعمال توڙي معنوي ندرت جي حوالي سان خاص طور ان دوران سندس لکيل “سرُ ڪيڏاري” جا بيت ڏاڍا اهم آهن. هتي نموني طور انهن مان ڪجھ ڏسو.

    ڌڌڪا دونهان ڌڪ، چوٽون چيٽون چوطرف،
    سوڀارا ٿيندا اهي، جي نه لکائن لڪ،
    آهي مونکي پڪ، ماڻيندا اهي ماڳ کي.
    (شعر)

    هيءُ واريءَ جو ڪوٽ ۽ هوءَ مکڻ جي ماڙي،
    ٻرندا ائين جيئن ٽهي وڃي، تاڙيءَ سان آڙي،
    ڏيئي اماڙي، ساڙيو جهوني ڪوٽ کي.
    (هيءَ ڌرتي)

    ويريءَ سان وڙهي، آيو جنهن جو ڪانڌ آ،
    سا وَني گل گلاب جيئن، آهي پئي ٽڙي،
    سرتيون سڀ مڙي، ڏين مبارڪ ان کي.
    (هيءَ ڌرتي)

    مٿيان بيت ڪنهن به ريت ڌاريائپ جو احساس نه ٿا ڏين، نه ٻوليءَ جي لحاظ کان ۽ نه ئي موضوعن جي لحاظ کان. اهي بيت نج سنڌي ٻوليءَ ۽ خوبصورت شعري لفظيات جو مظهر آهن. انهن ۾ رومانويت ناهي پر رزميت آهي، ويڙهه، جنگ ۽ جوڌن جي ڳالهه آهي، بغاوت ۽ انقلابيت جو سنيهو آهي.
    تنوير عباسي پنهنجي شاعريءَ جي ٻئي دور ۾ “سُرڪيڏارو” جي سِري هيٺ پنهنجن ٽنهي شعري مجموعن ۾ وايون ۽ بيت آندا آهن. جن جو موضوع ڌرتي، قوميت، بغاوت، مزاحمت ۽ آزادي آهي. هن انهيءَ سُر ۾ ظلم ۽ تشدد جو شڪار ٿيل سنڌ جي اهڙن جوڌن ۽ شهيدن کي به خراج پيش ڪيو آهي. جن هوشوءَ واري نعري “مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون” تي عمل ڪندي پنهنجي سرن جو سودو ڪيو. ملڪ نديم، تنوير جي سُر ڪيڏاري جي حوالي سان لکي ٿو ته “تنوير سنڌي قوم جي آزارن کي آڏو رکندي مزاحمتي شعور سان ڀرپور “سُر ڪيڏارو” تخليق ڪيو.” (17)
    رومانيت شاعريءَ حسن ۽ جوهر آهي، ان ڪري اهو موضوع ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڪڏهن به ختم نه ٿيو آهي. جيسيتائين انسان ۽ محبت جو احساس موجود هوندو تيسيتائين اهو موضوع تازو رهندو. ها باقي ان جي اظهار جو انداز تبديل ٿي سگھي ٿو. تنوير عباسيءَ جي هن دور واري شاعريءَ ۾ به ٻين موضوعن سان گڏوگڏ سندس پهرئين دور واري شاعريءَ وانگر رومانوي موضوع پڻ ڀرپور نموني ملن ٿا، پر هن دور ۾ ٻوليءَ ۽ اسلوب جي لحاظ کان سندس اظهار جو انداز ڪجهه مختلف آهي. هن جي غزلن ۾ ناسي اکڙين ۽ جاڙن ڀرون وارن ماڻهن کان وٺي دلبر جي ديدار تائين رومانويت جي جهلڪ ملاحظه ٿئي ٿي:

    ناسي اکڙين وارا ماڻهو،
    جاڙين ڀرون وارا ماڻهو،
    منهنجي حياتي منهنجو جياپو،
    منهنجي خوشي تو پارا ماڻهو.
    (شعر)

    تنهنجي محفل ۾ اچڻ ٿو چاهيان،
    تنهنجو ديدار ڪرڻ ٿو چاهيان.
    توسان مان عشق جو اظهار ڪري،
    تنهنجي حيراني ڏسڻ ٿو چاهيان.
    (شعر)

    جُهڙ ٿيو مينهن ٿو وسي سائين،
    ڪوئي دل منهنجي ٿو کسي سائين،
    ڀل چوي پوءِ چنڊ کي سهڻو،
    پهرين منهنجو پرين پسي سائين،
    هن حياتيءَ تي ڀروسو ٿي ويو،
    پيار جي ئي ته ڀروسي سائين.
    (شعر)

    تنوير عباسيءَ جي اهڙي رومانوي شاعريءَ ۾ حقيقت نگاري ۽ اجھل پڻو چٽو نظر اچي ٿو. هو شاعريءَ کي حجاب جي پردن ۾ ڍڪي اظهارڻ نه ٿو چاهي نه ئي پنهنجي دل جي اڌمن کي دٻائي رکڻ پسند ڪري ٿو. هو پنهنجن خواهشن جو اظهار کلي عام ڪري ٿو ۽ اهڙي اظهار ۾ شاعراڻو حسن ۽ بيساختگي جھلڪي ٿي.

    سادا، سهڻا، مٺڙا، آءُ چپن سان توکي لايان،
    آءُ ته سمجھي بيت ڀٽائيءَ جو مان، توکي ڳائيان.
    (شعر)

    شرم ٻوٽي ڇهڻ سان ڪومائجي،
    توکي هٿ لايان، تون ٽڙي ٿي پوين.
    (شعر)

    تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ ۾ نج سنڌي ٻوليءَ جي استعمال جي سلسلي ۾ مٿي ڪجهه مثال پيش ڪيا اٿم، انهيءَ حوالي سان سندس ٻيا به ڪيترائي غزل ۽ نظم پيش ڪري سگهجن ٿا. امداد حسيني لکيو آهي ته “تنوير وٽ ٻوليءَ جي اهميت صرف هڪ واٽ، هڪ وسيلي واري آهي ۽ بس. ۽ ان جي ڪارائتي ۽ بامقصد واهپي جي اهميت کان تنوير پوري ريت باخبر آهي.” (18) سليس ۽ سهڻي سنڌي ٻوليءَ جي لحاظ کان تنوير جو هيٺيون رومانوي نظم “منهنجي دل ٿي چوي” خاص طور تي پڙهڻ وٽان آهي.

    تنهنجي اکڙين جي روشن ڏيئن جي اڳيان،
    ڪنڌ پنهنجو جهڪائي مان ويهي رهان،
    تنهنجي ئي روشني ۾ مان توکي ڏسان،
    ان کان ٻاهر جتي جوت ڪائي پسان،
    منهنجي دل ٿي چوي سا وسائي ڇڏيان،
    جا سوا پيار جي سوز جي ٿي ٻري،
    منهنجي دل ٿي ٻري،
    منهنجي دل ٿي چوي،
    منهنجي دل ٿي چوي،
    پيار جي اڻ لکي نرم ٿيان مان نظر،
    ماڻڪين کي مان تنهنجي ڪيان پنهنجو گهر،
    تنهنجي اکڙين جي ڳڙکين مان واجهون وجهان،
    تنهنجي نظرن ۾ توريءَ ڏسان پاڻ کي.
    منهنجي دل ٿي چوي.
    منهنجي دل ٿي چوي.
    (شعر)

    مٿيون نظم ٻولي جي سلاست جي حوالي سان ئي نه پر رواني ۽ نغمگيءَ جي حوالي سان به دل لڀائيندڙ آهي. ان نظم ۾ اکڙين جا ڏيئا يا اکڙين جون ڳڙکيون جهڙا استعارا به آهن ته “پيار جي اڻ لکي نرم ٿيان مان نظر” جهڙي سٽ وسيلي اهو رومانوي احساس سان تار به نظر اچي ٿو. يا وري پرين کي نظرن ۾ تورڻ وارو اصطلاح به ڏاڍو وڻندڙ آهي.
    مجموعي طور تنوير عباسيءَ جي ٻئي دور (ترقي پسند دور) واري شاعري پنهنجن موضوعن توڙي ڊڪشن جي لحاظ کان نهايت جديد ۽ ڀرپور نظر اچي ٿي. هن دور ۾ سندس شاعريءَ تي ترقي پسند تحريڪ واري ڇاپ صاف ظاهر آهي. ان دوران هن جيڪا قومي ۽ انقلابي شاعري لکي، ان کي ڀرپور موٽ ملي. ون يونٽ تحريڪ واريءَ جدوجهد دوران سندس مزاحمتي شاعري هن دور جو اهم باب آهي. ٻين شاعرن سان گڏوگڏ تنوير عباسي هن دور ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ موضوع، ٻولي توڙي هئيت جا ڪامياب تجربا ڪيا ۽ هن هڪ جديد ۽ ترقي پسند شاعر طور پاڻ مڃرايو.

    3. جديد دور جي شاعري
    تنوير عباسيءَ جي ٽئين دور (جديد دور) واري شاعري 1986ع کان 1996ع تائين يعني ڏهن سالن جي عرصي تي مشتمل آهي. جيتوڻيڪ تنوير جو انتقال 1999ع ۾ ٿيو، پر پوين ٽن سالن ۾ شاعريءَ طرف سندس گهٽ لاڙو رهيو ۽ جيڪڏهن ڪي هيڪڙ ٻيڪڙ شعر لکيائين به ته اهي منظر عام تي اچي نه سگهيا. ان ڪري هتي 1996ع تائين هن جي جيڪا شاعري منظر عام تي آئي، ان جو جائزو پيش ڪبو. پوين ڏهن سالن ۾ تنوير جي شاعريءَ جا ٻه مجموعا اسان جي سامهون آيا، جن ۾ 1. تنوير چئي 1989ع ۾ 2. ساجن، سونهن، سرت 1992ع شامل آهي. پهرئين مجموعي ۾ 1985ع تائين ڇپيل چارئي ڪتاب ۽ ٽي سال وڌيڪ يعني 1988ع تائين جي شاعري شامل آهي. جڏهن ته ٻئي ڪتاب ۾ 1988ع کان 1996ع تائين جي شاعري شامل آهي.
    تنوير عباسيءَ جي جديد دور واري شاعريءَ کي الڳ ڪرڻ جو اهو مطلب هرگز نه آهي ته ان دور ۾ هن ڪو پنهنجي شاعريءَ ۾ ترقي پسند فڪر کي ترڪ ڪري ڇڏيو آهي، ها البته ايترو ضرور آهي ته ان دوران سندس شاعريءَ ۾ موضوع ۽ هيئت جون وڌيڪ تبديليون آيون آهن. تنهنڪري تنوير جي شاعريءَ جو هڪ نئون رخ اسان جي سامهون اچي ٿو.
    تنوير عباسي جي چوڻ مطابق “هر دور جي شاعري ان دور لاءِ جديد هوندي آهي” (19) هو پنهنجي مضمون “جديد سنڌي شاعري” ۾ لکي ٿو: “هر دور ۾ ڪي شاعراڻيون روايتون ڇنڊجي ڇڻي وينديون آهن، ته وري ڪن نين روايتن جو بنياد پوندو آهي. موت سدائين زندگيءَ جي خوراڪ رهيو آهي. نه فقط مادي دنيا ۾ زندگي موت جي سهاري ٿي پلجي، پر ذهني دنيا ۾ پڻ ڪي ادبي نظريا مرجهايو ۽ مريو وڃن ته ڪي جيئرا اٿن. هڪ افق تي ڪيئي سج نڪرن. ٺاهه ۽ ڊاهه فطرت جو ازلي اصول آهي.” (20) ساڳئيءَ طرح تنوير جي شاعريءَ ۾ پڻ وقتاَ فوقتاَ اهو تغير ۽ تبديلي ايندي رهي. فني ۽ فڪري حوالي سان سندس ان دور واري شاعري ڏاڍي خوبصورت آهي. اياز گل، سندس آخري دور واري شاعريءَ متعلق ڪجهه هن طرح پنهنجا ويچار ونڊي ٿو: “فطرت ۽ محبت جي شاعر طور سڃاپجندڙ تنوير عباسيءَ جي شاعري پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جيان اڄ به جذبا جاڳائيندڙ ۽ من ڪتڪائيندڙ آهي، خيالن جي اڏام اتاهين کان اتاهين ۽ فن جي گهرائي پاتالن تائين پهتل. فطرت جي سونهن جي سندس شاعريءَ ۾ موجودگي ڊسمبر جي صبح ۾ اس جي تڙڪي وانگر وڻندڙ ۽ مزو ڏيندڙ آهي. تنوير ڌرتيءَ جو شاعر آهي. ڌرتيءَ جي ماڻهن جو شاعر آهي، دل وارو آهي ۽ دل وارن جو شاعر آهي.” (21)
    تنوير عباسيءَ جي آخري دور واري شاعريءَ ۾ جيتوڻيڪ موضوعاتي حوالي سان ڪٿي ڪٿي هن جي روايتي شاعريءَ ڏانهن موٽ به نظر اچي ٿي، پر هن پنهنجي فنڪاراڻين صلاحتين سان انهن پراڻن موضوع کي به سهڻي ۽ سليس ٻوليءَ جو لباس پارائي اظهار جي نئين قالب ۾ وجھي جيڪا جدت بخشي آهي، ان جو جواب ناهي، سندس واين مان ئي مثال ڏسو:

    تنهنجي نيڻ نهار، جهڙي مند بهار،
    کڻ اکيون کل يار !!!
    وهه وهاٽيل تو بنا، لڳي سڄو سنسار،
    کڻ اکيون کل يار !!!
    (سجن، سونهن، سرت)

    رات جي راڻي رات جو سرهي،
    سڄڻ سدا سرهاڻ
    هي سڳنڌ سندا اوٻارا،
    اچڻ سندا اهڃاڻ
    (ساجن، سونهن، سرت)

    آمهون سامهون ويهي، تو تنوير سان ٻوليو،
    جرڪيو جرڪيو جيئڙو.
    (ساجن، سونهن، سرت)

    تنوير عباسيءَ جي پهرئين دور واري فارسي زده شاعريءَ ۾ محبوب جي سراپا، سندس ناز، ادا، مرڪڻ، شرمائڻ، ۽ نظرن جي گهاون سان گڏوگڏ درد و الم ۽ آه و فغان جو تذڪرو چوٽ تي نظر اچي ٿو. تنوير ان وقت اهڙي قسم جا ڪيترائي شعر چيا. مثال:

    وڃي ٿي غرق غم دو جهان جنهن ۾ اي دوست!
    جهانِ غم ۾ اٿم اهڙي چشمِ تر جي تلاش،
    (رڳون ٿيون رباب کان اڳ ۾)

    غم ڏيڻ آهي تنهنجي ئي وس ۾
    اشڪ هارڻ ته منهنجو ڪم آهي
    (رڳون ٿيون رباب کان اڳ ۾)

    جديد دور واري شاعريءَ ۾ پڻ تنوير غم ۽ الم جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ درد سان ڀرپور غزل لکيا آهن، پر انهن کي پڙهڻ سان نج سنڌي ٻوليءَ جي سرهاڻ پئي محسوس ٿيندي ۽ لفظ لفظ گلاب جيان پيو ڀاسندو. “ساجن، سونهن، سرت” مان تنوير جو هي غزل ڏسو.

    ايترا لڙڪ ڪو اگهي نه سگهي،
    گهاو ايڏا جو ڪو سبي نه سگهي.
    درد ايڏا جو ڪو ڳڻي نه سگهي،
    بار ايڏا جو ڪو کڻي نه سگهي،
    دل ۾ ايڏيون ته ڳالهيون آهن،
    جي ٻڌايان ته ڪو ٻڌي نه سگهي،
    هن سان ايڏي ڪجي محبت جو،
    جي رسڻ چاهي ته به رسي نه سگهي،
    ٻيا سڀئي داغ ڌوپجي ٿا وڃن
    درد جو داغ ڌوپجي نه سگهي.
    (ساجن، سونهن، سرت)

    شاعريءَ جو اهو لهجو جديد آهي. مٿين غزل ۾ ڳالهه ته غزل جي روايتي موضوع سان لاڳاپيل آهي پر ان ۾ ڪو به لفظ اجوڳو ۽ اوپرو محسوس نه ٿو ٿئي. اهي احساس هزارين شاعرن پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪيا هوندا ته تنوير عباسي انهن کي بلڪل پنهنجو لهجو ڏنو آهي، ان لهجي جي سونهن ۽ اظهار جي جديد انداز ئي سبب ئي هن جديد شاعرن ۾ اهم مقام ماڻيو.
    تنوير عباسي سچل جي نگريءَ جو پانڌيئڙو هو، ان ڪري منڍ کان وٺي مٿس صوفياڻو رنگ ڇانيل نظر اچي ٿو. هن ان سٽ کي چڱيءَ پر پرکيو هو ته “صوفي صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو” هو سچل واري واٽ وٺندي “جو ئي آهيان سو ئي آهيان” وارو نعرو به هڻندي نظر اچي ٿو ۽ ڪٿي ڪٿي ته ڏاڍو بيباڪي وارو اظهار ڪري ٿو. هن وٽ “سبحاني ما اعظم شاني” وارو ورجاءُ ان سرمستيءَ ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جيڪا سنڌ ۾ سچو جي ئي سڃاڻپ هئي.

    مان ئي آهيان پنهنجو جاني،
    سبحاني ما اعظم شاني.
    (هيءَ ڌرتي)
    تنوير عباسيءَ جي جديد دور واري شاعريءَ ۾ پڻ صوفياڻي فڪر جو ڪافي رنگ ملي ٿو ۽ هو تصوف جي عميق ساگر ۾ غرق نظر اچي ٿو.

    آءٌ اُگهاڙو آهيان ڇو جو،
    ويس دوئيءَ جا لاهيان ٿو.
    (ساجن، سونهن، سرت)

    وڄون منجهه وجود، آهن آديسين جي،
    نه ڪو ڪن رڪوع ۽، نه ڪو ڪن سجود،
    پنهنجو پاڻ ئي غيب سي، پنهنجو پاڻ شهود،
    جي آهيان موجود مان، آهي حق موجود،
    تون ڀي لامحدود، مان ڀي لامحدود.
    (ساجن، سونهن، سرت)

    اها حق موجود جي صدا، غيب ۽ شهود جون ڳالهيون ۽ لامحدوديت جون رمزون خالص تصوف جا اصطلاح آهي، جن کي تنوير جديد فڪر سان ڳنڍي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي. صوفي محبت جا پيغامبر هوندا آهن، سندن دليون دوئيءَ جي دز سان ميريون نه هونديون آهن. هو محبت کي ئي سڀ کان وڏي عبادت تصور ڪندا آهن. بقول تنوير:
    نه ڪا رياضت نه ڪا عبادت،
    رڳو محبت، رڳو محبت.
    (ساجن، سونهن، سرت)

    ڊاڪٽر اياز قادري، تنوير عباسيءَ جي غزلن تي راءِ ڏيندي لکي ٿو: “هن جي غزلن جي ٻولي ڌارين لفظن کان پاڪ هوندي آهي جنهن ڪري سندس غزل ۾ ميٺاج ۽ دلڪشي آهي، سندس خيالن ۾ پرهه ويل ٽڙيل ٽانگر جي گلن جهڙي دلفريبي آهي.” (22) فني حوالي سان تنوير جي غزلن جو مطالعو ڪبو ته معلوم ٿيندو ته تنوير غزل ۾ نواڻ آندي آهي. خاص طور هن ننڍي بحر ۾ نهايت خوبصورت غزل لکيا آهن. جيتوڻيڪ اهڙا غزل سندس ٻئي دور واري شاعريءَ ۾ پڻ ملن ٿا، پر خاص طور ٽئين دور واري شاعريءَ ۾ اهڙن غزلن جو تعداد وڌيڪ نظر اچي ٿو. اهڙن غزلن جي نئين ٽهيءَ جي نوجوانن پڻ تقليد ڪئي آهي ۽ سهڻا غزل سرجيا آهن. تنوير جو ننڍي بحر ۾ لکيل هڪ خوبصورت غزل ڏسو:

    مون ته گلاب لڳايا آهن،
    پوپٽ پاڻهي آيا آهن،
    پيار جا سانگ سجايا آهن،
    ٻيا سڀ ڪم اجايا آهن،
    تنهنجا ٽهڪ گلن جي صورت،
    بسنت رت ورجايا آهن،
    سو مجبوريءَ جا افسانا،
    تنهنجيءَ سانت ٻڌايا آهن.
    (ساجن، سونهن، سُرت)

    اهو اظهار جو نج ۽ نئون قالب آهي، اِها اُها تازگي آهي، جيڪا جديد سنڌي شاعريءَ جي سڃاڻپ بڻي. تنوير جديد سنڌي شاعرن جي ان سٿ، جنهن سنڌي غزل کي گيڙو ويس غزل بڻايو ۾ ان ڪري معتبر نالو آهي جو هن فن ۽ اظهار جي ان روايت کي اڳتي وڌايو ۽ شاعريءَ جي موضوعن ۽ نئين ڪرافٽنگ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
    تنوير عباسي پنهنجي شاعريءَ جي پوئين دور ۾ جاپاني صنف هائيڪو ۾ ڪافي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ ٻين صنفن سان گڏوگڏ خوبصورت منظر نگاريءَ وارا ڪيترائي هائيڪو لکيا آهن. اصل ۾ تنوير عباسي ئي اهو ليکڪ هيو جنهن پهريون ڀيرو سنڌي ٻوليءَ ۾ هائيڪو ترجمو ڪيا ۽ ان جي فن جي ڄاڻ ڏني. هو پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هائيڪو بابت ٻڌائي ٿو ته “ هائيڪو هڪ مختصر صنف آهي، جيڪا صرف جھلڪ ٿي ڏيکاري، ڪنهن به شي جي تفصيل ۾ نه وڃي. هائيڪو شاعريءَ جي تشبيهه جاپاني شاعريءَ جي پينٽنگ سان ڏني وئي آه. جاپاني پينٽنگ ۾ رڳو خاڪا يا آئوٽ لائين هوندي آهي، ته هائيڪو به اوهان کي هڪ خاڪو ڏئي ٿو.” (23) هيٺ سندس ئي لکيل ڪجھ هائيڪن ۾ اهڙا خوبصورت خاڪا ڏسو:

    آيو اونهارو،
    پنکڙيون ڇڻنديون ويون،
    ڦٽڻ لڳو ميوو.

    واهه ۾ تڙڳن ٻار،
    اڀ تي ڳاڙهو سج آ،
    پرتي لال ليار.

    پن ڇڻ جي سانجهي،
    دز رليل ڪرڻا هئا،
    هر شيءِ ميرانجهي.

    نوريئڙو ڊوڙيو،
    ٽار لڏي ٻير جي،
    پڪل ٻير ڪريو
    (ساجن، سونهن، سرت)

    مٿيان سمورا هائيڪا پنهنجي نج سڃاڻپ يعني منظرنگاري جي حوالي سان شاندار هائيڪا آهن. هر هائيڪي ۾ هڪ دل ڇهندڙ منظر آهي ۽ اهي منظر فطرت جي هنج مان کنئيل آهن. بهرحال منظر نگاري ۽ محاڪات جيڪا هائيڪو جو حسن آهي ان سان تنوير سٺو نڀاءُ ڪيو آهي.
    تنوير عباسيءَ جي جديد دور واري شاعريءَ جا نظم به پنهنجي خوبصورت ٻوليءَ ۽ گهاڙيٽن جي اعتبار کان پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سندس هن دور واري شاعريءَ ۾ ڇرڪائيندڙ موضوعن وارا ڪيترائي نظم پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. اهڙن بهترين نظمن ۾ “مسجد مندر“، “حضرت عيسيٰ“، “مذهب مسلڪ” وغيره ڳڻائي سگهجن ٿا.
    ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي نئين دور واري شاعريءَ ۾ انقلابي زبان کان وڌيڪ صوفياڻي محبت وارو لهجو ۽ رومانوي رنگ جهلڪي ٿو. ان دوران هن سنڌي شاعريءَ جي مختلف صنفن تي جيڪا طبع آزمائي ڪئي، ادب جي گهڻ گهرين ان جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ائين سندس شاعراڻي جوت ۾ اڃا اضافو آيو. مولانا غلام محمد گرامي، تنوير عباسيءَ جي سموري شاعريءَ تي مجموعي تبصرو ڪندي پنهنجي تاثر ۾ لکي ٿو: “تنوير پنهنجي فن ۽ شاعريءَ جي هر صنف کي حسين کان حسين بڻائڻ جي سلسلي ۾ جي فني تجربا ڪيا آهن، انهن کيس ادب ۾ وڏو مقام ڏنو آهي. ان لحاظ کان سنڌي ادب ۾ چوٽيءَ جي وڏن شاعرن ۾ کيس جڳهه ملي چڪي آهي. محبت، باهمي اخوت، انسانيت، عام جو تصور ۽ حب الوطني سندن فن جا مکيه عناصر آهن. اهي ئي قدر آهن جن کي عالمي قدر چيو ويو آهي. جي سندس شاعريءَ جي جان آهن.” (24)
    هن اڀياس مان اسان کي معلوم ٿيو ته هر شاعر الڳ الڳ دورن مان گذرندي ارتقائي سفر طئي ڪري ٿو ۽ آهستي آهستي سندس فڪر ۽ فن ۾ ندرتون اچن ٿيون. هن مطالعي کان پوءِ اسان چئي سگھون ٿا ته تنوير عباسي سنڌي شاعريءَ جي ارتقائي سفر ۾ اهم شاعر واري حيثيت رکي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ نه ته فڪر، تخيل ۽ تصور جي ڪمي آهي ۽ نه ئي اعلى قسم جي فن جي. اهو ئي سبب آهي جو نياز همايوني تنوير جي شاعريءَ تي راءِ ڏيندي لکيو هو ته: “سندس شاعريءَ ۾اهي سڀ خوبيون نظر اچن ٿيون جيڪي ڪنهن شانائتي شاعريءَ ۾ جهلڪنديون آهن.” (25) تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ ۾ هڪ ئي وقت آمد ۽ آورد واريون خوبيون موجود هيون. هن پنهنجي شاعريءَ جي الڳ الڳ دورن ۾ جدا جدا موضوعن کي ڇهيو ۽ گڏ و گڏ فن جي پالوٽ پڻ ڪئي. هن سنڌي شاعريءَ ۾ نوان تجربا به ڪيا ته نيون صنفون پڻ متعارف ڪرايون. هن جي شاعري قدامت کان جدت، فارسيت کان نج سنڌي لهجي تائين جي سموري سفر ۾ پنهنجي ڌار مقام رکي ٿي. تنوير عباسي وٽ تصوف، انسان دوستي ۽ وطن دوستي جهڙا موضوع عام جام ملن ٿا، هن جي شاعريءَ ۾ رومانويت، مزاحمت ۽ انقلابيت جو روح موجود آهي. هو شاعريءَ جي آرٽ ۽ ڪرافٽ کان چڱيءَ پر واقف هيو، ۽ کيس شعري فن ۽ نزاڪت جي پروڙ هئي. هن وٽ نيون تشبيهون، اصطلاح، استعارا، علامتون ۽ محاڪات موجود ملن ٿا. هن جي شاعريءَ بابت تاج بلوچ جي هيءَ راءِ ڏاڍي وزنائتي آهي ته “جديد سنڌي شاعريءَ کي جيڪڏهن بيوس ٺاهيو ۽ نئون موڙ ڏنو ته ان کي اجارڻ ۽ سنوارڻ ۾ شيخ اياز کان پوءِ جيڪو نانءُ چٽائيءَ سان اڀريل نظر اچي ٿو اهو آهي تنوير عباسي.” (26) تنوير عباسي جي شاعريءَ جي مجموعي مطالعي مان اسان اهو نتيجو ڪڍي سگھون ٿا ته هو جديد سنڌي شاعرن جي صف جو هڪ اهم شاعر هيو، جنهن جو ڪلام گھڻ رخو، گھرو ۽ جديد آهي.

    حوالا
    1. ڪريمي غفور (ايڊيٽر) پندرنهن روزه “عبرت مئگزين” انٽرويو (رڳون ٿيون رباب) انٽرويو وٺندڙ: انعام شيخ، اياز گل ـــ 15 جنوري 2000 ص 14
    2. ڪريمي غفور (ايڊيٽر) پندرنهن روزه “عبرت مئگزين” تاثر، قمر شهباز 15 جنوري 2000ع، ص 20
    3. ڪريمي غفور (ايڊيٽر) پندرنهن روزه “عبرت مئگزين” انٽرويو (رڳون ٿيون رباب) انٽرويو وٺندڙ: انعام شيخ، اياز گل ـــ 15 جنوري 2000 ص 15
    4. امداد سحر، “تنوير عباسيءَ جي پنهنجي اصل ڏانهن مراجعت” ڪينجھر 4، سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، 1990ع ص 156
    5. بلوچ تاج، “لفظن جو ماتم“ڪلا اڪيڊمي ڪراچي
    6. امداد سحر حوالو ساڳيو ص 157
    7. ڪريمي غفور (ايڊيٽر) پندرنهن روزه “عبرت مئگزين” انٽرويو (رڳون ٿيون رباب) انٽرويو وٺندڙ: انعام شيخ، اياز گل ـــ 15 جنوري 2000ع ص 14 (هي انٽرويو ان کان اڳ 1990ع ۾ ماهوار پروڙ ۾ ڇپيو)
    8. ساڳيو
    9. عباسي تنوير “رڳون ٿيون رباب” آگم پبلشنگ ايجنسي حيدرآباد، سنڌ، ٻيون ڇاپو 1979ع ص 7
    10. ساڳيو ص 10
    11. ساڳيو ص 9
    12. ساڳيو ص 10
    13. عزيز احمد ڊاڪٽر “ترقي پسند ادب“
    14. انور سديد ڊاڪٽر “اردو ادب ڪي مختصر تاريخ” ص ...
    15. ڪريمي غفور، حوالو ساڳيو
    16. عباسي تنوير “سج تريءَ هيٺان” (مهاڳ: ڪوتا مارڳ: پٿون پير ــ امداد حسيني)، نذر سنز لميٽيڊ حيدرآباد، پهريون ڇاپو 1977ع ص 12
    17. گل اياز (چونڊ ۽ ترتيب) “زندگي گھارجي مرڪي مرڪيِ” (ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي خاص اشاعت، ادبي ۽ ثقافتي ڪاميٽي ــ شاهه عبد اللطيف يونيورسٽي خيرپور، سنڌ 25 نومبر 2000ع، ص 9
    18. عباسي تنوير “سج تريءَ هيٺان” (مهاڳ: ڪوتا مارڳ: پٿون پير ــ امداد حسيني)، نذر سنز لميٽيڊ حيدرآباد، پهريون ڇاپو 1977ع، ص 15
    19. عباسي تنوير “ترورا” سهڻي پبليڪيشن حيدرآباد، 1988ع، ص 51
    20. ساڳيو ص 51
    21. ڪريمي غفور (ايڊيٽر) پندرنهن روزه “عبرت مئگزين” جي ماريا نه موت (مضمون) اياز گل ـــ 15 جنوري 2000 ص 25
    22. گل اياز حوالو ساڳيو ص 8
    23. ڪريمي غفور (ايڊيٽر) پندرنهن روزه “عبرت مئگزين” انٽرويو (رڳون ٿيون رباب) انٽرويو وٺندڙ: انعام شيخ، اياز گل ـــ 15 جنوري 2000ع ص 17
    24. گل اياز حوالو ساڳيو، ص 8
    25. عباسي تنوير “رڳون ٿيون رباب” تنوير جي شاعري ـــ نياز همايوني، آگم پبلشنگ ايجنسي حيدرآباد، سنڌ، ٻيون ڇاپو 1979ع، ص 12
    26. گل اياز حوالو ساڳيو، ص 9
    27.

    نوٽ: هن مقالي ۾ تنوير عباسي جي شاعري سندس هيٺين شعري مجموعن مان ورتل آهي.

    1. رڳون ٿيون رباب (ڇاپو پهريون)، 1958ع.
    2. شعر (ڇاپو پهريون)، 1970ع.
    3. سج تريءَ هيٺان (ڇاپو پهريون)، 1977ع.
    4. هيءَ ڌرتي (ڇاپو پهريون)، 1985ع.
    5. تنوير چئي (ڇاپو پهريون)، 1989ع.
    6. ساجن، سونهن، سرت، تنوير عباسي، (ڇاپو پهريون)، 1996ع.

    (تنوير عباسي جي ورسيءَ جي مناسبت سان 2002ع ۾ لکيل، جيڪو 2003ع ۾ “ڪلاچي” تحقيقي جرنل ۾ شايع ٿيو.)


    انور پيرزادي جي شاعري

    انور پيرزادي جي شاعري

    جيڪڏهن شاعري خوشيءَ جي لمحن جي ڪا ڌُن يا ڪنهن گلابي چپن جي مرڪ آهي ته شاعري اندر جو سڏڪو ۽ نيڻن مان ڪريل گرم ڳوڙهو به آهي. شاعري رڳو محبوب جي ناز ادا ۽ خماريل نيڻن جو ئي نالو نه آهي پر شاعري پنهنجي دور جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي تاريخ به آهي. ڪنهن ڏاهي چيو هو ته “جيڪڏهن ڪنهن قوم جي تاريخ گم ٿي وڃي ته ان دور جي شاعرن کي پڙهڻ کپي اها وڃايل تاريخ ملي ويندي.” ڪجھ اهڙي ئي ڳالهه تنوير عباسي به لکي آهي ته “شاعري تاريخ نويسي نه آهي، پر اها جذبن جي تاريخ نويسي آهي. هر شاعر ڪنهن نه ڪنهن دور ۾ رهندو آهي ۽ سندس شعور ۽ لاشعور تي ان دور جا اولڙا پوندا رهندا آهن، ائين چئجي ته هر شاعر جو شعر سندس دور جي جذبن ۽ احساسن جي تاريخ آهي ته غلط نه ٿيندو.” سنڌ جو شاعر صدين کان سجاڳ آهي. هن پرين جي زلفن جي ورن وڪڙن کان وڌيڪ پنهنجي ڌرتيءَ جي درد جي ڳالهه ڪئي آهي. ڀٽائي کان اياز ۽ اياز کان انور پيرزادي ۽ موجوده ٽهي تائين سڀني شاعرن پنهنجي پنهنجي دور جي گڏيل درد جي تاريخ پئي رقم ڪئي آهي.
    انور پيرزادي جي اڪيلي شعري مجموعي “اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان” پڙهڻ کانپوءِ محسوس ٿيو ته هن جي هيءَ شاعري سخت پيڙا ۽ اذيتن جي دور جي شاعري آهي. اهو ئي سبب آهي جو ان ۾ رومانوي رنگ بدران لفظن مان رت جا نير وهندي محسوس ٿين ٿا. هي نظم “ڪارنهن جا چُٽا” ئي پڙهي ڏسو.

    لڙڪ لاڙن ڪا نئين ڳالهه نه آهي جاني
    زندگي دور اڃا دور وٺي ويندي آ
    ايستائين جو لڙي لڙڪ سڪي ويندا هن.
    سرد ۽ زرد ڳلن تي ڪڏهين
    ڪوسڙو رت ٽمي پوندو آ
    ٿورڙو ترس اڃا ترس ڪٿي ڀيڻي آ
    زندگي دور اڃا دور وٺي ويندي آ...... الخ

    70 ۽ 80 وارن ڏهاڪن ۾ سنڌ جيڪو سورن جو سفر ڪيو. انور پيرزادي ان سموري درد ڪٿا کي پنهنجي شاعري ۾ بيان ڪيو آهي. هن جي اها شاعري گھڻو تڻو آزاد / نثري نظم جي فارم ۾ لکيل آهي.
    ون يونٽ جو زمانو هجي يا مارشلا جو دور انور انهن سمورين حالتن کي پوري سچائي سان پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهاريو آهي. هن جي شاعري ان دور جو ڪؤڙو سچ آهي، جڏهن ماڻهن جي چپن تي چُپِ جا تالا هئا ۽ ماٺ جي مم سڀني جا گوڏا چٽي چڪي هئي. انور پيرزادي جو نظم “ماٺ” ان ڊگهي خاموشي ۽ گڏيل بي حسي جي بهترين تصوير پيش ڪري ٿو.

    ماٺ جي مم ڪو ڪري جادو
    جڳ جا گوڏا چٽي وئي آهي
    آءٌ تارن جي ڇانو ۾ ويٺو
    هڪ مَنو ڪَنُ لائي زور ڏئي
    رات گذرڻ جو کڙڪو تاڙيان ٿو
    رات ڪاري نڀاڳي مم وانگي
    پير کڙڪو ڇپائي چورن جيان
    ڏينهن جي ترورن کي ڌوڪيندي
    اونهي ڏر ۾ وڃي لڪائيندي
    ماٺ جي مم ڪو ڪري جادو
    جڳ جا گوڏا چٽي وئي آهي.

    آءُ ڪيڏو به ڦتڪان لوچان ٿو
    ماٺ جي ڳنڍ مون کان ڪين ڀڄي
    دل چوي ٿي ته انڊپين ڀڃي
    ماٺ ۾ ماٺ وارا گيت گهٽيان
    من ڪو واڪو ٿئي ڪا ڪوڪ اٿي
    ماٺ جي ڳنڍ ڀڄي شور ٿئي...... الخ

    انور پيرزادي جي شاعري ان دور جي سينواريل ۽ بيٺل تلاءُ ۾ پٿر وانگر محسوس ٿئي ٿي، هن ان دور ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو ۽ محسوس ڪيو، ان کي هڪ بيباڪ تخليقڪار وانگر بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي بيان ڪيو. هو ان بي حسي واري خاموشي کي گُهٽي مارڻ جو خواهشمند هيو. هو ڪوڪون ۽ واڪا چاهي پيو، هن جو پيغام قومي سجاڳي هيو.
    انور پيرزادي هڪ شاعر جي حيثيت ۾ اهو ڪجهه لکيو جيڪو هن جي دل چيو. جڏهن به هن جا احساس تڙپيا تڏهن هن جو قلم جنبش ۾ آيو. هونءَ به ڪنهن جي جسم کي ته قيد ڪري سگهجي ٿو پر جذبن کي باندي نه ٿو بڻائي سگهجي. اڻ جهلين احساسن تي ڪنهن جو وس ناهي هلندو. انور جي شاعري سندس اندر جو اهڙو ئي اڌمو آهي جيڪو پاڻ ئي اظهار جا دڳ ڳولي وٺي ٿو.

    سير ڏئي هي رت ڪڍي وڃ
    پيرن هيٺان ڀونءِ ڇڪي وڃ
    هٿ جي هڪ هڪ آڱر لاهي
    گهڙي، ڇلهي ۽ ڇانگهي، ٺاهي
    ساڄي هٿ کي نَپُ هڻي وڃ،
    پوءِ چوين جئين
    تئين لکان.
    سج کي هڪڙي جاءِ ٻڌي
    پاڇن کي ڪو ونگ هڻي
    ڌرتي تان هي ڌوڙ ٻهاري
    ماڻهن کي هڪ جاءِ وهاري
    اوٻاسيون ۽ آهه کڻي وڃ
    پوءِ چوين جيئن
    تيئن لکان....

    زبان بنديءَ جي دور ۾ شاعرَ علامتن جو سهارو وٺندا آهن. انور پيرزادي جي گھڻي شاعري ان آمراڻي دور جو نوحو آهي، جنهن ۾ آڪسيجن گھٽجي ويندي آهي ۽ ماڻهو ساهه نه کڻي سگھندا آهن. اظهار تي پابنديون هونديون آهن. سچ جو نعرو بلند ڪندڙن جي زندان جون ديوارون آجيان ڪنديون آهن. ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ علامتن جا ميڙا آهن. انور جي اهڙن علامتي نظمن مان زندگي ۽ انجي تلخين جا مختلف روپ پسي سگهجن ٿا جيئن هن جي طويل نظم “زندگي هڪ آپريشن ٿيٽئر” ۾ آهي ته:

    زندگي
    هڪ آپريشن ٿيٽئر
    يا ته آهي ڪوس گهر،
    ڊاڪٽر تاريخ جا نابين روح
    پيٽ خالي ماڻهپي کي
    صبر جي انجيڪشن ڏئي
    چپ ٿا ويٺاسين.........
    زندگي جي بيل گاڏي:
    مسئلن جي گپ چڪ
    حالتن جي واچ مينهن ۽
    خواهشن جي قتل گاهن مان رڙهي
    بک جي جهولي منجهان
    اڃ جي جهاڪن مٿان،
    وقت جي ظلمن جي منهن ۾
    چيڪندي اڳتي وڌي ۽
    زندگي جي آپريشن ٿيئٽر ۾
    پگجي پئي..... الخ

    مٿيون نظم علامتن سان جھنجھ آهي. زندگي جو آپريشن ٿيٽر يا ڪوس گھر هجڻ، ڊاڪٽرن جو تاريخ جو نابين روح هجڻ، صبر جي انجيڪشن ڏيڻ، زندگيءَ کي بيل گاڏي سڏڻ، بک کي جھولا ۽ اڃ کي جھاڪا سڏڻ هن نظم ۾ هڪ انوکو اهڃاڻي نظام جوڙين ٿا.
    حقيقت ۾ درد دنيا جو سڀ کان وڏو سچ آهي ۽ سچ شايد دنيا جو وڏي ۾ وڏو درد آهي. شاعري درد جي زبان آهي ۽ شاعر دُکَ جا نقيب هوندا آهن. انور پيرزادي جي شاعري انهيءَ ازلي پيڙا جو تسلسل آهي خاص طور 04 اپريل 1979ع جي پس منظر ۾ لکيل هن جو نظم پڙهي ان ڳالهه ۾ يقين پختو ٿئي ٿو ته شاعر سڄي سماج جي درد کي پنهنجي سيني جو سور تصور ڪندا آهن ڇو ته شايد هو درد جي مٽي مان ڳوهيل هوندا آهن. انور جي نظمن “تعزير“، “مئي ڊي” ۽ “ڪڏهن ڪڏهن آءُ سوچيندو هان” ۾ پڻ ساڳيو تسلسل نظر اچي ٿو، جڏهن ته هن جو نظم “ٻارن جو عالمي ڏينهن” پنهنجي دور تي هڪ وڏي طنز آهي. ان کان علاوه انور پيرزادي جي شاعراڻي شهرت جو باعث بڻيل نظم “اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان” در اصل هڪ دانهن آهي جيڪا هڪ حساس دل شاعر جي من پاتال مان نڪتي آهي. هن نظم ۾ بيوسي جو اظهار به آهي ته التجا به.

    اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
    اڄ رات رنو آرت ڦڙو
    ۽ تارا سور پيئن ٿا پيا،
    هوءَ سانجهي سڏڪي روئي ٿي
    ۽ سوريءَ گيت چڙهن ٿا پيا
    توکي نه چوان ٻيو ڪنهن کي چوان
    اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان

    انور پيرزادي جي هن شعري مجموعي ۾ ٻن ڏهاڪن جي شاعري آهي ۽ 80 کانپوءِ هو شاعري تان ئي هٿ کڻي ويو. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس هي ڪتاب ئي هن جو شعري ڪليات آهي. مون کي لڳي ٿو هن جيڪو آخري نظم لکيو هوندو سو هي هوندو.

    ايترو وقت هجي
    زندگي ۾ پالهو ٿي
    پنهنجي ٻارن کي سمهاري ننڊ ۾
    دور سنڌو جي ڪناري ويهي
    هڪ نئون گيت لکان.
    جنهن جي ترنم ۾ سنڌو جون ڇوليون
    ڪنهن ڪنواري جي اڪيلائي جان
    ڦتڪنديون لڇنديون رهن
    ديس واسين کي وڃي ڌونڌاڙن
    ايترو وقت هجي.
    وقت جي وڙواند کان واندو ويهي
    هن بکئي پيٽ کي ڍوڍو ڏيئي
    ڪو ته سک جو ساهه کڻان
    هڪ نئون گيت لکان.

    هن نظم کان پوءِ هن پنهنجي شاعري وارو چيپٽر بند ڪري ڇڏيو. شايد هو گهڻو مصروف ٿي ويو. انور پيرزادي جنهن دور ۾ شاعري ڪئي اهو بيشڪ سنڌ جو هڪ ڏکيو دور هيو ۽ انور پنهنجي شاعريءَ ۾ ان ڏک جي تاريخ رقم ڪئي، پر هن وقت سنڌ جن حالتن مان گذري رهي آهي ۽ سنڌ جو ماڻهو جن مسئلن جو شڪار آهي تنهن لاءِ وڌيڪ سجاڳي ۽ جاگرتا جي ضرورت آهي ۽ اهو هن دور جي ڏاهن، ڏاتيارن ۽ ڪوتاڪار جو ئي ڪم آهي.

    (2007ع ۾ لکيل ۽ روزاني “عوامي آواز” جي ادبي صفحي ۾ ڇپيل.)


    ادل سومري جي شاعريءَ جا رنگ

    شاعري، اندر جي موسمن کي اظهار جي چپن تي آڻڻ جو نالو آهي، شاعري اها رمز آهي جنهن سان اندر جي دنيا حسين بڻائي سگهجي ٿي. ڪنهن ڪوتا ۾ جيڪڏهن روح کي گرمائڻ جي سگهه، فڪر جي تازگي، جذبي جي سچائي ۽ جولان نه آهي ته ان کي اڌورو ۽ بي اثر چئبو ۽ اهڙي شاعريءَ کي اڌرنگي ورتل (Paralyzed) شاعري ڪوٺبو. عبيد الله عليم جي اها راءِ ڪيڏي نه وزنائتي آهي ته “شاعري انساني وجود جي هڪ اهڙي خوشبو آهي جنهن کي رڳو محسوس ڪري سگهجي ٿو، شاعر جي زندگي ۽ ذات جي باري ۾ سندس معاشري ۽ ڪلچر جي باري ۾ حساب لڳائي سگهجي ٿو پر شعر جي ڪيفيت ۽ ذائقي کي منتقل نه ٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي محسوس ڪرائي سگهجي ٿو، جنهن کي فقط محسوس ڪري سگهجي ٿو.” اصل حقيقت اها آهي ته شاعر جنهن ڪيفيتن جي سمنڊ مان پاند پسائي لفظن کي احساسن جي زبان ڏئي ٿو، ان زبان کي انهيءَ ڪيفيت سان سمجهيو وڃي. تڏهن ئي ته فارسي جي ڪنهن شاعر چيو آهي:
    شعر گفتن گرچه در سفتن بُودڍ
    شعر فهميدن به از گفتن بُود

    (شعر چوڻ موتي پوئڻ وانگر آهي، پر شعر کي سمجهڻ شعر چوڻ کان به بهتر آهي.)

    ادب جي جديد لاڙن مان جديديت پڄاڻان (Post Modernism) جا حامي ته ان خيال جا آهن ته ‘تخليقڪار کان وڌيڪ تخليق يا قاري جي اهميت آهي، ڇو ته تخليقڪار جڏهن ڪو شاهپارو تخليق ڪري ڇڏي ٿو ته اتي تخليقڪار جو ڪم پورو ٿي وڃي ٿو ۽ اتان ئي پڙهندڙ جو ڪم شروع ٿئي ٿو. هر پڙهندڙ ان تخليق مان الڳ الڳ زاوين کان جدا جدا معنائون ۽ مفهوم ڪڍي ان کي گھڻ رخو بڻائي نکاريندو رهي ٿو اهڙي طرح تخليق کي ساڃاهڻ وقت تخليقڪار پس منظر ۾ هليو وڃي ٿو.’ رولان بارٿ لکيو آهي ته “لکڻ کان پوءِ ليکڪ مري وڃي ٿو. هن جو پوءِ پنهنجي لکڻيءَ سان ڪو تعلق نه ٿو رهي.” اها راءِ ان حد تائين هر ڪوئي قبول ڪندو ته هر ماڻهو پنهنجي فڪر، خيال، سمجهه ۽ ادراڪ آهر ڪنهن به تخليق کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. سو سخن فهمي جي انهيءَ پنڌ ۾ مان به هن مضمون وسيلي پنهنجي سوچ، عقل ۽ فهم آهر ادل سومري جي شاعري کي سمجھڻ ۽ پروڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    ادل پنهنجي وجود ۾ هڪ سٻاجهو ۽ محبتي ماڻهو آهي. مون سدائين هن کي هڪ معصوم دل رکندڙ لڄاڙي انسان جي روپ ۾ ڏٺو آهي. دوستن کي سدائين آجيان جا گل آڇيندڙ ادل ۾ حد درجي جي سهپ ۽ بردباري آهي. ان جو ثبوت عبدالغفار تبسم جي اها راءِ آهي ته “هو دوستن جي محبتن ۽ مذاق کي ڏاڍي فراخ دلي ۽ سهپ سان برداشت ڪندو رهيو آهي.” ادل جي ذات متعلق سندس سڀ کان ويجهي دوست اياز گل جي اها راءِ وزنائتي آهي ته “اسان جو يار (ادل) ماڻهو به آهي مکڻ، کلڻو ملڻو، يارن جو يار، جيڪو ڏس سندس درياه دلي ۾ تعريف جا پيو ڍڪ ڀريندو. مون کي به ڏاڍو وڻندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان سالن جا فاصلا گهڙي ۽ لتاڙي گڏجي هڪ ٿي ويا آهيون. سنڌ، سچ، سورهيائي، سونهن، سرهاڻ ۽ سورن جي شاعر جو نالو آهي ادل سومرو.” هڪ چيني چوڻي آهي ته “سٺن ماڻهن جي خوشبو هوا جي مخالف پاسي به پهچي ويندي آهي.” حقيقت ۾ ادل سومرو اهڙن ئي سٺن ۽ سٻاجھن ماڻهن مان آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته مهتاب محبوب سندس لاءِ هي لفظ نه لکي ها ته “ادل سومرو مون کي سدائين سٺين عادتن ۽ سهڻي اخلاق وارو هڪ عزتدار شخص لڳندو آهي.” هونءَ به ڪنهن به تخليقڪار جي فن کي تيستائين سٺي نظر سان نه ٿو ڏٺو وڃي جيستائين سندس ڪردار سماج لاءِ قابل قبول نه آهي. ناصر ڪاظمي چواڻي:
    بات کردار کی ہوتی ہے وگرنہ ناصر،
    قد میں انسان سے سایہ بھی بڑا ہوتا ہے۔

    ادل سومرو بنيادي طور ٻارن جو شاعر آهي، هن ٻاتل ٻولن وارن ٻالڪن لاءِ اهڙا گيت سرجيا آهن جن تي پيار اچي ٿو. رسول ميمڻ مطابق “ٻاراڻي ادب ۾ ته هن جو ڪو ثاني ڪونهي، منهنجي ذاتي راءِ آهي ته موجوده دور ۾ سنڌي ٻاراڻو ادب ادل سومري جي نالي سان ئي سڃاتو ويندو.” ادل جي ميچوئر شاعريءَ جا هن وقت تائين ٽي ڪتاب “وليون وڻ ڦلارئا“، “سمنڊ جاڳي ٿو” ۽ “وساري نه ڇڏجو” پڌرا ٿي چڪا آهن. انهن ٽنهي ڪتابن جي مطالعي کانپوءِ ادل کي هڪ پختي شاعر طور پرکي سگهجي ٿو. هن جيتوڻيڪ نثر ۾ به ڪافي ڪجهه لکيو آهي پر هن جي سڃاڻپ جو مضبوط حوالو شاعري ئي آهي. گلن، خوشبوئن، پوپٽن ۽ ٻارن سان دل وندرائيندڙ ادل جي شاعري ۾ اهڙو اظهار وري وري محسوس ڪري سگهجي ٿو.

    منهنجو روح سدائين ريجهيو
    خوشبو، گيتن، ٻارن سان.

    ادل سومري جي شاعري سندس ڪونئري دل جيان ڪومل احساسن سان ڀرپور آهي. مقصود گل جي لفظن ۾ “ادل سومري جي شاعريءَ کي پڙهڻ سان ائين معلوم ٿئي ٿو ته سندس شاعري جي سٽ سٽ مان محبت جي خوشبو پنهنجا ون ون جا واس وکيري پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي معطر ڪري ڇڏي ٿي. ٻارڙن سان محبت، ساڻيهه سان محبت ۽ ڌرتي ۽ سرتي سان محبت سندس شاعريءَ جا اهم موضوع آهن. گل، ستارا، خوشبو، چنڊ، روشني ۽ ٻار سندس شاعري جا اهڃاڻ ۽ استعارا آهن.”
    ادل سومري جيتوڻيڪ لکڻ جو آغاز 1970ع ڌاري ڪيو پر هن زندگي جو پهريون مشاعرو 1974ع ۾ اٽينڊ ڪيو. اهو ‘ڪل سنڌ مشاعرو’ هيو جيڪو خيرپور جي فيض محل ۾ منعقد ڪيو ويو هو. مشاعري جي صدارت غلام محمد گرامي ڪري رهيو هو. ادل پنهنجو شعر پيش ڪرڻ کانپوءِ جڏهن گرامي صاحب کان آٽو گراف ورتو هو ته هن لکيو هو “ادل سومري جو ڪلام پنهنجي فن جي حيثيت سان ترقي جي راهه تي آهي، اها خوشي جي ڳالهه آهي ته نوجوان ترقي پسند شاعرن ۾ هڪ سمجهه واري شاعر جو اضافو ٿيو آهي.” اها راءِ اصل ۾ هڪ اهڙي نوجوان شاعر لاءِ اڳ ڪٿي هئي جنهن جي ان وقت ادبي عمر فقط چار سال هئي. 13 سالن جي وٿي کانپوءِ جڏهن ادل سومرو نئين ٽهي جي سٺن شاعرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو هو ته ساڳي قسم جي اڳ ڪٿي ڪجهه وڌيڪ ڀرپور لفظن ۾ تنوير عباسي ڪجهه هن طرح ڪئي “ادل جي شاعري جو مطالعو ڪندي مونکي اها اميد نه، پر پڪ آهي ته ادل اسان جي دور ۾ سنڌي شاعرن ۾ تمام سٺو مقام هن وقت به رکي ٿو ۽ پڪ آهي ته اڳتي هلي ادبي تاريخ ۾ به رکندو. هن اڃا گهڻو نه لکيو آهي پر جيڪو ڪجهه لکيو اٿائين اهو ڪافي آهي، هن کي هڪڙي عزت ڀريي مقام ڏيڻ لاءِ.” ادل جي شاعريءَ ۾ ڏينهون ڏينهن جيڪا پختگي ايندي رهي آهي ان جو اندازو فقط انهن ٻن راين مان نه ٿو لڳائي سگهجي، هن جي شاعري ۾ جيئن جيئن موضوعاتي وسعت ۽ فني پختگي پيدا ٿيندي وئي آهي تئين تئين سندس حوصله افزائي به ٿيندي رهي آهي. 1994ع ۾ شايع ٿيل ادل جي ڪتاب “سمنڊ جاڳي ٿو” جي مهاڳ ۾ شيخ اياز جا هي لفظ پڻ سندس شاعري تي سَندَ محسوس ٿين ٿا: “جن ماڻهن ۾ ڏات جو ڏيئو ٻرندو آهي ته اهي ترقي جي راهه ۾ ٿيڙ ۽ ٿاٻا گهٽ کائيندا آهن ۽ تمام تيزيءَ سان منزلون طئي ڪندا ويندا آهن ادل جي شاعري به ٿوري عرصي ۾ حيرت انگيز ترقي ڪري چڪي آهي.”
    ”سمنڊ جاڳي ٿو” کان وٺي “وساري نه ڇڏجو” ۽ ان کان پوءِ هن وقت تائين ادل جي شاعري ارتقائي منزلون طئي ڪندي بهتري جي گس تي تيزي سان وکون کڻي رهي آهي ۽ سندس اها مسافت بغير ڪنهن ساهي جي جاري ۽ ساري آهي. هن جي سيني ۾ جيڪو ساگر آهي اهو ساڳي طرح ڇلندو ٿو رهي.

    شاعر ۽ ساگر جي سيني
    ڇلندڙ ڇولي ساڳي آهي.

    هڪ سچو شاعر دل جي لهو مان قلم ٻوڙي لکندو آهي ۽ هن جا لفظ ستن پردن ۾ ويڙهيل نه هوندا آهن. بقول شاعر:

    وہی لکھو جو لہو کی زباں سے ملتا ہے،
    سخن کو پردہ الفاظ میں چھپاو مت۔

    ادل سومرو به اهڙن ئي جذبن جو شاعر آهي، جيتوڻيڪ هن پنهنجي شاعري کي پنهنجي جگر جو خون پيئاريو آهي پر پوءِ به هن پنهنجي لفظن جو ڪو ملهه مقرر نه ڪيو آهي ۽ نه ئي شاعريءَ کان ڪجهه طلبيو آهي، تنهن جي باوجود شاعري هن کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي.

    شعر برابر سڪا ناهن، پوءِ به آهيون ڌنوان،
    ڪوئل ڪنهن لئه ڳائي ٿي، سو ڇا سمجهن نادان.
    ...........
    ڪوتا جي ڳولا ۾ ٿياسين، مرڪ نگر کان دور،
    ڏات اسان تي ڇانو نه ڪئي، پر نانءُ ٿيا مشهور.
    ...........
    نفرتن کان نفرتون ــ روح ۾ هي تازگي
    شاعري مون کي ڏني.

    ادل جي شاعريءَ جا رنگ:
    ادل سومرو، سنڌ ڌرتيءَ جو هڪ اهڙو شاعر آهي جنهن جي شاعري ۾ انڊلٺ جهڙا رنگ موجود آهن، ۽ سندس ڪوتا جي هر رنگ ۾ پنهنجو حسن ۽ پنهنجي جاذبيت آهي. امر سنڌو “وساري نه ڇڏجو” جي مهاڳ ۾ ادل جي شاعري لاءِ تمام سٺي ڳالهه ڪئي آهي. هن لکيو آهي ته “فنِ لطيف ۾ جيتوڻيڪ موزيق جو ڪم، جيڪو مختلف شيشن ۽ آئينن جي ننڍن ننڍن ترتيبيل ٽڪرن جي مدد سان ڪنهن ڊزائين کي ڀرڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي، ادل سومري جي شاعري لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اها موذيق جي ڪم جيان مختلف موضوعن تي جڙت سان ترتيب ڏنل، اها ڊزائين آهي، جنهن ۾ هر شيشي ۾ پنهنجو جدا عڪس ته ضرور موجود آهي، پر گڏيل طور تي اُهي جيڪا تصويرڪشي ڪن ٿا، تن کي زندگي جا رنگ چئي سگهجي ٿو.” هونءَ ته ادل جي شاعريءَ ۾ فني توڙي فڪري حوالي سان ڪيترائي رنگ موجود آهن پر مون هتي سندس شاعريءَ مان فقط ٽي رنگ چونڊيا آهن. جن مان پهريان ٻه رنگ ادل جي شاعريءَ جي موضوعن جو احاطو ڪن ٿا. جڏهن ته ٽيون رنگ سندس عڪسي شاعريءَ جو رنگ آهي. ادل سومري جي شاعريءَ ۾ فني حوالي سان کوڙ ساريون خوبيون موجود آهي. هن جي ڪلام ۾ بهترين تشبيهون ۽ استعارا، ترڪيبون ۽ تلميحون توڙي ڀرپور علامتي اظهار موجود آهي، پر هن مقالي ۾ اسان رڳو انهن ٽن رنگن تي اڪتفا ڪريون ٿا. هن مقالي جي ٽئين رنگ ۾ ادل جي شاعريءَ ۾ موجود علامتي شعور جي ڪجھ جھلڪ ضرور محسوس ٿيندي پر سندس شاعريءَ جي وسيع علامتن تي الڳ سان ڳالهائڻ جي ضرورت آهي.


    پهريون رنگ (ادل جي رومانوي شاعري)
    سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ سڄو دور رومانوي شاعري جو رهيو آهي، خاص طور انگريزن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ غزل جي شاعريءَ تي اهو اثر نمايان نظر اچي ٿو. خليفو گل محمد، نور محمد خسته، مير عبد الحسين سانگي ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام ۾ اهڙو رنگ حاوي نظر ايندو. پر حقيقت ۾ ڪنهن به دور ۾ رومانيت کان سواءِ شاعريءَ جو تصور به ڏاڍو ڌنڌلو لڳندو، ڇوته رومانيت شاعريءَ جو روح آهي، تنهنڪري دنيا جي سموري شاعريءَ وانگر سنڌي شاعريءَ تي به اهو رنگ هر دور ۾ ڇانئيل نظر ايندو. سنڌي شاعريءَ جي مزاج ۾ محبت هڪ اهڙي استعاري جيان آهي، جنهن کان سواءِ شعر جي جمال جا معيار اڻپورا لڳندا. محبت، زندگي جو ساز آهي جنهن کانسواءِ حسن جو تصور ممڪن نه آهي، حسن نظر جو نور آهي جنهن کان بنا بينائي بي معنيٰ آهي. عشق، محبت جو عروج ۽ جنون انتها آهي. مير جو شعر آهي ته:

    سخت کافر تھا جس نے پہلے میر
    مذہبِ عشق اختیار کیا۔

    عشق ڪنڊن جي راهه آهي جنهن تي هلڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. هي ان بي خودي جو نالو آهي جنهن ۾ محبوب جي نيڻن مان مڌ پيئڻ کان پوءِ جگر چاڪ ٿيڻ تائين عاشق کي ڪائي ڪل نه پوندي آهي. جيئن لطيف سائين فرمايو آهي:

    اک پريان جي اک ۾، آ ڪسڻ جهڙو ڪم
    لاهي ڏي لطيف چئي، سسي سوڌو چم،
    توڙي وڃي دم، ته به اک پرين جي اک ۾.

    شاعرَ ته هونءَ ئي پرينءَ جي نيڻن جا متوالا هوندا آهن، ادل جي شاعري ۾ پڻ رومانيت جو اهو رنگ نمايان طور نظر اچي ٿو. هن جي رومانوي شاعري ۾ پيار جي اجري دنيا پسي سگهجي ٿي، اهڙي دنيا جنهن ۾ اڻ ڇهين احساسن جي سڳنڌ محسوس ڪري سگهجي ٿي، ها! ايترو ضرور آهي ته اهي احساس جڏهن زخمي ٿين ٿا ته شاعر جي من ۾ آڳ جا الا ڀڙڪي پون ٿا ۽ سندس نيڻ نم ٿي وڃن ٿا، پر پوءِ به سندس لفظن ۾ ٿڌاڻ ۽ چپن تي مرڪ هجي ٿي.

    جيڪو پوکي پيار، تنهن وٽ آ سرهاڻ
    اندر اُلا آڳ جا، لفظن منجهه ٿڌاڻ.
    اکين ۾ آلاڻ، پوءِ به مرڪ چپن تي.

    ادل سومرو پنهنجي شاعري ۾ ان مشهور قول ته “زندگي پيار ڪرڻ لاءِ به ٿوري آهي حيرت آهي ته ماڻهو ان ۾ نفرت جو وقت ڪيئن ٿا ڪڍن.” وانگر رڳو پيار جو پيغام ڏنو آهي ۽ نفرتن بدران پيار جو اظهار ڪرڻ جو ڏسُ ڏنو آهي.

    زندگي آ مختصر
    نفرتن جي جاءِ تي
    پيار جو اظهار ڪر.
    هر گهڙي هر بار ڪر.

    هڪ شاعر ان کان وڌيڪ ٻيو ڀلا ڇا ٿو چئي سگھي. نفرت بدران وري وري پيار جو اظهار سماج لاءِ هڪ اهڙو سنيهو آهي، جنهن سان انتشار جو خاتمو اچي سگھي ٿو. مختصر زندگيءَ ۾ پيار کان سواءِ ٻي ڪهڙي وٿ آهي جيڪا امن جي رستي تي وٺي وڃي. ادل ته پنهنجي وجود جي وڻ تي پيار کي پکي بڻائي ويهاريو آهي، ان ڪري هن کي ساري جڳت ۾ محبت جي مهڪار ٿي محسوس ٿئي.

    پکي بڻجي پيار، ويٺو وڻ وجود تي
    سارو هي سنسار، هاڻ ته پيارو ٿو لڳي.

    ادل سومرو، پيار ۽ دوستي جي معاملي ۾ تمام حساس آهي ۽ اهڙو احساس هن جي ڪيترن ئي شعرن مان جهلڪا ڏئي ٿو.
    لفظن کي ڄڻ لوڻ لڳل آ،
    تنهنجو لهجو ساڳيو ناهي.
    ..........
    نه ترسي ڳالهائي عجب دوست آ،
    رڳو هٿ ملائي هليو ٿو وڃي.
    ..........
    تو ملڻ وقت اهڙو هو، تاثر ڏنو،
    ڄڻ ته توسان ڪڏهن دوستي ڪا نه هئي.

    پيار، محبت ۽ دوستيءَ ۾ بي رخُي وارو رويو هونءَ ئي ڪنهن عذاب کان گهٽ نه آهي ان عذاب کي جڏهن ڪو شاعر ڀوڳي ٿو ته هن جا لفظ لڙڪن هاڻا محسوس ٿين ٿا. ادل جا مٿيان شعر به حقيقت ۾ لفظن جي روپ ۾ سندس لڙڪ آهن. ادل جا اهي شعر پڙهي مونکي اردو جو هڪڙو شعر ياد آيو:

    ٹھر جاو کہ حیرانی تو جائے،
    ڍتمہاری شکل پہچاني تو جائے۔

    ادل جي شاعريءَ جو رومانوي لهجو پنهنجو آهي. هن وٽ عشق جي اظهار جا انوکا دڳ آهن. عشق جيڪو اڪثر ماڻهن ۾ ارڏائي به پيدا ڪري ڇڏيندو آهي پر ادل هڪ نماڻو ۽ نرم دل عاشق آهي. وفا ناٿن شاهي به هن لاءِ ڪجهه اهڙي ئي ڳالهه لکي آهي: “ادل نهايت حضور شرم ۽ شريف قسم جو عاشق آهي، هن وٽ “محبت“، “پوڄا” جو درجو رکي ٿي. حسن جي هڳاءُ ۽ عشق جي رنگ سندس شاعريءَ کي گلاب جو گل بڻائي ڇڏيو آهي. سهڻن خيالن کي سهڻا لفظ ڏيڻ سندس انفراديت آهي. اهڙي صاف ۽ شفاف شاعري مون گهٽ پڙهي آهي.” ادل جي اهڙي صاف ۽ شفاف روماني شاعريءَ مان ڪجهه شعر ڏسو جن ۾ هن پرين سان پيار جو تمام خوبصورت ۽ نفيس اظهار ڪيو آهي.

    توجي نيڻ کنيا هن مُرڪي
    دل جي ٿر تي باک ڦٽي آ.

    ڪنهن جهڙالي شام جان
    مان سندءِ ڪو گيت هان
    ڳاءِ مون کي ڳاءِ تون
    آهين منهنجي لاءِ تون.
    ..........
    پاڻ بچائي لوڪ کان
    اچي آءٌ لڪان
    تنهنجن نيڻن ۾.

    جڏهن پرين من جي ويجهو هوندو آهي ۽ هو پنهنجا مرڪندڙ نيڻ کڻي نهاريندو آهي ته واقعي دل جي پياسي ٿر تي باک ڦٽي پوندي آهي. هن جا لفظ جهڙالين شامن ۾ ڳاتل ڪي سندر گيت ڀاسندا آهن. مٿي ڏنل وائيءَ جي بند ۾ ادل ڪيڏي نه موهيندڙ انداز ۾ پنهنجي محبوب سان اهو اظهار ڪيو آهي ته مان لوڪ جي بي رحم رويي کان بچي فقط تنهنجي نيڻن ۾ پناهه حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو. هونءَ به ميلاپ جي گهڙين ۾ عجيب موهه هوندو آهي. بقول فراق گور کپوري:
    شبِ وصال کے بعد آئینہ تو دیکھ اے دوست
    تیرے جمال کی دوشیزگی نکھر آئی۔

    ادل سومري جي رومانوي شاعريءَ ۾ محبت جا ٻئي رخ آهن يعني ٻن وجودن جو ميلاپ ۽ وڇوڙو. ڪي ماڻهو ميلاپ کي محبت جو معراج تصور ڪندا آهن پر حقيقت ۾ وڇوڙو ماڻهوءَ کي رچائي ريٽو ڪري اهڙي سگهه ڏئي ٿو جو هو زندگي ۾ هر لمحي هر آزمائش لاءِ تيار رهي ٿو، جي ائين نه هجي ها ته ڀٽائي اهو نه چئي ها ته “ڏوريان ڏوريان مَ لهان، شال مَ ملان هوت.” تنهنڪري فراق جي تڙپ ۽ تشنگي ۾ به پنهنجو لطف آهي. ادل جي روماني شاعري ۾ وڇوڙي ۽ فراق جا رنگ به ڏاڍا گھرا آهن. محبوب جي رڳو امڪاني جدائي تي ئي هُن، غزل جي هنن شعرن ۾ ڪيڏو نه پيارو اظهار ڪيو آهي.

    جڏهن قرب جي ڪا وڃو ناو ڪاهي
    خدارا اسان کي، ڪناري نه ڇڏجو
    کلڻ جي ته عادت اوهان ئي ڏني آ
    روئي پاڻ مون کي روئاري نه ڇڏجو.

    پرينءَ جي وڇوڙي کان پوءِ هڪ عاشق سندس ياد جا نغما پيو ڳائيندو آهي ۽ ذهن جي پردي تي محبوب جي تصور کي پيو چٽيندو آهي. بقول غالب:

    لبم اززمزمہ یاد تو خاموش مباد
    غیر تمثال تو نقش ورق ہوش مباد

    (خدا ڪري ته منهنجا چپ تنهنجي ياد جا نغما آلاپڻ کان چُپ نه رهن ۽ تنهنجي چهري جي تصور کانسواءِ منهنجي ذهن جي ورقن تي ڪو ٻيو نقش نه ٺهي.)
    ادل سومري جي شاعريءَ ۾ به سندس پرين جي سار جا عڪس ۽ اولڙا نمايان طور نظر اچن ٿا. مثال طور فقط هي ٻه بيت ڏسو.

    منهنجي من جون ڇوليون تو لئه، ساگر ڏيندءِ ساک.
    اوسيئڙي جي روز ڦٽي ٿي، منهنجي اکين ۾ باک.
    ...........
    تنهنجون يادون جيون بن ۾ مونکي ٿيون رولن
    جوڳي بڻجي گيت هي منهنجا توکي ئي ڳولن.

    وجود جي تتل رڻ ۾ درد جي شدت کي برداشت ڪندڙ ادل جي دل سندس محبوب جي نانءَ سان ڌڙڪي ٿي ۽ هن جي نيڻن ۾ سندس ئي اوسيئڙو آهي.
    ادل جي سموري رومانوي شاعري سنڌي ڪلاسيڪي ۽ روايتي شاعريءَ سان جڙيل ۽ سنجوڳي هجڻ باوجود پنهنجي اندر اظهار ۽ اسلوب جي ندرت ۽ جدت رکي ٿي. خاص طور غزل جي نج رومانوي صنف ۾ ادل اهڙا ته حسين ۽ جديد رومانوي غزل لکيا، جن جي سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي اهميت ۽ وقعت آهي. ادل سومري جي شاعري مان رومانس جي رنگ توڙي وصال ۽ فراق جي موضوعن جا هونءَ ته ٻيا به ڪيئي مثال ڏئي سگھجن ٿا پر مان مٿين مثالن تي اڪتفا ڪريان ٿو.


    ٻيو رنگ (ادل جي سماجي شاعري)
    ادب کي ڪنهن به صورت ۾ سماج کان جدا نه ٿو ڪري سگهجي، ڇوته ادب سماج جو آئينو آهي. مشهور فرينچ نقاد ٽين جي نظريي مطابق “ادب انساني سماج جي تخليقي قوتن جو اظهار آهي ۽ ادب ان ماحول جي تخليق هوندو آهي جنهن ۾ اهو پيدا ٿيندو آهي ۽ وڌندو ويجهندو آهي. سندس پيدا ٿيڻ وارو زمانو ۽ ماحول، ان ۾ ٿيندڙ واقعا ۽ حادثا مٿس اثر ڪندا آهن ۽ سندس ذهن کي هڪ خاص رخ ۾ مخصوص سانچي ۾ تبديل ڪندا آهن ان ڪري هر مڪان ۽ زمان جو ادب هڪ خاص نسل ۽ هڪ خاص لمحي جي تخليق هوندو آهي.” انهي حوالي سان ادل سومري جي شاعري جو مطالعو ڪبو ته ان ۾ اسان جي سماج جو عڪس ۽ اولڙو چٽي طرح نظر ايندو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سماجي وارتائن، ڪردارن ۽ روين کي ڀرپور نموني پورٽريٽ ڪيو آهي. ادل جي شاعريءَ ۾ مجموعي طور انساني سماج جي عڪاسي سان گڏوگڏ خاص طور سنڌي سماج جي حالتن ۽ مسئلن کي واضع طور ڏسي سگهجي ٿو.
    ادل سومرو جديد سنڌي شاعرن جي اهڙي کيپ منجھان آهي جن سماج جي ننڍي کان مسئلي تي به ڀوڳيو، تڙپيو ۽ لکيو آهي. لڇمڻ ڪومل اهڙن ئي شاعرن لاءِ لکيو هو ته “اڄ جو شاعر بند ڪمري ۾ ويهي رڳو تخيل ۽ تصور جي زور تي ڪجهه تخليق نه ٿو ڪري پر هو گهر کان ٻاهر نڪري کليل اکين سان، هر اسرار نه رڳو ڏسي رهيو آهي، پر ان عذاب کي شدت سان محسوس ڪري ۽ ڀوڳي پڻ رهيو آهي.”
    ادل سومري جي شاعريءَ ۾ سماج جي ڏتڙيل ۽ پيڙيل طبقي جي اهنجن ۽ عذابن کي آساني سان پسي سگهجي ٿو. غربت جي ڌٻڻ ۾ لهندڙ ڪردار ادل جي شاعري جو مرڪز ۽ محور آهن. مفلسي ۽ تنگ دستي جي احساس کي هن ويجهو کان محسوس ڪيو آهي، ڇو ته هن جو خود سماج جي اهڙي طبقي سان تعلق رهيو آهي جنهن لاءِ لطيف سائين چيو “آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا.” ادل انهن ماڻهن مان آهي جيڪي پل پل زندگي جي تجربن مان پرائيندا آهن. ان سلسلي ۾ هن جو نظم “نيرولي جو خواب” پڙهڻ وٽان آهي. جنهن ۾ هن پنهنجي والد جو ذڪر ڪيو آهي. نظم جي پڄاڻي ته غضب جي آهي:

    نيروليءَ جو خواب به نيرو
    ڏکَ به ڇينڀن وانگر آهن
    جيڪي هن جي جيون ۾ آخر تائين رهڻا آهن
    پوءِ به هو مايوس نه آهي
    اجرڪ جي ڦُلڙي وانگر
    هن جي ڌنڌلن خوابن ۾
    آس جون اَڇيون ڦلڙيون آهن.

    ادل جي شاعري ۾ دک درد ۽ پيڙا جا احساس نمايان آهن پر تنهن جي باوجود هو ڪٿي به مايوس ۽ نا اميد نظر نه ٿو اچي، هن جي من ۾ آس ۽ اميد جي روشني آهي.

    نيٺ ته چهرا ٻهڪي پوندا،
    ڪيسين رهندا نيڻ ڀنل.

    مايوسيءَ جي مينهن ۾
    ڀائو! ائين نه ڀڄ
    ڪنبي ويون ڪڪريون_ هوءَ جا جرڪي وڄ

    شاعري پنهنجي دور جي تاريخ هوندي آهي. هڪ ذميدار شاعر پنهنجي دور جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن کي ضرور قلمبند ڪندو آهي. ادل سومري جي شاعريءَ مان ڪجهه اهڙا مثال ڏسو جن مان نه رڳو سنڌي سماج جي موجوده حالتن، خاص طور سماجي ڀڃ ڊاهه، ظلم، تشدد ۽ بي انصافي وارن عڪسن کي آساني سان پسي سگهجي ٿو، پر سندس شعرن مان عالمي امن جو پيغام به ملي ٿو.

    ڌماڪي ۾ ڌار، ڌڙ سسين کان ٿي ويا،
    رانديڪا ۽ ٻار، ڪوئلو ٿي ويا ڪار ۾.

    ڪرفيو جي وقفي ۾، ملياسين تون مان،
    رهجي ويا ڪيترا اندر ۾ اڌ مان،
    ڌار ٿيس توکان، سائرن جي آواز تي.
    ..........
    تنهنجون صدائون بي معنيٰ هن
    رهبر ٻوڙا گونگا ٿئي.
    ..........
    باهه ڪا بغداد ۾ ڀڙڪي نه شل
    آڳ کان آجو سڄو ايران ڪر.

    پهرين شعر ۾ نه رڳو بد امني ۽ دهشتگرديءَ جي هڪ واردات جو ذڪر آهي پر ٻارڙن ۽ سندن رانديڪن جو ڪوئلا ٿي وڃڻ غم جي احساس کي شدت بخشيندڙ آهن. اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا اهو نهايت گھٽيل ۽ ٻوساٽيل سماج آهي. ادل ان جو نقشو چٽيندي جيڪي احساس اوريا آهن انهن کي پڙهندي هيئين ۾ هٿ پئجي وڃي ٿو. ڪرفيو جي وقفي ۾ ملي سائرن جي آواز تي ڌار ٿيڻ نه رڳو محبت جي تشنگيءَ جو احساس ڏياري ٿو پر اهي سٽون پڙهندي سماج ۾ بد امني ۽ بي سڪونيءَ جي باهه جي شدت کي به محسوس ڪري سگھجي ٿو. ادل سومرو ٻڌائي ٿو ته هيءُ اهو سماج آهي جتي صدائون بي معنى آهن، ڇوته رهبرن ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. اهڙي بي حسيءَ تي هڪ شاعر ڏاڍو ڀوڳي ٿو. ادل رڳو سنڌ جي حالتن کان ئي مايوس نه آهي پر دنيا ۾ جتي به ظلم ۽ بربريت جو سلسلو جاري آهي ان تي سندس جيءُ جھري پوي ٿو. هن کي بغداد جي باهه به ڏکائي ٿي. هو جتي ڪٿي امن جا پکي آزاد اڏرندي ڏسڻ چاهي ٿو ان ڪري سندس من ۾ ايران کي آڳ کان آجو ڪرڻ جي آس آهي.
    ادل خاص طور پنهنجي نثري نظمن ۾ ٻرندڙ سماجي مسئلن تي تمام ڀرپور نموني لکيو آهي. اهڙن نظمن ۾ “امن جا وٿاڻ“، “ڪتب خانا ۽ قبرستان“، “ڌرتي تي دوزخ“، “بلڊ گروپ“، “ترقي“، “مائرون فقط روئڻ لاءِ هونديون آهن” ۽ “ڊپ” وغيره جهڙا نظم پڙهڻ سان تعلق رکن ٿا. ادل سومري جي سماجي شاعري پڙهندي محسن نقوي جو اهو شعر وري وري ياد ٿو اچي ته:
    ہر نفس درد کے سانچے میں ڈھلا ہو جیسے۔
    زیست ناکردہ گناہوں کی سزا ہو جیسے۔

    خوف، هراس، ظلم، تشدد ۽ بي انصافي واري هن سماج ۾ هڪ پيڙيل ماڻهو زندگي کي اڻ ڪيل گناهه وانگر ئي ڀوڳي ٿو، ۽ هو جيون جو هر لمحو رڳو موت جي انتظار ۾ گذاري ٿو. جيئن ادل چيو:

    جنهن ۾ آهي موت جو ئي انتظار
    سا به سڏبي چئه ڀلا ڪا زندگي.

    هڪ فرينچ اديب کان جڏهن هڪ انٽرويو دوران پڇيو ويو هو ته “جيڪڏهن هڪ گهر ۾ باهه لڳي وڃي، ان ۾ آرٽ جو هڪ عظيم شاهپارو به هجي ۽ هڪڙو ننڍڙو معصوم ٻار به هجي ۽ توکي ٻنهي مان ڪنهن به هڪ شي کڻڻ جو اختيار هجي ته تون ان گهر مان ڇا کڻندين؟” ته هن امالڪ چيو هو ته “مان باهه کڻي ايندس.”
    اها هڪ حقيقت آهي ته هڪ سچو ۽ ڪميٽيڊ اديب سماج ۾ وڌندڙ تخريب جو خاتمو چاهيندو آهي. هڪ حساس ليکڪ ماڻهن جي اکين ۾ درد جا ڳوڙها ڏسڻ نه چاهيندو آهي. هو چاهيندو آهي امن، محبت ۽ پيار. ڇوته هڪ شاعر سک، سلامتي، پيار، محبت ۽ امن جو پرچارڪ ئي ته هوندو آهي. ادل سومري جي شاعريءَ ۾ به انهن اُتم انساني جذبن ۽ خيالن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. هو ڌرتيءَ تي خوشي ۽ خوشحالي ڏسڻ جو خواهشمند آهي. هن کي بارود جي دونهين کان نفرت آهي ۽ محبت جي مهڪار پسند آهي.

    بارودن کي ڳاري ٺاري.
    ڌرتيءَ تي ڇڏ گل پٿاري.
    ..........
    سک ۽ سرهاڻ جون گهلن هوائون،
    گهوٽ لهن لائون، سدا پنهنجي سنڌ ۾.


    ٽيون رنگ (ادل جي عڪسي شاعري)
    شاعريءَ ۾ عڪسن (Images) جي تمام وڏي اهميت هوندي آهي. تنوير عباسي جي تحقيق مطابق بنيادي طور عڪس ڇهن قسمن جا ٿين ٿا جن ۾ نظري عڪس (Visual Image) ٻڌڻ جو عڪس (Auditory Image) سنگهڻ جو عڪس (Olfactory Image) ذائقي جو عڪس (Taste Image) ڇهڻ وارو عڪس (جنهن مان ڪنهن شي جي لساڻ کهراڻ يا نرمي ۽ سختي جو احساس ٿئي.) (Tocile Image) ٿڌي يا گرم جي تاثر کي وري پيدا ڪرڻ وارو عڪس (Thermal Image) شامل آهن.
    عڪسي شاعري جي وضاحت ۾ مشهور نقاد پروفيسر پي گري (P.Gurrey) پنهنجي مقالي “Appreciation of Poetry” ۾ لکيو آهي ته “عڪسي شاعري عام گفتگو ۽ عام لکت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ يڪسوئي، صداقت ۽ بلندي عطا ڪندي آهي ۽ عڪسن کانسواءِ شاعري مبهم بنجي ويندي آهي ۽ منجهس انهن خصوصيتن جي اڻهوند نظر ايندي آهي جيڪي ان کي اظهار ۽ بيان جي منطقي ۽ واضح طريقي کان مٿاهون ڪري بيهارين ٿيون..... هڪ سچو شاعر مختلف تجربن مان عڪس ۽ مثال اخذ ڪندو آهي. شاعر جي عظمت مشاهدي جي عظمت ۽ وسعت تي منحصر هوندي آهي، جنهن سان هو پنهنجا تخليقي پيڪر يا تصويرون جوڙيندو آهي.”
    عڪسي شاعريءَ جي ان مختصر وضاحت کانپوءِ جڏهن ادل سومري جي عڪسي شاعريءَ جو جائزو وٺبو ته ان ۾ ڪافي پختگي ۽ جاذبيت نظر ايندي. هن جي شاعريءَ ۾ ٽن قسمن جا عڪس نمايان طور نظر اچن ٿا. پهريون نظري عڪس ٻيو ٻڌڻ جو عڪس/آوازي عڪس ۽ ٽيون سنگهڻ جو عڪس. جڏهن ته هن جي شاعريءَ ۾ جزوي طور ٻيا عڪس به شامل آهن. هيٺ ادل جي عڪسي شاعري تي سرسري نظر وجهون ٿا.

    1. نظري عڪس (Visual Image)
    هن عڪس جو تعلق نظر سان آهي يعني کليل اک سان ڏٺل ڪنهن منظر يا ڪنهن ماڻهوءَ جي منهن مهانڊن کي ڏسي ساڳي نقش کي اهڙي فنڪاري سان چٽڻ جو اهو لفظن ۾ منظر/ تصوير وارو ڏيک ڏئي. اهڙي عڪس کي نظري عڪس چئبو. ادل سومري جي شاعري ۾ نظري عڪسن جا نهايت خوبصورت مثال موجود آهن. خاص طور هن جا هائيڪا/ ٽيڙو اهڙن عڪسن سان ڀرپور آهن، ڇو ته هائيڪو بنيادي طور آهي ئي عڪسي شاعري تنهنڪري هيٺ ادل جي هائيڪن توڙي ٻي شاعريءَ مان نظري عڪسن جا ڪجهه مثال پيش آهن:

    شامون سانوڻ رُت جون، سنڌو ڪنارا
    بادل وسڪارا، چوڏس مهڪ گلاب جي.
    ..........
    پکي، بتيلا، سنڌو سانوڻ،
    لهر لهر تي باک ڦٽي آ.
    ..........
    مان اڪيلو، ٿر جي سانجهي، تنهنجي ياد،
    سامهون ٿوهر جي پٺيان ٿو سج لهي.

    ساڌ ٻيلي جي شام
    سنڌو جي لهرن مٿان
    پکين جي اڏام.
    .........
    ڪڪريون روئن ٿيون
    ۽ پوءِ ساري ڳوٺ ۾
    کنڀيون کلن ٿيون.
    ..........
    هي ڪنڊيءَ جو وڻ
    سُتل ڇوڪر ڇانو ۾
    ڀرسان ٿڪل ڌڻ.

    مٿي ڏنل سمورا منظر ڄڻ اکين اڳيان ڦرن ٿا. پهرين بيت ۾ سانوڻ جي شامن جو ذڪر ڪندي سنڌو ڪناري برسات جو نظارو جيتوڻيڪ هڪ خوبصورت نظري عڪس آهي پر بيت ۾ ان سندر شام جي ڀنل ماحول ۾ گلاب جي مهڪ وسيلي سنگهڻ جو عڪس به شامل آهي. ٻئي شعر ۾ سانوڻ جي مند ۾ سنڌوءَ مٿان پکين جي ولر ۽ بتيلن جي موجودگيءَ ۾ کيس سنڌو جي لهر لهر ۾ باک ڦٽڻ به ڇا ته من موهيندڙ منظر پيش ڪري ٿو، سچ ته اهو هڪ حسين نظري عڪس آهي. اهڙي طرح ٽئين شعر جي پهرين مصرع ۾ جيتوڻيڪ ادل ٿر جي سانجھيءَ کي پرين جي ياد سان تشبيهه ڏئي منظر ۾ هڪ احساس کي اڀاريو آهي، پر ٻي مصرع ۾ ٿر جي سانجھيءَ ٽاڻي ٿوهرن پٺيان لهندڙ سج کي هڪ اهڙي پياري منظر طور پيش آهي جيڪو روح ۾ لهي وڃي ٿو. ائين ادل جا ٽئي هائيڪا جن ۾ ساڌ ٻيلي جي شام ۾ سنڌوءَ جي لهرن مٿان پکين جي اڏام، ڪڪرين جي روئڻ پڄاڻان کُنڀين جي کلڻ توڙي ڪنڊيءَ جي وڻ جي ڇانوَ ۾ ستل ڇوڪر جنهن جي ڀر ۾ جانورن جو ڌڻ بيٺل هجڻ جهڙا عڪس ڏنل آهن، سي ٽئي هائيڪا پنهنجي بنيادي موضوع منظر نگاري ۽ محاڪات جي حوالي سان نهايت ڀرپور آهن. انهن منجھان اهڙا ته خوبصورت نظري عڪس اڀرن ٿا جيڪي ذهن جي پردي تي تصويرن سمان اڀرن ٿا.

    2. ٻڌڻ جو عڪس/ آوازي عڪس (Auditory Image)
    ٻڌڻ جي عڪس کي آوازي عڪس (Sound Image) پڻ چيو ويندو آهي. هڪ شاعر جڏهن پنهنجي مترنم لفظن ۾ ڪنهن اهڙي آواز يا سُر کي پيش ڪندو آهي جنهن کي اڳ ۾ اسان جي ڪنن ٻڌو هوندو آهي ۽ اهو ساڳيو سر يا آواز لفظن وسيلي ٻيهر پڙهندڙ جي ڪنن ۾ گونجڻ لڳندو آهي ته ان کي آوازي عڪس چئبو آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين سنڌي شاعريءَ مان آوازي عڪس جي مثال طور شيخ اياز جو هيٺيون بيت ڏئي لکيو آهي ته:

    ”ڪويل ڪوڪي رات جو، ڪوڪ وراڻي بن
    لڏيا پيل پن، تارن ڇنڀيون اکڙيون.

    هنن سٽن ۾ سماعي عڪس (Sound / Auditory Image) آهي. پهرين سٽ ۾ ڪويل جي ڪوڪ ۽ پڙاڏي جي سماعي عڪس جو تاثر پيدا ٿئي ٿو، جنهن جي رد عمل ۾ شاعر نظري عڪس (Visual Image) کان ڪم ورتو آهي جنهن ۾ پپل جي پنن جو لڏڻ ۽ تارن جي اکيون ڇنڀڻ جو منظر چٽيل آهي جنهن کي تصور جي مدد سان ذهن جي پردي تي آڻي سگهجي ٿو.”
    ادل سومري جي شاعريءَ ۾ “ٻڌڻ جو عڪس” نمايان طور نظر اچي ٿو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ مختلف نوعيتن جا آوازي عڪس پيش ڪيا آهن. اهڙن سماعي عڪسن ۾ سُرندي جو آوازي عڪس، ڪويل جي ڪوڪ جو عڪس، سڏڪن ۽ ٽهڪن جو عڪس، تڏِ جو آوازي عڪس، سائرن جو سماعي عڪس وغيره شامل آهن. ادل جا هيٺيان شعر جن ۾ انهن آوازن جو ذڪر آهي پڙهندڙن جي ڪنن ۾ گونجن ٿا ۽ اهڙي طرح اها موسيقي، سُر يا آواز ذهن ۾ Recall ٿين ٿا ۽ انهن مان ڪو مخصوص عڪس جُڙي ٿو.

    دور ڪنهن سُرندو وڄايو ٿي ڪٿي،
    ڄڻ ته سڏڪا ٿي ڀريا ٿر جي هوا.
    .........
    ڪوئل جو آواز اڏامي
    ڄڻ ته هوا ۾ ويو اجهامي
    مند ڪيا هن
    ڪيڏا ماڻا
    آءُ او راڻا
    ..........
    خاموشي جو ساز
    رات، اڪيلو ڪمرو ۽
    تِڏ جو آواز
    ..........
    سائرن ايمبولينس جا
    رڳو ٿا وڄن
    شهر مٿان خاموشي آهي.

    ادل سومري جي شاعري گھڻ رخي ۽ گھڻ رنگي آهي. هن جي شاعريءَ جي فني ۽ فڪري پهلوئن تي لکڻ لاءِ گھڻو مواد موجود آهي پر هتي مون سندس شاعريءَ جي رڳو ٽن رنگن کي ڦوليو آهي. سچ ته سندس شاعريءَ جي ٻين رنگن ۾ به عجب حسناڪي موجود آهي، جن تي وڌيڪ گھرائي، سنجيدگي ۽ سچيتائيءَ سان لکڻ جي ضرورت آهي.


    (هي مقالو 2006 ۾ لکيو، جيڪو ڪٿي به نه ڇپايو.)


    اياز گل : سنڌي شاعريءَ کي نئون لهجو ڏيندڙ شاعر

    شاعري رڳو مترنم لفظن جي سٽاءُ جو نالو نه آهي، پر اها اظهار جو اهڙو انوکو انداز آهي، جنهن ۾ فڪر جا پنڇي پر پکيڙي نروار ٿين ٿا ۽ شعور کان لاشعور جو سفر طئي ڪن ٿا. حقيقت ۾ شاعري روح جو آواز آهي، جنهن ۾ پيار جو پيغام به هوندو آهي ته درد جي هوڪ به. جنهن ۾ جذبن جي ڪوملتا به هوندي آهي ته احساسن جي شدت به. يا وري شاعري احساس جو سمنڊ آهي جتان لفظ لهرن تي رقص ڪندا سماعتن جي ساحلن کي ڇهندا آهن، هڪ سچو شاعر ان مصور وانگر هوندو آهي، جيڪو خالي ڪئنواس تي رنگ چٽي پنهنجي احساسن کي به انهن ۾ تحليل ڪري ڇڏيندو آهي Islamic D’Israeli جي لفظن ۾ “A Poet is the painter of soul” )هڪ شاعر روح جو مصور ٿئي ٿو.(
    هر دور جي شاعري پنهنجي دور جو آواز ۽ انداز هوندي آهي. سنڌي شاعري ۾ ڪلاسڪي دور کان جديد دور تائين جي سفر تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان سموري عرصي ۾ سنڌي شاعري اندر نه صرف فني پر فڪري حوالي سان به ڪيئي تجربا ڪيا ويا آهن. اسان جي شاعري ارتقا جا اهي سمورا مرحلا طئي ڪري موجوده دور ۾ جنهن مقام تي پهتي آهي، ان ۾ ڪيترن ئي اهم شاعرن جو حصو آهي ۽ اياز گل جو نالو جديد دور جي انهن شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. امداد حسيني جي لفظن ۾ “هر سچي شاعر کي پنهنجو الڳ ڊڪشن، نئون لهجو ۽ نڪور ردم هوندو آهي ان آڌار تي ئي هو، پنهنجي هم عنصرن ۾ منفرد حيثيت ماڻيندو آهي ۽ اياز گل پنهنجي دور ۾ اهڙي حيثيت ماڻي چڪو آهي.”
    اياز گل جي شاعري هونءَ ته موضوعن جي حوالي سان گوناگون آهي، پر خاص طور تي هن وٽ رومانوي رنگ، پنهنجي پوري جمالياتي ذوق، ڦوهه جواني ۽ جوڀن ۾ نظر اچي ٿو. هن جا لفظ هر پيار ڪرڻ واري دل کي امرت پيا آڇين. اهڙو امرت، جنهن کي اندر ۾ اوتي زندگيءَ مان سرور حاصل ڪري سگهجي جيئن.

    جنهن ۾ ڪنهن جي ماٺ به موهي وجهندي آ،
    حد نه هوندي آهي، اهِڙي چاهت جي
    ..........
    مَڌ وانگي آ محبت جو نشو،
    تيئن وڌي، جيئن جيئن پراڻي ٿي وئي
    ..........
    نفرتون ڪن ٿيون آپگهات تڏهن،
    پيار ٿو پيار کي جڏهن ماڻي
    ..........
    منهنجي دل جي ڌرتيءَ مان،
    تنهنجو پيار ڦٽي نڪتو.

    اهڙي چاهت جنهن ۾ ماٺ به تڪلم بڻجي وڃي. اهڙي محبت، جنهن جي قدامت پراڻي شراب وارو سرور بخشي، اهڙو پيار جيڪو نفرتن کي آپگهات ڪرڻ تي مجبور ڪري وجهي ۽ جيڪو دل جي نازڪ ڌرتيءَ مان ڦٽي نڪري... اهڙي چاهت، محبت ۽ پيار يقيناً هڪ اهڙي حساس شاعر جي لفظن مان ئي جهلڪي سگهي ٿو، جنهن ان احساس کي انتهائي قريب کان محسوس ڪيو هوندو. اياز گل محبت کي پنهنجي هستيءَ سان ائين پيوست ڪري ڇڏيو آهي، جيئن جسم ۽ روح جو سٻنڌ. حافظ جو شعر آهي ته:

    هرگز نه ميرد آنکه دلش زنده شد به عشق،
    ثبت است بر جريده عالم دوام ما.

    (جيڪا دل عشق جي ذريعي زندهه ٿيل آهي. اها مري نه سگهندي، دنيا جي دفتر تي دائميت ثبت ٿي چڪي آهي.)
    اياز کي به انهيءَ عشق جي مستيءَ زندگي ڏني آهي. اهڙي زندگي جنهن ۾ موت جو ڪو به تصور ئي ناهي، ڇو ته جيستائين هن جا لفظ زندهه آهن ته هو به زندهه آهي ۽ هن جي محبت به ۽ ها لفظن کي ڪڏهن به موت نه ايندو آهي. ڇا اياز گل جي هنن لفظن کي ڪڏهن موت اچي سگهندو؟

    جنهن کي لڳندي سو انسان،
    ديس، نه مذهب گوليءَ جو
    ...........
    هر طرف جهنڊا ٿا ڦڙڪن موت جا
    جڳ کان وسري وئي آ زندگي
    ..........
    ها رڳو ساٿ ٿو کپي تنهنجو
    حوصلا ڄڻ پهاڙ جاڳيا هن
    ...........
    هيڻو ئي نشانو آ
    پٿر جو زمانو آ
    ...........
    سچ جي سجَ جي تاءُ اڳيان سدا
    ڪوڙ جي برف جا ڪوٽ رجندا رهن

    اياز گل جي شاعريءَ جي وڏي ۾ وڏي خوبي اها آهي ته هن وٽ جيتري لفظي سادگي آهي، اوتري ئي معنوي پختگي ۽ فڪري گهرائي پڻ آهي. اياز جا مٿيان شعر انهيءَ شعري حسن ۽ تخليقي سگهه جو مظهر آهن. مهتاب محبوب جي اها راءِ نهايت ورنانتي آهي ته “اياز گل جي شاعري پڙهندي احساس ٿو ٿئي ته هن هر جذبي کي شدت سان محسوس ڪيو آهي. تڏهن ئي ته سندس شاعري انساني ڏکن ڏوجهرن، احساسن ۽ سچن موتين جهڙن جذبن جي تاريخ لکڻ سان گڏ، ڪٿي ڪٿي ائين به لڳي ڄڻ اياز گل اها نفيس احساس واري شاعري درد جي تارن سان ويهي اَڻي آهي.”
    اها حقيقت آهي ته اياز گل جي شاعريءَ ۾ درد جي ڪيفيت واضح طور نظر اچي ٿي. ڪٿي اهو درد هن دور جا زخم ٿو ڏيکاري ته ڪٿي وري غمِ جانان بڻجي وڃي ٿو. هو درد جي لذت کان آشنا آهي. تڏهن ئي ته هن جي لفظن ۾ ڪرب جي ڪڙاڻ پنهنجي پوري ذائقي سان ظاهر ٿئي ٿي. غالب چيو هو ته:

    قيدِ حيات و بند غم، اصل ميں دونوں ايک هيں
    موت سے پهلے آدمي، غم سے نجات پائے کيوں

    اياز گل به غم جي ڄار ۾ جڪڙجڻ کانپوءِ اظهار جا انوکا انداز تراشي ٿو. هن جي لفظن ۾ ڏسبو ته درد ئي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو سچ نظر ايندو، اهڙو سچ جنهن کانسواءِ شايد جيون جي آکاڻي کي سمجهڻ ئي ناممڪن آهي. اياز ان پوري فلسفي کي غزل جي هڪڙي ئي شعر ۾ جنهن سادگيءَ ۽ پُرمفهوم انداز ۾ بيان ڪيو آهي اهو فقط هن جو ئي فن آهي.

    جيون جي آکاڻيءَ ۾ دک،
    فل اسٽاپ ۽ ڪاما آهن.

    مومن خان مومن جو اهو شعر ڪيڏو نه ورنائتو آهي:

    عدم ميں رهتے تو شاد رهتے، اسے بھي فکرِ ستم نه هوتا
    جو هم نه هوتے تو دل نه هوتا، جو دل نه هوتا تو غم نه هوتا

    سو حقيقت اها آهي ته غم ته انسان سان گڏ ئي وجود ۾ اچي ٿو ۽ هر دل رکندڙ ماڻهو درد جو مزو چکي ٿو. اياز گل وٽ اهڙو اظهار ڪئي رنگن ۾ پنهنجي پوري قوت سان نظر اچي ٿو. سندس هيٺين شعرن ۾ درد جي ان شدت کي آساني سان محسوس ڪري سگهجي ٿو.
    ڀرپور نگاهن سان ڏسي ڀي نه سگهياسي،
    هڪ درد کڻي دوست اوهان ساڻ ملياسي،

    ڪيڏا نه اداڪار وڃون پاڻ پيا ٿيندا،
    دل ۾ ته رنا سي پئي، ٻاهر ٿي کلياسي.

    سڀ ٽهڪ، سڀئي گيت زماني جي پلوَ ۾،
    سڀ لڙڪ، سڀئي گهاو، اسان جهول جهلياسي.
    ...........
    درد مون وٽ ڇڏي ويو آهي.
    مون کان سڀ ڪجهه کسڻ نٿو چاهي

    مستقل درد هن، اداسون هن،
    پيار تنهنجو به عارضي آهي.
    ...........
    درد اسان جي هانو ڏي هٿُ وڌايو پئي،
    پاڻ ٻئي خاموش هياسي، ڳوڙهن ڳالهايو پئي
    ...........
    ڏئي هو درد ٿو چاهي ته مرڪندو ئي رهان،
    نوان ئي ڍنگ سکيو آهي آزمائڻ جا.
    ...........
    ٽهڪ جيڪي هئا ورهائي ڇڏيا،
    ڪهڙو ڪنهن کي روئارجي هاڻي؟

    هڪ پختو ۽ سچو شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ نه رڳو پنهنجي انفرادي پيڙائن جو پوتاميل بيان ڪندو آهي، پر هو سماج جي اجتماعي درد کي به پنهنجي دل جو روڳ تصور ڪندو آهي. مارگريٽ بلي جو چوڻ آهي ته “اردگرد جي زندگيءَ مان ذهني تحريڪ يا اتساهه حاصل ڪرڻ کانسواءِ فنڪار جي تخليق ۾ يڪسانيت پيدا ٿي پوندي آهي ۽ اها اڌ مُئي لڳندي آهي، اهڙي طرح اها تخليق وڌيڪ داخلي ثابت ٿيندي آهي.” اياز گل جتي پنهنجي شاعريءَ ۾ داخلي وارتائن ۽ ڪيفيت کي پورٽريٽ ڪيو آهي، اُتي ساڳي ڀرپوريت سان خارجي ۽ سماجي مسئلن کي به اظهار جي چپن تي آندو آهي. اياز گل سماج کي ٽٽندو ۽ ڀُرندو ڏسي، اکيون ٻوٽڻ جو قائل نه آهي، هن جا هيٺيان شعر نه رڳو پنهنجي پنهنجي دور جي تاريخ آهن، پر انهن ۾ مستقبل لاءِ اڳ ڪٿيون ۽ اشارا به آهن.

    شهر تنهنجي مان اُڏري ويو آ امن،
    پنهنجي پاڇي کان ماڻهو ٿا ڊڄندا رهن.
    ...........
    راهن تان راڪاس گهمي ويو،
    هيسيل چهرا، ٻوٽل درَ.

    ماڻهپي کي ٿا لڄائن ماڻهو،
    پوءِ به ماڻهو ٿا سڏائن ماڻهو
    ...........
    ڪجهه عمل ڏي به سوچ او ڏاها!
    تو ته خالي خطاب پوکيا هن
    ...........
    سنڌ جو ڪرين ٿو سودو!؟
    تنهن کان ته خودڪشي ڪر
    ...........
    بم نه توکان، اَنُ گهريو آ،
    ٻالڪ انگ اگهاڙي وو.
    ...........
    بارود، بُکون، باهيون، هي ظلم، جبر، وحشت،
    ڌرتيءَ تي لکين ٿورا، ڌرتيءَ جي خدائن جا.
    ...........
    اڄ جي سنڌ جو لکو اتهاس،
    ڊپ، زخمي بدن، ٻُسيون ٻانهون
    ...........
    وقت ڪڍي ڪجهه ايندڙ وقت جو اُلڪو ڪر،
    تنهنجو سارو تر، ٻڌي ويو اوندهه ۾.
    ...........
    هيءَ حياتي ته ٿوري هئي پيار لئه،
    ڇو رتو ڇاڻ ۾ يارَ ڦاسي وئين!

    اياز گل بنيادي طور غزل جو شاعر آهي. غزل، جيڪو جڏهن ايران جي فضائن مان وکريو ته ان کي سنڌ جي سماعتن جهٽي وتو، پهريان ته ان کي فارسي جي ساڳين صراحين ۾ اوتڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر بعد ۾ جڏهن غزل کي، سنڌ جي مٽيءَ جي ڀِني سڳنڌ جو پيوند لڳو ته ان مان هن ئي ڀونءِ جي مهڪار اچڻ لڳي. اياز گل جديد سنڌي شاعريءَ جي انهيءَ سٿ جو تسلسل آهي، جن سنڌي غزل کي نجُ سنڌي لب و لهجو ڏنو آهي. اياز پنهنجي غزل کي نه صرف نج ٻوليءَ جي سونهن سان سجايو آهي، پر ان جي روايتي موضوعن کي به پنهنجي شاعراڻي ڏانءُ وسيلي ڪمال جي جدت ڏني آهي. شيخ اياز جي لفظن ۾ ته “اياز گل جي شاعري پنهنجي ڌرتيءَ جي پيدائش آهي، اها فارسي بحرن جي مشاقيءَ تي نه ٿي تڳي ان کي هڪ انوکي خوشبو آهي، جا پڪل پيرن ۾ ٿيندي آهي.”
    اياز گل جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي حسن ۽ نزاڪت کي هر صاحبِ نظر محسوس ڪري سگهي ٿو. خاص طور تي هن جي غزل ۾ غضب جون تشبيهون ملن ٿيون، پر اهي تشبيهون، سندس غزل جي روايتي سادگي ۾ دخل هرگز نه ٿيون ڏين، بلڪه انهن تشبيهن ۾ خود ايڏي ته سادگي ۽ معصوميت آهي جو غزل جي تازگي پوري تاثر سان سماعتن تي حاوي ٿي وڃي ٿي، اياز جي شاعري اهڙي فني خوبيءَ سان ٽمٽار آهي، مثال طور رڳو چند شعر ئي ڏسو.

    عمر جي اونداهي ڪمري ۾،
    پيارُ ڪنهن روشندان جيان آ.
    ...........
    هر گهڙي ڪِرڻ جو رهي خطرو،
    پياز پهرين اُڏارَ وانگي آ.
    ...........
    نيڻ پرينءَ جا پيرا ڳولن،
    پنڇي جيئن آکيرا ڳولن.
    ...........
    مون جي اکڙين ۾ خواب پوکيا هن،
    رڃ ۾ ڄڻ گلاب پوکيا هن.
    ...........
    نيڻ ڪري ويو گهايل گهايل،
    خوبُ هيو ڪو خنجر وانگي.

    شهر اوندهه ۾ ڇو پيو ٻوڙي،
    پنهنجي وارن کي ڪير ٿو ڇوڙي؟
    ...........
    هو ڪڏهن ائين مسڪرائن ٿا،
    ٿرَ تي مينهن ڄڻ وسائن ٿا.

    پيار روشندان هجڻ يا پهرين اڏار هجڻ، نيڻن کي پنڇي ۽ پيرن کي آکيرا سمجهڻ، اکڙين ۾ پيل خوابن کي وچ ۾ پوکيل گلاب ڄاڻڻ، خوابَ جو خنجر هجڻ، وارن کي اوندهه جو مثال ڏيڻ ۽ مسڪراهٽ کي ٿر جو وسڪارو سمجهڻ جهڙيون خوبصورت تشبيهون اياز گل جي شاعريءَ جي انفراديت جو دليل آهن. اياز گل جو غزل نه فقط پُرڪشش ۽ نج سنڌي ٻولي تشبيهه ۽ استعاري سان سينگاريل آهي، پر منجهس احساس جي اهڙي گهرائي به موجود آهي. جنهن کي روح جي پاتال تائين محسوس ڪري سگهجي ٿو. ڪولرج جو چوڻ آهي ته “اعليٰ پايي جي شاعري، روح جي هڪ هڪ تار کي لوڏي ڇڏيندي آهي.” مان سمجهان ٿو ته اياز گل جي شاعري ۾ اها خوبي اتم درجي تي موجود آهي. هن جي شاعريءَ ۾ احساسن جي گهرائي، اظهار جي اڇوتائپ، جدت، ندرت ۽ نازڪ خيالي نديءَ تي پيل سورج ڪرڻن جيان جهلڪا ڏئي ٿي. سندس هيٺيان شعر منهنجي دعويٰ جو دليل آهن.

    ڪچي مٽيءَ مان جوڙي زندگي کي
    تکي برسات ۾ نڪري پيا سي
    ...........
    ذهن کان ياد چنبڙي چُميون ٿي وتيون،
    آس اوسيئڙي جا ٿي ڳوڙها اگهيا
    ...........
    لفظ ڳولندا رهياسين ٻيئي،
    رات چُپ چاپ ۾ لنگهي ويئي.
    ...........
    ياد آئين ته اکيون ڀرجي ويون،
    شعر ڪاغذ تي اُتاريا نه ٿين.

    ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڏک روئاريندو ناهي،
    ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڀوڳ تي پئبو آ روئي.
    ...........
    منهنجي نظر هلي وئي آهي تنهنجي گاڏي سان،
    پليٽ فارم تي بيٺو آهيان انڌن وانگي مان.
    ...........
    مرڻ ڪو مسئلو نه آهي او سهڻا،
    وڏي ڳالهه آهي گذارڻ حياتي.
    ...........
    جڳ وارن کان ڊڄڻ ڇا جو آ،
    ڪا برائي ته ڪونه آ من ۾.

    اياز گل جا مٿيان شعر يقيناً تخيل جي پرواز، لفظن جي نغمگي، اظهار جي نواڻ ۽ احساس جي تازگي جي ساک ڀرن ٿا. هن جي شاعري رڳو لفظن جي جادوگري ناهي، پر ان ۾ سندس دل جو لهو شامل آهي، تڏهن ئي هو اها دعويٰ ڪري ٿو ته:

    مان نه هوندس جڏهن تڏهن ڏسجان،
    جڳَ، منهنجو مثال، ڪم ايندءِ.

    (هي مضمون 2005 ۾ ماهوار “سنڌ رويو” جي ‘اياز گل نمبر’ ۾ شايع ٿيو.)


    سعيد ميمڻ جي ڪتابَ ”ازل جو آڏاڻو” جو تنقيدي اڀياس

    سعيد ميمڻ جي ڪتابَ ”ازل جو آڏاڻو” جو تنقيدي اڀياس

    فنون لطيفه جون جيتريون به شاخون آهن انهن مان شاعريءَ کي معتبر مقام حاصل آهي. شاعريءَ جي اظهار جو وسيلو لفظَ آهن. لفظَ جيڪي غير مادي شيءِ هجڻ باوجود پنهنجي اندر معنائن، شڪلين، منظرن ۽ احساسن جا جهان آباد ڪيو ويٺا آهن. “لفظ پنهنجي اندر لازوال قوت جو خزانو رکن ٿا. لفظن وسيلي ئي هڪ اديب يا شاعر جمالياتي احساس کي فڪري احساس ۾ تبديل ڪري سگھندو آهي. لفظن جي ذريعي ئي هڪ اديب کي اهو موقعو ملي ٿو ته اهو ان رد عمل کي، جنهن کي آرٽ جي مواد ان جي اندر پيدا ڪيو آهي، هڪ لطيف ۽ نازڪ سانچي ۾ وجھي. لفظ ئي آهن جن وسيلي غير پخته ۽ جمالياتي احساسن جي وچ ۾ فرق ظاهر ڪري سگھجي ٿو. اهي ماڻهو جيڪي لفظن کي ڪا بي جان شي سمجھن ٿا انهن کي شايد لفظن جي سگھ جو احساس نه آهي ۽ کين پتو نه آهي ته لفظ نه رڳو جذبات جي زبان آهن بلڪه اهي جذبن ۾ همواري، زرخيري، تحرڪ ۽ گھرائي به پيدا ڪندا آهن ۽ اهي رڳو معنائن کي خارجي لبادو نه پارائيندا آهن بلڪه انهن جي وسعتن ۾ اضافو ڪندا آهن ۽ انهن ۾ وزن ۽ وقار به پيدا ڪندا آهن.” (1)
    شعر ۾ هونءَ ته انيڪ ڪائناتون آهن، پر بنيادي طور ان جو تعلق فرد جي احساس ۽ ادراڪ سان آهي. ٻين لفظن ۾ کڻي ائين چئجي ته شعر ڪنهن شاعر جي ذاتي تجربن ۽ مشاهدن جو مظهر هجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو “شعر کي عام طور داخلي جذبات ۽ محسوسات جو اظهار چيو ويندو آهي، پر ادبي تنقيد ۾ اهو شعر جو نهايت محدود تصور آهي. جيڪڏهن شعر رڳو داخلي ۽ تخليقي تجربي يعني جذبات ۽ محسوسات جو اظهار آهي ته پوءِ اها ئي تعريف ناول، افساني ۽ ٻين صنفن تي به پوري لهي ٿي. شعر جي ماهيت تي ويچار ڪرڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته شعر لفظن ۽ معنائن جي بهترين تنظيم جو نالو آهي، جيڪا پيچيده عمل مان گذرڻ بعد وجود ۾ اچي ٿي. اها تنظيم مختلف عنصرن جو مربوط نتيجو آهي. انهن ئي عنصرن جي ڪري شعر ۾ وڌيڪ گھرائي، گھڻو مبالغو، گھڻي وسعت ۽ زرخيزي پيدا ٿئي ٿي ۽ ان جو ظاهري سوڙهو رستو به معنوي اعتبار کان وسيع ٿي وڃي ٿو.” (2)
    جڏهن اسين شاعري جي ڳالهه ڪنداسين ته شاعري رڳو لفظن سان نه پر تخيل، احساس ۽ جذبي سان تخليق ٿئي ٿي. پر افلاطون وري انهن ٽنهي شين تي عقل ۽ منطق کي ترجيح ڏئي ٿو. هن پنهنجي مثالي رياست مان شاعرن کي ان ڪري ٻاهر ڪڍيو هو جو اهي جذبن جا غلام هوندا آهن. هن شاعريءَ تي فلسفي کي انهيءَ ڪري ترجيح ڏني جو هن شاعريءَ کي فلسفي کان ڪمتر پئي سمجھيو. انهيءَ ڪري هن اهو اصول بيان ڪيو ته شاعري ۽ فلسفي وچ ۾ ازلي دشمني آهي. فلسفي جو بنياد عقل تي آهي، جيڪا انساني ذهن جي اعلى ترين صفت آهي، جڏهن ته شاعري جذبات جي تصوير آهي. افلاطون جو چوڻ آهي ته “جذبو ماڻهوءَ کي صالح بڻائڻ بدران سندس ذهن کي ڀڙڪائي ٿو ان ڪري اهو عقل جي لاءِ خطرناڪ آهي. شاعري جذبن جي پرورش ڪري ٿي جيتوڻيڪ ان جو ڪم انهن تي ضابطو آڻڻ ۽ روڪڻ هيو.” هن جو چوڻ آهي ته “جذبي کي حڪمران هجڻ بدران محڪوم هجڻ گھرجي شاعري احساس کي تقويت ڏئي ٿي ۽ ادراڪ کي معطل ڪري ٿي. وڏي عقل وارو ماڻهو غور و فڪر ڪندو آهي جذبات جي سمنڊ ۾ وهي نه ويندو آهي. الهامي ڪيفيت يا وجدان تي شاعر جو قبضو نه هوندو آهي. انهيءَ ڪري ان جي رهبري قبول ڪرڻ حماقت آهي. شاعر ڪڏهن پيغمبر بڻجي ويندو آهي ته ڪڏهن پاڳل ۽ سندس شخصيت ان جي وچ ۾ ٽنگيل هوندي آهي.” (3)
    شاعرن لاءِ افلاطون جو اهڙو سخت لهجو سماج ۾ سندن شخصيت کي متضاد، بي عمل ۽ ڀٽڪيل ثابت ڪري ٿو. حقيقت ۾ شاعرن وٽ رڳو جذبات جي دنيا نه آهي، هو فقط احساسن جا غلام نه آهن پر هنن وٽ پنهنجو شعور، ادراڪ، منطق ۽ دليل آهي. هنن جي دنيا نرالي آهي. هڪ شاعر جو متحرڪ سماجي ۽ عصري شعور ۽ حسي تجربو نهايت اهم ٿئي ٿو. “شاعريءَ جي آرٽ لاءِ اخلاقي ۽ سماجي حقيقت کان ڪئي ڀيرا وڌيڪ حسياتي حقيقت جي ضرورت پوندي آهي. شعري آرٽ محسوسات جي دنيا آهي...... اها حقيقت آهي ته شاعر يا ڪوئي به فنڪار حساس هوندو آهي، پر هو هر ڳالهه کان متاثر نه ٿيندو آهي. هن جا قبول ڪيل اثر هن جي جذبن کي ڀڙڪائيندا آهن، پر تخليقڪار جي ڪاميابي ان ۾ آهي ته هو انهن اثرن ۽ جذبن جي وهڪري ۾ ترتيب ۽ تهذيب پيدا ڪري ۽ انهن کي پنهنجي تجربي ۾ تحليل ڪري. انهن اثرن ۽ جذبات جي شدت جي فوري نتيجن ۾ پيدا ٿيڻ وارو ادب غير مرتب هوندو. شاعري بهترين تنظيم جو نالو آهي. ان تنظيم لاءِ تجربي جي تهذيب ضروري آهي ۽ اها تهذيب فوري تاثرات مان پيدا نه ٿيندي آهي. انهيءَ ڪري شخصي ۽ فني تجربي ۾ هڪ فاصلو گھرجي. وليم ورڊس ورٿ چيو هو ته “شاعري هيجان وقت نه پر سڪون جي وقت پيدا ٿيندي آهي. ان جو مطلب آهي ته ڪنهن واقعي بعد فوري طور ظاهر ٿيڻ وارن جذبن ۾ سنجيدگي ڪجھ وقت گذرڻ بعد پيدا ٿيندي آهي.” (4)
    ان سموري پس منظر ۾ جڏهن اسين جديد سنڌي شاعري تي نگاهه وجھنداسين ته اسان کي ويجھڙ ۾ سرجندڙ سنڌي شاعري ۾ ڪيئي فني، هيئتي ۽ صنفي تجربا نظر ايندا. سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ ٿيندڙ هر نئين تجربي جي آجيان ڪرڻ گھرجي، پر شرط اهو آهي ته ان تجربي ۾ شاعراڻي بيساختگي ۽ آرٽ هجي. اسان وٽ ڪوتا نگر ۾ ڪي فني ۽ صنفي تجربا اهڙا به ٿيا آهن جن ۾ گھاڙَ جو ڪم ته برابر ڪيو ويو آهي پر انهن صنفن ۾ شاعراڻو ادراڪ ۽ اُڇل نظر نه ٿي اچي. ساڳي وقت سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙن ڪن هيئتي ۽ صنفي تجربن پنهنجي جاءِ به ماڻي آهي ته ڪي ان شعوري ڪوشش جي پنڌ ۾ پوئتي به رهجي ويا آهن. عصر حاضر ۾ جڏهن سنڌي غزل جي قبر کوٽڻ جي ڳالهه منظر تي آهي تڏهن سعيد ميمڻ جو طويل غزل سنڌي شاعري ۾ هڪ اهڙي ڀرپور فني ۽ تخليقي تجربي طور سامهون آيو آهي جنهن جي دل کولي آجيان ڪرڻ گھرجي.
    سعيد ميمڻ جديد سنڌي شاعريءَ جو هڪ اهڙو تخليقڪار آهي، جنهن وٽ پنهنجو ڌار حسي تجربو آهي. هن وٽ پنهنجو آرٽ ۽ پنهنجو لهجو آهي، هو نئين سنڌي شاعريءَ جو هڪ اهڙو آواز آهي، جنهن کي هم عصر دور نه رڳو ڪنايو آهي پر هنئين سان هنڊايو به آهي. سعيد ميمڻ ۽ مون اڄ کان اٺاويهه سال اڳ 1988 ڌارا گڏ ئي لکڻ شروع ڪيو. ابتدائي مشاعرن ۾ به گڏ گڏ شريڪ ٿياسين ۽ اتان ئي اسان جي دوستي ۽ محبت جو سلسلو به شروع ٿيو. اسين وقتاً فوقتاً هڪ ٻئي جي شعرن تي کليل راءِ جو اظهار ۽ تنقيد به ڪندا رهيا آهيون. مان اها ڳالهه وڏي سرهائيءَ سان چوان ٿو ته اڄ سعيد ڪوتا ڪاڪ جو راڻو آهي. جيتوڻيڪ اهو سچ آهي ته اسان جو سماج ڏات ڌڻين کي اهو گھربل مقام ۽ مڃتا نه ٿو ڏئي، جنهن جا اهي حقدار هجن ٿا، پر مان سمجھان ٿو سعيد اسان جي ٽهي جي ٻين ڪيترن ئي تخليقڪارن کان پوءِ به وڌيڪ خوش قسمت آهي جو وقتاً فوقتاً هن کي گھربل مانُ، محبت ۽ پزيرائي ملندي رهي آهي. سعيد جي شاعريءَ تي هن وقت تائين جيڪو ڪجھ لکيو ويو آهي، جيڪڏهن ان مواد کي سهيڙجي ته به هڪ بهترين ۽ ذخيم اڀياسي ڪتاب جُڙي پوندو. هن کان اڳ مان خود سعيد ميمڻ جي شاعري تي ٻه مضمون لکي چڪو آهيان. پهريون سندس پهرين شعري مجموعي “نيڻ سفر ۾” تي ۽ ٻيو “درد جون آيتون” تائين سندس شايع ٿيل سمورن ڪتابن تي جامع مضمون لکيو هيو. هي ٽيون مضمون آهي، جيڪو سندس طويل غزل جي ڪتاب “ازل جو آڏاڻو” تي لکي رهيو آهيان. ان حقيقت کان به انڪار نه ڪبو ته سعيد تي هن وقت تائين جيڪو ڪجھ لکيو ويو آهي ۽ هن کي جيڪا مڃتا ملي آهي اها ڪافي نه آهي هن جي شاعري ۽ شخصيت وڌيڪ محبت ۽ توجه جي لائق آهي.
    پياري سعيد جڏهن ڪتاب “ازل جو آڏاڻو” نوجوان شاعر مخمور رضا جي هٿ ڪاليج موڪليو هو ته پڙهڻ کان سواءِ پنا ورائي ڏٺم ته لڳو هن ڪتاب ۾ جيتري شاعري آهي لڳ ڀڳ اوترو ئي نثر آهي. ڀرسان ويٺل هڪ پروفيسر منهنجي هٿ مان ڪتاب وٺندي اٿلائي ڏٺو ۽ چيائين ته سائين هي نثر جو ڪتاب آهي يا شاعريءَ جو؟ مون چيو “هن ڪتاب ۾ هڪڙو ئي طويل غزل آهي.”
    جڏهن مون هي طويل غزل پڙهي پورو ڪيو ته منهنجي ذهن ۾ اها راءِ جڙي ته هي غزل پنهنجي طوالت جي باوجود پنهنجي فني، لسانياتي، فڪري ۽ اسلوبي خوبين سبب پڙهندڙ جي حواسن تي بار نه ٿو وجھي. هي غزل وري وري اڀري ۽ لهي پيو. ڇوته هن ۾ ڪيئي مطلع ۽ مقطع آهن. اڀرڻ ۽ لهڻ جو اهو سلسلو لهرن وانگر آهي. اهي احساس جون لهرون ڪڏهن ڇوهيون ته ڪڏهن ڌيميون آهن. هن غزل جو ختم ٿي وري شروع ٿيڻ وارو سلسلو خاڪ مان گلزار ٿيڻ وانگر آهي. سعيد جي هن غزل ۾ نه رڳو خيالن جو هجوم آهي پر اظهار جي بيساختگي به هن غزل کي حسن بخشيو آهي. هي طويل غزل هڪ لڱا ڪنهن طوفان وانگر به لڳي ٿو. جيئن طوفان پاڻ سان گڏ گھڻو ڪجھ کڻي تيز تيز اڳتي وڌندو ويندو آهي تيئن ئي سعيد جو هي غزل به خيالن جون ڪيئي وٿون پاڻ سان گڏ کڻي اڳتي وڌندي محسوس ٿئي ٿو. ان طوفان ۾ ڪيئي خيالن جا ڪک پن آهن....... هن غزل ۾ شعري مبالغي، ابهام، استعاري ۽ تشبيهه جو حسن ۽ اسلوب جي رنگيني عيان آهي. فني لحاظ کان هي غزل ٻه رخو محسوس ٿئي ٿو. ڪٿي هن ۾ هڪ ئي موضوع جي وهڪري سبب مسسل غزل وارو انداز آهي ته ڪٿي ٽڙيل پکڙيل خيالن جي رنگيني هن کي غير مسلسل بڻائي ٿي.
    شاعريءَ سان لونءَ لائيندڙ نون فنڪارن جي ذهن ۾ پهريون سوال اهو ئي اڀرندو آهي ته “آخر شعر ڇا آهي؟ ۽ ڇو آهي” جڏهن سعيد ميمڻ جي ذهن ۾ اهي سوال گھر ڪن ٿا ته هو خيال جي گھوڙي کي ڊوڙائي ان نتيجي تي پهچي ٿو ته شعر روح جو سڙٻاٽ آهي. پر نه ڄاڻ ڇو سعيد “شعر ڇو آهي؟” واري سوال جي اڃ اندر ۾ ڇڏي وڃي ٿو.

    شعر ڇا آهه؟ شعر ڇو آهي؟
    سعيد! سڙٻاٽ روح جو آهي

    شعر هر فرد لاءِ فڪر، شعور ۽ ادراڪ جون دريون کولي ٿو. ان ڪري شاعري هر گھٽيل ذهن لاءِ تازي هوا وارو ڪم ڪري ٿي. شعر رڳو وندر ۽ ورونهن جو وسيلو نه آهي پر ان ۾ آگهي جو سمنڊ به ڇوليون هڻندو آهي. پر هڪ سٺي شعر کي سمجھڻ خود هڪ مامرو آهي، ڇوته ان لاءِ هڪ خاص ذوق جي ضرورت هوندي آهي. سٺي شعر جي تهه تائين رسائي تيسيتائين ممڪن نه آهي جيسيتائين سماج ۾ علم ۽ شعور جو سج نه ٿو اڀري. سعيد کي شڪايت آهي ته سماج ۾ باذوق ماڻهن جو قحط آهي تنهنڪري هاڻي پنهنجو لکيل شعر پاڻ کي ئي پڙهڻو ٿو پوي.

    ذوق وارن جو قحط پيو آهي
    خود لکيو شعر، خود پڙهيو آهي

    سعيد جو شاعريءَ بابت ڪانسيپٽ ڪليئر آهي. هو شاعري کي وندر ۽ ورونهن جو وسيلو يا ڪو اشتهار نه ٿو سمجھي، پر هو ان کي من جو مراقبو ۽ وجدان سڏي ٿو.

    شاعري اشتهار ناهي ڪو
    شعر، من جو مراقبو آهي
    ........
    سڀ هي وجدان جي عنايت آ
    شعر ويهي نه مون گھڙيو آهي

    شعر جڏهن من جو مراقبو بڻجي ٿو ۽ ان جي تخليق جو ڪارڻ وجدان ٿئي ٿو ته پوءِ يقينن اهڙي شاعري ٻرندڙ سيني تي احساسن جي صحيفي وانگر لهي ٿي.

    منهنجو سينو ٻري رهيو آهي
    ٿي صحيفو غزل لٿو آهي

    سعيد جي اندر ۾ جيڪا آڳ آهي، ان کي هو ڪنڀار جي بٺيءَ سان تشبيهه ڏئي ٿو. هو پاڻ کي اهڙو ڪوزه گر ڄاڻي ٿو جنهن جي هٿن جي ڇهاءَ سان خيال جون طرحين طرحين صراحيون، مٽ ۽ گھڙا تخليق ٿين ٿا ۽ هو جڏهن خيال جي انهن ٿانون کي دل جي آويءَ ۾ پچائي ٿو ته اهي شعر بڻجي پون ٿا.

    ڄڻ ته آئون ڪنڀار شاعر هان
    شعرُ دل جي بٺيءَ پڪو آهي

    سعيد ميمڻ جي هن طويل غزل ۾ انيڪ حسين خيال، منظر ۽ احساس آهن. هن غزل ۾ تخيل جو هڪ جهان آباد آهي. “تخيل جي تعريف ڪندي ڪولريج ان کي ٻن خاص حصن ۾ تقسيم ڪيو آهي. جنهن کي بنيادي تخيل [Primary Imagination]۽ ثانوي تخيل [Secondary Imagination] سان ڄاتو وڃي ٿو. بنيادي تخيل کي هو سموري انساني ادراڪ ۽ زنده قوت جو محرڪ سمجھي ٿو. بنيادي تخيل حقيقت جو محظ ادراڪ آهي، جڏهن ته ثانوي تخيل بنيادي تخيل جي توسيع آهي. ٻنهي جو عمل هڪ ئي آهي يعني شين جو ادراڪ حاصل ڪرڻ پر عمل جو طريقو مختلف آهي. ٻنهي ۾ درجي ۽ عمل جي دائري جو فرق آهي. ثانوي تخيل بنيادي تخيل جي سڏ جو پڙاڏو آهي، ان جو بنياد نئين تعمير / ردِ تشڪيل تي آهي پر ان جي عمل ۾ شعوري ارادي [Conscious Will] کي دخل هوندو آهي.” (5). سعيد جي شاعريءَ خاص طور هن طويل غزل ۾ ڪولريج طرفان بيان ڪيل تخيل جون اهي ٻئي صورتون موجود آهن. هيٺين شعرن ۾ انهيءَ حقيقت جي ادراڪ، تخيل جي نئين تعمير ۽ شعوري ارادي جي جھلڪ پسي سگھجي ٿي.

    مان نه ٿو اڄ جهان ۾ ماپان
    تنهنجو اسرار اڄ کُليو آهي
    .............
    آهي جھوني زمين ڄڻ ڏاڏي
    اڀُ، نيرو، ٻڍو ابو آهي.
    .............
    پاڻي آهي زمين جي ٻڪ ۾
    ٿو پيئي هو پکي اڃو آهي.
    .............
    گل جا ڳل اڃا به آلا هن
    پرهه جو، کيس ڪنهن چميو آهي
    .............
    ذات جا الجھيل ڏٺا ڌاڳا
    مون پئي منُ اکيليو آهي.
    .............
    منهنجي سيني ۾ روڄ راڙو آ
    دل ته ناهي، ڪوئي تڏو آهي

    سعيد ميمڻ جو هي طويل غزل جنهن لاءِ خود سعيد جو چوڻ آهي ته “جڏهن مون هي طويل غزل لکڻ شروع ڪيو ته ائين لڳو ڄڻ مون تخيل جي نامعلوم ڏسائن ڏانهن سفر شروع ڪيو آهي. مون محسوس ڪيو ته دنيا جون ساريون لذتون، زندگيءَ موت جا سڀ ذائقا منهنجي رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳا آهن. ائين لڳو نوان ادراڪ جا دروازا کلندا پيا وڃن، اندر ۾ بيشمار راز آشڪار ٿيندا پيا وڃن.” (6) تنهنڪري هي غزل در اصل سعيد جي اندر جي اجھاڳ مسافت، ننڊ ۽ جاڳ، خمار ۽ بي قراري توڙي تخليقي وجدان جو پرتوو آهي.

    هي غزل مون کي ائين لڳو آهي
    ڄڻ ته سپنن جو سلسو آهي
    ..........
    هڪ غزل ۾ سمائجي سڀ ڪجھ
    پر هي ميدان ڪجھ ننڍو آهي
    ..........
    هي غزل تحفو آ پرين تنهنجو
    هار تو لاءِ پوئيو آهي.

    مونکي لڳي ٿو ته سعيد جو هي طويل غزل جنهن کي هو پاڻ “ايڪويهين صدي جي اڪيلي انسان جو رزميو” (7) سڏي ٿو اصل ۾ ان جي تخليق جو بنيادي محرڪ عشق آهي. ڇوته سندس هن طويل غزل ۾ عشق جون سوين صورتون نظر اچن ٿيون ۽ هو پاڻ به چوي ٿو ته عشق منهنجي دل جو ترجمو آهي:

    مون پڇي “عشق” جي پئي معنى
    دل چيو، منهنجو ترجمو آهي.

    سعيد ميمڻ پنهجي هن ڊگھي غزل ۾ ڪٿي عشق کي پاراتو ٿو ڏئي جو ان هن جو گھر ويران ڪيو آهي ته ڪٿي سندس دل کي عشق حوصلو بخشي ٿو، ڪٿي عشق يوسف جو ويس ٿو ڦاڙي، ڪٿي هن کي عشق دل جي آرسي لڳي ٿو ته ڪٿي دستور سان بغاوت، ڪٿي عشق آجپي جو ماڳ آهي ته ڪٿي کيس عشق عيسى جي مسيحائي ۽ سقراط جو ڏيئو ٿو ڀاسي، ڪٿي عشق عرفان جي بلندي بڻجي ٿو ته ڪٿي رڻ جي تتل واري، ڪٿي عشق جوڳين جو جٿو آهي ته ڪٿي وري ڇولين جو غوراب، اهوئي عشق ڪڏهن آيت جيان مٿس لهي ٿو ته ڪڏهن عاشقن کي سوء نگاهون ٿو ارپي، ڪڏهن درياهه جو ڪنارو بڻجي ٿو ته ڪڏهن روحن جو پيچ ۽ دلين جو رابطو. ڪڏهن اهو اکڙين جو اوجاڳو ٿئي ٿو ته ڪڏهن پرهه جو خواب، ڪڏهن سندس من عشق جي قدم بوسي ڪري ٿو ڪڏهن وري کيس عشق هڪ موجزو ٿو لڳي. ص 64، 65 ۽ 66 تي سعيد لڳاتار ڏهه شعرن ۾ عشق جون الڳ الڳ وصفون ٻڌايون آهن. پر جڏهن فيض احمد فيض وانگر کيس ياد اچي ٿو ته زماني ۾ عشق کان سواءِ ٻيا به ڪيئي غم آهن ته ائين به چئي ڏئي ٿو ته:

    عشق لئه وقت هاڻي ڪاٿي آ
    دل چري! ٻيو گھڻو خفو آهي

    سعيد جي هن طويل غزل جي کوڙ شعرن ۾ همعصر شاعرن واري فڪري يڪسانيت ۽ خيال جي ويجھڙائي به محسوس ٿئي ٿي، غزل جي مقرر وزن بحر ۽ ساڳئي قافيي رديف هجڻ جي ڪري اهڙي يڪ رنگي فطري به آهي. استاد بخاريءَ جي مشهور غزل جو مطلع آهي ته:

    سامهون آهين ته حادثو آهي
    ديد ۾ دل ۾ زلزلو آهي

    سعيد جا هيٺيان شعر پڙهجن ٿا ته انهن ۾ به خيالن جو اهڙو ئي تاڃي پيٽو محسوس ٿئي ٿو:

    ڪا قيامت آ ديد ۾ هن جي
    منهنجي اندر ۾ ٿرٿلو آهي
    يا
    هن کي جنهن شخص ڀي ڏٺو آهي
    تنهن جي دل منجھ زلزلو آهي

    اهڙي طرح ساغر صديقي جو مشهور شعر آهي ته:
    زندگي جبر ِمسلسل کي طرح کاٹي هے
    جانے کس جرم کي پائي هے سزا ياد نهيں

    سعيد ٿو چوي ته:

    هي ته قيديءَ جي زندگي آهي
    ڏوهه ڪهڙي جو ڏنڊ ڀريو آهي

    جڏهن سماج ساڳيو هجي، حالتون ساڳيون هجن، ڪرب ۽ درد ساڳيو هجي، بي رخيون ۽ بي حسيون ساڳيون هجن ته پوءِ شاعرن جون ڪيفيتون مختلف ڪيئن ٿيون ٿي سگھن..... هڪ شاعر زندگيءَ جو مسخ ٿيل چهرو ڏسي سندس حسن جا نغما ڪيئن ڳائيندو. منهنجي هڪ غزل جو شعر آهي ته:

    هر ڪا ظالم نظر نهاري ٿي
    زندگيءَ جي اگھاڙي ڇاتي آ

    ائين ئي سعيد جي هن طويل غزل ۾ هڪ شعر آهي:

    زندگيءَ جي قميص آ ڦاٽل
    بي وسيءَ بت پئي ڏٺو آهي.

    سعيد جو هي طويل غزل پڙهندي هڪ اهڙو شعر به نظرن مان گذريو جنهن مان لڳو ته هن کي موجوده دور جي نقاد کان شڪايت آهي. جيڪو تخليق جي تراش خراش ڪري ان جي خوبين ۽ خامين کي اجاگر ڪري ان جو ملهه نه ٿو لهي ۽ ڪٿ نه ٿو ڪري.

    ڪين آهي ڪو جوهري نقاد
    سعيد! مٽيءَ ۾ سون پيو آهي

    اهو سچ آهي ته سعيد جا سون جهڙا خيال هن بي حس سماج جي بي قدريءَ واري مٽيءَ جي ڍير ۾ گم ٿيل آهن جن کي ان مان ڪڍي ۽ انهن جو حقيقي مُلهه لهڻ جي ضرورت آهي. ورنه سعيد جي سماجي بيحسي واري هيءَ شڪايت اسان جي ڪنن ۾ سدا ٻُرندي رهندي.

    بي حِسَن جي سماج ۾ رهندي
    اي خدا! ڏاڍو ڀوڳيو آهي.

    منهنجو خيال آهي ته سعيد ميمڻ جي هن ڊگھي غزل ۾ “حدي خوانو“، “دار و رسن” ۽ “ڪميت” جهڙا ڀاري لفظ غزل جي فطري حسن ۽ رواني کي متاثر ڪن ٿا. سعيد جو لهجو سادو، معصوم ۽ نرم آهي هن جو فڪر سنڌ جي تهذيبي قدرن سان جڙيل آهي. تنهنڪري اها منهنجي راءِ آهي ته سعيد جهڙي نج شاعر کي اهڙن ڌارين استعارن جي اوڌر جي ضرورت ناهي، جيڪي نه ته اسان جي ٻوليءَ ۾ مروج آهن ۽ نه ئي اهي غزل جي نفاست، نغمگي ۽ روانيءَ سان پيا ٺهڪن، بلڪه ان قسم جا لفظ غزل جي فطري منظرنامي کي متاثر ڪن ٿا ان ڪري سعيد کي منهنجي صلاح آهي ته لفظن جو اهڙو اجايو اڊنمبر چڱو ناهي.
    سعيد ميمڻ جي هن تخليقي تجربي ۾ نهايت حسين ۽ نراليون تشبيهون موجود آهن..... چنڊ دنيا جي سموري تشبيهاتي شاعري جو محور رهيو آهي، ڪنهن شاعر چنڊ کي محبوب جي مک سان ڀيٽيو آهي ته ڪنهن وري کيس گدري جي ڦار يا ٽٽل چوڙيءَ سان تشبيهه ڏني آهي، پر سعيد چنڊ کي ڪنهن پري رخ جي ڪٽيل نهن سان تشبيهه ڏئي ٿو، جيڪا بنهه نئين ۽ نڪور تشبيهه آهي.

    نهن ڪٽيل آهه ڪنهن پريءَ جو يا
    چنڊ تاريخ ٻيءَ جو آهي.

    اهڙي طرح سندس هيءَ تشبيهه ڏسو، جنهن ۾ لاڪيٽ ٻن پهاڙن جي وچ ۾ چنڊ بڻجي بيٺو آهي:

    چنڊ آ ٻن پهاڙين وچ ۾
    تنهنجو لاڪيٽ ائين لڳو آهي

    اياز چنڊ جي رنگ ۽ روپ کي پرينءَ جي صورت سان ڀيٽي ٿو ته، ڀٽائي محبوب جي حسن اڳيان چنڊ جي چانڊوڪيءَ کي تڇ ڀانئي ٿو. ائين ئي سعيد وري چنڊ کي هڪ اگھاڙو جسم ٿو سمجھي ۽ سندس اها عرياني کيس پسند آهي ڇوته ان اوگھڙ ۽ عرياني مان نور ڦٽي ٿو، تنهنڪري هو چنڊ کي بادلن جي لباس ۾ قبول نه ٿو ڪري. ڇا ته خيال آهي:

    چنڊَ! بادل سان ڍڪِ نه عرياني
    ڪنهن بدن تُنهنجو پئي تڪيو آهي.

    اها ڳالهه عام آهي ته شاعر سمنڊ جيڏي خيال کي چند لفظن جي ڪپڙيءَ ۾ وجھڻ جو هنر رکندو آهي. وقت، زندگي ۽ موت شعري جهان جا اهڙا استعارا آهن، جن تي تمام گھڻو لکيو ويو آهي. سعيد وقت کي درياهه جي رواني ۽ موت کي ڪُن سان تشبيهه ڏني آهي. اهي ٻئي تشبيهون نه رڳو تز آهن پر هِن شعر جي ٻن سٽن ۾ هُن وقت ۽ موت جي فلاسافي کي تمام سهڻي نموني سمجھايو آهي.

    وقتُ، درياءَ جي رواني آ
    موت ڄڻ ڪُن ڪو وڏو آهي

    سعيد هي طويل غزل لکندي ڪيترائي اعتراف به ڪيا آهن. غزل کي فن جي تارازيءَ ۾ توريندڙن ۽ قافين کي زير ۽ زبر جي گھٽ وڌائيءَ جي ڪري رد ڪندڙ نقادن کي اڳ ئي چئي ڇڏيو اٿس ته منهنجي اندر ۾ خيالن اهڙو ته زلزلو مچائي ڇڏيو آهي جو ان تحرڪ جي ڪري منهنجو قلم بيساخته وهندو ٿو رهي، تنهنڪري ٻيلي منهنجي هن غزل کي زير زبر واري پرک کان ٻاهر رکجو.

    آنءُ زير ۽ زبر کي ڇا ڏسندس
    منهنجي من ۾ ڪو زلزلو آهي

    اڳتي هلي ان زير زبر ۽ تز قافين جي چڪر ۾ نه پوڻ جي Justification هن طرح ڏئي ٿو:
    ٿورو آزاد قافيو آهي
    مون غزل جو نه دم گھٽيو آهي

    هي ڊگھو غزل لکندي سعيد کوڙ جاين تي قافين ۽ خيالن جو ورجاءُ ڪيو آهي پر جيئن ته هي غزل سندس جذبن جو وهڪرو آهي، تنهنڪري ان وهڪ ۽ فلو ۾ ڪيئي خيال وري وري ڌوپي اجارا ٿي اچن ٿا. هن هيڏي ساري غزل جي خيالن کي هڪ ئي وقت سنڀالڻ خود هڪ مامرو آهي ۽ ان طوالت جي ڪري ڪٿي ڪٿي اگر ڀراءَ وارا شعر به اچي ويا آهن ته انهن کي به هن غزل جي اڏاوت جو هڪ ٽول سمجھڻ کپي. ڪنهن نقاد جي نظر ۾ اگر هن غزل ۾ ڪي فڪري ۽ معنوي جھول به هجن ته انهن کي هن ڊگھي سفر جي راهه جا ڪنڊا ۽ پٿر سمجھڻ کپي، جن کان سواءِ به سفر ۾ لطف ۽ لذت محسوس نه ٿيندي آهي.
    هڪ شاعر جو ڪمال اهو آهي ته هو ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ ڳالهائي سگھي ٿو، هن جو فڪر ۽ تخيل زمان ۽ مڪان جي حدن کان اتاهون هوندو آهي. هو پنهنجي وجود ۾ اچڻ کان اڳ جي ڳالهه به ڪري سگھي ٿو ته فنا کان بعد جا قصا به ٻڌائي سگھي ٿو. هو وقت جي ڪنهن به ڇيڙي کي پڪڙي پنهنجي شعرن ۾ محوِ تڪلم رهي سگھي ٿو، تنهنڪري هن کي وقت جي حدن ۾ قيد نه ٿو ڪري سگھجي. هو ڪالهه، اڄ ۽ سڀاڻي ۾ موجود هوندو آهي. سعيد جي هن غزل ۾ به اسان کي ڪجھ اهڙا شعر ملن ٿا:

    ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي نه پنهنجي منَ
    هي پتو هو ته ڪنهن ڪٺو آهي
    ..........
    ”دردنامو” حشر ۾ آ هٿ ۾
    رب اڳيان دل نه ڪجھ ڪڇيو آهي.

    سعيد ميمڻ جي هن طويل غزل ۾ انيڪ موضوع، ڪيفيتون ۽ منظر سمايل آهن. ائين ئي هي غزل پنهنجي اندر ڪيئي فڪري جهتون رکي ٿو. هن غزل جا ڪجھ شعر اهڙا به آهن جن تي صوفين وارو گيڙو ويس اوڍيل آهي. تصوف ۾ نفس جي غلامي کي قبول نه ڪيو ويندو آهي. سعيد انهيءَ صوفي فڪر کان متاثر ٿيندي چيو آهي ته:

    نفس هر هر ڪئي ملامت آ
    دل، گريبان کان وتو آهي

    سعيد هي غزل لکندي وزن جي پورائي لاءِ ڪٿي ڪٿي لفظن جي اصليت کي بگاڙيو آهي. جيئن لفظ “چيتو” کي “چتو” ۽ “پيسجي” کي “پسجي” لکي ويو آهي. پر ساڳي جڳهه تي هو “ڊاٻ” (ڌوڙ)، “جاڪون” (جڏهن کان) ۽ “حالي” (هن وقت) جهڙا نج لفظ استعمال ڪري غزل جي زمين کي اهڙي خوشبو بخشي ٿو، جهڙي ڀونءِ مان اُٺي کان پوءِ ايندي آهي.
    سعيد ميمڻ “ازل جي آڏاڻي” ۾ سماجي نا انصافي ۽ انياءَ جون ڪرب ناڪ ۽ لونءَ ڪانڊاريندڙ تصويرون به ڏيکاريون آهن. انهن مان هڪڙي تصوير ڏسو:

    ڪيڏي معصوم ٻارڙي آهي
    ڪالهه جنهن ساڻ ريپ ٿيو آهي

    اهو انياءُ تڏهن ٿئي ٿو جڏهن ماڻهوءَ جي اندر جو انسان مري وڃي ٿو ۽ ان جي جاءِ تي بکيو بگھڙ اچي ويهي ٿو.

    منهنجي اندر جو ڪاڏي ويو انسان؟
    پاڻ ۾ مون بگھڙ ڏٺو آهي

    سعيد جي اها خود ڪلامي ته ‘پاڻ ۾ مون بگھڙ ڏٺو آهي’ Global Era جي انسان جي منهن تي وڏي چماٽ آهي. ان خودڪلامي پويان لڪل طنز ۾ ٽين دنيا جي لکين ڏتڙيل ماڻهن جا سڏڪا ۽ آهون به موجود آهن.
    شاعر اميدن تي جيئندا آهن. اها اميد جي روشني هنن کي تاريخ جي سبقن منجھان ملندي آهي. تاريخ ڪيترن ئي ظلم جي ديوتائن کي تخت مان تختي تي پهچايو آهي ۽ فرعون، نمرود، هامان، شداد، هٽلر، اسٽالن، چنگيز، هلاڪو، نادر شاهه وغيره ظلم جي تاريخ جا اڻ مٽ ڪردار آهن، جن کي وقت ڊگھو رسو ڏنو هو پر نيٺ آخر اهو رسو سندن ئي ڳچي ۾ پيو. تاريخ جي ان منظرنامي جي سعيد کي ساڃاهه آهي تنهنڪري هن پنهنجي هن غزل ۾ موجوده دور جي ظالمن سان ڪلام ڪندي تاريخ جي مٽيءَ مان هي شعر ڳوهيو آهي:

    نيٺ هوندو ڳچيءَ ۾ تنهنجي
    توکي حالي رسو ڊگھو آهي.

    سعيد ميمڻ جي هن غزل ۾ ڪي شعر اهڙا به آهن، جن ۾ لفظن جي ٿوري هيرا ڦيريءَ سان مفهوم گھڻو بهتر ۽ واضح ٿي ويندو. جيئن:

    حسن ڇا توتي ئي کٽو آهي؟
    هڪ کان وڌ حسين پيو آهي.

    هي شعر هن طرح لکجي ها:
    حسن ڇا توتي ئي کٽو آهي؟
    هڪ کان هڪ حسين پيو آهي.

    گل جي خوبي چمڪ نه پر سڳنڌ آهي پر سعيد هڪ شعر ۾ رابيل جي خوشبو واري گڻ کي دٻائي ان جي سفيد رنگ کي چمڪ سان ڀيٽ ڏني آهي.

    ڇا ته چمڪي ٿو تنهنجي وارن ۾
    هي جو رابيل تو هئنيو آهي

    اهو شعر هن طرح ٿي سگھي پيو ته:

    ڇا ته مهڪي ٿو تنهنجي وارن ۾
    هي جو رابيل تو هنئيو آهي

    سعيد ميمڻ جي هن طويل غزل ۾ انيڪ اهڙا شعر آهن جن ۾ بيان جو حسن، خيال جي بندش، علامتي شعور، محاڪات ۽ فڪري تازگي جھلڪي ٿي. هي غزل خيالن ۽ موضوعن جو گھاٽو جھنگ آهي. هڪ پاسي هن ۾ سنڌ جي ڪلاسيڪل ۽ لوڪ داستانن جا ڪردار ٿا نظر اچن ته ٻي پاسي جديد عهد جو درد. هي غزل تاريخ جا پيرا کڻندي تخليقِ ڪائنات جي رازن کي کوليندي وجود جي گھراين جي مسافت به ڪري ٿو ته انسان جي شعور جي ڪايا پلٽ ڪندي انيڪ اڻ ڇهين احساسن کي به پاڻ ۾ سمائي ٿو. هي غزل رڳو سعيد جي داخلي احساسن جو ڪٿارسس ۽ ماورائي حقيقت جو اظهار ناهي ۽ نه ئي ان ۾ رڳو وجودي فڪر جي مٽي ڳوهيل آهي پر ان مان سعيد جو سماجي شعور پڻ جھلڪي ٿو. سعيد جو هي فني ۽ تخليقي تجربو جديد سنڌي شاعريءَ ۾ هوا جي هڪ تازي جھوٽي وانگر آهي.


    حوالا

    1. انصاري اسلوب احمد “تخليق اور تنقيد” سنگم پبلشرز اله آباد 3، 1968، ص 23 ، 24
    2. اشعرنجمی (مدیر) کتابی سلسلہ’ اثبات‘،ممبئی، جلد دوم،شمارہ:7،2010، مقاله: “شعر: دو جملے” (معيد رشيدي) ص 45
    3. رضوی زبیر (مرتب) ‘ذہن جدید‘،نئی دہلی جلد:21،شمارہ:59،دسمبر2010تافروری2011 مقاله “استعارے کا بھيد” (معيد رشيدي) ص 22
    4. ايضاً ص 37
    5. قریشی حیدر (مدیر) کتابی سلسلہ’جدیدادب‘جرمنی شمارہ:16،جولائی تادسمبر2011 ، مقاله:“تخیل کی شرح” (معيد رشيدي) ص 74
    6. ميمڻ سعيد “ازل جو آڏاڻو” ڪنول پبليڪيشن قنبر 2016 ص 46
    7. ساڳيو ص 46

    (24 جنوري 2016 تي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي ‘ادب شعبي’ پاران سعيد ميمڻ جي ڪتاب “ازل جو آڏاڻو” جي مهورت واري تقريب ۾ پڙهيل.)


    روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي پرک

    روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي پرک

    ادب ۾ Gender Deference يا جنسي / صنفي تفريق جو سوال ڏاڍو اهم ۽ بامقصد آهي، يعني هڪ پاسي مرد تخليقڪار آهي ته ٻئي پاسي عورت تخليقڪاره. ڪو به ساڃاهوند ان ڳالهه کان انڪار نه ڪندو ته تخليق جو ڪوبه Gender نه ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڪو چوڻ وارو چوي ته نظم ۾ مرداڻي حشمت ۽ وائي ۾ نسواني نزاڪت آهي ته اها ڳالهه نه رڳو اجوڳي پر مذحقه خيز به لڳندي، تنهنڪري شاعري عورت لاءِ به اوتري ئي اهم آهي جيتري مرد لاءِ. پوءِ ادب ۾ مرد ۽ عورت تخليقڪارن کي ڌار ڌار صفن ۾ ڇو ٿو بيهاريو وڃي؟ اهو هڪ دلچسپ سوال آهي. جنهن تي اسين اڳتي هلي ڳالهائينداسين. في الوقت ڳالهه ڪنداسين سنڌي ٻوليءَ جي سهڻي شاعره روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي.
    روبينه ابڙو جو مون سان پهريون تعارف ڪڏهن ٿيو هوندو ان جي مونکي پڪ ته ناهي پر ڪجھ ڌنڌلو اندازو آهي پر منهنجو هن سان پهريون تعارف ڪنهن رسالي ۾ ڇپيل سندس تخليقن وسيلي ٿيو هو. اها لڳ ڀڳ ٻه ڏهاڪا اڳ جي ڳالهه آهي. هيءَ اها ئي شرميلي شاعره آهي، جنهن کي مون پهريون ڀيرو اخبار ۾ ڇپيل هڪ فوٽو ۾ ڏٺو هيو ۽ جيڪا ستت ئي سنڌي ادب جي آسمان جو هڪ جرڪندڙ تارو ٿي پئي هئي ۽ ادبي حلقن ۾ سندس نالو ۽ حوالو اهميت وارو بڻجي ويو. بڻجي به ڇونه هوءَ واقعي به ته هڪ پختي ۽ خوبصورت شاعره هئي، جنهن وٽ پنهنجو نرالو فڪري دڳ، نئين حسيت، تخيل ۽ ادراڪ، فڪر ۽ آگهي، اظهار جا انوکا رستا، منفرد لفظيات ۽ تخليق جو الڳ گس موجود هيو. بيشڪ هن جي شاعريءَ ۾ هڪ جهان آباد آهي ۽ ان جهان ۾ جھاتي پائڻ لاءِ نه رڳو حسن ۽ تخليق جو شعور لازمي آهي پر شعر جي ماهيت جي پروڙ به ضروري آهي.
    ”شعر حسن جي تخليق ۽ تصور جو نالو آهي. اهو زندگيءَ جي تفسير به آهي ته ان جي تصوير پڻ. شعر مادي دنيا جو اهو عڪس آهي جيڪو شاعر جي ذهن تي جھلڪندو آهي ۽ خيال جي شڪل اختيار ڪندو آهي. آرٽ جو مقصد تلاشِ حسن آهي ۽ شاعري حسن جي تڪميل جو ذريعو.” (1) مصوري، موسيقي، سنگ تراشي ۽ رقص سميت آرٽ جا جيترا به فارم آهن انهن مان شاعريءَ کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي. “شعر هڪ ڳالهائيندڙ مصوري آهي جيڪا اسان سان کُلي ڳالهائيندي آهي. نقاشي هڪ خاموش شاعري آهي جنهن جي نطق کي ڳالهائڻ جو هنر حاصل نه آهي. شاعريءَ جي مقابلي ۾ نقاشي ۽ مصوري ساڪت ۽ سامت شيءِ آهي..... فنونِ لطيفه جي چئني قسمن ۾ شاعري مڃيل طور تي سڀني کان مٿاهين آهي. ڇوته منجھس باقي سمورين صنفن واريون خوبيون موجود آهن..... شاعر جي نگاهه انساني قدرن جي حقيقت ۽ ان جي گھراين تائين پهچندي آهي..... شاعر جو تخيل ستارن جي گذرگاهن کان اڳتي به سفر ڪري سگھي ٿو.” (2) C. Day Lewis پنهنجي ڪتاب A Hope for Poetry ۾ لکيو آهي ته “شاعرُ ڪائنات جي اڻ ٻُڌل آوزن کي ٻڌڻ لاءِ تيار رهندو آهي، هن جا حواس اهي نازڪ تارون آهن جيڪي سندس تجربن کي سندس تخيل جي آلي تائين پهچائينديون آهن.” (3)
    هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا روبينه جي شاعريءَ ۾ اها حسن جي تخليق توڙي زندگيءَ جي تفسير ۽ تصوير موجود آهي ۽ سندس شاعري حسن جي تڪميل جو ذريعو آهي؟ ڇا هن جي شعر ۾ ڳالهائيندڙ تصويرون موجود آهن؟ هن جي تخيل ۾ ستارن جي گذرگاهن کان اڳتي سفر ڪرڻ جي سگھ آهي؟ ۽ ڇا هن جو تخيل ڪائنات جا اڻ ٻڌل آواز جھٽي سگھي ٿو؟ اهي اهڙا سوال آهن جن جا جواب روبينه ابڙو جي شاعريءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن ريت موجود آهن. هن اڀياس ۾ اسان کي رڳو انهن سوالن جا جواب ئي تلاش نه ڪرڻا آهن پر اهو به ڏسڻو آهي ته روبينه ابڙو جي شاعري جو سهيوڳي شاعريءَ ۾ ڪهڙو مقام آهي ۽ پنهنجي ئي دور جي شاعرائن ۽ شاعرن کان هوءَ ڪهڙي ريت منفرد ۽ مختلف آهي. هن جي شاعري تخيل، تصور ۽ تفڪر جي ڪهڙن رستن تي پنڌ ڪيو آهي، هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪي فني ۽ هئيتي تجربا به ڪيا آهن يا نه. هن وٽ جيڪو فڪر ۽ ادراڪ آهي ان ۾ ڪيتري تازگي آهي. اهي سڀ نڪتا هن پرک ۾ شامل آهن.
    روبينه ابڙو 90 واري ڏهاڪي کان مسلسل لکندي رهي آهي ۽ لکڻ رڳو هن جي رياضت نه آهي پر ان کان اڳتي هوءَ ان کي تڪميل ذات جو هڪ لازمي ۽ اهم مرحلو ڄاڻي ٿي ۽ اهو عمل هن جي صدين کان اڃاري ۽ ٿڪاري روح جي آٿت ۽ نرواڻ جو ذريعو بڻجي ٿو. هن پاڻ لکيو آهي ته “لکڻ مون لئه خود ڪلامي واري ڪيفيت جيان به ٿي پوندو آهي... جنهن ۾ روح جسم جي انگ انگ سان ڳالهائيندو.... لڇندو ۽ بيچينيءَ جو سبب پڇندو رهندو آهي.” (4)
    لکڻ جڏهن تڪميل ذات جو مرحلو ۽ خودڪلامي بڻجي ويندو آهي تڏهن فطري طور ان ۾ اجھلپڻو اچي ويندو آهي. اهو اجھلپڻو ۽ بيساختگي روبينه جي شاعريءَ جو روح آهي. جنهن کي سندس انيڪ شعرن ۽ نظمن مان ڏسي سگھجي ٿو:

    هٺيلو هرڻ هردي جو
    الئه ڪنهن کي پيو ڳولي
    سموريون ڪائناتون ٿو لتاڙي
    ۽ پيو تاڙي
    سموريون ئي ترايون تاسَ نيريءَ جون
    گرم چشما اميدن جا
    ڦٽن ٿا ساهه منهنجي مان
    اڪيلو عشق آ ساٿي
    نويلو عشق آ ساٿي
    نه ڪا ٻي ساڻ بيساکي
    بدن جون بندشون اڄ
    روح جون سڀئي حدون اڪري
    پڳيون هن ديس اهڙي ۾
    جتي پنهنجو ئي پاڇو پاڻ کان
    ڏاڍو پرانهون آ

    هي آهي سندس اهو نظم “قدم کان عدم تائين” جنهن تان سندس پهرين شعري مجموعي جو عنوان چونڊيل آهي. هي رڳو هڪ نظم نه آهي ان ۾ هڪ ڪائنات سمايل آهي. هڪ اهڙي ڪائنات جنهن ۾ عشق جا اسرار به آهن ته جستجو جي اڃ به. مجازي موهه جا رنگ به، ته فنا جي فلسفي جي ساڃاهه پڻ. هن نظم ۾ اميدن جي مسافت ۽ روح جون رولاڪيون آهن، قدم کان عدم تائين جي اسرارن جو اشارو آهي. هڪ وهڪرو آهي هن نظم ۾...... بي ترتيب خيالن جي ترتيب آهي هي نظم. ۽ هن نظم جو سڀ کان حسين پاسو احساسن جو اهو اجھلپڻو آهي جيڪو منجھانئس ڀرپور تاثر اڀاري ٿو. اهو اجھلپڻو ۽ جرئت سندس غزلن مان به جھلڪي ٿي جئين:

    پرواهه لوڪ جي مون
    سڀ خاڪ ۾ اڏائي

    روبينه ابڙو جي شاعري گھڻ رخي ۽ گھڻ موضوعي آهي. ان ۾ رومانس جي حسين فضا به نظر ايندي ته درد جو ڀيانڪ طوفان به. مذهب جي نالي ۾ انسانيت جي پامالي جو احساس به پسبو ته سماج جي ڪڌين ۽ ڪارين ريتن جي ويل جي واويلا به ٻڌبي. هن جي شاعريءَ ۾ سار جو سرور به آهي ته پيار ۾ اعتبار ۽ تهمتن جا معاملا به. هن وٽ نسواني جذبات ۽ احساسات جو فطري لقاءُ ته موجود آهي پر هوءَ اڻ ڇهيا ساز به ڇيڙي ٿي. هن جي شاعريءَ ۾ هڪ اڻ پورائپ ۽ تشنگيءَ جو احساس وري وري اڀري اچي ٿو. هن جتي پنهنجي شاعريءَ کي منظرن ۽ محاڪات سان سجايو آهي اتي رقص جي ڪيفيت کي به خوب اجاگر ڪيو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ رڳو ڳيريلي جي ڳلين جي ڳالهه نه آهي پر هن پنهنجي شاعريءَ ۾ عالمي امن جي تند سوري بين الاقوامي فڪر جي پچار ڪئي آهي. هوءَ پنهنجي گيڙو رتي من تي ڪوتا جا پاريهر پالي ٿي.

    تار ڪا وڄندي رهي ٿي تنَ اندر ئي
    رات ڪا ميران گذاري آهه مون ۾
    ..........
    سدا سِر کي جھڪايون سين
    خوديءَ کي آزمايو سين
    ..........
    خوديءَ جي ڪن خيالن ۾
    خدا کي ڀي ڀلايو سين

    رقص جو عڪس نچي ٿو بيٺو
    هر صوفيءَ جي هستيءَ اندر

    هن جي من ۾ ميران جا نغما آهن، هن سر کي جھڪائي خودي کي آزمايو آهي ۽ هن جي زبان تي سدا اها ڳالهه آهي ته هر صوفيءَ جي اندر رقص جي ڪيفيت ڇانئيل رهي ٿي. روبينه ابڙو جو اندر ته گيڙو آهي پر هوءَ تصوف جي ان مسلڪ جي پوئواري ڪندي محسوس ٿئي ٿي جنهن ۾ “مي رقصم” جي لات ٻرندي آهي. روبينه جي شاعري پڙهندي لڳي ٿو تصوف جو اهو رنگ قونيا جي گھٽين مان نڪري ڳيريلي جي ڳلين تائين پهتو آهي. روبينه جي سموري شاعريءَ تي رومي جي رقص واري اها ڪيفيت حاوي آهي. اها رقص جي ڪيفيت ماڻهوءَ جي هستي فنا ڪري بي خود بڻائي ڇڏي ٿي ۽ ان بي خوديءَ ۾ وري پنهنجو سرور آهي. جيڪو ماڻهو ان رقص جي لذت کان واقف هوندو اهو روبينه جي شاعريءَ مان بيحد لطف ماڻيندو.

    اسان جي روح ۾ رقصان
    هميشه رقصِ درويشان
    ..........
    مي رقصم رقصم رنگ رچان ٿي او داتا
    ۽ لهرون لهرون آنءُ نچان ٿي او داتا
    ..........
    ڪو روح هيو رقاصه جو
    ۽ مون ۾ پايل ٿي ڇمڪيو
    ..........
    ٿيا ٿيا عشق نچايا
    مون اڄ پيرين گھنگھرو پايا
    ..........
    مليو جو رقص جو موقعو
    سڄو عالم نچايوسين

    روبينه ابڙو جو نظم “سراپا رقص ۾ آهيان” رقص جي ان ڪيفيت جو معراج آهي. هي نظم جيڪو هن رقص جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان لکيو آهي ان ۾ نه رڳو شيما، سهائي، نگهت ۽ خانم گگوش جهڙين نرتڪين جو ذڪر آهي پر رقص جي نسبت سان هن نظم ۾ سنڌ جي تهذيب جي خمير مان جنم وٺندڙ سمبارا جي سار به موجود آهي. هي نظم جنهن ۾ رڳو ڌرتي ئي نه پر آسمان تي چنڊ ۽ تارا به رقص ڪندي نظر اچن ٿا درحقيقت سراپا رقص آهي، جنهن جا لفظ به ڪنهن تال تي ‘تا تا ٿيا’ ڪندي نظر اچن ٿا.

    مليو جو رقص جو موقعو
    سڄو عالم نچايو آ
    سڄي تاريخ جھومائِي
    سڄي تهذيب جھومائِي
    ڀٽن جا ڀاڳ ڀي جھوميا
    ۽ ڪارونجھر جي قصن مان
    نوان سڙٻاٽ ڀي جھوميا
    نچي پيو کيرٿر سارو
    مٿي هوءَ کير ڌارا ڀي
    ستارن جا ٻڌي گهنگھرو
    سراپا رقص ۾ اڀري
    چٽو هو چنڊ جھومي ٿو
    ڪٿڪ ڪتين به ڏيکاري
    ٽڙي پيا رقص ۾ ٽيڙو
    سڄو اڀُ جھومندو ڀاسيو

    آءِ اي رچرڊس (I.A Richards) چيو هو ته “ڏاهپ سان اسين شين کي معلوم ڪندا آهيون ۽ شاعريءَ سان محسوس...... ڏاهپ جو ڪم آهي تلاش ۽ تحقيق ۽ شاعريءَ جو ڪم آهي تعمير ۽ تخليق.” (5) تنهنڪري جيڪڏهن شاعريءَ ۾ تعمير جو جذبو، تخليق جو جولان ۽ احساس جي حدت موجود نه آهي ته اهڙي شاعري خود هڪ سواليه نشان وانگر آهي. روبينه جي شاعريءَ ۾ احساس پنهنجي پوري شدت ۽ توانائي سان موجود آهي ۽ ان ۾ اهو تخليقي جوهر به آهي، جنهن سان ئي شاعري ساحري جو درجو ماڻي ٿي.
    هڪ شاعر جو ڀرپور تعارف سندس شعري سهيڙ بعد ئي سامهون اچي ٿو. جيتوڻيڪ روبينه، سنڌي ساهت جي سنسار ۾ اوپرو ۽ اڄاتو نالو ناهي پر سندس هي ڪتاب “قدم کان عدم تائين” حقيقي معنى ۾ سندس پهرين ڀرپور تخليقي سڃاڻ آهي. هن ڪتاب جي مجموعي مطالعي مان مونکي اهو تاثر مليو آهي ته سندس شاعري روايت ۽ جدت جو سنگم آهي. جتي هن جي شاعري ۾ گھرو تخيل ۽ تفڪر، ڳوڙهو فهم ۽ ادراڪ، انوکي ڏات ۽ شعور موجود آهي اتي کوڙ ڪچايون ۽ ڪمزوريون به آهن، ڪافي هلڪا ۽ معمولي خيال ۽ فني جھول پڻ به نظر اچن ٿا. سندس شاعريءَ ۾ ڪٿي لفظن جو اجايو اڊمبر ۽ شور آهي ته ڪٿي لفظي ابهام ۽ بي معنويت جو گمان ٿئي ٿو ائين ئي ڪٿي وري شعري طوالت جي شوق ۾ قافيه پيمائي جي ٽُنب ٽوپ، ته ڪٿي خيالن جو اجوڳو استعمال ۽ ورجاءُ سندس شاعريءَ جي حسن کي متاثر ڪري ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته روبينه ابڙو سنڌي ٻوليءَ جي سهيوڳي شاعرائن ۾ نهايت معتبر مقام رکي ٿي، هوءَ جدت جي صحيح معنى ۾ سنڌي شاعريءَ جي جديد شاعره آهي. پر جڏهن اسين ان جنسي / صنفي تفريق کان ٻاهر اچي ڏسنداسين ته هوءَ جديد سنڌي شاعريءَ جي ان ڊگھي قطار ۽ قافلي جي هڪ اهم مسافر ڀاسندي، جنهن ۾ ڪيئي حسين شاعر ۽ شاعرائون موجود آهن. جنسي تفريق واري ماحول ۾ کوڙ جاين تي کانئس پختن سهيوڳي شاعرن کي هن جي ڀيٽ ۾ اهميت نه به ملي هوندي يا ائين کڻي چئجي ته سندس آڏو کوڙ ڏيئن جي لاٽ جھيڻي به ٿي ويندي هوندي.
    عورتازاد جي هن دور ۾ مان اها ڳالهه ڪرڻ جي جرت ڪريان ٿو ته هن جي شاعري ۾ رڳو نسائي احساس نه آهن پر ان کان گھڻو اڳتي سندس سخن جي واچوڙي ۾ انيڪ اڇوتا ۽ صنفي تفريق کان مٿاهان خيال موجود آهن، تنهنڪري مان سندس همعصر دور جي شاعريءَ کي سامهون رکي سندس شاعريءَ جي پرک جنس / صنف (Gender) جي بنياد تي نه پر هن جي تخليقن جي آڌار تي ڪري رهيو آهيان ۽ سندس تخليقون ته آهن ئي صبح جي اجرن ڪرڻن جهڙيون. هن جا نرمل خيال ۽ احساس سچ ته پرهه جي هير جهڙا آهن انهن جي ڪوملتا ۽ حسن کي محسوس ڪرڻ لاءِ هن جو ڪتاب کولڻو پوندو، جنهن ۾ ههڙا حسين ۽ تازه شعر پڙهڻ لاءِ ملندا.

    آنءُ ڪارونجھر مٿان پيئي ڏسان
    مور جون ڄڻ ماڻڪيون مون ۾ هيون
    ..........
    امن جا اجرا ڪبوتر نيڻ منهنجا
    پر اندر ڪا جنگ جاري آهه مون ۾
    ..........
    ڏسو مسجد جي در تي اڄ
    ڦٽي انگور ول آهي
    ..........
    سج تڪڻ جي ڏوهه ۾ آهي
    ڪنڌ ڪَٽيو ڪنهن سج مکيءَ جو
    ..........
    هو ڀي ڄڻ ڪا ڌرتي ويٺو ڦيرائي
    ڪنڀرُ چَڪ تي ٿانوَ لسائي جھومي ٿو

    لاشڪ هن جا گھڻا ئي شعر اهڙا آهن جيڪي روح جي گھراين ۾ لهي وڃن ٿا ۽ جذبن کي گرمائن ٿا. هن جي شاعريءَ ۾ جيءَ کي جنجھوڙڻ واري سگھ موجود آهي.
    منهنجي خيال ۾ هر شاعر / شاعره جو شعري صنف جي حوالي سان هڪڙو Comfort Zone هوندو آهي، جتي هو پاڻ کي ڀرپور نموني اظهاري سگھندو / سگھندي آهي. مان سمجھان ٿو روبينه ابڙو جو پهريون Comfort Zone غزل آهي ۽ ٻيو نظم. غزل ۾ هڪ پنهنجي لئي، ترنم ۽ موسيقي آهي. ان جو پنهنجو مزاج آهي، ان ۾ پنهنجو الڳ هڳاءُ آهي. غزل جي هر شعر ۾ احساس جي هڪ نئين دنيا آباد هجي ٿي، ان جي هر شعر ۾ هڪ نئين ڪائنات تخليق ڪري سگھجي ٿي. “غزل جو هر شعر عام طور هڪ مستقل نظم هوندو آهي. انهن ٻن ٻن مصرعن جي نظمن جو اختصار شاعر کان رزمي يا ايمائي، علامتي يا تمثيلي اسلوبِ بيان جو مطالبو ڪري ٿو. ان جو نتيجو اهو آهي ته انهن مختصر نظمن جو صحيح ۽ مڪمل مفهوم سمجھڻ، سندن مضمرات جي سمجھڻ تي آڌاريل آهي ۽ ان لاءِ شاعريءَ جي مڃيل قدرن ۽ معيارن کان پوري واقفيت ضروري آهي.” (6) ۽ روبينه ابڙو وٽ اهو هنر چڱيءَ پَر موجود آهي. هن پنهنجي غزل جي مٽي اهڙي نموني ڳوهي آهي جو ان جو هر شعر هڪ الڳ مجسم جو ڏيک ڏئي ٿو.

    گم ٿي ويا گھر گھاٽ هوا ۾
    ڌوڙ وئي ٿي واٽ هوا ۾
    طوفانن جي هار وئي ٿي
    ڪيئن اجھاڻي لاٽ هوا ۾
    ڪارونجھر تي ڊيل ڊڪي ٿي
    مورن اوچا ڳاٽ هوا ۾
    تو ۾ ائين تحليل ٿيان جيئن
    گم ٿيندي آ ماٽ هوا ۾
    وقت مڇيءَ جيئن پيو تڙپي ٿو
    آهي اُڃ اساٽ هوا ۾

    جيتوڻيڪ هن غزل جو رديف خيالن جي تسلسل جو گھرجائو آهي پر روبينه پنهنجي شاعراڻي آرٽ ۽ تخيل جي ٻل تي غزل جي هر شعر کي نڪور معنى ڏئي ڄڻ ننڍڙا ننڍڙا نظم بڻائي ڇڏيا آهن.
    روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي موضوعاتي جهان ۾ جھاتي پائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته عشقُ هن جي شاعريءَ جو مرڪزي نڪتو آهي. عشق ڇا هي اهو اسان کي فارسي جو وڏو شاعر عطار نيشاپوري هيئن ٿو ٻڌائي.

    یک شرر از عینِ عشق دوش پدیدار شد
    طای طریقت بسوخت عقل نگونسار شد

    (عشق جي عين جي هڪ چڻنگ گذريل رات ظاهر ٿي، جنهن سان طريقت جي ط سڙي وئي ۽ عقل شرم کان ڪنڌ جھڪائي بيهي رهيو.)
    عشق جي حقيقت کي سمجھڻ واقعي ڏاڍو اهنجو آهي. پر جيتري قدر روبينه جي شاعريءَ جو سوال آهي ته ان ۾ عشق جون مختلف صورتون آهن. هوءَ ڪٿي عشق کي آڏاڻو سمجھي ٿي، جنهن سان سندس انگ انگ اُڻجي ويو آهي ته ڪٿي هوءَ سوچي ٿي ته جيئن ڌرتيءَ کي هر کيڙي ويندو آهي تئين ئي عشقُ کيس اڊيڙي ويندو، هوءَ ڪڏهن عشق کي ڪو طوفان سمجھي ٿي، جيڪو ماڻهوءَ جي پاڙ ئي اکيڙي ڇڏي ٿو، ڪڏهن وري عشق هن کي ڪو ديوتا ٿو ڀاسي ۽ هوءَ پنهنجي خطائن تي سوچيندي سندس راضپي جو انتظار ٿي ڪري. عشق جي معاملي ۾ عجيب ڪيفيتن جون لهرون آهن هن جي شاعريءَ ۾:

    ڀلي اوچو هجي ڪيڏو
    نه اوچو عشق کان عرشان!
    ..........
    مون وٽ عشق جي ڪٿ ڪڏهن ڀي ڪانه رهي
    تو وک وک تي چاهت منهنجي توري آ
    ..........
    بي ڊپا ٿي ويا پار جيڪي تري
    آ ڪئي عشق تن جي سدا رهبري
    ..........
    عشق جي هر اصول کي ڀلجي
    تو ڪئي آ رڳو انا حاصل
    ..........
    عشق جنين جو پيش امام
    تن تي سارا سک حرام
    صدين جي اوسيئڙي عيوض
    تنهنجو عشق مليو انعام

    اهڙي طرح روبينه ابڙو جو نظم “منهنجو پلڙو ڀاري آهي” پڻ عشق جو نغمو آهي جنهن مان عشق جون ڪيئي صورتون پسي سگھجن ٿيون.
    سونهن به منهنجي
    عشق به مون وٽ
    منهنجو پلڙو ڀاري آهي
    لوڪ چوي ٿو ڪاري آهي
    پر مان ڄاڻان منهنجو عشق آ مريم وانگي
    منهنجا جذبا پوپٽ جهڙا
    پيار به منهنجو پاريهر جا
    اجرو اجرو پوتر پوتر.....

    هن نظم ۾ روبينه ـــ شاهه، سچل ۽ اياز جي چيچ پڪڙي عشق جي ماهيت سمجھائي آهي. هن نظم ۾ هن شاهه جي سهڻي کي عشق جي اوچي علامت سمجھندي “عشق اتاهون پار پُڄائي“، سچل جي امر آواز “سچو عشق ٻڍا نهين ٿيوي” ۽ اياز جي وائي جو ٿلهه “عشق اسان وٽ آرائين جيئن آيو جھول ڀري” جهڙيون امر سٽون ڏئي، شاهه کان اياز تائين عشق جي مسافت کي حسين انداز ۾ بيان ڪيو آهي.
    روبينه ابڙو وٽ نظم لکڻ جو ڀرپور ڏانءُ آهي. هوءَ جديد نظم جي هيئت، اسلوب ۽ احساس جي نزاڪت کان چڱيءَ پر واقف آهي. هوءَ نظم جي لفظيات، ترنم، بندشن، وهڪرن ۽ ڇالن جي پرک رکي ٿي. هن کي ڄاڻ آهي ته نظم هڪ اهڙي ڪٿا آهي، جنهن ۾ روح جون سرگوشيون هونديون آهن. جنهن ۾ هر لفظ جي حرمت هوندي آهي ۽ هر احساس ٻئي احساس سان مربوط ۽ جڙيل هوندو آهي. هوءَ ڄاڻي ٿي ته هڪ نظم ۾ خيالن جي هڪ لڙهي هوندي آهي، جنهن ۾ لفظن جا رابيل پويل هوندا آهن. هن کي پتو آهي ته هر نظم جي الڳ خوشبو هوندي آهي. هر نظم جو هڪ الڳ ديس هوندو آهي. هن جي شعري مجموعي ۾ شامل آزاد / نثري نظمن مان “خودي“، “سون سريکا سپنا“، “امن جي چادر لهوءَ ۾ لال آهي“، “ڳوٺ کي هڏڪي لڳي ٿي“، “ٻڌي مون عشق جي الفي“، “ڏاهر سوچي ٿو“، “ڪلاچي” ۽ “چئه تون ڇاهين؟” برجستا ۽ ڀرپور ته آهن ئي پر اهي نظم پنهنجي پنهنجي اندر احساسن ۽ جذبن جو هڪ الڳ جهان آباد ڪيو ويٺا آهن، ان جهان ۾ هن ريت ننڍڙي جھاتي پائي سگھجي ٿي:

    • ”ڳوٺ کي هڏڪي لڳي ٿي“

    شهر جي هان شور ۾
    سار ۾ ويڙهي وتان ٿي
    ياد ٻاروتڻ ڪيان ٿي
    ڳوٺ کي هڏڪي لڳي ٿي
    منهنجي من جي لام تي ڪائي ٻڌل
    پينگھ ڄڻ لڏندي رهي ٿي
    تانگھ ڪا ڪُڏندي رهي ٿي.


    • ”خودي“

    راهبا جي روح جهڙي رات ۾
    خيال منهنجي جا ڪبوتر
    مينهن ۾ ڀڄندا رهيا
    مون ڪليسا جي دريءَ مان پئي ڏٺو
    سيءَ ۾ ڪو نينهن هو ٺرندو رهيو......


    • ”ڪلاچي“

    ڪمانگر گھڙي ڏي اهو چنڊ مونکي
    جڙي ڏي انهيءَ مان قلم روشنيءَ جو
    قلم اهڙو جنهن سان
    بڻايان مٽيءَ تي امن جو مان نقشو
    اڪيرڻ گھران ٿي ڪلاچي انهيءَ ۾
    خدو خال جنهن جا مان ٻيهر ٿي چاهيان
    نئين سِر مان ليڪيان لڪيرون ڪي اهڙيون
    گگن جي نرڙ تي جيئين کير ڌارا
    وجھان پو ستارن جي جھلمل ۾ جھاتي
    ڪلاچي امن جو ٿي اهڃاڻ نکري.......


    • ”امن جي چادر لهو ۾ لال آهي“

    مان اڄوڪي دور جو نوحو لکان پئي
    ۽ امن جي لاش تي ماتم ڪيان پئي
    هر شهر جي راهه هر ڪا
    رتُ رڱيل آ
    ۽ گلن جي موسمن ۾
    لاش ٿا پهچن پُٽن جا
    زخم جسمن تي سجايل ائين آهن
    ڄڻ گلابن جون پتيون وکريون پيون هن
    روز دروازن تي آرائين بجاءِ
    گورکن ٿڦڪيون ڏين ٿا.......

    پهرين نظم ۾ ڳوٺ کي هڏڪي لڳڻ وارو اصطلاح بلڪل نئون ۽ اڇوتو آهي. هن نظم ۾ روبينه پنهنجي ماضيءَ جي انهن ساروڻين کي ساريو آهي جن جو تعلق سندس ڳوٺ سان آهي. هن نظم ۾ پينگھون به آهن، ته برساتون به، درويش جهڙو پپل جو وڻ به آهي ته هڪ اونهو ڦٽل کوهه پڻ ۽ ٻيو به گھڻو ڪجھ. حقيقت ۾ روبينه جي هن نظم ۾ سندس ٻال وهيءَ جي حسين ساروڻين جو سنسار موجود آهي. ان نظم تي روبينه جي ڀرپور شاعراڻي Grip محسوس ٿئي ٿي. نظم جي Crafting به ڪمال جي آهي. ٻيو نظم “خودي” تصوف جي گيڙو رنگ ۾ رتل آهي. ان جو اڀار ئي هڪ اهڙو منظر چٽي ٿو جنهن ۾ قاري ويڙهجي وڃي ٿو. ان نظم ۾ بهترين تشبيهون، استعارا ۽ لفظي ترڪيبون ڪم آيل آهن. سچ ته اهو نظم پڙهندڙ کي خيالن جي هندوري ۾ لوڏي ٿو. اهڙي طرح روبينه جو نظم “ڪلاچي” امن جو نغمو آهي، جنهن ۾ هڪ شاعره جون اميدون ۽ خواب ٽاڪيل آهن. هن نظم ۾ خوبصورت لفظيات، رڌم ۽ فڪر جو انوکو وهڪرو موجود آهي. سندس چوٿون نظم “امن جي چادر لهو ۾ لال آ” عهدِ جديد جو نوحو آهي، جيڪو هن لفظن کي لڙڪ ڪري لکيو آهي. ‘امن جي لاش تي ماتم‘، ‘گورڪن ٿڦڪيون ڏين ٿا’ ۽ نظم ۾ ڪم آندل اهڙيون ٻيون ترڪيبون لونءَ ڪانڊاريندڙ آهن. اهي ۽ اهڙا ٻيا نظم پنهنجي حسين ٻوليءَ، نئين ترڪيبن ۽ اصطلاحن، لفظي ترنم ۽ تسلسل، خيال جي جدت ۽ نڪورپڻي توڙي نرالي لب لهجي سبب روبينه ابڙو کي سهيوڳي شاعرن ۾ ممتاز مقام بخشين ٿا.
    روبينه ابڙو ڪجھ شهرن جي سڃاڻپ بڻجندڙ اعلى ڪردارن سان مخاطب ٿي شاندار نظم لکيا آهن. اهي نظم اصل ۾ ڊگھا ڊائلاگ آهن. اهڙو هڪڙو بهترين ڊائلاگ سندس نظم “مذهب کان انسان وڏو آ” آهي، جنهن ۾ هوءَ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي سان مخاطب آهي. هي نظم لاڙڪاڻي ۾ هوليءَ واري ڏينهن مندر ساڙڻ واري واقعي جي رد عمل ۾ لکيل آهي. جنهن ۾ هوءَ مذهبي انتهاپسنديءَ کي هيچ ڄاڻائيندي جنوني ماڻهن تي ڦٽڪار ڪندي انسانيت کي مذهبن تي فوقيت ڏئي ٿي. هن نظم جو ڪلائميڪس ڪمال جو آهي:

    سوڀا! تنهنجو شان وڏو آ
    مون وٽ تنهنجو مانُ وڏو آ
    مذهب کان انسان وڏو آ
    مان ڀي ماڻهو
    تون ڀي ماڻهو
    مٽي پنهنجي ساڳي آهي
    تنهنجا منهنجا مارڳ ساڳيا
    گھٽي پنهنجي ساڳي آهي.

    هن نظم ۾ روبينه ابڙو ماڻهپي کي مذهبن کان وڏو ڪري پنهنجي فڪر جي سرحدن کي ڪشادو ڪيو آهي ۽ اهو ئي فڪر سندس شاعريءَ کي بين الاقوامي شعور سان ڳنڍي ٿو. روبينه جي آزاد ۽ نثري نظمن ۾ پنهنجي دور جو درد چٽو نظر اچي ٿو. هن جا ڪي نظم واقعاتي شاعريءَ جي ذمري ۾ اچن ٿا. هوءَ پنهنجي آس پاس جڏهن جيءَ جھوريندڙ سانحا ڏسي ٿي ته سندس من تڙپي پوي ٿو. هن جي اندر هڪ آڳ ٻري پوي ٿي ۽ لفظ شعلا بڻجي پون ٿا ۽ انهن شعلن مان نظم ٺهن ٿا. سماج ۾ بد امني وارين حالتن تي لکيل سندس نظم “اکيون جي لال ٿي ويون هن“، “دراوڙ ڌيءَ ڌرتيءَ جي” ۽ “هر طرف شامِ غريبان” ڄڻ سندس دور جي نوحه گري آهن.
    روبينه ابڙو پنهنجن ڪجھ نظمن ۾ انهن تاريخي ڪردارن ۽ امر سورمن کي آندو آهي، جن پنهنجي ڌرتيءَ تي ساهه ڏئي ويساهه وتو. “ڏاهر سوچي ٿو” سندس هڪ اهڙو ئي نظم آهي. جنهن ۾ سنڌ جي ماضي ۽ حال جي تصوير آهي. هي نظم ٻڌائي ٿو ته سنڌ ازل کان امن پکين جو واهيرو هئي پر هاڻي ان جي سيني تي ڪنهن ديوَ جو ديرو آهي ۽ هتي مذهب جي نالي تي انسانيت کي لڄايو ٿو وڃي. نظم جو آغاز ۽ اڀار ته ڏسو:

    دريا جي پاڇاڙ تي بيٺو
    ڏاهر سوچي ٿو
    گھوڙن جيئن هڻڪارون ڏيندي
    ڌرتيءَ جي سيني تان آهن
    ڪهڙا ڪهڙا دور لنگھي ويا
    قهري زوران زور لنگھي ويا.......

    هي رڳو هڪ نظم ناهي پر تاريخ جي تلخ سچاين جي آرسي به آهي. نظم جي Crafting به ڪمال جي آهي. هڪ ڪهاڻي آهي جنهن کي ڏاهر جي سوچ سان سلهاڙي سنڌ جي زخمن کي کوليو ويو آهي. هي نظم پنهنجي فارم ۾ بنهه نڪور ۽ جديد نظم آهي.
    روبينه ابڙو گيت به لکيا آهن، پر هن جو گيت “او چوڙيگر او چوڙيگر” پنهنجي ٻولي ۽ اسلوب، لئي ۽ ترنم، فڪر ۽ احساس، مزاج ۽ اندازِ بيان ۾ هڪ ڀرپور گيت آهي، جنهن جون حسناڪيون ان جي هر بند مان جھلڪن ٿيون. هي گيت ناهي پر ڪا چنري آهي جنهن تي روبينه احساسن جا تارا ٽاڪيا آهن. هي گيت نه آهي ڪو درياهه آهي، جنهن جون ٿڌڙيون لهرون من جي پتڻ تي عجب ڪتڪتائين جو احساس ڏيارين ٿيون. هن گيت ۾ پاڻ ارپڻ ڪرڻ جا حسين احساس پنهنجي پوري تازگيءَ سان موجود آهن، جنهن ۾ ڪومل لهجي ۾ نيهن نڀائڻ جا وچن ورجايل آهن. مور جي کنڀن جهڙن رنگن ۾ رچيل هي گيت ڏاڍو حسين ۽ رنگين آهي. هن گيت ۾ سنڌي شاعريءَ جو لوڪ رنگ به موجود آهي ته سينگار شاعريءَ وارو رس ۽ رچاءُ پڻ.

    او چوڙيگر او چوڙيگر!
    هي چوڙيون مونکي ٺاهي ڏي
    ۽ چاهه منجھاران چاهي ڏي

    هڪ چوڙي تنهنجي نالي جي
    ٻي چوڙي نيهن نرالي جي
    ٽين چوڙي جيءَ جھڙالي جي
    جيئن هر چوڙي جو رنگ الڳ
    تيئن توسان منهنجو سنگ الڳ

    او چوڙيگر او چوڙيگر!
    هي چوڙيون مونکي ٺاهي ڏي
    ۽ چاهه منجھاران چاهي ڏي....

    روبينه جي شاعري ۾ رڳو موضوعن جي انڊلٺ، فڪر جو درياهه ۽ تخيل جي ڪائنات ئي سمايل نه آهي پر هن وٽ شاعريءَ جو انوکو آرٽ به موجود آهي. حسين تشبيهون ۽ استعارا، سهڻيون ترڪيبون ۽ علامتون، نراليون تمثيلون، تجنيسون ۽ تلميحون هن جي شاعريءَ کي سهسين رنگ ۽ آهنگ بخشين ٿيون. رڳو حسين تشبيهن ۽ ترڪيبن جو ئي مثال ڏسجي:

    تو ڪيئن سکي ورتا
    انڪار جا ڪيڏارا
    ..........
    لڳِي سانجھيءَ جي نيڻن ۾
    اها ڪڪري ڪجل آهي
    ..........
    پاڻ ٻنهي جا ٽهڪ ٻُريا ها
    يا ڪي جام هيا ٽڪرايا
    ..........
    هو ته هليو ويو ڏور آ ڏاڍو
    مهڪ بدن جي بستيءَ اندر
    ..........
    تنهنجي سار جي سارنگيءَ تي
    منهنجي من جو مور نچي ٿو
    ..........
    ڪنهن پارس جهڙي پيار هيو تن من ڇهيو
    اڄ تائين سون جيان جرڪان ٿي او داتا

    پهرين شعر ۾ “انڪار جا ڪيڏارا” لفظي ترڪيب جو حسين مثال آهي. اهڙي طرح ٻئي شعر شعر ۾ “سانجھيءَ جا نيڻ” هڪ سهڻي ترڪيب ته آهي پر ڪڪريءَ کي ڪجل سان تشبيهه ڏئي سانجھيءَ جي نيڻن ۾ پائڻ يقيناً هڪ اڇوتو خيال آهي. ٽئين شعر ۾ ٽهڪن کي جامن سان تشبيهه ڏنل آهن. چوٿين شعر ۾ “بدن جي بستي” جي لفظي ترڪيب نئين ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آهي، پنجين شعر ۾ “سار جي سارنگي” ۽ “من جو مور” بهترين ترڪيبون آهن. اهڙي طرح آخري شعر ۾ پيار کي پارس سان تشبيهه ڏئي روبينه شعري جمال ۾ واڌارو ڪيو آهي.
    روبينه ابڙو جي شاعري فطري طور هڪ عورت جي حسي ۽ نفسياتي تجربن کي به پنهنجي آغوش ۾ وٺي ٿي. هڪ عورت جيڪا ڪڏهن عشق جي تار تي تڳي سهڻي بڻجي وڃي ٿي ته ڪڏهن انتظار جي سوريءَ ٽنگجي مومل جو روپ ڌاري ٿي. عورت سسئي به آهي، ته مارئي به، جندو به آهي ته سبين ۽ موتان ڀيل به. عورت روڳي به آهي ته ردالي به. عورت جا اهي سمورا روپ ۽ رنگ روبينه جي شاعريءَ ۾ پسجن ٿا. ڀٽائيءَ کان سواءِ سنڌ ۾ مونکي ڪو ٻيو مرد شاعر نه ٿو سُجھي جنهن “سُر سامونڊي” ۾ جنهن باريڪ انداز سان عورتاڻن جذبن کي فطري طور اڀاري عورت جي انتظار کي ڀرپور نموني پيش ڪيو هجي، پر روبينه جيئن ته خود هڪ عورت آهي تنهنڪري هن پنهنجي شاعريءَ ۾ انهيءَ انتظار جي ڪيفيت کي احساس جي گھرائيءَ سان نهايت حسين انداز ۾ چٽيو آهي.

    هر روز پکي پرڏيهي اڏندا ويندا هن
    مان تن کان تُنهنجا پارَ پُڇان ٿي او مانجھي
    مون سپنن ۾ ڀي سمنڊن جيڏا پنڌ ڪيا
    ۽ خوابن ۾ ڪا ناوَ ڏسان ٿي او مانجھي
    ..........
    تو لاءِ تڪينديس راهه سدا
    ڀل وسرين هيل ورڻ جوڳي

    روبينه جو نظم “احتجاج” عورتن جي حقن جي حمايت ۾ لکيل هڪ شاندار نظم آهي، جيڪو اصل ۾ پڙهڻ سان تعلق رکي ٿو. اهو نظم هڪ احتجاج آهي هن Male Dominant Society ۽ سماج جي ڪڌين رسمن خلاف. اهو نظم هن طرح طلوع ٿئي ٿو:

    پهاڙن کي ٽُڪي مون لئه
    تو جوءِ شير کوٽڻ جِي
    ڪئي دعوى هئي ڪيڏي
    ته پوءِ تون ڪيئن ڪهاڙيءَ سان
    سندم هن سينڌ مان
    رتُ جي ندي ڳاڙهي وهائين ٿو!
    نڀائين ٿو رسم ڪهڙي؟
    ڇا آدم زاد جي بُڻَ مان
    اِها موروثيت توکي ملي آهي؟

    روبينه ابڙو جي شاعري انيڪ حسين، اڇوتن ۽ نڪور خيالن سان جنجھ آهي. اهي خيال رڳو سندس نظمن ۽ گيتن ۾ ئي موجود نه آهن پر خيالن جي اها ڪهڪشان هن جي غزلن جي الڳ الڳ شعرن مان به پسي سگھجي ٿي. انهن ٽم ٽم تارن سندس شاعريءَ جي آڪاس کي انوکيون حسناڪيون بخشيون آهن.

    ڏسو تارا پيا تڙڳن
    گگن ۾ سمنڊ ڇولي ٿو
    ..........
    ڌرتي مُک تي پاڇي جي چنري اوڍي
    بادل هنج ۾ چنڊ لڪائي جھومي ٿو
    ..........
    آرائين جي ساروڻين تي سوچيندي
    مالهڻ جا سڀ گل سُڪي ويا کاريءَ ۾
    ..........
    پنهنجي نيڻن جو سرمدي سپنو
    چوڪ تي سنگسار ٿي ويندو
    ..........
    مون وٽ ڪو انجام نه آهي
    ۽ تو وٽ آغاز نه ڪوئي
    ..........
    نور وڃائي ڀي نيرولي
    رنگن جا ئي خواب ڏسي ٿو

    اسين هن مقالي جي آغاز ۾ روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي حوالي سان ڪجھ سوالن جا جواب ڳولڻ چاهيا هئا. هن اڀياس کان پوءِ انهن سوالن جا ڪيترائي جوڳا جواب ملي چڪا آهن. هن مطالعي ۾ اسين روبينه ابڙو جي شاعري جو سهيوڳي سنڌي شاعريءَ ۾ مقام ڪٿڻ ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هوءَ پنهنجي ئي دور جي شاعرائن ۽ شاعرن کان ڪهڙي ريت منفرد ۽ مختلف آهي. روبينه ابڙو جي شاعريءَ ۾ ڪيترو فڪر ۽ ادراڪ، تخيل ۽ تصور، تخليقيت ۽ وجدان موجود آهي, ان جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ هتي اسين سندس ڪلام جو گھڻ رخو مطالعو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر مان سمجھان ٿو روبينه ابڙو جي شاعري جو اڃا به گھرو ۽ وسيع مطالعو پيش ڪري سگھجي ٿو، ڇوته هن جي شاعريءَ جي فن ۽ تخيل تي ڳالهائڻ جي گھڻي گنجائش موجود آهي. سندس شاعريءَ اڃا گھري حسياتي، نفسياتي ۽ جمالياتي مطالعي جي گھرجائو آهي. اڃا سندس شاعريءَ جي موضوعن تي به ڪيئي ويچار ونڊي سگھجن ٿا پر هن مختصر اڀياس جي آڌار به اسين اها ڳالهه بنا هٻڪ جي چئي سگھون ٿا ته روبينه ابڙو عصرِ حاضر جي تخليقي جهان جو هڪ نرالو ۽ نمايان نالو آهي.


    حوالا

    1. سيد وقار احمد رضوي ڈڊاکٹر “معروضي تنقيد“، مکتبهء دانيال، 2013، ص 63
    2. ايضاً ص 65
    3. حسين محمد هادي (مرتب) “مغربي شعريات” مجلسِ ترقيِء ادب، لاهور، طباعت سوم 2010، ص 175
    4. ابڙو روبينه “قدم کان عدم تائين“، ڪنول پبليڪيشن قنبر 2015 ص 8
    5. فاروقي شمس الرحمان “تنقيدي افکار” بيکن بکس لاهور، 2014، ص 132
    6. ايضاً ص 123


    (24 اپريل 2016 تي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي ‘ادب شعبي’ پاران روبينه ابڙو جي ڪتاب “قدم کان عدم تائين” جي مهورت واري تقريب ۾ پڙهيل. بعد ۾ اهو مقالو ماهوار “پرک” ۾ پڻ شايع ٿيو.)


    اياز جاني جي شاعريءَ جي ڪٿَ

    اياز جاني جي شاعريءَ جي ڪٿَ

    مونکي خيرپور جي اها رات اڃا به چٽي طرح ياد آهي، جنهن رات جاني منهنجي اڳيان پنهنجي جيون ڪٿا جا تاڪيا کوليا هئا. ان ڪٿا ۾ درد هيو، سڏڪا هيا، محروميون هيون. هن اها ڪٿا ڏوڪري کان شروع ڪئي هئي، جنهن ۾ هن جو ٻال پڻو هيو. ان ڪٿا ۾ نئين ديري جا پراڻا ورق به هئا ته ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ ڦاٿل انسانن جون ڪيهون پڻ. جانيءَ اها ڪهاڻي نَم نيڻن سان ٻڌائي هئي ۽ منهنجو من به ڀِڄائي رکيو هو. هاڻي ان ڪٿا تي سوچيندي جڏهن اياز جانيءَ جي شاعري پڙهان ٿو ته گھڻو تڻو مونکي اها سندس زندگيءَ جو پوتاميل ڀاسي ٿي.

    سدا پرواز ۾ آهي
    پکي زخمي حياتيءَ جو.
    سدا سڙندو سدا رَڙندو
    رهيــو آواز ۾ آهـي
    پکي زخمي حياتيءَ جو.

    ميٿيو آرنلڊ چيو هو ته “شاعري جذبات جي اظهار جو بهترين اوزار آهي.” جذبو شاعريءَ جو روح آهي تنهنڪري ڪيبل شاعريءَ کي ڀرپور جذبن جي اظهار جو ذريعو ڄاڻائي ٿو. اهڙي طرح تخيل شعر جو حسن آهي. تنهنڪري شاعري جذبات ۽ تخيل جي ميلاپ جو نالو آهي. هڪ شاعر ٻن درياهن جو ناکئو آهي. پهريون داخليت ٻيو خارجيت. اياز جاني جي شاعريءَ جو هڪ وڏو حصو ان داخلي ڪائنات کي کولي ٿو ته ٻيو خارجيت جي اثرن کي پڌرو ڪري ٿو. ڇوته فرد خود به خارج جو حصو ٿئي ٿو، تنهنڪري اهي ٻئي حالتون هڪ ٻئي سان سلهاڙيل به ٿين ٿيون. ان ڪري شاعريءَ کي زبردستي انهن ٻن خانن ۾ فٽ نه ٿو ڪري سگھجي، جيئن گڏ وهندڙ ٻن درياهن جي وچ ۾ ديوار نه ٿي ڏئي سگھجي تيئن داخليت ۽ خارجيت جي سرحدن کي به هڪ ٻئي کان ڌار نه ٿو ڪري سگھجي. داخلي شاعري جيتوڻيڪ وڏي حد تائين شاعر جي ذاتي تجربن، احساسن ۽ جذبن جي عڪاسي ڪندي آهي پر ڇو ته ان ۾ هڪ عام انسان جي جذبن کي ئي نظم ڪيو ويندو آهي انهيءَ ڪري اها ذات کان ڪائنات يا داخل کان خارج جو سفر طئي ڪندي آهي. يورپ ۾ بائرن اهڙو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جي نظر ۾ “انانيت” جي وڏي اهميت هئي پر پوءِ به سندس شاعريءَ ۾ آفاقيت موجود هئي، جنهن انقلابي دور ۾ سڄي يورپ کي ڌوڏي ڇڏيو هو.
    ننڍي کنڊ ۾ ‘غزل’ داخلي شاعريءَ جو حسين مثال آهي، جتوڻيڪ جديد سنڌي غزل ۾ هڪ وسيع خارجي ڪائنات به نظر اچي ٿي پر حقيقت ۾ غزل جي الڳ الڳ شعرن ۾ منتشر خيال داخلي ۽ خارجي ڪائنات کي هڪ مالها ۾ ڳنڍڻ جو ڪم به ڪن ٿا. اياز جاني جو غزل، جنهن تي اسان کي تفصيل سان ڳالهائڻو آهي پڻ انهيءَ ڌارا ۾ سفر ڪري ٿو.
    شاعريءَ جي منطقي ۽ عروضي وصف ۾ فرق آهي. “شاعريءَ جي منطقي وصف اها آهي ته اها ماڻهن جي دلين ۾ خاص تاثر پيدا ڪري. اهلِ منطق شعر جي معنوي پهلوئن کي سامهون رکندا آهن، علم عروض جا ماهر وزن، قافيي يا شعر جي ظاهري تعريف ۽ تحسين تي اڪتفا ڪن ٿا. يعني عروض وارن وٽ شعر ۾ وزن هجڻ ضروري آهي جڏهن ته منطق جا صاحب چون ٿا ته ان ۾ اثر هجڻ ضروري آهي...... ان لحاظ کان جيڪڏهن ڪوئي ڪلام موزون هجي پر بي اثر هجي ته اهو عروض جي لحاظ کان شعر هوندو پر منطقي لحاظ کان ان کي شعر نه چئي سگھبو.” (1) تنهنڪري سٺي شاعري ان کي سمجھڻ کپي جنهن ۾ ٻئي يعني منطقي ۽ عروضي / ڇند جون خوبيون هجن. اسان سولي سنڌي ۾ ان کي ڏات ۽ ڏانءُ سڏيندا آهيون. حقيقت اها آهي ته “شاعري بهترين لفظن جي بهترين ترتيب جو نالو آهي. جيئن عام طور چيو ويندو آهي ته "Poets are in love with words" ان جو مطلب اهو آهي ته شاعرُ لفظن جي Full potential کي استعمال ڪندو آهي. کيس لفظن جي وسيلي پيڪر سازي [Image making capacity of language] جو فن ايندو آهي. اهو ئي فن اسان جي جذبات کي جاڳائيندو آهي ۽ اسان جي ٻڌندڙ کي لطف پهچائيندو آهي. اڪثر ڪري (ڪو سٺو) شعر پڙهندي يا ٻڌندي ئي اسان ڦڙڪي پوندا آهيون. ان جو سبب اها جمالياتي توانائي [Aesthetic energy] آهي جيڪا زبان جي تخليقي استعمال ۾ لڪل هوندي آهي. جدلياتي لفظَ يا تشبيه، استعارو، ڪنايو، علامت وغيره جي ڪري تخليقيت ۾ حسن پيدا ٿيندو آهي ۽ شاعري قافيه پيمائي بدران معنى آفريني بڻجي ويندي آهي. ابهام ۽ مبالغي جو اگر مناسب استعمال ڪيو وڃي ته اهي شاعريءَ جي لاءِ فائديمند آهن. انهن خاصيتن سان گڏ اهو به ياد رکڻ گھرجي ته شعر جي لاءِ بنيادي شرط تخيل [Imagination] آهي. شاعر جي اندر جيڪڏهن تصور جي قوت [Fancy] موجود آهي ته تخليقي عمل ۾ اها کيس مدد ڏيندي آهي. ان ڪري شعر ۾ لفظن جي موزون ترتيب [Pattern] سان گڏ عميق تخيل هجڻ گھرجي. ڪيفيت ۽ احساس جي فراواني هجڻ گھرجي، شعري تجربو هجڻ گھرجي، شعريت هجڻ گھرجي. ورنه شعر فقط لفظن جو گورک ڌنڌو رهجي ويندو. ان ۾ جسم ته هوندو پر ان مان جان فنا ٿي ويندي.” (2) شاعريءَ جي تاريخ ۾ اسان کي اهڙا انيڪ بي مقصد ۽ بي جان شعر به ملندا جن جي ڪا به وقعت ناهي ۽ نه ئي شعري تاريخ ۾ ڪا حيثيت.
    انهيءَ سموري پس منظر ۾ اسان کي ڏسڻو اهو آهي ته ‘اياز جاني جي شاعري ڪٿي بيٺي آهي؟’ ان ۾ فن، تخيل ۽ جذبي جي ڪيتري آميزش آهي ۽ منجھس نئين خيال، احساس ۽ ادراڪ جي اظهار جي قوت ۽ شعري مبالغي، ابهام، استعاري ۽ تشبيهه جي حسناڪي ۽ اسلوب جي رنگيني ڪيتري آهي؟ ان ۾ لفظي ترڪيب، تلميح ۽ تجريديت جا گڻ موجود آهن يا نه؟ منجھس فڪري گوناگونيت ۽ سماجي شعور توڙي آمد ۽ آورد جو سنگم موجود آهي يا نه؟ اهي ۽ اهڙا سوال ئي منهنجي هن اڀياس جو احاطو ڪن ٿا ۽ انهن سوالن جي جوابن پڄاڻان ئي اياز جاني جي شاعريءَ جي ڪٿ ممڪن ٿي سگھندي. هن اڀياس لاءِ مون هتي سندس شاعريءَ جي پهرين سهيڙ “دراوڙ دل جي تنهائي” تي انحصار ڪيو آهي.
    مان سمجھان ٿو ته “دراوڙ دل جي تنهائي” نه رڳو جاني جو هڪ تخليقي، فڪري ۽ حسي تجربو آهي پر ان ۾ هڪ عهد جو دردُ احساس جي شدت سان موجود آهي. هن جي هيءَ شاعري پڙهندي مونکي منجھس موجود عصري صداقت ۽ شاعراڻي نزاڪت بيحد موهيو ۽ متاثر ڪيو.
    جڏهن مون جاني جو اهو شعري مجموعو پڙهي پورو ڪيو ته مون کي محسوس ٿيو ته اڪيلائي، تنهائي، نراسائي، اُڃ، ٻاٽ ۽ لاٽ هن جي شاعريءَ جا اهڙا استعارا آهن، جيڪي سندس شاعريءَ ۾ وري وري اڀري اچن ٿا.

    ڏيل ڏياٽيون ٻاٽ ۾،
    نيڻ ڪري ڏيئڙا
    اڄ به اڃارا پنڌ ۾.

    مونکي اياز جاني جي شاعري پڙهي لڳو ته هن جي من ۾ هڪ عجيب اُڃ، تڙپ ۽ تلاش آهي. هن جي اها تلاش به ناتمام آهي، ڇوته هن جي تلاش زمين جي ڇيڙن کي ڇهڻ تي ختم نه ٿي ٿئي، بلڪه هن جو وجود آسمانن جي وسعتن تائين وڃڻ لاءِ آتو آهي. ۽ هو جڏهن هيج مان هلندي اکڙيون پير ڪري آسمانن ڏانهن اڏري ٿو ته هن کي پنهنجي منزل اهڙي اڻ ڏٺل ماڳ جيان ٿي محسوس ٿئي جنهن جي اڳيان اڀ به اورتي آهي. هو حاصلات کان پوءِ وري هڪ نئين پنڌ ۽ جستجو ۾ محو ٿي وڃي ٿو. حقيقت ۾ اها جستجو ۽ تلاش ئي زندگيءَ ۾ رمق پيدا ڪري ٿي.

    جُڳن کان جيءَ ويڳاڻو
    الائي ڇا تلاشي ٿو؟
    اڏاڻـــو آسمانــن ڏي،
    وساري آب ۽ داڻو
    الائي ڇا تلاشي ٿو؟
    ..........
    پـنــهنـجـــو پنڌ پـــري،
    اڀُ ته آهي اورتي.
    هلندو رهجي هيج مان،
    اکڙيـــون پير ڪــري
    اُڀ ته آهي اورتي

    سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي صنف “وائي” جاني جي محبوب صنف آهي ۽ هن جي شاعراڻي سڃاڻپ جو هڪ اهم حوالو پڻ. وائي ۾ هن جدا جدا تجربا ڪيا آهن. جيتوڻڪ هن جون ڪجھ وايون اڻ پورين ماترائن سبب ڪنهن مئه خوار جيان ٿيڙ به کائن ٿيون ته ڪڏهن وري بي معنويت جو شڪار به ٿين ٿيون، ڪٿي انهن جون وراڻيون بندن سان تز نه هجڻ ڪري اوپريون ۽ اجوڳيون به ڀاسن ٿيون، پر مجموعي طور هن جي وائي پنهنجي فڪر، فن ۽ تصور ۾ نهايت جامع ۽ پختي آهي. اها ڄڻ ته ڪلاسيڪيت ۽ جدت جو سنگم آهي. يعني ان جو گھاڙيٽو ڪلاسيڪي وائي وارو آهي ۽ موضوعَ عصري حالتن، سماجي شعور ۽ جديد شعري اظهار جو احاطو ڪندڙ آهن، پر ڪٿي ڪٿي ته اهي وايون پنهنجن موضوعن ۾ به ڪلاسيڪل شعري روايت جو حصو محسوس ٿين ٿيون. جاني جي ڪتاب جي پهرين وائي هن طرح آهي:
    تنهنجي حد نه ڪا
    مان هڪ ٽٻڪي ــ دائرو
    تنهنجي سامهون رک جان،
    مـنـهـنــجـــي سڀ پـــوڄـــا.
    مان هڪ ٽٻڪي ــ دائرو
    آهــي تنهنجــي نــانءَ جي،
    جــيـــڪــــا وســعــت آ.
    مان هڪ ٽٻڪي ــ دائرو

    مٿين وائي اظهار جي جديد انداز ۽ مروج اسلوب باوجود پنهنجي موضوع ۾ تصوف جي ان فڪري روايت سان ڳنڍيل محسوس ٿئي ٿي، جنهن ۾ تون جي تنوار هجي ٿي. “مان” کي ڦٽي ڪرڻ، پنهنجي هستيءَ کي نيست سمجھڻ، پرينءَ جي نانءَ کي ڪائنات جي وسعتن ۾ گم ڪرڻ. اهي سڀ صوفياڻي فڪر جون ڌارائون آهن. ان ڪري اسين چئي سگھون ٿا ته جاني پنهنجي ڪلاسيڪل شعري روايتن سان جڙيل آهي. اهڙي طرح هن جي هيٺين وائي به سُر سسئي جو تسلسل لڳي ٿي:

    رات: اڻانگو لَڪُ
    وک وک ٿوهر پيچرا

    جاني جي وائي ان اساسي روايت جي پيروي ڪندي جدت جو روپ ڌاري ٿي. ان اظهار جي تازگي ۽ خيال ۽ فڪر جي جدت، کي اسين سندس کوڙ وائين مان چڱيءَ پَرِ پرکي سگھون ٿا.

    منهنجي مايا اُڃ آ،
    سپنا سپنا نيڻ
    آءٌ مسافر آهيان.
    ..........
    نيڻ اجھاميل آڳ جيان،
    ڳــاهـيـل ڳــاهيل ڳل
    اُجياري جي آس ۾.

    اياز جاني جون ڪيئي وايون اهڙي ٻوٽي وانگر آهن جن تان هڪڙا گل ڇڻن ئي مس ٿا ته وري ٻيا ٽڙي پون ٿا. هو ڪنهن به وائيءَ کي اجائي طوالت ڏئي ساھ گھٽڻ کان انهيءَ وائيءَ جي ڪُک مان هڪ ٻي وائي جنمڻ کي بهتر سمجھي ٿو. اهڙين وائين جو هڪ ٻئي سان انوکو ربط ۽ تعلق محسوس ٿئي ٿو ۽ لڳي ٿو ته اياز اهي وايون هڪڙي ئي ويهڪ ۾ ٿوري ٿوري ڪيفيت جي تبديلي سان لکيون آهن. جيئن:

    رتُ گھرين يا جَرُ
    او ڏيئڙا تون اڃا ڀي ٻرُ
    ..........
    جيئڙا ڏيئڙا ٻَرُ
    گھر گھر گھري ٻاٽ ۾.

    مٿين ٻنهي واين ۾ شاعر جي ڪيفيت ساڳي آهي. ٻنهي واين ۾ ڏيئڙو ٻري ٿو فرق رڳو اهو آهي ته پهرين وائيءَ ۾ مٽيءَ جو ڏيئو آهي ۽ ٻي وائي ۾ جيءَ جو ديپڪ.
    اياز جاني جي شاعريءَ ۾ ڏيئو، روشني، سج، اجيارو ۽ باک جا لفظ رڳو پنهنجي مخصوص معنوي دائري تائين محدود نه آهن پر اهي ان کان گھڻو اڳتي اهڙا استعارا بڻجي وڃن ٿا جيڪي جاني جي شاعريءَ کي معنوي گھرائي، وسعت ۽ تخليقي حسن بخشين ٿا. اهڙي طرح مٿين لفظن جا متضاد لفظ اوندهه، ٻاٽ، انڌيارو، ڪاراڻ ۽ رات پڻ سندس شاعريءَ ۾ الڳ الڳ علامتن جي روپ ۾ ظاهر آهن.

    آهي جي گھگھ اونداهيءَ ۾
    جيئڻ جو جذبو
    ٽڙندي جاڳرتا
    ..........
    ڪاري ڪاري رات
    گذري ويندي جيئڙا
    ..........
    ڳڀرو ارپيو رت
    ۽ پو باک ڦٽي پئي
    ..........
    ڇڏي آڪاشُ، پنهنجا پير
    ڌرتيءَ تي ڌري ماڻهو
    ته سج وانگر ٻري ماڻهو
    ..........
    اڳي کان اپرو انبر،
    اڳي کان رات ڀاري آ
    اڳي کان رات ڪاري آ
    ..........
    سڌيون گوليون هڻائي ٿي
    جڏهن ڀي رات پهچي ٿي
    ڪُڇي جيڪو پُڇي جيڪو،
    کنڀي ان کي کڻائي ٿي
    جڏهن ڀي رات پهچي ٿي
    ..........
    ٽانڊاڻن تي بندشون!
    اوندهه منجھ اسير
    ڪيئن وساريان بند کي
    ..........
    ٻاٽ سان جھيڙي پُڳس،
    روشنيءَ جي راهه ۾
    زندگي مون سان هئي

    اوندهه ظلم جو استعارو آهي، جاني پهرين وائي ۾ چوي ٿو جيڪڏهن ظلم جي گھگھ اوندهه ۾ به جيئڻ جو جذبو آهي ته ان کي سجاڳي ۽ جاگرتا جي ابتدا سمجھڻ کپي. ائين اها ظلم جي ڪاري رات هڪ ڏينهن ضرور گذري ويندي پر ان لاءِ قرباني به ضروري آهي، ڇوته جڏهن ديس جا ڳڀرو ڌرتيءَ کي پنهنجو رت ڏيندا آهن ته آزاديءَ جي باک ڦٽندي آهي، ۽ ائين جڏهن ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ سان رشتو مضبوط ڪندو آهي ته سج وانگر ٻرندو آهي ۽ ضرور سرخرو ۽ ڪامياب ٿيندو آهي. ٻي صورت ۾ انبر اڳي کان وڌيڪ اوپرو ۽ ظلم جي رات اڳي وڌيڪ ڪاري ڀاسندي. ائين مٿي ڏنل هڪ وائي جي بندن ۾ جڏهن جاني چوي ٿو ته “سڌيون گوليون هڻائي ٿي، جڏهن ڀي رات پهچي ٿي” ته ان جي پٺيان هڪ وڏو درد آهي. ڇو ته اتي رات آمريت جي علامت آهي. آمراڻي دور ۾ ماڻهو جي اظهار تي به بندش هوندي آهي ان ڪري ڪوبه آمر ڪڏهن به پنهنجي خلاف ڪجھ ٻڌڻ نه چاهيندو آهي. “کنڀي کڻائڻ” اصل ۾ زبان بندي جي دستور جو ڪنايو آهي. اهڙين حالتن ۾ ٽانڊاڻن يعني ساڃاهوند ۽ سماجي شعور رکندڙ سجاڳ ماڻهن تي بدشون هونديون آهن ۽ کين اسير بڻايو ويندو آهي پر بالآخر ان جبر جي ٻاٽ سان جھيڙيندي روشني جي راهه يعني ڪاميابي تائين رسڻ هر باهمت ماڻهوءَ جو مقدر بڻبو آهي.
    تازو ئي ريڊيو لاڙڪاڻي تي جاني سان ڪچهري ڪندي جڏهن سندس شاعريءَ بابت سوال ڪيم ته هن چيو “منهنجي شاعريءَ ۾ ڇاهي اهو ته هن دور جو نقاد ئي ٻڌائي سگھندو پر ڪجھ دوستن جو خيال آهي ته منهنجي شاعريءَ ۾ نراسائي ۽ مايوسي وڌيڪ آهي.” هاڻي مان جڏهن اياز جاني جي شاعريءَ سان مليو آهيان ته مونکي اها راءِ اڌوري ٿي ڀاسي. ائين ضرور آهي ته جاني پنهنجي اندر هڪ اداس روح رکي ٿو پر ائين به نه آهي جو ڪو چوي ته هن جي شاعريءَ ۾ Optimist Approach آهي ئي ڪونه. هن جي اندر جي ڪائنات بيشڪ اداس ۽ نراس آهي. پر اها نراسائي ڪٿي Subjective ته ڪٿي Objective آهي، ڇوته هن جو داخل سندس خارج سان جُڙيل آهي. تنهنڪري جهڙو سماج آهي ۽ جهڙيون سماج جون حالتون آهن فطري طور هن جي شاعري به اُهڙي ئي آهي. اندر ۾ ٿوهر ڦٽل هوندا ته لفظن مان رابيل جي خوشبو ڪيئن ايندي. ڊاڪٽر وقار احمد رضوي جي اها راءِ ڪيڏي نه تز آهي ته “شاعر رڳو حاضر تي ئي اڪتفا نه ڪندو آهي، اهو حاضر جي آئيني ۾ مستقبل جو مشاهدو ڪندو آهي. سندس خيال انهن گلن وانگر آهن جن کي زمانو پٽي ڇڏيندو آهي. شاعرُ قوم کي بيدار ڪندو آهي. اهو قوم جي شعور کي جنجھوڙيندو آهي. هو امن جو نقيب ۽ انقلاب جو داعي هوندو آهي..... هو انسانيت جي ڪتاب جو مفسر هوندو آهي. شاعري هڪ اهڙو آئينو آهي جنهن جي شفاف چهري ۾ عظيم مستقبل جو اولڙو نظر ايندو آهي. مستقبل جو اهو ڌنڌلو عڪس جنهن کي شاعر پنهنجي خيالات جي دنيا ۾ حاضر جي مطابق پيش ڪندو آهي.” (3) اياز جاني جي شاعريءَ کي به انهيءَ راءِ جي آڌار تي پرکڻو پوندو.
    اصل ۾ جاني جي شاعريءَ جو هڪ وڏو سماجي ۽ سياسي پس منظر آهي، تنهنڪري سندس شاعريءَ تي پنهنجي دور جي حالتن، سماج جي ڪربناڪين ۽ ويساهه گھاتين جا آثار چٽا آهن. هن جي شاعري رڳو لطف جو ذريعو ناهي پر ان ۾ پنهنجي وقت جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي چرپر ۽ قومي شعور به موجود آهي. ڪٿي هن کي سياست جي بازار ۾ دوکيباز، دلال، چمڙا ۽ چرٻٽ ٿا نظر اچن ته ڪٿي سنڌ جي ڳوٺن ۾ بي جرم نياڻين جو ڪوس، ڪڏهن هو ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ متل مانگر مڇ جي مستيءَ تي تڙپي ٿو ته ڪڏهن هو اهي ڪارا پير پٿر تي ليڪڻ چاهي ٿو جن پنگريي ۾ ڀوري جي لاش کي لتاڙيو هو. هو غلامي جي زندگيءَ کي ڪُن سان ڀيٽي ٿو، هن جي اکين ۾ آزاديءَ جو خواب آهي، هو سمجھي ٿو ته اسان جي حال جي هٿ ۾ سڀاڻي لاءِ جوکو آ، هو ڄاڻي ٿو ته عوام تي امن ۽ عدالت جا در ٻوٽيل آهن، هن کي پتو آهي ته ٺلهن نعرن سان ڪابه تبديلي نه ايندي آهي. هو بي فيض جمهوريت کي پراڻو ناٽڪ ڪوٺي ٿو ۽ سنڌ مٿان هر نئين وار کي محسوس ڪري ٿو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ قومي جاڳرتا ۽ سماجي بيداري جو پيغام ڏيندي ڪٿي به نعري بازي وارو انداز اختيار نه ڪيو آهي. هن جي اظهار جو اسلوب نهايت تخليقي، ڳوڙهو، سنجيده ۽ با وقار آهي. ڊوائلي جو اهو قول ڪيڏو نه کرو آهي ته “شاعريءَ وسيلي اسان موجوده زماني کان پنهنجي غير اطمينانيءَ جو اظهار ڪريون ٿا.” اياز جاني به اهو ئي ڪيو آهي، تنهنڪري هن جي شاعري پنهنجي وقت جو نوحو محسوس ٿئي ٿي پر شاعريءَ کي رڳو نراسائي جي نوحه گري نه بڻائڻ کپي ان ۾ اميد جو نغمو به ضروري آهي ۽ اياز جاني جي شاعريءَ ۾ به ان نغمي ۽ ان گيت جي گونج محسوس ٿئي ٿي.

    سوچي ٽڻ ٺاهيون
    ٻيگھي ٽوڙيون ٻاٽ جي
    روڙي پنهنجي روح تان
    ڊپ ســڄـــو لاهــيـــون
    ٻيگھي ٽوڙيون ٻاٽ جي
    ..........
    جوڳي اوتي اُڃ کــي،
    پهتا ســنـــڌو جـــل
    اُجياري جي آس ۾
    ..........
    دراوڙ دل جــي تنهـائــي،
    وصل جو ڪاڄ ماڻيندي
    جڏهن سوراج ماڻيندي

    جي سرواڻي سچي نڪري
    ته ڌرتي جھومندي جاني

    جڏهن شاعر جي من ۾ اميد ۽ خوشي جو احساس ڪر موڙي اُٿي ٿو ۽ اندر تي مسرت جو مينهن اوڙڪون ڏئي وسي ٿو ته سندس لفظ به گلابن وانگر مهڪي پون ٿا ۽ سٽ سٽ ۾ سوين سڳنڌون اچي وڃن ٿيون. هينئين ۾ هوڪرا مچي وڃن ٿا. پوءِ کيس گُجريون ۽ پاڻياريون، ڇلا، ويڙها ۽ نازڪ آڱريون ياد اچن ٿيون.

    هٻڪارن جا هل
    هينئڙو سارو هوڪرا
    ..........
    گج گُجر پائي
    جرڪي پيئي ڪاڄ ۾
    ..........
    پاڻياريءَ پاتو
    گج گلابي جسم تي
    ..........
    ويڙهو ويڙهي ٻاچ ۾،
    پيئي ڦيرائي
    جرڪي پيئي ڪاڄ ۾

    اها ساڳي جوت ۽ جمال، منظر ۽ احساس توڙي رومانوي فضا جاني جي غزلن تي به ڇانئيل آهي. هو اهڙي دل جيڪا پيار لاءِ نه ٿي ڌڙڪي، اها ڪڍي ڪانون کي ڏيڻ چاهي ٿو.

    دل ڪڍي اڇلائجي ڪانون اڳيان
    هيءَ هاڻي پيار لئه ڌڙڪي نه ٿي

    هن جي من ۾ پرين جي ياد جي ڇولي هزارين رنگ کڻي اچي ٿي ۽ هو پنهنجي روح ۾ هولي محسوس ڪري ٿو:

    ياد جي ڇولي هلي آئي هئي
    روح ۾ هولي هلي آئي هئي

    جاني جي غزلن ۾ اهي رومانوي رنگ حسين احساس پيدا ڪن ٿا. هن جي کوڙ غزلن ۾ پرين جي نيڻن ۽ چپن جو تذڪرو مختلف رخ اختيار ڪري وري وري اچي ٿو:

    من ۾ ٿاڪ تُنهنجي نيڻن جا
    چَپ هيراڪ تنهنجي نيڻن جا
    ..........
    ٻن چپن جي وچ ۾ ويري رهي
    هڪ چميءَ جو خواب ويو ڌنڌلائجي
    ..........
    ڊائريءَ ۾ رکُ سدائين پنکڙيون
    پر ڪويءَ کي ڀي چميءَ جو جام ڏي
    ..........
    عشق جي ڪيڏي انوکي ڇڪ آ
    ڪير چاهيندو چُمي پوري ٿئي

    اياز جاني جي غزلن ۾ وصل ۽ فراق جو داستان به آهي، سپنن جي ساڀيان ٿيڻ جا قصا به آهن ته جيئڻ مرڻ جون ڳالهيون پڻ. انهن ۾ سار ۽ سرور جا ساز به ٻُرن ٿا ته وجودي ڇڪ به محسوس ٿئي ٿي. انهن غزلن ۾ عشق جي ماهيت به سمجھايل آهي ته منجھائن هجر جي لذت به چڱيءَ پر محسوس ڪري سگھجي ٿي.

    تو چيو: سپنا به ساڀيان ٿيا ڪڏهن؟
    مون چيو: تنهنجو ملڻ ڇا معنى
    ..........
    هوءَ هاڻي ڀي ڏسي ٿي پر سڃاڻي ڪين ٿي
    پر نه جاني جِي سگھي ٿو هُنَ کان هينئڙو پلي
    ..........
    ڪنهن پڇيو مرڪندي “عشق ڇاهي ڀلا؟“
    مون اڳيان ٽاڪ هئي، جيستائين ڏٺو

    شام تائين اوهان نه ساريندؤ
    جيئري ئي لڳي ٿو ماريندؤ
    ..........
    ڄاڻان ٿو مان منهنجي نه آ جاني
    پر ڪنهن به پَل هن مان نه ٿو نڪران

    اياز جاني جي غزلن ۾ نئين حسيت ۽ جدت توڙي انوکو لفظياتي جهان آباد آهي. البته هن جي اندر ۾ وائي ايتري ته رچيل آهي جو سندس کوڙ غزل پڙهندي به انهن تي وائي جو گمان ٿئي ٿو. سندس ڪجھ غزل ڊگھن رديفن ڪري به اهڙو تاثر ڏين ٿا. هونءَ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سهڻا ۽ اڇوتا رديف هن جي غزلن کي هڪ انوکو حسن بخشين ٿا. اهڙي ريت تز ۽ نرالا قافيا به سندس غزلن جي سونهن آهن. جاني جي ڪجھ غزلن ۾ وزن ٿيڙ کائي ٿو ۽ هن کوڙ اکرن کي زوري حزف ڪري وزن جو پورائو ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي. ائين ئي سندس غزلن جي ڪجھ شعرن ۾ ابلاغ يا Comunication جو مسئلا پڻ موجود آهي. انهن ۾ سمايل خيال پڙهندڙ تائين پوريءَ طرح پهچي نه ٿا سگھن. جاني جي ڪيترن ئي شعرن ۾ بي ربطگي ۽ معنوي جھول پڻ محسوس ٿين ٿا پر انهن ڳالهين باوجود حسين تشبيهن ۽ تلميحن، سگھارن استعارن ۽ علامتن، فطري ماحول ۽ محاڪات، اندروني قافين جي جڙاوت ۽ احساس جي لطافت، فطري رواني ۽ غنائيت وارين خوبين سبب هن جو غزل سندس هم عصر ٽهيءَ ۾ نمايان ۽ معتبر مقام تي بيٺل آهي.
    فلپ سڊني لکيو آهي ته “انسان جو ڪوئي فن اهڙو ناهي جيڪو فطرت جي ٺاهيل شين تي مبني نه هجي...... صرف شاعر هڪ اهڙو فنڪار آهي، جيڪو فطرت جي لڪير جي فقيريءَ کان انڪار ڪندي، پنهنجي ايجاد واري قوت جي ٻَلَ تي، هڪ نئين فطرت تخليق ڪري ٿو ۽ اهڙيون شيون ايجاد ڪري ٿو جيڪي يا ته فطرت جي شين جون اصلاح يافته صورتون هونديون آهن يا ان کان بنهه ڌار ۽ نيون شيون هونديون آهن.” (4) هڪ شاعر ۾ اهو گڻ سندس تخليقي ذهن سبب پيدا ٿئي ٿو ۽ هو الڳ الڳ وٿن ۽ فطرت جي لقائن مان هڪ نئين دنيا تخليق ڪري ٿو، تنهنڪري هو رڳو صانع نه آهي پر ان کان اڳتي هڪ موجد آهي. اها ايجاد جي قوت ۽ وجدان ئي هڪ بهترين شاعر جو سرمايو آهي. اياز جاني جي شاعري پڙهندي اها ڳالهه مڃڻي پوي ٿي ته هن وٽ خيال جي مٽي کي ڳوهڻ ۽ لفظن جي صورتگري جو هنر موجود آهي.

    صحرا جھاڳي گھر لئه پاڻيءَ لپ کڻي آئي آ
    پاڻياري پر پنهنجا پياسا چپ کڻي آئي آ
    ..........
    ان کي ڪُلها، پٺاڙا، هٿ پير ٿا کپن
    هي شهر آهي، ڪنهن جو چهرو پڇي نه ٿو

    مٿيان ٻئي شعر تخليقي اظهار جو عمدو مثال آهن. پهرين شعر ۾ صحرا جو درد آهي ٻئي ۾ شهر جو دک. پهرين شعر ۾ گھر لاءِ Sacrifice ڪرڻ جي ڳالهه آهي. ان شعر ۾ “گھر” کي رڳو هڪ چار ديواري طور نه اڀاريو ويو آهي پر اهو هڪ سگھارو استعارو بڻجي آيو آهي. گھر اهو آهي جتي رشتا آهن، محبتون آهن، جتي جياپي جي جنگ پئي هلي. تتل صحرا ۾ اڏيل جھوپي ۾ پاڻيءَ جي لپ ڪيڏي وڏي دولت آهي اهو ته ڪو پياسو ئي ٻڌائي سگھي ٿو. پياس ته پاڻياريءَ جي چپن تي به آهي پر هوءَ هٿ آيل پاڻي لپ سان پنهنجي لبن کي سيراب ڪرڻ بدران ان گھر لاءِ ٿي سوچي جتي سندس پيارا پاڻيءَ جي ڍڪ لاءِ واجھ وجھي ويٺا آهن. اهڙي طرح ٻئي شعر ۾ شهرن ۾ مشين بڻجي ويل انسان جي دک جي ڪٿا آهي. اياز جو خيال آهي ته شهرَ بيحسي جو آماجگاهه بڻجي ويا آهن. ميشينين، ڪارخانن ۽ اقتصادي مفادن شهرن کان اکيون کسي ورتيون آهن. هتي شهر حقيقت ۾ سرمائيدار طبقي جي علامت طور اڀريل آهي، جنهن کي هر حال ۾ پنهنجو مفاد عزيز آهي هنن کي ان مزدور ۽ پورهيت جي پيڙا نظر نه ٿي اچي جيڪو جيئاپي جي جنگ ۾ پل پل ٽٽندو ۽ ڀرندو رهي ٿو.
    اياز جاني جي شاعريءَ جي اها Approach توڙي عصري صداقت کي تخليقي قالب ۾ پيش ڪرڻ وارو ڏانءُ ئي کيس هڪ جيڏن شاعرن ۾ نمايان ڪري بيهاري ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ شعري جماليات، سماجي، سياسي ۽ قومي شعور، فڪر ۽ احساس جو توازن ته موجود آهي پر سندس شاعري فني ۽ اسلوبي گھرجون پڻ چڱيءَ پر پوريون ڪري ٿي. البته ڪٿي ڪٿي ناقص تشبيهون ۽ معنوي جھول سندس شعر کي ڇيهو رسائين ٿا. جيئن:

    تِرُ گلابي چپ تي هو يا چنڊ کڙيو
    ڏسندي ڏسندي تارن تائين پهتاسين
    ..........
    من مسافر موسى وانگر، پنڌ عصا آهي
    ڇاهي جي فرعوني دنيا سَپَ کڻي آئي آ

    پهرين شعر ۾ تِر جِي چنڊ سان تشبيهه بنهه اجوڳي محسوس ٿئي ٿي. چنڊ روشني جي علامت آهي ان جي ڀيٽ ۾ تر چهري جي سونهن ته ضرور ٿئي ٿو پر ان مان جوت جو ڪو تصور نه ٿو اڀري. اهڙي ريت ٻيو شعر به معنوي ۽ تشبيهي نقص جو شڪار آهي جنهن ۾ پنڌ کي عصا سان تشبيهه ڏئي جاني شعر جي معنوي حسن کي ڌڪيو آهي. اهو شعر رڳو هڪ لفظ جي تبديليءَ سان هن طرح پنهنجي ڀرپور معنويت ۽ تُز تشبيهه جو پورائو ڪري سگھي ٿو.

    منُ مسافر موسى وانگر، هَٿِ عصا آهي
    ڇاهي جي فرعوني دنيا سَپَ کڻي آئي آ

    اياز جاني جي شاعري پنهنجي موضوعن ۾ ڳوڙهي ۽ ڳتيل آهي. وطن دوستي، انسان دوستي، قوم پرستي ۽ رومانيت مجموعي طور هن جي شاعري جو محور آهن، پر ان سان گڏ و گڏ مذهبي رواداري، ظلم کان انڪار، فرسوده رسمن جي نفي، خود آشنائي، امن جي اميد، بک جو دوزخ، سچ جي پچار ۽ اهڙا ٻيا انيڪ موضوع سندس شاعريءَ جي آڪاس تي تارن جيان ٽمڪن ٿا. ارسطو چيو هو ته “شاعرُ تخليقڪار آهي اهو ندرت پيدا ڪندو آهي ۽ تخيل جي دنيا وسائيندو آهي.” اياز جاني جي غزلن ۾ اسان کي اهڙي ندرت ۽ تخيل جي حسين دنيا نظر اچي ٿي. هن جي غزلن ۾ اسان کي ڪيئي اڇوتا، اڻ ڇهيا ۽ تازا خيال ملن ٿا ۽ اهي خيال هن جي شاعريءَ ۾ موتين وانگر جرڪن ٿا. اهي حسين خيال چُڻي ۽ چونڊي مان هتي هڪ مالها جي صورت پيش ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ ان ست رنگي مالها کي مان سنڌي شاعريءَ جي ڳلي جي زينت سمجھان ٿو:

    پَرَ ڪَٽي ضرورتن ڦٽي ڪري ڇڏيو
    پو ڪڏهن زمين تان اُڏي سگھيس نه مان
    ..........
    نه ڪنهن جي جھل تي بيٺا
    ٻه موتي ڳل تي بيٺا
    ..........
    رات ويهي ٿي رهي بس گھرُ ڪري
    اچُ ته ان کي مُڪ وهايون ڀَرُ ڪري
    ..........
    گھر ٻار جي خفي ۾ فرصت ملي نه هوندس
    هٿ ۾ ته زهر هوندس، پر پي سگھيو نه هوندو
    ..........
    واٽ تي وڇون ڏسي نه خوف پئي ٿيو
    واهرو ڊنو ته مان وري وري ڪريس
    ..........
    ڪاٺ جو چهرو، اکيون پٿر رکي
    ڪيئن ملجي وچ ۾ خنجر رکي
    ..........
    هٿ ڏي ته پهچون زندگيءَ جي توڙ تي
    هر موڙ تي هٿ جي تري ڇا ٿي ڏسين؟

    اياز جاني جي شاعريءَ ۾ جيڪو تخيل ۽ تفڪر، تصور ۽ وجدان، حسيت ۽ تاثر، اسلوب جي جدت ۽ خوبصورت لفظيات موجود آهي اها کيس شيخ اياز واري جديد شعري روايت سان ڳنڍي ٿي. اياز جاني جي شاعري پڙهي مونکي سنڌي شاعريءَ جي آئيندي ۾ ويساهه پختو ٿيو آهي. هن جي شاعريءَ جو مطالعو منهنجي لاءِ ان آٿت جو باعث ٿيو آهي جو مان چئي سگھان ٿو ته جديد سنڌي شاعري ۾ اها تخليقي سگھ ۽ ڪرشماتي قوت آهي جنهن سان اسين ايندڙ دور اڳيان ندامت مان ڪنڌ جھڪائڻ بدران ناز سان ڳاٽ اوچو ڪري سگھون ٿا.

    حوالا

    1. سيد وقار احمد رضوي ڈڊاکٹر “معروضي تنقيد“، مکتبهء دانيال، 2013، ص 76 ۽ 77
    2. اشعرنجمی (مدیر) کتابی سلسلہ’ اثبات‘،ممبئی، جلد دوم،شمارہ:7،2010، مقاله: “شعر: دو جملے” (معيد رشيدي) ص 33
    3. سيد وقار احمد رضوي ڈڊاکٹر (”معروضي تنقيد“، مکتبهء دانيال، 2013، ص 73
    4. حسين محمد هادي (مرتب) “مغربي شعريات” مجلسِ ترقيِ ادب، لاهور، طباعت سوم 2010، ص 14

    (7 مارچ 2016 تي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي ‘ادب شعبي’ پاران اياز جاني جي ڪتاب “دراوڙ دل جي تنهائي” جي مهورت واري تقريب ۾ پڙهيل.)


    جواد جعفري جي شاعريءَ جو مطالعو

    جواد جعفري جي شاعريءَ جو مطالعو

    شاعريءَ جو هڪ وڏو ڪارج احساسن جي ان ڪائنات کي تسخير ڪرڻ آهي، جنهن ۾ انساني ڪيفيتن جو سمنڊ ڇلندو آهي. شاعري هڪ آرٽ ته آهي پر جيسيتائين ان ۾ احساس جي قوت نه آهي تيسيتائين اها لفظن جي هجوم کان اڳتي ڪا معنى نه ٿي رکي. “شاعري جي حقيقت بيان ڪندي شبليءَ “شعر العجم” ۾ هڪ جاءِ تي لکيو آهي “شاعري وجداني ۽ ذوقي چيز آهي.” هن شاعريءَ جو ٻيو نالو “قوتِ احساس” ٻڌايو آهي. شاعرِ فطرت وليم ورڊس ورٿ(William Wordsworth) به شاعريءَ بابت ڪجھ اهڙي ئي ڳالهه ڪئي آهي. هن جو چوڻ آهي ته “Poetry is the spontaneous overflow of powerful feelings” (شاعري اجھل ۽ ڇلڪندڙ طاقتور احساسن جو نالو آهي.) اڳتي هلي شبلي پنهنجي ساڳي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته “جڏهن اهو ئي احساس لفظن جو پهراڻ اوڍيندو آهي ته شعر بڻجي ويندو آهي.” ان مان ظاهر ٿيو ته سندس خيال مطابق لفظ جي حيثيت هئيت (Form) واري آهي ۽ ان جو موضوع (Content) اهو احساس آهي جنهن کي شاعري چيو وڃي ٿو. ورڊس ورٿ شيءِ کي “Powerful feelings” چيو آهي. جڏهن ته شبلي ان کي “قوي جذبو” ڪوٺي ٿو ۽ “Spontaneous” جي لاءِ هو “اجھل” جو لفظ استعمال ڪري ٿو. اهڙي طرح شبلي شعر جي مڪمل تعريف هن طرح بيان ڪري ٿو: “جڏهن ماڻهوءَ تي ڪوئي قوي جذبو طاري ٿيندو آهي ته بيساخته سندس زبان مان موزون لفظَ نڪرندا آهن ۽ انهيءَ جو نالو ئي شعر آهي.” (شبلي کا تصورِ لفظ و معنى) جواد جعفري جي شاعريءَ ۾ به اسان کي شعر جي ان بنيادي وصف مطابق جذبن ۽ احساسن جو اجھل پڻو ۽ بيساختگي نظر اچي ٿي. جڏهن سندس اندر مان ڪو احساس اٻڙڪا ڏئي نڪري ٿو ته شعر بڻجي وڃي ٿو:

    ڪوئي ڀر ۾ ڀري رهيو هوندو
    توکي احساس ئي نه ٿيو هوندو
    هن ڪڍيون هن هزار معنائون
    بي خياليءَ ۾ تو ڏٺو هوندو
    ..........
    پيار جي پهرين نظر ۾
    زندگي ڀر جو نشو آ

    شعر لکڻ لاءِ عام طور ڪنهن هيئت يا فارم جي ضرورت هوندي آهي، فارم يا اسلوب اظهار جو قالب آهي، جنهن جي وڏي اهميت آهي پر معيد رشيدي جي چوڻ مطابق “شعر جي حصار کي ٽوڙي اگر شاعريءَ جي بي ڪراني ۾ داخل ٿجي ته پتو پوندو ته شاعري جي لاءِ هيئت ڪو مسئلو ناهي. اها ڪنهن به ڍنگ، شڪل يا ساخت ۾ ظاهر ٿي سگھي ٿي. امداد امام اثر شاعريءَ کي شراب سان ڀيٽيندي صحيح چيو آهي ته شراب هر قيمت تي شراب ئي رهندو، ڀلي ڪنهن به پيالي (سون، چاندي، پتل، مٽي) ۾ رکيو وڃي. اهو ان وقت تائين شراب رهندو، جيستائين ان جي ماهيت نه مَٽجي وڃي. ان ڪري خارجي حوالن سان اسان شعر جي شناخت ته آساني سان ڪري سگھون ٿا پر شاعريءَ جي نه. شاعري ڇا آهي؟ اهو انهيءَ قسم جو سوال آهي ته روح ڇا آهي؟ سيني جي خلش، اکين ۾ طوفان ۽ دل جي نهان خانن ۾ اٿندڙ درد ڇا آهي؟ زندگي ڇاهي؟ ايليٽ جي راءِ با معنى آهي ته “جيڪڏهن اسان شاعريءَ جي وصف بيان ڪري به وڃون ته اها ڪوشش لاحاصل هوندي.” ان ڪري مسئلو شاعريءَ جي وصف جو نه آهي، نڪتو هي آهي ته شاعري ۽ زندگي ۾ ڪهڙو تعلق آهي.” (شعر: دو جملے) جيڪا شاعري زندگيءَ کان ڪٽيل آهي ۽ جنهن ۾ فروعي معاملن جو هجوم آهي اها پنهنجو ڪوئي سماجي ڪارج ادا نه ٿي ڪري. شاعريءَ جو سماج ۽ زندگيءَ سان اهو ٻنڌڻ ئي ادب براءِ زندگي جي سلي کي سيراب ڪري ٿو. جواد جعفري جي شاعري زندگي ۽ زندگي جي معاملن سان جڙيل ۽ ڳتيل آهي. ان ۾ جيون جو حسناڪ چهرو به نظر اچي ٿو ته سماج جي ڪربناڪ تصوير پڻ.

    پل پهر رقص ۾ هر گھڙي ٿي نچي
    وقت جي ساز تي زندگي ٿي نچي
    باغ ۾ جو هوا پير آهن ڌريا
    پَنَ جھومن پيا، هر ڪلي ٿي نچي
    ..........
    هڪڙي وڌوا جي ڳلن تي
    پنهنجي ئي ڳوڙهن لکيون
    ڪيئي ڪهاڻيون درد جون
    تنهنجي روڊن تي ڪراچي
    وکريل لاشن لکيون
    ڪيئي ڪهاڻيون درد جون

    جديد سنڌي شاعري جي ڊگهي قافلي ۾ اهڙا ڪي ٿورا شاعر آهن جيڪي پنهنجي شاعريءَ ۾ موجود نئين فڪر ۽ شعور، رومانوي ۽ جمالياتي احساس ۽ شاعراڻي غنا ۽ ترنم جي ڪري انفراديت رکن ٿا. جواد جعفري ان حوالي سان پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکندڙ آهي. هن جي شاعريءَ ۾ تتل صحرا جون صدائون به آهن ته ڀنل مٽي جي سڳنڌ به. هن وٽ شاعري جو تصور لفظن جي جادوگري کان وڌيڪ دل جي لهوءَ مان ٽڙيل گلابن جهڙو آهي.

    جي تون سمجيهن ته خون آ دل جو
    جي نه سمجهن ته شاعري آهي.
    ..........
    سٽ سٽ تي ڇو ساهه ڏيان ٿو، ويهه ته سمجهايانءِ!
    اکر اکر ۾ خون جگر جو اوتيو آهي مون.

    پنهنجي سٽ سٽ تي ساهه ڏيڻ ۽ اکر اکر ۾ پنهنجي جگر جو خون اوتيندڙ شاعرَ جواد جعفريءَ جي شاعريءَ ۾ هڪڙي بيساختگي آهي هو تڪي توري لفظن جي ڳنڍ ٽوپ نه ٿو ڪري پر لفظ سندس خيال سان هم آهنگ ٿي پاڻ ئي موتين جي هار وانگر مرتب ٿي وڃن ٿا. جواد جي شاعري ۾ فڪر جي تازگي ۽ حسن جا جلويٰ نمايان آهن ۽ اهي ٻئي شيون سندس نانءَ کي زنده رکڻ لاءِ ڪافي آهن.
    حسن ويڙهيل جعفري جي
    شعر جي پوشاڪ ۾ آ.
    جواد ڀي امر آ پنهنجي اکر اکر ۾،
    شاعر مري وڃي، ڇا لفظن جو موت ٿيندو؟

    هر شاعر جي شاعريءَ ۾ مختلف شعري ترڪيبون ۽ استعارا، تشبيهون ۽ تلميحون، منظر ۽ محاڪات موجود هوندا آهن. جواد جعفري جي شاعري به انهن شعري گڻن سان ڀرپور آهي. هن جي شاعريءَ ۾ فڪر ۽ آگهي جو جولان به موجود آهي ته ان مان تصور ۽ تخيل جون انيڪ راهون به ڦٽن ٿيون. هن جي شاعري پنهنجي فن ۽ فڪر ۾ متوازن ۽ گھري آهي. سندس ڪلام ۾ رومانيت سان گڏ انوکي جماليات به موجود آهي. پر سندس شاعريءَ جو وڏو حسن ان ۾ موجود موسيقيت آهي. هن جي ڪلام ۾ غنا ۽ ترنم جي خوبي اتم درجي تي موجود آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس اڪثر غزل سنڌ جي ڳائڻن ۽ ڳائڻين ڳائي مڃتا ماڻي آهي. هن جي شاعريءَ ۾ موجود اها فطري موسيقي ۽ ترنم کيس هم عصر شاعرن ۾ نمايان ڪري بيهاري ٿو.
    رومانيت شاعريءَ جو حقيقي حسن آهي ۽ خاص طور غزل پنهنجي بنيادي موضوع ۾ رومانيت جي رنگ سان ڀرپور آهي. جواد جعفري بنيادي طور غزل جو شاعر آهي ۽ هن جي غزلن جو مرڪزي موضوع به رومانيت آهي. هو پنهنجن غزلن ۾ پرين جي حسن، ناز ۽ ادا کي خوبصورت نموني بيان ڪري ٿو. ڪٿي ڪٿي عشق جي جمال جون حسناڪيون ۽ تابناڪيون هن جي غزلن جي فضا کي بيحد حسين بڻائي ڇڏين ٿيون. هن وٽ رومانيت رڳو ڪنهن جسم يا انساني وجود تائين محدود ناهي بلڪه فطرت جون سموريون حسناڪيون ۽ لذتون، چاهه جا انيڪ رنگ ۽ روپ هن جي شاعري تي ڇانئيل آهن. ان رومانويت ۾ ميلاپ جو لطف به آهي ته جدائيءَ جو زخم پڻ.

    ها اکين مان گذر ٿي ڪري
    سونهن دل تي اثر ٿي ڪري
    ..........
    سانوري سونهن دل ۾ ڪري گھر وئي
    هونءَ سوين چنڊ ـــ چهرا اکين ۾ هيا

    کڻي وئي پاڻ سان پنهنجو اکيون، ڳل، وار، پيشاني
    اسان کان ائين جيئڻ جا، سهارا ڏور ٿيندا ويا
    ..........
    توکي چاهيو سي زندگيءَ وانگي
    ٿي نه حاصل سگھين خوشيءَ وانگي
    ..........
    اک آلي سندءِ گواهي آ
    تنهنجي دل تان اڃا لٿا ناهيون
    ..........
    ننڊ چورائي اکين مان
    جاڳ ۽ ڳوڙها رکي ويو

    جواد سونهن جو شيدائي آهي، پوءِ اها سونهن ڪنهن وجود جي روپ ۾ هجي يا فطرت جي ڪنهن لقاءَ جي صورت ۾ اها سندس دل تي سڌو اثر ڪري ٿي. جواد کي سوين چنڊ چهرن ۾ هڪ سانوريءَ جي مُک موهي وڌو هو، جيڪا به کيس جدائيءَ جو داغ ڏئي پاڻ سان پنهنجون اکيون، ڳل، وار ۽ پيشاني کڻي ويو ۽ جواد کان ڄڻ جيئڻ جا سهارا ڏور ٿي ويا. جواد جعفريءَ وٽ هڪ طرف لاحاصل محبت جو غم آهي ته ٻئي پاسي اهو ويساهه به آهي ته پرين اڃا کيس وساريو ناهي. وڇوڙي جي ڪٽار هن جي نيڻن جي ننڊ کسي جاڳ ۽ ڳوڙهن جو دان ڏنو ته هن جا غزل به نوحا بڻجي پيا.

    تو پڄاڻان جي لکيا ها جعفري
    سي غزل جي روپ ۾ نوحا هئا.

    رومانس جا اهي ۽ اهڙا مختلف روپ جواد جي سموري شاعريءَ ۾ ملندا. هو پيار کي گلن جو واس سمجھي ٿو، جنهن تي پهرا لڳائڻ ممڪن ئي نه آهي.

    پيار تي پهري جون ڳالهيون ڇڏ چريا!
    بندشون سي به گلن جي واس تي!

    رومانس يا پيار جنهن ۾ ڪائنات جيڏي وشالتا آهي. انهيءَ پيار کي ميلاپ کان وڌيڪ وڇوڙي جا رنگ گهرو بڻائي ڇڏين ٿا. بقول شاعر: پہنچا جو سمندر میں تو مر جائے گا دریا۔
    جيئن درياهه کي سمنڊ جو ميل ماري وجھي ٿو، تئين شايد محبت ۾ ميلاپ پيار جو انت ثابت ٿئي ٿو. هونءَ به جيڪو لطف سفر ۾ آهي سو منزل ۾ ڪٿي. شاهه سائين به انهيءَ فلاسافي کي قبوليو آهي تڏهن ئي ته چيو اٿائين ته:

    توڻي لهين نه پيرُ، توءِ راحت آهـي رڙهــڻ ۾.
    (سُر معذوري، د 4)

    اسان جنهن سماج ۾ ساهه کڻون ٿا اُتي اڪثر ڪري وڇوڙو ئي پيار جو مقدر بڻبو رهيو آهي ۽ اهو وڇوڙي جو زخم ئي ته آهي جيڪو زندگيءَ کي هڪ نئين معنى ڏئي ٿو. ڀٽائي “سُر حسيني” ۾ چيو آهي “جيڪِي فِراقان، سو وِصالان نه ٿِئي.” ۽ شيخ اياز لکيو آهي ته “پيار هڪ اڌمو آهي جو ٿوري دير لاءِ اوچو وٺي وڃي ٿو ۽ اندر کي اجاري ٿو. اهو باک جي شاخن وانگر آهي، جن جي روشني ته هر ڪنهن ماڻي آهي پر جن تي ڪوئي پکي آکيرو نه ٺاهي سگهيو آهي. اهو وڄ وانگر آهي. گهنگهور گهٽائون ڏسي ڪيڏو نه وڻي ٿو، پر جڏهن ڪري ٿو ته اڪثر ماڻهو تباهه ڪري ٿو ڇڏي.” حقيقت ۾ شاعرن جي دلين تي به اهڙي ئي پيار جي وڄ ڪريل هوندي آهي، هو شڪسته دل ۽ تباهه حال هجڻ باوجود پنهنجي لفظن جي طاقت سان پيار کي امرتا بخشي ڇڏيندا آهن جواد جي شاعري ۾ به پيار جي حاصلات کان وڌيڪ جدائي جا زخم نظر اچن ٿا.

    ”لازم نه آ جو چاهيون، حاصل به ٿي وڃي“
    سمجهائي ويو گهڻو ئي جملو جناب جو.
    ..........
    پٿرن وارو ڪم ڪري ويا ڪنهن جا کهرا لفظ،
    دل جي شيشي منجهه پيل هي ڏار ٻڌائن ٿا.

    هي منهنجي ڳلن تي جا، ڳوڙهن سان لکيل آهي،
    سا تنهنجي جدائي جي، لمحن جي ڪهاڻي آ.
    ..........
    ايڏو مرڪڻ واري! ڇا هي ڄاڻي سگهندينءَ تون؟
    تنهنجي وڇڙڻ کانپوءِ ڪيڏو ڀوڳيو آهي مون.

    وڇوڙي کانپوءِ ڀوڳنا جو سفر واقعي ڏاڍو اذيتناڪ آهي، پر اهو وڇوڙو ئي محبت جو معراج آهي. شيخ اياز مطابق “جڏهن اسان پيار کي دائمي بڻائڻ چاهيون ٿا ته اهو بيزاري ۾ بدلجي وڃي ٿو، يا ڪنهن آفت ۾ بدلجي انتقام وٺي ٿو. پيار لاءِ جدائي ضروري آهي اها دونهين دکائي رکي ٿي. آنڌ مانڌ جون گهڙيون پيار جو کيپ ان جي سک دائڪ ڀانواٽي ان ۾ منووِڪار (Passion) جو تکو ڏنگ مون کي وڻندو آهي.” جواد جعفري کي به پيار جو اهو مٺو ڏنگ وڻي ٿو تڏهن ئي ته هن کي درد ۾ به لذت محسوس ٿئي ٿي.

    مون چکيو مون کي پتو آ،
    درد جو پنهنجو مزو آ.

    درد ۾ واقعي پنهنجو مزو آهي. حوصله مند انسان درد کي هميشه پنهنجي لاءِ طاقت بڻائيندا آهن. سچ ته اهو آهي ته دکُ راهه ڀلين کي رَندُ ڏيکاريندو آهي ورنه لطيف سائين ائين نه چوي ها ته: ڏيکاريس ڏکن، گوند گس پرين جو.
    جواد کي درد جي لذت کان آشنائي ته آهي پر جڏهن هن جي ڪيفيت تبديل ٿئي ٿي ته هن جي اظهار جو دڳ به تبديل ٿي وڃي ٿو ۽ چوي ٿو ته:

    درد سان دوستي چڱي ناهي
    پاڻ سان دشمني چڱي ناهي

    هاڻي درد سان دوستي کيس پاڻ سان دشمنيءَ وانگر ٿي لڳي. اها خيال جي بي ربطگي ۽ درد کان خوف جي ڪيفيت به ڏسجي ته فطري آهي. جتي درد ماڻهو کي سگھ ڏئي ٿو، هڪ شاعر جي تخليق ۾ نکار پيدا ڪري ٿو يا ڪنهن کي ميڙي سهيڙي ۽ جوڙي ٿو ته اتي ئي اهو ماڻهوءَ جي وجود کي ٽوڙي ذريون ذريون به ڪري ڇڏي ٿو.
    جواد جا رومانوي غزل نئين تشبيهن ۽ نون استعارن سان سنواريل آهن، پر انهن غزلن جي خاص خوبي منجھن موجود موسيقت آهي. لئي، ترنم ۽ غنا هن جي سموري شاعريءَ ۾ اتم درجي تي موجود آهي. هن جي شعرن کي گنگنائڻ جي خوبي هڪ نرالو حسن بخشي ٿي.

    رات هئي اکڙين کي اوجاڳا هئا
    مان هيس ۽ شهر جا رستا هئا
    ..........
    اڃا ننڊ نيڻن کي آئي نه آ
    اڃا رات ڪا موڪلائي نه آ
    ..........
    پل پهر رقص ۾، هر گھڙي ٿي نچي
    وقت جي ساز تي زندگي ٿي نچي

    موسيقيت سان ميل واري شاعري جلدي دل تي اثر ڇڏيندي آهي. ان خوبي سان گڏ جيڪڏهن شعر ۾ سلاست جو گڻ به موجود هجي ته سون تي سهاڳ واري ڳالهه ٿي پوندي آهي. جواد جي مٿين شعرن ۾ اهي ٻئي خوبيون نظر اچن ٿيون.
    اڪثر شاعرن وٽ مخصوص لفظن جو ورجارءُ هوندو آهي پر اهڙو ورجاءُ انهيءَ وقت خوبصورت لڳندو آهي جڏهن هر بار ورجايل لفظن ۾ فڪر جي تازگي ۽ تخيل جي ندرت موجود هجي. جواد جي شاعريءَ ۾ به اهڙو لفظي ورجاءُ نظر اچي ٿو خاص طور ‘شعر‘، ‘شاعر‘، ‘شاعري’ يا ‘گل‘، ‘گلاب’ ۽ ‘گلدستو’ وغيره اهڙا لفظ آهن جيڪي سندس شاعريءَ ۾ وري وري اچن ٿا. اهڙو لفظي ورجاءُ هن جي هر ٻئي ٽين غزل ۾ نظر اچي ٿو ته جيئن:
    چنڊ چڙهي ٿو، درد وڌي ٿو شعر جڙي ٿو،
    ..........
    پرين پڄاڻان شاعرَ ڪهڙن حالن ۾ آن.

    شاعري ۾ مون عبادت ڪئي آ.
    ..........
    سونهن گل جي پتين مان ٿي جهلڪا ڏئي.
    ..........
    گل سارا خوشين جا پٽيندي وئي.
    ..........
    تو بنان ڪنهن قبر تي پيل گل هان.
    ..........
    ڪاغذي ڦول گلدان ۾.
    ..........
    تو بن دل ٿي پئي، خالي گلدان مثل.
    ..........
    بهار ۾ منهن لٿل ڪلين جا گلاب مرجهائجي رهيا آهن.
    ..........
    ڇا رکيو آ ڇڻيل گلابن ۾

    مان سمجھان ٿو ته ڪنهن به وسيع نظر ۽ گھري فڪر رکندڙ شاعر وٽ لفظن جي کوٽ نه هوندي آهي. ساڳين لفظن جو حد کان وڌيڪ ورجاءُ نه رڳو قاري جي دل تي ٻوجھ وجھي ٿو پر ان طرح خيال جو ورجاءُ به فطري ٿي پوي ٿو. بهرحال هن اهڙي ورجاءَ باوجود شعر ۾ خيال جي نواڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    جواد جعفري جي شاعري هونءَ ته فن ۽ تخيل خوبين سان مالا مال آهي، پر هتي مان سندس شاعريءَ مان رڳو تشبيهه جي حسن جا ڪجھ مثال پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، ڇوته هڪ سٺي شعر جي خوبين ۾ تشبيهه وڏي اهميت رکي ٿي. تشبيهه بيشڪ شعر جي حسن کي نکاري ٿي. جواد جي شاعري خوبصورت تشبيهن سان جھنجھيل آهي.

    آءٌ ميلي ۾ ٻار وانگر، تون،
    گم ٿئين سمنڊ ۾ سئسيءَ وانگي.
    تنهنجي چهري سان کيڏن جڏهن وار ٿا،
    رات ۽ ڏينهن جي دوستي ٿي لڳي.
    ..........
    تو سوا زندگي اهو گل آ،
    جنهن مان خوشبو لڏي وئي آهي.

    مٿين شعرن ۾ ميلي ۾ ٻار ۽ سمنڊ ۾ سئي گم ٿيڻ، محبوب جي زلفن جو سندس چهري سان کيڏڻ کي رات ۽ ڏينهن جي دوستي سڏڻ ۽ پرين بنان زندگي کي اهڙو گل تصور ڪرڻ جنهن مان خوشبو اڏي وئي هجي يقيناً زبردست تشبيهون آهن. هن جي شاعريءَ ۾ اهڙا ٻيا به ڪيترائي تشبيهاتي شعر موجود آهن.
    جواد جعفري بنيادي طور غزل جو شاعر آهي ۽ غزل جي پنهنجي الڳ احساساتي دنيا ۽ رومانوي فضا آهي. خاص طور ان ۾ خيال جي نزاڪت جو وڏو خيال رکيو ويندو آهي. جواد جي غزلن ۾ جڳهه جڳهه تي اها نازڪ خيالي جهاتيون پائيندي محسوس ٿئي ٿي هن جا دل جي تارن کي ڇيڙيندڙ اهڙا ڪجهه شعر ڏسو جن ۾ خيالن جي نزاڪت جو ڪمال آهي.

    واٽ تي پيرا پرينءَ جا،
    يا ڪو آئينا رکي ويو.
    ..........
    ڪنهن جي چنري جي ڳولا ۾ هئي رات ڀر،
    ديد دڳ جي ستارن ۾ ڦاسي وئي.
    ..........
    ڄڻ عمر قيد ڪاٽن پَيا،
    خواب نيڻن جي زندان ۾.
    ..........
    گل ناهن هي ٽاريءَ جا،
    چڪي پيا هن چاڪ پرين.

    واٽ تي پرين جي پيرن سان آئينن جو تصور پيش ڪرڻ، چنري جي ڳولا ڪندي ديد جو دڳ جي ستارن ۾ ڦاسي پوڻ، نيڻن جي زندان ۾ خوابن جو عمر قيد ڪاٽڻ، ۽ ٽاري مان ڦٽل گلن مان چاڪ چڪي پوڻ وارا خيال سچ پچ ته شاعر جي دل جي گهرائين مان نڪتل صدائون محسوس ٿين ٿا. جن ۾ جديد شاعريءَ جو حسن، نڪورو فڪر ۽ شاعراڻو آرٽ پڻ موجود آهي.
    جديد سنڌي شاعري پنهنجن موضوعن توڙي فڪر ۽ خيال ۾ نڪور ۽ تازي آهي. ڪشنچند بيوس جي پاڙي ۾ رهندڙ جواد جعفري جي شاعريءَ ۾ به اها فڪر جي تازگي ۽ خيال جي اڇل ڪمال درجي تي پهتل آهي. سماجي بي حسي، رشتن جي ناپائداري، زندگيءَ جي بي ثباتي، روين جي جنگ ۽ ٻيا ڪيئي احساس ۽ خيال هن جي ڪلام ۾ وري وري نون ويسن ۾ ظاهر ٿين ٿا. هيٺ سندس غزلن مان ڪجھ اهڙا شعر ڏيان ٿو جن ۾ اهڙن ئي اڇوتن خيالن ۽ حسين احساسن جا خوبصورت رنگ نظر اچن ٿا.

    تنهنجي ڀر ۾ ائين پيو ڀاسي
    ميڻ وانگر رجي رهيو آهيان
    ..........
    لمحي لمحي ٿي جھيري ڇُري ٿي لڳي
    زندگي موت کان ڀي بُري ٿي لڳي!
    ..........
    دور ههڙي ۾ پنهنجي حياتي پرين!
    سمنڊ ۾ ناوَ ڄڻ ڪاغذي ٿي لڳي
    ..........
    ڏيان نه ٿو نانءُ ڪو تنهنجي ورتاءَ کي
    ڪيئن چوان دوستي دشمني ٿي لڳي
    ..........
    سوچيو ئي ڪين هو مون، اهڙا به ڏينهن ايندا
    پنهنجن هٿان ئي رتُ جي رشتن جو موت ٿيندو

    اهي ۽ اهڙا ڪيئي خيال ۽ تصور جواد جي شاعريءَ ۾ جڳهه جڳهه تي موجود آهن. انهن خيالن ۾ سندس داخلي جذبا ۽ ڪيفيتون به شامل آهن ته منجھن خارجي حالتن جي تصوير به نظر اچي ٿي.
    جواد جعفري جي شاعري ۾ انيڪ خوبين سان گڏوگڏ ڪٿي ڪٿي ڪي خاميون به رهجي ويون آهن. تاج بلوچ جواد جي ڪتاب “توکي چاهيو سي” ۾ لکيو آهي ته “سنڌي شاعريءَ ۾ نون توڙي گھڻن پراڻن شاعرن وٽ، ٿاٽ پراسيس روايتي، اڇل کان خالي، پرائي تجربي تي ٻڌل، جنهن ۾ ٻولي ڪچي، گرامر غلط ۽ ردم جي کوٽ آهي. شاعرَ اهو لفظ ڪنن سان ٻڌو ئي نه هوندو، اچار جي خبر ئي نه هوندس ته ان جو تُز استعمال ڪهڙيءَ ريت ڪري سگھندو؟ ۽ جيڪڏهن اُچارَ ئي غلط ۽ گونگا آهن ته ٻوليءَ جي مٺاس وارو پهلو ڪيئن اجاگر ٿي سگھندو؟” تاج جي اها راءِ پنهنجي جاءِ تي وزن رکي ٿي پر ان راءِ کي جواد جي شاعريءَ سان حتمي طور جوڙي نه ٿو سگھجي. سندس شاعريءَ ۾ جيڪي ٿوريون ٿڪيون خاميون آهن تن تي سندس شاعراڻيون خوبيون حاوي آهن.
    اسان وٽ سنڌي شاعريءَ تي تنقيد جي روايت بنهه گھٽ رهي آهي، ان ڪري شعر جي کوٽ ۽ ڪميءَ جي ڳالهه ڪرڻ به ڏوهه وانگر لڳندي آهي، ان ۾ دوستيون ۽ تعلق حائل ٿيندا آهن. پر مان جواد جي شاعريءَ سان دوستي ڪندي هتي سندس شاعريءَ مان ٻن چئن ڳالهين جي نشاندهي ڪندس، مان سمجھان ٿو ان سان جواد ۽ منهنجي دوستيءَ تي ڪوئي فرق نه پوندو.
    جواد جي شاعري پڙهندي ڪٿي ڪٿي سندس شعرن ۾ لفظي ۽ معنوي غلطيون نظر اچن ٿيون. جيئن هن جي شعرن ۾ ڪٿي ڪو لفظُ صحيح طرح استعمال نه ٿيل آهي ته ڪٿي وري ڪي لفظَ غلط معنى ۽ مفهوم ۾ ڪتب آندل آهن. جيئن سندس هڪ شعر آهي.

    ضابطي هيٺ حالات آئي ته ڇا!
    گهر سڙڻ بعد برسات آئي ته ڇا!ٰ

    مٿين شعر ۾ جواد لفظ حالات کي واحد طور استعمال ڪيو آهي جڏهن ته اهو لفظ حالت جو جمع آهي، تنهن ڪري شعر جي پهرين مصرع ۾ لفظي غلطي محسوس ٿئي ٿي. اهڙي طرح جواد جو ٻيو شعر آهي.

    آڳ ۾ جهونڪي اسان جون خواهشون،
    ٿا چون ڇا لئه مُئن جيئن ٿا رهون.

    هن شعر ۾ لفظ “جهونڪي” اوپرو ٿو محسوس ٿئي. ان لفظ بدران سنڌي ٻوليءَ جو نج لفظ “اڇلي” وجهي سگهي ٿو، جنهن سان نه صرف شعر جي معنيٰ ۽ وزن ساڳيا رهندا پر تجينسِ حرفي جي خوبي پڻ پيدا ٿي پوندي. اهو شعر هن ريت لکي سگھجي ٿو:

    آڳ ۾ اڇلي اسان جون خواهشون،
    ٿا چون ڇا لئه مُئن جئن ٿا رهون.

    اهڙي طرح جواد جي هيٺين شعر ۾ تجربي ۽ مشاهدي جي ڪمي محسوس ٿئي ٿي. شعر ڏسو.

    اڄ ته ڪجهه ياد سروس آ هُنَ جي،
    مون کي سمجهان ٿو هو وساري ٿو.

    اردو ۾ چوندا آهن ته “دل سي دل ڪو راه هوتي هي” ۽ سنڌي ۾ چئبو آهي ته “وڏي حياتي اٿئي ياد ڪندي اچي پهتو آهين.” يعني ڪنهن کي ياد ڪرڻ سان ملڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن پر مٿين شعر ۾ معنى ئي ابتي آهي. يعني اهو ته ڪو دليل ئي ناهي ته مون کي پنهنجي محبوب جي ياد سرس آهي تنهن ڪري هو مون کي وساري ٿو.
    اهڙي طرح جواد جو هيٺيون شعر به اصلاح طلب آهي:

    تون آن سامهون ته پو دل جي حالت نه پڇ،
    ڄڻ ته مندر ۾ ڪا ڪامڻي ٿي نچي.

    هن شعر ۾ لفظ “ڪامڻي” قافيي طور استعمال ڪيو ويو آهي. هن غزل جا ٻيا قافيا آهن، هر گهڙي، زندگي، هرڪلي، چاندني، ماڻڪي ۽ شاعري، ان لحاظ کان لفظ ڪامڻي قافيي طور کٽڪي ٿو. ڪامڻي سنسڪرت جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي. “سهڻي عورت”. جيتوڻيڪ سهڻي عورت به رقص ڪري سگھي ٿي پر منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ڪامڻي جي جاءِ تي لفظ “نرتڪي” وڌو وڃي ها ته، نه صرف غزل جي قافيي سان انصاف ٿي سگهي ها پر معنوي لحاظ کان به درست رهي ها، ڇو ته نرتڪيءَ يعني رقاصه جو ڪم ئي نچڻ آهي. اصلاح بعد شعر هن طرح ٿي سگهي ٿو:

    تون آن سامهون ته پو دل جي حالت نه پڇ،
    ڄڻ ته مندر ۾ ڪا نرتڪي ٿي نچي.

    جواد جعفري جي شاعري ۾ اهڙيون ئي ڪجهه ٻيون خاميون به آهن. پر جواد جي شاعري پڙهندي جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ انهن شعري مجموعن ڏانهن نهاريان ٿو، جن ۾ تخليقي جوهر اڻ لڀ ۽ آورد جي ڀرمار آهي ته سچ پچ انهن شاعرن مان جواد جعفري هڪ برجستو شاعر محسوس ٿئي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جواد جعفري اسان جي ٽهيءَ جو هڪ معتبر شاعر آهي. جنهن جو لب ۽ لهجو بنهه منفرد ۽ پنهنجو آهي. هن جي شاعراڻي عمر ۾ ڪيئي سالن جي رياضت موجود آهي. ان ڪري سندس شاعريءَ ۾ فني ۽ فڪري طور گھڻي پختگي نظر اچي ٿي. جواد جو اهو خيال پنهنجي جاءِ تي آهي ته:

    جعفري ڏات جي ڏيهه ۾،
    هڪڙي سٽ ڀي امر ٿي ڪري.

    پر مان اميد ڪندس ته جواد جعفري اهڙيون سوين سٽون لکي، جيڪي سندس نانءَ کي امرتا بخشين. جواد سنڌ جي سريلن گلوڪارن جي آواز وسيلي عوام جي دلين تائين پهچي چڪو آهي ۽ بيشڪ هن جا ڪيئي شعر ضرب المثل به بڻجي چڪا آهن پر اسان جواد جعفري کي شعري آرٽ تي پرکيندي ان سطح تي ڏسڻ چاهيون ٿا، جنهن لاءِ هن پهرين سٽ لکڻ کان جاکوڙ شروع ڪئي آهي. مان اميد ڪريان ٿو ته منهنجو هي محبوب دوست ۽ سنڌ جو سهڻو شاعر پنهنجي شاعري کي گھڻ موضوعي ۽ فڪري طور اڃا به گھرو بڻائيندي سنڌ جي مهندار شاعرن جي صف ۾ اوچي ڳاٽ اچي بيهندو.

    (2004 ۾ ناليج سينٽر لاڙڪاڻي ۾ جواد جعفري جي شعري مجموعي “توکي چاهيو سي” جي ڪرايل مهورت واري تقريب ۾ پڙهيل.)


    شبير هاليپوٽو ۽ سندس شاعري

    شبير هاليپوٽو ۽ سندس شاعري

    مان جڏهن به ‘آنند’ فلم ڏٺي آهي ته اکيون آليون ٿي ويون آهن. مناڊي جي آواز ۾’زندگي کيسي هے پهيلي هائے، کبھي تو هنسائے، کبھي يه رُلائے’ روئاري وجھندو آهي. پر اها مووي وڏي همت ۽ حوصلو به ڏئي ٿي. جيون کان بيزاري واري ڪيفيت ۾ هڪ دفعو ٻيهر جيئڻ جو ولولو پيدا ڪري ٿي. مان زندگيءَ ۾ جڏهن به اداس ۽ مايوس ٿيندو آهيان ته ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ داخل ان خوبصورت نوجوان مريض کي ياد ڪندو آهيان، جيڪو ڪينسر جي آخري اسٽيج تي هجڻ باوجود ڪنهن ڪنڊ ۾ روئڻ بدران سڀني کي کلائيندو هيو. هو کلائي کلائي سڀني کي روئاري ويو هو..... اسين ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ جي ڪوُڙي سچ کي ڳيت ڏيڻ لاءِ تيار نه هوندا آهيون، پر اها ڪوڙي گوري ئي ڪي پل اسان جي ساهن جي سلامتي جو سبب بڻجندي آهي. جنهن کي ڪڏهن خوشي خوشي ته ڪڏهن نڪ ٻوساٽي ۽ اکيون بند ڪري ڳيهڻو ئي پوندو آهي. جڏهن اسان جون اکيون بند هونديون آهن ته خواب انهن ۾ آکيرا جوڙيندا آهن. ڪير ڄاڻي ته بند اکين جي پويان خوابن جا اهي آکيرا ڪيسيتائين سلامت رهندا. ڪڏهن ڪڏهن وحشت جا واسينگ اهي آکيرا اجاڙي ڇڏيندا آهن ۽ سپنن جي دنيا انڌي کاهيءَ جهڙي ٿي ويندي آهي. کاهي، جنهن ۾ دور دور تائين اوندهه ۽ انڌوڪار هوندو آهي.... مان هڪ اهڙي شخص کي سڃاڻان جنهن ان اونداهيءَ کاهيءَ کي آس جي ٽانڊاڻن سان روشن ڪيو آهي. هاڻي اها کاهي ڪاري آسمان تي ٽمڪندڙ لکين تارن جيان ڏسجي ٿي. هن جي سوچ جي آڪاش تي رڳو جگنو ۽ تارا ئي نه آهن پر هزارين رنگ ۽ سڳنڌون به آهن.
    هن سان منهنجو پهريون مکاميل يارنهن سال اڳ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد جي ان انتظارگاهه ۾ ٿيو هو، جتي مون جيان هو به ليڪچررشپ جي انٽرويو لاءِ منتظر هيو. ڏهن ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ به ڪمري ۾ خاموشي هئي، شايد هر ڪنهن کي انٽرويو جي اڻ تڻ هئي. ان خاموشيءَ کي ٽوڙيو هڪ ڳاڙهي ڳٽول نوجوان اياز لاکير جي گفتگو. ائين ڪمري ۾ ڳالهين جو هڳاءُ ڦهليو. جبار عاطف جوڻيجو، فياض لطيف، نياز سرڪي، شبير هاليپوٽي ۽ ٻين دوستن پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ ڪچهريءَ جو مچ ٻري پيو. شبير کي اکين تي ڪارو چشمو ۽ چپن تي خوبصورت مرڪَ هئي، ان مرڪ ۾ وڏو اطمينان هيو. شبير پنهنجي سهڻي سُڀاءَ ۽ پياري گفتگو وسيلي مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو.... انٽرويو ٿي ويو، ٻين دوستن سان گڏ شبير به ڪاميابي ماڻي جنهن جي مونکي دلي خوشي ٿي. ان خوشيءَ سان گڏ جڏهن ان داستانِ درد جو پتو پيو، جنهن جوانيءَ ۾ شبير جي حياتي اونداهي ڪري ڇڏي هئي ته دل ڏکي پئي. علي دوست عاجز لکيو آهي ته “شبير جي Tragedy جو ذڪر خود شبير لاءِ به اهڙو ئي اڻ وڻندڙ آهي، جهڙو وفا ناٿنشاهي لاءِ اهو ذڪر اڻ وڻندڙ هوندو هو ته، هو سنڌيءَ جو بهترين پنجابي شاعر آهي. پر ڪي حادثا اهڙا ٿيندا آهن، جن جي ڄاڻ هوندي به ماڻهو انهن جو شڪار ٿي ويندو آهي. قدرت هن جي زندگيءَ جي ڪئنواس کي Black Board جهڙو بڻايو، ته هن وري ان تي رنگين چاڪن (Chalks) سان ڪيئي خوبصورت تصويرون ۽ منظر جوڙڻ شروع ڪيا.”
    ان پهرين ملاقات کان پوءِ ڪا خبر نه هئي ته شبير ڪٿي آهي، پر هو مونکي اڪثر ياد ايندو هيو ۽ جڏهن به کيس ياد ڪندو هيس ته درد جي هلڪي لهر سان گڏ مون ۾ هڪ نئون اتساهه ساهه کڻندو هيو. لڳ ڀڳ ڏهن سالن کان پوءِ منهنجي شعبي جو هڪ ڪاليجي استاد جوش ابڙو ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ بدلي ٿي آيو ۽ هڪ ڏينهن مونکي چيائين ته “احسان، شبير هاليپوٽو توهان کي ڏاڍو ياد ڪندو آهي.” دل ۾ چيم مان به ته هن کي ڏاڍو ياد ڪندو آهيان. کانئس فون نمبر ورتم ۽ ان ڏينهن شبير سان ڪيئي پل ڳالهيون ڪيم. هن وٽ منهنجي لاءِ جيڪا سڪ ۽ پيار هيو ان تي مان حيران هيس. ان چند گھڙين جي هڪڙي ملاقات کي هن پنهنجي من ۾ ائين سانڍي رکيو هيو ڄڻ اها ڏهه سال نه پر ڏهه منٽ اڳ جي ڪا ڳالهه هجي. پر پوءِ مون سوچيو اسان ماڻهو، هن دُرنگي دنيا ۾ سدا وڃايل رهون ٿا شايد تڏهن ئي پلَ به سالن جيان گذرن ٿا ۽ شبير جهڙا ماڻهو سالن کي پلن ۾ توريندا آهن ۽ خوبصورت لمحن کي پنهنجي اندر جي ڪائنات ۾ فريز ڪري ڇڏيندا آهن.
    ڪجھ مهينا اڳ شبير جي فون آئي ته سندس آواز چچريل لڳو، پر سندس مدعا سمجھي ويس. هو ٻئي ڏينهن علاج جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي اچڻو هيو. اها هڪ گرم منجھند هئي جڏهن شبير جي ڪار ڪاليج ۾ اچي بيٺي هئي. مان هن لاءِ ئي منتظر هيس ۽ هن سان سندس ڀاءُ نظير احمد، مامو جاويد علي ۽ دوست رفيق سيال گڏ هئا. مهراڻ هوٽل تي جيڪي پَل گڏ گذريا سي يقيناً انمول هئا. انهن خوبصورت پلن جا گواهه منهنجا دوست فياض لطيف ۽ رضوان گل به آهن. مونکي ياد آهي ته فياض، شبير کي پنهنجي شاعري ٻڌائڻ لاءِ چيو هو ۽ هن پنهنجي دوست رفيق کي پنهنجي ڪوتا پڙهي ٻڌائڻ جو چيو هو. رفيق سيال پاڻ به نظم جو سٺو شاعر آهي، خاص طور سندس پيشڪش جو انداز ڏاڍو پيارو آهي. هن شبير جو ڪتاب “هينئڙو هيرڻ پن” وچ مان کولي سندس نظم “لڳي ٿو تون به خوش آهين” پنهنجي من موهڻي انداز ۾ پڙهي ٻُڌايو. مونکي لڳو هو ته ان ملاقات تي جيترو مان خوش هيس شبير به اوترو ئي خوش هيو، پر مونکي ان پل اداسي وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهي وئي هئي جنهن پل شبير کي ڪار ۾ ويهاريو پئي ويو. ان لمحي مون پنهنجي اندر ۾ ڏاڍي اذيت ۽ پيڙ پئي محسوس ڪئي. Advance vesicular eiles disease هاڻي شايد سندس اعصاب تي حملو ڪري رهي هئي، پر مان سندس اها مرڪ نه ٿو وساري سگھان جيڪا سندس لبن تي رقصان هئي. هن وڏي پيار سان موڪلائي مونکان اهو واعدو ورتو هيو ته مان سندس شاعريءَ تي ڪجھ لکان. پر حقيقت اها آهي ته اڄ جڏهن لکڻ ويٺو آهيان ته سوچيان ٿو ته پنهنجي هن اسپيشل دوست لاءِ مون وٽ ڪجھ به اسپيشل لکڻ لاءِ نه آهي. تنهنڪري هتي سندس شاعريءَ بابت جيڪو ڪجھ لکندس سا هڪ عام راءِ هوندي.
    شبير جي شاعريءَ ۾ اوندهه ۽ انڌيري جو فطري احساس جھجھو نظر اچي ٿو. ان ڪري سندس شاعريءَ تي ڪارو رنگ حاوي آهي.

    ڪاري ڪاري هيءَ اداسي
    کائي ويندي زندگيءَ کي
    (هينئڙو هيرڻ پن ص 49)

    موت تنهنجو صبح ڪيڏو آ پري
    جي اڃا اڌ رات منهنجي زندگي!
    (هينئڙو هيرڻ پن ص 80)

    آهي اندر سڄو صفا اوندهه
    من ستارو مسين متو مونکان.
    (گيت منهنجا ميت ص)

    ان اوندهه ۽ انڌوڪار جي جهان کي شبير ڪيترن ئي رنگن سان سجائي پنهنجي ڪائنات کي حسين به بڻايو آهي. اهي رنگ يقيناً زندگيءَ جا رنگ آهن:

    ۽ اڃا به زرد هئا
    پَنَ اهي بهار ۾
    آءٌ انتظار ۾
    (گيت منهنجا ميت ص 103)

    سنڌ منهنجي دنگ تنهنجا رنگ گيڙو
    چپ ڏوڏا ڏنگ تنهنجا رنگ گيڙو
    جيئن مڪئي سنگ تنهنجا رنگ گيڙو
    (گيت منهنجا ميت ص 91)

    ڳاڙهو، ناسي، نيرو، پيلو
    رنگ رنگيلو
    ۽ نخريلو منهنجو ساجن
    (گيت منهنجا ميت ص 99)

    شبير جي دل ۾ ان رنگ رنگيلي ۽ نخريلي ساجن اهڙي ته جاءِ جوڙي آهي جو هو کيس هڪ پل لاءِ به وساري نه ٿو سگھي. شبير سندس تصور ۽ حسن کي ئي جيئڻ جو سبب بڻائي ڇڏيو آهي. شيخ اياز صحيح لکيو هو ته “حسن جو احساس موت جي شڪست آهي.” شبير پرينءَ جي چمي کي خضر جي زندگيءَ سان تشبيهه ڏئي ٿو ۽ سندس سمنڊ جهڙن نيرن گھرن نيڻن وري سندس من کي پيار سان ٽمٽار ڪري ڇڏيو آهي. هن جي سڄي شاعريءَ تي اهي حسن جا جلوى ۽ رومانوي رنگ گھرو نظر اچي ٿو.

    ٿي شروع توکان، ختم توتي ٿئي،
    ڏانءُ منهنجو، ڏات منهنجي زندگي
    (هينئڙو هيرڻ پن ص 81)

    نه ٿي وسري، نه ٿي وسري، نه ٿي وسري، نه ٿي وسري
    خضر جي زندگيءَ جهڙي، چمي هن جي چپن واري
    (هينئڙو هيرڻ پن ص 75)
    نيڻ تنهنجا سمنڊ نيرو
    پيار جو آ دل ذخيرو
    ٻيو هتي ڇا يار ناهي
    هار مون لئه هار ناهي،
    جي آ تنهنجي جيت
    گيت منهنجا ميت
    (گيت منهنجا ميت ص 73)

    شبير هاليپوٽي هونءَ ته شاعريءَ جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي پر هو گيتن کي پنهنجو ميت سمجھي ٿو. اهوئي سبب آهي جو هن وقت تائين شايع ٿيل سندس ٻن شعري مجموعن مان سندس هڪ سڄو سارو مجموعو گيتن تي مشتمل آهي. هو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان مون سان موبائيل مئسيج وسيلي پنهنجي جيڪا شاعري شيئر ڪندو آهي ان ۾ به اڪثر گيت ئي پڙهڻ لاءِ ملندا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو گيت جو پختو شاعر آهي ۽ سندس گيت نه رڳو فڪري طور پختا آهن پر فن ۽ گھاڙيٽي جي لحاظ کان به نرالا ۽ جديد آهن. رفيق سيال سچ لکيو آهي ته “شبير هاليپوٽي جي گيتن ۾ فني پختگيءَ سان گڏ، گيت جو گھاڙيٽو، اسلوب جو اوجر، تخليق جو مروج روحاني عمل، فن، فڪر ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن جا جذباتي احساس پڻ موجود آهن. سندس گيتن ۾ پنهنجي ديس جي مٽيءَ جو درد، سوچڻ ۽ سرجڻ جي ترڪيبي جزن سان گڏ جمالياتي عنصر پڻ محسوس ٿئي ٿو پر اهو تيستائين محسوس نه ٿيندو جيسيتائين پڙهندڙ شاعر جي تخيل سان گڏ سفر نه ٿو ڪري.” شبير وٽ جيڪا تخيل جي گھرائي آهي اها کيس همعصر شاعرن کان الڳ ڪري بيهاري ٿي.
    باهه درياهه ۾ ويو ترڻ
    هو ڏيئو مينهن ۾ ويو ٻرڻ
    هو اٻهرو اهو ڪيترو!؟
    سمنڊ گھرو اهو ڪيترو!؟
    (گيت منهنجا ميت ص 83)

    شبير هاليپوٽو هڪ غير روايتي شاعر آهي، هو مونکي ڀٽائي جي انوکي فڪر ۽ نقشِ قدم تي پير ڌريندي پيو محسوس ٿئي. شاهه سائين چيو هو:

    اک الٽي ڌار، ونءُ ابتو عام سين،
    جي لهوارو لوڪ وهي، تون اوچو وهه اوڀار

    شبير به بلڪل اهڙي ريت زندگي گھارڻ گھري ٿو. هو دنيا جي دستور ۽ ڪوڙي ريت کي نه ٿو مڃي ۽ ان وهڪري ۾ وهڻ نه ٿو چاهي، تنهنڪري ابتو وهڻ کي ترجيح ڏئي ٿو:

    مونکي هيڻو ٻيڻو ٽيڻو ڀل بي ست ڪر
    دنيا لوڙهي ويندي سڀ ڪجھ مون تي پَتِ ڪر
    ابتو پيو وهبو
    تنهنجو ئي رهبو.
    (گيت منهنجا ميت ص 42)
    .........
    جهولو تون ۽ پارو تون
    مون جهڙن لئه مارو تون
    لوڪ وهي لهوارو تون
    اُلٽو وههُ
    سار ته لههُ
    سانول وو سانول وو!
    (گيت منهنجا ميت ص 37)

    شيلي چيو هو ته “شاعري هر شيءِ کي حسين بڻائي ڇڏيندي آهي. اها حسين کان حسين شيءِ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندي آهي ۽ خراب کان خراب شيءِ کي به ڦيرائي حسن بخشيندي آهي.” شاعريءَ ۾ اهو جادوئي اثر تڏهن ئي پيدا ٿيندو آهي جڏهن شاعر جو تصور حقيقت کان به حسين بڻجي لفظن ۾ اوتجي ايندو آهي ۽ لفظ احساسن جون خوبصورت تصويرون بڻجي پوندا آهن. شبير هاليپوٽي جي شاعريءَ ۾ تصور جو جهان ڏاڍو نرالو آهي. جڏهن هو اندر جي اک کولي پنهنجن شعرن ۾ منظر ۽ احساس چٽي ٿو ته سندس من جو اجرو عڪس لفظن ۾ لهي اچي ٿو.

    اک رستي ۾،
    ۽ دل در ۾،
    مون تصور ۾، تون ئي تون.

    نيڻن ناتو ناهي ننڊ سان،
    ڏينهن سمنڊ سان، راتيون چنڊ سان،
    ساڻ سفر ۾، تون ئي تون.
    (هينئڙو هيرڻ پن ص 44 ــ 45)

    هن جي اندر ۾ اڻ ڪٿ اُجالا آهن. هو دل جي اکين سان جيڪي منظر ڏسي ٿو، سي ڪڏهن ڪڏهن پُر نور اکين کان به اوجھل رهن ٿا. کيس دردُ نديءَ جا منظر ٿو ڏيکاري، ان ڪري هو پلن ۾ صدين جا نظارا ٿو ڏسي ۽ سڀني کي اهڙو ئي ڏس ڏئي ٿو:

    درد ۾ آ نديءَ جو نظارو
    ڌار دل جون اکيون
    ڏينهن ڏيندئي صديءَ جو نظارو.
    (هينئڙو هيرڻ پن ص 71)

    شبير جي شاعريءَ ۾ جيڪي منظر آهن اهي سندس گھري مشاهدي جا ساکي آهن. هن پنهنجي نيڻن ۾ جيڪي عڪس سانڍي رکيا آهن تن کي جڏهن هو ڪنهن ماهر مصور شاعر وانگر ڪاغذ جي ڪئنواس تي چٽي ٿو ته منظر مسڪرائڻ لڳن ٿا.

    چنڊُ ڪڪرن جي پٺيان
    ڪيئن ٿو لڪندو وتي.
    (هينئڙو هيرڻ پن ص 137)
    ..........
    هوءَ نمن جي ڇانوَ
    پاڻيارين ٿانوَ
    واٽ ڪارا ڪانوَ
    هو ڀٽن تي مور سائين!
    ڳوٺ جي ڪر ڳالهه
    (گيت منهنجا ميت ص 34)

    شاعريءَ ۾ عڪسن جي تمام وڏي اهميت آهي. عڪس ڪُل ڇهن قسمن جا ٿين ٿا جن ۾ نظري عڪس (Visual Image)، ٻڌڻ جو عڪس (Auditory Image)، سنگھڻ جو عڪس (Olfactory Image)، چکڻ جو عڪس (Taste Image)، ڇهڻ وارو عڪس (Tactile Image) ۽ ٿڌي گرم جو تاثر ڏيندڙ عڪس (Thermal Image) شامل آهن. ٿورن شاعرن جي شاعريءَ ۾ اهي سمورا عڪس پنهنجي پوري احساس سان شامل هوندا آهن. اصل ۾ انهن عڪسن جو تعلق انساني حواسن سان آهي. سئنڊرس لکي ٿو ته “شاعر پنجن حواسن کي ڪاميابيءَ سان چوري، اهڙي معنى ٿو پيدا ڪري، جيڪا انهن مان محسوس ڪري سگھجي ٿي. ان کان پوءِ هو ڇهون حواس ڪتب ٿو آڻي، جيڪو آهي نون خيالن کي جذب ڪري ترتيب ۾ آڻڻ. نتيجي طور پڙهندڙ نه رڳو شعر جو تاثر ٿو وٺي، پر پنهنجي حواسن کان باخبر ٿي، شاعر سان گڏو گڏ شاعراڻي سمجھ به ماڻي ٿو.” سنڌي شاعريءَ ۾ عام طور نظري عڪس گھڻو نظر اچي ٿو ۽ اڪثر شاعر ڏٺل عڪسن ۽ منظرن کي شعرن ۾ چٽين ٿا، اهڙي ريت ٻيا عڪس ٿورن شاعرن جي شاعريءَ ۾ ڏسڻ ۾ ايندا.
    شبير هاليپوٽي 1994ع تائين، يعني زندگيءَ جا 19 سال جيڪي عڪس پنهنجن نيڻن سان پسيا، اهي هن پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙي ريت پينٽ ڪيا آهن، جو هن جي شاعري پڙهندي هن جي بي نور هجڻ جو گمان ئي نه پيو ٿئي. جڏهن هن جي ڪائنات ۾ انڌيرو ڇانئجي ويو ته هن پنهنجي ٻين حواسن جي بنياد تي شين کي محسوس ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اها محسوسات هن جي شاعريءَ ۾ مختلف عڪسن جي روپ ۾ نظر اچي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هن جي شاعريءَ ۾ اسان کي ڇهن ئي قسمن جا عڪس ملن ٿا.


    نظري عڪس (Visual Image):

    هو مسلسل چنڊ جُھڙَ ۾
    ويو وڃائي پاڻ لُڙ ۾
    (گيت منهنجا ميت ص 69)


    ٻڌڻ جو عڪس (Auditory Image):

    هلڪي هلڪي هير گھلي ٿي
    سَرِ سَرِ جو آواز اچي ٿو.
    (هينئڙو هيرڻ پن ص 61)

    وري ڪجھ دير اچ مون وٽ
    وڄايان ڇير، اچ مون وٽ
    (گيت منهنجا ميت ص 97)


    سنگھڻ جو عڪس (Olfactory Image):

    هي هوا هيءَ چيڪي مٽي،
    جيءَ جياري آ ــ
    سنڌ پياري آ.
    (گيت منهنجا ميت ص 55)


    چکڻ جو عڪس (Taste Image):

    کير مان، کنڊُ تون، اچ ته گڏجي رهون
    (هينئڙو هيرڻ پن ص 66)

    هاڻي جيئڻ گھڻو ڏکيو آهي
    زهر پيئڻ گھڻو ڏکيو آهي.
    (هينئڙو هيرڻ پن ص 100)

    ڳل ڳاڙها، گُل تازا تازا ۽ چَپَ ماکي تازي
    (هينئڙو هيرڻ پن ص 118)


    ڇهڻ جو عڪس (Tactile Image):

    گھڻي مدت کان نصيب ناهي هنن هٿن کي
    ڇهاءُ تنهنجو
    (هينئڙو هيرڻ پن ص 56)

    ٻانهون جو ڳلي ۾ هون
    سينگار سريلو هو.
    (گيت منهنجا ميت ص 64)

    چورِ نه مونکي چور
    جاني جيءُ نه جھور
    (گيت منهنجا ميت ص 66)


    ٿڌي گرم جو تاثر ڏيندڙ عڪس (Thermal Image):

    آهي ڪوسي يا ٿڌي
    حالتن جي آ ٻَڌي
    ........
    هيءَ دنيا آ ڀيڻ دوزخ جي،
    کيس ايڏو نه چاهه، ساڙيندي
    (هينئڙو هيرڻ پن ص 114)

    اهي سمورا عڪس سندس حسي تجربن کي ظاهر ڪن ٿا. ان ڪري شبير جي عڪسي شاعري ٻين شاعرن کان نرمل ۽ نياري آهي.
    شو پنهار چيو هو ته:
    “Every day is a little life, every waking and rising a little birth, every fresh morning a little youth and every going to rest and sleep a little death.”
    (هر ڏينهن هڪ ننڍڙي زندگي آهي، هر جاڳ ۽ اٿارَ هڪ نئون جنم آهي. هر نئين باک هڪ نئين جواني آهي ۽ هر آرام ۽ ننڊ ٿورڙو موت آهي.)
    شبير هاليپوٽي جي شاعري پڙهندي به موت جهڙي مايوسيءَ جا هلڪا ترورا محسوس ٿين ٿا، پر اهي گھڙي پل جي خمار جيان ئي آهن. هن جي شاعريءَ ۾ عزم ۽ بيداري آهي. هن جي لفظن ۾ زندگيءَ سان جھيڙڻ جو حوصلو ۽ اميد جو سورج جرڪندي محسوس ٿئي ٿو. هو زندگيءَ جي جنگ ۾ ڪٿي به ٿڪل ۽ هارايل سپاهي نه ٿو لڳي، هو پير پساري نه ويٺو آهي، هو اڄ به جيون جي ويڙهه ۾ جھيڙيندي نظر اچي ٿو ۽ سڄي جڳ کي انهي عظم ۽ همت جو سنيهو ڏئي ٿو.

    دل مسافر، يقين آ منزل،
    ڪير ڇا لاءِ پير ساهيندو.
    (هينئڙو هيرڻ پن ص 110)

    نه گھٻرايو
    نه گھٻرايو
    اسين دل کي جھلينداسين پلينداسين
    نه گھٻرايو

    اهو اوکو اهو ئي گس
    انهيءَ تي جو انهيءَ کي جس
    اسين شبير جو ئي وس ٿي وينداسين
    نه گھٻرايو.
    (گيت منهنجا ميت ص 114)

    (وقت ڏاڍو قيمتي آهي پر ان کان اڳ جو ماڻهوءَ کي وقت جي قيمت ڏيڻي پوي، محبت جو قرض لاهي ڇڏڻ کپي ۽ اڄ مان هن اڻ پوري مضمون وسيلي شبير جي محبت واري ان قرض جي پهرين قسط ادا ڪئي آهي.)

    (2013ع ۾ “پوپٽ” مئگزين ۾ شايع ٿيل.)


    شهمير سومري جي غزلن جو اڀياس

    شهمير سومري جي غزلن جو اڀياس

    ڪڏهن ڪڏهن من تي شاعريءَ جي موسم ائين لهندي آهي جئين پياسي ٿر تي اوڙڪون ڏئي وسندڙ وڏ ڦڙو. اهو وڏ ڦڙو وجود کي جل ٿل ڪري ڇڏيندو آهي. هر پاسي هٻڪار ٿي ويندي آهي. من ڄڻ ڪارونجھر جي ڪور، ڪنهن مست مور وانگر نچڻ ۽ جھومڻ لڳندو آهي. ڪڏهن وري سرءُ جهڙي اداسي ذهن جي وڻ مان سوچ جا سارا پن ڇاڻي ڇڏيندي آهي ۽ شاعر جا لفظ مفلوج ٿي ويندا آهن، اهي پَلَ ڄڻ حياتي بي مقصد ڀاسندي آهي. تنهنڪري اهو سچ آهي ته شاعرَ ڪيفيتن جي سمنڊ تي ٻڏندا ۽ اپڙندا آهن. سونهن، سچ ۽ محبت جي ڪا موسم نه ٿي هجي، انهن جو تعلق اندر جي رُتن سان آهي. تنهنڪري من جي موسمن تي خارجي موسمون ڪڏهن به اثر انداز نه ٿيون ٿين. بقول شاعر:

    سانوڻ ۾ به بهاري آ.
    پن ڇڻ رُت به نياري آ
    اندر جِي جي موسم اجري
    هر ڪا موسم پياري آ.
    (بشير احمد شاد)

    شاعرَ اندر جي انهن ئي موسمن ۾ تخليق جو سفر طئي ڪندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو سندن لفظن ۾ ڪڏهن پيار جي بهار هوندي آهي ته ڪڏهن اندر جي سانوڻ جون بوندون. ڪڏهن سار جي هير هوندي آهي ته ڪڏهن اداسيءَ جو جھولو. ڪڏهن خوشيءَ جي ڪوڪَ هوندي آهي ته ڪڏهن دُک جي هوڪَ. ڪڏهن اميدن جا گُلَ ٽڙندا آهن ته ڪڏهن نراسائيءَ جا ٿوهر. ڪڏهن حسرتن جا ٻاٻيها تڙپندي نظر ايندا آهن ته ڪڏهن حيرتن جا هنج. ڪڏهن عشق جو ساز ٻُرندو آهي ته ڪڏهن جنون جو آواز. ڪڏهن دل جو راز کُلندي محسوس ٿيندو آهي ته ڪڏهن تخيل جي پرواز.
    اسپيني شاعر ۽ نقاد خوان ريمون خيمينيز جو چوڻ آهي ته “شاعريءَ جي پرواز بلندين کي ڇهي وڃڻ جي هڪ مستقل جستجو جو نالو آهي.” شاعر جي خيال جي اها پرواز تڏهن ئي بلندين کي ڇهي ٿي جڏهن هو پنهنجي زمين سان رشتو قائم رکي ٿو.

    پري آهي پري رهندو اهو ئي آسمان ڏسجو
    حقيقت ۾ وري ڌرتي اسان جي زندگي آهي.
    (ش. س)
    تخليقڪار جو فڪر ۽ آرٽ گڏجي سندس تخليق کي اعلى درجو عطا ڪن ٿا. هڪ تخليقڪار يا شاعر پنهنجي وجود جي خلا کي لفظن جي صراحين ۾ ڀرڻ جي ڪوشش ڪندي پنهنجي داخلي جذبن، امنگن ۽ ڪيفيتن کي اظهارڻ سان گڏ و گڏ، خارجي سياسي، سماجي ۽ معاشي مسئلن کي پڻ ظاهر ڪندو آهي. شايد ٽي ايس ايليٽ تڏهن ئي چيو آهي ته “شاعرُ پنهنجي دور جي شعور جو اعلى ترين نمائندو آهي.” سنڌ جي جديد شاعريءَ جي لڙهيءَ ۾ اهڙا ڪيئي جرڪندڙ موتي آهن، جن کي اسين پنهنجي دور جي شعور جا اعلى ترين نمائندا چئي سگھون ٿا. نئين ٽهي ۾ جيڪي شاعر انهيءَ موتين مالها ۾ پوئجڻ لائق آهن انهن ۾ شهمير سومري جو نالو پڻ شامل ڪري سگھجي ٿو.
    شهمير سومرو بنيادي طور غزل جو شاعر آهي ۽ غزل بيشڪ شاعريءَ جي هڪ حسين صنف آهي. ان صنف ۾ جيترو حسن ۽ جمال آهي اوتري ئي اها نزاڪتن جي گھرجائو آهي. غزل جي صنف کي ڇهڻ لاءِ احساسن جي ڪوملتا ۽ جمال جي نگاهه کپي. ڪڏهن ڪڏهن اها صنف کهرن هٿن ۾ اچي پنهنجو حسن وڃائي ويهندي آهي. غزل جي نزاڪتن کي ساڃاهڻ لاءِ جمال احسانيءَ جو اهو شعر پڙهڻو پوندو ته:
    جمال کھيل نهيں هے کوئي غزل کهنا
    که ايک بات بتاني هے اک چھپاني هے.

    شهمير سومري جي غزلن جي مجموعي “اکڙين جي ڀاڪر ۾” جي مطالعي بعد اهو احساس ٿئي ٿو ته هن شاعريءَ جي ان حسين صنف سان نڀائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي. هن جي غزلن ۾ غزل جو بنيادي رنگُ رومانيت، غالب نظر اچي ٿو. هن پنهنجي وس آهر پنهنجن غزلن ۾ سليس ٻولي ڪتب آندي آهي ۽ تز لفظن جو استعمال ڪيو آهي. سهڻن قافين ۽ رديفن جو استعمال ڪندي هن پنهنجن غزلن ۾ خيال جي ندرت ۽ نزاڪت کي ڌيان ۾ رکندي منجھن معنوي حسن پيدا ڪيو آهي. هن جا گهڻا غزل جديد عهد جي سنڌي شاعري ۾ سهڻو اضافو آهن ۽ اهي پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪائين ٿا.
    شهمير سومري جي غزلن تي هي اڀياس لکندي مونکي بار بار سندس تڪيه ڪلام “چڱائي آ” ياد پيو اچي. سدائين ۽ هر ڪنهن مان چڱائيءَ جي اميد رکڻ ۽ سڀ ڪنهن لاءِ چڱائيءَ جو سوچڻ يقيناً ڪنهن فرد جي ذات جو نهايت هاڪاري پاسو آهي. اوليور وينڊيل هومز چيو هو ته “سمورين چڱائين مان پهرين چڱائي اها آهي ته ٻين لاءِ سٺو سوچيو.” سو سچ ته اهو آهي ته مان اوليور جي انهيءَ ڳالهه کي ڌيان ۾ رکندي هي اڀياس لکي رهيو آهيان ۽ هي اڀياس لکندي مونکي فيضي جو اهو شعر به وري وري ياد اچي ٿو ته:

    اعتدال معاني از من پرس،
    که مزاجِ سخن ساخته ام.

    (اچ ته توکي ٻڌايان ته معنى ۽ مفهوم مان مزو ڪيئن وٺبو آهي. اهڙي ترتيب پاتي اٿم جو سخن شناسي منهنجي مزاج جو حصو بڻجي وئي آهي.)
    سچ اهو آهي ته مان شهمير جي شاعري پڙهندي واقعي به مزو ورتو آهي. ان ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي خوبيون آهن جيڪي ڪنهن به پڙهندڙ کي پنهنجي حصار ۾ آڻي سگھن ٿيون.
    شاعريءَ جو گھڻ موضوعاتي هجڻ تمام وڏي وقعت ۽ اهميت رکي ٿو. ڪي شاعر محدود موضوعن جي دائري ۾ گھاڻي جي ڏاند وانگر پيا ڦرندا آهن. اهڙن شاعرن وٽ ڀلي اسلوب جون ندرتون ڇونه هجن پر هڪ نقاد وٽ سندن شاعري گھڻي اهميت واري نه ليکبي. شاعريءَ جي گھڻ موضوعاتي هجڻ سان شاعر توڙي جذبي، تصور ۽ تخيل جي وسعت کي محسوس ڪري سگھبو آهي ۽ قاري ڪويءَ جو ڪلام پڙهندي بوريت جي ڄارَ ۾ نه ڦاسندو آهي. شهمير سومري جي غزلن جو مطالعو ڪندي مونکي محسوس ٿيو ته وٽس موضوعن جو ڀنڊار آهي ۽ هن شعوري طور انهن موضوعن جو ورجاءُ به ڏاڍو گھٽ ڪيو آهي. سندس شاعريءَ جي اها خوبي بيشڪ ساراهڻ جوڳي آهي. “اکڙين جي ڀاڪر ۾” جي مطالعي دوران مونکي منجھس انيڪ موضوع نظر آيا جن ۾ محبت، نفرت، رنجشون، رساما، چاهه، سازش، آس، نراس، روپ، ٻهروپ، وفا، جفا، يادون، تقدير، آرزو، زندگي، موت، سرءُ، بهار، ڌرتي، سرتي، دکُ، خوشي، گناهه، ثواب، احساس، وشواس، سچ، ڪوڙ، غربت، اميري، حسن، ادا، دعا، ظلم، انصاف، سادگي، دوستي، بندگي، آوارگي، صبر، قهر، وقت، سفر، خواب، ساڀيائون، روئڻ، کلڻ، وصل، فراق، عاشقي، شاعري، واعدو، اقرار، بي قراري، انتظار ۽ اهڙا ٻيا به ڪيئي موضوع شامل آهن. انهن موضوعن کي ڏسي شهمير جي شاعريءَ جي ڪئنواس جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.
    شهمير جي غزلن جي اڀياس مان خبر پوي ٿي ته هن جي فن ۾ جدت آهي. خاص طور هو ڊگھن ۽ منفرد رديفن وسيلي پنهنجي غزلن کي انفراديت ۽ جمال بخشي ٿو.

    پيار جي احساس کي پاڻي ڏيو
    دوستو وشواس کي پاڻي ڏيو.
    ...........
    اسان جي وفا نئين رلي ٿي سبي
    وري دلربا نئين رلي ٿي سبي
    ...........
    ريشمي وار سڳيءَ ۾ بند ڪر
    منهنجا آزار سڳيءَ ۾ بند ڪر

    هن جي غزلن ۾ اهڙا ٻيا به ڪيترائي منفرد رديف ملن ٿا جئين ٽاڪي وئي، اسان جي زندگي آهي، ٿيڙ کاڌا، سمهي پيو آ، نيڻ آلا ها، تسبيح جا داڻا ها، چنڊ چاهه جو، ڀاڪر ۾، ڇرڪ نڪري ويو، زور ڏئي وئي آ، اسان جو خير آ، پرينءَ جي گھاگھر جو، جاڳي پيا خير سان، ملي وئي مونکي، اسان چريا آهيون، حياتي اسان جي، ننڊ ڪيئن ايندي، مرڪ تُنهنجي مٺا، سُڪون آيو آ، اڌورو رهجي ويو، مان جِي رهيو آهيان، دانهن نڪري وئي، مزوري ڳولهن ٿا، رنگ پيلو ٿي ويو، حياتي ٻوڙي ويو وغيره. اهڙن رديفن وسيلي هڪ پاسي هو پنهنجن غزلن کي فن جي هڪ دائري ۾ بند ڪري ٿو ٻئي پاسي سندس خيال جو دائرو ويڪرو ۽ اکٽ ميدان وانگر محسوس ٿئي ٿو.

    ڳاڙها ڳاڙها شباب پاڻيءَ ۾.
    آيـــا ترندا گلابَ پاڻيءَ ۾
    تون ملي وئين ته مون ڇڏيا اُڇلي
    هاڻ سارا خوابَ پاڻيءَ ۾.
    هڪڙي ميهارَ لئه سَٺا سهڻيءَ
    هاءِ ڪيڏا عذابَ پاڻيءَ ۾.

    شهمير جي شعري خوبين ۾ سڀ کان وڏي خوبي خوبصورت تشبيهن ۽ استعارن جو استعمال آهي. هو پنهنجن غزلن ۾ حسين تشبيهون ۽ نرالا استعارا ڏئي پنهنجي اظهار کي انوکو بڻائي ٿو. هو پنهنجي فڪر ۽ خيال کي فن جي ان سانچي ۾ اهڙي نموني وجھي ٿو جو اهي ٻئي هڪ ٻئي ۾ جذب ٿيندي محسوس ٿين ٿا. پهريان سندس غزلن ۾ تشبيهه جي خوبي ڏسو:

    اکيون نيلم جيان تُنهنجون ۽ چپ ياقوت جهڙا هن
    ..........
    پيار تُنهنجو پرين ڪڪر وانگي
    روح منهنجو سڄو ئي ٿر وانگي
    ..........
    تيسين سُک جا سلا نه ٿا نڪرن
    ڏُک جيسين لڳي نه هر وانگي
    ..........
    تُنهنجي يادن سان واسجي ويو آ
    تن بدن ۽ ذهن عطر وانگي
    ..........
    اکين ۾ خوابَ اچن ٿا مسافرن وانگي
    ..........
    زندگي تو سواءِ رڻ وانگي

    اکيون نيلم ۽ چپ ياقوت جهڙا هجڻ، پيار ڪڪر وانگي ۽ روح ٿر وانگي هجڻ، ڏک جو هرَ وانگي لڳڻ، يادن سان تن بدن ۽ ذهن عطر وانگي واسجڻ، اکين ۾ خوابن جو مسافرن وانگر هجڻ ۽ زندگيءَ کي رڻ سڏڻ شهمير جي غزلن جي اعلى تشبيهاتي خوبي کي اڀاري ٿو. مٿين شعرن ۽ مصرعن ۾ رومانس سان گڏ و گڏ زندگي جي ڪرب کي به محسوس ڪري سگھجي ٿو. انهن ۾ هڪ شاعر جي اداس من جي صدا به آهي ته آس ۽ اميد جي نوا پڻ.
    شهمير پنهنجن غزلن ۾ جتي خوبصورت تشبيهون ڏنيون آهن اُتي انوکن استعارن جو به استعمال ڪيو آهي. استعارو شاعريءَ جو حسن آهي جنهن سان شعر ۾ جدت ۽ نکار پيدا ٿئي ٿو. شعر ۾ استعاري جي حسن ۽ لطافت جو هڪ عمدو مثال ساحر لڌيانوي جي هن شعر مان جھلڪي ٿو:


    تم نے صرف چاہا ہے ہم نے چھو کے دیکھے ہیں
    پیرہن گھٹاؤں کے جسم برق_پاروں کے

    شهمير جا غزل به استعاري جي حسن ۽ نکار سان مالا مال آهن. رڳو هڪ جھلڪ ئي ڏسو:

    چاهه جي چانڊاڻ پائي ٿو گھمان.
    ..........
    سازشن جي اُس تکي آهي گھڻي
    ..........
    آس جي آلاڻ پائي ٿو گھمان.
    ..........
    موت جو سيڪ ٿو وڃي چڙهندو.
    ..........
    سفر جو ٿَڪُ لهي ويو سڀ، اکين سان زور ڏئي وئي آ.
    ..........
    ڏکن جي ڪَن مهٽ ٿي وئي ويا سڀ سور ٿي سيرا
    ..........
    سار جي ٻوڏ جو ستايل هان،
    دل جي خيمي ۾ ڪير ترسائي.

    نيڻن تي هٿ پرينءَ جي خوابن رکي ڇڏيا.
    ..........
    ٻڏندڙ ڏيئو ٿي سونهن هوائن جو خيال ڪر.
    ..........
    اميد کي اڌ رنگو ٿي پيو آ ۽ جان بي جان ٿي وئي آ.
    ..........
    دل جي ڳوٺ مان ڌڙڪن ڄڻ ته لڏي وئي آ.
    ..........
    ڪاغذ جي مٿان ٿي آ لفظن جي عزاداري

    مٿين شعرن ۽ مصرعن ۾ جيڪو معنوي حسن آهي ان کي هڪ پاسي رکندي رڳو منجھن موجود استعارن کي ڏسون ٿا ته من ۾ ڪيف ۽ سرور اچي وڃي ٿي. چاهه جي چانڊاڻ، سازشن جي اُس، آس جي آلاڻ، موت جو سيڪ، ڏکن جي ڪَن مهٽ، سار جي ٻوڏ، دل جو خيمو، خوابن جا هٿ، سونهن ٻرندڙ ڏيئو، اميد جو اڌ رنگو، دل جو ڳوٺ، لفظن جي عزاداري اهڙا پيارا استعارا آهن، جيڪي نه رڳو شهمير جي غزلن جي اسلوب جو تعين ڪن ٿا پر کين معنوي حسن به بخشين ٿا. اهڙي ريت سندس غزلن ۾ ٻيا به ڪيئي استعارا نظر اچن ٿا جيئن هٿڙن جا اوجاڳا، نيڻن جي مسجد، ڪنڊن جو بدن، لڙڪن ٻارڻ، قربتن جو ڪڪر، هٿن جي ننڊ، نيڻن جي بُک، زم زم جھاتي، حسن جا پيرا وغيره.
    خيال جي ندرت ۽ نزاڪت شاعريءَ جي حقيقي سونهن آهن. ڪي ماڻهو خيال جي ندرت ۽ جدت کي پنهنجي ڪلاسيڪي ۽ روايتي ادبي ورثي کان بغاوت جو نالو ڏيندا آهن پر حقيقت ۾ خيال جي جدت ئي اهو جوهر آهي جنهن سان شاعريءَ ۾ پرواز جي قوت پيدا ٿئي ٿي، جنهن جو هن کان اڳ اسين خوان ريمون جو حوالو ڏيندي ذڪر ڪري آيا آهيون. فيض احمد فيض هڪ جاءِ تي لکيو آهي ته “شاعر جو تجربو جيترو گھرو ۽ همه گير هوندو، ايترو ئي وڌيڪ منجھس متاثر ڪرڻ جي صلاحيت هوندي.” شهمير جا غزل زندگيءَ جي پيڙا ۽ سندس ذات جي تجربن ۽ مشاهدن جو نچوڙ آهن، تنهنڪري انهن کي پڙهندي قاري کي هڪ ڀرپور تاثر ملي ٿو. هن جي غزلن جي مطالعي بعد منجھس نازڪ خيالي ۽ ندرت جا ڪيئي مثال ملن ٿا.

    جھوپڙيءَ ۾ وڃي سُتي آهي
    گھگھ اوندهه ۾ هوءَ بتي آهي.
    ..........
    در جو کڙڪيو ته ڇرڪ نڪري ويو
    در جو کوليو ته ڇرڪُ نڪري ويو
    گھر جي ڀرسان خدا جو گھر آهي
    قهر ڪڙڪيو ته ڇرڪ نڪري ويو.
    ..........
    اُس تيز تپي صحرا قدرت جو ڪمال آهي
    هڪ سمنڊ مٿان ايڏا ڇا لاءِ جھڙالا هن
    هڪ چنڊ بڻيو ساقي ۽ جام ستارا هن
    ٿي ڏات پيئي هر هر هي ڪيف نرالا هن
    ..........
    تون نه آيو آن منهنجي گھر جو در
    سِرُ پيو ڀت سان يار ٽڪرائي.
    رنجشون شرم ۾ مري وينديون
    پيار کي جيڪڏهن ڪو ڦهلائي
    ..........
    ٽارين تي رکي ڪنڌ سمهي گل پيا
    هير آئي ته جاڳي پيا خير سان.
    خواب نيڻن ۾ پاسا ورائي ٿڪا
    ننڊ آئي ته جاڳي پيا خير سان
    ٻانهن وارا ڪنگڻ ٻئي ڪرائي جڏهن
    تو ورائي ته جاڳي پيا خير سان

    هتي ڏنل رڳو اهي ڏهه شعر ئي شهمير جي غزلن جي ان خوبيءَ کي ظاهر نه ٿا ڪن جنهن کي اسين نازڪ خيالي چئون ٿا، پر سندس شاعريءَ ۾ اهڙا ٻيا به ڪيئي شعر ملندا..... شعر ۾ معنوي حسن پيدا ئي تڏهن ٿئي ٿو جڏهن لفظن ۽ خيالن جي تڪرار مان ڪا نئين ۽ اڻ ڇهي معنى نڪري ٿي. ‘جھوپڙي ۾ وڃي سُتي آهي‘، هڪ عام رواجي خيال آهي، جنهن ۾ ڪا وڏي اڇل نه آهي پر شعر جي ٻي مصرع ان خيال کي نئون ۽ حسين بڻائي ڇڏي ٿي. شاعر چوي ٿو ته ‘گھگھ اوندهه ۾ هوءَ بتي آهي‘. مصرعن جي ميلاپ سان هڪ اهڙو احساس جنم وٺي ٿو، جيڪو دل کي ڇهي وڃي ٿو. لفظن جي تڪرار مان خوبصورت معنى تراشڻ هڪ وڏو آرٽ آهي. در جو کڙڪڻ ۽ کولڻ ٻه عمل آهن ۽ ٻنهي جو هڪ ٻئي سان ويجھو تعلق آهي. بلڪه جيڪڏهن در جي کڙڪي کي عمل ۽ در کولڻ کي رد عمل چئجي ته به مناسب لڳندو. شهمير ان عمل ۽ رد عمل کي ‘ڇرڪ نڪري ويو’ جي رديف سان ملائي شعر ۾ جيڪو معنوي حسن تراشيو آهي اهو داد لائق آهي. ساڳي غزل ۾ گھر جي ڀرسان خدا جو گھر هجڻ باوجود قهر ڪڙڪڻ تي ڇرڪ نڪرڻ ڌرتيءَ تي ٿيندڙ سمورين بي انصافين ۽ ظلمن جي داستانن کي ذهن ۾ تازو ڪري ٿو. ساڳي طرح ٻئي غزل ۾ صحرا ۾ تيز تکي اُس ۽ سمنڊ مٿان جھڙالو هجڻ کي قدرت جو ڪمال چئي شاعر ان فطري تضاد کي ظاهر ڪري ٿو جيڪو سمجھ کان ٻاهر آهي. ساڳي غزل جي ٻئي شعر ۾ شهمير، چنڊ کي ساقي ۽ تارن کي جام سڏي شعر ۾ خيال جي ندرت پيدا ڪئي آهي ۽ اڳتي جڏهن ساڳي شعر ۾ ڏات جي مئڪشي جو ذڪر اچي ٿو ته شعر ۾ سرئلسٽ ايپروچ اچي وڃي ٿي. اهڙي ريت پرين جي نه اچڻ سبب گھر جي در جو ڀت سان سِر ٽڪرائڻ به هڪ حسين ۽ نازڪ خيال آهي. ساڳي غزل ۾ پيار کي ڦهلائڻ سان رنجشن جو شرم ۾ مرڻ هڪ نڪور خيال آهي. اهڙي طرح ٽارين تي ڪنڌ رکي ستل گلن کي هير جو جاڳائڻ، خوابن جو نيڻن ۾ پاسا ورائڻ بعد ننڊ اچڻ سان جاڳڻ ۽ ٻانهن ڪرائيءَ ورائڻ سان ڪنگڻن جو جاڳڻ، سچ پچ بلڪل نوان ۽ نازڪ خيال آهن.
    شهمير سومري جا غزل جتي انيڪ خوبين ۽ خاصيتن سان جھنج آهن اُتي منجھن کوڙ جھول به نظر اچن ٿا. اهي گھڻو ڪري معنوي ۽ فني جھول آهن. هن پنهنجن ڪن غزلن ۾ ڪمزور قافيا استعمال ڪيا آهن ته ڪٿي خيال کي پورو ڪرڻ لاءِ وزن جي اڻ پورائي جو بنهه خيال نه رکيو آهي. ڪٿي انوکن استعارن جي استعمال جي چڪر ۾ سندس شعر بي معنويت جو شڪار ٿيو آهي ته ڪٿي وري مختلف شاعرن جي شعرن جي اثرن سندس غزلَ جي تخليقي سگھ ۽ اصليت ڦُري آهي. ڪجھ مثال ڏسو:

    ڏسي حال منهنجو دوائن دعا ڪئي
    مگر تون نه آئينءَ شفا ٿيڙ کاڌا.

    هن شعر ۾ شفا جو شرط پرين جي اچڻ کي قرار ڏنو ويو آهي ته پوءِ دوائن جي دعا ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ جڏهن پرينءَ جي اچڻ بنا ڪا ڦڪي فرق ڪري ئي نه ٿي سگھي ته پوءِ دوائن جون دعائون يقيناً بي اثر هونديون.
    شهمير سومري جتي خوبصورت رديفن وسيلي پنهنجن غزل کي حسن ۽ جمال بخشيو آهي اُتي سندس ڪي اهڙا غزل به ملن ٿا جن ۾ منفرد رديفن جي استعمال جي شوق ۾ هن جي غزلن جون معنائون وائڙائپ جو شڪار ٿين ٿيون.

    جيت جو نظريو هار جو نظريو
    پيار ڄڻ راند آ يار جو نظريو
    مان منجھي ٿو پوان بادلن کي ڏسي
    تُنهنجي زلفن ۾ آ ڄار جو نظريو

    هاڻي ‘نظريو’ هڪ وسيع لفظ آهي، جنهن جو مفهوم جاچڻ لاءِ اسان کي فلسفي جون لغتون کولڻيون پونديون. جيت ۽ هار ڪو نظريو نه آهن نه ئي وري ڪوئي پيار کي راند چئي پنهنجو نظريو پيو ٻڌائي. ٻيو ته ڇڏيو شهمير بادلن کي ڏسي محبوب جي زلفن کي ڄار جي نظريي طور پيش ڪري سچ ته لفظن جي بي حرمتي ڪئي آهي.

    ڏسان ته ڪيئن ڏسان ڀلا حسن تُنهنجو
    حجاب ڀي نقاب ٿا اچــن پائي

    شايد شهمير سومري کي ڄاڻ نه آهن ته لفظ ‘حجاب’ جي معنى ئي پردو آهي، سو پردن جو نقاب پائڻ مان ڇا مراد؟
    معنوي جھول ۽ مطالعي جي ڪمي جو هڪ ٻيو مثال:

    هيل ڀي ويل آ جو سياسي رڍون
    نئين سري سان ربابن تي گھمنديون رهيون

    سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ‘رڍن اڳيان رباب، وڄائيندي ورهيه ٿيا’ ٻين لفظن ۾ رڍن جو ربابن سان ڇا وڃي. يا کڻي چئجي ته بي حس ماڻهن تي ساز ۽ سرود به اثر نه ڪندا آهن پر هتي شهمير سياسي رڍن کي ربابن تي گھمندي ڏيکاريو آهي، جيڪو شعر ۾ ابهام پيدا ڪري ٿو.
    شهمير جي شعرن ۾ معنوي وائڙائپ جو هڪ ٻيو مثال سندس هي شعر به آهي:

    تُنهنجون تصويرون مون سان گڏ نڪتل
    ڄڻ وفاقي وزارتون آهن.

    هن قسم جا شعر غزل جي حسن کي ڌڪي وجھندا آهن. هاڻي ڀلا گڏ نڪتل تصويرن جو وفاقي وزارتن سان ڪهڙو تعلق! ٿي سگھي ٿو شاعر ان کي هن طرح Justify ڪري ته پرينءَ سان گڏ نڪتل تصويرن کي هو اهڙي خوشيءَ وانگر سمجھي ٿو جهڙي ڪنهن سياستدان کي وفاقي وزارت ملڻ وقت ملندي آهي، پر اهو خيال به غزل جي گھاڙيٽي ۾ اجوڳو ۽ غير جمالياتي لڳي ٿو.
    شهمير سومرو هڪ پختو شاعر آهي جيڪو غزل جي فن جي چڱيءَ پر ڄاڻ رکي ٿو پر ڪٿي ڪٿي هو شعر ۾ وزن جي پورائي خاطر لفظ ‘ته’ جو استعمال ڪري غزل کي داغي وجھي ٿو، جيتوڻيڪ ان ‘ته’ جي جاءِ تي ڪو ٻيو لفظ وجھڻ سان به سندس غزل پنهنجو حسن برقرار رکي سگھي پيو. مثال:

    زماني جون بڻيون رسمون اسان جي لئه شڪاري هن
    اسان کي اڄ به ڳولهن ٿيون اسان آهيون ته ڄــڻ ڳيرا

    اها مصرع هن طرح به لکي سگھجي پئي:

    اسان کي اڄ به ڳولهن ٿيون، هجون ڄڻ پاڻ ڪي ڳيرا

    يا سندس هڪ ٻيو شعر آهي:
    پنکڙي کي پٽي جيئن ڦٽي تـــو ڪيو
    ماس منهنجو به ائين غم ته روڙي ڇڏيو

    ٻي مصرع کي هن طرح لکي سگھجي پيو:

    ماس منهنجو به دُک ائين روڙي ڇڏيو.

    دنيا جا شاعر هڪ ٻئي جو اثر قبول ڪندا آهن، ان ۾ ڪو حرج به ناهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري شاعرن جا اتفاقي طور به هڪ ٻئي سان خيال ملي ويندا آهن. جيڪڏهن ڪو شاعر ڪنهن ٻئي شاعر جي خيال کي پنهنجي شعر ۾ آڻڻ چاهي ته شاعريءَ ۾ ان لاءِ هڪ صنعت تضمين موجود آهي، پر جيڪڏهن خيالن جو اهو ميلاپ اتفاقي آهي ته ان ۾ شاعر جو ڪو قصور نه ليکبو بلڪه ائين سمجھبو ته اهي شعر لکندي ٻنهي شاعرن جي اندر جي ڪيفيت ساڳي هئي. شهمير جي غزلن ۾ پڻ ٻين شاعرن سان خيالن جي هڪ جهڙائيءَ جا ڪي مثال ملن ٿا، جيئن سندس هڪ غزل جي مصرع آهي ‘ ايڏا نه درد ڏي تون، پٿر نه ٿي وڃان’ اها مصرع اردو غزل ‘پتھر بنا ديا مجھے رونے نهيں ديا’ جو اولڙو محسوس ٿئي ٿي. يا وري سندس هي شعر:

    پيار سان پيار ڪر نه ڪر ڪاوڙ
    ڳالهه آ سادڙي فقيرن جي

    اردو جي باڪمال شاعر ساغر صديقي جي هيٺين شعر جي ياد ڏياري ٿي:

    گُر بتا ديں گے آدميت کے
    هم فقيروں سے گفتگو کر لو

    هڪ ئي شعر ۾ فرد واحد لاءِ هڪ ئي وقت واحد ۽ جمع جو صيغو استعمال ڪرڻ شعر جو عيب ليکيو ويندو آهي. شهمير جي هيٺين شعر ۾ اهو عيب ظاهر آهي.

    اهو ناهين رهيو تون پر ته ڀي مونکي ستائڻ لئه،
    اوهان جي ياد پـائي چهنڊڙيون ٿي چلولي آهي.

    شهمير جي غزلن جا محاسن ۽ معائب کيس هم عصر شاعرن جي انهيءَ قطار ۾ بيهارين ٿا جيڪي اڃا تائين تجربن جي بٺيءَ ۾ پچندا ئي رهن ٿا. سندن ڪن خيالن جا ٿانوَ رچي پچي ريٽا ٿي پنهنجي پوري حسن سان ان بٺيءَ مان نڪرن ٿا ته ڪي وري ڪچا ۽ ڪسارا رهجي وڃن ٿا..... شهمير جو اهو رويو نهايت وڻندڙ آهي جنهن کي هن پنهنجي ئي هڪ شعر ۾ هن طرح ظاهر ڪيو آهي.

    مونکي منزل چيو تُنهنجي منزل اڃا
    آهي اڳتي سڄڻ هل اڃا هل اڃا

    فارسيءَ جي عظيم شاعر عرفي چيو هو ته:

    خواهي که عيب هائي روشن شود ترا،
    يک دم منافقانه نبين در کميں خويش!

    (جيڪڏهن تُنهنجي تمنا آهي ته تُنهنجيون اوڻايون توتي پڌريون ٿين، ته اڪيلائيءَ جي ڪُنڊ ۾ ويهي پنهنجي اندر ۾ جھاتي پاءِ.)
    شهمير سومرو نوي واري ڏهاڪي ۾ اڀري آيل ٽهيءَ مان هڪ اهڙو برجستو شاعر آهي، جنهن وٽ شعري آرٽ موجود آهي، هن وٽ نه رڳو سخن فهمي پر تخليقي وجدان پڻ موجود آهي. هو جديد سنڌي غزل جو هڪ اهڙو آواز آهي، جنهن وٽ پنهنجا سُر ۽ آهنگ آهن. هن وٽ فڪر جي جدت ۽ تجرباتي جهان جي وسعت موجود آهي. بهرحال شهمير سومري جي هن شعري مجموعي “اکڙين جي ڀاڪر ۾” جو مطالعو ڪندي مان نه رڳو جديد غزل جي نئين جهتن کان واقف ٿيو آهيان پر مونکي شهمير جي تخليقي قوت جي پڻ آشنائي ملي آهي.


    (2013 ۾ آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي جي ‘ادب شعبي’ پاران شهمير سومرو جي شعري مجموعي “اکڙين جي ڀاڪر ۾” جي ڪرايل مهورت واري تقريب ۾ پڙهيل.)


    گوهر شيخ جي شاعريءَ جي پروڙ

    گوهر شيخ جي شاعريءَ جي پروڙ

    شاعري ڪو جادوئي نغمو آهي جيڪو روح جي تارن کي ڇيڙي جذبن ۾ هلچل مچائي ٿو. شاعري ڪو اهڙو پُر لطف آهنگ آهي جنهن کي احساس جي ڌن تي گنگنائي سگھجي ٿو. شاعري ڪا اهڙي ندي آهي جنهن جا پنهنجا گس ۽ گھيڙ آهن، شاعري اهڙي پياس جو پنڌ آهي، جنهن جي آس هر اُن من ۾ جاڳي ٿي جنهن ۾ بي چينيءَ جا رُباب وڄن ٿا. شاعري هڪ اهڙو سرور آهي جنهن جي ڪيف کي اهڙا متارا ئي سمجھي سگھن ٿا جن موکيءَ واري مئي جو مزو ماڻيو هجي. شاعريءَ جو اهو غمزو ۽ غنا، ترنم ۽ آهنگ، پياس ۽ سرور ان کي گھڻ رخو، گھڻ معنوي ۽ گھڻ احساسي چيز بڻائين ٿا.
    سمورن لطيف فنن منجھان شاعريءَ کي مٿاهون ۽ معتبر فن ڄاتو ويو آهي. شاعريءَ جي اظهار جو ٽول لفظَ آهن. لفظَ جيڪي غير مادي شي هجڻ باوجود پنهنجي اندر معنائن، شڪليل، منظرن ۽ احساسن جا جهان آباد ڪيو ويٺا آهن. سمورن لطيف فنن منجھ بنيادي قدر ساڳيا آهن ۽ انهن ۾ تخليق جو حوالو سڀ کان سگھارو آهي. شاعري، موسيقي، مصوري، صنم سازي ۽ عمارت سازي سڀئي اهڙا فن آهن جيڪي تخليق ۽ تخيل جي حسن سان ئي حسين بڻجن ٿا. شاعريءَ کان سواءِ مذڪوره سمورا فن ڪنهن نه ڪنهن مادي شي جا محتاج آهن. موسيقي ساز جي محتاج، مصوري ڪاغذ، پردي، برش يا پينسل جي محتاج، سنگتراشي ڇيڻيءَ ۽ هٿوڙي جي محتاج ۽ عمارت سازي ڪيترن ئي اوزارن جي محتاج آهي. انهن مان شاعري ئي هڪ اهڙو فن آهي، جنهن کي ڪنهن مادي چيز جي گھرج نه ٿي هجي. لطيف فنن منجھان هڪ ٻيو فن آهي رقص، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته ‘رقص جسم جي شاعري آهي’ ــــ جيڪڏهن رقص جسم جي شاعري آهي ته مان سمجھان ٿو ته شاعري لفظن جو رقص آهي. لفظ جن ۾ هڪ ترتيب ۽ ترنم آهي، لفظ جيڪي صف بند ٿين ته سرحدن جي سپاهين جيان لڳن، منتشر ٿين ته پَٽَ تي وکريل موتين وانگر، هڪ ٻئي جي پويان هجن ته خوبصورت مالها جيان، هڪ ٻئي سان جُڙندا اڳتي وڌن ته زنجير جيان، ڇوها اچن ته آبشارن جيان، ڌيري اچن ته ندين وانگر. اُهي لفظ / شبد جن جي ڪارج جو اندازو ڪرڻو هجي ته ڪبير سان ڳالهائجي، جنهن چيو هو ته:

    شبد کو کھوج لے شبد کو بوجھ لے شبد هي شبد تو چلو بھائي
    شبد آکاش هے، شبد پاتال هے شبد تو پِنڈ برهمنڈ چھائي.

    (لفظن کي ڳولهه، لفظن کي سمجھ ۽ لفظن جي سهاري ئي هل. لفظ ئي آسمان آهن، لفظ ئي پاتال آهن، لفظ ئي زمين ۽ سارو جهان آهن.)
    پر جيئن هر آواز موسيقي نه ٿو ٿي سگھي، رنگن جو ڦهلاءُ ۽ هر لڪير مصوري نه ٿي ٿي سگھي، هر پٿر جي تراش ڪنهن مورتيءَ کي جنم نه ٿي ڏئي سگھي، هر اڏاوت عمارت سازيءَ جو شاهڪار نه ٿي ٿي سگھي ۽ هر حرڪت رقص نه ٿي بڻجي سگھي، تيئن ئي لفظن جو هر ميڙ شاعري نه ٿو بڻجي سگھي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جا اهڙا ڪيئي ميڙ نظر ايندا جن کي شاعري طور پيش ڪيو ٿو وڃي. شاعريءَ ۾ جيستائين بيساختگي ناهي تيستائين اها دلين تي اثر نه ٿي ڪري. شاعري اُها ڪرشماتي قوت آهي جيڪا انساني احساسن جي گھرائيءَ ۾ لهي منجھس هڪ عجيب هلچل پيدا ڪري ٿي ـــ جيڪي شاعرَ خيال کي تابوت بڻائي منجھس قافين جا ڪوڪا هڻن ٿا انهن جي شاعري به ڪنهن ميت وانگر ئي محسوس ٿيندي، جنهن ۾ نه هوندو ڪو ساهه ۽ نه ئي وري تحرڪ ــــ سريلسٽ شاعر ڊيلن ٿامس لکيو آهي ته “مان لفظن جي اڳيان جھڪي پوندو آهيان.” اهو به عجيب معاملو آهي جو ڪي شاعر لفظ جي اڳيان جھڪي پون ٿا ته ڪن شاعرن جي اڳيان وري لفظ جھڪي پون ٿا. جن شاعرن اڳيان لفظ سجدا ريز ٿين ٿا انهن وٽ شعرَ خود شعر بڻجڻ لاءِ منتظر هوندا آهن. جئين غالب چيو هو ته:

    ما نه بويم بديں مرتبه راضی غالب،
    شعر خود خواهش آں کرد ، که گردد فنِ ما.

    (اي غالب اسان کي شاعريءَ جو منصب سونهين ته ڪونه ٿو، پر ٿيو ائين جو خود شعر جي، شعر ٿي پوڻ جي تمنا شاعريءَ کي اسان جو فن بڻايو.)
    ان سموري پس منظر ۾ جڏهن آئون گوهر شيخ جي شاعريءَ جو مطالعو ڪريان ٿو ته هڪ آٿت ۽ اطمينان جو احساس ٿئي ٿو. گوهر جو فن ۽ لهجو پنهنجو آهي. هن پنهنجي پيش رو جي تقليد بدران گھڻو ڪري پنهنجو الڳ رستو گھڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اها ئي ڪوشش کيس جديد سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ انفراديت پسند شاعر طور سڃاڻپ ڏياريندي. گوهر جي شاعري گھڻ رخي ۽ گھڻ موضوعاتي آهي. ديس جو درد هن جي شاعريءَ جو محور آهي. هن جو فڪر ۽ اظهار ڳتيل، غير روايتي ۽ غير معمولي آهي. هو فن جي ماڻ ۽ ماپن جي ڄاڻ رکي ٿو. منفرد لفظن جو استعمال، مختلف تجنيسون، تشبيهون، تلميحون ۽ استعارا هن جي شاعريءَ کي حسين بڻائين ٿا.
    گوهر شيخ هڪ مشڪل پسند شاعر آهي. سڌو سنئون اظهار کيس پسند ناهي، ان ڪري هو پنهنجي فڪر ۽ تخيل کي انوکين علامتن، ترڪيبن ۽ استعارن، تشبيهن، اشارن ۽ ڪناين وسيلي ظاهر ڪري ٿو. هڪ عام پڙهندڙ لاءِ هن جا غزل دماغ جون Nerves پڪڙيندڙ آهن، ڇوته عام پڙهندڙ کي شعر ۾ سڌو سنئون اظهار سٺو لڳندو آهي پر اهو به شعر جي فن جو ڪو اعلى معيار نه آهي، جي ائين هجي ها ته پاڙيسري ملڪن جي ڌنن تي وڄندڙ ڪيسيٽي شاعري اڄ جي دور جي عظيم شاعري ليکجي ها. ان ڪري عوام جي پسند ۽ ناپسند جو شاعريءَ جي اعلى قدرن سان ڪو واسطو ناهي. ان کان علاوه شعر ڪا اخباري خبر به ناهي، جنهن کي پڙهڻ سان رڳو حالاتِ حاضره جو پتو پوي ۽ معلومات ۾ اضافو ٿئي. اعلى شعر جي تخليق فن جو معجزو آهي. سلاست بيشڪ هڪ اهم شعري صنعت آهي، جنهن کان انڪار ممڪن ناهي. سلاست جي اهميت نه هجي ها ته اسان استاد بخاري ۽ وفا ناٿن شاهي جهڙن شاعرن جي شاعريءَ جا ڳُڻ نه ڳايون ها. پر شاعري رڳو انهيءَ صنعت جي محتاج ناهي. فصاحت، بلاغت، جدت، تجنيس، تلميح ۽ ٻيون انيڪ صنعتون شاعريءَ جي حسن کي وڌائين ٿيون. جيڪڏهن رڳو سلاست ئي شاعريءَ جو ڪُلي جوهر هجي ها ته ٻين شعري صنعتن جي ضرورت ئي نه پوي ها.
    هر تخليق ارتقا پذير ٿئي ٿي، جئين آرٽ (مصوري) جو هڪ فارم آهي اسٽل لائيف، جنهن ۾ زندگي ۽ شيون جيئن آهن انهن کي هوبهو انهيءَ طرح پينٽ ڪيو ويندو آهي، گويا انهن پينٽنگس ۾ آرٽسٽ فوٽوگرافي وارو ڪم ڪندو آهي. اهو زندگي ۽ شين کي سڌو سنئون ڏيکارڻ جو هڪ فن آهي پر ساڳي وقت فنِ مصوري جو هڪ فارم آهي ائبسٽريڪ جنهن ۾ شين، منظرن ۽ ڪردارن کي جيئن جو تيئن يعني فوٽوگرافي وانگر پيش نه ڪيو ويندو آهي پر رنگن ۽ لڪيرن ۾ اهڙي نموني لڪائي پيش ڪيو ويندو آهي، جنهن کي ساڃاهڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هوندي آهي. ساڳي ريت شاعري ۾ به ڪٿي سڌو سنئون اظهار ٿئي ٿو ته ڪٿي وري منجھيل ۽ مبهم. سڌو سنئون اظهار گھڻو ڪري عوامي شاعريءَ جي سونهن ٿئي ٿو، جڏهن ته ڳجھو ۽ ڳوڙهو اظهار جديد شاعريءَ جو حسن آهي. گوهر جي شاعري به اهڙي ئي ڳجھ جي ڳنڍ آهي جنهن کي کولڻ لاءِ هڪ خاص بصيرت جي ضرورت آهي.

    کَـڻي ڪـوئي آيـو، کِنوَڻ آ خوشيءَ تي،
    بڻائي ويو خـاڪ، اُڀَ جـي هُشيءَ تي.
    سڙي وِيــا سمورا ئي سجدا اسان جا،
    ائـيــن بـاهه ڪـائي، ڪِـري بندگيءَ تي.
    نه ڪو ڀَوَ جو ڀونچالُ، ڀوري سگهي ٿو،
    اَڏيل جي خودداريءَ جو گهر آ مٽيءَ تي.

    شاعريءَ ۾ ابلاغ (Communication) جو سوال ڏاڍو اهم آهي، پر انهيءَ سوال سان سلهاڙيل آهي هڪ ٻيو سوال ته “شاعريءَ جو سامع يا قاري ڪير آهي؟” يعني شاعرُ شاعري ڪهڙي طبقي لاءِ ٿو ڪري؟ ان منجھان ئي هڪ ٻيو سوال به فطري طور اُڀري ٿو ته “ڇا مخصوص شاعرن جي شاعري ڪنهن مخصوص طبقي لاءِ هوندي آهي؟” شاعريءَ جي ابلاغ جي سلسلي ۾ اهي سڀ سوال ڏاڍا اهم آهن. چوندا آهن ته هر لکيل لفظ کي ڪو نه ڪو پڙهندڙ ملي ويندو آهي، ان راءِ مطابق هر شاعر جو قاري ٿئي ٿو. ڪنهن شاعر جو قاري ڳوٺ ۾ هوندو ته ڪنهن جو شهر ۾. پر شعر کي ساڃاهڻ جو تعلق جاگرافيائي حدن سان نه آهي ان جو واسطو پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جي ذهني سطح سان آهي. ان ڪري هڪ شاعر جو شعر هڪ پڙهندڙ لاءِ بامقصد ۽ عظيم ٿئي ٿو ته ٻئي لاءِ بي مقصد ۽ فضول. جنهن وٽ جيترو شعر کي سمجھڻ جو شعور هوندو اهو اوترو ئي ذهين پڙهندڙ ليکبو، تنهنڪري دنيا ۾ اديبن جو هڪ طبقو ذهين پڙهندڙن ۽ تخليق جي گھرائين کي سمجھندڙن کي به تخليقڪارن وارو درجو ڏئي ٿو. ان مان ظاهر ٿيو ته اعلى درجي جي شاعري کي سمجھندڙ هڪ مخصوص طبقو ٿئي ٿو جڏهن ته ٻئي طبقي لاءِ اها مونجھارن سان ڀريل هجي ٿي. شاعريءَ ۾ ابلاغ جو وسيلو به لفظ آهن ۽ لفظ ئي آهن جن جي مخصوص ترتيب ۽ ترڪيب معنائن، احساسن، منظرن ۽ واقعن کي جنم ڏئي ٿي. گوهر جي شاعريءَ ۾ اهڙي ترتيب ۽ ترڪيب آهي جنهن سان نه رڳو منجھس فڪر ۽ احساس جي گھرائي پيدا ٿئي ٿي پر خوبصورت آهنگ، ترنم ۽ موسيقيت به اڀري ٿي.

    آلاپ نـــه ڪـــو آزاد هِــــتـــي، آوازُ ڪٿـي آباد ڪيان!
    سُـرُ ساهُه کڻي ٿو ڪونه سگهي مان سازُ ڪٿي آباد ڪيان!
    ڪنهن ڀيـد بغاوت آھِ ڪئي، جو ڇاتيءَ کي وِيا ڇَيدَ ڇُهي،
    سوراخَ رَهــن ٿـــا سينـي ۾، مــان رازُ ڪٿي آبـاد ڪيان!

    تخليقي جهان ۾ گوهر شيخ جي پهرين مراد سندس پهريون شعري مجموعو “پڃرا تُنهنجي پنبڻين جا” ٽن شعري صنفن تي مشتمل آهي. غزل، وائي ۽ نظم. انهن ٽنهي صنفن جي موجودگي سندس هن شعري مجموعي کي روايت، ڪلاسيڪيت ۽ جدت جو سنگم بڻائي ٿي.
    گوهر جا غزل موضوعاتي لحاظ کان جديد ۽ اڇوتا آهن، پر هن جي غزلن ۾ غزل جو بنيادي موضوع رومانس ورلي ملندو. زندگي ۽ زندگيءَ جا معاملا، اڻ ڇهيا احساس ۽ ڪيفيتون، ڪربناڪ منظر ۽ محاڪات، ذات جي اڻپورائي ۽ وجود جي خلا وغيره هن جي غزلن جو احاطو ڪن ٿا. ڪتاب جي پهرين غزل ۾ ئي گوهر جي انوکي اسلوب ۽ لهجي کي محسوس ڪري سگھجي ٿو:

    سُــڳــنــڌَ کـي ڪـا ســـزا مــلـي آ، گــلابَ کـي ڪـو ڪُهي ويــو آ.
    بهارَ!ڇـا ٿِـي پُــڇـيـن اسـان کان، شبابَ کـي ڪـو ڪُهي ويــو آ.
    خُمـارَ اُڏري وَيــا سـمـورا، اچـن پَــيــون مئڪدي مان ڪِيهُون!
    وڃــــو پــيــالو! تـــڏا وڇـــايـــو، شـــرابَ کـي ڪو ڪُـهي ويــو آ.

    گلاب جو ٽاري مان ٽٽڻ، ڇڄڻ، پٽجڻ ۽ ڪومائجڻ عام طور شاعري ۾ استعمال ٿيندو آهي پر گوهر گلاب کي ڪهڻ وارو نهايت اڇوتو Concept ڏنو آهي ۽ ان ڪوس جي نتيجي ۾ جيڪي حادثا ٿين سي به دل سوز آهن. ان سان سڳنڌ کي سزا ٿي ملي ۽ بهار جي مند ۾ به ڪو شباب نه ٿو رهي. ٻئي شعر ۾ پيالن جو تڏو وڇائڻ ۽ شراب جو ڪوس به انوکيون علامتون آهن. شراب جو ڪوس يعني مئي تي بندش. شراب جو تعلق پيالن سان آهي. مئي جي اڻاٺ پيالن کي اداس ڪري ٿي، پياڪن جي نيڻن مان خمار اڏري وڃن ٿا ۽ مئڪدي مان ڪيهون اچن ٿيون. ان ڪري ئي پيالن صفِ ماتم وڇايو آهي. غزل جي انهن ٻن شعرن جي علامتن منجھان ئي جڏهن مان معنائن جا تهه کولجن ٿا ته گوهر جي خيال جي گھرائي ظاهر ٿئي ٿي. پهرين شعر ۾ سڳنڌ ۽ گلاب، امن ۽ انصاف جون علامتون آهن ائين ئي شبابُ خوشي، خوشحالي ۽ آجپي جو symbol آهي. جڏهن ته ٻئي شعر ۾ سماجي بي چيني جي وارتا بيان ٿيل آهي. مئڪدو آهي سماج، ۽ خمارُ سُک جي علامت آهي. پيالا اهي فرد آهن جيڪي شراب يعني انصاف کان محروم آهن. گوهر شيخ جي غزلن جو سمورو تاڃي پيٽو اهڙين ئي علامت ۽ استعارن سان جنجھ آهي. انهن ۾ ڪٿي ڪٿي معنوي جھول به آهن ته شعر ابهام جو شڪار به ٿين ٿا پر مجموعي طور گوهر جي غزلن ۾ گھرو فڪر ۽ تخيل آهي. گوهر جا غزل پڙهندي جارج لوئيس بورخس جي اها ڳالهه سورنهن آنا سچ لڳي ٿي ته “شاعرُ تهن ۾ لڪل حقيقتن کي به لفظن جو آهنگ ڏيندو آهي.”
    لاطيني آمريڪا جو عظيم شاعر اوڪتاويو پاز لکي ٿو ته “شاعريءَ جا بنيادي جُزا، تاريخ، سماج ۽ زبان آهن....... شاعر اهو شخص هوندو آهي جنهن جي ذات پنهنجن لفظن سان، وحدت بڻجي ويندي آهي. تنهنڪري رڳو شاعر ئي نئين مڪالمي کي ممڪن بڻائي سگھي ٿو.” گوهر جي شاعري به تاريخ، سماج ۽ زبان جي ٿنڀن تي بيٺل نظر اچي ٿي. هن جي شاعري اوڪتاويو پاز جي خيالن جو عملي عڪس آهي سندس شعر پڙهندي اهو احساس ٿئي ٿو ته هن پنهنجي شاعريءَ ۾ شعوري طور نئين فڪر، نئين خيال، نئين ڊڪشن ۽ نئين مڪالمي کي ممڪن بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

    ســوچَ تــي طـاري ڪـري سرطـانُ ٿـو،
    هــوش کــي هــيــڊو رَکــي انسـانُ ٿـو.
    ..........
    تـيــرُ بڻــجـي، پــاڻُ ڇـوڙي ٿو ڇڏي،
    چُهنب ساهَن منجهه کوڙي ٿو ڇڏي.
    ..........
    جڏهن ڪا خوشي ٿي حياتي گُهري،
    لڳــو خـودڪُشي ٿــي حياتي گُهري.
    ..........
    واٽن ۾ وفا ڪُچلي، اوندهه ۾ وَچن اُڇلي،
    انـڪـــارَ رکــي اُجــــرا، اقـــرارَ اُجهــايـا تو.
    ..........
    تـــون ڪـاٿـي آهـيـــن تـــارازي؟
    مون آهه ڪڏهن کان وَٽُ جَـهليــو.

    مٿيان سمورا شعر انوکن معنوي تهن ۾ ويڙهيل نظر اچن ٿا. پهرين شعر ۾ ظاهر آهي، ته بيمار سوچ ماڻهوءَ جا هوش خطا ڪري وجھي ٿي. ٻئي شعر ۾ هڪ وجود کي تير بڻائي سندس چُهنب ساهن ۾ کوڙڻ وارو خيال نهايت نرالو آهي. اهڙي ريت گوهر خوشي خاطر خودڪشيءَ واري عمل تان هٿ کڻڻ واري خيال کي به اڇوتي انداز سان پيش ڪيو آهي. هو لفظن جي فريم اندر خاص ترتيب سان خيالن کي اهڙي نموني ٽڪائي بيهاري ٿو جو اهي بنهه اوپرا نه ٿا ڀاسن. جيئن هن پنهنجي مٿين شعر ۾ اظهاريو آهي جنهن ۾ هڪ بي وفا سان ڊائلاگ آهي، هن وفا کي رستن ۾ ڪُچلي ڇڏيو آهي ۽ سڀ واعدا وچن وساري ڇڏيا آهن ۽ اقرار جي جاءِ تي انڪار جو عادي ٿي ويو آهي. گوهر پنهنجن غزلن ۾ هڪ خاص لفظيات وسيلي شعرن مان خوبصورت معنائون تراشڻ جو هنر رکي ٿو. جئين انڪار کي اجرو رکڻ ۽ اقرار اجھائڻ واريون لفظي ترڪيبون آهن. اهڙي ريت تارازيءَ سان مڪالمي ۾ وٽُ جھلڻ واري ترڪيب به نهايت حسين آهي. ان شعر جي پهرين مصرع ۾ تارازي کان سوال انصاف جي تلاش کي ظاهر ڪري ٿو ۽ ٻي مصرع ۾ وٽُ جھلڻ انصاف جي طلب ڏانهن اشارو آهي.
    گوهر جي غزلن جي مطلع يا پهرين مصرع اڪثر ڪري غضب جي آهي. مثال:

    سـدا وَصُل جــا ساهَه سوڙهـا رهيا.
    ..........
    نگـاهن جي پويـان نشانـا ٿـا ڀٽڪن!
    ..........
    انـــڌيـــــرن ۾ آشـــا ٻُڏلَ ڪيستائين؟
    اُجــــالا اســان جـــا ڪُـٺـلَ ڪيستائين؟
    ..........
    دغا سان ڌرتي ڌڏي رهي آ، وفا جو جيون جلاوطن آ
    خمير ڪاٿي خلوص کوڙي، جزا جو جيون جلاوطن آ
    ..........
    رُتـون سـاريـون رَتـورَت، ڙي! نظارا سوڳ ۾ آهن،
    وڇـائي ڪو وڇوڙا وِيـو، هـي چـارا سوڳ ۾ آهن.
    ..........
    کوٽي نه خـاڪ منهنجي، آهي نه بُڻُ اڻاسي،
    مِٽِــيءَ ڏنــو مهانــڊو، مھراڻَ جو مــان واسي.

    هونءَ به شاعر تي جيڪا پهرين سٽ وارد ٿيندي آهي اها اندر جي حقيقي احساس ۽ اڻ جھل اڌمي جو نتيجو هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ان هڪ مصرع يا مطلع جي صدقي سڄو غزل لکجي ويندو آهي ۽ جيتري دير شاعر وٽ اهو اڌمو تازو رهندو آهي اوتري دير تائين غزل پنهنجون حسناڪيون قائم رکي سگھندو آهي، ورنه ڪيترن ئي شاعرن جي غزل جا باقي مصرع يا شعر ڀراءَ وانگر محسوس ٿيندا آهن. گوهر جي به ڪجھ غزلن ۾ اهڙو ڀراءُ نظر اچي ٿو. مثلاً “روشنيءَ جو” واري رديف تي لکيل سندس غزل جا هي شعر پڙهي ڏسجن:

    شـعــاعـن ڇِلـــي لڱ ســـارا ڇڏيــــا هِن،
    رهــي ٿـــو ڀــلا ڪٿ رحــم روشنــيءَ جو.

    ڪڏهن کان اسان جي نصيبن کي ڪارو،
    بــــڻـــائـــي ويــــو آ قـــلـــم روشنــيءَ جو.

    روشني خوشي، اطمينان ۽ اميد جي علامت آهي. اهڙي ريت جيڪڏهن اوندهه ۽ روشني جون علامتي معنائون تراشبيون ته انڌيرو ظلم ۽ روشني انصاف، اوندهه دهشت ته روشني حوصلو، انڌيرو جهالت ته روشني شعور، انڌيرو بي يقيني ته روشني ويساهه جي علامت ڀاسندا. گوهر مٿي ڏنل پهرين شعر ۾ روشني کي شعاع سان تعبير ڪيو آهي ۽ چوي ٿو ته شعاع لڱ ڇلي ڇڏيا آهن ۽ روشنيءَ کي ڪو رحم ئي نه آيو آهي. اهڙي طرح ٻئي شعر ۾ روشنيءَ جي قلم سان نصيبن جو ڪارو ٿيڻ به سمجھ کان ٻاهر آهي. شاعر وٽ انهن شعرن لاءِ ڪا نه ڪا Justification ضرور هوندي پر جيڪو شعر حد کان وڌيڪ مبهم ۽ ڌنڌلو ٿئي ٿو اهو پڙهندڙ تائين ان طرح هر گز نه ٿو پهچي سگھي جنهن طرح شاعر سوچي لکي ٿو.
    غزل جو وڏو ڪمال ئي اهو آهي ته ان جي هر شعر ۾ الڳ مفهوم جو سمنڊ سمايل هوندو آهي. گوهر جا غزل ان اهم خوبيءَ سان مالا مال آهن پر ڪٿي ڪٿي هن جي غزلن ۾ ڪي شعر اهڙا به آهن، جيڪي سوال پيدا ڪن ٿا ۽ انهن سوالن جا جواب اڻ لڀ آهن. جئين سندس هڪ غزل جو شعر آهي:

    رَکــي، آس، آشــا، اميدون انـهـن ۾،
    ٿَرن ۾ بَرن جون ته ڇانئـون ٿـو ڳولي.

    شعر پڙهڻ سان ئي سوال پيدا ٿئي ٿو ته آس، آشا ۽ اميدون ڪنهن ۾ ٿو رکي؟ شايد ڪنهن بي وفا، ڪنهن ستمگر، ڪنهن هرجائي ۾ـــ پر اهو شعر ۾ واضح ناهي. اهڙي طرح سندس هڪ ٻئي غزل جو شعر آهي:

    سنڀـالــي سنڀـالــي کڻــان ســاهُه ٿــو،
    هـوائـــن جـي حـــالـــت اُهــا ئـي اڃــا.

    سنڀالي سنڀالي ساهه کڻڻ ته ٺيڪ آهي پر هوائن جي حالت اهائي اڃا جو مطلب ڇاهي! هوائن جي ڪهڙي حالت آهي؟ ان جو شعر ۾ ڪو جواب نه ٿو ملي، جيئن ساڳي غزل جي هڪ ٻئي شعر ۾ سوال پنهنجي مڪمل جواب سان گڏ موجود آهي.

    بڻائي نه ڪنهن کي به پنهنجو سگهن،
    ادائــــن جـــي حـــالـــت اُهــا ئـي اڃــا.

    گوهر پنهنجن غزلن ۾ اهڙن ڪيترن ئي اڇوتن ۽ نرالن لفظن جو استعمال ڪيو آهي جيڪي سنڌي شاعريءَ ۾ ورلي پڙهڻ لاءِ ملندا ۽ اهڙن لفظن جو استعمال بيشڪ ساراهه جوڳو ڪم آهي. انهن لفظن کي هن ڪافي جڳهن تي غزل جي قافيي طور به ڪم آندو آهي اهڙن لفظن ۾: پنوڙا، هوانا، نَرميلا، تڳڻ، ڀينڊ، نَٽُ، رنبو، رواتي، کيد، اوڪي، هُشي، ڏيتي، سنباڻ، تاڙا، اڻاسي، تپاسي، اُٻاسي، چُڳڻ، اُڃر، پرچاڻي، آتُ، اَناتُ، اُجھاءُ، مُڪاءُ، تراءُ، اُهاءُ، وڇاءُ، ماپو، ڌيرَ، هولُ، ترشول وغيره شامل آهن. گوهر ڏي اهو Credit ته وڃي ٿو ته هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي متروڪ ٿيل يا گھٽ استعمال ٿيندڙ لفظن کي جيئارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر ان ڪوشش ۽ نون لفظن جي استعمال جي شوق ۾ هو ڪٿي ڪٿي لفظن جو غلط استعمال به ڪري ويو آهي، جنهن جي ڪري شعر تي بي معنويت جو گمان به ٿئي ٿو.
    گوهر شيخ جي غزلن ۾ اهڙا ڪيترائي شعر آهن جيڪي شاعراڻي ادراڪ ۽ جمالياتي خوبين سان جنجھ ۽ معنوي حسن سان رچيل آهن. هن جي غزلن ۾ شعر جي ڪرافٽنگ، خيال جي جدت، نفاست، نازڪ خيالي ۽ تشبيهن جي سونهن موجود آهي. سندس غزلن ۾ ڪٿي احساس جي شدت ته ڪٿي غم جي حدت، ڪٿي اجھل پڻو ته ڪٿي ٺهراءُ، ڪٿي اڻ پورائپ جو احساس ته ڪٿي پورڻتا جو آٿت، ڪٿي رقص بسمل واري ڪيفيت ته ڪٿي تشنگي جو احساس، ڪٿي جلڻ ۽ جھُلسڻ جي وارتا ته ڪٿي بک جي اذيت، ڪٿي نراسائيءَ جي واري ته ڪٿي آس ۽ اميد جا جگنو موجود آهن. سندس هيٺيان شعر منهنجي ڳالهه جي گواهي ڏيندا.

    نه ڪو ٿـانءُ بڻجي لَٿا سي ڪڏهـن،
    رڳـو چَــڪَ مٿان ئِـي پـنــوڙا رهيا.
    ..........
    نچـي نــاوَ ڪيسين، نـديءَ ۾ ڀــلا!
    ڪَپَرَ تـي ڪڏهن کان ٿو قاتل ڪُڏي.
    ..........
    سنـداڻِـن تي ڪوئي سمهاري وَيــو،
    روان هــانءَ تــي بــس هـٿـوڙا رهيا.
    ..........
    نديءَ ۾ درد تڙڳن ٿا، پڄاڻيءَ تي پڳو پاڻي،
    وئي بَـيـچَيـنُ ٿـي وارِي، ڪـنـارا سـوڳ ۾ آهن.
    ..........
    سَکي! توسِجُ ٿي سدائين ساڙيو،ڪَيَم گرهه ٿي تڏهن به گردش،
    ڌيـــان ڪـاڏي ڌِڪــو نــه کــاڌو، جـهـــانُ ســارو گـواهه آهـي.
    ..........
    ڪري بُکَ بنجر بدن کي رهي آ،
    لڻي ٿـو لهـوءَ کي ڏڪارن جو ڏاٽو.
    ..........
    اميدن شور آنـدو آ، جـمودن کي مان ٽوڙيندس،
    سِسِي ھِـنَ سانت جي لاهي، خنجر سڪتي ۾ کوڙيندس.

    گوهر جي غزلن وانگر سندس وايون به فن ۽ فڪر جي تاڃي پيٽي سان ڳُتيل آهن. وائي، جيڪا سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي صنف آهي ۽ شاهه عنايت رضوي ۽ شاهه لطيف ان کي عروج تي رسايو، ان ۾ شيخ اياز کان وٺي عهدِ حاضر جي جديد شاعرن تائين ڪيترن ئي شاعرن انيڪ فني ۽ هيئتي تجربا ڪيا آهن. اسان وٽ ڇند جي ڦند جا ماهر موجود آهن، اهو ذمو انهن کي ڏئي مان رڳو گوهر جي وائين جي فڪر ۽ خيال تي خيال ظاهر ڪرڻ چاهيندس. سچ ته هن جي وائين جون ڪيتريون ئي مصرعون هوا جي تازي جھوٽي وانگر آهن. مثلاً:

    ننڊ ڪري نــابود ڇڏيــان،
    تـنهـنجـــــو نـــــانءُ پَچـي،
    اوجاڳـن جي آويءَ ۾.
    ..........
    سپــنــي ۾ آ ســـاھُ اڃـــا،
    ساڀيان کي سمجھاءِ پريـن،
    پِيڙا کي پرچاءِ پرين.
    ...........
    ڀــاڳُ ڪئـن ڀلا جَـهـپـيـان!
    جهولڙيءَ ۾ جِهيرُ آ.

    گوهر شيخ جون وايون موضوعاتي لحاظ کان جديد دور جي تقاضائن پٽاندڙ آهن. انهن ۾ اسان جي شاعريءَ جي اساسي دور وانگر تصوف جو فڪري غلبو نظر نه ٿو اچي تنهنڪري اهي شيخ اياز جي School of thought جو تسلسل محسوس ٿين ٿيون. اهوئي سبب آهي جو هو پنهنجي وائين ۾ پورهيي، پرماريت، همت، حوصلي، ڌرتيءَ جي ڌيان ۽ گيان، مٽيءَ جي مانَ وغيره جهڙا موضوع جنمي ٿو.

    پُڇجو پورهئي کان،
    ڪيئن نه عضون جو!
    پَگَهرَ پنـڌ ڪيو.
    .........
    پَرماريءَ جي پَيرَ لئه،
    ٿَيــڙُ ســدائين ٿِـــجُ،
    جُهونجهارن جي جوءِ تي.
    پنھنجي جيون جو سڀڪوئي،
    ڀاڳُ مٽــيءَ مـــان ٺــاھـــي،
    ڌرتي ڌيان ۾ آھي.
    کِلَ جي کَنڊُ ونـڊي ھر واسي،
    ويــڻ نـــه ڪـــوبه وراھي،
    ڌرتي ڌيان ۾ آھي.

    گوهر شيخ جي شاعريءَ جي هن ٽن صنفي اڀياس ۾ سندس نظم مونکي پنهنجي دل جي وڌيڪ قريب محسوس ٿين ٿا ۽ مونکي لڳي ٿو ته خود گوهر لاءِ به سندس شاعريءَ جو Comfort Zone نظم ئي آهي. ان ڪري منهنجي ذاتي راءِ آهي ته هو نظم جو سٺو شاعر آهي. هن جا نظم نه رڳو فڪر ۽ تخيل جي حوالي سان گھرا آهن پر انهن جي ٻولي به شاندار آهي. هن جي نظمن ۾ بيشڪ آبشار جهڙي رواني ۽ تسلسل آهي ۽ اها ئي ڪنهن ڪامياب نظم جي اولين خوبي ٿئي ٿي. هن جي نظمن ۾ هڪ حساس شاعر جي حساسيت پنهنجي پوري طاقت سان سامهون اچي ٿي. ڪٿي هو ديس جي غدارن کي للڪاري ٿو ته ڪٿي انقلاب لاءِ جھنجھوڙي ٿو. ڪٿي هن جا نظم بک ۽ بدحاليءَ جا نوحا بڻجي وڃن ٿا ته ڪٿي وري هو انسان جي اندر جي اگھاڙپ کي لفظن جي لباس ۾ ظاهر ڪري ٿو. ڪٿي غيرت، انا، خودداري، عزت ۽ ناموس جو ناد وڄائي ٿو ته ڪٿي مفادن جي مَنڊيءَ تي حياتي جو سودو کيس ستائي ٿو. هن جي تڙپ، هن جي لوڇ، هن جا درد سندس نظمن مان لئاڪا پائين ٿا.

    ڪِـٿي ٿـو ديـسَ تُون رَهـيـن؟
    رُتــون شــڪـارُ ٿــي ويــون،
    گـــلابُ ئــي نـه ٿـــو لَــڀــي.
    خـــــزان تِکـو خَنجـرُ ڪيـو،
    شــبـــابُ ئـــي نــه ٿـــو لَــڀــي.
    اُمـيــد ٿي اکــيـون ڪَـــڍي،
    خُــوابُ ئــي نـه ٿـــو لَــڀــي.
    حــواسَ ٿــــي هَــــلاڪُ وِيـا،
    مـــــزاجُ ئــي نــه ٿـــو لَـڀــي.
    جــــــهــــــانُ آ جـــــــلاوطـــــــن،
    ســمــاجُ ئـي نـه ٿـــو لَــڀــي.
    دوا ۾ روڳُ آ رڳـــــو،
    عــــلاجُ ئـــي نــه ٿـــو لَــڀــي.
    بُــکـن کي ڀـــاڳُ آ لــڳــو،
    انــــــاجُ ئـــي نـه ٿـــو لَــڀــي....

    ڌرتيءَ تي هر طرف مايوسي آهي، ديس ۽ ديس واسي تڪليف ۾ آهن ته شاعر به پاڻ کي ڀوڳنا جي چڪيءَ ۾ پيسجندو محسوس ڪري ٿو. ڇوته شاعر به انهيءَ سماج جو فرد آهي جتي گلابن جي پوک به ٿوهرن جو فصل ٿي ڏئي. جتي گلن جي سڳنڌ جو احساس اوپرو ٿو لڳي ۽ آڪسيجن ۾ بارود جي بوءِ گڏيل آهي. جتي پرماري قوتون پنهنجي ظلم ۽ ڏاڍ جي ڀير تي ڌمال هڻڻ ۾ مصروف آهن، جتي ٻاجھ جو سَلو سُڪي ويو آهي ۽ ماڻهپو قصهءِ پارينا ٿو لڳي پر شاعر جڏهن انهيءَ مايوسي کي سگھ ۽ للڪار ۾ تبديل ڪري ٿو ته سندس لفظن جي گونج ايوانن جا در ۽ ديوارون به ڌوڏي وجھي ٿي.

    تــون! ڀـلـي طــاغوتَ اڄ،
    طــاقتن جي تــاج ســان،
    تــخت کـــي آبـــاد ڪـر.
    پــوڄــرائــــي پـــاڻَ کي،
    دادَ کـــــــان آزاد ڪـر.
    ٻاجَهه تــي روڪُون رکي،
    مـاڻهپــو ٻــوســـاٽ تــون.
    ســامـراجي سوڙهه سان،
    آجـپــــو ٻــوســـاٽ تــون.
    مــاڻــڪـن جي ماس ۾،
    وحشتن جــو واتُ رک....

    نيٺ تُنهنجي نــوڙَ جا،
    وَرَ ٿـــيــــنــدا ويــــڪـــرا.
    خــلق جـي کَڙڪاءَ سان،
    ڪــاٺَ ڏَرنــدا ڪـيــتـرا.
    نيٺ تنهنجي نوڪَ جو،
    مُـنـهن تِکو ٿيندو مُـڏو.
    نيٺ تنهنجي تاج کــي،
    پَــيــرَ جو لــڳـنــدو ٿُــڏو.

    هي سڄي دنيا تضادن تي بيٺل آهي. زمين کان آسمان تائين ڪائنات ۾ انيڪ تضاد موجود آهن. تضادن جو اهو سلسلو شاعرن ۽ نقادن وٽ به قائم آهي. بين جانسن پنهنجي تحرير کي بار بار پڙهڻ کان پوءِ به مطمئن نه ٿو ٿئي ته زين پال سارتر وري چوي ٿو ته “مونکي پنهنجي ئي تحرير ٻيهر پڙهڻ کان سخت نفرت آهي.” ۽ ان جي وضاحت ۾ هن اهو به لکيو آهي ته “منهنجو دماغ ايڏي تيزيءَ سان سوچيندو آهي جو ان جو ساٿ ڏيندي ڏيندي منهنجي ڪرائي ڏُکڻ لڳندي آهي.” مونکي پتو ناهي ته گوهر انهن مان ڪهڙي راءِ جو آهي پر اها پڪ اٿم ته هڪ قاري سندس نظمن کي وري وري پڙهڻ چاهيندو. گوهر پنهنجي ڪجھ نظمن ۾ تضاد اڀاري معنوي حسن پيدا ڪيو آهي:

    ڪـئن ڏانئــڻ تـوکي ڏينهُـن چَـوان!
    تـــون اونــــدهه تَـــيـــزُ اُجــــاري ۾.
    ڪئن ڪانئر تنهنجي ڪَڍَ لــڳان!
    تـــــون سَــــرهـــــو آن انــــڌاري ۾.
    مــان ڏيــئو ٻــاري ڏيـنـهُن ڪيان،
    تــون تِــــيــرَ لَــــڳــائـيـن تــاري ۾.
    مـان کــوڙيــان هــانءُ هــوائــن ۾،
    تـــون چِـــڪَ وڇـائــيــن چــاري ۾.......

    مــان چـــاهـيـان جُــونِ جَوالو ٿئي،
    تــــون آڳ اُجــهـائــيـن پــــاري ۾.
    مــان ڀــاڳــن جــــي بـــازار هــڻــان،
    تــون ڍونــگَ رَچــائـيــن ڍاري ۾.
    مــان جــــوڙيــا بَـنـدَ بــغــاوت جــا،
    تــــون قــــابــــو آن ڪــــيــڏاري ۾.

    گوهر شيخ جي نظمن ۾ ڪيئي انوکيون لفظي ترڪيبون ۽ استعارا نظر اچن ٿا جيئن: سوالي سڏَ، صدا جو بدن، سين جو سِرُ، ناموس جا پير، معافي جو ماپو، ڪاوڙ جو ڪنڌ، بارود جون ڀونڪون، ڏاڍ جو ڏونڪو، مفادن جي مَنڊي، وحشتن جو وات، پاٻوهه جو پگھر، تمنا جو ولوڙو، دل جو ديرو، آس جي عمارت، ڀونچال جو ڀاڪر، گردش جو پاڙو، پُڇا جا پکي، اجالن جو آواز، چمين جو چونڊو، اميدن جو آواز، ڪروڌن جو ڪاڙهو، ضد جا زنجير، ٿڪاوٽن جا ٿرَ، تتيءَ جي ترار، ارادن جا پير، ڪميڻپمن جا ڪهاڙا وغيره. انهن استعارن جي استعمال سان هن جا نظم هيڪاري حسين لڳن ٿا.
    مجموعي طور گوهر شيخ جي شاعري پنهنجي فن ۽ اسلوب جي حوالي سان سگھاري ۽ فڪر ۽ تخيل جي لحاظ کان گھري ۽ گھڻ رخي آهي. اها نه رڳو ثقافتي رنگن ۾ رچيل آهي پر منجھس دور جي تلخين جون تصويرون به موجود آهن. هن جي شاعري بيشڪ احساسن کي جنجھوڙي ٿي ۽ ماڻهوءَ ۾ جوش ۽ ولولو پيدا ڪري ٿي. گوهر جي هن ڪتاب “پڃرا تنهنجي پنبڻين جا” جي مطالعي بعد مونکي هارپر لي (Harper Lee) جو هڪ جملو ياد اچي ٿو “The Book to read is not the one that thinks for you, but the one that makes you think.” (ڪتاب اهو ناهي جيڪو پڙهڻ سان توهان لاءِ سوچي، پر ڪتاب ته اهو آهي جيڪو توهان کي سوچڻ تي مجبور ڪري.)

    (11 مئي 2014ع تي سنڌي ادبي سنگت گمبٽ طرفان گوهر شيخ جي شعري مجموعي “پڃرا تنهنجي پنبڻين جا” جي ڪرايل مهورت واري تقريب ۾ پڙهيل.)


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 946
    ڪتابن جو مشاهدو: 3032471
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 790272
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ