ويدڪ مت (هندو مذهب)
[b]ويدڪ مت:
[/b] ويدڪ مت ويدن تي ٻڌل آهي ۽ ان کي ئي اصل ۾ هندو مذهب چئجي. سڀ کان پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته هندو مذهب جي ڪا مرتب ۽ منظم تاريخ نه آهي جنهن مان اها قطعي طور تي خبر پوي ته هندو مذهب ڇا آهي؟ بمبئي جي اڳواڻن گورنر الفنسٽن پنهنجي ڪتاب ”تاريخ هند“ ۾ لکيو آهي ته ”جڏهن هيئن سمجهيو ويندو آهي ته ڪا ڪهڙي به جاهل قوم ڇو نه هجي، پنهنجي وڏڙن جي باري ۾ ڪونه ڪو ڪتاب رکندي آهي، ته ان ڳالهه تي تعجب ٿيندو آهي ته باوجود ان جي ته اها قوم نهايت تربيت ۽ شائستگيءَ جي درجي تي پهتي هئي پر وٽس تاريخ سان ملندڙ جلندڙ ڪوبه ڪتاب نٿو ملي. هندن جي حالت جيڪا تحرين ۾ موجود آهي، اها ڪوڙين ڪهاڻين ۽ حد کان وڌايل تاريخي واقعن سان ڀريل آهي، سو ان ۾ سچي ۽ مسلسل تاريخ جي اميد نٿي ڪري سگهجي ۽ نه ئي ڪنهن عام واقعي جي تاريخ سڪندر جي پورس تي حملي کان اڳ جي جوڙي سگهجي ٿي ۽ نه وري ڪو مسلسل بيان هندن جي حالت جو هندستان تي مسلمانن جي حاڪميت تائين لکي سگهجي ٿو.“
پنڊت جواهر لال نهرو پنهنجي ڪتاب ”The Discovery of India“ ۾ لکي ٿو ته چيني ۽ يوناني عربن جي ابتڙ قديم هندستان جا ماڻهو تواريخدان نه هئا، اها اسان جي وڏي بدقسمتي آهي ۽ اها ئي ڏکيائي آهي جو اسان گذريل دور جي واقعن جو زمانو يا تواريخ متعين نٿا ڪري سگهون. اهي واقعا ڪجهه اهڙي نموني پاڻ ۾ گڏ وچڙ آهن جو انهن مان عجيب خلفشار پيدا ٿي رهيو آهي...
اسان وٽ هڪ ڪتاب يعني ”ڪلياڻ جي راج ترنگي“ اهڙو دستاويز آهي جنهن کي اسان تاريخي ڪتاب چئي سگهون ٿا. اهو ڪتاب ڪشمير جي تاريخ تي آهي ۽ ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ لکيو ويو هو. باقي واقعن لاءِ اسان کي سوچ جي دنيا ۾ وڃڻو پوي ٿو يا ٻاهرين تواريخدانن مثال: يونانين، چينين ۽ عربن جي شاهدين تي... مثال طور وڪرمي سن کي وٺو، اهو 7 5 ق - م کان شروع ٿئي ٿو پر ان زماني جي اڳين پوئين تاريخ ۾ اسانکي وڪرما جيت جو پتو نٿو ملي.
هڪ وڪرما جيت چوٿين صدي عيسويءَ ۾ ٿي گذريو آهي پر هيءُ چوٿين صدي عيسويءَ جو وڪرما جيت ان سن ۾ ڪئين موجود ٿي سگهي ٿو جيڪو 57 ق- م کان شروع ٿئي ٿو. ان وڪرما جيت کي ان سن جي متعلق ثابت ڪرڻ جي لاءِ پڙهيل لکيل طبقي جهڙي نموني تاريخ سان کيڏيو آهي، ان تي حيرت ٿي ٿئي! هو ان ڳالهه تي به زور ڏيندا رهيا آهن ته، هي اهو ئي وڪرم آهي جنهن ٻاهران اچڻ وارن جي خلاف جنگ برپا ڪئي هئي ۽ ان ڳالهه جي لاءِ وڏيون ڪوششون ورتيون ته هندستان متحد رهي ۽ هڪ قومي حڪومت جي ماتحت هجي، پر وڪرم جي سلطنت اتر ۽ وچ هندستان کان اڳتي نه هئي... اها حقيقت آهي ته هندستاني (هندو) پنهنجي قديم روايتن کي ئي تاريخ تسليم ڪندا آهن ۽ ان تي ڪنهن به قسم جي تنقيدي نظر نه وجهندا آهن. کين ان قسم جي غير ذميوارانه فڪري طريقي ۽ نهايت سولائيءَ سان نتيجن تائين پهچڻ واري مسلڪ کي نيٺ ڇڏڻو پوندو. (77،79).
مشهور فرانسيسي عالم ڊاڪٽر ليبان لکي ٿو ته انهن هزارين جلدن ۾ جيڪي هندن پنهنجي 3 هزار ورهين جي تمدن ۾ تصنيف ڪيا، هڪ به تاريخي واقعو صحت سان (صحيح طور) لکيل نه آهي. ان زماني جي ڪنهن واقعي کي پيش ڪرڻ لاءِ اسان کي ٻاهرين سهارن تي ڀاڙڻو پوندو هو. سندن تاريخي ڪتابن ۾ عجيب خاصيت (يعني هر شيءِ کي غلط ۽ غيرفطري صورت ۾ ڏسڻ جي) جا بجا ملي ٿي ۽ انسان کي ان سوچ تي مجبور ڪندي آهي ته ان جو دماغ ئي ٽيڙو آهي...
قديم هندن جي ڪا تاريخ ئي نه آهي ۽ نه عمارتن ۽ يادگارن سان ان جي تلافي ٿئي ٿي. هندستان جو تواريخ وارو زمانو مسلمانن جي فوج ڪشيءَ کان پوءِ شروع ٿيو ۽ هندستان جا پهريان تواريخدان مسلمان آهن.
(تمدن هند147،144 ).
ڀائي پرمانند لکي ٿو ته هندستان ۾ عام طور تي جيڪي تاريخي ڪتاب رائج آهن، انهن جا ٽي حصا آهن قديم زماني ۾، جيڪو بلڪل نامڪمل آهي، بدقسمتيءَ سان اسان جي بزرگن کي پنهنجا حالات صحيح نموني قلمبند ڪرڻ جو شوق نه هو، جيڪي حالات لکيل ملن ٿا اهي شاعرانه ۽ وڌاءَ سان ڀريل آهن، جن جي مدد سان صحيح واقعن تي پهچڻ ڏکيو آهي. گهڻو ڪري شوريٰ جي اندر اهڙيون تبديليون ٿيون ئي نه هونديون جن کي قلمبند ڪرڻ جو انهن کي خيال اچي. (رسالو ”زمانو“ ڪانپور سيپٽمبر، آڪٽوبر 1914ع مضمون: تاريخ هند جو مطالعو).
انهن بيانن مان پتو پوي ٿو ته رامائڻ ۽ مهاڀارت ۾ جيڪي ديومالائي ڳالهيون لکيل آهن، اهي تاريخ کي منظم طريقي سان لکڻ بدران من گهڙت ۽ غير فطري انداز فڪر جو نتيجو آهن. شري رام چندر هڪ عظيم رهنما جي حيثيت سان هڪ ديومالائي شخصيت بڻجي ويو آهي جنهن سان ڪا به رهنمائي حاصل نٿي ڪري سگهجي. جيترو ٿي سگهيو سندس شخصيت کي هڪ اوتار جي حيثيت سان پيش ڪيو ويو آهي.
ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته آرين جي وطن جي باري ۾ صحيح معلومات نٿي ملي. پروفيسر ميڪس ملر ۽ مسٽر بينزي روس جو اوڀر وارو حصو ٻڌائين ٿا، ڪي ڪشمير ۽ تبت ٻڌائين ٿا. سندن اچڻ جي زماني جو تعين به نه ٿي سگهيو آهي. گهڻو ڪري انهن جو پهريون گروهه ٻه هزار ورهيه ق - م هندستان آيو، ان کانپوءِ انهن جا قافلا اچڻ لڳا. هنن قديم لوڪن دراوڙن کي ڏکڻ ۽ اوڀر ڏانهن ڌڪيو ۽ اهڙي نموني اتر هندستان آريه ورت جي نالي سان مشهور ٿيو.
آريه لفظ جي اصل معنيٰٰ آهي غلام آهي. هندو سنسڪرت نه پر فارسيءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ چور ۽ غلام آهي، انڪري سوامي ديانند سرسوتي آريه سماج جي باني ۽ پنڊت ليکرام ”هندو“ نالي جي خلاف وڏي غصي جو اظهار ڪيو آهي. هنن چيو آهي ته اسانکي اهي نالا ترڪ ڪري صرف آريه سڏائڻ گهرجي.
آريه لفظ ويدن ۽ شاسترن ۾ موجود آهي، پر اهو ڌرم جو نه بلڪه هڪ قوم جو نالو آهي. آريه قوم پنهنجي مسلڪ ۽ روايتن جو خزانو کڻي هندستان آئي. وقت سان گڏ قديم لوڪن دراوڙن جا عقيدا به ان سان ملي ويا. اهڙي طرح آرين جو مذهب ويدن تي جڙي ويو. دراوڙ قوم رومي سمنڊ کان آئي هئي. •
ان قوم جي باري ۾ هڙاپا ۽ موئن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان جيڪا معلومات ملي آهي، ان مان پتو پوي ٿو ته هي ماڻهو وڻن، جانورن مثال طور: هاٿي، ڏاند، هرڻ ۽ چيتي وغيره جي پرستش ڪندا هئا. وشنو ۽ شِوِ دراوڙي ديوتا هئا ۽انهن جي مجسمن جي پرستش ڪندا هئا.
ويدن جي شروعاتي زماني ۾ آريه قوم توحيد پرست قوم هئي. البيروني هندستان بابت پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته هندن جو عقيدو هي آهي ته خدا واحد آهي، غير فاني آهي. نه ان جو ڪو آغاز آهي، نه انجام. هو نج مختيار ۽ نج حڪيم آهي، حيءُ القيوم ۽ احڪم الحاڪمين آهي، هو رب آهي، پنهنجي سلطانيءَ ۾لاثاني آهي. نه ڪا شيءِ هن سان ملندڙ آهي، نه هو ڪنهن شيءِ سان ملندڙ آهي. (البيروني جلد-1 ص 27- ”مسلم ثقافت هندستان“ مصنف : عبدالمجيد سالڪ).
ويدن ۾ بتن جو رواج ۽ پرستش جي شين جا ظاهري نشان ۽ علامتون قائم ڪرڻ جو رجحان ثابت نٿو ٿئي. (الفنسٽن جي تاريخ باب توحيد).
هندو قوم کي هندستان ۾ بت پرست ثقافت سان واسطو پيو ته آهستي آهستي هيءَ قوم به بت پرستي ۽ مظاهر پرستيءَ ۾ مبتلا ٿي وئي. هندن ۾ تريمورتيءَ جو تصور ايشور، وشنو ۽ شو جو آهي، جنهن ۾ شِو ۽ وشنو دراوڙي ديوتا آهن. اهڙي نموني ٻيون به بي شمار غير ويدي رسمون هندو ڌرم جو نه ٽٽندڙ حصو بڻجي ويون.
[b]ويد :
[/b] لفظ ويد جو مطلب معنيٰ جاچڻ، سوچڻ، غور ڪرڻ ۽ حاصل ڪرڻ آهي. ويد لفظ مشهور ڪتابن جي لاءِ استعمال نه ٿيو آهي پر هي اهو ادب آهي جيڪو ٻه هزار ورهين جي عرصي ۾ هند وارن مختلف علمن ۽ رسمن جي باري ۾ گڏ ڪيو ۽ ان جو نالو ”ويد“ رکيو.
ڊاڪٽر سريندر ناٿ گپتا پنهنجي مشهور ڪتاب A History of Indian Philosophy جي پهرين جلد ۾ لکي ٿو ته :
”هڪ نئين پڙهندڙ کي پهرين سنسڪرت ادب پڙهايو وڃي ته هو اهو ڏسي پريشاني محسوس ڪندو ته تضاد سان ڀريل مطلبن ۽موضوعن تي مستند مختلف ڪتاب آهن ۽ سڀني جو نالو ويد يا سرتي آهي. اهو ان لاءِ ته ويد پنهنجي وسيع مفهوم جي لحاظ کان ڪو خاص ڪتاب نه پر اهو ٻه هزار ورهين جي ڊگهي عرصي تي ڦهليل ادب جو نالو آهي ۽ اهو ادب مظهر آهي ان علمي ڊڪ ڊوڙ جي حاصلات جو جيڪو هندستان جي رهڻ وارن مختلف رخن کان ان ڊگهي عرصي ۾ گڏ ڪيو. ان ڪري ضروري طور تي ان کي متضاد عنصرن جو مجموعو هجڻ کپي.“ (صفحو 11-12 ).
[b]مختلف ويد :
[/b] هونئن ته ويد مختلف ڪتابن جو نالو آهي جيئن ايور ويد (طب)، سرپ ويد (نانگ جو ويد)، پشاج ويد(چڙيلن جو ويد)، آگر ويد (شيطانن جو ويد)، ڌر ويد (تير ڪمان جو ويد)، اتهاس ويد (تاريخ)، پران ويد(قصن ڪهاڻين جو ويد).
[b]ويد جو موضوع :
[/b] مستند ترين لغت ”نرڪت“ ۾ لکيل آهي ته جنهن مقصد کي جنهن ديوتا جي ذريعي رشي پورو ٿيندي ڏسي ان جي تعريف ڪئي آهي، اهو ئي ديوتا ان جو منتر آهي. اهڙي نموني ڪيترن ئي مقصدن لاءِ رشين جا منتر لکيل آهن (نرڪت- اڌپاءُ کنڊ).
31 هين ويد ۾ لکيل آهي ته رشي مقصد کڻي ديوتائن ڏانهن ڊوڙيا. اهڙي نموني ويدن جو موضوع پنهنجي ضرورت ۽ مقصد جي لاءِ ديوتائن جي تعريف ۽ منٿون ڪرڻ آهي. خود ويد ۾ لفظ ويد دنيوي مال متاع جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيو آهي، اهڙي نموني ويد انهن کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي.
[b]سوڪت = باب ويدن جا قسم
[/b]
1- رگ ويد: ان جا ڏهه هزار منتر آهن. هي 128 بابن ۽ 10 منڊلن ۾ ورهايل آهي. سڄو ويد نظم ئي آهي. ان ۾ خدائن جي تعريف ۽ سندن وڏائيءَ جا گيت آهن ۽ ديوي ديوتائن کي مخاطب ٿي انهن کان دعائون گهريون ويون آهن. رگويد سڀني ويدن کان آڳاٽو آهي، پراڻن جي مطابق سڀ کان اڳ يجر ويد هو، ان کي ٽوڙي چار ويد جوڙيا ويا.(هندو ازم- مصنف پروفيسر گووند داس) ان تي سائين آچاريه سنسڪرت ۾ ڀاشيه (تفسير) لکيو آهي. ولسن ۽ ميڪس ملر انهن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.
2- يجر ويد : سڄو رگويد تان ورتل آهي، قربانين جي موقعي تي ڳايو ويندو آهي. هن ۾، يگيه ۾ استعمال ٿيڻ وارين شين کي مخاطب ڪيو ويو آهي.
3- سام ويد : ان ۾ صرف راڳ ۽ گيت آهن، رگويد جي اڌ جيترو آهي. ڪيترائي منتر رگويد تان ورتل آهن. يگيه جي رسمن تي ڳايو ويندو آهي. تاريخي لحاظ سان هن ويد جي ڪا خاص اهميت نه آهي.
سائين آچاريه لکيو آهي ته انهن ٽنهي ويدن کي ”تري وديا“ يعني ٽن علمن جو نالو ڏنو ويو آهي
4- اٿر ويد : ان ۾ ڪل 6 هزار منتر آهن جيڪي تقريبن 4 2 حصن ۾ ورهايا ويا آهن. اٽڪل هڪ هزار ٻه سوَ منتر رگويد تان کنيا ويا آهن. تقريبن اڌ نثر ۾ آهن، انهن جو گهڻو حصو جادوءَ جي باري ۾ آهي. اهي ويد قديم آرين جي تمدن جو آئينو آهن، انهن ۾ همه اوست (وحدت الوجود) جي تعليم ڏنل آهي.
هر ويد کي هيٺين ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي:
پهريون حصو: سنگيتيه ڀاگ يا منتر ڀاگ، جنهن ۾ ديوي ديوتائن کي مخاطب ٿي انهن کان دعائون گهريون وينديون آهن.
ٻيو حصو: برهمڻ ڀاگ، هن حصي ۾ منترن جي تشريح ۽ استعمال جي جڳهه بيان ڪئي وئي آهي. هر ويد جا هڪ يا ٻه برهمڻ آهن. گهڻو ڪري برهمڻن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ لاءِ اٺين ۽ پنجين صدي ق - م لکيا ويا.
ٽيون حصو: ارنيڪ، جيڪو جهنگن ۾ لکيو ويو ۽ اُتي ئي وڃي پڙهيو ويندو آهي. نرڪت (نرڪت= ويدن جي ڊڪشنري) مطابق ويدن جا صرف ٻه حصا آهن يعني سنگيتيه ڀاگ ۽ منتر ڀاگ. ارنيڪ صرف برهمڻن جو حصو آهي.
[b]ويدن جو مقصد :
[/b] چئني ويدن جي شروعات اگني (باهه)، وايو (هوا)، سوريه(سج) ۽ آپه (پاڻي) سان ٿئي ٿي.
رگويد اگنيءَ کان شروع ٿئي ٿو ۽ اهو باهه جي پرستش سيکاري ٿو. ان جي پهرين باب ۾ حمد ۽ ثنا کانپوءِ منتر 3 ۾ لکيل آهي ته اگني جي مهربانيءَ سان پرستش ڪرڻ واري کي دولت ملندي آهي، جيڪا ڏينهون ڏينهن وڌندي ويندي آهي.
اگنيءَ کانپوءِ ٻئي نمبر تي اندر ديوتا جي تعريف آهي. اندر ديوتا آرين جي لاءِ سندن مخالفن جي دولت هڙپ ڪري ايندو هو. سوريه سندن ساون فصلن کي پچائيندو آهي. پاڻي فصلن جي اڃ اجهائيندو آهي. اهڙي نموني ويدن جي جوڙڻ جو مقصد باهه، هوا، سج ۽ پاڻي جي پرستش ڪرڻ ۽ پوءِ انهن جي ذريعي دنيوي فائدا حاصل ڪرڻ هو.
[b]ويد گم ٿي ويا هئا:
[/b] مهاڀارت شليه پروا (Shalya Parva) ۾ لکيل آهي ته هڪ دفعو ملڪ ۾ ڏهن ورهين تائين برسات نه وُٺي ۽ ان جي ڪري ڏڪار پيو. سڀ رشي گذر سفر جي ڳولا ۾ ملڪ ڇڏي ٻين جڳهن ڏانهن هليا ويا ۽ ويد سندن ذهنن مان ميسارجي ويا پر سرسوتي درياهه جو پٽ سرسوت پنهنجي ملڪ ۾ رهيو پيو هو. هو هڪ مڇيءَ تي گذارو ڪندو رهيو جيڪا سندن ماءُ سرسوتي ندي کيس روزانو کائڻ لاءِ ڏيندي هئي. سرسوت ويدن کي ٻيهر قائم ڪيو ۽ رشين جي واپس اچڻ تي کين ويدن جي تعليم ڏني (هندو ازم صفحو 83 ) ٻڌ چرتر ۾ لکيل آهي ته اهي ويد مڪمل طور تي وساري چڪا هئا.
ويدن جي گم ٿيڻ تي ايشور جي واويلا جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ”ويد منهنجي اعليٰ طاقت آهن. ويدن کانسواءِ مان ڇا ڪندس. ويد دنيا ۾ اعليٰ وجود آهن.“ نه صرف پراڻن ۽ مهاڀارت ۾ انهن جو ذڪر آهي پر ديانند رگويداري ڀاشيه ڀومڪا جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته جيڪو زمانو ويدن جي تعليم جو عالم بيان ڪن ٿا اهو اصل ۾ ويدن جو رواج ۾ نه رهڻ جو زمانو آهي. ان مان واضح ٿئي ٿو ته ويدن جو تسلسل تاريخي طور موجود نه آهي. اصل ۾ ويدن جي صحت جو ڪو به هاڪاري ثبوت نه آهي. منجهن واڌارو ٿيندو رهيو، ويدن ۾ توحيد موجود آهي پر ان سان گڏ ٻيون شيون ۽ عقيدا ملايا ويا آهن.
[b]ڇا ويد الهامي آهن ؟
[/b] حقيقت ۾ صورتحال اها آهي ته مختلف الهامي شخصيتن آهستي آهستي پنهنجا الهام گڏ ڪيا ۽ انهن کي چئن ويدن جي شڪل ڏني پر انهن الهامن سان ٻيا عقيدا به شامل ٿيندا رهيا. مختلف هندو عالمن به ويدن ۾ اضافن بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. اهڙن عالمن ۾ سوامي هري پرشاد، لڄپت راءِ، ڀائي پرمانند ايم اي، پنڊت راڌا ڪرشن پروفيسر هندو فلاسافي بنارس، پنڊت ستيه ورت شام سري، پنڊت نرديوشاستري وغيره شامل آهن. لفظ ”رشي“ جو ڪو مخصوص استعمال ناهي، اِهو غير اوتارن ۽ ساڳئي وقت اوتارن لاءِ به استعمال ٿئي ٿو، هندو ادب ۾ ان جي وضاحت نٿي ملي.
[b]ويدن جي جڙڻ جو زمانو :
[/b] سناتن ڌرمي ۽ آريه سماجي عالم ان ڳالهه تي متفق آهن ته ويد دنيا ۾ شروع کان ئي آهن. پنڊت ديانند سرسوتي جي خيال ۾ دنيا جي شروعات کي هڪ ارب نَوَ ڪروڙ ورهيه گذري چڪا آهن، اهڙي نموني ويدن جي نازل ٿيڻ کي به ايترو عرصو گذري چڪو آهي. اهو نهايت ئي مبالغي تي ٻڌل خيال آهي. ان جي ابتڙ ڊاڪٽر هاگ (Haug) جي راءِ 1400 کان 2000 ورهيه ق- م آهي. پروفيسر ابناس چندر ورت 8000 کان 10000 ورهيه ق- م ٻڌايو آهي. مهاتما تلڪ جي راءِ مطابق 4000 ورهيه کان 5000 ورهيه آهي. پروفيسر ميڪس ملر جي کوجنا مطابق 800 کان 1000 ورهيه ق- م آهي. پروفيسر مونير وليم(Monier William) پنهنجي ڪتاب ”هندو ازم“ ۾ لکيو آهي ته اسان اهو فرض ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيون ته ويدن جا اهي حمديه گيت گهڻو ڪري 500 ۽ 1000 ق- م جي وچ ۾ مختلف شاعرن مختلف تاريخن ۾ لکيا (صفحو 9 1 ). اهڙي طرح ابناس چندر رگويدڪ انڊيا ۾ لکي ٿو ته” رگويد جي حمديه گيتن جي ٻولي ڏهين منڊل جي ڪجهه گيتن کي ڇڏي اٿر ويد جي ٻوليءَ کان آڳاٽي آهي ۽ ان مان اِن ڳالهه جو پتو پوي ٿو ته رگويد جي جڙڻ جو زمانو گهڻو آڳاٽو آهي. يجر ويد ۽ اٿر ويد ۾ اهڙا جاگرافيائي حوالا ۽ اندروني شاهديون موجود آهن جيڪي ثابت ڪن ٿيون ته اهي رگويد جي زماني کانپوءِ جوڙيا ويا ۽ ٻنهي زمانن ۾ هزارن ورهين جو وقفو موجود آهي ۽ ان زماني ۾ گهڻيون طبعي ۽ موسمي تبديليون اچي چڪيون هيون.
ويدن ۾ ڪجهه فنن، تکن اوزارن، واڍڪي سامان ۽ ٿانون جو ذڪر آهي. موجوده کوجنا سان پتو پوي ٿو ته اهي اوزار 10 هزار ورهيه پهريان موجود نه هئا.
ويدن ۾ ڪجهه ڪتابن جو ذڪر آهي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهي ويدن کان اڳ موجود هئا. مثال اتهاس (تاريخ)، گاٿا عناراشنسي، اهي ڪتابن جا نالا آهن جيڪي ويدن جي منترن ۾ موجود آهن.
[b]ويدن جو وطن :
[/b] ويدن جي وطن جي باري ۾ هندو عالمن ۾ شديد اختلاف موجود آهي. سناتن ڌرم جي نظرئي مطابق ويدن جو وطن اتر هندستان يعني آريه ورت آهي، جنهن جي حدن ۾ هڪ طرف سنڌ ته ٻئي طرف جمنا ندي، ٽئين طرف ڪشمير ۽ چوٿين طرف راجپوتانه کان بنڌياچل کان هيٺ وارو ملڪ آريه ورت کان ٻاهر آهي. آريه سماج جو خيال آهي ته ويد تبت ملڪ ۾نازل ٿيا پر زميني کوجنا مطابق هماليه ۽ تبت جا جبل بنڌياچل جي ڀيٽ ۾ بلڪل نوان آهن. ويدن ۾ ڪنهن به جڳهه تي تبت جو ذڪر نه آهي. ديانند سرسوتي لفظ ”تروشٽپ“ جو مطلب تبت ورتو آهي. اهو لفظ گوپٿ برهمڻ ۽ مهاڀارت ۾ به استعمال ٿيو آهي پر ڪنهن به جڳهه تي ان جو مطلب تبت نه آهي.
انهن ٻنهي نظرين کان علاوه عالمن جي اها دعويٰ به آهي ته آريه وچ ايشيا کان هندستان آيا ۽ ويد، وچ ايشيا ۾ رهائش دوران ئي جڙڻ شروع ٿي ويا هئا، جيڪي پنجاب ۾ اچي مڪمل ٿيا. پروفيسر ابناش چندر واس ان نظرئي جو مخالف آهي. هو زميني کوجنا سان ثابت ڪري ٿو ته وچ ايشيا ان وقت پاڻيءَ هيٺ هو، هماليه جو نالو نشان ئي نه هو. راجپوتانه ان وقت سمنڊ هو. اهڙي نموني ويدن جو وطن (رگويدڪ انڊيا) پنجاب آهي.
مهاتما تلڪ جو نظريو آهي ته ويد اتر قطب ۾ جڙڻ شروع ٿيا (آرڪٽڪ هوم ان دي ويدار) هندو يونيورسٽي بنارس جي پروفيسر پراڻ ناٿ جو نظريو آهي ته ويد هندستان جو ڪتاب نه آهي. رگ ويد جو مطالعو ڪرڻ مان پتو پوي ٿو ته ان ۾ جن شهرن، قومن ۽ راجائن جو ذڪر آهي انهن جو تعلق شام ۽ ٻين اولهه جي ملڪن سان آهي. هن السٽريٽيڊ ويڪلي جي ڪيترن ئي نمبرن ۾ پنهنجي مضمون ۾ ثابت ڪيو آهي ته موجوده رگويد جو پنجون حصو شام جي علائقي سان واسطو رکي ٿو، اهڙي نموني ويد بابل ۾ جڙڻ شروع ٿيو ۽ هندستان ۾ اچي مڪمل ٿيو.
[b]ويدن جي تعليم :
[/b] ويدن جي تعليم ۾ انتهائي ظالماڻا حڪم ملن ٿا. منجهن ٻين جي مال ۽ دولت تي نظر رکڻ جي تعليم آهي. عورت جي باري ۾ وڏا ذلت آميز لفظ آهن. ڀڳت رام وڪيل (سيڪريٽري انجمن تحفظ حيوان فيروز پور ڇانوڻي) لکيو آهي ته ”جهڙي نموني وڻ پنهنجي ميوي مان سڃاتو ويندو آهي، اهڙي نموني قومن جي سڀيتا تي انهن جي رسم و رواج جو اثر هوندو آهي. هندو ڌرم ۾ مردن جا حق نهايت احتياط سان سڀني معاملن ۾ محفوظ ڪيا ويا آهن. تمام ڏک جي ڳالهه آهي ته قديم هندو ڌرم ۾ عورتن کي ملڪيت سمجهيو ويندو هو يا هڪ اهڙي هستي جيڪا مرد کان عقل ۽ اخلاق ۾ گهٽ درجو رکي ٿي. انڪري هندو شاسترن جو زور عورت جي فرضن تي آهي حقن تي نه. عورت کي ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين هر قسم جي ڏک سک واري صورتحال کان ويندي معمولي شين کائڻ، پيئڻ، جاڳڻ، سمهڻ، وهنجڻ توڙي ٻاهر جي معمولي ڪاروبار ۾ به مرد جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو. مرد کي عورت جي لاءِ خدا بڻايو ويو آهي. اهڙي نموني هندو معاشري جي جوڙجڪ ۾ عورت جو ڪو به حصو نه آهي.
رگويد جي ڏهين ڪتاب، باب 129 ۾ ڪائنات جي تخليق کان اڳ جي حالت هن ريت بيان ڪئي وئي آهي.
[b]تخليق جو گيت
[/b]1 . ان وقت عدم هو نه وجود.
نه عالم بالا، نه آسمان جيڪو ان کان پري آهي.
ڪهڙي شيءِ سڀني کي کهيريو بيٺي هئي ۽ سڀ ڪجهه ڪٿي قائم هو.
ڇا اهو پاڻي انتهائي عميق ۽ بي انت هو!
2 . ان وقت فنا ۽ بقا جو ڪو به وجود نه هو
هو ”هڪ“ پنهنجو پاڻ ۾ بغير هوا جي ساهه کڻي رهيو هو
۽ ان کانسواءِ ڪا ٻي شيءِ نه هئي.
3 . شروع ۾ تاريخ تي اونداهه ڇانيل هئي
سڀ ڪجهه (ڪائنات) پاڻي ئي پاڻي هو
هو ”هڪ“ خلا ۾ عدم جي پوشاڪ پهريو ويٺو هو
حرارت هن کي پنهنجي طاقت سان پيدا ڪيو.
4 . هن ۾ اولين خواهش ظاهر ٿي
اها خواهش عقل يا روح جو پهريون تخم هئي.
جنهن کي رشين پنهنجي دل ۽ دماغ جي ڪاوش سان معلوم ڪيو ته
عدم ۽ وجود ۾ ڳانڍاپي جو ذريعو آهي.
5 . اها نور جي لاٽ جيڪا ڪائنات ۾ ڦهليل آهي
ڇا اها پاتال مان ظاهر ٿي يا عالم بالا مان!
پوءِ ٻج ڇٽيا ويا ۽ قوتون پيدا ٿيون
قدرت جو ڪارخانو پاتال ۾ ۽ اقتدار ۽ ارادو عالم بالا ۾.
6 . حقيقت جي ڪنهن کي پروڙ آهي؟ ان جو اعلان ڪير ڪري سگهي ٿو؟
ڪائنات (عالم مخلوقات) جي پيدائش ڪٿي ۽ ڪنهن کان ٿي؟
ڇا ديوتا به ان جي ظهور ۾ آيا؟ (يا ديوتا پوءِ جي پيدائش آهن)
ته پوءِ ڪير ڄاڻي ته ڪائنات ڪٿان ظاهر ٿي آهي!
7 . هي عالم مخلوقات ڪٿان ظاهر ٿيو،
اهو به ته اِهو پيدا به ٿيو آهي يا نه؟
هو جيڪو بالا ترين آسمان تان سڀ ڪجهه ڏسي ٿو
هِن حقيقت جو علم صرف ان کي آهي يا شايد اهو به نٿو ڄاڻي!
برهمڻ ان ايشور جو منهن آهي. ايشور جي ٻانهن مان کتري پيدا ٿيا، رانن مان وئش ۽ پيرن مان شودر ۽ زمين ۽ ڪن مان طرف پيدا ٿيا. چنڊ من (دل) مان پيدا ٿيو ۽ اک مان سج پيدا ٿيو. وات مان اندر، باهه ۽ ساهه مان پيدا ٿيا (رگويدڪ منڊل باب 1 9 ، منتر 4 1 -2 1 ).
[b]برهمڻيت يا برهما :
[/b] ويدن جي زماني کانپوءِ برهمڻن کي مذهبي قيادت حاصل ٿي، هنن پنهنجي مذهبي قيادت جي جواز ۾ ڪتاب لکيا جن کي برهمنا چئجي ٿو. اهي ڪتاب هندو مذهب جي نمائندگي نٿا ڪن ڇو ته اهي هڪ خاص طبقي سان لاڳاپيل آهن، اهو به ذاتي غرض ۽ مذهبي پيشوائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ. انهن ڪتابن جي مطالعي مان اهو تاثر پيدا ٿئي ٿو ته برهمڻن کي قديم زماني کان ئي مذهبي مٿڀرائپ حاصل هئي.
[b]برهما جو دور :
[/b] آرين جي گنگا ۽ جمنا جي وچ ۾ آباد ٿيڻ وارو زمانو برهمڻ يا برهمنا سڏجي ٿو. برهمڻ اصل ۾ ويدن جون رسمون ۽ دينيات آهن. برهمڻ جو دور 0 80 ق- م کان شروع ٿي 500 ق- م تي ختم ٿئي ٿو.
ويدن جو زمانو رجائيت ۽ مسرت جو زمانو هو پر برهمڻا واري دور جي شروعات ۾ هندو ذهن تي مايوسي ۽ نااميدي ڇانئجي وئي، ان جو هڪ سبب ته آرين جو پنجاب کي ڇڏي گنگا ۽ جمنا جي علائقي ۾ آباد ٿيڻ هو جتان جي آبهوا گهميل هئي. ٻيو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته هندو آَرين جي مرڪزيت ختم ٿي ننڍين ننڍين خودمختيار رياستن ۾ ورهائجي وئي ۽ اهي رياستون هڪ ٻئي سان ٽڪراءَ ۾ آيون.
ان دور ۾ هندو مذهب زوال جو شڪار ٿيو، ماڻهن ۾ مذهب سان لڳاءُ نه رهيو ۽، ظاهر پرستي عام ٿي وئي هئي. هڪ پيشه ور طبقو جڙي چڪو هو جنهن کي سڀني مذهبي رسمن ۽ عبادتن ۾ پيشوا جي حيثيت حاصل هئي. آريه ديوتائن جو وقار گهٽجي چڪو هو. قرباني جي رسم به ڪليشي بڻجي چڪي هئي. ويدڪ دور ۾ قربانيءَ جو مقصد صرف دنياوي مصيبتن کان نجات حاصل ڪرڻ هو پر هن دور ۾ قربانيءَ جي افاديت ٻي دنيا تائين وسيع ٿي وئي هئي.
منو شاستر ذات پات جي ويڇن کي جنم ڏنو ۽ برهمڻن جي مٿڀرائپ قائم ڪئي. هندو رهنمائن جي راءِ ۾ ملڪ جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ صرف ذات پات آهي. ان جي خاتمي کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. (ايم- سي راجا ميمبر اسيمبلي) ذات پات جي تقسيم هندن جي تباهي جو باعث بڻجي رهي آهي (نارائڻ سوامي دهلي) معاشري جي جسم تي برهمڻ ذات پات ڌپارا ڪيڙا آهن. (سر هري سنگهه ميمبر اسيمبلي) جيڪڏهن اسان هندو قوم کي جيئرو رکڻ چاهيون ٿا ته ذات پات کي ختم ڪرڻو پوندو. (منارڌن ڀٽ ايم اي) هندو قوم کي سمجهڻ گهرجي ته ذات پات جو مسئلو يقينن تباهيءَ جو رستو آهي (لاله لڄپت راءِ ايم اي) ڄم کان پيدا ٿيل اوچ نيچ ڪوڙي ۽ غلط آهي. انسان سڀ برابر آهن (ڀائي پرمانند ايم- اي).
[b]اپنشد:
[/b] ويدن کان پوءِ سڀ کان اهم تحرير اپنشد آهن. اهي ٽن لفظن تي ٻڌل آهن: اپ (ويجهو) ني(هيٺ) شد(ويهڻ) ويجهو ٿي هيٺ ويهڻ، يوني گرو يا استاد جي پيرن ۾،جيڪو شاگرد سان گڏ بحث ۾ هستيءَ جي بنيادي معاملن تي غور ڪري ٿو. سنسڪرت جي ڪتابن ۾ ڪيترن ئي نامعلوم بزرگن جي زباني دانشورانه روايت جو ڏس ملي ٿو ۽ انهن ۾ مختلف مڪتبه فڪر جا بحث ۽ خيال پيش ڪيا ويا آهن. اهڙا تيرهن ڪتاب پنهنجي قدامت ۽ اپنشدي جوهر تي ٻڌل هجڻ ڪري ”بنيادي اپنشد“ قرار ڏنا ويا آهن.
”باطني تعليم“ جي مجموعن ۾ 200 وڌيڪ ڪتاب شامل آهن، انهن کي به اپنشد چيو ويندو آهي پر انهن جو دور وچون آهي. ان کانپوءِ وارين لکتن يوگا جي مشقن، تپسيا، ڳجهارت ۽ ايشور جي مختلف اوتارن جي معاملي ۾ اصلي اپنشدن جي روايت پيدا ڪئي آهي.
هندستاني (هندن جي) فلسفياڻي فڪر جو وسيع بنياد پيدا ڪرڻ وارن ”بنيادي اپنشدن“ کي ويدانت به چيو ويندو آهي. ويدانت جي طور اپنشد ويدڪ مذهبي وظيفن جو حقيقي ۽ لڪل مفهوم پيش ڪندي نظر اچن ٿا. اپنشدن حقيقت ۾ قديم هندومت ۾ هڪ انقلابي تبديلي آندي.
[b]اپنشد ۽ ويد ۾ فرق :
[/b] 1500 ق- م جو انتهائي قديم ڪتاب رگويد 1017 ڀڄنن ذريعي قدرتي ۽ انساني دنيا جي حوالي سان ديوتائن کي ڏنل وظيفا بيان ڪري ٿو. الوهي طاقت ۽ فضيلت جو اعتراف ڪرڻ لاءِ ويد انسانيت کي ”يگيه“ يعني عبادت ۽ اطاعت جو درس ڏين ٿا.
اپنشدن ۾ ديوين ديوتائن کي ٻاڏائڻ بدران واحد ڪائناتي سچائيءَ لاءِ شديد جستجو نظر اچي ٿي جيڪا وجود جو وهڪرو جاري رکندي آهي. اپنشدن ۾ فڪر جي تبديلي يونان ۾ سقراط کان اڳ هومر جي ڪثرت پرستي واري متضاد هڪ ڪائناتي اصول جي سوچ سان هڪ جهڙائي رکي ٿي. اپنشد اصل ۾ تبديل ٿيندڙ شين ۾ غير تبديل ٿيندڙ جي دريافت ڪندي آرنيڪا اپنشد جي هن ڀڄن جي تشريح ڪن ٿا ته ”مونکي غير حقيقي کان حقيقي، اونداهيءَ کان روشني ۽ موت کان ابديت ڏانهن وٺي هلو.“
اپنشدن جي رسوماتي مذهب خاص ڪري ويدن جي هن دعوا تي تنقيدي مواد موجود آهي ته زهد ۽ تقويٰ جي هاڻوڪن طريقن ۽ رسمن سان حتمي نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. حقيقت ۾ ويدڪ رسمون پنهنجو پاڻ کي سمجهڻ کان روڪي هن سمجهه ۾ ايندڙ دنيا ۾ وڌيڪ ڦاسائڻ جو باعث بڻجن ٿيون. اپنشد دنيا کان ٻاهر حرڪت ڪرڻ بجاءِ ذات اندر سفر ڪرڻ جي هدايت ڏين ٿا. ويدڪ تعليم ڪائنات جي زندگيءَ جي سگهه ۾ لڪل هئي، جڏهن ته اپنشد انساني موضوع ڏانهن ڀرپور رجوع ۽ جهڪاءَ سان گڏ انساني شعور ۽ ذات جي سڀني عملن کي پرجوش طريقي سان پيش ڪن ٿا. اهڙن عملن جي ذريعي خود شناسي حاصل ڪرڻ وارو ماڻهو اهو محسوس ڪري ٿو ته انسان جي شديد ترين تمنا مقصد ۽ ارادي جي لاءِ آهي. انسان جي بيچينيءَ جو خاتمو مستقل سڪون ۽ راحت ۾ آهي. جنهن دنيا ۾ نظر اچڻ واري هر شيءِ فاني هجي، اتي ڳولا وارو ماڻهو محدود ۾ لامحدود يا اضافيءَ ۾ مطلق جي خواهش ڪندو آهي. سڀني اپنشدن جي متن ۾ ان آرزو جي تڪميل کي ”ايشور“ چيو وڃي ٿو.
اپنشد اصل ۾ تصوف آهي. هر مذهب ۾ ان جي ظاهري رسمن مان تصوف جي روايت اڀري ٿي، يعني مذهبي رسمون ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهن. جڏهن ته تصوف پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ جو نالو آهي. ظاهري رسمن جو ڪو به فلسفياڻو بنياد نه هوندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو تصوف مذهب ۾ فلسفياڻي عنصر جي حيثيت رکندو آهي ۽ اهو مذهبي پيشوائيت جي ابتڙ آهي.
[b]ايشور (خدا)
[/b] ويدن ۾ ايشور (خدا) جو تصور منترن، مناجاتن، دعائن ۽ علم جي تصور سان جڙيل آهي. اهڙي نموني اهو اصطلاح پروهتن جي طبقي ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جن کانسواءِ ڪوبه ويدڪ يگن جا طاقتور منتر نٿو ڄاڻي. يگن کان هٽي ڪري رياضت ۽ تپسيا ڏانهن اپنشدي رجحان جي تبديلي ”ايشور واري“ اصطلاح جو مفهوم پڻ پروهتن جي وظيفن ۽ ان جي طاقت سان گڏ تبديل ڪري ڇڏيو، جيڪا تخليق ڪندي، قائم رکندي ۽ سموري ڪائنات تي قادر ۽ حڪمران آهي. سموري مخلوق وانگر ديوتا پڻ هڪ قادر مطلق يعني پرميشور جي ماتحت آهن. (پرميشور جو لفظ پرم ۽ ايشور جو مرڪب آهي، پرم جي معنيٰ اعليٰ، خاص ۽ آخري آهي، جڏهن ته ايشور مالڪ ڪُل آهي) هيءَ ڳالهه رگويد ۾ هيئن بيان ڪئي وئي آهي ته ”اهو جيڪو اڪيلو وجود آهي، مختلف حڪمت ڀرين نالن وارو آهي.“
ڄار اُڻندڙ ڪوريئڙي وانگر، جيڪو پنهنجي اندر جو لعاب ڪڍي ڄار اُڻي ٿو، يا چڻنگون پيدا ڪرڻ واري باهه وانگر ايشور سموري موجودات جو ماخذ آهي. هو عارضيءَ (فاني) کي تخليق ڪرڻ وارو دائمي آهي. گهڻن جو واحد سرچشمو جيڪو سمنڊ وانگر بي شمار لهرون پيدا ڪري ٿو. پنهنجي اظهار جي محرڪ قوت قادر مطلق جو جوهر آهي، هو لازمي عمل آهي جيڪو ڪائنات جي سڄي قوت حيات ۾ موجود آهي.
ڪائنات جي تخليق کانپوءِ ايشور سڀني موجودات کي پاڻ ڏانهن مائل ڪري ٿو ۽ قائم رکي ٿو. ايشور فنا جو باعث به آهي، هر شيءِ ايشور ۾ سمايل آهي. ايشور حقيقت جو گهرو ترين جوهر ۽ سموري ڪثرت ۾ جلوه گر آهي.
ايشور هر شيءِ ۾ سمايل هجڻ جي باوجود سڀني موجودات کان بلڪل مٿانهون آهي (وحدت الوجود جي ابتڙ) ڇو ته اهو ئي ان جو سرچشمو ۽ پڇاڙي آهي. ڇاندوگيه اپنشد جي لفظن ۾ ايشور ”شڪل وارو ۽ غير شڪل وارو، فاني ۽ لافاني، مستقل ۽ عارضي، موجود ۽ وجود کان مٿانهون آهي.“
قادر مطلق زمان ۽ مڪان جي بندشن کان آزاد ۽ قدري علت آهي، هو لازوال نظر نٿو اچي پر سڀ ڪجهه ڏسي ٿو. هو سڀ شيءِ جو فهم رکي ٿو، جڏهن ته سڀ ان کي سمجهڻ ۾ ناڪام آهن. لامحدود ايشور کي محدود توانائين جي ذريعي نٿو حاصل ڪري سگهجي. اسان جي زمان ۽ مڪان جون عقلي ڪيفيتون ۽ علتون قادر مطلق جي آڏو حقير آهن. ايشور زمان ۽ مڪان ۽ علت سان واسطيدار هوندي به انهن حدبندين ۾ قيد نه هوندو آهي. سموري تجرباتي ۽ حسياتي علم جي باقيات ۽ اهڙي نموني تخليق جي کوجنا ۽ جستجو مان اعليٰ ترين توثيق اها ئي ٿي سگهي ٿي ته ايشور ”اهو ناهي!“ ”اهو ناهي!“- پر اپنشد قادر مطلق جي باري ۾ ڄاڻ نه هجڻ کي تسليم نٿا ڪن. اپنشرن جو چوڻ آهي ته ايشور جي ادراڪ جي بهترين واٽ پاڻ سڃاڻڻ آهي.
[b]ايشور جي آتما، روح يا انساني ذات واري حيثيت:
[/b] ڪائنات جو قادر مطلق ايشور ذات يا روح جو بنياد به آهي يعني ايشور ۽ روح هڪ آهن. برسيه آرنيڪا جو مشهور قول ”مان ايشور آهيان“ ان ڳالهه جي توثيق آهي ته فرد ۽ ڪائنات ٻئي مطلق خدا جو عڪس آهن، سڄي وجود جو بنيادي اصول بني نوع انسان ۾ ملندو. ٻاهر جو لامحدود ۽ عظيم اسان جي اندر جو لامحدود ۽ عظيم آهي. وسيع پئماني تي ڪائناتي نظم و ضبط ننڍڙي پئماني جو قاعدو به آهي. هندو مت اپنشدن جي ذريعي ان ڳالهه جي توثيق ڪري ٿو ته هر انسان جي لاءِ انساني حياتيءَ ۾ موجود ڪامل انسانيت ۽ الوهيت حاصل ڪرڻ ممڪن آهي.
قديم هندستان جا بزرگ فطرت، انسانيت ۽ الوهيت جي وچ ۾ ٻيائيءَ جو پرچار نه ڪندا هئا. اپنشدن ۾ وحدانيت جو تصور هي آهي ته ڪائنات جي پُرجهه پروڙ ۽ مسرت ۾ ايشور ئي نظر اچي ٿو. ”تت توام اسي“ (تون ئي تون) اڪثر دهرائجندڙ اهو منتر انفرادي ڪردار جي پست درجي کان هم گيريت جي اعليٰ درجي تائين سوچ جي حرڪت کي ظاهر ڪري ٿو.
ان منتر ۾ ايشور نج سچائي ۽ خالص شعور آهي ته پوءِ ذات جي شعور مان حاصل ٿيڻ واري هر شيءِ هڪ حد تائين ايشور جو احساس آهي. جڏهن ڪو ماڻهو دوربينيءَ جي عمل ۾ ذات کي ڄاڻي ۽ ان کي پروڙي به رهيو هجي ته ان وقت آگهي ۽ هستي هڪ ئي قادر مطلق جو ناقابل امتياز پهلو آهي. اصل ۾ سچائي (حق) ڄاڻڻ خود سچائي بڻجي وڃي ٿو، ڇو ته شعوري الوهيت ذات جو جوهر آهي. اهڙي نموني خود شناسي خاص ڪري وجداني يا الهامي خود آگهي انسان کي قادر مطلق جي گهراين تائين وٺي وڃي ٿي. ڇو ته روح ايشور آهي. هستيءَ جي اها بصيرت سڄي حقيقت جي وحدانيت کي محسوس ڪرڻ ۾ معروض ۽ موضوع جي ٻيائيءَ تي غالب اچي وڃي ٿي. هڪ اپنشدي نظريو هي آهي ته ” پوري وجود جي خبر تصور تي ٻڌل عقل جي تجلي ۽ عقل سان ئي پوي ٿي.“
اپنشد روح ۽ ايشور جي تعلق کي”پرش“ جي اصطلاح ۾ بيان ڪري ٿو. پرش جو مطلب انفرادي خود آگهي، انا، شخصيت ۽ بدن وارو ڪو مخصوص شخص آهي. زبردست قوت سان گڏ پنهنجي ذات کان مٿانهون هجڻ جي معاملي ۾ پرش کان ايشور جي روح ۾ وڃڻ، انا کي ٻي انا ۽ خدا کان جدا ڪرڻ وارين ذاتي حالتن تي غالب اچڻ آهي، ڪو به ماڻهو صرف ان طريقي سان ئي برئين/ اواگون جي چڪر کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو.
[b]اپنشدن جو مقصد: مايا کان نجات
[/b] ايشور نه صرف مطلق قوت ۽ ڏاهپ آهي پر ڪامل روحاني مسرت ۽ هر نيڪيءَ جو جوهر به آهي. ڪو به ماڻهو هِن ڪري ڏک ڀوڳي ٿو ڇو ته جنهن جي هو ڳولا ۾ آهي، اهو مڪمل طور الوهي نه آهي. سڀني اپنشدن جي پس منظر ۾ سڀ کان وڏ مسئلو زندگيءَ جي سڀني برائين ۽ ڏکن ڏاکڙن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي جدوجهد آهي. ڇوٽڪارو يا نجات (موڪشا) مايا (سراب) سان گڏ سڀني رڪاوٽن کي ختم ڪري قطعي روحاني مسرت سان تعلق جوڙڻ آهي.
مايا (ظاهري دنيا) قادر مطلق کي لڪائڻ وارو پردو آهي. مايا ان لحاظ کان سراب نه آهي ته محدود جو وجود ئي ڪونهي بلڪه بجاءِ اِن جي هِن ڳالهه جو فريب آهي ته محدود (يعني ظاهري ڪائنات جي هر شيءِ) اصلي هجڻ جي باوجود حقيقت جي حقيقت نه آهي. ان مطابق سڄو وجود (ڪائنات ۽ ان جي هر شيءِ) ايشور مان ظاهر ٿي ۽ مايا خدا کي پاڻ کان لڪائڻ آهي. اپنشد ان ڳالهه جي کوجنا نٿا ڪن ته خدا پنهنجي چهري تي پردو ڇو وڌو آهي، پر هو صرف ان جي توثيق ڪن ٿا ته سڀ وجود الوهي جلال کي ظاهر ڪن ٿا ۽ ان سان گڏ جلال جو جوهر ڳجهو به رکن ٿا. مطلق ڪامليت جي ڪسوٽي مطابق جيڪو ڪجهه به ايشور نه آهي اهو غير ڪامل آهي ۽ ان کي مايا يعني پاڇولو ۽ سراب قرار ڏنو ويو آهي. مايا وجود رکندي آهي، پر اها پنهنجي اندر عدم وجود رکي ٿي. انهن فريبن ۽ دوکن جي جستجو ... مثال : دولت، اقتدار يا خوشين جي خواهش ڪرڻ جي صورت ۾، مايا ۾ ڦاسائي ٿي. اهڙي نموني ڪنهن لاءِ پنهنجي انا کي جدا ڪرڻ به مايا آهي. ابديت کان محدوديت ڏانهن وڃڻ جا اهي سڀ قدم زندگيءَ کي لاعلمي ۽ ڏک پهچائين ٿا.
[b]ڪرم ۽ تناسخ يا جُوڻ مَٽ روح جو قانون
[/b] هندومت ۾ ايشور سڄي انسانيت کي انسان جي مرضيءَ مطابق پاڻ ڏانهن گهرائي ٿو. جيڪو ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪامل بصيرت حاصل ڪري ٿو وٺي، اهو تناسخ جي عمل کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ٿو، نه ته ٻيهر ڪنهن ٻئي روپ ۾ پيدا ٿي ڪامل بڻجڻ جي جدوجهد کي جاري رکڻ جي لاءِ مايا ۾ واپس اچڻو پوي ٿو.
”ڪرم“ جو مطلب آهي عمل. ڪرم ئي ٻيهر جنم وٺڻ جو سبب آهي. ڪرم جي دعويٰ آهي ته اسين جيڪو ڪجهه پوکيون ٿا اهو ئي لڻڻو پوندو. تناسخ جو نظريو ڏک جي واضح غير منصفاڻي ورهاست جي وضاحت ڪري ٿو. اپنشدن مطابق هر هر ڄمڻ جو ڏک باطن کي سڌارڻ جي لاءِ آهي جيڪو ڏکويل کي مايا جا سڀ ٻنڌڻ ٽوڙڻ جي دعوت ڏئي ٿو. سڀ کان اهم ڳالهه هي ته ڪرم جو قانون ان ڳالهه جي دعويٰ آهي ته سموري ڪائنات تي هڪ همه گير اخلاقي قانون نافذ آهي جيڪو عمل ڪرڻ واري حقيقت جي سڀني همه گير قانونن جهڙو آهي. سڀني واقعن جو ڪو نه ڪو مقصد هوندو آهي، جيئن ڪٿ اپنشد ۾ چيو ويو آهي ته ”جيڪو آگهي حاصل نٿو ڪري، جيڪو غافل ۽ گنهگار آهي، اهو ڪڏهن به مقصد حاصل نٿو ڪري سگهي پر روحن جي جُوڻ مَٽ جو شڪار ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته آگهي حاصل ڪرڻ وارو آگاهه ۽ هميشه پاڪ رهڻ وارو ان منزل مقصود تائين پهچي وڃي ٿو، جتان ٻيهر جنم نٿو وٺڻو پوي.“
اهڙي نموني ڪنهن فرد جو مقدر عقل ۽ عزم سان ٺهندڙ ڪردار تي منحصر آهي، ڇو ته هر شيءِ علم (وديا) ۽ عمل (ڪرم) تي ٻڌل آهي، اهڙي نموني روح کي ڄاڻڻ وارو شخص ڏک تي قابو پائي ويندو آهي. ( ڇاندوگيه اپنشد) حتمي ڇوٽڪاري جي حالت ۾ انفراديت جون ذاتي حدون به ختم ٿي وينديون آهن. جدا ذات جي ان آخري فريب کي اورانگهڻ، جتي بي زماني زمان جي جڳهه وٺي ٿي، يوگ جو مقصد آهي.
[b]يوگ ۽ عملي تصوف
[/b] آگهي کي حاصل ڪرڻ، ”اپنتا“ ۾ ”لا اپنتا“ کي ڄاڻڻ لاءِ مشق جي ضرورت آهي. نفسي لذت، آرزو ۽ انفراديت جي دنيا کان پاسو ڪرڻ لاءِ باقاعده مشق انٽر آهي. يوگ لفظ جو ماخذ ”يج“ آهي جيڪو جڙڻ يعني نظم و ضبط ۽ ملائڻ يعني ايشور سان الحاق، ٻِئي مفهوم ڏئي ٿو (يوگ جو تلفظ جوگ به آهي جنهن مان يوگي ۽ جوڳيءَ جا لفظ جڙيا. يوگ ”دل ۽ عقل“ کي گڏ ڪري حقيقت تائين پهچڻ جو عمل آهي ۽ فلسفي، ذات مطلق جي عبادت، اطمينان مشق ۽ رياضت جو نالو آهي. يوگي اطمينان ۽ رياضت سان جسماني ضابطي جي ڪيترين ئي مشقن ذريعي پنهنجي ذات کي ٻاهرين دنيا کان الڳ ڪرڻ جي جدوجهد ڪندو آهي. يوگي پنهنجي باطن ۾ ذات جي اندر جهاتي پائي جذبن ۽ احساسن، لذت جي خواهش ۽ ان خواهش ۾ ان حد تائين گهرو هليو ويندو جتي سڀ تجربا گڏجو وڃن. يوگ جي مشق جو مقصد مايا کان مڪمل پاسو ڪرڻ ۽ روح ۾ ڀرپور طريقي سان سمائجڻ آهي. اهي مشقون فڪر ۽ ذات تي لاڳو زمان، مڪان ۽ انا جي تنگ حدن کي وسيع ڪرڻ جي ڪوشش آهن، ايستائين جو سڀ ڪجهه بي مثال اڪيلي مطلق خدا ۾ تحليل ٿيندي نظر اچي ٿو. مطلق خدا جيڪو سڀني هستين کان مٿاهون آهي. يوگ هن تهه در تهه ڪائنات جي فريبن جي فنا واري منزل تائين پهچڻ جي جستجو آهي. ان ڪري اپنشد هڪ بي خواب ننڊ جي تجربي کي عام جاڳيل شعور جي تجربي کان مٿاهون ڄاڻائين ٿا.
[b]اپنشدن جو اخلاقي ضابطو
[/b] بهرحال اسان کي مايا ۽ فريب جي دنيا ۾ جاڳندي رهڻو پوي ٿو، انڪري اپنشد زندگيءَ جي سفر ۾ پنهنجي عملن جي نوعيت جي حوالي سان رهنمائي ڪن ٿا. اپنشدي ضابطه اخلاق جو مثالي تصور هي آهي ته ذات جي تڪميل ذات جي خود غرضيءَ تي مڪمل ضابطي کانپوءِ ئي حاصل ٿيندي آهي. اپنشدي اخلاقيات اندروني تحريڪ ڏانهن ڌيان ڏئي ٿي ڇو ته عمل جو ٻج نيست آهي. اهڙي نموني عمل جو معيار ڪنهن شخص جي اندر جي پاڪائي ۽ خواهشن کي ترڪ ڪرڻ جي شدت مان ڄاتو ويندو آهي. ڪفايت شعار، پارسا، يقين ۽ علم جي ذريعي روح جي ڳولا ڪرڻ وارا، واپس نه ايندا آهن. (پرشن اپنشد) ذات جي نفيءَ سان اهي ماڻهو مهربان، باعمل، تشدد کان پري ۽ رحم ڪرڻ وارا هوندا آهن. پاڙيسرين سان به پنهنجي ذات وانگر محبت ڪرڻ جو بائبلي درس اپنشدن ۾ اپنشدي مابعد الطبعيات جو بنياد آهي، صحيح معنيٰ ۾ ذات پاڙيسري ئي آهي، ڇو ته ٻنهي جو ماخذ روح ئي آهي. پاڻ کي ڪنهن ٻئي کان جدا سمجهڻ ۽ ڊيڄارڻ پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏيڻ آهي.
ڪنهن فرد جي فرضن يا ذميدارين جو دارومدار سندس زندگيءَ جي حالت ۽ ڪوشش (آشرم) تي آهي. اپنشد مونجهاري جي چئن مرحلن جي نشاندهي ڪن ٿا، جتان خود غرضيءَ جون پاڙون آهستي آهستي اکڙن ٿيون.
1 - شاگرد طور پنهنجي استاد جي تعظيم ۽ فرمانبرداري ڪري پنهنجي غرور تي غالب اچڻ.
2- گرهستيءَ (دنيوي زندگي) ۾ ماءُ ۽ پيءُ پاڻ ۾ توڙي ٻارن جي لاءِ پالنا ۾ خود مرڪزيت جو جذبو ختم ڪن (يعني اهي پاڻ کي ٻارن کان مٿاهون نه سمجهن ۽ ٻارن تي پنهنجي مٿڀرائپ کي ترجيح نه ڏين).
3 - پوڙهائپ ۾ خانداني فرضن کان پاسيرو ٿي رياضت ۽ عبادت جي لاءِ اڪيلائي اختيار ڪرڻ.
4 - موت کان پهرين آخري مرحلي ۾ سنياسي بڻجي ان سموري محدود دنيا جو تجربو ڪرڻ کانپوءِ ان کي مڪمل طور تياڳي پارسائي، غربت، صداقت ۽ درد منديءَ جون اخلاقي فضيلتون ۽ اخلاق ۾ ڪمال لاءِ جستجو ڪجي. ان جو مقصد مايا کان سمورو تعلق ٽوڙي سنسار تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ آهي، ان جو مطلب آهي لڳاتار هڪ حالت کان ٻي حالت ۾داخل ٿيندو رهڻ (هر هر پيدا ٿيڻ جي سلسلي ۾ آواگون (تناسخ) زندگيءَ لاءِ جنجال دنيا آهي).
[b]اپنشدن جو اثر
[/b] جُز ۽ ڪُل جي وچ ۾ تعلق ۽ ان جو مطلب سمجهڻ لاءِ اپنشدن جي دليلن پنهنجي دور جي عوام کي وسيع پيماني تي متاثر نه ڪيو (تصوف وانگر) هوندو. پروهتي (مذهبي پيشوائيت)، يگون (قربانيءَ جون رسمون) ۽ ذات جي نظام جي قوت اڪثريت ۾ بدستور قائم رهي. اپنشدن جو اعليٰ پائي جو تصوف، عوام ۾ وڌيڪ مقبول ديومالائي ڪهاڻين جو مقابلو نه پيو ڪري سگهي. ويدن جي ڪثرت پرستي (بي شمار ديوتائن جو نظام) اپنشدن جي وحدانيت (توحيد) پرستي کي جاءِ ڏيڻ واري معاملي ۾ ٻڏتر ۾رهي. اهڙي نموني ٻڌمت کي ويدڪ ڪثرت پرستيءَ جي روايت جي خلاف بطور عوامي احتجاج وڌيڪ ڪامياب قرار ڏئي سگهجي ٿو.
اپنشدن جي فوري عوامي اثر گهٽ هجڻ جي باوجود، انهن گهڻو ڪري ڏکڻ ايشيائي فڪر جي سرچشمي جي حيثيت سان فلسفيانه ۽ مذهبي خيالن جي تاريخ تي تمام گهڻا ۽ ڏور رس اثر ڇڏيا. حاضر ۾ غائب جي ڳولا ڪرڻ کان پوءِ واريو ن سموريون ڪوششون اپنشدن جي روايت سان لاڳاپيل هيون. پوءِ واري مذهبي ادب ۾ خالق، قائم رکڻ ۽ فنا ڪرڻ واري جي حيثيت ۾ ايشور جو تصور وشنو ۽ شِوِ جي نالن ۾ سمائجي ويو. روح جي ثابت قدمي ۽ لافانيت کي رد ڪرڻ وارو ٻڌمت به ذات جي تڪميل، مايا جي تياڳ، خواهشن ۽ خود پرستيءَ جي جذبن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اپنشدي روايت جي پوئواري ڪندي نظر اچي ٿو. جين مت جي بي انتها تصوف جو سلسلو به نفساني لذتن جي معاملي ۾ اپنشدي لاتعلقيءَ جو ٻيو رخ آهي. بعد ۾ اچڻ وارن يوگي نظامن پنهنجي اپنشدي ماخذ کي ڪائنات جي اتحاد ۽ سالميت جي سڀني تصورن جي حيثيت ۾ ڏٺو.
ڀڳوت گيتا (چوٿين صدي عيسوي) جنهن کي اپنشدن جو خلاصو تصور ڪيو وڃي ٿو، مطلق خدا کي ذاتي ۽ مجسم طور تي پيش ڪري ٿي. گيتا ۾ هڪ اپنشدي چوڻي آهي ته ”پنهنجي ذات ۾ پنهنجي دشمن کي سڃاڻو.“ (يعني نفساني خواهشن کي جيڪي انسان جون دشمن آهن) انهن سڀني نظامن ۾ ذات جي تڪميل ۽ پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ ڇوٽڪاري جي چاٻي آهي. قول ۽ فعل حتمي ڇوٽڪاري جي معاملي ۾ حقيقي اهميت رکن ٿا. بردباريءَ واري جذبي جو ماخذ پڻ ويد جي روايت جي اپنشدي روحاني ڪيفيت کي قرار ڏئي سگهون ٿا ڇو ته سڀني مذهبي ڳالهين جو قدرو قيمت هِن ڳالهه ۾ آهي ته اهي انسانيت کي ”لافاني“ جي ڳولا ۾ مدد ڏين ٿيون.
[b]شنڪر آچاريه ۽ اپنشد
[/b] نائين صدي عيسويءَ ۾ اپنشدن جو اثر تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري ويو. حقيقت ۾ انهن کي هندو صوفي عالم شنڪر آچاريه (780کان 820 عيسوي) جي ڪوشش سان ڄڻ نئين زندگي ملي. هن اپنشدن جي بنيادي خيالن جو باقاعدي هڪ اصول تحت لکت ۾ جائزو پيش ڪيو. سندس تحريرن جي غير ثنائي (Non Dual) ڪردار جي ڪري انهن تي ادويت (توحيد) جو ٺپو لڳي ويو. ادويت جو مطلب وحدت ۽ هيڪڙائي آهي. شنڪر آچاريه مادي ۽ روح جي برابر حيثيت کي رد ڪيو هو (يعني مادي جي نفيءَ کانپوءِ صرف روح ئي بچي ٿو) ۽ اهو روح خدا جي هستي (ايشور) جو پاڇو آهي. شنڪر جي تبصرن دنيا جي حوالي سان اپنشدن جي رياست پسنديءَ کي واضح ڪيو پر حتمي ڇوٽڪاري جي معاملي ۾ هن رجائيت پسنديءَ جو اظهار ڪيو (جيئن اسلامي تصوف جي سلسلي ۾ به آهي) هيءَ روايت هندو مت ۾ بدستور بنيادي حيثيت رکي ٿي.
[b]فلسفياڻو فڪر
[/b] هندو فلسفي جو سرچشمو ويد ئي آهن. ويدن جي تفسير ۾ ٻه گروهه بڻجي ويا. هڪڙا صرف عمل يعني عبادت ۽ رسمن جي ادائگيءَ جا قائل هئا ۽ ٻئي گروهه فلسفياڻي فڪر کي اڳتي وڌايو، ان فڪر جا تقريبن 6 حصا آهن، انهن جو مختصر تعارف هيٺ ڏجي ٿو:
1 - نيايا فلسفو: ان جو باني گوتم آهي، جيڪو هڪ فلاسافر ۽ مفڪر ٿي گذريو آهي، جنهن جي تصنيف نيايا سوترا (Nayaya Sutra) آهي جيڪا پنجن جلدن ۾ آهي. نيايا منطقي مذهب آهي جنهن تي مابعد الطبعيات جو اثر آهي، انڪري ان جي پوئلڳن لاءِ منطق جي تعليم لازمي آهي ته جيئن انسان پنهنجي عملن جو حساب ڪري برن ڪمن کان محفوظ رهي ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي. ان فلسفي مطابق صرف تخيل ۽ عارفانه رغبت سان حقيقت تائين نه ٿو پهچي سگهجي، ان ڪري حقيقت تائين پهچڻ لاءِ هيٺين وسيلن جي ضرورت آهي: (1) پنج حواس. (2) سڃاڻڻ جي طاقت. (3) ڏاهپ ڀري گفتگو.(4) هڪجهڙين شين ۾ ڀيٽ.
محسوسات ٻن قسمن جون آهن، ڪجهه محسوسات ظاهري عضون سان ڄاتيون وينديون آهن جيئن اک، ڪن ۽ نڪ وغيره. ڪجهه محسوسات باطن نفس سان تعلق رکن ٿيون جن کي باطني عضون سان سمجهيو ويندو آهي، مثال : نفرت، خوشي يا ڏک ۽ معرفت وغيره. نيايا جي ڏانهن عالمن جا تخليقي مسئلا هي آهن. زندگي، نفس، پنج حواس، ڏک ۽ خوشيءَ جي احساس جو نتيجو، هر قسم جي ڏکن کان ڇوٽڪارو. هر شخص کي مستقل جان حاصل آهي جيڪا ناقابل فنا آهي ۽ زمان مڪان کان آزاد آهي.
هي فلسفو خدا کي مسبب الاسباب ۽ نگهبان سمجهي ٿو. اهو ئي شين کي تباه ۽ برباد ڪرڻ وارو آهي پر اهو خدا ڪنهن شيءِ کي عدم کان وجود ۾ نه ٿو آڻي پر موجودات کي صرف ترتيب ۽ صورت ڏئي ٿو. جان جوهر آهي جنهن جي صفت علم يا عقل آهي، جڏهن جان جو نفس سان تعلق پيدا ٿئي ٿو ته ان تي علم جي روشني پوي ٿي. نفس علم جي روشنيءَ سان زنده ٿي وڃي ٿو ۽ حواسن کي روشن ڪري ٿو. حواس نفس جي نور سان روشن ٿي ويندا آهن ۽ شين کي تاباني بخشيندا آهن.
[b]وليشڪا جو فلسفو
[/b] دينيات ۾ ان جو موضوع طبعيات آهي. ان ۾ مادي ۽ روح جو فرق تسليم ڪيو ويو آهي. مادو غير فاني، غير مرئي، بي صورت ۽ ذرڙن تي ٻڌل آهي. انهن جي جڙڻ سان ئي ڪائنات جي تخليق ٿي آهي. برهم قيامت جي ڏينهن هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويندا دنيا تباهه ٿي ويندي آهي، ڪن ماڻهن ان کي نيايا فلسفي جو هڪ حصو ڄاڻايو آهي.
ان فلسفي جي شرح الوڪا ڪناڊا (Kanada) پنهنجي تصنيف وليشڪا سوترا ۾ ڪئي آهي، اهو ڪتاب 10 جلدن تي ٻڌل آهي.
وليشڪا ۽ نيايا ان ڳالهه تي متفق آهن ته انساني مصيبتن ۽ تڪليفن جو سرچشمو جهالت آهي. جيڪڏهن انسان جهالت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ته مصيبتون پاڻمراديون ختم ٿي وينديون.
ڄاڻايل ٻنهي فلسفن ۾ فرق اهو آهي ته نيايا ۾ عقل جا ذريعا چار آهن ۽ وليشڪا ۾ ٻه آهن يعني ادراڪ ۽ استدلال. ادراڪ پنجن حواسن جي زيور سان ۽ استدلال سڃاڻڻ جي طاقت سان حاصل ٿيندو آهي. نيايا ۾ چئن عنوانن تي بحث ڪيو ويندو آهي پر وليشڪا ۾ ٻن تي بحث ڪيو ويندو آهي، اهي هيٺ ڏجن ٿا.
جوهر پنهنجي ذات ۾ مستقل آهي، ان ۾ فعل لڪل هوندا آهن. جيڪڏهن جوهر نه هجي ته عرض ۽فعل به نه هوندا آهن. جوهر نَوَن قسمن جا آهن: (1) مٽي (2) پاڻي (3) روشني (4) آسمان (5) هوا (6) زمان (7) مڪان 8 - جان 9 - نفس.
[b]سانکيه فلسفو
[/b] هي فلسفو سڀ کان پراڻو آهي. اٽڪل 800 ۽ 550 ق- م جي وچ ڌاري متعارف ٿيو. ان فلسفي جو باني ڪپيلا نالي فلاسفر آهي سندس تصنيف جو نالو تت وسماس (Tat Aivasmas) آهي، جيڪو تمام مختصر آهي، انڪري ڪپيلا پاڻ ان جي شرح لکي آهي. ان کانپوءِ سندس شاگرد آسوري (Asuri) ۽ آسوريءَ جي شاگرد پنڪا سيکا (Pancasikha) ان جي شرح لکي. هي نظام گوتم ٻڌ ۽ مهاوير جي فلسفي کان اڳ ظاهر ٿيو. سانکيه فسلفو ڪائنات کي ٻن مستقل جزن ۾ ورهائي ٿو (1) روح يا پروشه (2) پراڪرتي يعني اها قوت جيڪا عام ماديت جو سبب آهي.
سانکيه اها تعليم ڏئي ٿو ته روح تمام گهڻا آهن ۽ هميشه جدا رهندا آهن. ان ڪري هن فلسفي کي انفراديت جو فلسفو به چوندا آهن. پروش (روح) غير ظاهري آهي، انڪري پراڪرتي (مادي) وانگر ظاهر نه ٿو ٿئي، اهڙي نموني بي حس مادي جون شيون روح کان بهتر رهنديون آهن انڪري اهي حس واريون ٿي وينديون آهن ۽ غير عامل روح عامل لڳندو آهي.
مادو ٻن قسمن جو هوندو آهي: هڪڙو اعليٰ، هم جنس ۽ هڪجهڙو ۽ ٻيو معمولي، تبديل ٿيڻ جوڳو، ۽ تابع هوندو آهي، اعليٰ ان جي ابتڙ آهي.
سانکيه نتيجي کي علت کان جدا نٿو ڄاڻي. هو چوي ٿو ته علت نتيجي جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي. سبب ۽ نتيجا گهڻا ئي آهن. جتي هي سلسلو ختم ٿئي ٿو اتان سببن جو نتيجو جسمانيت مان نڪري قوت بڻجي ويندو آهي جنهن کي مادو چون ٿا. ڪارڻ ۽ عمل يا زندگيءَ جي جوهر جو سلسلو روح ۽ مادي سان جڙيل آهي. روح نه علت آهي نه معلول، صرف علم آهي جيڪو مادي سان لاڳاپي ۾ آهي. روح جو مادي سان واسطو روح جي اونداهين کي علم جي نور سان روشن ڪري ٿو ۽ مادي ۾ حرڪت پيدا ٿئي ٿي. ان حرڪت جو نتيجو شين جي تخليق ۽ ڪائنات جو ظاهر ٿيڻ آهي. مادي ۾ ٽي صفتون آهن: (1)ستوه (Sattava) (2 رجس (Rajas) (3)تمس (Tamas)
ستوه جسم کي روشني ۽ مسرت ڏئي ٿو، رجس شين کي متحرڪ ڪري ٿي ۽ تمس نفس تي جمود طاري ڪري ٿو. اهي ٽيئي صفتون هر جسم ۾ موجود آهن. جڏهن ستوه رجس ۽ تمس تي غالب اچي وڃي ته انسان نيڪ بڻجي ويندو آهي، جيڪڏهن رجس غالب اچي وڃي ته شجاعت ۽ حرڪت پيدا ٿيندي آهي ۽ جيڪڏهن تمس غالب اچي وڃي ته انسان تي جهالت، غفلت ۽ جمود طاري ٿي ويندو آهي. ٽيئي هڪ ٻئي جي لاءِ لازم ملزوم آهن پر جدا به آهن. جيستائين ٽيئي صفتون پيدا نه ٿين روشني پيدا نه ٿيندي. درياءَ جي لهرن وانگر ڪڏهن هڪ لهر مٿي اچي ويندي آهي ڪڏهن ٻي لهر. دنيا جي حرڪت مٿاهين ۽ هيٺاهين انهن سان ئي ٻڌل آهي. انهيءَ فلسفي ۾ روح ۽ مادو به مستقل حقيقتون آهن ۽ ٻئي ازلي ۽ ابدي آهن ۽ پاڻ ۾ هم شڪل ۽ هم جنس آهن. انهن جو پاڻ ۾ قرب مادي زندگي ۽ پري رهڻ موت آهي. سانکيه فلسفي ۾ خدا جو تصور تمام اهم آهي. ڪي چون ٿا ته توڙي جو خدا خالق نه آهي ته به مخلوق جو محافظ ۽ نگهبان ضرور آهي. هي فلسفو روح کي حقيقي، ابدي ۽ ازلي قرار ڏئي ٿو ۽ سڀني عيبن کان پاڪ تصور ڪري ٿو.
[b]يوگ جو فلسفو
[/b] هن فلسفي جو باني پت نچلي آهي جنهن جي تصنيف ”يوگ سوترا“ آهي. هن فلسفي کان هندستان جا سڀ مذهب متاثر ٿيا. سانکيه فلسفو نظري آهي، جڏهن ته هي فلسفو عملي آهي. هن کي عملي تصوف به چيو ويندو آهي. ان ۾ خدا جو تصور به ملي ٿو. يوگ ۽ سانکيه فلسفي ۾ حقيقي روح پاڪ ۽ بي نقص آهي روح عقل، نفس ۽ حواس جي ذريعي جسم سان تعلق پيدا ڪيو آهي. عقل پراڪرتي جو معلول آهي جنهن تي ستوه صفت لاڳو آهي. جيڪي تبديليون ظاهر ٿينديون آهن انهن کي ذهني اعمال يا ذهني ڪيفيتون چيو ويندو آهي، اهي بي شمار آهن، انهن کي يوگ فلسفو هن طرح ورهائي ٿو:
1 - پرماڻ (Parmana) شين جي صحيح سڃاڻپ
2 - وپريائ (Viparyaya) شين جي غلط سڃاڻپ
3 - ويڪلپه (Vikalpa) تصور يا خيال
4 - ندر (Nidra) غفلت جي حالت
5 - سمرتي (Smirti) حافظي جو محفوظ هجڻ.
پنجن حواسن جي مدد سان سڃاڻپ يعني عقل، استدلال، تجربي جون شهادتون حاصل آهن.
وپرپاءِ- شڪ شبها هوندا آهن ۽ کوجنا کانپوءِ صحيح ثابت ٿيندا آهن. خواب ۾ تمس جو عنصر نفس تي غالب هوندو آهي ۽ انسان گهڻو ڪجهه سکندو آهي. سمرتي مان مقصد معرفت جو ذخيرو، جيڪو ذهن تي نقش ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن توجه ڪبو ته ڏسي سگهبو آهي ته اهي ڪيفيتون بنا ڪنهن ساهيءَ جي پنهنجو پاڻ اکين آڏو گذرنديون آهن. جان انهن کي عقل جي تختيءَ تي ڏسي پنهنجو پاڻ کي متحرڪ ڪندي آهي ۽ ان کي خبر پوندي آهي ته زندگي جي شروعات ٿي ۽ ماءُ جي پيٽ مان ڄائي. هاڻي ٻار آهي، هاڻي جوان ٿي ۽ آخرڪار مري وئي. پر حقيقت ائين نه آهي ڇو ته نه ان جو آغاز آهي نه انجام. يوگ فلسفو ٻڌائي ٿو ته ان مغالطي کان ڪيئن بچجي؟ ان جا ٽي اصولي بنياد هي آهن.
[b]پهريون اصول
[/b] جسماني صحت، ڇو ته صحيح روح جسم ۾ هوندو آهي، جيستائين جسم صحيح نه هجي ان وقت تائين صحيح فڪر پيدا نه ٿيندو آهي. جيستائين فڪر صحيح نه هوندو تيستائين صحيح حقيقتون پيدا نه ٿينديون.
جسماني صحت جا اصول هي آهن :
1 - فڪر ۽ ذهن جي صحت: بيهودو فڪر هميشه جسماني صحت تي اثر انداز ٿيندو آهي، انڪري مفڪر کي بيهودي سوچ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي.
2 - ورزش: ان جا ٻه حصا آهن، پهريون: مادي ورزش، ان سان عضوا ۽ اعصاب مضبوط ٿيندا آهن ۽ رت جو دورو صحيح ٿيندو آهي، ٻيو حصو معنوي ورزش آهي، جيڪا يوگ فلسفو سيکاريندو آهي، ان ورزش سان انسان ۾ اعليٰ گُڻ ۽ سٺا اخلاق پيدا ٿيندا آهن.
[b]ٻيون اصول:
[/b] مراقبو: هتي پهچڻ لاءِ خدا جو عقيدو لازمي هوندو آهي ڇو ته ڌيان جو مرڪز اهڙي ذات هجڻ گهرجي جيڪا بي عيب ۽ ڪامل هجي ۽ سڀ خوبيون ان ۾ هجن. مراقبي ۾ مستقل مزاجي ۽ پاڪ ارادو ضروري آهي. مراقبي لاءِ ڪامل رهنما جي سخت ضرورت آهي.
[b]ٽيون اصول :
[/b] اهو پهرين ٻن اصولن جي تفصيل تي ٻڌل آهي.
1 - ياما (Yama) تحمل ۽ ان جا تعلقات يعني عدم تشدد، ڪنهن به روح کي نقصان ۽ تڪليف نه پهچائڻ.
2 - ستيه (Satya) قول ۽ فعل ۾ سچائي. ڪنهن کان بخشش قبول نه ڪئي وڃي.
3 - استيه (Asteya) چوريءَ کان بچڻ
4 - نياما (Nyama) يعني جسم جي صفائي. ان جو مطلب جسم ۽ باطن جي صفائي ۽ پاڪيزگي آهي. جيڪڏهن جسم صاف سٿرو رکيو ويندو ته ان سان خيالن کي صاف رکڻ ۾ مدد ملندي. جسم جي صفائي ته وهنجڻ سان حاصل ٿيندي آهي پر باطن جي صفائي پاڪيزه خيالن کي جڳهه ڏيڻ ۾ حاصل ٿيندي آهي.
5 - آسن (Asana) يعني نشست. يوگ فلسفي ۾ نشست جي طريقي کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي، ان جي لاءِ مخصوص نشست جو تعين ضروري آهي. آسن اهڙي نشست آهي جنهن ۾ رت جي وهڪري ۾ڪوئي خلل نه اچي ۽ عضوا اهڙا پرسڪون ٿي و ڃن جو اهي صحيح نموني ڪم ڪري سگهن. صحيح نشست رکڻ وارو ڪيترين ئي بيمارين کان بچي ويندو آهي ۽ نهايت ئي اطمينان سان ذڪر ۽ فڪر ڪندو رهندو آهي. صحيح نشست جي لاءِ ڪامل استاد جي ضرورت آهي.
6 - پرنيام (Parnayam) يعني ساهه روڪڻ جو طريقو. يوگ فلسفي ۾ ساهه روڪڻ سخت ترين ورزش آهي.مقرر وقت تي پاڪ ۽ هوادار جڳهه تي جڏهن معدو خالي هجي ته نڪ جي هڪ ناس مان ڊگهو ساهه کڻي سيني ۾ جمع ڪري پوءِ نڪ جي ٻئي ناس مان ساهه آهستي آهستي ڇڏجي. غلط طريقي سان ڪرڻ ۾ ماڻهو چريو به ٿي سگهي ٿو. ورزش ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ کانپوءِ مراقبو شروع ڪري. (مسلمان صوفين ۾ اهو طريقو آهي ته جڏهن ساه مٿي کڻجي ته الله آهي ۽ جڏهن ساهه ڇڏجي ته تون آهين چوندا آهن).
7 - پرتي هار (Partyahara) پنجن حواسن تي تسلط : انسان تمام ڪمزور آهي ۽ حواسن جي ماتحت اچي ويندو آهي جنهن ڪري هو هر قسم جي ڏکن ۽ تڪليفن جو شڪار ٿي ويندو آهي. پنج حواس ان کي ذلالت ۽ گهمراهيءَ ۾ وجهي ڇڏيندا آهن جنهن ۾ هو حيران ڦرندو رهندو آهي. جڏهن انسان مٿن تسلط حاصل ڪري انهن کي صحيح رستي تي هلائي ته دل اطمينان ۽ راحت سان ڀرجي ويندي آهي. تسلط جي لاءِ حوصلو ۽ وڏو عرصو گهرجي.
8 - دارن (Darana) ذهني مشق : شروع ۾ هڪ نقطي تي نظر ڄمائڻي پوندي آهي، جڏهن ان جي عادت ٿي وڃي ته تصور باطن ۾ مشغول هجڻ گهرجي. حقيقي شيءِ تائين پهچڻ جي لاءِ ضروري آهي ته انسان جو ظاهري ۽ باطني تصور هڪ نقطي تي بيهي وڃي. اسلامي تصوف ۾ شيخ جي تصور جو بنياد اهو آهي.
9 - ڌيان يعني مراقبو (Dhiana) اڪيلائپ ۾ ويهي سڀني مادي شين کان رشتو ٽوڙي خدا ۾ مصروف ٿيڻ جو نالو مراقبو آهي. حقيق تائين پهچڻ جي لاءِ مراقبو ضروري آهي.
0 1 - سماڌي (Samadhi) رهبانيت جي اعليٰ ترين صورت هيءَ آهي ته انسان ايشور جي محبت ۽ عشق ۾ ايترو محو ٿي وڃي جو هو پنهنجي ذات کي به وساري ڇڏي. هي اهو اعليٰ درجو آهي جتي پهچي انسان خدا جو مظهر بڻجي ويندو آهي. اهو مقام هر ماڻهوءَ کي حاصل نٿو ٿي سگهي.
[b]ميماسه جو فلسفو(Mimasa)
[/b] ان فلسفي جو باني جئه مني آهي. اهو انسان کي عملي گس (ڪرم يوگ) ڏيکاري ٿو. ان جي مصنفن ويدن جي عظمت ۽ حقانيت ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ حد کان وڌيڪ وڌاءَ کان ڪم ورتو آهي، هو ويدن کي مقدس ۽ هر نقص کان پاڪ سمجهن ٿا ۽ انهن جي تعليم تي بغير ڪنهن سوچ جي عمل ڪرڻ چاهين ٿا. سندن خيال ۾ ويدن جي ٻڌايل طريقن سان ئي مذهبي رسمون ادا ڪرڻ گهرجن ۽ جن ڳالهين کان ويد منع ڪن ٿا انهن کان پري رهڻ گهرجي. ان فلسفي مطابق علم روح ۽ جسم کي متحد رکي ٿو. جيڪڏهن روح جسم کان جدا ٿي وڃي ته اهو علم جو محتاج نه رهندو آهي ڇو ته روح جي معنيٰ حياتي آهي ۽ زندگيءَ جو عقل هيٺين وسيلن سان جڙيل آهي:
1 . پرت يڪشا (Part Yaksha) محسوسات سان ڳولا
2 . انومان (Anumana) قياس ۽ استدلال
3 . اپامان (Upamana) هڪجهڙائي
4 . شبد (Shbada) مفڪرن جي فڪر جي تصديق
5 . ارتاپيتي (Arthapati) پرستش •
هڪجهڙائي مان مراد صرف اها آهي ته هڪ شيءِ کي ٻي اهڙي شيءِ سان برابري ڏني وڃي جيڪا هن پهريان ڏٺي هجي، جيئن ڪبوتر کي ڏسي هن جي ذهن ۾ ڪا صورت چٽجي وڃي ته اهو پکي ته هن پهريان ڏٺو آهي. ائين ذهن جلدي ڀيٽ ڪري چوندو ته هي اهو ئي ڪبوتر آهي.
آڳاٽن مفڪرن جا فڪر ۽ تجربا بلڪل صحيح آهن، ان لاءِ عقل جي گهوڙي کي ان ئي رستي تي هلائڻ گهرجي. جيڪڏهن انسان جون فطرتي صلاحيتون ۽ حواس صحيح ڪم ڪن ٿا ته قياس ۽ استدلال سان جيڪي به نتيجا نڪرندا اهي صحيح هوندا.
[b]ميماسه جا بنيادي عقيدا
[/b] (1) دنيا ۽ ان ۾ موجود هر شيءِ حقيقي آهي. (2) روح بي شمار، ازلي ۽ ابدي آهن. (3) اهو قانون به ازلي ۽ ابدي سمجهڻ گهرجي جيڪو سڄي ڪائنات ۾ جاري و ساري آهي. (4) جيڪو ماڻهو ويدن جي تعليم مطابق زندگي گذاريندو ته ان جو روح تازو ٿي ويندو آهي،۽ کيس ابدي جنت ۽ برڪت نصيب ٿيندي آهي. (5) ويدن جي تعليم تي عمل نفعي ۽ نقصان جي خيال کانسواءِ فرض سمجهي ڪرڻ گهرجي. (6) ان فلسفي جا پيروڪار خدا کي نه مڃيندا آهن. بعد ۾ اهو فلسفو ويدانت ۾ ضم ٿي ويو.
[b]ڪرم جو فلسفو :
[/b] ايشور جي عقيدي ٻن فلسفن کي جنم ڏنو: (1) ڪرم جو فلسفو (2) شمشار جو فلسفو.
ڪرم جي معنيٰ آهي اعمال. رگويد جي زماني ۾ اهو لفظ قربانيءَ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو هو. هندو عقيدي مطابق سٺن عملن سان جنت ملندي ۽ برن عملن سان ڪيڙن مڪوڙن جي صورت ۾ پيدا ٿيڻو پوندو. ان جي لاءِ هو خدا کي نه پر پنهنجي اعمالن کي ذميوار قرار ڏين ٿا.
[b]شمشار جو فلسفو
[/b] شمشار جي معنيٰ ”هيڏي هوڏي ڀڄڻ“ آهي، پر هندو اصطلاح ۾ ان جو مطلب هي آهي ته انسان پنهنجي عملن جي ڪري هن دنيا ۾ ڪيترائي دفعا مختلف شڪلين ۾ پيدا ٿئي ٿو. ان چڪر کي ختم ڪرڻ جو صرف هڪڙو طريقو آهي ته ايشور سان مڪمل اتحاد حاصل ڪجي. اهو اتحاد گيان ۽ معرفت سان هجڻ گهرجي. حقيقي معرفت، داخلي تجربي يا رياضت سان حاصل ٿيندي آهي. معرفت جي ذريعي انسان ايشور جو جز بڻجي ويندو آهي.
[b]ويدانت جو فلسفو يا اتر ميماسه :
[/b] ويدانت جي معنيٰ ويدن جي تعليم جو نچوڙ آهي. ان جو بنياد اپنشدن جي فلسفي تي آهي، ويدانت جو فلسفو چوي ٿو ته هر شيءِ خدا ۾ آهي ۽ خدا هر شيءِ ۾ آهي. سانکيه جو عقيدو آهي ته روح خود شعور آهي. ويدانت جو فلسفو چوي ٿو ته روح نه صرف پاڻ شعور آهي پر سڀني ساهه وارين شين ۾ به آهي. روح ۽ خدا به هڪ ئي آهن. روح جهالت سان دنيا ۾ ايندو آهي ۽ مصيبتن جو شڪار ٿيندو آهي. مصيبتن مان ڇوٽڪارو جهالت بدران صرف اصل حقيقت کي سڃاڻڻ ۾ آهي.
ويدانت جي فلسفي جو اثر صرف هندن تي ئي نه پر مسلمان صوفين تي به آهي. شيخ محي الدين عربي ”فصوص الحڪم“ ۾ فرمائي ٿو ته ”
”خدا کي مخلوق کان جدا ڪري نه ڏسو ۽ نه خدا کي غيريت جو لباس پارائي ڏسو. ان جي صفتن جي هڪجهڙائي ۽ عيبن کان پاڪ هئڻ ۾ ايمان رکو ۽ صدق جي جڳهه تي بيهو. جيڪڏهن توهان چاهيو ته گڏيل جڳهه تي اچو يا جدا جڳهه تي. جيڪڏهن تون ان جو غير آهين ته نه توتي ان جي وحي اچي سگهي ٿي ۽ نه ان سان ملاقات ٿي سگهي ٿي.“
ويدانت جي فلسفي کي وحدت الوجود به چون ٿا. ان مطابق هر شيءِ خدا جو عڪس آهي. خالق ۽ مخلوق وچ ۾ فرق ختم ٿي وڃي ٿو ۽ توحيد شرڪ سان مڪروه ٿي وڃي ٿي.
[b]هندن جا غلط عقيدا
[/b]1- يفوگ: ان جي معنيٰ آهي ته بيواه عورت يا اهڙي عورت جنهن کي اولاد نه هجي پر جيڪڏهن اولاد جي خواهش هجيس ته هوءَ ڪنهن به مرد سان همبستر ٿي اولاد حاصل ڪري سگهي. اهو عقيدو سناتن ڌرم ۾ نه آهي. ان کي آريه سماج جي باني سوامي ديانند وڏي زور شور سان پيش ڪيو آهي. سندس تصنيف ”ستيارٿ پرڪاش“ ۾ اهو بحث موجود آهي.
اسلام ۾ نڪاح کي عصمت جي حفاظت جو ذريعو قرار ڏنو ويو آهي. نڪاح کانسواءِ ٻئي ڪنهن به طريقي جنسي تعلقات قائم ڪرڻ جائز نه آهي.
ڏسو (البقره 187 /النساءِ 4 2 ).
2 - مادي ۽ روح جي ازلي ۽ ابدي هجڻ جو نظريو: سوامي ديانند ٽن شين کي ازلي قرار ڏنو آهي: خدا، روح ۽ مادو (ستيارٿ پرڪاش ص 274 ) ان جي ترديد ۾ تمام گهڻا دليل موجود آهن (ڏسو: الرعد 16- فرقان-2، طور 36 -35، حشر-24)
3 - تناسخ يا جُوڻ مَٽ جو عقيدو : انسان جي مرڻ کانپوءِ ان جي حشر جون ٽي صورتون آهن:
1 - جسم سان گڏ روح به هميشه لاءِ فنا ٿي ويندو آهي.
2 - هن کي پنهنجي اعمالن مطابق جزا ۽ سزا ملندي آهي.
3 - هن کي پنهنجي عملن مطابق روپ بدلائڻا پون ٿا. پهريون خيال ماديت پسندن جو آهي. ٻيو خيال عيسائين، يهودين ۽ مسلمانن جو آهي ۽ ٽيون هندن ۽ ڪجهه ٻين قومن جو آهي. تناسخ کي سنسڪرت ۾ آواگون چيو ويندو آهي. گناهن ۽ نيڪين جي ڪري هر هر جنم وٺڻ وارو عقيدو سائنس، ارتقا ۽ انساني فطرت سان گڏوگڏ الله جي صفتن جي به ابتڙ آهي. قرآن ڏک سک جو ذميوار انسان کي قرار ڏنو آهي (الشوريٰ -30).
[b]هندو مت تي اسلام جو اثر
[/b
[b]]شنڪر آچاريه :
[/b] بت پرستيءَ جي جڳهه تي توحيد الاهي جو تصور ڏنو. دنيا مايا آهي، ان جي حقيقت خدا آهي ۽ ماڻهو ان جا جز آهن. هن، حيواني خواهشن ۽ حواسن کي رحماني نفس جي تابع رکڻ جي تلقين ڪئي آهي. هن ويدانت واري فلسفي، اپنشد ۽ ڀڳوت گيتا جا تفسير لکيا.
[b]رامانج:
[/b] هيءُ ڀڳتي تحريڪ جو باني ليکيو وڃي ٿو. هن، شنڪر آچاريه جي ”مايا“ واري نظرئي جي مخالفت ڪئي، شنڪر خدا جي صفتن جو قائل نه هو. رامانج سڀني صفتن سان خدا کي مختلف قرار ڏنو، هن شرڪ جي هر صورت کان انڪار ڪيو ۽ قادر مطلق جو تصور ڏنو جيڪو روح ۽ مادي جو خالق آهي. هن اوتارن کي مڃيو ۽ شودرن ۽ چنڊالن جي عبادت واري حق کي تسليم ڪيو ۽ انهن لاءِ مندر کولي ڇڏيا. هن جي شاگردن نظام، اشعري ۽ غزاليءَ وانگر بحث مباحثا ڪيا.
[b]لنگائيت:
[/b] هن جو باني ”بسائو“ آهي. هي توحيد الاهي جو قائل آهي ۽ خدا جي سڀني صفتن جو جامع تصور پيش ڪري ٿو. هن مسلمانن وانگر پيري مريدي ۽ بعيت جو سلسلو رائج ڪيو. هڪ شودر چنڊال به ان ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. طلاق جي اجازت آهي. بيواهن کي ٻئي نڪاح جو حق به حاصل آهي. هن عقيدي جا پيروڪار مئلن کي ساڙيندا نه آهن پر دفن ڪندا آهن. تناسخ جي عقيدي کي غلط سمجهندا آهن. هي ماڻهو پرهيزگار ۽ مزاج ۾ مجاهد آهن. هي بلگام، بيجاپور ۽ ڌاوا جي ضلعن ۾ 35 سيڪڙو آهن. ميسور ۽ ڪولهاپور ۾ به آباد آهن. بسائو جا ڪجهه احوال ڊاڪٽر تاراچند پنهنجي ڪتاب ”هندو ثقافت تي اسلام جو اثر“ ۾ لکيا آهن يعني خدا هڪ آهي ۽ سموري ڪائنات تي غالب آهي. توبهه ۽ پشيمانيءَ کانسواءِ نذر، نياز، قرباني ۽ گناهن جو ڪفارو نه ٿو ٿي سگهي. عمل ڪيو ۽ جزا جي توقع نه رکو. سڀ روح خدا ڏانهن موٽايا ويندا.
[b]رامانند :
[/b] هيءُ زبردست مبلغ 1299ع ۾ پرياگ الهه آباد ۾ پيدا ٿيو هي رامانج جو پيروڪار هو، هن پنهنجي شاگردن يا پوئلڳن کي زاهد ۽ دنيادار ٻن حصن ۾ ورهايو. زاهدن جي تربيت رامانج جي طريقي تي ڪيائين. هن شنڪر آچاريه وانگر ست مَٺ قائم ڪيا ۽ هر پيروڪار جو ڪنهن نه ڪنهن مٺ سان تعلق ضروري هو. رامانند ذات پات جو سخت مخالف هو، هن جي گروهه ۾ سڀني ذاتين جا ماڻهو شامل هئا. هن جا ٻارهن شاگرد هئا جيڪي برهمڻ کان وٺي چنڊال ۽ شودرن جي هيٺين ذات سان به تعلق رکندا هئا، جن رامانند جي وفات کانپوءِ سندس فڪر جي اشاعت ڪئي. انهن ٻارهن شاگردن ۾ ناراجي، تلسي داس، سورداس، جئي ديو ۽ ڪبير مشهور آهن.
[b]ناراجي :
[/b] ناراجي ادنيٰ خاندان ۾ جنم ورتو. ڏڪار جي زماني ۾ ماڻس کيس جهنگ ۾ ڇڏي آئي، جتان ٻه وشنو زاهد هن کي مَٺ ۾ کڻي آيا. جڏهن جوان ٿيو ته رامانند جو پيروڪار ٿيو ۽ پنهنجي مرشد جي فرمائش تي پنهنجو ڪتاب ”ڀڳت مال“ لکيائين.
[b]سور داس:
[/b] هو نابين هوندي به مشهور شاعر هو. سندس آخري آرامگاهه بنارس ويجهو شب پور ۾ آهي.
[b]تلسي داس:
[/b] چتر ڪوٽ جي جبل (جتي رام چندر رهيو هو) ويجهو حج پور جي هڪ برهمڻ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هو بنارس جي راجا جو ديوان رهيو پر بعد ۾ زاهدانه زندگي اختيار ڪري بندرا بن هليو ويو. پوءِ بنارس اچي رامائڻ جي شرح لکيائين، پنهنجي وقت جو مشهور شاعر هو.
[b]جئي ديو :
[/b] اولهه بنگال جي ڳوٺ ڪيندابل ۾ پيدا ٿيو. مشهور شاعر هو. هن جو ڪلام وجد ۽ سماع جي محفلن ۾ ڳايو ويندو هو.
[b]ڪبير :
[/b] 1425ع ۾ هڪ برهمڻ بيواهه جي گهر ۾ پيدا ٿيو، جيڪا ٻار کي جهنگ ۾ ڇڏي آئي. ان وقت هڪ ڪوري ۽ سندس زال جو اتان گذر ٿيو، جن کيس کڻي آڻي پاليو. جڏهن ڪبير وڏو ٿيو ته هن روحاني سکيا لاءِ ڪنهن مرشد جي ڳولا شروع ڪئي. گهڻن ئي مسلمان عالمن ۽ ساڌن سان مليو پر کيس مڪمل اطمينان حاصل نه ٿيو آخر ۾ ڪنهن کيس رامانند برهمڻ جو ڏس ڏنو جيڪو تمام گهڻو روشن دماغ شخص هو. هو رامانند جي صحبت ۾ سير سفر ۾ مصروف ٿي ويو سندس عقيدو هو ته حقيقي عبادت کانسواءِ ڇوٽڪاري جو ڪو ذريعو نه آهي. هن جي تعليم مطابق خدا هڪ آهي، ان جو ڪو به شريڪ نه آهي، بت پرستي گمراهي آهي. ذات پات انسانيت جي پيشانيءَ تي ڪارو داغ آهي، پاڻ ۾ محبت سان رهڻ گهرجي.
[b]جئي تنيه:
[/b] 1485ع ۾ بنگال جي نويت علائقي ۾ ڄائو. 25 ورهين جي عمر ۾ سنياسي بڻجي ويو. هن ملڪ ۾ امن ۽ محبت جو پرچار ڪيو، سندس تعليم هيءَ آهي ته خدا هر روح ۾ موجود آهي، انڪري هر ذرو قابل تعظيم آهي. هو، ذات پات جو شديد مخالف هو. خدا جي آڏو برهمڻ ۽ شودر ۾ ڪو به فرق نه آهي، صرف خدا جي محبت ۽ عبادت جي ذريعي ڇوٽڪارو ممڪن آهي. بنگال ۾ هن کي شري ڪرشن جو اوتار تصور ڪيو ويندو آهي.
[b]ساڌو :
[/b] هو، مهاراشٽر ۾ ڪنهن هيٺين ذات جي خاندان ۾ پيدا ٿيو، هن توحيد جو پرچارڪيو ۽ بت پرستيءَ جي مخالفت ڪئي، ذات پات جو شديد مخالف هو.
[b]بابا نانڪ:
[/b] 1466ع ۾ لاهور ويجهو تحصيل پور جي هڪ ڳوٺ تلونڊيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو مهتا ڪالوچند هو. پهرين هڪ پنڊت کان هندي پڙهيو. پڙهائيءَ ڏانهن ڌيان نه ڏيندي هر وقت سوچ ويچار ۾ رهڻ لڳو. ملان قطب الدين کان فارسي پڙهيائين. جڏهن نانڪ جي ڀيڻ نواب دولت خان لوڌيءَ جي ديوان جيرام سان پرڻائي وئي ته هن کيس نواب جي خيرات خاني ۾ ملازمت وٺي ڏني. نانڪ هتي 1499ع تائين رهيو. ٽيهن ورهين جي عمر ۾ تلونڊيءَ جي هڪ مسلمان دردانه ۽ ڀائي ڀالا کي ساڻ وٺي تيرٿن، خانقاهن ۽ ٻين مقدس جڳهن جي زيارت ڪندو رهيو. ساڌو، سنتن ۽ صوفين جي صحبت ۾ فيض حاصل ڪيائين. بعد ۾ هن پنهنجي نظرين ۽ مسلڪ جي تبليغ شروع ڪئي.
پنجاب جي مشهور صوفين شيخ اسماعيل بخاري، سيد علي هجويري، بابا فريد الدين، علاءُ الدين، جلال الدين بخاري، مخدوم جهانيان ۽ ٻين بزرگن جي صحبت ۾ فيض حاصل ڪيائين. ان جي ڪري نانڪ جي مسلمان هجڻ جو عقيدو مسلمانن ۾ هلندو اچي ٿو. نانڪ درويش جي نالي سان مشهور هو ۽ حاجي درويش بڻجي حج جي لاءِ مڪي ويو. گياني گيان سنگهه لکيو آهي ته مڪي شريف ۾ نانڪ جو گهر مسجد جي شڪل تي ٺهيل هو ۽ هند جي ولين طور مشهور هو.
وفات تي کيس ساڙڻ يا دفن ڪرڻ تان هندن ۽ مسلمانن ۾ جهڳڙو ٿيو. سردار خزان سنگهه به مسلمانن جي اصرار جو سبب هيءُ ٻڌايو ته هو پڪو مسلمان هو. گورڌ وارا ٽربيونل جي ججن نانڪ جي فيصلي ۾ لکيو آهي ته ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته بابا نانڪ پنهنجا خاص اصول اسلام تان کنيا آهن. نانڪ پنهنجو پاڻ کي اسلام جو مخالف ظاهر نه ڪيو. هن هڪ مسلمان فقير جي شڪل ۾ مڪي جي ياترا ڪئي.
مسٽر ڪننگهام جي کوجنا آهي ته نانڪ جي پاڙيسري سيد ميرحسن صاحب جيڪو پنهنجي علائقي جو وڏو پير هو، ديني ۽ دنياوي علم نانڪ کي پڙهايو ۽ حق جي راهه جا اهم راز کيس ٻڌايا. نانڪ خواجه عبدالشڪور جي مزار تي چلو ڪڍيو. هن جي تعليم هيءَ آهي:
1- توحيد الاهي: ڌڻيءَ جي توحيد جو علم گروءَ کان ئي ملي سگهي ٿو (گرو گرنٿ صاحب، راڳ گوڙي 1825 ).
2- رسالت جو اقرار: هر هڪ انسان جي لاءِ خدا جي توحيد ۽ رسالت کي مڃڻ ضروري آهي (جنم ساٿي ولايت والي 247).
3- اسلام جا رڪن: گرو گرنٿ صاحب مان واضح ٿو ٿئي ته نانڪ اذان ڏني، نماز پڙهي، ماڻهن کي زڪوات ڏيڻ ۽ روزو رکڻ جي تلقين ڪئي ۽ حج به ڪيو.
4- قرآن مجيد: قرآن مجيد جي لاءِ فرمائي ٿو ته ڪل يگ (عالم) ۾ خدا دنيا جي هدايت لاءِ قرآن شريف کي منظور فرمايو. هڪ ماڻهوءَ جي سوال تي جواب ڏٺائين ته قرآن تي عمل ڪريو، ان سان روشني پيدا ٿيندي ۽ خدا ملندو. نانڪ فرمايو ته”مون انجيل، توريت، زبور ۽ ويد پڙهيا ۽ ٻڌا. خدا قرآن ئي دنيا ۾ هدايت جي لاءِ موڪليو آهي.“
قرآن مجيد جو اهو نسخو جنهن کي بابا گرونانڪ سفر ۾ پاڻ سان رکندو هو، ضلع فيروزپور واري هرسهاءِ گورد واري ۾ اڄ تائين موجود آهي.
5 - قيامت جي باري ۾ عقيدو: بابا صاحب جو قرآن جي باري ۾ اهو ئي عقيدو آهي جيڪو مسلمانن جو آهي. ان حوالي سان قيامت جي باري ۾ سندن چوڻ آهي ته هڪ ڏينهن زمين، آسمان، سج، چنڊ، تارا سڀ فنا ٿي ويندا، صرف الله جي ذات باقي رهندي. هو بهشت ۽ دوزخ جو قائل هو. فرمائي ٿو ”قيامت جي ڏينهن جن جا اعمال سٺا ۽ نيڪ هوندا، اهي بي فڪر هوندا. اهي ئي ماڻهو ڇوٽڪارو حاصل ڪندا جيڪي حضور ﷺ جن جا امتي هوندا.
6 - بابا صاحب جو چولو: بابا نانڪ جي آسڻ تي هن جي اولاد وٽ اڄ به يادگار طور تي اهو چولو موجود آهي جنهن تي قرآن مجيد جون آيتون لکيل آهن. بابا صاحب وهم ۽ عقيدي جي ڪمزوري، رسم پرستي ۽ ذات پات جو شديد مخالف هو. کانئن پوءِ سک گروئن جو سلسلو هلندو آيو جن بابا صاحب جي ٻڌايل اصولن ۽ تعليم کي جاري رکيو. جيڪڏهن سک قوم بابا نانڪ جي تعليم کي صحيح نموني سان جاري رکي ها ته مسلمانن کان جدا نه هجي ها ۽ سندن سياسي زندگي هندن جي هٿن ۾ نه هجي ها. جيڪڏهن سک قوم غور ۽ تدبر کان ڪم وٺي ته کين پتو پئجي ويندو ته بابا گرو نانڪ اسلام جي ڪيترو ويجهو هو ۽ هندو مذهب کان ڪيترو پري هو ۽ اهو به ته سندن سياسي زندگي مسلمانن سان الحاق ڪرڻ ۾ آهي.
بابا نانڪ کانپوءِ به ڪجهه ماڻهو اسلام کي پسند ڪندا هئا، انهن ۾ ڌنا، پيپا سائين، راءِ داس دادو ديال ۽ ملوڪ داس شامل هئا.
ڀير ڀان ۽ ست نامي فرقو
دادو ديال جو هڪ همعصر ڀيرڀان هو جنهن ساڌن يا ست نامي فرقي جو بنياد رکيو. هي وڏو خدا پرست هو ۽ خدا کي ست (حقيقت) سان سڏيندو هو. هو ڏکڻ اوڀر پنجاب ۾ نارنول وٽ بجير ڳوٺ ۾ 1523ع ڌاري پيدا ٿيو. ست نامي فرقي جا اهم مرڪز دهلي، آگري، رهتڪ، فرخ آباد (مرزاپور يوپي) ۽ راجپوتانه، جئپور ۾ آهن.
هن فرقي جي تعليم هندي ٻوليءَ ۾ آهي ۽ ان جي مذهبي ڪتاب کي پوٿي چون ٿا. ان جا ٻارهن حڪم هن ريت آهن:
1 صرف هڪ خدا کي مڃو جنهن توهان کي ٺاهيو ۽ توهان کي بڳاڙي به سگهي ٿو، جنهن کان وڏو ٻيو ڪو به ڪونهي. صرف (الله) عبادت جي لائق آهي. زمين، ڌاتو، پٿر، ڪاٺ يا ڪا ٻي مخلوق نه آهي. مالڪ صرف هڪ آهي ۽ ان جو ڪلام هڪ آهي، جيڪي ڪوڙ ڳالهائيندا يا عمل نه ڪندا انهن جي لاءِ دوزخ جي باهه آهي.
2 حليم ۽ نماڻا رهو، دنيا سان لڳاءُ نه رکو، پنهنجي عقيدن تي وفاداريءَ سان قائم رهو، انهن ماڻهن سان ميل ميلاپ نه رکو جيڪي ان عقيدي جا نه آهن. ڌارئي جي ماني نه کائو.
3 ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهايو، ڪنهن شيءِ جي وڏائي نه ڪريو، جيئن پاڻي، وڻ، هوا وغيره. زبان کي هميشه الله جي تعريف ۾ مصروف رکو. چوري نه ڪريو، نه پئسن جي، نه زمين جي، نه جانور جي. پنهنجي ملڪيت کي ٻين جي ملڪيت کان جدا رکو ۽ جيڪو ڪجهه توهان وٽ آهي ان تي قناعت ڪريو. غيرمناسب شيءِ تي نظر نه وجهو، پوءِ اهو مرد، عورت ، ناچ يا تماشو ئي ڇو نه هجي.
4 برائيءَ جي ڳالهه نه ٻڌو، سواءِ خالق جي تعريف جي، نه ڪهاڻيون نه گلا، نه موسيقي ڀڄن کانسواءِ (موسيقي دماغ جي اندر هجڻ گهرجي.)
5 ڪنهن شيءِ ۾ حرص نه رکو پوءِ اهو جسم هجي يا دولت. ٻئي جو مال نه وٺو، خدا سڀ شيون ڏيڻ وارو آهي، جيترو توهان ان تي ڀروسو ڪندا اوترو توهان کي ملندو.
6 جڏهن توهان کان پڇيو وڃي ته توهان ڪير آهيو ته پاڻ کي ساڌو ٻڌايو، ذات جو نالو نه وٺو. بحث ۾ نه الجهو، عقيدي تي مضبوطيءَ سان قائم رهو. ٻين ماڻهن مان اميد نه رکو.
7 سفيد ڪپڙا پايو، ڪو به رنگ يا ميندي استعمال نه ڪريو، پنهنجي جسم تي ڪوبه نشان نه بڻايو، پيشانيءَ تي ذات جو نشان نه لڳايو، تسبيح يا مڻيا نه پايو.
8 نشي واريون شيون ڪڏهن به استعمال نه ڪريو، پان نه کائو، تماڪ نه واپرايو. آفيم نه چوسيو، مورتين ۽ انسان جي آڏو هٿ نه ٽنگيو ۽ نه وري سر جهڪايو.
9 ڪنهن کي قتل نه ڪريو، ڪنهن سان زبردستي نه ڪريو، نه ملامت آميز شاهدي ڏيو نه زبردستي ڪنهن کان ڪا شيءِ وٺو.
0 1 هڪ مرد صرف هڪ زال ڪري ۽ عورت صرف هڪ مڙس! مرد عورت جي اوبر نه کائي پر عورت مرد جي اوبر کائي سگهي ٿي، عورت مرد جي تابع رهي.
1 1 فقيراڻو لباس نه پايو، نه پنو، نه تحفو قبول ڪريو. جادوءَ جو خوف بلڪل نه ڪريو. راز ٻڌائڻ کان اڳ سوچي وٺو.
2 1 ساڌوءَ کي ڏينهنِ، چنڊ جي گردشن يا مهينن، جانورن يا پکين جي ڳالهائڻ يا نظر اچڻ جي توهم پرستيءَ ۾پوڻ نه گهرجي، هن کي صرف مالڪ جي رضا ڳولڻ گهرجي.
[b]لال داس ۽ بابا لال :
[/b] بابا لال جي کتري هو. جهانگير جي دور ۾ پيدا ٿيو. هو پنهنجي مذهب جي باري ۾ لکي ٿو ته عاشق جو عقيدو ٻين عقيدن کان مختلف آهي. خدا انهن ماڻهن جو ايمان ۽ عقيدو آهي جيڪي ان جا عاشق آهن، باقي نيڪ ڪم ڪرڻ هر مذهب ۾ بهتر آهي.
لال داس سترهين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري پيدا ٿيو. سندس تعلق پيپو برادريءَ سان هو ۽ هو لال داسي فرقي جو باني هو.
ارڙهين صدي عيسويءَ جي هندو سڌارڪ بزرگن مان ڪي هي آهن: جگ جيون، بولا صاحب، ڪيشو داس، غريب داس، شوِ نارائڻ، رام چرن، سهونند، دولن داس، گلال ۽ پلٽوداس. پلٽو داس فيض آباد جو رهواسي هو. هن ذات پات جي فرق خلاف آواز اٿاريو ۽ ڀڳتيءَ جو بنياد وڌو. سندس هڪ نظم هيٺ ڏجي ٿو. هو چوي ٿو:
مان ناسوت ۽ جبروت کي ڄاڻي ورتو،
هاڻي لاهوتي جي لذت چکيم.
هي ستارو اهو آهي جنهن جي دل روشن آهي.
جيڪو پنهنجو مڪان لامڪان ۾ ٺاهي،
آسمان جو دروازو کلي ويو
۽ روح دل جي اندر پڪاري ٿو حق حق
پلٽو چوي ٿو ته هو هر پاسي مڪي (شريف) کي ڏسي ٿو.
هندن ۽ مسلمانن جي باري ۾ چوي ٿو :
”هو چون ٿا ته رام اوڀر ۾ آهي ۽ خدا اولهه ۾، ته پوءِ ڏکڻ ۽ اتر ۾ ڪير ٿو رهي؟“
مالڪ ڪٿي آهي ۽ ڪٿي ناهي:
هندن ۽ مسلمانن ڇو کڻي طوفان کڙو ڪيو آهي.
ڇو کڻي هڪٻئي جون ڳچيون پڪڙيون اٿن!
۽ ڇو ٻنهي مذهبن هڪٻئي خلاف محاذ کڻي جوڙيا آهن،
پلٽو بندو چوي ٿو ته مالڪ سڀني ۾ آهي
هو هرگز ورهايل نه آهي، اها حقيقت آهي.
[b]مهاتما گانڌي:
[/b] مهاتما گانڌي سن 1860ع ۾ پيدا ٿيو. سندس نالو موهن داس ڪرمچند گانڌي هو. هو تشدد جو مخالف هو، اسلام کان گهڻو متاثر هو. هن احمد آباد ۾ پنهنجي آشرم ۾ اڇوتن کي اچڻ جي اجازت ڏني هئي. هن ”ينگ انڊيا“ ۾ لکيو آهي ته خدا جو ڪوبه شريڪ نه آهي، ان کان سواءِ ڪوئي موجود نه آهي ۽ اها ئي حقيقت توهان اسلام ۾ نظر ايندي.
[b]هندن ۾ مذهبي تحريڪون :
[/b] ان حوالي سان ٻه تحريڪون مشهور آهن، هڪ ”برهمو سماج“ جيڪا اسلام دوست هئي ۽ ٻي” آريه سماج“ جيڪا اسلام دشمن هئي.
[b]برهمو سماج :
[/b] ان تحريڪ جو باني راجا رام موهن راءِ هو. هو، بردوان جي هڪ معزز برهمڻ گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، ننڍي عمر ۾ ئي عربي ۽ فارسي پڙهيو. سنسڪرت بنارس ۾ پڙهيو. پندرهن ورهين جي عمر ۾ بت پرستيءَ جي خلاف بنگالي ٻوليءَ ۾ پمفليٽ لکيائين، جيڪي پوءِ لڳاتار شايع ٿيندا رهيا. سندس دليل اهو هو ته بت پرستيءَ جي تصديق ويدن سان نٿي ٿئي. ان کانپوءِ هن انگريزي، فرانسيسي، لاطيني، يوناني ۽ عبراني ٻوليون پڙهيون. سڀني مذهبن جي مقدس ڪتابن جو پاڻ مطالعو ڪيائين. سندس گذر سفر سرڪاري نوڪريءَ تي هو. 39 ورهين جي عمر ۾ سرڪاري نوڪريءَ کان الڳ ٿي ويو ۽ ڪلڪتي ۾ رهي. پنهنجي مذهبي خيالن جي اشاعت شروع ڪيائين. هن مذهبي ڪتابن جا سنسڪرت مان انگريزي ۽ بنگالي ٻوليءَ ۾ ترجما ڪيا.
1831ع ۾ دهليءَ جي مغل بادشاهه مالي حقن جي وڪالت جي لاءِ کيس انگلينڊ موڪليو. 1832ع ۾ برسٽل هليو ويو ۽ ساڳئي سال سيپٽمبر ۾ اتي ئي بخار ۾ فوت ٿي ويو. هن جي قبر نوز ويل قبرستان ۾ آهي.
پهريون دفعو توحيد تي فارسيءَ ۾ ڪتاب لکيائين ۽ ان جو مهاڳ هن عربيءَ ۾ لکيو. 1820ع ۾ هن پنهنجو ڪتاب ”يسوع جا حڪم“ بنگالي ٻوليءَ ۾شايع ڪيو، جنهن ۾ هن حضرت مسيح عليه السلام جي الوهيت جو انڪار ڪيو ته سيدامپور جي مشنرين هڪٻئي پٺيان حملا شروع ڪيا ۽ بحث مباحثي جو سلسلو جاري رهيو. 1828ع ۾ هن ”برهمو سماج“ جو بنياد وڌو.
[b]نظريو :
[/b] هن جا خيال 1830ع جي امانت نامي ۾ هيئن لکيل آهن:
”پرستش ان ذات جي ٿيڻ گهرجي جيڪا غيرفاني هجي، جنهن جو پتو لڳائڻ کانپوءِ به نه ملي، جيڪو تبديلين کان محفوظ سموري ڪائنات کي پيدا ڪري ۽ قائم رکي ٿو.“
رام موهن راءِ ذات پات جي فرق جو سخت مخالف هو. ستيءَ جي رسم جو خاتمو هن جي ڪوششن سان ئي ممڪن ٿيو. هن گهڻين شادين ۽ ٻاروتڻ ۾ شادين جي مخالفت ڪئي.
[b]مها رشي ديوندر ناٿ ٽئگور :
[/b] ٻارهن ورهين تائين هيءَ جماعت (برهمو سماج) ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ رهي، رام موهن راءِ جيڪو ان ۾ روح پيدا ڪيو هو اهو ختم ٿيندو پئي ويو، تان جو 1842ع ۾ مها رشي ديوندر ٽئگور (رابندر ناٿ ٽئگور جي والد) هن جماعت جي اڳواڻي سنڀالي. امانت نامي مطابق عام وهنوار بااثر ۽ سمجهدار امينن کي سونپيا ويا ۽ روحاني معاملا دين جي خادم حوالي ٿيا جنهن جي باري ۾ امانت نامي ۾ لکيل آهي ته ”اهو نيڪ نام هجي، هن جو عمل پاڪيزه ۽ اخلاق اعليٰ درجي جو هجي.“
ديوندر ناٿ جي تربيت ۽ پرورش ڪنهن خاص فرقيورانه ماحول ۾ نه ٿي هئي، انڪري هن ۾ تنگ نظري نه هئي. هن 1839ع ۾ ”تتوا بوڌني سڀا“ (حق جي تبليغ جي تنظيم) جو بنياد وڌو. ان جي ٻي سالگره جي موقعي تي ديوندر ناٿ چيو ته ”انگريزي تعليم جي اشاعت جي ڪري جاهلن وانگر ڪاٺ ۽ پٿر کي خدا سمجهي انهن جي پرستش نٿا ڪري سگهون.“
هو، 1842ع ۾ برهمو سماج ۾ شامل ٿي هندو ازم جي تجديد ڪرڻ لڳو ۽ ان تحريڪ جي خدمت جي لاءِ هڪ رسالو جاري ڪيائين.
[b]عقيدا:
[/b] ديوندر ناٿ ٽئگور ويدن کي غلطين کان پاڪ نه سمجهندو هو. ڌڻي سائينءَ جي عبادت جي طريقي جي باري ۾ فرمائي ٿو ته منهنجي خواهش آهي ته سڀئي انسان جن ۾ هيٺين طبقي جا ماڻهو به شامل هجن برهم (ايشور) جي پرستش ڪن. ان لاءِ مون فيصلو ڪيو آهي ته جيڪي ماڻهو گائتريءَ جي مدد سان پرستش ڪري سگهن ٿا ڪندا رهن، پر جيڪي نٿا ڪري سگهن انهن کي ان ڳالهه جي آزادي هجي ته ڪو به سولو طريقو اختيار ڪن، جنهن مطابق هو ”خدا جي ڌيان ۾ محو ٿي سگهن.“
[b]ڪيشب چندر سين
[/b] چندر ڪيشب 7 5 8 1 ع ۾ برهمو سماج ۾ شامل ٿيو. ديوندر ناٿ هن کي ڪلڪتي ۾ برهمو سماج جو ”خادم دين“ مقرر ڪيو. ٻئي نوجوان برهمو سماج جي ترقي ۽ نوجوانن جي تربيت ۾ اڳڀرا رهيا.
[b]نظريا
[/b]1 ذات پات ۾ ڪوبه فرق نه آهي
2 ننڍپڻ جون شاديون غلط آهن
3 بيواهن جي ٻيهر شادي ٿيڻ گهرجي
4 مختلف فرقن سان واسطيدار ماڻهن جون پاڻ ۾ شاديون ٿيڻ کپن.
(1864ع ۾ ڪيشب هڪ موقعي تي مختلف فرقن وچ ۾ شاديءَ جي رسمن ۾ شريڪ ٿيو )
5 خدا جي وحدانيت
[b]برهمو سماج ۾ اختلاف
[/b] ڪيشب ۽ ديوندر ٻئي برهمو سماج جي واڌاري جو باعث هئا پر ٻنهي جي مزاج ۾ اختلاف هو، ان جي ڪري برهمو سماج ۾ ڏڦيڙ پيو. فيبروري 1865ع ۾ ڪيشب ديوندر ناٿ جي نظام کان علحدگي اختيار ڪئي ۽ پنهنجي نظرين جي اشاعت ڪرڻ لڳو.
[b]ڪيشب جا اصول
[/b] 1864ع ڌاري هڪ جلسي ۾ برهمو سماج جي باري ۾ هن چيو ته ”اسان جي مقدس جڳهه سڄي دنيا آهي. اسانجو مذهبي ڪتاب صحيفه فطرت جي ڏاهپ ۽ حڪمت آهي، اسان جي ڇوٽڪاري جو ذريعو عبادت آهي. اسان جو حاصل دلين جي پاڪيزگي آهي، اسانجو استاد ۽ رهنما هر ديندار ماڻهو آهي. هيءُ سڄو عالم ايشور جو پاڪ مندر آهي، صاف ۽ پاڪيزه دل مقدس ترين عبادت آهي. سچائي هميشه رهڻ وارو مذهبي صحيفو آهي. ايمان سڀني مذهبن جو بنياد آهي. محبت سچو روحاني تمدن آهي، نفس کي مارڻ حقيقي زهد ۽ تقويٰ آهي.“
[b]تبليغي سرگرميون
[/b] برهمو سماج کان علحدگيءَ کانپوءِ ڪيشب هڪ نئين جماعت قائم ڪئي. هن هند اندر ۽ ٻاهر مبلغ موڪليا. پرتاب چندر (1905- 1840ع) مشهور مبلغ ٿي گذريو آهي. هن 1870ع ۾ سڄي هند جو دورو ڪيو، ان کانپوءِ ٻه دفعا انگلينڊ ۽ آمريڪا به ويو. 1893ع ۾ شڪاگو ۾ مذهبن جي پارليامينٽ جو اجلاس ٿيو. 1870ع ۾ ڪيشب پاڻ به انگلينڊ جو دورو ڪيو، اتان واپس اچي هن هڪ انجمن قائم ڪئي جنهن جو ڪم پنجن حصن ۾ ورهايو ويو: عورتن جي فلاح ۽ بهبود، گهٽ قيمت تي علمي ڪتابن جي اشاعت، نشيدار شين کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ۽ فلاحي تنظيم جو قيام. 1872ع ۾ ڪيشب سول ميريج ايڪٽ پاس ڪرايو، جنهن سان مذهبي رسمن کانسواءِ عيسائي ۽ برهمو سماجي جوڙن جي شادي ڪرائي سگهجي پئي. هن جي اها دعويٰ هئي ته مٿس وحي نازل ٿئي ٿي ۽ هو پنهنجي مذهب جو نبي آهي.
بنگال کان ٻاهر برهمو سماجي تحريڪ
بمبئي جي پرارتنا سماج (1868ع) جي مشهور اڳواڻن ۾ مسٽر رام جي رانادي (1842ع - 1901ع) ۽ مسٽر جيچند اورڪرهي (1855ع-1922ع) شامل هئا. اهي ٻئي سماج سڌارڪ تحريڪ جا حامي هئا.
[b]برهمو سماج جا بنيادي عقيدا
[/b]1 اصلي ۽ ابدي هڪ برتر خدا آهي، ان جي شان ۾ جيترو ڪجهه چيو وڃي ٿورو آهي ۽ هو نيڪ ۽ رحيم آهي.
2 مبارڪ خدا سڄو روح آهي، ان ڪري هن جي ڪابه شڪل شبيهه نه آهي.
3 صرف ان جي پرستش ۽ اطاعت سان هن دنيا ۾ توڙي اچڻ واري جهان جي خوش بختي حاصل ٿيندي آهي.
4 بندگي ان جي پرستش آهي ۽ نيڪي ۽ ڀلائي ڪرڻ ان جي عبادت ۽ اطاعت آهي.
5 انسان جو روح جيڪڏهن گناهن کان پاڪ نه هجي ۽ خدا جي عنايت شامل نه هجي ته اهو ڀٽڪندو رهندو آهي.
6 اصل مذهب معرفت آهي، جيڪي ماڻهو عقلمند ۽ تجربيڪار آهن اهي ان جي ذريعي ڇوٽڪارو حاصل ڪندا آهن.
نوٽ : برهمو سماج جا ڪجهه خيال مسلمانن جي جديد فرقي ”نيچريه“ سان ملن ٿا. برهمو سماج الله جي وحدانيت جو ضرور قائل آهي، پر الهام، دعا جي قبوليت ۽ ڪرامتن جو انڪاري آهي، اهڙي طرح اهي رسالت جي سلسلي کي به نه مڃيندا آهن. هن تحريڪ جو بنياد عقلي دليلن تي آهي.
جيستائين اخلاقي اصولن ۽ عبادت جي طريقي جو تعلق آهي ته راجا رام موهن عيسائي مذهب جي اصولن کي اختيار ڪيو هو. برهمو سماج کي عيسائي ”بي عيسيٰ مذهب“ چوندا آهن.
[b]ڀڳتي ۽ گيتا جون تحريڪون
[/b] عقلي دليلن سان روحاني اڃ ختم نٿي ڪري سگهجي، تنهن ڪري ان جي خلاف ردعمل شروع ٿي ويو. اهو رد عمل بنگال ۾ ڪيترين ئي شڪلين ۾ ظاهر ٿيو. پنڊت مجوجي ڪرشنا گوسوائي ڀڳتي فلسفي جو گهڻو پرچار ڪيو ۽ ڀڳتي يوگ ان جي زندگيءَ جو طريقو هو. ان کان علاوه ايشور چند، وديا ساگر ايشوني ڪمار دت ۽ مانو رنجن گوهاٽا ڪرتا به ڀڳتي اصولن جا پرجوش حامي ۽ مبلغ هئا. اهي ماڻهو گيتا کي ئي هدايت جو سرچشمو سمجهندا هئا. ڊاڪٽر رابندر ناٿ ٽئگور به انهن ئي خيالن جو حامي هو.
[b]آريه سماج
[/b] آريه سماج جو باني سوامي ديانند سرسوتي (1834- 1833ع) هو. هو ڪرودي رياست جي هڪ برهمڻ خاندان ۾ پيدا ٿيو. اها رياست اولهه هند جي ڪاٺياواڙ علائقي ۾ آهي. ديانند جو والد ۽ ٻيا ماڻهو شِو جي پرستش ڪندي سمهي پيا پر هيءُ جاڳي رهيو هو. هن ڏٺو ته هڪ ڪوئو يشوِجي مٿي تي ويهي چانور کائي رهيو آهي. هن سوچيو ته جيڪا مورتي ڪوئي کي نٿي ڀڄائي سگهي ته ان جي پرستش جو ڪهڙو فائدو؟ ان واقعي کي ڏسي هن مورتيءَ جي پوڄا کان توبهه ڪئي ۽ عالمي مذهبن جي ڪتابن جو مطالعو شروع ڪيو. هن جي شادي طئي ڪئي وئي پر هو بنارس هليو ويو ۽ پندرهن ورهين تائين (1845ع-1860ع) اتي مطالعي ۽ يوگ ۾ مصروف رهيو. ان کانپوءِ تبليغي دورن تي هليو ويو. 1875ع ۾ بمبئي ۾ جڏهن هو 1 5 ورهين جو ٿيو ته هن آريه سماج جو بنياد رکيو جنهنجو مقصد بت پرستي ۽ شرڪ کي ختم ڪري ويدڪ مذهب کي جيئرو ڪرڻ هو. ٻن ورهين کانپوءِ هن لاهور ۾ آريه سماج شاخ جو افتتاح ڪيو ۽ پنهنجي باقي زندگي پنهنجي نظرين جي ڦهلاءُ، ڪتاب لکڻ ۽ آريه سماج جي شاخن جي نظرداريءَ ۾ گذاري.
هن، هر مذهب جي عالمن سان مناظرا ڪيا ۽ 9 1 ڪتاب لکيا جن ۾ رگويد آدي، ڀاشيه ڀومڪا ۽ ستيارٿ پرڪاش گهڻا مشهور آهن، پهريون ڪتاب چئني ويدن جي تفسير جو مقدمو آهي. ستيارٿ جي چوڏهين باب ۾ اسلام تي حملا ڪيا ويا آهن، ان کانسواءِ هن ڪتاب ۾ سکن، جينين ۽ عيسائين جي مقدس هستين تي چٿرون ڪيون ويون آهن. ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.
[b]تعليم [/b]
هن، هندن جي سڀني شاسترن کي سواءِ چئني ويدن کي رد ڪيو. ويدن جي موجود شرحن تي سخت تنقيد ڪئي ۽ ان جي ڪيترين ئي معنائن جو انڪار ڪيو. هن برهمڻن جي ان خيال جي سخت ترديد ڪئي ته ويد صرف برهمڻ پڙهي سگهن ٿا. هن ويدن جي علم جو دروازو هر ماڻهوءَ تي کولي ڇڏيو ۽ ذات پات جي فرق کي رد ڪيو. هن بت پرستي ۽ گهڻن ديوتائن جي پوڄا، ويدانت جي مسئلي، وحدت الوجود ۽ اوتار جي مسئلن کي ناقابل قبول قرار ڏنو ۽ اگني، وايو، جل، سج ۽ چنڊ وغيره جا بيان ڪيا.
هي توحيد جي دعويٰ ڪن ٿا پر انهن جي توحيد ناقص آهي ڇو ته اهي روح ۽ مادي کي ازلي ۽ ابدي مڃين ٿا. ستيارٿ پرڪاش ۽ آدي ڀاشا ڀومڪا ۾ لکيل آهي ته پرميشور (خدا) جيو (روح) ۽ پراڪرتي (مادو) قديم آهن. پرميشور گيان سان روح ۽ مادي تي ضابطو آڻي دنيا قائم ڪئي.
[b]سماج ۾ داخل ٿيڻ جا شرط
[/b] هر رڪن پنهنجي آمدنيءَ جو هڪ سيڪڙو سماج کي ڏئي ۽ ڏهن اصولن کي قبول ڪري. پهريان ٽي اصول ته خدا ۽ ويدن جي صفتن جي باري ۾ آهن. ڇهن اصولن جو تعلق اخلاق سان آهي ۽ ڏهون اصول ذاتي معاملن ۾ آزادي ڏيڻ بابت آهي پر سماج جي مفاد خلاف ڪوبه ڪم ڪرڻ جي سخت منع ٿيل آهي.
[b]آريه سماج جا ٽي غلط نظريا
[/b] پهريون غلط نظريو هيءُ آهي ته مادو ۽ روح الله وانگر ازلي، ابدي ۽ دائمي آهن ۽ مخلوق نه آهن. ٻيو نظريو تناسخ آهي ۽ ٽيون نظريو نيوگ آهي. ڄاڻايل ٽنهي نظرين تي مسلمان عالمن کانسواءِ سڀ کان وڌيڪ تنقيد مرزا غلام احمد قاديانيءَ ڪئي آهي. هن سناتن ڌرم کي آريه سماج تي ترجيح ڏني.
[b]هندو مت ۽ اسلام
[/b]1 . قرآن مجيد جي دعويٰ آهي ته هر قوم ڏانهن نبي آيا ۽ انهن سڀني قومن ڏانهن انهن جي ٻوليءَ ۾ وحي نازل ٿي (الفاطر24 - يونس 47 ) پر هندومت جا پيروڪار صرف آريه قوم ۾ الهام، وحي ۽ هدايت جا قائل هئا.
2 اسلام سڀني قومن ۽ انسانن کي مساوات جو درجو ڏنو. (النساءِ1 - الحجرات 11)
3 اهي ماڻهو جيڪي الله تي ايمان رکندا آهن پاڻ ۾ ڀائر آهن.
ويدن برهمڻ، کتري، وئش، شودر، راڪش ۽ مليڇ وغيره جي ورهاست ڪري انسانن ۾ فرق جو بنياد رکيو، اهو معاشرتي زندگيءَ جو نهايت ڀيانڪ پهلو آهي.
4 اسلام ڪنهن قوم سان قوم جي حيثيت ۾ نفرت نه سيکاري (لقمان 18 ) (الحجرات 11) سڄي مخلوق الله جو عيال آهي ۽ الله سڀ کان وڌيڪ محبت ان سان ڪندو آهي جيڪو الله جي مخلوق کي سڀ کان وڌيڪ چاهيندو آهي.
5 اسلام ڪنهن ٻوليءَ کان نفرت نٿو سيکاري، ويدن ڪيترن کي ڌاڙيل جو خطاب ڏئي نفرتون وڌايون ۽ غيرآرين جي ٻوليءَ سان نفرت جي تعليم ڏني.
6 اسلام انسان کي واحد خالق ۽ پروردگار تي ايمان جي تلقين ڪئي آهي. جڏهن ته هندو مت ڪيترن ئي ديوي ديوتائن تي ايمان کي لازمي قرار ڏنو آهي.
7 اسلام غيرفاني خدا جي پرستش ۽ عبادت سيکاري ٿو ته جيئن انسان ڪردار جي اعليٰ منزل تائين پهچي ۽ خدا پرستيءَ جي زندگي اختيار ڪري هدايت حاصل ڪري. هندومت واضح طور تي بت پرستيءَ جي تعليم ڏئي ٿو.
8 اسلام هڪ اخلاقي، معاشي، معاشرتي ۽ روحاني ضابطو پيش ڪري ٿو، هندو مت رسم پرستيءَ کانسواءِ ڪنهن منزل جي نشاندهي نٿو ڪري.
9 اسلام هڪ آفاقي ۽ عالمگير مذهب آهي (يوسف 4 1-104 /السبا 24)
0 1 اسلام جو نيوگ جي مسئلي سان شديد اختلاف آهي.
نيوگ مسئلي، مادي ۽ روح جي ازلي ۽ ابدي هجڻ جي عقيدي، تناسخ جي عقيدي تي تنقيد ۽ ان جي ترديد تي دليل ڪتابن ۾ ڏسي سگهجن ٿا.
[b]رام چندر ۽ رامائڻ
[/b] ايوڌيا گنگا جي اتر ۾ ڪوشل واري عظيم سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ هئي، جنهن کي سرايو درياءُ سيراب ڪندو هو. ايوڌيا کي سوريه ونشي راجا منو تعمير ڪيو هو ۽ اتي قديم هندستاني تهذيب عروج تي پهتل هئي.
ايوڌيا جي دفاع لاءِ طاقتور فوج مقرر هئي، جنهن جي ڪري ڪوبه دشمن حملو نه پيو ڪري سگهي. ايوڌيا جي لفظي معني آهي ”جنهن کي جنگ ۾ کٽي نه سگهجي.“ ان ۾ قلعا جوڙيا ويا هئا، جن جي چوڌاري خندقون کوٽي اهي بچاءَ جي سامان سان ڀريون ويون هيون.
ايوڌيا جو حڪمران راجه دسرٿ هو. دسرٿ جا تمام ڏاها اٺ وزير هئا جيڪي هن کي هر معاملي ۾ مشورو ڏيندا هئا. ويشنهه ۽ وامديو جهڙا ولي (رشي) ۽ ٻيا برهمڻ ڌرم جي تعليم ڏيندا هئا. قربانيءَ جو رسمون ادا ڪندا هئا. ماڻهن تي هلڪا ٽيڪس لاڳو هئا ۽ ڏوهه جي سزا ڏوهه مطابق ڏني ويندي هئي.
ان سڄي خوشحاليءَ باوجود دسرٿ کي هڪڙو ڏک اهو هو ته کيس پُٽ ڪونه هو. بادشاه هڪ ڏينهن پٽ ڄمڻ لاءِ (اشوميٿ/ گهوڙي جي قرباني) ادا ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ان لاءِ هن هڪ تمام وڏي دعوت جو انتظام ڪيو جنهن ۾ ان دور جا ڪيترائي بادشاهه ۽ راجا شريڪ ٿيا. جنهن جڳهه تي دعوت ڪئي وئي، اها هڪ شهر جي شڪل اختيار ڪري وئي، جنهن ۾ بادشاهن، رشين ۽ ٻين مهمانن جي رهائش ۽ تفريح جو بندوبست ٿيل هو. ان دعوت جو انتظام مذهبي ماهرن جي مشوري مطابق رشيه سرنگا جي سپرد ڪيو ويو هو.
قرباني قبول پئي ۽ بادشاهه کي اشارو مليو ته هن کي پٽ ڄمندا. دسرٿ جون ٽي زالون هيون. ڪوشليه جنهن مان رام چندر پيدا ٿيو. ٻي ست مٿرا هئي جنهن مان جاڙا لڪشمڻ ۽ شتروگن پيدا ٿيا، ٽئين زال ڪيڪئي مان ڀرت ڄائو. دسرٿ پنهنجي چئني پٽن کي شهزادن واري تربيت ڏني. رام ۽ لڪشمڻ جو پاڻ ۾ تمام گهڻو پيار هو، اهڙي نموني ڀرت ۽ شتروگن ۾ محبت هئي. دسرٿ جا چارئي پٽ طاقتور، نيڪ، بهادر، قابل ۽ شاهي خصوصيتن جا مالڪ هئا پر چئني مان دسرٿ کي پنهنجي وڏي پٽ رام سان تمام گهڻي محبت هئي ۽ رام کي ئي سلطنت جو سربراهه بڻائڻ جي ارادي سبب عوام تمام گهڻو خوش هو.
ايوڌيا جو ٻيو نالو ڪوشل هو، انڪري رام جي والده کي ڪوشليه جي ملڪه چيو ويندو هو. هڪ ڏينهن بادشاه پنهنجي پٽن جي شاديءَ جي باري ۾ سوچي رهيو هو ته کيس خبر ملي ته مشهور رشي وشواتر جيڪو پاڻ به هڪ بادشاه هو ۽ کيس رياضتن جي ڪري ايشور جو قرب نصيب ٿيو هو، هن سان ملڻ جي لاءِ آيو. وشواتر جو اچڻ غير متوقع هو. بادشاه پنهنجي تخت تان هيٺ لٿو ۽ تعظيم سان ان جو استقبال ڪيائين. وشواتر کي سڀني رشين کان وڌيڪ عظمت حاصل هئي.
[b]رام چندر جو بنو اس لاءِ گهران نڪرڻ
[/b] هندو ديومالائي قصن هن واقعي کي عجيب رنگ ڏنو آهي، پر اها رام جي جڳهه تي ڀرت کي اقتدار ڏيڻ جي ڪوشش هئي. ڊاڪٽر ٽئگور 1928ع ۾ سوويت يونين ويو هو. واپس اچڻ کانپوءِ هن هندو تاريخ جي واقعن جي سماجي پهلوءَ تي روشني وڌي. هن ٻڌايو ته ڀرت جي والده ڪيڪئي کي دسرٿ جي درٻارين رام کي اقتدار کان محروم ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو، ڇو ته هنن سوچيو ته جيڪڏهن رام کي اقتدار مليو ته هو نهايت عوام دوست ۽ نيڪ جذبا ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪندو، جنهن جي ڪري عوام تي سندن دٻدٻو ختم ٿي ويندو. ان منصوبي کي اڳيان رکندي هنن ڀرت جي والده ڪيڪئي کي اها ڳالهه سمجهائي ته اهڙي نموني هن جو پٽ ڀرت اقتدار کان محروم ٿي ويندو.
قصي ۾ ملڪه ڪيڪئي جي هڪ ويجهي ۽ رازدار نوڪرياڻيءَ جو نالو ڄاڻايل آهي منٿرا. هوءَ ملڪه جي پري جي مائٽياڻي به هئي. دسرٿ رام کي ولي عهد بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اتفاق سان منٿرا بادشاهه جي سڄي ڳالهه ٻولهه ٻڌي ورتي ۽ جشن جي تيارين کي پنهنجي اکين سان ڏسي ورتو. منٿرا رام جي تاجپوشيءَ کان ناخوش هئي. غصي ۾ ڪيڪئي ڏانهن وئي جيڪا هن جي چوڻ ۾ اچي وئي ۽ انتهائي غصي ۾ بادشاهه کي چيائين ته هو رام جي جڳهه تي ڀرت کي ولي عهد بڻائي ۽ رام کي چوڏهن ورهين جو بنواس ڏئي.
دسرٿ کي ان سازش جو تمام گهڻو ڏک ٿيو. هو رام جي خوبين کي ڄاڻي پيو. جيئن ته هو رام سان محبت ڪندو هو تنهن ڪري کيس ڪهڙي بهاني سان بنواس جو حڪم ڏئي! ساڳئي وقت واعدي خلافي به نه پيو ڪري سگهي ڇو ته ڪيڪئي هن کان واعدو ورتو هو هوءَ جيڪو ڪجهه چوندي ان کي مڃي وٺندو. بادشاهه ڪيڪئي ملڪه کي چيو ته مون تنهنجي چهري کان دوکو کائي توکي زال بڻايو پر تون نانگڻ نڪتينءَ. پوڙهو بادشاهه ان ڏک ۾ حال کان بيحال ٿيندو پيو وڃي. رام پنهنجي پيءُ جي حالت ڏسي چيو ته هو چوڏهن ورهين لاءِ بنواس وٺڻ لاءِ تيار آهي، هن کي اقتدار جي ڪائي بک نه هئي، هو پنهنجي پيءُ کي ڏک ۾ ڏسڻ نه پيو چاهي.
[b]سيتا ۽ رام جي شادي
[/b] سيتا منهلاجي بادشاه جنڪ جي ڌيءَ هئي. منهلا اتر بهار جي گاديءَ واري هنڌ جوگنڊ ۽ ڪوشي دريائن جي وچ ۾ هو. جنڪ عوام دوست ۽ منصف مزاج بادشاهه هو، هو پنهنجي مذهب جو عالم به هو. قصي ۾ کيس آسماني مخلوق بڻايو ويو آهي. سيتا تمام خوبصورت هئي، سندس حسن جي ڪري تمام گهڻا شهزادا هن کي حاصل ڪرڻ چاهين پيا پر بادشاه جنڪ اهو شرط رکيو ته جيڪو شهزادي رونا (ديوتا) ڏانهن ڪمان مان تير هلائي سگهندو، سيتا جي شادي ان سان ٿيندي. ڪوبه به شهزادو اهو شرط پورو نه ڪري سگهيو ڇو ته اهو ڪمان تمام وڏو هو جنهن کي اٺن ڦيٿن واري رٿ تي آندو ويو هو.
رام ان ڪمان کي تمام سولائيءَ سان ائين کنيو ڄڻ اهو ڪو گل هجي. اهو ڏسي جنڪ بادشاهه اعلان ڪيو ته رام جي شادي سيتا سان ٿيندي. رام جو والد جنڪ جو دوست هو، کيس ان واقعي جو اطلاع ڏنو ويو ۽ رام سان سيتا جي شادي ٿي وئي پر رام پنهنجي پيءُ جي واعدي مطابق بنواس وٺڻ جو ارادو ڪيو. لڪشمڻ ۽ سيتا به رام سان وڃڻ جو ارادو ڪيو. لڪشمڻ کي ان واقعي تي تمام گهڻو غصو هو ته وڏو ڀاءُ جهنگ ۾ هليو وڃي ۽ ننڍو ڀاءُ حڪومت ڪري پر هو رام جي ارادي ۽ وفا سبب مجبور هو. لڪشمڻ جي والده سومترا بادشاه کي تسلي ڏني ته رام هڪ ڏينهن چوڏهين جي چنڊ وانگر واپس ايندو.
ايوڌيا جا ماڻهو رام سان تمام گهڻي محبت ڪندا هئا. هنن رام کي گهڻو روڪيو پر هن چيو ته هو پنهنجي پيءُ سان ڪيل واعدو نڀائيندو. رام بنواس جي پهرين رات تمس دريائ جي ڪناري گذاري. لڪشمڻ رام ۽ سيتا جي لاءِ ڪجهه گاهه زمين تي وڇايو ۽ پاڻ سڄي رات پهرو ڏيندو رهيو. صبح جو رٿ سان تمس درياءَ پار ڪيو ۽ حڪومت جي سيڪريٽري سومنتر کي واپس وڃڻ جو حڪم ڏنو. تمس دريائ جي ڪناري گهڻا شهري ستل هئا، جڏهن انهن کي خبر پئي ته سومنتر واپس هليو ويو آهي ته اهي به انتهائي ڏک، غصي ۽ افسوس سان ايوڌيا واپس هليا ويا.
[b]بنواس جي سفر جا اهم واقعا
[/b] رام، لڪشمڻ ۽ سيتا ٽيئي پنهنجي رٿ تي سفر ڪندي گنگا نديءَ تائين پهچي ويا ۽ رات اتي ئي گذاريائون. علائقي جو سردار رام جي اچڻ جو ٻڌي پنهنجي شاهي اٽالي سان استقبال جي لاءِ آيو. هو گنگا ڪناري آباد قبيلن جو سردار هو، انڪري هو گهڻو طاقتور ۽ اقتدار وارو هو. هن رام جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي. رام هن کي ندي پار ڪرڻ خاطر ٻيڙي آڻڻ لاءِ چيو. ملاحن ٽنهي کي گنگا جي ڪناري تي لاٿو، هاڻي هو اتي اڪيلا هئا، اها رات گنگا ڪناري گذاري صبح جو سوير ڀردواج جي آشرم ڏانهن روانا ٿي ويا ۽ سج لهڻ تائين اتي پهچي ويا. رام رشي ڀردواج جو شڪريو ادا ڪندي هن کان پڇيو ته هو پنهنجي بنواس جا ڏينهن ڪهڙي جڳهه تي سڪون سان گذاري سگهن ٿا.
[b]چتر ڪوٽ
[/b] رام، ڀردواج رشيءَ وٽ رات گذاري ۽ صبح جو سندس دعائن سان چترڪوٽ واري جبل جي ڳولا ۾ روانو ٿي ويو. ٽنهي رشيءَ جي هدايت تي سختيءَ سان عمل ڪيو ۽ ڪالندي (جمنا) نديءَ جي ڪناري پهچي ويا. هنن ندي پار ڪرڻ لاءِ وڻن ۽ لامن جي مدد سان هڪ ترهو جوڙيو ۽ ان تي چڙهي ندي پار ڪئي. ڪجهه وڌيڪ نديون پار ڪرڻ کانپوءِ هو هڪ وڏي وڻ تائين پهچي ويا جنهن جو رشيءَ ساڻن ذڪر ڪيو هو. هنن سفر مان تمام گهڻو مزو ورتو ۽ رات نديءَ جي ڪناري گذاريائون.
ٻئي ڏينهن صبح جو عبادت کانپوءِ رشي ڀردواج جي ٻڌايل رستي تي هلي پيا. بهار جي موسم هئي. جهنگ ۾ هر طرف گلن ۽ وڻن جون ٽاريون ميون سان ڇِنجهه هيون. هنن کي پري کان چترڪوٽ جو جبل نظر آيو. رام جهنگ جي تعريف ڪئي ته ان ۾ ميوا گهڻي مقدار ۾ موجود آهن ۽ ان ۾ جوڙيل آشرم ۾ رشي رهندا هئا.
ان کانپوءِ لڪشمڻ پنهنجي ذهانت ۽ تجربي سان پنهنجي لاءِ آشرم جوڙيو. ٽيئي ماليوتي نديءَ جي ڪناري تي چترڪوٽ جي خوبصورت جبل ويجهو جهوپڙيءَ ۾ بي فڪر ٿي ڏينهن گذارڻ لڳا. هو روز عبادت ڪندا هئا ۽ اهو وساري ڇڏيو هئائون ته اهي جلاوطن ڪيا ويا آهن.
سومترا دسرٿ جي سيڪريٽري سومنتر کي حڪم ڏنو ته هو واپس ايوڌيا هليو وڃي. سومنتر جڏهن ايوڌيا ۾ داخل ٿيو ته هر طرف مايوسي ۽ خاموشي هئي. ماڻهن روئندي، رڙيون ڪندي رٿ کي گهيري ورتو ۽ پڇيو ته هو رام، سيتا ۽ لڪشمڻ کي ڪٿي ڇڏي آيو آهي. هن چيو ته رام گنگا پار ڪري ويو ۽ پيرين پنڌ جهنگ ڏانهن هليو ويو. ماڻهو روئندا رهيا. سومنتر رٿ کي شاهي محل آڏو روڪيو. هتي به ماڻهن جو هجوم گڏ ٿي ويو، سومنتر پريشاني واري حالت ۾ ملڪه جي ڪمري ۾ داخل ٿيو. بادشاهه مرڻينگ حالت ۾ زمين تي ليٽيل هو.
رام جي والده ڪوشليه ڏک ۽ ڪاوڙ برداشت نه ڪري سگهي، هن بادشاه کي گهٽ وڌ ڳالهايو۽ چيو ته هن جي حڪم سان اها سڄي تباهي آئي آهي. دسرٿ اکيون کوليون ته سومنتر کيس رام جو پيغام ٻڌايو. سومنتر ملڪه ڪوشليه کي دلاسو ڏنو ۽ صبر کان ڪم وٺڻ لاءِ چيو.
بادشاهه ملڪه ڪوشليه کي اهو واقعو ٻڌايو، جنهن جي گناهه سبب کين ڪري انهن کي اها تڪليف پهتي هئي. پوءِ بادشاه بي هوش ٿيو ته صبح جو سوير معمول مطابق ڀڄن وارا هن جي ڪمري ۾ کيس جاڳائڻ آيا پر هنن ڏٺو ته بادشاه جو روح پرواز ڪري چڪو آهي. جلدي اها خبر ڦهلجي وئي ۽ سڄو محل سوڳوار ٿي ويو، ڪوشليه ڏک ۾ دسرٿ جي لاش کي چنبڙي ويئي. محل جي ماڻهن هن کي وڏي ڪوشش سان بادشاه جي لاش کان الڳ ڪيو.
[b]ڀرت جو اچڻ
[/b] رام ۽ لڪشمڻ ته جهنگ ۾ ئي هئا. جڏهن ته ڀرت ۽ شتروگن گهڻو پري مامن وٽ هئا، انڪري آخري رسمون ادا نه پيون ڪري سگهجن. ڀرت کي گهرائڻ لاءِ وفد موڪليو ويو ۽ بادشاهه جي لاش کي محفوظ رکڻ جي لاءِ تيل ۾ ٻوڙيو ويو. محل جي انتظاميه، وزيرن ۽ ٻين ڏاهن چيو ته ائين لڳي ٿو ته سڄو ملڪ اونداهيءَ ۾ ٻڏي ويو آهي. ڌرم کي خطرو آهي انڪري ضروري آهي ته ڪنهن بادشاه کي ڳوليو وڃي. تمام جلد سونهان قاصد گهرايا ويا. وڏي سفر جي تياريءَ بعد کين وڏن اٽالن سان تيز رفتار گهوڙن تي ويهاري روانو ڪيو ويو. اهي جهنگ پار ڪري ڪيڪه پهتا جيڪو موجوده پنجاب ۾ ڪٿي آهي.
ڪيڪه جي بادشاه کي قاصدن جي اچڻ جو اطلاع ڏنو ويو، ڪيڪه جي بادشاه ۽ هن جي پٽن يڌ ۽ اجيت قاصدن کي گهڻي عزت ڏني، هنن بادشاه ۽ شهزادن کي سلام ڪري ڀرت کي اهو پيغام ٻڌايو ته پروهتن ۽ وزيرن توهان کي آشير واد ڏنو آهي ۽ توهان کي جلدي ايوڌيا واپس وڃڻ جي درخواست ڪئي آهي. اتي اوهان جي سخت ضرورت آهي.
ڀرت پنهنجن مامن ۽ ناني کان واپس ايوڌيا وڃڻ جي اجازت گهري. ڪراڙي بادشاهه ۽ سندس پٽن پنهنجي ملڪ جون قيمتي شيون گڏ ڪيون. اهي دسرٿ بادشاه ۽ رام جي لاءِ تحفي ۾ ڏنيون. ڀرت ۽ شتروگن پنهنجي اٺن تي سوار ٿيا ۽ وڏي شاهي اٽالي سان ايوڌيا ۾ داخل ٿيا. ڀرت باب الفتح کان شهر ۾ داخل ٿيو. سڄو شهر ويران ۽ اداس هو. ماڻهن جا منهن لٿل هئا. هر پاسي ڏک ۽ افسوس واري حالت هئي. ڀرت سوچيو ته شهر تي ڪا آفت آئي آهي. هو محل ۾ داخل ٿيو. ماءُ کيس پيار ڪيو ۽ پيشاني چمڻ بعد بادشاه جي وفات جي خبر ٻڌائي.
ڀرت اهو ٻڌي صدمي ۾ زمين تي ڪري پيو، پوءِ هن کي رام، سيتا ۽ لڪشمڻ جي جهنگ ڏانهن وڃڻ جو به اطلاع ڏنو ويو، جنهن کي ٻڌي هو سڪتي جي ڪيفيت ۾ اچي ويو. ڪيڪئي چيو ته مرڻ وقت بادشاه جي زبان تي هاءِ رام، سيتا ۽ لڪشمڻ جا لفظ هئا. هن چيو ته منهنجو پٽ رام، سيتا ۽ لڪشمڻ سنياسين وارا ڪپڙا پائي جهنگ ڏانهن هليا ويا. ڀرت جي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته رام کان اهڙو ڪهڙو ڏوهه ٿيو جنهن جي ڪري هن کي جلاوطن ڪيو ويو. سندس والده کيس سڄو قصو ٻڌايو ته بادشاهه پنهنجي واعدي مطابق رام کي چوڏهن ورهين جي لاءِ بنواس ڏنو. والده ڀرت کي چيو ته هاڻي روئڻ مان ڪو فائدو نه آهي. تون ڌرم کي مڃين ٿو. تنهنجو فرض آهي ته بادشاهه جي ذميواري کڻ. مان اهو سڀ ڪجهه تنهنجي لاءِ ڪيو آهي، تون کتري آهين ۽ پيءُ جي سلطنت توکي ورثي ۾ ملي آهي. باهه ٻار ۽ تاجپوشيءَ جي تياري ڪر.
ڪيڪئي جي سازش جي ناڪامي
هاڻي ڀرت کي سڀ ڪجهه سمجهه ۾ اچي ويو ۽ هن پنهنجي ماءُ جي هٿان ٿيل ظلم کي ڄاڻي ورتو. ڀرت روئيندي بادشاهت سنڀالڻ کان انڪار ڪيو ۽ ماءُ کي سازش ڪرڻ تي سخت لهجي ۾ گهٽ وڌ ڳالهايو. ڀرت چيو”منهنجي پيءُ ۽ پنهنجي مڙس جي قاتل، تون هڪ نيڪ بادشاهه اشوپتي جي ڌيءُ نه آهين، تون شيطان آهين، مان آخري رسمن جي ادائگيءَ کانپوءِ جهنگ ۾ وڃي رام جي پيرين پئي کيس سلطنت ۾ واپس وٺي ايندس، ان کانپوءِ جهنگ ۾ سنياسين واري زندگي گذاريندس.“
ياد رهي ته ڀرت جو ڪردار نيڪيءَ وارو هو. اتر جي ڳوٺن ۾ ماڻهو چتر ڪوٽ ۾ رام ۽ ڀرت جي ملاقات جي ياد ۾ هڪ ساليانو ميلو مچائيندا آهن. سندن خيال ۾ رامائڻ جو اهو حصو تمام مقدس آهي. انهن زمانن ۾ اهڙا عظيم ۽ اعليٰ ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا آهن جن جي نيڪين اونداهي دنيا کي روشن ڪيو.
ڪوشليه جو خيال هو ته ڀرت تخت حاصل ڪرڻ لاءِ واپس آيو آهي، انڪري هن ڀرت کي چيو ته سلطنت سنڀال ۽ خوشيون ملهاءِ. ڪوشليه جي انهن لفظن ڀرت جي دل تي گهڻو اثر ڪيو ۽ هو بي هوش ٿي ويو. هوش ۾ اچڻ کانپوءِ هو ڪوشليه ماءُ کان ڪاوڙ جي ويو. هن هٿ مٿي کڻي دعا گهري ته جيڪڏهن آءٌ اِن سازش جو حصو ٿيان ته سڀني انسانن جا گناه منهنجي کاتي ۾لکيا وڃن. ڀرت جي صاف دليءَ ڪوشليه جو شڪ ختم ڪيو، هن وڏي پيار سان ڀرت کي زمين تان اٿاريو ۽ هن جو مٿو پنهنجي هنج ۾رکيو.
بادشاهه جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون. ويشنهه ۽ ٻين عالمن ۽ بزرگن ڀرت ۽ شتروگن کي شاسترن جي ذريعي تسلي ڏني. وزيرن بادشاهه جي ڪرياڪرم بعد چوڏهن ڏينهن کانپوءِ راج سڀا گهرائي ۽ ڀرت کي چيو ته بادشاه ۽ رام کانپوءِ هن ملڪ ۽ سلطنت کي تنهنجي ضرورت آهي. تاجپوشيءَ جون تياريون مڪمل آهن، سڀ تنهنجي رضامندي چاهين ٿا، تون ئي سچائي ۽ ايمانداريءَ سان حڪومت ڪري سگهين ٿو.
ڀرت چيو ته اسانجي خاندان ۾ تاج ۽ تخت جو وارث وڏي پٽ کي سمجهيو ويندو آهي. مان جهنگ ۾ وڃي رام، سيتا ۽ لڪشمڻ کي واپس آڻيندس. مهرباني ڪري ان سفر جي لاءِ ماڻهو، سامان ۽ رستو تيار ڪيو. ڀرت جي ان ارادي سان سڀني کي خوشي ٿي.
ڀرت سان وڃڻ لاءِ فوج ۽ هڪ وڏو حفاظتي اٽالو تيار ڪيو ويو، مزدورن جي فوج رستو ٺاهڻ جي لاءِ رواني ٿي وئي. سفر جي تيارين باوجود ويشنهه راج سڀا گهرائي ۽ وزيرن کي ڀرت جي محل ۾ موڪليو، جن کيس ٻڌايو ته هيءَ سلطنت تنهنجي پيءُ ۽ رام جي طرفان توکي ڏني وئي آهي. قديم رواج مطابق ان کي قبول ڪري، اسان جي حفاظت ڪيو. ان جي باوجود ڀرت وڏي عزم سان تاجپوشيءَ کان انڪار ڪيو.
شڪاري بادشاه گوها هڪ وڏي فوج کي ڏسي جهنڊي تي وڻ جي نشان مان اهو اندازو لڳايو ته اها ايوڌيا جي فوج آهي. گوها احتياط طور پنهنجي فوج جا دستا متعين ڪيا ۽ چيو ته جيڪڏهن اچڻ وارا رام جا حامي آهن ته کين درياءُ پار ڪرڻ ۾ مدد ڏني وڃي، نه ته انهن کي درياءُ پار ڪرڻ نه ڏنو وڃي. هو پاڻ ڀرت سان ملڻ لاءِ هن وٽ ويو ۽ پنهنجو شڪ ظاهر ڪيائين پر پوءِ هن کي يقين ٿي ويو ته ڀرت رام کي واپس آڻڻ جي لاءِ نيڪ ارادو رکي ٿو. ان تي هن اها جڳهه ٻڌائي جتي رام، سيتا ۽ لڪشمڻ رهن پيا. فوج جا ماڻهو سمهي پيا ۽ گوها ڪمان کڻي سڄي رات پهرو ڏيندو رهيو. صبح ٿيو ته گوها ٻڌايو ته ڪشتين جو وڏو ٻيڙو درياءَ پارڪ ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، اهڙي نموني سڀ درياءَ پار ڪري ويا. ڀرت ۽ ان جي فوج پهريان آشرم ڏانهن وئي. ڀرت سان ڳالهه ٻول ۾ رشيءَ جا سڀ شڪ ختم ٿي ويا، رشيءَ سڄي فوج کي کاڌو کارايو ۽ سڀ سمهي رهيا.
صبح جو رشيءَ ڀرت کي ٻڌايو ته هتان اڍائي يوجن جي فاصلي تي منڌاڪني ندي (گنگا جو ٻيو نالو) وهندي آهي. ان جي ڪنارن تي غير آباد جهنگ آهي جنهن جي ڏکڻ ۾ چترڪوٽ جو جبل آهي. ٽنهي راڻين يعني ڪوشليه، سومترا ۽ سندس ماءُ ڪيڪئي رشيءَ کان اجازت ورتي. ڀرت ۽ ان جو شاهي دستو روانو ٿيو، هلندي هلندي کين جهنگ ۾ هڪ طرف چترڪوٽ جو جبل نظر آيو. ان تي اٽالي ۾ شامل ماڻهن خوشيءَ مان نعرا هنيا.
[b]ڀائرن جي ملاقات
[/b] رام، سيتا کي جهنگ جي خوبصورت گلن ۽ وڻن جي باري ۾ ٻڌايو ۽ چيو ته هو هتي گهڻو خوش آهي. هن کي پنهنجي پيءُ سان ڪيل واعدو وفا ڪرڻ جي به خوشي هئي. هن ڄاتو ته ڪا فوج هنن ڏانهن اچي رهي آهي ۽ اهو به پتو پيو ته اها ڀرت جي فوج آهي ۽ هو کين قتل ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي. ڀرت، رام کي سڄي سازش وائکي ڪري ٻڌائي ۽ پنهنجي ارادي کان به آگاه ڪيو ته هو کيس واپس وٺڻ لاءِ آيو آهي جيئن هو تخت ۽ تاج سنڀالي جيڪو هن جو خانداني حق آهي.
[b]ڀرت رام جي نائب جي حيثيت سان
[/b] چار ئي شهزادا ۽ ٽيئي راڻيون وري هڪ هنڌ گڏ ٿيا. ان تي سڀ خوش هئا، ويشنو رشي کين رام جي جهوپڙيءَ ۾ وٺي ويو ۽ ڏٺائين ته ٽئي زمين تي ليٽيل هئا. هاڻي سڀ ماڻهو ان انتظار ۾ هئا ته ڀرت ڇا ٿو چوي ۽ رام ڪهڙو جواب ٿو ڏئي .
رام، ڀرت کي چيو ته اسان کي پنهنجي پيءُ جو فيصلو ڪرڻ گهرجي. هن مونکي بن واس ڏنو ۽ توکي سلطنت ڏني. اسان کي اهي فرض ادا ڪرڻ گهرجن جيڪي اسان جي عزت واري ۽ شفيق پيءُ اسان کي سونپيا آهن پر ڀرت انڪار ڪيو ته رام اٽل ارادو ڏيکاريندي چيو ته”منهنجا ڀاءُ، اهو صحيح نه آهي، مٿي اٿ ۽ ايوڌيا وڃي پنهنجا فرض سنڀال. کتري ڌرم سان ٻه اکيائي نه ڪر!“ سڀني ماڻهن چيو ته رام ايوڌيا واپس نه ويندو، انڪري هن تي وڌيڪ دٻاءُ وجهڻ مناسب نه ٿيندو.
ان ئي گهڙي ويشنو رشيءَ کي هڪ حل سمجهه ۾ آيو ته ڀرت، رام جي نائب جي حيثيت سان سلطنت سنڀالي، ان سان مٿس ڪوبه الزام نه ايندو. ان تي ڀرت هن کي چيو ته هو پنهنجا جوتا ڏئي، اهي تنهنجي واپسي تائين حڪومت ڪندا ۽ چوڏهن ورهين تائين آءٌ شهر کان ٻاهر رهي تنهنجي جڳهه تي حڪومت ڪندس. رام ان فيصلي کي مڃي ورتو ۽ پنهنجي پيرن جا جوتا ڀرت کي ڏنا ۽ ڀرت اهي جوتا مٿي تي رکيا.
ڀرت ايوڌيا واپس اچي ويو. ٽنهي راڻين کي سندن محل ۾ ويهاريو، ۽ کين چيو ته هو پنهنجي عظيم ڏک سان شهر کان ٻاهر رهندو ۽ رام سان ڪيل واعدي مطابق حڪومت ڪندو. هن راج سڀا ۾ حلف کڻي بيان ڪيو ته ”سلطنت رام جي آهي، مان پنهنجي ڀاءُ جي جڳهه تي سندس جوتا رکيا آهن.“ اهڙي نموني ڀرت وزيرن جي مدد سان حڪومت ڪندو رهيو.
ڀرت جي وڃڻ کانپوءِ رام چترڪوٽ ڇڏي ڏنو ۽ نئين رهائش جوڙڻ جي لاءِ رشي اتري جي آشرم ۾ ويو. رشيءَ هن جي گهڻي آءُ ڀڳت ڪئي. هن جي گهر واري انسوئيه سان سيتا جي تمام گهڻي دوستي ٿي وئي، انسوئيه پاڪيزه عورت هئي. هو رستو معلوم ڪري هتان هليا ويا.
عظيم ڊنڊي جهنگ مان گذرندي هو هڪ جڳهه تي پهتا جتي ڪافي رشي رهندا هئا. کين پتو پئجي ويو ته هيءُ پاڪ انسانن جو ڳوٺ آهي. رشين هنن کي ڏنو ته سندن تمام گهڻي تعظيم ڪيائون. ٻئي صبح تي وري جهنگ ڏانهن هليا ويا. هاڻي جهنگ وڌيڪ گهاٽو هو ۽ هر طرف وحشي درندا نظر اچي رهيا هئا.
[b]ڏهه ورهيه گذرڻ کانپوءِ
[/b] ڏهه ورهيه رام، سيتا ۽ لڪشمڻ ان گهاٽي ۽ وسيع جهنگ ۾ رشين جي مهمانداريءَ ۾ گذاريا. رشين جا تمام گهڻا آشرم هئا. جهنگ تمام خوبصورت هو. رام ڏهه ورهيه اهڙي نموني راحت ۽ سڪون ۾ گذاريا. بنواس جا ڏينهن ٿورا رهجي ويا ته رام کي رشي آگستيه جي درشن جي خواهش پيدا ٿي، جيڪو ڏکڻ ۾ رهندو هو. هي به اتري وانگر وڏو رشي هو.
ٻن راڪاسن داتاپتي ۽ الوالا رشين کي تپائي کنيو هو. رام پهرين آگستيه جي ڀاءُ وٽ پهتو ۽ ان جو آشيرواد ورتو، جتان پوءِ ڏکڻ ڏانهن آگستيه جي علائقي ۾ پهچي ويو. اتي هر طرف روشني هئي، پکي ۽ جانور بنا ڪنهن خوف جي برهمڻن جي وچ ۾ گهمي رهيا هئا. رام، لڪشمڻ جي ذريعي رشيءَ کي اطلاع ڏنو ته هو سندس آشيرواد وٺڻ آيو آهي.
آگستيه هن جو گرمجوشيءَ سان آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ چيو ته بنواس جو وقت ختم ٿيڻ تائين هتي رهو، هي علائقو راڪاسن کان محفوظ آهي. رام جواب ڏنو ته مان ڊنڊي جهنگ جي رشين کي تحفظ ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. توهان جو آشيرواد وٺڻ کانپوءِ واپس وڃڻ چاهيان ٿو. رشيءَ رام کي هڪ ڪمان ۽ ڪڏهن خالي نه ٿيڻ وارو ترڪش ڏنو ۽ چيو ته هو ان جي مدد سان راڪاسن کي ختم ڪري.
رشيءَ رام کي چيو ته بنواس جو باقي حصو پنج وتي (گوداوري دريائ وٽ هڪ جڳهه جو نالو، جتي پنجن قسمن جي وڻن جي ڪري ان کي پنج وتي چيو ويندو آهي) ۾ گذاري، اها تمام سهڻي جڳهه آهي. هن کيس سيتا جي حفاظت جي تاڪيد ڪئي.
هتي هڪ ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته سيتا رام کي چيو ته هن رشين جي حفاظت جي ذميواري کڻي غلطي ڪئي آهي، ڇو ته سنياس وٺڻ کانپوءِ رت وهائڻ جائز نه آهي پوءِ اهو رت راڪاسن جو ڇو نه هجي. رام چيو ته کتريءَ جو اهو فرض آهي ته هو مظلوم جي مدد ڪري. ڏس، جهنگ ۾ هِتي هُتي هڏين جا ڍير لڳا پيا آهن جيڪي راڪاسن جي ماريل ماڻهن جا آهن. هنن ڪيترن ئي انسانن کي ماري سندن سر جسم کان جدا ڪيا آهن، ڇا انهن عبادتگذارن جي حفاظت ۽ مدد ڪرڻ ڌرم نه آهي. هو انهن رشين کي راڪاسن کان ضرور بچائيندو.
[b]راوڻ جي ڀيڻ
[/b] رام کي پنج وتيءَ جي آبهوا تمام گهڻي پسند آئي ۽ هن لڪشمڻ کي هتي آشرم جوڙڻ لاءِ چيو. لڪشمڻ تمام سهڻو ۽ آرام وارو آشرم جوڙيو. هو، ڀر وارن جبلن جو سير ڪندا، ندين ۾ وهنجندا ۽ عبادت ڪندا رهيا. هڪ ڏينهن آشرم ۾ ويهي ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته هڪ تمام بدصورت عورت وٽن آئي. رام هن کي ٻڌايو ته هو دسرٿ بادشاهه جو پٽ آهي. ساڳئي وقت هن کيس هتي اچڻ جو سبب به ٻڌايو.
روپ نکا چيو ته هوءَ رام تي عاشق ٿي پئي آهي ۽ سندس زال بڻجڻ چاهي ٿي. رام هن کي چيو ته مان شادي شده آهيان ۽ منهنجي زال مون سان گڏ آهي. منهنجو ڀاءُ لڪشمڻ مرد به آهي ۽ اڪيلو به آهي. تون اُن جي ساٿياڻي بڻجي وڃ. هن لڪشمڻ کي چيو: اچ منهنجا راجه، جهنگ ۾ گهمون. هن سيتا کي ڏسي چيو ته هيءَ اسان جي وچ ۾ رڪاوٽ آهي، مان ان کي ختم ڪري ڇڏينديس. رام سيتا کي پنهنجي حفاظت ۾ ورتو ۽ لڪشمڻ کي چيو ته انهي ڏانئڻ کي منهن ڏئي. لڪشمڻ جلدي تلوار ڪڍي ۽ هن کي ڌڪي ٻاهر وٺي ويو. هوءَ رڙيون ڪندي جهنگ ۾ گم ٿي وئي ۽ ڪهر جيڪو راوڻ جو دوست هو ان کي سڄو قصو ٻڌايو. ڪهر غصي ۾ اٿي بيٺو ۽ پنهنجي سالارن کي حڪم ڏنو ته رام ۽ لڪشمڻ کي قتل ڪري هنن جا لاش منهنجي آڏو آڻيو ۽ سيتا کي گهلي وٺي اچو. سالار ان حڪم جي پورائي لاءِ روانا ٿي و يا.
[b]ڪهر جي تباهي
[/b] روپ نکا ڪهر جي چوڏهن سالارن کي وٺي رام جي آشرم ۾ آئي. رام صورتحال کي سمجهي ورتو. سيتا جي حفاظت لڪشمڻ جي حوالي ڪري پاڻ ڪمان سنڀاليائين. رام سالارن کي چيو ته اسان هن جهنگ ۾ رشين جي دشمنن کي تباهه ڪرڻ آيا آهيون، پر جنگ ٿي وئي. رام پنهنجي تيرن سان انهن سالارن کي ختم ڪيو. روپ نکا رڙيون ڪندي وري ڪهر ڏانهن وئي ۽ ان کي صورتحال جي ڄاڻ ڏنائين. ڪهر هڪ وڏي فوج وٺي ويو. لڪشمڻ سيتا کي وٺي غار ڏانهن هليو ويو.
ڪهر جي فوج صف بنديءَ سان نوبت وڄائيندي اڳتي وڌي. رام تيرن سان فوج کي ڇني ڇڏيو ۽ اها مڪمل تباهه ٿي وئي. دوشن (فوجن جو سالار) ٻيهر فوج وٺي آيو، پر جلدي رام جي تيرن، گهوڙيسوارن ۽ رٿ تي آيلن کي ڍير ڪري ڇڏيو. دوشن به مارجي ويو. هاڻي ڪهر پاڻ مقابلي لاءِ آيو ۽ ٻنهي طرفن کان تير جو وسڪارو شروع ٿي ويو. رام جي زرهه چيرجي وئي. هاڻي رام وشنوءَ واري ڪمان کنئي ۽ ڪهر جي رٿ ۽ ڪمان کي ناڪاره ڪري ڇڏيو. ڪهر نيزو کڻي حملو ڪيو، رام ڪهر کي چيو ته تون جهنگ ۾ رياضت ۽ عبادت ڪرڻ وارن کي ستائين ٿو ۽ راڪاسن کي ختم ڪرڻ منهنجو فرض آهي. هن پنهنجي نيزو رام ڏانهن اڇليو، رام جي تير ان کي ٽڪرا ڪري ڇڏيو، رام هن تي تير وسايا پر هو زخمي حالت ۾ رام ڏانهن وڌيو، رام تير هن کي سيني ۾ هڻي ختم ڪري ڇڏيو.
[b]سيتا جو اغوا
[/b] پنج وتيءَ جي جنگ واري ميدان مان ڀڄڻ وارن ۾هڪ اڪمين به هو. هن لنڪا وڃي راوڻ کي تباهيءَ جي سڄي ڳالهه ٻڌائي. راوڻ کي خبر پئي ته دسرٿ جو پٽ رام پنج وتيءَ ۾ موجود آهي. راوڻ رام کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ اٿيو ته اڪمين هن کي رام جي طاقت جي باري ۾ ٻڌايو ۽ چيو ته رام کي مارڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته هن جي زال سيتا کي اغوا ڪيو وڃي. اهڙي مشوري بعد هو جنگ جو خيال دل مان ڪڍي اغوا جي منصوبي تي سوچڻ لڳو.
راوڻ ماريڇ وٽ پهتو ۽ کيس رام جي طاقت ۽ ڪهر جي تباهيءَ جي ڪهاڻي ٻڌائي. ماريڇ راوڻ کي سيتا کي اغوا نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ هن کي چيو ته سيتا جو اغوانه صرف تنهنجي پر سموري راڪاس نسل جي تباهيءَ جو باعث بڻبو، ان کان مڙي وڃ. راوڻ ماريڇ جو مشورو مڃي ورتو ۽ واپس لنڪا هليو ويو. راوڻ پنهنجي درٻارين جي آڏو تخت تي ويٺو هو ته هن پنهنجي ڀيڻ روپ نکا کي زخمي حالت ۾ ڏٺو. هن سڀني درٻارين کي تمام نفرت ڀريل لفظن ۾گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ ڪهر جي تباهيءَ جو نقشو هنن جي آڏو آندو ۽ چيو ته اڪيلي رام ايتري وڏي فوج کي تباهه ڪري ڇڏيو! راوڻ پنهنجي ڀيڻ جي اهڙي حالت ڏسي ڪاوڙ ۾ آيو ۽ کانئس رام جي باري ۾ پڇيو ته هو ڪير آهي. هن ٻنهي جي طاقت جي باري ۾ ٻڌايو ۽ سيتا جي خوبصورتي ۽ حسن جي باري ۾ وڌاءَ کان ڪم ورتو. جنهنجو اصل مقصد راوڻ جي دل ۾ حسد جي باهه ڀڙڪائڻ هو، راوڻ اهو ٻڌي درٻار کي ختم ڪيو ۽ اڪيلائپ ۾ معاملي تي غور ڪرڻ لڳو. پوءِ ماريڇ وٽ وڃي کيس چيو ته تون هڪ سونهري هرڻ جو روپ ڌاري آشرم جي آسپاس گهمجان، سيتا توکي پڪڙڻ جي لاءِ رام ۽ لڪشمڻ کي چوندي ۽ اهي توکي پڪڙڻ لاءِ تنهنجو پيڇو ڪندا ته مان اڪيلائپ ۾ وڃي سيتا کي اغوا ڪري ايندس. ماريڇ دل برداشته ٿي راوڻ جو چيو مڃيو ۽ هڪ خوبصورت هرڻ جو روپ ڌاريو. ان وقت سيتا جهنگ ۾ گل چونڊي رهي هئي، هن رام ۽ لڪشمڻ کي پڪاريو، پر لڪشمڻ کي شڪ ٿيو ته هي ڪو عام هرڻ نه آهي ۽ ڪنهن راڪاس ان جو روپ ورتو آهي، سيتا جي التجائن کي هو نظر انداز نه ڪري سگهيا ۽ هرڻ کي پڪڙڻ جي لاءِ جهنگ ۾ پري تائين هليا ويا. ايتري ۾ راوڻ سيتا کي اڪيلو ڏسي اغوا ڪري ورتو ۽ هن کي پنهنجي محل ۾ کڻي آيو.
(هن قصي ۾ ديومالائي عنصر موجود آهي. اصل ۾ راوڻ سيتا کي اڪيلو ڏسي اغوا ڪيو. رام ۽ لڪشمڻ جهنگ ۾ هئا ۽ راوڻ هڪ سنياسيءَ جو روپ ڌاري هن کان پاڻي ۽ کاڌو گهريو هو).
سيتا کي قلعي ۾ قيد ڪيو ويو ته جيئن اهو پتو نه پئجي سگهي ته هوءَ ڪٿي آهي. راوڻ صورتحال جي خبر لهڻ لاءِ پنهنجا ماڻهو آشرم ڏانهن موڪليا ۽ سيتا کي راضي ڪرڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳو، وري سيتا کي خوبصورت هيرا، جواهر، ريشم جا ڍير، رٿ، مينار ۽ محل جي خوبصورتي ڏيکاري. هزارين ٻانهيون سيتا کي ريجهائڻ لاءِ آيون پر مٿس ان جو ڪوبه اثر نه ٿيو.
هن سيتا کي ٻڌايو ته شهر جي چوڌاري چار هزار ميلن تائين سمنڊ آهي جنهن تي هزارين جنگجو پهرو ڏئي رهيا آهن. انڪري رام جو هتي پهچڻ ناممڪن آهي، پر ڏکويل هجڻ جي باوجود سيتا ڪنهن خوف ۽ لالچ کي ويجهو اچڻ نه ڏنو.
رام ۽ لڪشمڻ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سيتا کي ڳوليو پر ناڪام ٿيا. هنن کي ڪجهه نشانيون مليون جنهن مان هنن کي پتو پيو ته راوڻ سان گڏ ڪنهن ٻئي ماڻهو جنگ ڪئي آهي. هن قصي ۾ جٽايو نالي ماڻهوءَ کي پکي ظاهر ڪيو ويو آهي. هي به هندو ديومالائي ذهنيت جو مظاهرو آهي. جٽايو سيتا کي راوڻ جي پڪڙ مان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ زبردست جنگ ڪئي جنهن ۾ هو پاڻ به سخت زخمي ٿيو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. رام ۽ لڪشمڻ نشانيون ڏٺيون ۽ زخمي جٽايو هنن کي ٻڌايو ته سيتا کي راوڻ کڻي ويو ۽ هو پاڻ مري ويو آهي. رام ۽ لڪشمڻ چتا ٺاهي ۽ ان کي ساڙيو ۽ ڀڄن ڳاتا ۽ دعائون ڪيون.
جهنگ ۾ هڪ ديو قامت راڪاس سان مليا ۽ ان کي قتل ڪيائون، جنهن مرڻ وقت کين ٻڌايو ته پمپا نديءَ جي ڪناري تي رشد سوڪ جبل (دکن ۾ آهي) تي وڃو اتي توهان کي سيتا جو ڏس پتو ملي ويندو.
سوگريو شهزادي پنهنجي ڀاءُ کان جان بچائي اتي پناهه ورتي هئي ۽ خوفزده رهندو هو ته کيس ڪير قتل نه ڪري ڇڏي، هن رام ۽ لڪشمڻ کي ڏسي سمجهيو ته اهي کتري شايد هن جي ڀاءُ بالي موڪليا آهن پر هنومان جيڪو هن جو وزير اعليٰ هو، تنهن کيس تسلي ڏني ته اهي ماڻهو توکي مارڻ نه آيا آهن. رام هن جون ڳالهيون ٻڌي چيو ته هي ويدن جو استاد ۽ سانکيه فلسفي جو ماهر لڳي ٿو. رام هن کي ٻڌايو ته هو سوگريو سان ملڻ لاءِ آيا آهن. هنومان کولي ڳالهيون ڪيون ۽ هڪ ٻئي جي حالتن بابت معلومات ورتي. هاڻي هو ٽئي سوگريو سان ملڻ جي لاءِ هليا، هنومان سوگريو کي رام ۽ لڪشمڻ جي باري ۾ ٻڌايو ۽ ملاقات تي سوگريو پنهنجي زندگيءَ جي ڪهاڻي ٻڌائي. سوگريو رام جي ڏک کان واقف ٿيو. هن ٻڌايو ته اسان سيتا کي ڏٺو. ته هن هڪ ڪپڙي ۾ زيور ٻڌي هيٺ اڇليا ۽ اها ڳوٿري مون وٽ آهي. رام سيتا جا زيور سڃاڻي ورتا ۽ ڏکارو ٿيو. رام سوگريو سان واعدو ڪيو ته هو هن کي ڪش ڪنڌويه جي تخت تي ويهاريندو.
سوگريو کي پنهنجي سلطنت ۽ زال حاصل ڪرڻ جو اونو هو، هن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته اهو ڪيئن ٿيندو. هن جي وزير اعليٰ هنومان کيس تسلي ڏني ته هو رام جي مدد سان ڪامياب ٿي ويندو.
[b]سوگريو جو رام تي ڀروسو ۽ بالي جو قتل
[/b] سوگريو کي رام جي طاقت تي شڪ هو ته هو بالي کي شا پر قتل نه ڪري سگهي. هن بالي جي طاقت جو وڌاءَ سان ذڪر ڪيو. رام ۽ لڪشمڻ ٻئي تيار ٿي ويا، منصوبو ٺاهيائون ته سوگريو پهريون وڃي پنهنجي ڀاءُ کي مقابلي جي دعوت ڏني. بالي قلعي مان ٻاهر نڪتو ۽ ٻئي ڀائر خوفناڪ انداز ۾ وڙهڻ لڳا. رام اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته ٻئي ڀائر هم شڪل هئا. جڏهن سوگريو لڙائيءَ مان واپس آيو ته هن چيو ته رام هن جي مدد نه ڪئي، پر رام هن کي ٻڌايو ته هو ان سوچ ۾ هو ته ٻنهي مان ڪنهن کي سوگريو سمجهي ۽ ان جي مدد ڪري. هن لڪشمڻ کي چيو ته هڪ گل واري گهنٽي سوگريو جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ته جيئن پتو پوي ته سوگريو ڪير آهي ۽ بالي ڪير آهي.
سوگريو ٻيهر وڙهڻ جي دعوت ڏني. هاڻي هن جي زال تارا پنهنجي مڙس باليءَ کي ٻڌايو ته هن انگلا کان ٻڌو آهي ته سوگريو کي ناقابل شڪست ٻن شهزادن جي مدد شامل آهي. انڪري ڀاءُ سان صلح ڪر، پر بالي نه مڃيو ۽ ٻنهي ۾ جنگ شروع ٿي وئي. آخر ۾ بالي جي طاقت غالب اچڻ شروع ٿي ته رام سمجهيو ته هاڻي مدد جو وقت اچي ويو آهي. هن بالي جي سيني ۾ تير هنيو جنهن سان هو زخمي ٿي زمين تي ڪري پيو. هن جو خيال هو ته رام هن کي دوکي سان ماريو آهي، پر هو تير جي زخم سان مري ويو.
وانرن (جنهن کي هندو ذهنيت باندر ٺاهيو آهي) تارا کي چيو ته اسان تنهنجي پٽ انگلا کي بادشاه بڻائي قلعي جي حفاظت ڪنداسين. هنومان ان کي تسلي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
لڪشمڻ رام جو پيغام کڻي سوگريو وٽ ويو، سوگريو شراب ۽ شباب ۾ رڌل هو. لڪشمڻ جڏهن وانر نگر کان اندر ويو ته هن جي خوبصورتي ۽ تهذيب ڏسي حيران ٿي ويو. لڪشمڻ خوبصورت جڳهن مان گذري شاهي محل جي آڏو اچي بيٺو. اندران ناچ گانن جو آواز اچي رهيو هو، تارا لڪشمڻ کي چيو ته سوگريو کي معاف ڪر. هن سڄي علائقي مان جنگجو وانرن کي گهرايو آهي، انهن جي پهچڻ سان ئي سيتا جي لاءِ راوڻ سان جنگ شروع ٿيندي. لڪشمڻ محل ۾ داخل ٿيو ته سوگريو اٿي بيهي هن جو استقبال ڪيو ۽ لڪشمڻ ۽ سوگريو رام ڏانهن روانا ٿيا ۽ هن کي سڀني انتظامن کان آگاه ڪيائون. جڏهن رام ۽ سوگريو پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته سپاهين جا اٽالا پنهنجي سالارن جي اڳواڻيءَ ۾ اتي گڏ ٿيڻ لڳا (ان فوج کي هندو ديو مالائي ذهنيت باندرن ۽ رڇن جي فوج بڻايو آهي) سوگريو ان وڏي فوج کي خطاب ڪيو ۽ کين سندن رهائش گاهون ڏيکاريون، پوءِ هن ان لشڪر کي اٺن حصن ۾ ورهايو، هر حصي تي هڪ سالار مقرر ڪيو ۽ کين اٺن طرفن ڏانهن سيتا کي ڳولڻ لاءِ موڪليو ويو.
[b]ڳولا جي شروعات
[/b] سوگريو رام کي چيو ته انهي فوج کي ڏس! سڀ سورما تنهنجي ماتحت آهن ۽ تنهنجي حڪم جو انتظار ڪري رهيا آهن. رام سوگريو کي چيو ته فوج جي قيادت تون پاڻ ڪندين لڪشمڻ نه. تڏهن سوگريو پنهنجي ڪمانڊرن کي حڪم ڏنو ته هو سيتا کي ڳولڻ جي لاءِ پنهنجا اٽالا هندستان جي چئني پاسن ڏانهن موڪلين.
هنومان ۽ انگلا ونڌين (جبلن جو اهو سلسلو مڌيه پرديش ۽ ڏکڻ کي جدا ڪري ٿو) جي غارن ۽ جهنگن ۾ وڃي ڳولا شروع ڪئي. اهي هڪ صحرا ۾ پهتا، جتي هڪ رشي رياضت ۾ محو هو، وري هنن هڪ اسور (شيطان) کي ڏٺو، انگلا هن کي سنڌائتو ڌڪ هنيو. سپاهين سمجهيو ته راوڻ مري ويو آهي. صحرا ۾ ڀٽڪندي کين بک ۽ اڃ ستايو. پوءِ هڪ غار ڏٺائون جنهن جي ٻاهر پکي گهمي رهيا هئا. هنن کي شڪ ٿيو ته هتي پاڻي موجود آهي. اندر ويا ته انهن کي نخلستان نظر آيو. پاڻيءَ جي چوڌاري ميون وارا وڻ هئا، هتي وڏا وڏا محل هئا، گهٽيون تمام خوبصورت هيون. اڳتي ويا ته هڪ ڪراڙي راهبه کي ڏٺائون. هوءَ سنياسين جهڙو لباس پايو ويٺي هئي. هنومان هن وٽ وڃڻ جي جرئت ڪئي ۽ راهبه کي پنهنجي اچڻ جو مقصدا ٻڌايو، هن کانئس پڇيو ته اندر اچڻ جو رستو کيس ڪنهن ٻڌايو آهي. پوءِ هتان جي باري ۾ سڀ ڳالهيون ٻڌايون ته هيءَ جڳهه رشي ڪيشب لال جي اولاد جي معمار تعمير ڪئي هئي کائڻ پيئڻ کانپوءِ هنومان راهبه کي سڄي ڳالهه ٻڌائي. راهبه سويم پرڀا چيو ته هتان کان ڪير به ٻاهر نه وڃي سگهيو آهي پر تنهنجو مقصد عظيم آهي، انڪري تون اکيون بند ڪر، مان توکي ٻاهر ڪڍنديس. پوءِ جلدي هن پاڻ کي سمنڊ جي ڪناري تي ڏٺو ( هتان شري رام جي ڪهاڻيءَ ۾ هندو ذهنيت تمام گهڻو واڌارو ڪيو آهي.)
هتي هڪ ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته هندو ذهنيت وارن سپاهين کي باندر ۽ رڇ وغيره بڻايو ۽ ٻڌايو ته سندن مدد سان شري رام راوڻ جو مقابلو ڪيو ۽ لنڪا کي فتح ڪيو. اها هڪ اهڙي ڳالهه آهي جنهن کي انساني ذهن ڪڏهن به تسليم نٿو ڪري سگهي.
وانر هڪ قبيلي جو نالو هو جنهن جو سردار سوگريو ۽ ان جو ڀاءُ هئا. سوگريو پنهنجي آسپس وارين ننڍين ننڍين رياستن کان، جيڪي پکين ۽ حيوانن جي نالي پويان سڏجندڙ قبيلن سان تعلق رکن پيون، فوج گڏ ڪئي، جن ۾ اڪثريت وانر قبيلي جي سپاهين جي هئي. اها وڌايل ڳالهه هر هر دهرائي وئي آهي. انڪري پڙهندڙن کي گهرجي ته اهي باندر وغيره بدران قبيلن جا نالا تصور ڪن ته جيئن هيءَ سڄي ڪهاڻي انسانن جي سمجهي وڃي. حقيقت ۾ اهڙي فوج جيڪا باندرن ۽ رڇن تي مشتمل هجي ان کان ڪم وٺڻ شري رام جي توهين آهي. هو ايشور جو اوتار هو. انسانن جي اخلاقي رهنمائي هن جو فرض هو، پر هندو ديومالائي ذهنيت هن جو مذاق اڏايو آهي.
وانرن کي سمپاتي (جيڪو هڪ بزرگ رشي هو، ان کي گره بڻايو ويو) کان پتو پيو ته جنهن جڳهه تي سيتا کي قيد ڪيو ويو آهي، اها سمنڊ کان هڪ يوجن اڳتي راشدن جي ديس ۾ آهي، پر جيستائين هو پاڻ سمپاتي جي بيان جو تفصيل پنهنجي اکين سان نه ڏسن، يقين نه پيا ڪري سگهن.
هو پاڻيءَ جي ڪناري تي آيا ۽ سوچيائون ته سمنڊ کي ڪيئن پار ڪيو وڃي. انگلا وانرن کان پڇيو ته هو ڪيترو وڏو ٽپو ڏئي سگهن ٿا. جام بوت هنومان کي چيو: او سورما! علم جي سڀني شعبن کان واقفيت باوجود تون الڳ ويٺو آهين (باندر علم جي سڀني شعبن کان ڪيئن واقف ٿي سگهي ٿو؟ اهڙي نموني هنومان باندر نه پر انسان هو ۽ پنهنجي قبيلي جو سردار هو) ٽپو ڏيڻ جي لاءِ گڏئي ميندر (هندستان جبل کان هن ٽپو ڏنو ۽ ترندو لنڪا جي ڪناري تائين پڄي ويو. (سمنڊ تان اڏري وڃڻ اصل ۾ ان دور ۾ تهذيب جي ترقيءَ سان اڏام کٽولي بڻجي ويو هو. جنهن کي راوڻ به استعمال ڪندو هو. گهڻو ڪري هنومان ترڻ بجاءِ اڏام کٽولي تي ويو هو. هنومان لنڪا جي خوبصورتي ۽ دولت ڏٺي. ان ڪري سمجهي ويو ته هو منزل تي پڄي ويو آهي. هاڻي سيتا کي ڳولڻ چاهي پيو. هنومان ڏٺو ته تري ڪوٽ جبل تي راوڻ جو شاندار شهر آباد آهي، اهو انتهائي دلڪش ۽ محفوظ آهي، شهر ۽ قلعو امراتي يا ڀاڳوتيءَ کان گهٽ نه آهي. خوبصورت ۽ شاندار عمارتون! دفاع جي لاءِ گهريون کڏون نظر آيون. گهڻو ڪري اهو ناقابل شڪست آهي، جيڪڏهن دشمن جي فوج سمنڊ ڪناري اچي وڃي ته قلعي جي اندر موجود سورمن جو مقابلو ڪيئن ڪندي؟
پتو پوي ٿو ته هنومان ويس بدلي پنهنجو پاڻ کي لڪايو هو. جڏهن شهر جي حفاظتي ڀت وٽ پهتو ته محافظ عورت هن کي روڪيو ۽ کانئس اچڻ جو مقصد پڇيو. هن چيو ته مان سير ڪرڻ آيو آهيان جنهن تي محافظ عورت هن کي زور دار ڌڪ هنيو، ان جي جواب ۾ حملو ڪري هن عورت کي ڀت تان شهر ۾ ڪيرايو. هو شاهي رستي سان هلندو ويو. هن ڏٺو ته ماڻهو گهٽين ۾ خاص مذهبي عبادت ڪري رهيا هئا. محافظ پنهنجا ڪمان، تلوارون ۽ نيزا سنڀاليو بيٺا هئا ۽ سڀني کي زرهون پهريل هيون. هن کي پتو پيو ته فوج ۾ مختلف قومن جا ماڻهو موجود آهن.
هنومان خفيه طور ڏٺو ته گهرن ۾ مختلف قسمن جون عورتون آهن، پر سيتا ڪٿي به نظر نه آئي. لنڪا واسين جي گهرن ۾ جهنگلي هاٿي، اعليٰ نسل جا گهوڙا، رٿون ۽ هٿيار موجود هئا. فوج پوري طرح مسلح هئي. هو گهرن ۽ باغن مان ٿيندو هڪ محل ۾ پهتو، جيڪو تمام وڏو ۽ انتهائي خوبصورت هو. هن پنهنجي آڏو هاٿين، گهوڙن، پيادن ۽ وڏين ڀتين کي ڏٺو. هن اندازو لڳايو ته هي راوڻ جو محل آهي. هو ان جي اندر داخل ٿيو، اهو هر اعتبار کان راوڻ جي طاقت ۽ عظمت جو مظهر هو. باغ پکين سان ڀريل هو. هو مختلف گهرن کان ٿيندو راوڻ جي ذاتي ڪمري ۾آيو: هر طرف سون، چاندي، هاٿي ڏند، موتي، خوبصورت قالين ۽ فرنيچر موجود هو. هن کي وچ ۾ پشيڪ ومان (هوائي رٿ) نظر آئي. ان مان پتو پوي ٿو ته هوائي جهاز بڻجي چڪو هو، راوڻ جو اهو ڪمرو مسرتن جو سمنڊ هو. بي شمار سهڻيون عورتون ستل هيون پر سيتا انهن ۾ نه هئي.
پوءِ هو هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳو. هن کي هڪ ٻئي ڪمري ۾ ڪيترا ئي بسترا نظر آيا. هڪ بسترو وڏو هو. ان ۾ سون ۽ هيرا جڙيل هئا ۽ ان تي راوڻ ستل هو. آخرڪار هن کي هڪ عورت نظر آئي جيڪا حسن جي راڻي هئي، هن کيس سيتا سمجهيو ۽ خوش ٿيو پر هو غلط هو. هن کاڌي جو ڪمرو، سمهڻ جو ڪمرو، شراب خانو وغيره سڀ ڏٺا. پوءِ هو شراب خاني مان باغ ڏانهن ويو پر هن کي ڪجهه نظر نه آيو، هن سوچيو ته شايد سيتا کي قتل ڪيو ويو آهي.
هنومان اِن سوچ ۾ هو ته اوچتو هن جي نظر هڪ جڳهه تي پئي جتي هو اڃا تائين نه ويو هو، اها جڳهه وڏين ڀتين سان گهريل باغ هو. هن سوچيو ته هتي کيس سيتا ضرور ملي ويندي. هن ڀت تي چڙهي باغ تي نظر وڌي، هي اشوڪ باغ هو.
اشوڪ باغ تمام خوبصورت هو: سون، چاندي، هاٿي ڏند، موتين ۽ هيرن سان ڀريل تلاءَ، شيشي جا رستا، هٿرادو جبل ۽ آبشار، وڻن سان لٽڪيل ننڍيون گهنٽيون هوا سان موسيقي پيدا ڪري رهيون هيون. هنومان هڪ وڻ تي چڙهيو ۽ لڪي ويٺو. وڻ جي چوڌاري سونو چبوترو هو. هنومان کي يقين ٿي ويو ته کيس سيتا صبح جو سوير ديويءَ جي پوڄا ڪرڻ ايندي. هن هيٺ ڏٺو ته چبوتري تي هڪ سهڻي پر ڏکويل، گندي ساڙهي پاتل عورت ويٺل نطر آئي. هر طرف راڪاسڻيون موجود هيون. اها عورت هنومان کي قابل رحم لڳي ۽ هن کي يقين ٿي ويو ته اهائي سيتا آهي. هن سوچيو ته هن عورت جي ڪري بالي قتل ٿيو. ان جون محافظ عورتون تمام بدصورت هيون. اڃا صبح نه ٿيو هو ته راوڻ ويد پڙهڻ جي آواز تي جاڳي پيو ۽ سيتا جي خيال سان باغ ڏانهن ويو ۽ ويجهو اچي ڪجهه چوڻ لڳو، هنومان اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هو.
[b]راوڻ جي منٿ
[/b] راوڻ سيتا کي تمام گهڻيون منٿون ڪيون ۽ سندس حسن جي تعريف ڪئي، پر سيتا چيو ته هو کيس اپنائي نه سگهندو. هوءَ کيس مشورو ڏيڻ لڳي ته رام کان معافي وٺ نه ته توکي شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو. راوڻ ڌمڪي ڏني ۽ رام کي گهٽ وڌ ڳالهايو. اتان وڃڻ کان پهريان هن محافظ عورتن کي چيو ته اهي سيتا کي آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. ان جي باوجود ڪجهه حاصل نه ٿي سگهيو.
[b]پهريون پيغام
[/b] سيتا انتظار ۾ وقت گذاري رهي هئي ته رام هن کي وٺڻ لاءِ ضرور ايندو. سيتا مختلف خيالن ۾ غرق هئي. هڪ راڪاسڻ خواب ڏٺو ته رام سيتا کي وٺڻ آيو آهي ۽ عورتن کي چيو ته هِن پاڪيزه عورت کي نه ستايو ۽ ان کان معافي وٺو.
هنومان سيتا سان ملاقات جي لاءِ سوچي رهيو هو، هن جي لقبن ۾ هڪ لقب ”ٻڌي تمام ورشم“ يعني پهريون ڏاهو به آهي، هنومان سوچيندو رهيو ته هو ڪهڙي شڪل ۾سيتا آڏو وڃي. هن سوچيو ته هلڪي مٺي آواز ۾ رام ڪهاڻي ٻڌائي.
[b]سيتا سان ملاقات
[/b] بهرحال هنومان اهو ئي ڪيو، ڪهاڻي ٻڌائيندي هڪ جڳهه تي بيهي رهيو. سيتا چوڌاري نظر ڦيرائي پر هن کي ڪا به انساني شڪل نظر نه آئي. هنومان وڻ تان لٿو ۽ هٿ ٻڌي بيهي رهيو. هن نهايت نرم ۽ ادب واري لهجي ۾ کانئس پڇيو ته هوءَ سيتا آهي؟ ان تي سيتا خوش ٿي چيو ته ها، مان سيتا آهيان پوءِ هن کيس رام کان جدا ٿيڻ جي ڪهاڻي ٻڌائي. هن چيو ته راوڻ کيس هڪ ورهيه جي مهلت ڏني آهي ۽ ان ۾ ٻه مهينا بچيا آهن. ٻه مهينا پورا ٿيڻ کان پوءِ مان پنهنجو پاڻ کي ماري ڇڏينديس. ان تي هنومان سيتا کي چيو ته هو رام جو قاصد آهي ۽ لڪشمڻ سلام موڪليا آهن.
هن سيتا کي دلاسو ڏنو ته جلد ئي رام، لڪشمڻ ۽ سوگريو جي وانر فوج ايندي. مان سوگريو جو وزير اعليٰ آهيان ۽ منهنجو نالو هنومان آهي. مون توکي ڏسي ورتو آهي، مون تي شڪ نه ڪر. پوءِ هن تفصيل سان ٻڌايو ته ڪيئن بالي جو قتل ٿيو ۽ سمپاتيءَ سان ملاقات ٿي، جنهن لنڪا جي باري ۾ ٻڌايو ۽ کيس سيتا جو پتو پيو. ان بيان جي پوري ٿيڻ تي هن رام جي منڊي سيتا جي هٿ تي رکي ۽ سيتا ان کي پنهنجي اکين تي رکيو.
[b]هنو مان قيد ۾
[/b] راوڻ جي محافظ عورتن ٻڌايو ته سيتا رام جي هڪ قاصد سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. راوڻ پنهنجي محافظن کي حڪم ڏنو ته رام جي قاصد کي قتل ڪن. هڪ هٿياربند جٿو ان مقصد لاءِ روانو ٿيو.
سپاهين قاصد کي ڀت تي ويٺل ڏٺو. هنومان لوهه جي هڪ سيخ سان مٿن حملو ڪيو ۽ سڀني کي ماري ڇڏيو. هو ٺاهر ڦاٽڪ جي ڀت تي ويهي وڏي آواز ۾ رام زنده باد ۽ لڪشمڻ زنده آباد جا نعرا هڻڻ لڳو. راوڻ کي پتو پيو ته هن جا جنگجو مارجي چڪا آهن ته هن جمبو بالي کي گهرائي هنومان کي مارڻ جو حڪم ڏنو. جمبو بالي هنومان تي حملو ڪيو پر هنومان لوهه جي سيخ سان هن کي به ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. راوڻ جنگ جو حال ٻڌي سڪتي ۾ اچي ويو. هن سورمن کي حڪم ڏنو ته تمام وڏي فوج وٺي وڃي هنومان کي قيد ڪري اچن. فوج باهه وارن تيرن سان حملو ڪيو پر ان جنگ ۾ به فوج تباهه ٿي وئي. هاڻي هن پنهنجي سورمي اڪش کي جنگ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اڪش چمڪدار رٿ تي سوار ٿيو. اڪش تير هنيا جنهن سان هنومان زخمي ٿيو. ٻنهي ۾ تمام سخت جنگ ٿي. سوين تير وسيا پر هنومان انهن کان بچندو اڪش جي ويجهو اچي ويو. هن اڪش جي رٿ کي پڪڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. گهوڙا مري ويا. اڪش فضا ۾ اڏرندي هنومان تي حملو ڪيو، جنگ ٿي پر اڪش شڪست کائي زمين تي ڪري پيو. راوڻ هاڻي پنهنجي پٽ اندر جيت کي گهرايو، سندس بهادريءَ جي تعريف ڪئي ۽ کيس هنومان جي طاقت جي باري ۾ به ٻڌايو. اندر جيت جي رٿ کي چار شينهن گهلي رهيا هئا. اندر جيت تيرن جو وسڪارو لائي ڏنو. هنومان فضا ۾ بلند ٿيو. تيرن کي هيٺ اڇليائين. مهارت ۽ طاقت ۾ ٻئي هڪٻئي جو ثاني هئا. اندر جيت سمجهيو ته هن جا تير بيڪار آهن، هن سوچيو ته برهم استر سان هن کي قيد ڪري سگهجي ٿو. هن برهم استر اڇليو جنهن کي ڇهندي ئي هنومان بي وس ٿي ويو. هنومان هار مڃي ۽ زمين تي بي حس پيو رهيو. سپاهي کيس رسي سان ٻڌي راوڻ ڏانهن وٺي وڃڻ لڳا. راوڻ هن کي باهه ۾ ساڙڻ جو حڪم ڏنو. محافظ عورتن سيتا کي هنومان جي تباهيءَ کان آگاهه ڪيو.
[b]هنومان جي واپسي
[/b] هنومان کي راڪاسڻين شهر جي گهٽين ۾ گهمايو، جنهن ڪري هو شهر جي سڀني گهٽين کان واقف ٿي ويو، هنومان سڄي شهر جي گهرن ۾ باهه لڳائي ۽ سمنڊ ۾ وڃي پنهنجي باهه وسائي. هن کي پتو پيو ته سيتا پاڻ کي بچايو آهي، هو اشوڪ باغ ۾ سيتا وٽ پهتو، هن سيتا کي ٻيهر تسلي ڏني ته هو تمام جلد فوج وٺي ايندو. وانرن هن کي ايندو ڏسي نعرا هنيا. هنومان وانرن کي سڄو تفصيل ٻڌايو ۽ هاڻي اهي سڀ بادشاهه سوگريو ڏانهن روانا ٿيا. هو باغ ۾ لٿا جتي هنن ماکي ۽ ميوا کاڌا ته سوگريو جي چاچي ۽ باغ جي نگران بادشاهه کي ٻڌايو ته هن جو باغ اجڙي رهيو آهي، بادشاه وانرن کي سڏڻ جو حڪم ڏنو.
هنومان ۽ انگلا نعرا هڻندا فوج سان گڏ بادشاهه وٽ پهتا، جيڪو رام ۽ لڪشمڻ سان گڏ هنن جو انتظار ڪري رهيو هو. هنومان مختصر پر جامع انداز ۾هنن کي سڄو قصو ٻڌايو ۽ سيتا جي خيريت جي خوشخبري ڏني ۽ اهڃاڻ طور اهو زيور رام کي ڏنو جيڪو سيتا هن کي ڏنو هو. رام سوگريو کي هنومان جي معجزي کان آگاه ڪيو ۽ پڇيو ته اسانجي فوج سمنڊ ڪيئن پار ڪندي؟ هنومان راوڻ جي فوج، قلعي جي مضبوطي، محافظن جي تيزي، ڀتين، دروازن، متحرڪ پل، خندقن ۽ دفاعي انتظامن جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌايو ۽ اهو به ٻڌايو ته سمنڊ جي ڪناري تي پهرو آهي ته جيئن دشمن جا جهاز نه اچي سگهن. اهڙي نموني منجهند جو فوج ڏکڻ طرف، سمنڊ ڏانهن رواني ٿي. رستي جا ماهر وانر فوج کي اهڙي رستي کان وٺي ويا جتي خوراڪ ۽ پاڻي ججهي مقدار ۾ موجود هو. طاقتور سورما فوج جي پوئين حصي جي حفاظت ڪري رهيا هئا. رام، لڪشمڻ ۽ سوگريو وچ ۾ هئا. رام سختيءَ سان حڪم ڏنو ته فوج رستي ۾ ڪنهن ڳوٺ، شهر يا آباديءَ کي نقصان نه پهچائي. فوج جو شور هر طرف ڦهلجي رهيو هو، جڏهن هو ميندر جي جبل وٽ پهتا ته رام جبل تي چڙهي سمنڊ جو جائزو ورتو ۽ فوج کي آرام ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
[b]لنڪا ۾ هلچل
[/b] راوڻ پنهنجي مشيرن کي گهرائي مشورو ڪيو. راوڻ چيو ته جيڪو ڪجهه ٿيو اهو انوکو ۽ غير متوقع هو. اڄ تائين ڪنهن کي شهر ۾ داخل ٿيڻ جي جرئت نه ٿي پر رام جو قاصد هيڏي پهري باوجود اندر داخل ٿيو، سيتا سان ڳالهايائين ۽ تباهي مچائي هليو ويو! هن مشيرن کان پڇيو ته هو ڪهڙي نموني پنهنجي شهر ۽ فوج کي مضبوط ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي دفاع لاءِ ڇا ڪري سگهي ٿو. مشيرن بادشاهه جي فوج ۽ مضبوطيءَ جي تعريف ڪئي. مختلف مشيرن پنهنجي راءِ ڏني، ان تي راوڻ جي ڀاءُ وهيش چيو ته هنن جون ڳالهيون ته ڀليون آهن پر عملي لحاظ کان اڻپوريون آهن. سياست جي خلاف ڇاٿيو، ڪم صرف ڏک ۽ تباهيءَ تائين پهچائيندو آهي، ڳالهيون، رشوت ۽ انتشار پکيڙڻ کانپوءِ به هٿيارن جي طاقت جو استعمال سوچڻ گهرجي. جيڪڏهن توهان هِنن جي مشورو مڃي جنگ ڇيڙي ته لنڪا سان گڏ اسان به برباد ٿي وينداسين. توهان سيتا کي واپس ڪيو. اسان هنومان جي طاقت ۽ مهارت جو مزو چکيو آهي، جنگ کان اڳ سيتا کي واپس ڪرڻ ضروري آهي. راوڻ اهو ٻڌي وري ٻئي ڏينهن سڀني کي صلاح مشوري لاءِ گهرايو.
[b]راوڻ جي ٻي مجلس مشاورت
[/b] وهيش شاهي محل ۾ داخل ٿيو ۽ ڀاءُ جي آڏو هٿ ٻڌي بيهي رهيو. راوڻ سڀني وزيرن کي رخصت ڪيو ۽ وهيش سان ڳالهائڻ لڳو. وهيش وري به ساڳي راءِ ڏني ته سيتا کي واپس ڪرڻ گهرجي. هن تباهيءَ جي نشانين جو ذڪر ڪيو ۽ ٻڌايو ته سيتا جي هتي اچڻ کانپوءِ اهو سڀ ڪجهه ٿيو آهي. سيتا کي موٽائينداسين ته سڀ خوشيءَ سان زندگي گذارينداسين... پر راوڻ فيصلائتي انداز ۾ سيتا کي واپس ڪرڻ جو مشورو رد ڪيو. پوءِ راوڻ سونهري رٿ ۾ راج سڀا کان محل تائين پهتو. هال ۾ داخل ٿيو ته بگل وڄايا ويا. هو هڪ مٿاهين چبوتري تي ويٺو، هال کان ٻاهر هزارين محافظ پهرو ڏئي رهيا هئا، هال ۾ هر ماڻهو خاص جڳهه تي ويٺو هو، پروهت ۽ ويدي هزارن جي تعداد ۾ آيا. وهيش ۽ ٻين بادشاهه کي جهڪي سلام ڪيو. هوا خوشبوءِ سان ڀنل هئي. راوڻ پنهنجي ڳنڀير ۽ اوچي آواز سان چوڻ شروع ڪيو:
جنگ جي فن جا سڀئ ماهر هتي موجود آهن، توهان جو مشورو ڪڏهن غلط ثابت نه ٿيو آهي، انڪري هڪ دفعو ٻيهر توهان کان مشورو گهران ٿو. مان سيتا کي اغوا ڪري کڻي آيو آهيان ۽ هوءَ بيوقوفيءَ سان سوچي رهي آهي ته رام کيس آزاد ڪرائي وٺي ويندو. مان سيتا کي واپس موڪلڻ ۽ رام کان معافي وٺڻ لاءِ هرگز تيار نه آهيان. رام، لڪشمڻ ۽ سوگريو سمنڊ جي هن پار پڙائ ڪيو آهي، ٻڌايو ته انهن کي ڪهڙي نموني تباهه ڪري سگهجي ٿو!
ڪمڀ ڪرن راوڻ جي ننڍي ڀاءُ خطاب ڪيو. هن سيتا جي اغوا تي بادشاه کي سخت لفظ چيا. بعد ۾ هن چيو: جيڪو ٿيو سو ٿيو، پنهنجي عزت نفس کي داءُ تي لڳائڻ صحيح نه آهي. ڪمڀ ڪرن رام جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ڄاڻي پيو پر پنهنجي ڀاءُ لاءِ سڀ ڪجهه قبوليائين ۽ رک رکاءُ کان ڪم ورتائين، گهڻن جي خيال ۾ اها بيوقوفي هئي. هن پنهنجي ترديد پاڻ ئي ڪئي، سڀ خوش هئا پر وهيش انهن ۾ شامل نه هو.
وهيش اٿي بيهي چيو ته جيڪڏهن توهان سيتا کي واپس نه ڪيو ته اسان سڀني جي تباهي يقيني آهي. وري هن رام جي طاقت تي روشني وڌي. وهيش جي ان ملامت تي راوڻ جي پٽ اندر جيت رڙ ڪئي، هن چيو ته وهيش جو مشورو اسان سڀني جي توهين آهي. وهيش نرميءَ سان جواب ڏنو ته ڀائٽيا، تون اهو سڀ غلط چئي رهيو آهين. سڀ مشير ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن. توهان ڌرم جي رستي تان ڀٽڪي ويا آهيو. وهيش محسوس ڪيو ته لنڪا ۾ هاڻي هن لاءِ ڪابه جڳهه نه آهي، چار سٺا راڪاس دوست به هن سان گڏ هئا. هو، اڏام کٽوليءَ سوار ٿي رام ۽ لڪشمڻ ڏانهن هليو ويو.
وانرن کي آسمان تي روشني ڏسي شڪ ٿيو ته کين سازش ذريعي مارڻ لاءِ لنڪا کان ڪي راڪاس وغيره اچي رهيا آهن، پر وهيش فضا ۾ ئي چيو ته هو راوڻ جو ڀاءُ آهي ۽ هن کي ڇڏي توهان ڏانهن اچي رهيو آهي. سوگريو رام کي پنهنجي شڪ کان تفصيل سان آگاه ڪيو، رام هنومان ۽ ٻين سان مشورو ڪيو.
[b]وهيش جو مسئلو
[/b] رام هنومان سان خاص طور تي مشورو ڪيو. هن وهيش جي حق ۾ راءِ ڏني ۽ چيو ته شڪ ڪرڻ فضول آهي، رام سوگريو کي چيو ته جيڪڏهن مون وٽ ڪير به پناه لاءِ اچي ٿو ته مان ان کي واپس نه ڌڪاريندس، پوءِ اهو راوڻ ئي ڇو نه هجي، وهيش کي مون وٽ وٺي اچو.
[b]راوڻ جي بيوقوفي
[/b] راوڻ سوگريو کي رام کان جدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ويس بدلائي سوگريو وٽ آيو. سوگريو هن کي صاف لفظن ۾ چيو ته جيڪو رام جو دشمن آهي اهو منهنجو دشمن آهي. وانرن هن کي پڪڙيو ۽ مارڻ لڳا ته رام کيس ڇڏائي واپس وڃڻ جي اجازت ڏني. جيئن ئي رام وهيش کي پاڻ سان ملائڻ جي منظوري ڏني ته سوگريو ۽ لڪشمڻ جلدي وهيش کي لنڪا جي بادشاهه جي طور تاج پارائي سمنڊ جي پاڻيءَ سان ڀيشڪ انجام ڏني. وهيش وفاداريءَ جو واعدو ڪيو.
سمنڊ ۾ رستو ٺاهيو ويو ۽ فوج سمنڊ پار ڪري وئي. راوڻ پنهنجي سالارن کي مهمون سونپيون. هن پنهنجي پٽ اندر جيت کي اولهه واري دروازي تي مقرر ڪيو ۽ پاڻ اتر واري دروازي جو محافظ بڻيو.
رام پنهنجي فوج کي ورهايو ۽ هر سربراهه کي خاص ذميواريون ڏنيون. نيل کي اوڀر واري دروازي تي وڙهڻ لاءِ موڪليو. انگلا کي ڏکڻ واري دروازي تي موڪليو. هنومان کي اولهه واري دروازي تي اندر جيت سان مقابلو ڪرڻ لاءِ موڪليو. رام چيو ته لڪشمڻ ۽ مان سڌو سنئون لنڪا تي حملو ڪنداسين. سوگريو، جام بوت ۽ وهيش اسانجي پٺيان لڙندا. فوج رات جو آرام ڪيو. لنڪا جو شان شوڪت ڏسي رام کي گهڻو افسوس ٿيو ته هڪ گنهگار شخص جي ڪري راڪاس نسل جي اها سڄي دولت ۽ شان تباهه ٿي ويندو: هن فوج کي نظم و ضبط رکڻ جي تلقين ڪئي.
[b]جنگ جي شروعات
[/b] وانر فوج سوديل جبل کان هيٺ لهي لنڪا ڀرسان جهنگ ۾ گڏ ٿي وئي. وانر فوج راوڻ جي فوج جي طاقت جو اندازو لڳايو. لنڪا کان دهلن جي ايندڙ آواز تي هن جو حوصلو وڌايو، رام فوج کي ٽولن ۾ ورهايو.
رام لنڪا جي حسن ۽ افاديت کان گهڻو متاثر ٿيو. سوگريو اوچتو لنڪا شهر جي هڪ مينار تي چڙهي ويو. هن راوڻ کي شاهي پوشاڪ ۾ڏٺو. سوگريو چيو، راوڻ تون ڦاسي چڪو آهين، اڄ تنهنجي زندگيءَ جو آخري ڏينهن آهي. مان رام جي خادمن مان آهيان. اهو چئي هن سڌو راوڻ تي ٽپو ڏنو ۽ سندس تاج لاهي ڦٽو ڪيو ۽ کيس زور سان ڌڪ به هنيائين. ٻئي ڪافي دير تائين هڪ ٻئي سان جانبوٽيا رهيا. سوگريو رام وٽ آيو، رام چيو: تنهنجي اها حرڪت صحيح نه هئي. سوگريو غلطيءَ جو اعتراف ڪيو، وانر فوج لنڪا کي چئني طرفن کان گهيري ورتو. رام انگلا کي گهرائي چيو ته منهنجو هي پيغام راوڻ تائين پهچاءِ ته تنهنجو وقت ويجهو اچي ويو آهي. رام تنهنجي در تي پڄي ويو آهي. مال، دولت، اقتدار توکي مغرور بڻائي ڇڏيو آهي، تو دنيا کي گهڻو ستايو آهي، تون کليل ميدان ۾ اچي بيهه ته تنهنجا سڀ گناه بخشيا ويندا. بهادر انگلا ائين ئي چيو، اهو پيغام ٻڌي راوڻ غضب ۾ للڪاريو ۽ ان ڏانهن وڌيو. انگلا جي واپس ايندي ئي رام فوج کي چڙهائيءَ جو حڪم ڏنو.
راوڻ ٻن جاسوسن کي موڪليو ته رام جي فوج جي طاقت جو اندازو لڳائين، جن ٻڌايو ته فوج طاقتور آهي ۽ ان سان وڙهڻ خطري کان خالي نه آهي. هاڻي به سيتا کي واپس ڪيو وڃي ته تباهيءَ کان بچي سگهجي ٿو.
راوڻ سيتا کي مڃائڻ جي آخري ڪوشش ڪئي. ان لاءِ هن جادوءَ جو سهارو ورتو. هن سيتا کي چيو ته منهنجي فوج سمنڊ پار ڪري رام ۽ سندس فوج کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ان وقت رام جي فوج شهر جي ويجهو اچي وئي هئي ۽ شاهي گهراڻي جي هڪ عورت سيتا کي ٻڌايو ته رام قتل نه ٿيو آهي.
راوڻ مينار تي چڙهي ڏٺو ته هر طرف فوج ئي فوج هئي. راوڻ هڪ وڏو جٿو وانر فوج سان مقابلي لاءِ موڪليو. وڏي جنگ ٿي، سڄو ڏينهن جنگ ٿيندي رهي ۽ رات جو به جاري رهي. رت جا درياءَ وهي ويا. انگلا اندرجيت تي حملو ڪيو ۽ هن جي شاهي رت وارا گهوڙا مارجي ويا. تڏهن اندر جيت رام ۽ لڪشمڻ تي نانگ تير وسايا. ٻئي ان جي گرفت ۾ اچي بيوس ۽ لاچار ٿي ويا. اندرجيت پنهنجي فوج کي مبارڪ ڏني ۽ فتح جي خوشيءَ ۾ پنهنجي پيءُ وٽ آيو ۽ اعلان ڪيائين ته رام ۽ لڪشمڻ ختم ٿي ويا آهن. مجروح ۽ مايوس وانر سورما رام ۽ لڪشمڻ جي اها حالت ڏسي هيسجي ويا. وهيش سوگريو کي دلاسو ڏنو ۽ چيو ته رام ۽ لڪشمڻ وري وڙهندا. وانرن فوج کي وري منظم ڪيو. دستن جا سالار ٻيهر مقرر ڪيا ويا. راوڻ پنهنجي عورتن کي گهرائي چيو ته سيتا کي اطلاع ڪيو ته رام ۽ لڪشمڻ مارجي ويا آهن ۽ راوڻ جي فتح ٿي وئي آهي. سيتا جنگ جي ميدان ۾ رام ۽ لڪشمڻ کي زمين تي پيل ڏٺو ته روئڻ لڳي. ان ڏک جي وقت ۾ هڪ راڪاسڻ هن جي ڪم آئي. هن شهزادن کي ويجهو وڃي ڏسڻ بعد سيتا کي ٻڌايو ته هو جيئرا آهن.
ڪجهه وقت کانپوءِ تيرن جو اثر ويندو رهيو ۽ ٻئي هوش ۾ اچي ويا. سوگريو پنهنجي چاچي سوشين کي چيو ته زخمي رام ۽ لڪشمڻ کي ڪش ڪنڌيه وٺي وڃي سندن علاج ڪراءِ! مان راوڻ کي ڏسي وٺندس ۽ سيتا کي وٺي واپس ايندس! هن جي چاچي سوشين چيو ته ڪجهه جڙيون ٻوٽيون اهڙيون آهن جيڪي انهن جي زخمن کي آرام ڏئي سگهن ٿيون، هنومان کي پتو آهي ته اهي ڪٿان ملنديون. پر هڪ گرو ۽ داناءُ ماڻهو جيڪو رام کي گهڻي وقت کان سڃاڻندو هو، تنهن سندن علاج ڪيو ته اهي صحتياب ٿي ويا. وانر فوج ۾ وري جوش پيدا ٿيو ۽ هنن قلعي تي حملا شروع ڪيا.
[b]راوڻ جي شڪست
[/b] راوڻ پنهنجي محل ۾ وانر فوج جو آواز ٻڌو. هن کي پتو پيو ته سوگريو جي قيادت ۾ وانر فوج قلعي تي زوردار حملو ڪيو آهي. راوڻ ڌرم راڪاس کي چيو ته هو پاڻ ميدان ۾ اچي. ڌرم راڪاس هنومان جي دستي تي حملو ڪيو پر مارجي ويو.
وجر وهشتر هڪ طاقتور فوج سان انگلا جو مقابلو ڪيو. ڪافي وانر مارجي ويا. آخر ۾ دوبدو لڙائيءَ ۾ وجر مارجي ويو. راوڻ جي حڪم تي سبت اڪمين جي فوج تي حملو ڪيو ۽ زبردست جنگ ٿي. وانر شڪست کائي ڀڄڻ لڳا ته هنومان کين حوصلو ڏنو. هنومان اڪمين کي ماري ڇڏيو ۽ راڪاس فوج ڇڙوڇڙ ٿي وئي.
اڪمين جي موت کانپوءِ راوڻ دفاعي انتطامن جو جائزو ورتو ۽ سبت سان مشورو ڪيو. راوڻ اندر جيت جي ماتحت فوج جو هڪ دستو قلعي کان ٻاهر مقابلي لاءِ موڪليو پر سبت راوڻ کي چيو ته اسان پهرين ئي مشورو ڏنو هو ته سيتا کي واپس ڪيو! سبت تمام وڏي فوج کي مقابلي لاءِ آندو. وري زبردست لڙائي ٿي. راوڻ جي فوج جا وڏا سالار مارجي ويا ته فوج ڀڄڻ لڳي.
هاڻي راوڻ پاڻ ٻاهر نڪتو، هن ڪافي وانر قتل ڪيا. هنومان راوڻ تي حملو ڪيو، لڪشمڻ ۽ راوڻ جي مقابلي ۾ لڪشمڻ بي هوش ٿي ڪري پيو. هنومان کيس کڻي رام وٽ آندو. رام راوڻ تي شديد حملو ڪيو، جنهن سان راوڻ زخمي ٿي ڪري پيو، سندس سونهري تاج ۽ رٿ به ٽٽي پيا. هاڻي هو سڀني هٿيارن کان محروم ٿيو رام جي آڏو بيٺو هو. رام هن کي چيو ته هاڻي تون وڃ ۽ آرام ڪر، سڀاڻي تازو توانو ٿي هٿيارن سميت واپس اچجان.
راوڻ جي ڀاءُ ڪمڀ ڪرن کي صورتحال کان آگاه ڪيو ويو، جنهن جنگ ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو. هو پنهنجي ڀاءُ راوڻ وٽ ويو، راوڻ چيو: تون ننڊ ۾ هئين ۽ هي سڀ ڪجهه ٿي ويو. ڪمڀ ڪرن راوڻ کي غلطيءَ جو احساس ڏياريو ته هن بنا سوچڻ سمجهڻ جي سيتا کي اغوا ڪيو. راوڻ ڀاءُ کي چيو ته هن کي تنقيد بجاءِ طاقت جي ضرورت آهي. جڏهن ديوقامت ڪمڀ ڀت ٽپي ٻاهر آيو ته وانر فوج تي وڏو رعب طاري ٿي ويو ۽ وڏي مشڪل سان ان کي منظم ڪيو ويو.
ڪمڀ ڪرن وڏي اعتماد سان اڳتي وڌندو ويو. انگلا پڻ بي هوش ٿي ڪري پيو، سوگريو به ڪافي زخمي هو. ڪمڀ ڪرن بي هوش سوگريو کي کڻي لنڪا ڏانهن وڃڻ لڳو. فوج فتح جا نعرا هنيا. هاڻي ڪمڀ ڪرن وانرن کي قتل ڪرڻ شروع ڪيو. لڪشمڻ پنهنجي تيرن سان کيس روڪڻ چاهيو پر هو رام جي آڏو بيهي رهيو. رام تيرن سان کيس هلڻ کان هلاڪ ڪري ڇڏيو پر هو ٺونٺين تي هلندو اڳتي وڌندو رهيو. آخر ۾ رام تير سان هن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪيو. اها خبر راوڻ تائين پهتي ته بيحال ٿي ويو. هو چاهي پيو ته دشمن فوج قلعي ۽ اشوڪ باغ ۾ داخل نه ٿئي هو اهو سوچيندو محل ۾ آيو. هاڻي اندر جيت پيءُ کي حوصلو ڏنو ۽ فوج گڏ ڪري حملو ڪيو. هن هزارين وانرن کي قتل ڪيو. رام لڪشمڻ وري بي هوش ٿي ويا ۽ اندر جيت پيءُ کي خوشخبري ڏيڻ ويو.
وهيش وري فوج گڏ ڪئي. جام بوت جهيڻي آواز ۾ پڇيو ته هنومان جيئرو آهي؟ ان تي هنومان پاڻ کيس ٻڌايو ته هو زنده آهي. هڪ ڪراڙي وانر هنومان کي چيو ته وويشٿ ۽ ڪيلاش جبلن جي وچ ۾ هڪ ٻوٽي آهي، اها آڻ ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندا. هن اها ٻوٽي آندي، جنهن سان رام جا زخم ڀرجي ويا ۽ ڪجهه دير کان پوءِ هو اڳ جهڙا تندرست ٿي ويا. جنگ ٻيهر شروع ٿي وئي. هاڻي سوگريو رام سان مشورو ڪري ڪجهه وانرن کي گڏ ڪيو ۽ کين شهر ۾ داخل ٿي باهه لڳائڻ لاءِ چيو. لنڪا کي سڙندو ڏسي راوڻ غضبناڪ ٿي ويو. هن ڪمڀ ڪرن جي پٽن ڪمڀ ۽ نکمه کي راڪاس سورمي سان گڏ موڪليو. هڪ ٻي خوفناڪ جنگ کانپوءِ سوگريو ٻنهي کي ماري ڇڏيو ۽ ٻيا ڪافي سورما به مارجي ويا. راوڻ جي چوڻ تي اندرجيت هڪ دفعو وري مڙڻ لڳو. رام هنومان ۽ ٻين سالارن کي اندر جيت ڏانهن موڪليو. هڪ زبردست جنگ ٿي. لڪشمڻ هڪ زورائتو تير هنيو ته اندر جيت جو سر ڌڙ کان ڌار ٿي ويو. لڪشمڻ پاڻ به ڪافي زخمي ٿيو.
راوڻ سوچيو ته اندر جيت به مري ويو، هاڻي سڄي فساد جي جڙ کي ختم ڪرڻ گهرجي. اهو سوچي تلوار کڻي سيتا کي قتل ڪرڻ ويو. وزير سپار سوهم به سندس پويان ويو ۽ هن راوڻ کي ان ڪم کان جهليو ۽ چيو ته عورت کي قتل ڪرڻ بزدلي آهي. سيتا جي جڳهه تي رام کي قتل ڪر. راوڻ کي اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي. هاڻي هن جا سالار هاٿين، گهوڙن ۽ رٿن جي فوج وٺي جنگ تي نڪتا، رام تيرن جي وسڪاري سان فوج تباهه ڪئي، هاٿي ۽ گهوڙا مري ويا.
[b]راوڻ جو خاتمو
[/b] لنڪا جي هر گهر ۾ ماتم مچي ويو. راوڻ لنڪا کان ٻاهر نڪتو ته لڪشمڻ هن جو رستو روڪيو، راوڻ لڪشمڻ جي ڀر مان گذري رام ڏانهن آيو. رام جا تير راوڻ جي زرهه کي سوراخ نه ڪري سگهيا. لڪشمڻ بيهوش ٿي ويو. سخيوري جبل جي ٻوٽيءَ سان رام جي جان بچائي وئي. ماتلي پنهنجي رٿ کڻي رام ڏانهن ويو ۽ رام چيو ته ان رٿ تي ويهي دشمن سان وڙهه! راوڻ زخمي ٿي بي هوش ٿي ويو. هن کي ٻاهر ڪڍيو ويو. هوش ۾ اچڻ کانپوءِ هن رام سان وري جنگ شروع ڪئي. هاڻي هو زخمي ٿي هيٺ ڪري پيو. تير هن جي سيني ۾ لڳو ۽ هو ختم ٿي ويو.
پڇاڙي
وهيش کي هڪ شاندار تقريب ۾ لنڪا جو بادشاه بڻايو ويو. هنومان اجازت وٺي سيتا کي سڀ ڪجهه ٻڌايو. هنومان سيتا کي چيو ته آءٌ توهان جي محافظ عورتن کي قتل ڪرڻ چاهيان ٿو، جن توهان کي تڪليفون ڏنيون پر سيتا کيس ائين ڪرڻ کان منع ڪيو. رام وهيش کي چيو ته سيتا کي نئون سينگار ڪرائي هيڏي وٺي اچ پر سيتا چيو ته هوءَ ان ئي حالت ۾ ويندي. وهيش هن کي رام جي حڪم تي عمل ڪرڻ جو چيو ته هوءَ وهنجي سهنجي آئي. سيتا جي ڏولي اچڻ تي وانر استقبال جي لاءِ ڊوڙيا پر سالارن کين روڪي ڇڏيو، جنهن تي رام چيو ته انهن کي نه روڪيو، اچڻ ڏيو.
رام سيتا کي چيو ته هاڻي توکي اڪيلي زندگي گذارڻي پوندي. تون اسان جي ڪنهن عزيز جي حفاظت ۾ رهي سگهين ٿي. هن غصي ۾ اچي لڪشمڻ کي باهه ٻارڻ جو حڪم ڏنو. هن جلدئي باهه ٻاري. سيتا پنهنجي مڙس جي چوڌاري چڪر لڳائڻ بعد باهه ۾ ٽپو ڏنو، پر کيس بچايو ويو ۽ رام جي حوالي ڪيو ويو. رام چيو ته مان تنهنجي پاڪدامنيءَ کي ڄاڻان ٿو، اهو امتحان ماڻهن جي لاءِ هو. سيتا ۽ رام پشپڪ (هوائي جهاز) تي ويٺا ۽ اڏري ويا. رام سيتا کي اڏرڻ دوران سڀ جڳهون ڏيکاريون. ايوڌيا ۾ خوشيءَ جو طوفان آيو، رام ۽ ڀرت ڳلي مليا. هاڻي رام اقتدار سنڀاليو ۽ ڀرت جي خواهش پوري ٿي. سيتا موتين جي بيش قيمت مالها هنومان جي ڳلي ۾ وڌي.
رام، اوتار جي حيثيت سان اهڙي حڪومت ڪئي جو اها مثال بڻجي وئي. يقين سان رام جي حڪومت ايشور جي حڪمن تي ٻڌل انصاف ۽ محبت سان ڀرپور هئي، پر افسوس آهي جو اڳتي هلي رام راج جو مطلب غيرهندن کي قتل ڪرڻ ۽ هڪ ظالم حڪومت قائم ڪرڻ قرار ڏنو ويو آهي.
[b]رامائڻ تي تحقيقي نظر
[/b] رامائڻ شري رام چندر جي جلاوطني ۽ ٻين مهمن جي ڪهاڻي آهي. اها سنسڪرت جي رزميه ڪهاڻين مان سڀني کان پراڻي آهي. رامائڻ تقريبن 500 ورهيه ق- م يا ان کان به اڳ جي آهي. ان جا ٽي نسخا آهن: هڪ اتر، ٻيو بنگالي ۽ ٽيون بمبئي جو نسخو آهي. ٽنهي ۾ اختلاف آهن. بنگالي نسخي ۾ گهڻو واڌارو ڪيو ويو آهي. رامائڻ ۾ شري رام چندر جي زندگيءَ جا ڪارناما، رام ۽ سيتا جي محبت، راوڻ جو سيتا کي اغوا ڪرڻ، شري رام ۽ راوڻ جي وچ ۾ جنگ جو بيان آهي. اهو ستن ڪانڊن يا حصن تي ٻڌل آهي.
1 بال ڪانڊ شري رام جو ننڍپڻ.
2 ايوڌيا ڪانڊ ايوڌيا جا واقعا ۽ شري رام جي جلاوطني.
3 آريه ڪانڊ شري رام جو بنواس ۽ سيتا جو اغوا.
4 ڪش ڪنڌيه ڪانڊ ڪش ڪنڌيه (ميسور) ۾ شري رام جو مقام
5 سندر ڪانڊ شري رام جو پنهنجي ساٿين سان گڏ لنڪا پهچڻ.
6 يڌ ڪانڊ راوڻ ۽ رام وچ ۾ جنگ، راوڻ جي شڪست، ان کي لنڪا ڪانڊ به چوندا آهن.
7 اتر ڪانڊ آخري حصو، ايوڌيا ۾شري رام جي زندگي، سيتا جي جلاوطني، هن جي ٻن پٽن جو ڄمڻ، شري رام ۽ سيتا جو ٻيهر ميلاپ، سيتا جو موت ۽ رام جو آسمان تي وڃڻ.
آخر ۾ ڪهاڻيءَ کي افسوسناڪ انجام تي پهچايو ويو آهي جيڪو هيئن ته سيتا جي شهرت ايوڌيا ۾ واپسيءَ تي مشڪوڪ ٿي وئي ۽ ملڪ جي ماڻهن پنهنجي بادشاهه تي آڱريون کنيون، ڇو ته هو راوڻ جي محل ۾ هڪ سال گذارڻ واري زال کي گهر وٺي آيو هو. رام عوامي راءِ جي آڏو سر جهڪايو ۽ پنهنجي پياري ۽ وفادار زال کي هڪ دفعو وري جهنگ ڏانهن موڪليو. سيتا ان ڪهاڻي جي مصنف والميڪي (جيڪو شري رام جو اعتماد وارو دوست هو ۽ ايوڌيا ۾ رهندو هو،) وٽ پناه ورتي ۽ اتي ئي جاڙن پٽن لاوا ۽ ڪش کي جنم ڏنو. ورهيه گذرندا ويا. لاوا ۽ ڪش جوان ٿي ويا. والميڪي انهن کي پنهنجي شاگردن طور پاليو.
ڪيترن ئي ورهين کانپوءِ رام هڪ اشوميده (گهوڙي جي قرباني) جو اهتمام ڪيو. پاڙيسري ملڪن جا بادشاهه ۽ شهزادا ايوڌيا آيا. اتي والميڪي ۽ سندس شاگردن لاوا ۽ ڪش عظيم داستان رامائڻ پڙهي. ان دلچسپ حصي ۾ اسان کي پتو پوي ٿو ته قديم هندستان ۾ گيت ۽ ٻي شاعري به سينه به سينه منتقل ٿيندي هئي. ٻنهي ڇوڪرن کي اها ڪهاڻي ياد هئي. اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته اهو نظم 500 ڪينٽوز (Cantos) ۽ 4 2 هزار شعرن تي ٻڌل هو. اهي هر روز 20 ڪينٽوز پڙهندا هئا ۽ ائين 5 2 ڏينهن ۾ سڄو نظم مڪمل ٿي ويو.
رام پنهنجي پٽن کي سڃاڻي ورتو ۽ هن جي دل ۾ جلاوطن ڪيل سيتا جي خواهش هڪ دفعو وري پيدا ٿي، هوءَ ملڪ مان ته وئي هئي پر هن جي دل مان نه. شري رام شاعر والميڪي کان پنهنجي زال واپس گهري ۽ خواهش ڪئي ته هوءَ هڪ دفعو وري راج سڀا ۾ پنهنجي پاڪيزگيءَ جو ثبوت ڏئي ته جيئن ماڻهن جو شڪ ختم ٿي وڃي. سيتا آئي پر سندس ڪردار مشڪوڪ هو. اهڙي نموني هوءَ واپس هلي وئي.
اتر ڪانڊ جي آخر ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شري رام ۽ ان جي ٻن ڀائرن عظيم شهرن ۽ سلطنتن جو بنياد رکيو جيڪا عيسوي عهد کان چار يا پنج سؤ ورهيه اڳ هندستان ۾ وڌي.
ڀرت جا ٻه پٽ مڪش ۽ لڪشمڻ هئا جن سنڌو درياءَ جي اوڀر ۾ فڪشلا (ٽيڪسيلا) ۽ سنڌو درياءَ جي اولهه ۾ پشڪاوتيءَ جو بنياد وڌو. لڪشمڻ جا ٻه پٽ انگلا ۽ چندر ڪيشو هئا، انگلا ڪرويد سلطنت ۽ چندر ڪيشو مالوه جي علائقي ۾ چندر جو شهر آباد ڪيو.
شتروگن جا ٻه پٽ سواهو ۽ شتروگتي مٿرا ۽ وويش جا حڪمران بڻيا.
شري رام جا ٻه پٽ لاوا ۽ ڪش هئا. لاوا پنجين يا ڇهين صدي ق- م اوڌ جي دارالحڪومت سرسوتيءَ تي راڄ ڪيو ۽ ڪش ونڌيا جبلن جي دامن ۾ ڪشاوتيءَ جو بنياد رکيو. بهرحال رام ۽ سيتا ڪامل مرد ۽ ڪامل عورت جو هندستاني مثالي نمونو بڻجي ويا.
نواب سيد حڪيم احمد لکيو آهي ته اختلافن جو گهڻو سبب اهو آهي ته تحريري صورت ۾ اچڻ کان اڳ رامائڻ جا نظم ايوڌيا جي ”اڪشواڪو“ خاندان جي بهادرن جي ڪارنامن تي مشتمل هئا ۽ اهي يڪتاري تي ترنم سان ڳاتا ۽ شو ق سان ٻڌا ويندا هئا ۽ جيئن انهن کي زباني ڳاتو ويو ۽ ائين ئي اهي تحرير ۾ اچي ويا.
عام طور تي رامائڻ جي تصنيف هڪ بزرگ والميڪيءَ سان منسوب آهي. محققن جي خيال ۾ اصلي تصنيف ته والميڪيءَ جي آهي پر بعد ۾ ان ۾ واڌارو ٿيندو رهيو. رامائڻ جي پنهنجي بيان مطابق والميڪي رام چندر جو همعصر هو ۽ ايوڌيا ۾ درياءَ جي ڪناري تي رهندو هو. ان بيان سان ته رام چندر جا ٻئي پٽ والميڪي جي گهر ۾ پيدا ٿيا، پتو پوي ٿو ته والميڪي جو شاهي خاندان سان گهرو تعلق هو. والميڪي رام چندر جو داستان سندس ٻنهي پٽن کي ٻڌايو هو ۽ اتان ئي اهو سڄي هندستان ۾ ڦهلجي ويو. پروفيسر ميڪڊونل جي راءِ آهي ته رامائڻ مهاڀارت ۽ ٻڌ مت کان اڳ جي تصنيف آهي ڇو ته انهن ٻنهي جي باري ۾ ان ۾ ڪوبه اشارو نٿو ملي. رامائڻ جي دور جي سياسي حالتن مان به اهو ئي پتو پوي ٿو ته ان دور ۾ مقامي حڪومتون قائم هيون. جڳهه جڳهه تي راجا راڄ ڪندا هئا، پر ٻڌ مت ۽ مها ڀارت جي دور ۾ وڏيون وڏيون حڪومتون قائم هيون ۽ شهنشاهي دور جاري هو. رامائڻ ۾ مافوق الفطرت حالتون ۽ واقعا بيان ڪيا ويا آهن ۽ ديومالائي تفصيل کان ڪم ورتو ويو آهي پر رام، لڪشمڻ ۽ سيتا کي انساني روپ ۾ پيش ڪيو ويو آهي ۽ رام چندر پنهنجي فرقي ۽ قوم جي طاقتور بادشاهه جي حيثيت سان نظر اچي ٿو.
پروفيسر ميڪڊونل مطابق والميڪي جو داستان رگويدي ۽ ديومالائي تخيل تي ٻڌل آهي ۽ والميڪ جو هيرو رگويد زماني جو مقتدر بادشاه آهي ۽ رگويدي ديومالا اندر ديوتا جي نمائندگي ڪري ٿو. رگويد مطابق سيتا فصل جي ديوي هئي ۽ ان جي پرستش ڪئي ويندي هئي.
هندو ديو مالائي ذهنيت شري رام چندر جي مهمن کي غير انساني واقعن سان ڀري ڇڏيو آهي، حالانڪه اهي ايشور کي مڃين پيا ۽ واعدي جي وفا جي لاءِ انهن گهڻيون تڪليفون برداشت ڪيون، ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته رامائڻ ۽ گيتا ۾ واضح فرق آهي جو گيتا کي مهاڀارت جي حصن کان الڳ ڪيو ويو، جنهن شري ڪرشن وانگر ڪنهن شخص کي ان جي فرض تي اڀارڻ جي لاءِ هدايتون ڏيڻ جو موقعو مليو هجي.
ڪهاڻيءَ مان اهو پتو پوي ٿو ته شري رام جو سڀ کان وڏو ڪارنامو راڪاسن جو خاتمو آهي جيڪي ڪونڊوگ جهنگ ۾ خدا جي عبادت ڪرڻ وارن کي تنگ ۽ قتل ڪندا هئا. راوڻ به ان گروه جو سربراه هو. راوڻ جو خاتمو اصل ۾ لنڪا ۾ بَديءَ جي حڪومت جو خاتمو ۽ وهيش جهڙي نيڪ انسان جي حڪومت قائم ڪرڻ هو. اڳتي هلي شري رام جي پنهنجي حڪومت جو نمونو پيش ڪيو ويو آهي جيڪا نيڪي، انسان دوستي، امن ۽ محبت جو گهوارو هئي.
بهرحال کوجنا سان پتو پوي ٿو ته شري رام جو داستان غير انساني ديومالائي قصو نه پر ايشور جي طرفان موڪليل عظيم رهنما ۽ هاديءَ جي ڪهاڻي آهي.
[b]شري ڪرشن ۽ ڀڳوت گيتا
[/b] هندو ادب ۾ برهمڻ ۽ کتريءَ جي نظرياتي ۽ عملي ڇڪتاڻ واضح نموني نظر اچي ٿي. برهمڻن هندو معاشري کي چئن ذاتين ۾ ورهايو يعني برهمڻ، کتري، وئش ۽ شودر. اهڙي نموني انسان جي زندگيءَ جا به چار مرحلا قائم ڪيا: شاگردي، گرهستي، بنواس ۽ اڪيلائپ.
هندو معاشري ۾ هر ماڻهو چئن ذاتين مان ڪنهن هڪ ذات سان تعلق رکي ٿو ۽ اهوئي تعلق هن جو معاشرتي رتبو متعين ڪري ٿو. برهمڻ سڀ کان مٿانهين ذات جو مالڪ هوندو آهي. اهو علم سيکاريندو آهي ۽ مذهبي ڪتابن جو تفسير ڪندو ۽ مذهبي رسمون بجا آڻيندو آهي. کتري معاشري کي دشمن کان بچائڻ لاءِ جنگ ڪندو آهي. وئش واپار ڪندو آهي ۽ شودر صفائي وغيره ڪندو آهي.
ان ورهاست جي خلاف هندو معاشري ۾ رام چندر، شري ڪرشن، مهاتما ٻڌ ۽ مهاوير جدوجهد ڪئي. پر برهمڻ جي نظرياتي بالادستي قطعي طور ختم نه ٿي سگهي. شري رام چندر جو ذڪر ٿي چڪو آهي، هاڻي شري ڪرشن ۽ ان جي الهامي ڪتاب ڀڳوت گيتا جو ذڪر ڪجي ٿو:
[b]ڀڳوت گيتا جي حقيقت
[/b] ڀڳوت گيتا اصل ۾ ان ڳالهه ٻول تي ٻڌل آهي جيڪا ڪرشن ۽ ارجن جي وچ ۾ ٿي. اها ڳالهه ٻول اخلاق جي ٻن مڪتبه فڪرن سان تعلق رکي ٿي. هڪ سوچ ڌارا مطابق انسان بَديءَ جي طاقتن سان جنگ ڪري، انهن کي رستي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ٻي سوچ ڌارا انهن قوتن کان ڪنڊائتو ٿي ذاتي اصلاح تي زور ڏئي ٿي. اهو مڪتبه فڪر ذاتي نجات جو قائل آهي.
[b]گيتا ۽ ان جا ترجما
[/b] ڀڳوت گيتا، مهاڀارت جو ئي هڪ حصو آهي. اها جنگ ڪوروئن ۽ پانڊوئن وچ ۾ دهليءَ ويجهو ڪروڪيشتر جي ميدان ۾ وڙهي وئي. گيتا ارڙهن بابن ۽ 700 شعرن تي ٻڌل آهي. هندستاني روايت مطابق گيتا ويدن جي تعليم جو جوهر آهي. گيتا ڪيترين ئي صدين تائين هندو معاشري تي اثرانداز رهي آهي. ذري گهٽ سمورن هندستاني فيلسوفن ان جون شرحون لکيون آهن، جنهن ۾ شنڪر آچاريه توحيد جو تصور وحدت الوجود جي ماتحت ۽ رامانج توحيد الاهي جي عقيدي مطابق تفسير لکيو آهي. موجوده دور ۾ شري راڌا ڪشن، مهاتما گانڌي ۽ آروبندي به تفسير لکيا آهن. گيتا جو انگريزي ترجمو چارلس ڊڪنز 1783ع ۾ڪيو. آخري وقت ۾ سر ايڊون آرنلڊ به ترجمو ڪيو. هو پونا جي هڪ ڪاليج ۾ سنسڪرت جو پروفيسر هو ۽ مهاتما ٻڌ جي زندگيءَ تي لائيٽ آف ايشيا (Light of Asia) نالي سان ڪتاب لکيائين جيڪو نظم ۾ آهي. هن، حضرت مسيح جي زندگيءَ تي لائيٽ آف ورلڊ (Light of World) نالي ڪتاب پڻ لکيو.
هن وقت تائين گيتا جو 30 ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ ان جا هڪ هزار ايڊيشن شايع ٿي چڪا آهن. گيتا جو شعر ۾ ۽ صحيح ترجمو خواجه دل محمد اردو ٻوليءَ ۾ ڪيو، جنهن کي گيتا مشن سند ڏني. اهڙي نموني ڊاڪٽر خليفه عبدالحڪيم به ترجمو ڪيو.
1500 ق- م ۾ هندستان اچڻ وارن آرين جي مذهبي زندگي ويدن جي چوڌاري گهمي ٿي. مقدس ويدن جي الهامي ڏاهپ هندستانين جي روحاني رهنمائي ڪئي. ويدڪ زندگيءَ جو طريقو، زندگيءَ جي توثيق هو پر بعد ۾ ان ۾ تبديلي اچي وئي ۽ زندگي بنيادي طور نجس تصور ڪئي وئي. ڪرم ۽ روح جي تناسخ ان جي ماهيت ۾ اضافو ڪيو.
[b]اپنشدن جو فلسفو
[/b] اپنشدن، جيڪي ويدن جي تعليم جو عروج وارو نقطو آهن، نجات جو به هڪ فلسفو ڏنو. اپنشدن مطابق انساني وجود جو حقيقي جوهر آتما آهي. روح زمان ۽ مڪان کان مٿانهون آهي. روح جو رشتو جسم سان عارضي آهي، سموري طبعي زندگي جي عمارت ايشور يعني پيدا ڪندڙ تي آڌاريل آهي. ايشور جوهر، ادراڪ ۽ شعور آهي. ايشور ۽ روح هڪ آهي. انساني زندگيءَ جي ڏکن جو سبب ان جي باري ۾ غلط آگاهي آهي. روح انساني زندگيءَ سان هڪ جهڙو آهي پر اهو اعمال جي اختلاف سان تناسخ جي چڪر ۾ ڦاسي ويندو آهي ۽ هر هر پيدا ٿيڻ جو ڏک سهندو آهي. جڏهن انساني وجود پنهنجي جوهر ۽ ايشور سان حقيقي تعلق کي سڃاڻي وٺي ٿو ته تناسخ جي چڪر مان نڪري اچي ٿو.
اپنشدن جي بنيادي فلسفي هندو معاشري کي تمام گهڻو نقصان پهچايو. ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هر انسان جو تعلق ڪنهن هڪ ذات ۽ آشرم سان هوندو آهي يعني برهمڻ هجي يا کتري، وئش هجي يا شودر. اهڙي نموني هو عمر جي لحاظ کان شاگرد هجي يا شاديءَ وارو يا ان کان فارغ ٿي آخر ۾ سنياس جي زندگيءَ ۾ هوندو. سنياس مڪمل ترڪ حيات آهي. پنهنجا فرض سر انجام ڏيڻ وارو ڪوبه ماڻهو نيڪيءَ جو ذخيرو ختم ٿيڻ تي وري جنم وٺي سگهي ٿو. اپنشدن جي فلسفي، تناسخ کان ڇوٽڪاري جو رستو، عملي زندگيءَ کي ڇڏي دنيا تياڳڻ ٻڌايو آهي ۽ چيو آهي پنهنجي روح ۾ خدا کي ڳوليو.
ڀڳوت گيتا جو فلسفو اصل ۾ اپنشدي فلسفي جي ترديد آهي. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن معاشري ۾ عمل ترڪ ڪرڻ ئي بهترين ڪم آهي ته معاشرو ڪيئن ٿو قائم رهي سگهي. شري ڪرشن زندگيءَ جو هڪ زبردست تصور پيش ڪيو، جنهن ۾ ڪو به شخص مذهب يا ڌرم جي پيروي ڪري روح جي تناسخ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو.
[b]گيتا جو فلسفو
[/b] گيتا جو اصل نالو ڀڳوت گيتا اپنشد آهي يعني ”ڀڳوان جي رازن جو تفصيلي اظهار.“ دريو ڌن جيڪو ڪوروئن جو سربراهه هو، تنهن پنهنجي سوٽن پانڊوئن کان راڄ کسي ورتو هو. پانڊوئن وڏي ڪوشش ڪئي ته لڙائيءَ کانسواءِ کين پنهنجو حق ملي وڃي پر سڀ ڪوششون ناڪام ويون. آخر ۾ پانڊوئن شري ڪرشن کي دريوڌن ڏانهن موڪليو، پر هن پوءِ به نه مڃيو ۽ شري ڪرشن کي جواب ڏنو ته جنگ کانسواءِ ٻاڙيءَ جيتري زمين به نه ڏيندا. نيٺ ڪروڪيشتر جي ميدان تي ٻئي فوجون آمهون سامهون ٿيون، جڏهن جنگ جو وقت آيو ته ارجن تي خاص ڪيفيت طاري ٿي وئي. هن ڏٺو ته جنگ ۾ سڀ ڀائر، بزرگ ۽ استاد مارجي ويندا، هزارين ٻار يتيم ٿي ويندا. اهڙي نموني جنگ جو ڪو فائدو نه آهي. اهو احساس ايترو شديد هو جو هن جي هٿ مان ڪمان ڪري پيو ۽ اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳس. هن شري ڪرشن کي صاف لفظن ۾ چيو ته هو جنگ نه ڪندو. اتان کان شري ڪرشن ۽ ارجن جي وچ ۾ تاريخي ڳالهه ٻول شروع ٿئي ٿي ۽ گيتا ان ڳالهه ٻول تي ٻڌل آهي. ڳالهه ٻول جيتري اڳتي وڌندي وئي ان ۾ وسعت ۽ گهرائي ايندي وئي، ايستائين جو ڪائنات ۽ زندگيءَ جي سڀني مسئلن تي ڳالهايو ويو. اصل ۾ ارجن جو احساس ۽ شري ڪرشن جو وعظ اخلاق جي ٻن مڪتبه فڪرن سان تعلق رکي ٿو. ارجن جو مڪتبه فڪر پنهنجي چوڌاري ظلم، فساد، قتل، غارت ۽ بَديءَ جي قوتن کي نظر انداز ڪري پنهنجي انفرادي ڇوٽڪاري تي ڌيان ڏئي ٿو. اصل ۾ اهو فرار جو رستو آهي. شري ڪرشن ان نقطه نظر جي سختيءَ سان ترديد ڪئي ۽ ارجن کي نفسياتي پريشانيءَ مان ڪڍڻ لاءِ زندگيءَ جو هاڪاري تصور پيش ڪيو. اها اخلاقي تصور جي رهبانيت واري بنيادي شڪل آهي ۽ اڳتي هلي مشرقي تصوف ان کي اختيار ڪيو. ان تصور مطابق هيءَ دنيا عذاب گهر آهي، ان کان بچڻ ۽ ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ انسان جو فرض آهي. ان جي ابتڙ ڪرشن فرمايو آهي ته اي ارجن، تون جسم کي روح سمجهين ٿو، جسم ختم ٿيڻ وارو آهي، پر روح ڪڏهن نه مرندو آهي، اهو لافاني ۽ دائمي آهي. شري ڪرشن جو مقصد ارجن کي پنهنجو فرض سمجهائڻ هو. ارجن هڪ جنگجو سپاهي آهي جنهن جي لاءِ حق خاطر وڙهڻ هڪ فرض ۽ ڌرم آهي ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي ڌرم تي عمل نٿو ڪري، اهو نه ته هن دنيا ۾ عزت ماڻيندو ۽ نه آخرت ۾ ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهندو.
ڪوروئن جو خاندان مڌيه پرديش يعني دهلي ۽ ان جي اتر واري علائقي ۾ آباد هو. اهو وڏو طاقتور گروهه هو، انهن جي ٻولي ترقي ڪري سنسڪرت جي شڪل اختيار ڪئي هئي. ان ئي علائقي ۾ ويد لکڻ وارا گڏ ڪيا ويا ۽ هتي ئي برهمڻن جو خاص طبقو پيدا ٿيو جنهن هڪ برتر سياسي ۽ سماجي حيثيت اختيار ڪئي جيڪا بعد ۾ سموري هندستان ۾ تسليم ڪئي وئي. آرين جا سڀ مذهبي ڪتاب جيڪي هن وقت موجود آهن، هتي ئي تيار ڪيا ويا.
مڌيه پرديش کان ٻاهر برهمڻن جو ايترو اثر رسوخ نه هو، ان ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ محقق ۽ مفڪر عام طور تي کتري ئي هوندا هئا، جن جي تعريف خود انهن جي همعصر برهمڻن جي ڪتابن ۾ملي ٿي. چاڻڪيه جو مادي فلسفو به ان ئي علائقي ۾ اُسريو. ان فلسفي جا باني ۽ سرپرست سڀ کتري هئا. هتي ئي برهمڻن جي وحدت الوجود واري فلسفي جي مقابلي ۾ کترين توحيد پرست تصور پيش ڪيو. ڀڳوت گيتا جي پهرين چئن بابن ۾ اهو اشارو ملي ٿو ته توحيد پرست مذهب کترين جو قائم ڪيل آهي ۽ ڪجهه بادشاهه ان فسلفي کي مڃيندا هئا ۽ ڪي وري ان جا سرپرست هئا.
مڌيه پرديش کان ٻاهرين ملڪن ۾ وحدت الوجود جي فلسفي جي ابتڙ توحيد پرست مذهب پيدا ٿيو ۽ اُسريو نسريو. تاريخ مان پتو پوي ٿو ته ان توحيد پرست مذهب جي شروعات شري ڪرشن واسديو کان ٿي. سندس والد جو نالو واسديو ۽ ماءُ جو نالو ديوڪي هو. مها ڀارت جي سڀني حصن ۾ شري ڪرشن کي اوتار جي حيثيت سان پيش ڪيو ويو آهي. هڪ بهادر سپاهي، مذهبي رهنما ۽ مصلح جي حيثيت سان پيش ڪيو ويو. شري ڪرشن واحد خدا جو نالو ڀڳوت رکيو ۽ ان جا پوئلڳ ڀاڳوت سڏرائڻ لڳا، سڀ کان پهريان سندس قبيلي جي ماڻهن ان مذهب کي قبول ڪيو، ان کانپوءِ اهو ٻاهرين ملڪن ۾ ڦهلجي ويو. گيتا چاڻڪيه جي ماديت پسند فلسفي خلاف توحيد پرست فلسفو پيش ڪيو. چاڻڪيه فلسفي ۾ روح اعظم جي لاءِ ”يوڪش“ جو لفظ استعمال ڪيو ويو.
پراڻي زماني کان وٺي برهمڻ مت جو اثر حاوي ٿيندو ويو، ايستائين جو شري ڪرشن جي ڀاڳوتي مذهب ۾ شرڪ پوري طرح داخل ٿي ويو ۽ گيتا جو توحيد پرست تصور شرڪ سان آلوده ٿي ويو، ايتريقدر جو ڪرشن کي ڀڳوان مڃيو ويو.
ان کان پهريان شري رام چندر جو تصور خالص انسانيت جي شڪل ۾ ظاهر ٿئي ٿو، ان کانپوءِ شري ڪرشن جي تعليم ۾ بَديءَ جي خلاف جنگ جو تصور اڀري ٿو. ڪرشن جي تعليم ۾ هڪ ٻئي اوتار جو ذڪر به اچي ٿو، جنهن جي هٿ ۾ تلوار هوندي. هو بَديءَ جي قوتن کي فنا ڪندو ۽ دنيا ۾ عدل، رحم ۽ سماجي انصاف جو مقدس دور شروع ڪندو. ڀاڳوتي مذهب ۾ ڪرشن کي ايشور (خدا) جو مڪمل مظهر قرار ڏنو ويو آهي. گيتا ۾ (4 :6 ) هڪ جڳهه تي برهما چوي ٿو ته مان پيدائش ۽ موت کان مٿاهون آهيان پوءِ به مختلف زمانن ۾ ظاهر ٿيندو آهيان ته جيئن نيڪي کي تقويت ڏيان ۽ بَديءَ کي ختم ڪري شريعت قائم ڪريان. (4 :7 ).
گيتا جنهن ماحول ۾ وجود ۾ آئي ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته، انهيءَ جو مقصد اخلاقي ضابطو ڏيڻ، زندگيءَ جي مسئلن کي سلجهائڻ ۽ نيڪ عملن جي ترغيب ڏيڻ هو. گيتا مطابق ايشور سموري ڪائنات جو پيدا ڪرڻ وارو آهي جنهن جو نه ڪو آغاز آهي نه انجام. ان عقيدي کي اپنائڻ وارو ماڻهو ئي بَدي ۽ گناهه کان محفوظ رهي سگهي ٿو، خوف ۽ پريشانيءَ کان بچي سگهي ٿو. ايشور نه صرف سڄي انساني ڪائنات کان پر انسانن جي روح کان به مٿاهون آهي.(باب 1 - اشلوڪ 3 -2 ).
ايشور چوي ٿو ته ”مان سڀني جي دلين ۾ آهيان. علم، عقل جو قيام، شڪ جو خاتمو مونکان آهي مان سڀني علمن جي انتها آهيان، مان ئي سڀني علمن کي ڄاڻڻ وارو آهيان. هن دنيا ۾ ٻه پرش آهن: هڪ فاني، ٻيو لافاني. هيءَ سڄي ڪائنات فاني آهي ۽ روح لافاني پر ايشور ٻنهي کان جدا ۽ لافاني برهما آهي. هي ٽنهي ڪائناتن ۾ جاري و ساري آهي ۽ انهن جو پيدا ڪرڻ وارو آهي.“
مان هن فاني شيءِ کان مٿاهون آهيان، ان ڪري مونکي ويدن ۾ ۽ هر جڳهه تي ايشور چيو ويندو آهي.(8 1-5 1-5 1 ).
ايشور چوي ٿو ته ٻه مختلف قوتون آهن: هڪ ڪمزور درجي واري جيڪا زمين، پاڻي، باهه، هوا، نفس ۽ خوديءَ ۾ ظاهر ٿيندي آهي. ٻي بلند درجي واري آهي جيڪا پهرين کان بلڪل مختلف آهي. اها روحاني حيات آهي جنهن سان هيءَ سڄي ڪائنات قائم آهي. ان جو سادو مفهوم هيءُ آهي ته مادي ۽ غيرمادي ڪائنات سڀ ايشور جي تخليق آهي ۽ ان جي شهرت جي ماتحت پنهنجي فرضن جي ادائگيءَ ۾ رڌل آهي. ايشور پراڪرتي (مادي) جي رحم ۾ ٻج وڌو ۽ ان سان ڪائنات پيدا ٿي آهي (14 :3) اهو ئي سڀني جو پيءُ ۽ حاڪم آهي. اهو ئي ڪائنات جي پيدائش، ترقي ۽ تباهيءَ جو اڪيلو ذميوار آهي ۽ ان حيثيت سان هو ان جو آغاز ۽ انجام آهي. سڀ شيون ڏانهس موٽڻ واريون آهن (9:7) اهو ئي سڀني جون قسمتون بدلائڻ وارو آهي يعني انهن جي اعمال مطابق سزا ۽ جزا ڏيڻ وارو آهي، هو انتهائي ڪمال وارو آهي، ان ڪري هن سان ڪنهن خواهش جو اظهار ممڪن نه آهي ۽ انڪري ڪائنات جي تخليق ۾ ان جو ڪو به مقصد نه آهي، هِن ڪائنات جي تخليق جو مقصد صرف مخلوق جي ڀلائي آهي.
”اي پرٿويءَ جا پٽ، انهن ٽنهي دنيائن ۾ ڪوئي اهڙو ڪم نه آهي جيڪو منهنجي ڪرڻ جو هجي ۽ نه مونکي ڪنهن اهڙي شيءِ جي حاجت آهي جيڪا مون وٽ نه هجي. ان جي باوجود مان هر پل ڪم ۾ مشغول آهيان، جيڪڏهن مان ننڊ کان محفوظ لڳاتار ڪم نه ڪندو رهان ته هيءَ ڪائنات تباهه ۽ برباد ٿي وڃي ۽ هر هنڌ فساد برپا ٿي و ڃي (22-3:4) ان مقصد تحت گيتا ۾ اوتار جو نظريو پيش ڪيو ويو ته جيئن دنيا مان فساد ختم ٿئي. ”جڏهن به دنيا ۾ ناانصافي ۽ ظلم عام ٿي وڃي ۽ عدل ختم ٿي وڃي، تڏهن مان جيڪو ازلي ۽ لافاني آهيان ۽ ڪڏهن پيدائش ۾ ملوث نه ٿيندو آهيان، پنهنجو پاڻ کي فاني شڪلين ۾ ظاهر ڪندو آهيان ته جيئن نيڪيءَ جي حفاظت ڪريان ۽ بَديءَ کي ختم ڪريان ۽ اهڙي نموني حق ۽ انصاف قائم ٿئي.“ (6-4:8)
خدا جو ڪو به فعل ذاتي خواهش تي ٻڌل نه هوندو آهي، پر مادي جي ڪري ظاهر ٿيندو آهي جنهن تي هو حڪمران آهي، ان ڪري هو پنهنجي اعمال جي ڪري ڪنهن نتيجي جو پابند نه آهي ۽ ان جي مطلق العناني ۽ قدرت ۾ ڪا به ڪمي نٿي اچي.
عام طور انسانن کي انهن جي اعمال مطابق سزا ۽ جزا ملندي آهي پر جيڪڏهن خدا سان صحيح نموني محبت ڪئي وڃي ته ان محبت عيوض انسان رحمت جو اميدوار ٿي سگهي ٿو. (18:64=238:-14-20) سڀني شين کي ڇڏي مون وٽ پناهه ڳوليو، مان توهان کي عام گناهن کان ڇوٽڪارو ڏيندس، ڪو به ڏک نه ڪريو.(66:18)
گيتا پرش (روح) ۽ پراڪرتي (مادي) جي ورهاست موجود آهي، پر ان جي ثنويت کي وحدت ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. پرش ڪو جدا اصول نه پر ايشور جي ئي هڪ شڪل آهي. ان ڪائنات جي عمل جي تهه ۾ هڪ روحاني قوت موجود آهي گيتا ۾ اتم روح جو تصور به موجود آهي جيڪو چاڻڪيه جي فلسفي ۾ آهي، گيتا ۾ اتم روح جو تصور به موجود آهي جيڪو چانڪيه ۾ نه آهي.
تيرهين باب ۾ روح ۽ مادي وچ ۾ تفصيلي فرق پيش ڪيو ويو آهي. ارجن پڇي ٿو ته هو روح ۽ مادي، ميدان ۽ ناظر ۽ علم ۽ معلوم جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهي ٿو. شري ڪرشن جواب ڏنو ته جسم ميدان آهي ۽ جيڪو ان ميدان ۾ واقعن جو مطالعو ڪري ٿو اهو عالم آهي. اهو مثال تمام اهم آهي. ميدان مسلسل ڪار زار، جدوجهد، ترقي، تنزل ۽ موت جو علائقو آهي. ڄاڻڻ واري يا مطالعي ڪرڻ واري جو ڪم صرف ڏسڻ يا تماشو ڪرڻ آهي.
[b]روح جي صحيح سڃاڻپ
[/b] روح جي صحيح نوعيت هيءَ آهي ته اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مادي کي استعمال ڪندو آهي ۽ ان کي اهڙي نموني آڻيندو آهي پنهنجا ارادا پورا ڪرائي سگهي. جيڪڏهن روح کي ناڪاري تصور ڏنو وڃي ته ان سان انساني انفراديت،سندس جذبا، بلند عزم ۽ سندس اخلاقي حيثيت سڀ ختم ٿي ويندا. روح بيٺل نه آهي پر ظاهر ٿيندو آهي ۽ حرڪت ڪندو آهي. ان تي واردات جو عڪس نه پوندو آهي پر اهو پاڻ انهن وارداتن کي پيدا ڪندو آهي ۽ ان مان اثر وٺندو آهي. مادي جي آلودگي روح جي پاڪيزگيءَ کي آلوده نه ڪندي آهي. روح ۾ اها فطري صلاحيت موجود آهي ته ان جي آڏو جيڪڏهن بلند مقصد هجن ته اهو آلودگين کان بچي ويندو آهي. روح مادي جي حرڪت جو مشاهدو نه ڪندو آهي ڇو ته مادو صرف سڪون ۽ جمود آهي، جڏهن ته حرڪت جو ماخذ روح آهي. هن ڪائنات ۾ سڄي هلچل مادي جي ڪري آهي پر ان ۾ حرڪت پيدا ڪرڻ روح کانسواءِ ممڪن نه آهي.
هڪ ٻي جڳهه تي ڄاڻايو ويو آهي ته روح خدا جو قديم حصو آهي (15 :7) ته پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته انساني روح ڪائنات جي خالق جي هڪ محدود شڪل آهي، اهو خدا جنهن کي نه ننڊ ايندي آهي ۽ نه وري اهو مسلسل حرڪت ۽ عمل ۾ عاجز هوندو آهي (3 :22-4 ) ته پوءِ انساني روح ڪهڙي نموني جامد ۽ ساڪن ٿي سگهي ٿو. اصل ۾ اهو تضاد سانکيه فلسفي جي ڪري پيدا ٿيو آهي. گيتا ۾ سانکيه فلسفي جي ڪا به گنجائش نه آهي.
[b]مادي جي حقيقت
[/b] گيتا ٻڌائي ٿي ته مادي جا سڀ عمل انهن ٽن گڻن جي ڪري آهن جن سان ملي مادو بڻجي ٿو. اصل ۾ گڻ جو هتي مطلب صفت نه پر حصو آهي جن سان ملي مادو بڻجي ٿو. اهي حصا ٽي آهن:
1 ستو: سفيد حصو، اهو جز جيڪو پاڪ صاف روشني ڏيڻ وارو، نيڪ ۽ صادق آهي.
2 رجس: ڳاڙهو حصو، جنهن سان عمل، جذبو، بي چيني ۽ قوت جو اظهار ٿيندو آهي.
3 تمس: ڪارو حصو، هر ان شيءِ جو نمائندو جيڪا ڳوري، ڪاري، جمود ۽ سڪون جي ياد ڏياريندي آهي.
مذڪوره حصن جي مختلف نسبتن ۾ ملڻ سان شين جو اختلاف پيدا ٿئي ٿو، گيتا مطابق مادي سان جيڪو حصو ظاهر ٿئي ٿو ان کان ڪو انسان ته ڇا ديوتا به محفوظ نه آهي. انهن ئي ٽنهي حصن انسان کي ڪائنات جي زنجيرن ۽ زندگيءَ جي چڪر ۾ جڪڙي رکيو آهي. صحيح زندگي انهن حصن کان مٿاهون هجڻ جو نالو آهي.
زندگيءَ جو نقشو گيتا جا سڀ قصا اسان جي آڏو پيش ڪن ٿا يعني مسئلن جي پيچيدگي ۽ انساني ذهن جون غلط فهميون زندگيءَ کي انهن مسئلن ۾ ڦاسائڻ بدران فرار جو سولو رستو ڏيکارين ٿيون. اسان کي اهو سبق نٿو ملي ته اسان پنهنجي جسم، روح ۽ ان جي سڀني حصن جي خاصيتن کان بالاتر ٿي دنيا ترڪ ڪريون. ان قصي جو صحيح مقصد هي آهي ته اسان پنهنجي سڀني مجبورين، پنهنجن حدن ۽ زنجيرن کي قائم رکندي پنهنجي لاءِ فلاح ۽ سعادت جو هڪڙو ۽ صرف هڪڙو رستو اختيار ڪيون جنهن سان ايشور جي رضا حاصل ٿئي ۽ اِن رضا ۾ بقول گيتا: اسان جي فلاح ۽ ڀلائي لڪيل آهي (18:64)
[b]گيتا جو اصل موضوع
[/b] گيتا جي مصنف جو اصل موضوع انسان ۽ ان جي سعادت آهي. اهو صحيح آهي ته هيءَ سڄي بي جان ۽ جاندار ڪائنات خدا جو مظهر آهي، پر انسان هن ڪائنات جو سرتاج ۽ سموري مخلوقات ۾ مڙني کان مٿانهون آهي. اهو صرف انسان ئي آهي جنهن کي طاقت ۽ اختيار ڏنو ويو آهي جن جي مدد سان جيڪڏهن هو چاهي ته ڀلائي ۽ آسانيون پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن چاهي ته پنهنجي لاءِ مصيبت ۽ عذاب جا در کولي سگهي ٿو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته گيتا جي مختلف اشلوڪن ۾ ايشور جي مطلق قدرت جو اظهار اهڙن لفظن ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن کي زماني جا لاها چاڙها جيڏانهن وٺي وڃن اوڏانهن هليو وڃي ٿو ۽ هڪ نه ختم ٿيڻ واري حرڪت کيس هڪ بي جان مشين وانگر بنا مقصد جي گهمائيندي رهي ٿي (18 :59 -61) انساني نفس صرف هڪ بيحس مشيت جو آله ڪار آهي ۽ جيڪو ڪجهه ان کان ٿئي ٿو، ان لاءِ هو بلڪل مجبور آهي، ڇو ته هن جي مرضي يا ارادي کي ڪو به دخل نه هوندو آهي (11 :33-32) پر انهن لفظن سان جيڪا غلط فهمي پيدا ٿئي ٿي، اها اصل قصي جي نوعيت ۽ ان جي مقصد کان پري وٺي وڃي ٿي. اهڙي نموني جڏهن شري ڪرشن سمورو وعظ ختم ڪري ٿو ته آخر ۾ ارجن سان هيئن مخاطب ٿئي ٿو ”مان توکي علم سيکاريو آهي جيڪو سڀني رمزن جو سرتاج آهي، ان تي غور ۽ تدبر ڪر ۽ ان کانپوءِ جيڪو تنهنجي دل ۾ اچي اهو ڪر!“ (18 :63) اهي آخري لفظ ان حقيقت جو اعلان آهن ته گيتا جي مصنف جي نظر ۾ انسان با اختيار ۽ موثر هستي آهي جيڪو نيڪي ۽ بَديءَ ۾ تميز ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي اختيار جي ارادي کي جيئن چاهي استعمال ڪري سگهي ٿو. خدا جو قادر مطلق هجڻ ۽ انسان جو صاحب اختيار هجڻ ٻئي ڳالهيون عملي طور پنهنجي جڳهه تي صحيح آهن، پر ان ۾ منطقي ربط پيدا ڪرڻ انساني عقل کان مٿي آهي، ان ڪري اڪثر مذهبي صحيفن ۾ هن قسم جو تضاد واضح طور نظر اچي ٿو. ارجن کتري آهي، بهادر آهي، عملي انسان آهي. هو شري ڪرشن مٿان سوالن جي بوڇاڙ ڪري ٿو ته جيئن هر سوال کي بنا شڪ جي ۽ هر ڳالهه کي عملي طور سمجهي سچائي ڇا آهي؟ ۽ ان جي تهه تائين پهچي.
[b]گيتا جو انسان
[/b] جڏهن اسان ان سڄي مابعد الطبعياتي بحث کان پاڻ کي الڳ ڪريون ته گيتا جو ماڻهو حقيقت ۾ اسان جي ئي ذات جو عڪس آهي. هو سوچي ٿو. محسوس ڪري ٿو ۽ ارادو ڪري ٿو. هو ان خارجي ڪائنات ۾ زندگي گذاري ٿو ۽ ان ئي تعلق سان هر برائيءَ جي ترغيب سان آڏو اچڻو پوي ٿو ۽ ڏک ۽ خوشي جي احساسن جو تجربو ٿئي ٿو. هو اڪثر پنهنجي خواهش جو شڪار ٿئي ٿو. غصو، لالچ، محبت، نفرت ڪري ۽ خواهشن ۽ تصورن جو محل جوڙي ٿو ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عمل به ڪري ٿو. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود ڪنهن مهل هو محسوس ڪري ٿو ته هيءَ زندگي سراب يا دوکو آهي. حقيقت ان خارجي دنيا ۾ جلوه گر نه آهي پر پردي جي پٺيان آهي، ان پردي کي هٽائڻ کانسواءِ هو حقيقت کي نه ٿو ڏسي سگهي. شري ڪرشن پنهنجي وعظ جي شروعات ۾ ئي ارجن کي اها حقيقت ٻڌائي هئي ته جسم ۽ ڪائنات سڀ فاني آهن ۽ حقيقت صرف اهو روح آهي جيڪو هت مرڻ واري جسم ۾ آهي.
[b]فساد جا سبب
[/b] گيتا مطابق اها الفت ۽ محبت، نفرت ۽ حقارت، غصو ۽ لالچ سڀ انساني گناهن جي جڙ ۽ فساد جو باعث آهن، اهي ئي ان کي برن خيالن ۽ برن عملن جي ترغيب ڏين ٿا، اهي ئي ان کي حقيقت جي علم کان پري ڪري حقيقي سعادت کي حاصل ڪرڻ کان محروم رکن ٿا.
فرضن جي ادائگي ۽ معاشرتي تعلق کان علحدگي هڪ عظيم گناهه آهي. صحيح راهه عمل اهو آهي ته اسان زندگيءَ جي مسئلن ۾ ڦاسون ۽ پنهنجي غلطين ۽ ڪوتاهين تي پشيمان ٿي توبهه ڪريون ۽ اڳتي انهن کان بچون.
[b]نيڪ انسان :
[/b] نيڪ انسان اهو آهي جيڪو هن معاشري ۾ پنهنجي مرتبي مطابق فرضن جي ادائگيءَ ۾ دل و جان سان رڌل هجي. گيتا جي لفظن ۾ اهو ماڻهو ديوتائن جي زمري ۾ اچي ٿو، جنهن جي سيرت بلند ۽ جنهن جي دل پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مصروف هجي، جنهن جو ذهن مقصد جي حاصلات جا ذريعا ڳولي لهي ۽ اهڙي انسان جو مثال آهي شري ڪرشن. گيتا اهڙن نيڪ انسانن جي بهترين صفتن نيڪي، خلوص، نفس تي ضابطي، پاڪيزگي، حياءُ، جرئت وغيره جو ذڪر ڪيو آهي. ان جي ابتڙ برا انسان اهي آهن جن جي رهڻ جي جاءِ تحت الثريٰ يا پاتال آهي، جيڪو شيطاني گروهه جو مسڪن آهي. اهي نفاق، غصو، غرور، نفرت ۽ هٺ ڌرميءَ جو شڪار آهن، اهي خدا ۽ انسانن جا دشمن آهن ۽ ڪجهه ڏينهن جي زندگي جي اعمالن ۽ نتيجن تي مطمئن آهن. گيتا چيو آهي ته بي خوفي، دل جي پاڪيزگي، مصروفيت، سخاوت، نفس تي ضابطو، قربانيءَ جو جذبو، مقدس ڪتابن جي تلاوت، بَديءَ کان پرهيز، صاف گوئي، سڀني جي لاءِ احترام جو جذبو، اعتدال پسند طبيعت، چغلي ۽ گارين کان پرهيز، خواهشن کان پرهيز، حياءُ، شرم، نرمي، جوش، مصيبتن ۽ تڪليفن ۾ صبر، نفرت حقارت ۽ غرور کان پرهيز، اهي صفتون آهن انهن انسانن جون جيڪي روحاني دنيا ۾ پيدا ٿيندا آهن.
نفاق، غرور، غصو، جهالت اهي صفتون انهن انسانن جون آهن، جيڪي شيطاني گروهه سان تعلق رکن ٿا.
”اي ڪنتي جا پٽ، پنهنجي ڪرمن ۽ پنهنجي فطرت هٿان مجبور ٿي جيڪو فعل تون پنهنجي ارادي ۽ خواهش سان نٿو ڪرڻ چاهين، اهو توکان تنهنجي مرضيءَ جي خلاف ٿي ويندو. اي ارجن، ايشور هر دل ۾ موجود آهي ۽ پنهنجي مايا جي قوت سان هر شيءِ کي نچائيندو رهي ٿو. اهڙي نموني شري ڪرشن ارجن کي چوي ٿو ته سڄي ڌرم کي پاسي رکي مون ۾ پناهه ڳوليو (18 :61) اها منزل حقيقت ۾ اعليٰ اخلاقي زندگي آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ هر شخص جي لاءِ ناممڪن آهي، ان جي لاءِ نيڪي، بَدي ۽ ڌرم جي سڃاڻپ کان مٿڀري ٿي زندگي گذارڻ ناممڪن آهي.
[b]تناسخ يا جُوڻ مَٽ
[/b] گيتا ۾ آيو آهي ته انسان جي موت کانپوءِ ان جو روح ڪجهه عرصي بعد ٻئي جسم ۾ هليو ويندو آهي. جهڙي نموني اسين پراڻا ڪپڙا لاهي نوان ڪپڙا پهريون ٿا. (2 :22) نئون جسم پهرين زندگيءَ جي ڪمن جي نوعيت سان مقرر ٿيندو. اهو پيدائش ۽ موت جو چڪر ائين ئي هلندو رهندو، ايستائين جو انسان ان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي. ان تصور سان لازمي طور اهو نتيجو نڪري ٿو ته انسان پنهنجو پاڻ کي هن ڪائنات ۾ قيدي سمجهڻ لڳي ٿو ۽ سندس اخلاقي نظام ان تي آڌاريل نظر اچي ٿو ته ماڻهو ڪهڙي نموني ۽ڪيئن هن دنيا جي ذميدارين کان بچي سگهي ۽ ڪيئن هن زندگيءَ جي مصيبتن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري پنهنجي روح کي مادي شين ۾ ملوث ٿيڻ کان بچائي. اهو سلبي اخلاق ۽ سلبي نظريه حيات ان زماني جو منطقي نتيجو آهي. افسوس آهي ته گيتا جهڙو جهاد جي تلقين ڪرڻ وارو ۽ زندگيءَ جي مسئلن سان مهاڏو اٽڪائڻ جي تربيت ڏيڻ وارو ڪتاب ان منفي تصور کان نه بچي سگهيو.
پتو پوي ٿو ته سانکيه فلسفي جي ڪجهه پهلوئن ۽ برهمڻ جي وحدت الوجود واري تصور کي اپنائڻ وانگر تناسخ يا جُوڻ مَٽ کي به گيتا جي تعليم ۾ داخل ڪيو ويو، اهو گيتا جو فلسفو نه آهي ڇو ته گيتا اپنشدن جي فلسفي ۽ نظرئي کي رد ڪيو آهي، ان جي بدران گيتا نجات لاءِ نفس تي ضابطي جي تلقين ڪئي آهي ڇو ته جيڪڏهن هن دنيا جي دلچسپين ۾ دل لڳائبي ته موت ۽ پيدائش جي چڪر کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي ان لاءِ بَديءَ جي سرچشمي کي شروع ۾ ئي بند ڪرڻ ضروري آهي. ان لاءِ اخلاقي ضابطي کي اپنائڻ اڻٽر آهي، گيتا ان کي يوگ چيو آهي.
[b]يوگ جو مفهوم
[/b] يوگ جي لفظي معنيٰ اتحاد آهي. اهو شروع کان ئي نفس تي ضابطي جو نظام آهي جنهن جي مدد سان هڪ ماڻهو ايشور جي ذات ۾ وصل حاصل ڪري سگهي ٿو. ڀڳوت گيتا ۾ جتي لفظ يوگ استعمال ٿيو آهي ان جو مطلب نفس تي ضابطو يا ان جو طريقو آهي. گيتا ۾ يوگ جا ٽي طريقا ٻڌايا ويا آهن: 1 ڪرم يوگ. 2 جنان يوگ. 3 ڀڳتي يوگ.
يوگا جو مطلب ترتيب سان نفس تي ضابطو آهي جيڪو صحيح عمل، صحيح علم ۽ صحيح عبادت ذريعي ممڪن آهي. گيتا جي خوبي هيءَ آهي ته ان ۾ انسان جي فطرت جو صحيح ۽ مڪمل تصور موجود آهي ۽ ان جي ذهني، عملي ۽ جذباتي رجحانن جي اظهار لاءِ هڪ جيترا موقعا فراهم ڪيا ويا آهن، جن ۾ وحدت الوجود وانگر صرف علم تي زور نه آهي، نه وري صوفياڻي ۽ مروج يوگ جي جذباتي ذهنيت تي ڀاڙيو ويو آهي بلڪه انهن سڀني کي ملائي هڪ معتدل عملي نظام پيش ڪيو ويو آهي.
شري ڪرشن ارجن کي ٻڌايو آهي ته اهي ماڻهو جن علم جي خاطر عمل ترڪ ڪيو ۽ جن مطلق حقيقت جي مشاهدي لاءِ رهبانيت اختيار ڪئي آهي، انهن جي پيروي ڪرڻ صحيح رستي کان ڀٽڪڻ آهي18 -17 :7) هتي عالم جي تعريف موجود آهي پر ان سان گڏ اهو ذڪر به موجود آهي ته اهڙو عالم اهو ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ ڀڳتي موجود آهي، جيڪو مونکي پرشوتم ڄاڻي ٿو (گيتا ۾ پرشوتم جو تصور وحدت الوجودي نج حقيقت نه پر خاص مذهبي خدا آهي.) (47-46:6) اهڙي نموني هڪ يوگيءَ جي تعريف هيئن ڪئي وئي آهي ته جيڪو رياضتن سان نفس تي قابو پائي ٿو يا جيڪو علم جو خالص رستو اختيار ڪري ٿو يا جيڪو زندگيءَ جي عملي مسئلن ۾ ڦاسي ٿو پر هڪ صحيح ۽ اعليٰ رتبي وارو يوگي اهو آهي جيڪو انهن سڀني ڳالهين سان گڏ ايشور سان محبت ڪري ٿو، ان تي ايمان آڻي ٿو ۽ پنهنجو تن من ان جي لاءِ وقف ڪري ٿو.
[b]ضبط جون ٽي منزلون
[/b] گيتا ۾ نفس تي ضبط جون ٽي منزلون آهن، جتان انسان کي گذرڻو پوي ٿو.
پهرين منزل: اهو شروعاتي درجو آهي، صحيح عمل تي زور ڏنو ويو آهي.
ٻي منزل: اهو رياضت ۽ مشاهدي يا علم جو درجو آهي.
ٽين منزل: اها عبادت جي منزل آهي جنهن ۾ بندو خدا جي بلڪل ويجهو ٿي ويندو آهي. اهي ٽيئي منزلون انسان جي نفسياتي تجزئي طور پيش ڪيون ويون آهن.
پهرين منزل: ان ۾ انسان جو عقيدو تمام پختو ٿي ويندو آهي ۽ ڪنهن به قسم جو شڪ ان جي ايمان ۾ خلل نه وجهندو آهي. ان منزل ۾ هو مذهبي رسمن ۽ اعمالن ۾ مگن رهندو آهي، انڪري نه ته ان سان ڪا روحاني زندگي حاصل ڪندو يا ڪري سگهندو آهي، پر ان جي لاءِ هو ان کي پنهنجي عقيدي جي لحاظ کان مذهبي زندگيءَ جو حصو ۽ انهن جي ادائگي فرض سمجهندو آهي.
ٻي منزل: ٻي منزل جي شروعات ان وقت ٿيندي آهي جڏهن علم حاصل ڪرڻ وقت هن جي دل ۾ مختلف قسمن جا ڏکيا سوال اڀرندا آهن، جيئن ڇا واقعي ڪو خدا آهي؟ ڇا مذهب ۽ اخلاقيات جي ڪا حقيقت آهي؟ ۽ سڀني اعمالن جي عقلي ضرورت ڇا آهي؟ ان قسم جا شڪ انساني زندگيءَ جي ان منزل ۾ هر ماڻهوءَ کي پيش ايندا آهن. ڪجهه ته ان لاادريت (Agnosticism) ۾ وڃائجي ويندا آهن ۽ ڪي اِن مان پار پئي آخري منزل ۾ داخل ٿي ويندا آهن جتي انهن جي شڪ جو جواب تسليءَ سان ملي ويندو آهي، جتان اهي نئين سري سان اعمال جي دنيا ۾ داخل ٿي ويندا آهن.
ٽين منزل: هاڻي اهي رسمون ۽ آداب تقليدي نه رهندا آهن بلڪه انسان جي روح جي وجداني تعلق جو اظهار بڻجي ويندا آهن. هاڻي اهي سڀني رسمن کي بجا آڻيندا آهن جيڪي پهرين منزل ۾ هن کان ٿيا هئا پر هن وقت ان ٽين منزل ۾ هو ان جي روحاني لذت حاصل ڪندو آهي جيڪا سندس نئين زندگيءَ جو سرمايو هوندي آهي. هاڻي هن جي دل، ذهن ۽ روح هم آهنگ هوندا آهن ۽ سندس زندگي پنهنجي ڪمال تي پهچي مطلق خدا جو مڪمل اظهار بڻجي ويندي آهي.
[b]گيتا جي تناسخ تي تنقيد ۽ ڪرم يوگ جو صحيح تصور
[/b] گيتا ويدن ۽ اپنشدن جي تناسخ جي تصور تي شديد تنقيد ڪئي آهي، ويدن ۽ اپنشدن ٻڌايو آهي ته عمل ڪرڻ سان انسان تناسخ جي چڪر ۾ ڦاسي ويندو آهي، ان چڪر مان نڪرڻ جو صحيح رستو عمل ترڪ ڪرڻ آهي.... پر انسان عمل کانسواءِ ڪيئن زندگي گذاري سگهي ٿو، ان جو حل ڇا آهي؟ هڪ پاسي عمل ڪيو ته تناسخ جي چڪر ۾ ڦاسي وڃو. ٻئي پاسي عمل ترڪ ڪرڻ به ناممڪن آهي. گيتا ان مسئلي مان نڪرڻ جو رستو ”نشڪاما ڪرما“ ٻڌايو آهي يعني بي لوث عمل. اهو عمل جيڪو ڪنهن مادي يا روحاني غرض حاصل ڪرڻ جي لاءِ نه ڪيو وڃي. شري ڪرشن ارجن کي چيو: تنهنجو مقصد جنگ جي ذريعي مال دولت حاصل ڪرڻ، سلطنت وڌائڻ، شهرت ۽ عزت حاصل ڪرڻ نه پر نيڪيءَ جي حمايت ۽ بديءَ جي مخالفت ڪرڻ آهي ۽ ان جي لاءِ اهو عمل تنهنجي ڇوٽڪاري جو ضامن ۽ معاشرتي فلاح ۽ بهبود جو محافظ آهي.
اهي سڀ فلسفا ۽ مفڪر جيڪي معاشرتي زندگيءَ کان پاسيرو رهڻ جو ڏس ڏين ٿا ۽ عمل ترڪ ڪرڻ لاءِ چون ٿا، اهي گيتا جي تعليم جي به خلاف آهن. شري ڪرشن چيو ته ويدن ۽ اپنشدن کي ڇڏي هڪ جدا رستو ڪڍڻ ضروري آهي: ”ويدن جو مقصد ٽي ڳڻ آهن، ارجن تون انهن ٽنهي ڳڻن کان مٿانهون ٿي وڃ. اهي ماڻهو بي خوف آهن جيڪي ويدن جي لفظن ۾ مگن ۽ مطمئن آهن.“ (باب 2 -اشلوڪ 42045 ) عمل جو مقصد زندگيءَ مان بَدي، خود غرضي وغيره کي ختم ڪرڻ آهي. عمل جي اهميت کي واضح ڪندي شري ڪرشن ارجن کي ٻڌايو ته ايشور چيو آهي ته انهن ٽن دنيائن ۾ ڪو به عمل اهڙو نه آهي جنهن کي ڪرڻ منهنجي لاءِ ضروري هجي. ڪا به اهڙي شيءِ نه آهي جيڪا مون وٽ نه هجي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مونکي جدوجهد ڪرڻي پوي. ان جي باوجود مان هر پل حرڪت ۽ عمل ۾ آهيان، جيڪڏهن مان سمهي پوان ۽ عمل ڪرڻ ڇڏي ڏيان ته ماڻهو منهنجي پيروي ڪندي تباهيءَ جي کڏ ۾ ڪري پوندا ۽آءٌ فتنو فساد برپا ڪرڻ جو سبب بڻجي ويندس ۽ ماڻهن جي قتل و غارت جو ذميوار بڻجي ويندس.“ (باب 3 – اشلوڪ23-22).
[b]بَديءَ کان بچڻ جو طريقو
[/b] گيتا اعمالن جي خراب نتيجن کان بچڻ لاءِ ٻڌايو آهي ته انسان کي هِنن مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو:
پهريون مرحلو : خود غرضيءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي ڇو ته جيستائين ذهن ۾ معاوضي جو تصور موجود آهي تيستائين انسان تناسخ جي چڪر مان ڇوٽڪارو حاصل نٿو ڪري سگهي. جيئن ئي ذهن ۾ خدا جي رضا جي طلب پيدا ٿيندي ۽ هر ڪم ٻين جي ڀلائي لاءِ ڪندؤ ڇوٽڪاري جو رستو ان وقت کلي ويندو. پوءِ توهان جو نفس هر شيءِ کان پاڪ ۽ توهان جي دل نور سان روشن ٿي ويندي.
ٻيو مرحلو :ان مرحلي ۾ انسان مراقبن ڏانهن ڌيان ڏئي ٿو، دنيا جي هنگامن کي ڇڏي تنهائيءَ ۾ڪائنات جي خالق تي غور فڪر ڪرڻو آهي. ان سان علم ۾ واڌارو ۽ ايشور سان محبت ۾ شدت پيدا ٿيندي آهي. اهڙي حالت ۾ ان جو هر عمل ايشور جي آڏو عقيدت بڻجي ويندو آهي.
ٽيون مرحلو:آخري منزل زندگيءَ ۾ئي نجات حاصل ڪرڻ آهي. عمل مان نجات ته ناممڪن آهي پر هن مرحلي ۾ انسان جا اعمال هر قسم جي دنيوي مقصد کان پاڪ ٿي ويندا آهن، هاڻي نجات جي خواهش دل ۾ پيدا نه ٿيندي آهي، ڇو ته اسان نجات حاصل ڪري چڪو هوندو آهي. هو ڪم ڪندو رهندو آهي پر منجهس ڪنهن خواهش يا تمنا جو وجود نه هوندو آهي، ايستائين جو هڪ ڏينهن کيس موت پنهنجي آغوش ۾ اچي وٺندو آهي. مذڪوره مرحلن جو مقصد عمل ترڪ ڪري مراقبن ۾ مشغول ٿيڻ نه آهي.
[b]حقيقي سنياس
[/b] حقيقي سنياس اهو نه آهي ته جڏهن ماڻهو ڪنهن گناهه جي قابل نه رهي ته هو زندگيءَ جي لذتن ۽ ذميوارين کان پاسيرو ٿي ڪُنڊ وٺي ويهي رهي. حقيقي سنياس اهو آهي ته انسان زندگيءَ جون ذميداريون کڻي به، ان جي لذتن ۽ آزمائشن ۾ گهريل هوندي به انهن کان پاسيرو رهي ۽ پاند بچائي رکي. اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن هن جي دل ۾ خدا تي ايمان هجي. هن جي دل روحاني محبت سان سرشار هجي. ماڻهوءَ لاءِ سنياس زندگيءَ جي آخري نه پر پهرين منزل آهي ۽ اها ئي گيتا جي اصل تقاضا به آهي.
”جيڪڏهن تون حق خاطر جنگ نٿو ڪرين ته سمجهه ته پنهنجي فرض ۽ نيڪيءَ کي ترڪ ڪيئه يا گناهه ۾ آلوده ٿي وئين. حق جي خاطر جنگ ڪندي جيڪڏهن توهان مري ويو ته توهان کي جنت ملندي ۽ جيڪڏهن ڪامياب ٿيو ته هن ڌرتيءَ تي حڪومت ملندوَ.
ڏک ۽ خوشي، نفعو ۽ نقصان، فتح ۽ شڪست توهان جي لاءِ هڪ جهڙي هجڻ گهرجي، ان کان پوءِ جنگ ۾ شامل ٿي وڃو، پوءِ توهان جو روح گناهه کان پاڪ ٿي ويندو.“ (37-33 :2)
[b]گناهه جي حقيقت
[/b] گيتا جي ٽين باب ۾ گناهه جي حقيقت بيان ڪندي چيو ويو آهي ته دنيا جي هر شيءِ فطرت تي پيدا ڪئي وئي آهي، اهڙي نموني انسان به. جيڪڏهن انسان ان فطرت جي رهنمائي قبول ڪري ته گناهن جي زندگيءَ کان محفوظ رهي سگهي ٿو.
سموري مخلوق پنهنجي فطرت جي راهه تي روان دوان آهي ۽ ان فطرت کانسواءِ ڪنهن ٻئي پاسي وڃڻ گناهه آهي. هڪ عالم انسان به پنهنجي فطرت جي تقاضن کان مجبور آهي پر خواهشون، پسند ۽ ناپسند رستي ۾ ملنديون انهن جي گرفت م نه اچو ڇو ته اهي روح کي صحيح رستي تان ڀٽڪائينديون آهن.
پنهنجي فطرت مطابق ڪنهن قانون جي پيروي ڪرڻ ۾ غلطي به ٿئي ته به بهتر آهي بجاءِ هڪ خارجي قانون جي.
ان تي ارجن سوال ڪيو ته جيڪڏهن پنهنجي فطرت جي پيروي ڪرڻ ۾ ڪا به غلطي نه آهي ته اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا انسان کي گناهه ڏانهن وٺي وڃي ٿي، باوجود ان جي ته هو ان کان بچڻ جي به ڪوشش ڪري ٿو؟
شري ڪرشن جواب ڏنو ”اها لالچ، طمع ۽ انهن جو ساٿي غصو ۽ غضب توهان جي روح جا دشمن آهن، جيئن باهه جي چوڌاري چهٽيل رهنديون آهن (باب 3 1 اشلوڪ 3 3 -8 3 )
[b]صنيان يعني يوگ جو علم
[/b] گيتا ۾ يوگ جا ٽي قسم ٻڌايا ويا آهن:1 ڪرم يوگ (ان جو بيان ٿي چڪو آهي) 2 صنيان (علم) يوگ. 3 ڀڳتي يوگ.
ڪرم يوگ يعني نشڪاما ڪرما (تقويٰ) جو ذڪر ٿي چڪو آهي. اخلاقي زندگيءَ ۾ علم جي اهميت کان انڪار نه آهي پر تناسخ جي ڪري هر عمل جو نتيجو هن دنيا ۾ نئين پيدائش جي صورت ۾ نڪري ٿو، انڪري مفڪرن عمل کان بچي صرف علم جي ذريعي نجات حاصل ڪرڻ جو رستو ڳوليو. ان سلسلي ۾ وحدت الوجود جي تصور سندن مدد ڪئي. حق مطلق کانسواءِ ڪجهه به موجود نه آهي، سموري مخلوق جو وجود حق مطلق جا پاڇو آهي، ان ڪري عارضي ۽ پائيدار نه آهي. انسان جي فاعلانه حيثيت جو برقرار رهڻ به ڏکيو آهي. اهڙي نموني هندو فلسفي ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته انسان عمل تان هٿ کڻي وڃي ۽علمي حيثيت سان ان ڳالهه جو يقين ڪري ته حق مطلق ئي حقيقت ۽ وجود آهي باقي مخلوق ان جو پاڇو آهي ته اهو عمل نجات جي لاءِ ڪافي آهي، انڪري عمل جي ضرورت نه آهي.
گيتا علم جي صحيح حيثيت کي واضح ڪندي چيو آهي ته علم جو مقصد انساني زندگيءَ ۾ ڪائنات ۽ خالقِ ڪائنات سان تعلق جي وضاحت ڪرڻ آهي ته جيئن انسان ان جي روشنيءَ ۾ اخلاق جا بنياد جوڙي سگهي. ان علم کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ استادن جي مدد حاصل ڪرڻ، مقدس ڪتابن جو مطالعو، انهن قديم ۽ جديد تفسيرن تي غور فڪر سان گڏ نفس تي ضابطو، مراقبو ۽ مشاهدن جو شغل به ضروري آهي. پنهنجي دل کي خواهشن کان پاڪ ڪري نيڪ نيتي ۽ خلوص سان انساني همدردي ۽ خدا جي عبادت ۾ مشغول ٿي وڃ. گيتا مطابق ان حالت کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڪيلائي ۽ جبلن ۾ وڃي رياضت ڪرڻ صحيح نه آهي.
[b]ڀڳتي يوگ
[/b] سموري هندو ادب ۾ صرف گيتا ئي توحيد جي تصور تي زور ڏنو آهي. ويدن ۾ گهڻن ديوتائن جي تصور تي زور ڏنو ويو هو. اهي جذبن کان بلڪل خالي نظر ايندا هئا. اپنشدن جو حق مطلق ته هڪ بي جان اصول مطلق آهي جنهن کان رحم، محبت ۽ رهنمائي جي توقع فضول آهي. وحدت الوجود جي آڏو توحيدي مذهبن جو خدا واحد به آهي، رحم ۽ ڪرم وارو به آهي ۽ ان سان محبت ڪري سگهجي ٿي ۽ موٽ ۾ هو به محبت ڪري ٿو، جنهن کان مدد گهري سگهجي ٿي ۽ هو مدد ڏيندو به آهي ۽ پنهنجي بندن جي دعائن کي ٻڌندو ۽ جواب ڏيندو آهي.
گيتا ئي اهو پهريون ڪتاب آهي جنهن ۾ ايشور جو تصور خالص توحيدي آهي. جنهن ۾ ايشور جي عبادت ۽ اخلاقي زندگيءَ ۾ انساني جذبن جي تسڪين جو سامان ملي ٿو پر مذهب جو اِهو ئي اهو جذباتي پهلو آهي جيڪو اعتدال کان ٽپي وڃي ٿو ۽ جنهن جي ڪري عقيدن ۽ اعمالن ۾ بي شمار خرابيون پيدا ٿين ٿيون. گيتا ڀڳتيءَ جي تصور جي اصلاح ڪئي ۽ اهو تصور پنهنجي پاڪيزگي ۽ بلندي جي لحاظ کان ڀڳتيءَ جي ٻين تصورن کان مٿانهون آهي. گيتا ۽ پراڻن وغيره ۾ فرق جو تفصيل هيٺين ريت آهي:
1 . ايشور جنهن سان محبت ڪئي وڃي ٿي هڪ اهڙي هستي آهي جيڪا عبادت جي لائق آهي. انڪري انسان جي سيرت بلڪل اهڙي نموني جڙندي جهڙي قسم جو عقيدو ان جي دل ۽ دماغ ۾ هوندو آهي. گيتا ۾ آهي ته ”اي ڀارت، هر انسان جو ايمان هن جي فطرت مطابق جڙندو آهي.“ انساني روح، ايمان، صالح عمل ڏانهن رجحان، پنهنجي ذات ۽ ڪائنات جي وجود تي يقين جو نتيجو آهي. جهڙي قسم جو ايمان، ارادو يا عقيدو هوندو، ائين ئي انسان جي فطرت هوندي (7 1 :3 ) اهڙي خدا جي رهنمائي ۽ هدايت جيڪو ڪائنات سان محبت ڪري ٿو، اهڙي خدا جي عبادت يقينن ان جي پوئلڳن ۾ هڪ مٿاهون اخلاقي ڪردار پيدا ڪري سگهي ٿي.
2 . گيتا ۾ ڀڳتي يا محبت جو تصور صرف جذبن ۾ نه پر انساني فطرت سان سڀني جزن ۽ عنصرن جو هڪ وچٿرو اظهار آهي جنهن ۾ معاشرتي فرضن ۽ عقلي مطالبن جو مڪمل لحاظ رکيو ويو آهي. مذهبي زندگيءَ ۾ جذبن جو هڪ اهم مقام آهي پر گيتا ۾ ان عنصر کي عملي زندگي ۽ عملي ڪاوشن کان جدا رکڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي آهي ۽ نه وري ان جي خاطر عمل ۽ علم سان بي قدري روا رکي وئي آهي پر جلدئي ان بلند تصور جي جڳهه رهبانيت والاري ورتي.
نظم جي شروعات ۾ ارجن ڪرشن جو ڀڳت يا پيارو آهي، هو پنهنجو پاڻ کي مڪمل طور تي ان جي حوالي ڪري ٿو. ڳالهه وڌڻ کانپوءِ ارجن کي محسوس ٿئي ٿو ته هو جنهن ماڻهوءَ کي صرف پنهنجو دوست تصور ڪري ٿو اهو انساني شڪل ۾ شايد خدا آهي. ڪرشن جي تعليم سان ارجن جي آڏو نجات جو دروازو کلي وڃي ٿو جيڪو خالص ڀڳتي جي ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو ۽ جنهن ۾ مڪمل محبت ۽ مڪمل علم ٻئي شامل هوندا آهن. ڀڳتي علم کانسواءِ اڻپوري آهي. صحيح انسانيت جي تڪميل ۽ اخلاقي زندگيءَ جي صحيح واڌ ويجهه علم ۽ عمل کانسواءِ ناممڪن آهي. صحيح عمل جي لاءِ صحيح علم جي ضرورت آهي. اهڙي نموني صحيح علم جي لاءِ وري صحيح عمل جي ضرورت آهي. ان کانسواءِ تناسخ جي چڪر کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي. ان لاءِ لازمي آهي ته عقل ۽ جذبي جي ميلاپ سان جيڪو عمل ٿئي، اهو ئي عمل نجات جو ضامن آهي.
[b]گيتا تي اعتراض جو جواب
[/b] ڪن هنڌن تي پڙهڻ وارن کي وحدت الوجودي ۽ خدا جي گيتا واري توحيدي تصور ۾ تضاد نظر ايندو. اها هڪ غلط فهمي آهي. ٿي سگهي ٿو ته گيتا ۾ اهي نظريا وڌا ويا هجن پر اصل ۾ اهي اصل نظرين جي غلط تعبير آهن. مثال طور گيتا ۾ آهي ته ”اهو پاڪباز ۽ پرهيزگار انسان جنهن جي گناهن جا داغ ڌوپي ويا هجن، جيڪو شرڪ جي سراب مان آزادي حاصل ڪري چڪو هجي ۽ منهنجي عبادت ۾ خلوص ۽ تن من سان رڌل آهي.“ (7 :8 2 )
اها بهترين حالت حقيقت ۾ رهبانيت نه پر مطلق خدا جي قرب سان حاصل ٿيندي جنهن ۾ انسان جي انفرادي شخصيت يا وجود خدا جي نور سان روشن ٿيڻ جي قائم رهندي آهي خداجي اندر سمائجي نه ٿي وڃي جيئن وحدت الوجودي نظرئي ۾ آهي ۽ اهي ئي ماڻهو تناسخ جي چڪر مان ڇوٽڪارو حاصل ڪن ٿا.
”منهنجا بندا آخرڪار مونڏانهن ايندا. (7 :23)
ان ڳالهه کي ڪيترين ئي جڳهن تي دهرايو ويو آهي ته جيڪو خدا ۾ پناهه ڳولي ٿو ته ان جو جد امجد خداءِ ڪريم ۽ رحيم ئي آهي ۽ ان ۾ ڪنهن قسم جي فنا ۽ موت نه پر ابدي زندگي آهي، جنهن ۾ انفراديت موجود رهندي آهي، فنا نه ٿيندي آهي. اصل ۾ نجات جي معنيٰ موت ۽ زندگيءَ جي چڪر سان آهي انسانيت سان نه، ڇو ته انسانيت خالق ڪائنات جي اخلاقي قوت جو هڪ بهترين ۽ خوبصورت مظهر آهي. تناسخ، رهبانيت ۽ وحدت الوجودي خدا جي تصور جي خلاف گيتا جو اهو قطعي فيصلو آهي.
”جيڪي ماڻهو مون ۾ پناهه ڳولين ٿا ۽ منهنجي فطرت سان مطابقت ۽ مشابهت پيدا ڪن ٿا، انهن لاءِ ٻيهر هن دنيا ۾ زندگي نه آهي ۽ نه ئي انهن کي عظيم تباهيءَ مان ڪوبه ڏک يا خوف ٿيندو.“(4 1 :2 )
اهڙي نموني تناسخ، رهبانيت ۽ وحدت الوجودي خدا جو تصور گيتا جي تعليم جي بلڪل خلاف آهي ۽ گيتا جو ان نقطئه نظر سان مطالعو ڪرڻ گهرجي.