مذهب

غير سامي مذهبن جا باني

ھي ڪتاب اوڀارين وڏن مذهبن جي وڏن رهنمائن جي حياتين، افڪار ۽ انساني سڌاري لاءِ سندن ورتل ڪوششن جو مجموعو آھي جنھن جو ليکڪ الطاف جاويد آھي ۽ سنڌيڪار جاويد ميمڻ آھي. الطاف جاويد ھڪ اھم موضوع تي ڪتاب لکيو آھي. ھو لکي ٿو:
”مون آرين ۽ زرد قومن ۾ آيل، مختلف مذهبن جي بانين، سندن حالتن ۽ تعليم تي لکيو آهي. قرآن حڪيم ۾ صرف سامي قوم سان تعلق رکندڙ نبين جو ذڪر آهي پر قرآن چيو آهي ته اسان هر ڳوٺ (قريه) ۾ پنهنجو پيغمبر موڪليو آهي پر مسلمان عالمن ۽ دانشورن عملي طور قريه يا وسنديءَ کي صرف عرب ۽ فلسطين تائين محدود ڪري ڇڏيو. جڏهن هندستان، يونان، ايران ۽ چين وغيره جهڙا وسيع خطا ۽ اُتي رهڻ وارا ڪروڙين انسان موجود آهن ته پوءِ ڇا انهن ڏانهن ڪو به پيغمبر نه موڪليو ويو هوندو؟ يا قريه لفظ جو لاڳاپو انهن ملڪن ۽ قومن تي نه ٿو ٿئي؟
قرآن جا لفظ آهن ته: ”ڪو به ڳوٺ يا امت اهڙي نه آهي جنهن ۾ ڊيڄارڻ وارو نه موڪليو هجي.“
وَ لِكُلِّ اُمَّۃٍ رَّسُوۡلٌ ۚ (يونس: ٤٧) ”هر امت (يا قوم) جي لاءِ رسول آهي.“
ته ڇا هندستان چين، يونان، ايران وغيره جي قومن ڏانهن هادي نه آيا؟ ڇا انهن کي تسليم نه ڪرڻ قرآني حڪم جي خلاف نه آهي؟“
Title Cover of book غير سامي مذهبن جا باني

ڪنفيوشس

ڪنفيوشس 552 ق-م ۾ ڄائو ۽ 479 ق-م ۾ فوت ٿيو. ڪافي ڪتاب ڪنفيوشس سان منسوب ڪيا ويندا آهن پر کوجنا سان پتو پيو آهي ته صرف ” گلدسته تحرير“ ئي اهڙو ڪتاب آهي جيڪو ڪنفيوشس جي خيالن کي بهتر نموني پيش ڪري ٿو، جنهن کي آڏو رکي سندس شاگردن وفات کانپوءِ چونڊ لکڻيون سهيڙيون.
ڪنفيوشس چيني تاريخ جي اهم ترين شخصيت آهي. هن جو خانداني نالو Kongi (Kung) ۽ ڏنل نالو (Chiu) Qui آهي. هن جي والده بيحد ذهين ۽ سمجهدار هئي، جنهن هن جي پرورش تي گهڻو ڌيان ڏنو. هن قبرستان جي ڀر مان لڏي مدرسي ويجهو رهائش اختيار ڪئي، جنهن سان ڪنفيوشس ۾علم حاصل ڪرڻ جي طلب پيدا ٿي ۽ پندرهن ورهين جي عمر ۾ هن دانشور بڻجڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. ٽن ورهين جي عمر ۾ هن جو پيءُ وفات ڪري ويو هو، ان ڪري سندس پرورش انتهائي غربت ۾ ٿي هئي. شاديءَ کانپوءِ هن کي انصاف واري اداري جي سربراه جي حيثيت ۾ مقرر ڪيو ويو.
ڪنفيوشس جي دور ۾ چين ۾ گهڻو خلفشار هو. ننڍين ننڍين جاگيرن تي ٻڌ جاگيردار زوري قبضا ڪري رهيا هئا. ڪنفيوشس پاڻ به هڪ ننڍڙي رياست ۾ پيدا ٿيو هو. هن پنهنجي باري ۾ لکيو آهي ته:
”پندرهن ورهين جي عمر ۾ منهنجو ذهن تعليم ڏانهن مائل ٿيو، ٽيهن ورهين جي عمر ۾مون جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو هو، ان تي منهنجو پختو يقين ٿي ويو. چاليهن ورهين جي عمر ۾ خدا جا حڪم معلوم ٿيا. سٺ ورهين جي عمر ۾ منهنجا ڪن حققيت ۽ صداقت جي آواز تي لبيڪ چوڻ لاءِ هر پل تيار رهندا هئا. ستر ورهين جي عمر ۾ مان پنهنجي دل جي هر خواهش تي عمل ڪرڻ ڏانهن مائل هوس، ڇو ته هاڻي مونکان ڪوبه اهڙو عمل نه پيو ٿي سگهي جيڪو انساني قدرن جي خلاف هجي.“
ان ننڍڙي بيان سان گهٽ ۾ گهٽ ايتري وضاحت ته ٿي وڃي ٿي ته ڪنفيوشس تي ٻين قديم مصلحن وانگر وحي ايندي رهي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ هن پنهنجا اخلاقي اصول جوڙيا جيڪي سندس قوم کي مشعل راهه جو ڪم ڏيندا رهيا.
عام طور چيو ويندو آهي ۽ هن جي پنهنجي لفظن ۾ ڪنهن حد تائين ان جي تائيد ٿئي ٿي ته هو صرف قديم روايتن جو محافظ ۽ انهن کي جيئرو ڪرڻ وارو هو ۽ هُن جو مقصد اهو ئي هو ته هو پنهنجي زماني ۾ انهن روايتن جي روشنيءَ ۾ قديم اميرن ۽ حڪمرانن آڏو بهتر زندگيءَ جو تصور پيش ڪري.
قديم چين ۾ توحيد جو تصور گهڻو واضح هو ۽ واحد خدا جي لاءِ جيڪي لفظ استعمال ٿيندا رهيا انهن سان خدا جي ربوبيت ۽ حاڪميت جو تصور بلڪل واضح ٿيندو هو. فرشتن جي وجود تي وڌيڪ زور ڏنو ويندو هو ۽ موت کانپوءِ جي زندگيءَ تي پڪو ويساهه هو، جيڪو اڃا تائين مختلف شڪلين ۾ موجود آهي، پر وقت سان گڏ مشرڪانه رسمن جي آميزش سان توحيدي تصورن ۾ تبديلي پيدا ٿي وئي ۽ فرشتن بيشمار ديوتائن جي شڪل اختيار ڪري ورتي ۽ زندگيءَ کانپوءِ موت واري تصور پنهنجي وڏڙن جي پرستش جو رواج وڌو، پر ڪنفيوشس اهڙن مشرڪانه خيالن جو ڪڏهن ذڪر نه ڪيو ۽ هو انهن مابعدالطبعياتي نظرين سان ڪابه دلچسپي نه رکندو هو. هڪ دفعي روح جي حرمت جي باري ۾ کانئس سوال ڪيو ويو ته هن جواب ڏنو ته ”جڏهن توهان زندهه انسانن جي خدمت ڪرڻ جي اهل نه آهيو ته انهن روحن جي خدمت توهان کان ڪيئن ٿي سگهندي.“
موت جي حقيقت جي باري ۾ سوال ڪيو ويو ته هن جواب ڏنو ته ”جڏهن توهان زندگيءَ جي حقيقت کان آگاهه نه آهيو ته موت جي نوعيت کان ڪيئن واقف ٿي سگهو ٿا.“
هڪ شاگرد جرئت ڪري کانئس سوال ڪيو ته ”جڏهن روحن جي آڏو تحفا ۽ نذرانا پيش ڪريون ٿا ته ان جو انهن روحن کي علم هوندو آهي يا نه؟“
ڪنفيوشس جواب ڏنو ته ”جيڪڏهن مان چوان ته اهو روح ڄاڻن ٿا ته مونکي خدشو آهي ته ماڻهو انهن رسمن جي ادائيگيءَ ۾ ايڏو اهتمام ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا جو سندن مالي حالت ڪمزور ٿي ويندي. جيڪڏهن مان چوان نه، ته شايد بداخلاق ماڻهو پنهنجي والدين کي مرڻ کانپوءِ دفن ئي نه ڪن! توهان کي اهو ڄاڻڻ جي ضرورت نه آهي. اهو مسئلو اهم نه آهي. بعد ۾ توهان پنهنجو پاڻ ان معاملي کان واقف ٿي ويندو.“
ان جي مطلب اهو نه آهي ته ڪنفيوشس روح جي بقا يا خدا جي وجود جو منڪر هو. هن وضاحت سان بيان ڪيو آهي ته انساني جسم موت کان پوءِ فنا ٿي ويندو آهي پر روح هميشه قائم رهندو آهي. هو چوي ٿو ته ”خدا جي بخشش ۽ رحمت جو ڏيک اسان کي هر جڳهه تي نظر اچي ٿو، اسان ان کي ڏسڻ چاهيندا آهيون پر هو نظر نه ايندو آهي. اسان هن جو آواز ٻڌڻ چاهيندا آهيون پر ڪجهه ٻڌڻ ۾ نه ايندو آهي. ان جي باوجود هو سڀني ۾ موجود آهي ۽ ان کانسواءِ ڪجهه به ڪونهي. ٻوڏ جي پاڻيءَ وانگر هو پنهنجي عبادت گذار بندن جي مٿان ۽ هر پاسي موجود آهي“
اهو ئي فڪر ڪونهي. مهاتما ٻڌ وٽ به موجود هو. هو خدا، روح جي بقا ۽ موت کانپوءِ زندگيءَ جو منڪر نه هو پر ڪنفيوشس وانگر انهن عقيدن تي بحث مباحثي جو قائل نه هو. گوتم ٻڌ جو فڪر چارواڪ جي سوفسطائي فرقي جي خلاف ردعمل هو. انڪري ناممڪن هو ته چارواڪ جي عقيدن کي اپنائي. چارواڪ واضح طور خدا، روح جي بقا، موت کانپوءِ زندگي ۽ الهام جو منڪر هو. جيڪڏهن اهي ئي عقيدا گوتم ٻڌ جا هئا ته ٻنهي ۾ فرق ڪهڙو هو؟ چارواڪ مسرت حاصل ڪرڻ لاءِ شراب ۽ عورت کي عام ڪيو هوڏانهن ڀڪشو بڻجڻ وقت منشيات ۽ زناڪاريءَ کان پرهيز لازمي هئي. ان مان پتو پوي ٿو ته گوتم جي خاموشي يا انهن عقيدن تي وضاحت سان بحث مباحثو نه ڪرڻ، انهن عقيدن جي انڪار برابر نه آهي. اهو ئي سبب آهي جو مهايان ۽ نهايان فرقن ۾ انهن عقيدن جي هاڪار موجود آهي، اهو انهن فرقن جو هٿ ٺوڪيو عمل نه هو پر ان جو ٻج گوتم ٻڌ جي فڪر ۾ موجود هو)
اها هڪ عجيب ڳالهه آهي ته ڪنفيوشس موسيقيءَ جو زبردست چاهڪ هو. هن موسيقيءَ جي تعليم جي لاءِ پري پري تائين سفر ڪيو. هو موسيقيءَ کي روحاني عبادت سمجهندو هو، ان مان پتو پوي ٿو ته ڪنفيوشس وٽ موسيقي فقط ذاتي جذبن جي تسڪين جو ذريعو نه هئي، بلڪه سندس ذهني ۽ اخلاقي زندگيءَ جي لاءِ هڪ اهم قوت هئي جيڪا انسان جي دل جي تارن کي بيدار ڪري کيس دنيا جي اصلاح لاءِ تيار ڪندي هئي ۽ اهو ئي مقصد هو جنهن جي لاءِ ڪنفيوشس پنهنجي سموري سگهه ڪم آندي، تنهن ڪري سندس اخلاقي فلسفي ۾ان فن جي خاص اهميت آهي.
مسلمان صوفي جيئن امير خسرو ان فن جو زبردست ماهر هو. قوالي وغيره جي صورت ۾ موسيقي ٻڌي ويندي آهي پر خشڪ ذهن ملان ان جي خلاف آهن.
ڪنفيوشس جي پيدائش وقت چين تي ”چو“ خاندان جي حڪومت هئي. مرڪز جي ڪمزوريءَ جي ڪري ملڪ نيم خودمختيار رياستن ۾ ورهايل هو. هر رياست ٻي رياست جي خلاف هئي ۽ اهي پاڻ ۾ وڙهنديون رهنديون هيون. مسلسل جنگين جي ڪري سڄي ملڪ جي معاشي حالت خراب هئي. امير عياشين ۽ سازشن ۾ رڌل هئا. جاگيرداري نظام جي ظلم ۽ استحصال ۾ عوام کي چيڀاٽيو پئي ويو. قديم روايتون ۽ اخلاقي قدر پنهنجي اهميت وڃائي چڪا هئا. ماڻهن جي آڏو نه ڪي نظريا هئا، نه اصول، جن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي تباهه ٿيل حالت کي درست ڪري سگهن.
اهڙين بدترين حالتن ۾ ڪنفيوشس سڌاري جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو ۽ قوم ۾ زندگي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪجهه اخلاقي اصول جوڙيا ۽ قديم روايتن ۽ عقيدن جو ذخيرو نئين نموني ترتيب ڏنو. سندس اصلاحي تحريڪ جو نمايان پهلو هيءُ هو ته هُن پنهنجي سموري تعليم جو بنياد انهن اخلاقي اصولن تي رکيو جيڪي چائو خاندان جي شروعاتي بادشاهن جوڙيا هئا جنهن جي روشني ۾ هُنن ملڪ کي هڪ مستحڪم حڪومتي نظام ۽ اقتصادي ۽ معاشرتي خوشحالي بخشي هئي. انڪري ئي ڪنفيوشس چوندو هو ته منهنجي تعليم ڪابه نئين تعليم نه آهي ۽ نه وري آءٌ نئون اخلاقي نظام پيش ڪرڻ جو دعويدار آهيان پر اها ڳالهه به صحيح آهي ته پراڻن خيالن ۽ نظام کي ساڳئي شڪل ۾ پيش نٿو ڪري سگهجي البته انهن مان زماني جي حالتن ۽ ذهني مزاج سان مطابقت رکندڙ قدرن کي پيش ڪيو وڃي، تيستائين ڪنهن حرڪت ۽ اصلاح جي توقع نٿي ڪري سگهجي. ”پراڻي شراب کي نين بوتلن ۾ پيش ڪرڻ“ وارو اهو ڪارنامو ڪنفيوشس جي سڄي زندگيءَ جو نچوڙ هو. جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته ڪيتريون ئي قديم تهذيبون ۽قومون صرف اهڙيون شخصيتون پيدا نه ڪرڻ سببان ڌرتيءَ تان ميسارجي ويون ڇاڪاڻ ته اهي بنيادي ۽ ازلي حقيقتن کي زماني جي بدليل حالتن سان ٺهڪائي پيش نه ڪري سگهيون. ڪنفيوشس جي خيال ۾ وڏڙن جي تعليم ايتري اهم ۽ جامع آهي جو ان جي مطالعي مان ڪڏهن نٿو ٿڪجي. روحاني دولت جو اڻ مٽ خزانو ان ۾ موجود آهي، سواءِ خاص حالتن جي هن ڪڏهن به جديد نظريا يا تصور پيش ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
ڪنفيوشس جي زندگيءَ جو پهريون دور 530 ق-م ۾ ختم ٿي وڃي ٿو جڏهن سندس جسماني ۽ روحاني قوتن جي شهرت ٻڌي لو رياست جي حڪمران کيس اناج جي ذخيرن ۽سرڪاري زمينن جو محافظ مقرر ڪيو. هن پنهنجو فرض ايتري بهتر نموني نڀايو جو حڪمرانن کان وٺي عوام تائين سڀ ان مان خوش هئا. ڪنفيوشس جي زندگيءَ جو عملي تجربو هو جنهن ۾ هن پنهنجي اخلاقي اصولن تي عمل ڪري ماڻهن تي ان جي حقانيت ۽ فائدو واضح ڪيو.
هن جي زندگيءَ جو ٻيو دور (530 کان 501ق-م) پهرين دور کان مختلف هو، هاڻي هن عملي زندگي ترڪ ڪري پنهنجي اصولن جي تبليغ شروع ڪئي. ٿوري ئي عرصي ۾ هن جي چوڌاري شاگردن ۽ همدردن جو هڪ وسيع حلقو گڏ ٿي ويو. ڪنفيوشس به ارسطو وانگر گهمندي ڦرندي، هر حالت ۽ هر وقت پنهنجي اصولن جي تبليغ ڪندو رهندو هو. سندس حلقي ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ ڪو شرط وغيره قبولڻ ضروري نه هو. هن پاڻ چيو هو ته: ”منهنجو تعلق ڪنهن فرد يا گروهه سان نه آهي، منهنجي نظر ۾ اولهه، اوڀر، ڏکڻ ۽ اتر جا سڀ ماڻهو هڪجهڙا آهن.“
ڪنفيوشس جي ذهن ۾ هڪ مڪمل رياست جو تصور هو، جنهن کي هُن چاهيو ٿي ته ڪو ملڪ اختيار ڪري عملي جامو پهرائي. هو هر رياست ۾ ويو پر ڪنهن هن کي قبول نه ڪيو، ايستائين جو رياست لو جيڪا هن جي وڏي مداح هئي، اُن به انهي تصور کي نه اپنايو. ان ناڪاميءَ کانپوءِ هن هڪ مدرسو قائم ڪيو ۽ ان ۾ هو گهڻو ڪامياب ويو. ماڻهو هن جي ثابت قدمي، ايمانداري، خاص ڪري خوشگوار طبيعت ۽ سڌارڪ ڪردار کان متاثر هئا. ٽي هزار ماڻهو هن جي نگرانيءَ ۾ مطالعو ڪرڻ ايندا هئا جن مان ستر کان وڌيڪ ماڻهو مشهور دانشور بڻيا. هن جي پيروڪارن نسل در نسل سڄي ملڪ ۾ هن جي خيالن جي اشاعت ڪئي. نيٺ ٻي صدي عيسويءَ جي هان خاندان جي دور ۾ ڪنفيوشس جي خيالن کي قومي نظرئي طور قبوليت ملي ۽ هن کي حڪيم يا استاد جي حيثيت ڏني وئي. هن جا فلسفيانه خيال صرف روايتي طور چينين کي ئي نه، ٻين ايشيائي ملڪن جيئن جپان، ڪوريا ۽ سنگاپور وغيره ۾ پڙهايا وڃڻ لڳا.
ڪنفيوشس جي فلسفي ۾ بنيادي نظرئي کي چيني ٻوليءَ ۾ Jen يا Ren چون ٿا. جڏهن فان چي (Fan Chih) کان Ren جي معنيٰ پڇي وئي ته هن چيو ”انسان سان محبت“ اها محبت رومانوي معنيٰ ۾ نه پر خدا سان محبت ۽ خدا جي بندن سان محبت آهي. ڪنفيوشس جي فلسفي ۾ ڪيترا ئي ٻيا بنيادي تصور به موجود آهن جيئن پٽ جي سعادت مندي (Hsi نظرئيAo Zhong) والدين جي لاءِ تربيت يافته احساس ۽ برادرانه محبت يا عزت (Ti)، پنهنجي ساٿين جي لاءِ تربيت يافته احساس (Di)، فرمانبرداري Zhong(Chung) پاڻ کان بدتر ماڻهن، حڪمرانن، شهنشاهن، آجرن يا وطن جي لاءِ تربيت يافته احساس (Li)، رسم، رواج ۽ آداب، معاشرتي رويا جن جي ذريعي ڪو ماڻهو پنهنجي تربيت يافته احساسن جو اظهار ڪري ٿو.
Yi = راستبازي يا موزون ڪردار، تربيت يافته احساسن کي صحيح وقت ۽ صحيح جڳهه تي ظاهر ڪرڻ جي عادت.
اعليٰ يا ڪامل شخصيت Junzi (ChunIzu) جنهن ۾ تربيت يافته احساس ترقيءَ جي اعليٰ ترين منزل تائين پهتل هجن.
جديد چين جو هڪ ناليوارو فلاسافر پروفيسر ليانگ سو منگ (Liang sou-Ming) پنهنجي شاهڪار ڪتاب ”اولهه ۽ اوڀر جون تهذيبون ۽ سندن فلسفا “ ۾ Ren جي تعريف ”وجدان“ ڪري ٿو. Ren بطور وجدان هڪ قسم جي اخلاقي بصيرت آهي جيڪا زندگيءَ جي منظر جي هڪ قابل قدر سچائي مهيا ڪرڻ واري اخلاقي تربيت ۽ زندگيءَ جي تجربي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندي آهي. اهو وجدان Li تي عمل ڪرڻ، علم حاصل ڪرڻ ۽ Yi جي مفهوم جي نشو و نما ذريعي تربيت يافته ٿيندو آهي.
Ren جي ذريعي تنظيم يافته ڪردار اخلاقي ضابطي ۾ مثالي تعليم ۽ تربيت مقصد آهي، پر اهو مقصد ڪيئن حاصل ٿئي؟ ڪنفيوشس ٻڌائي ٿو ته Ren جي آگهي تائين وٺي وڃڻ وارو قابل تعريف عمل Li تي عمل ڪرڻ آهي. Li جو ترجمو رسم و رواج، معاشرتي آداب، اجتماعي روايتون، انڪساري، سٺو رويو ۽ نوڙت وغيره ڪيو ويندو آهي. پنهنجي وسيع مفهوم ۾ هيءُ اصطلاح سمورن اخلاقي ضابطن ۽ سماجي روايتن تي ٻڌل آهي. اصل ۾ Li هڪ هدايتي وظيفي تي جڙيل آهي، جنهن ۾ بزرگن کي تربيت ڏيڻ ۽ معاشرتي نظم برقرار رکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
Li جو اصل مقصد جيڪڏهن هڪ معاشرتي ۽ اخلاقي ضابطو جوڙڻ آهي ته اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو Li اخلاقي ضابطن ۽ معاشرتي روايتن جي لاءِ هڪ اصطلاح آهي. ان لاءِ Li تي عمل صرف انفراديت نه آهي. ڪنفيوشس چيو آهي ته ”پاڻ کي قائم رکڻ لاءِ ٻين کي قائم رکڻو پوندو آهي.“ ڪنفيوشس جي خيال ۾ مڪمل طور تربيت يافته فرد بڻجڻ لاءِ توهان کي معاشري ۾ ڏيڻ وٺڻ جي عمل مان گذرڻو پوندو آهي يعني انفراديت ۽ سماجيت هڪ عمل جا ٻه پهلو آهن. اهڙي نموني Li تي عمل ڪرڻ Ren جي آگهي حاصل ڪرڻ واري راهه آهي. Li ۽ Ren ذريعن ۽ مقصد جو هڪ مضبوط تعلق جوڙين ٿا. ان جي معنيٰ هيءَ آهي ته فرد معاشري کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. فرد جي اخلاقي تڪميل معاشري ۾ ئي ٿئي ٿي يعني ڪنفيوشس ذات جي تڪميل جي لاءِ رهبانيت کي تسليم نٿو ڪري ۽ اهو ئي سڌارڪ نظريو آهي. ياد رهي ته Li جامد اصولن جو مجموعو نه آهي پر ڪنفيوشس Li کي وقت به وقت تبديل ٿيندڙ ٻڌايو آهي.
ڇاڪاڻ ته سمورن تعلقات ۽ موقعن لاءِ صرف هڪ ئي Li موجود نه آهي انڪري Li اپنائڻ ۾ هڪ اعليٰ اصول لاڳو هوندو ۽ اهو اصول Yi چئجي ٿو جنهن جو ترجمو راستبازي يا موزون ڪردار ڪيو ويو آهي. اعليٰ شخص Yi کان باخبر ۽ باشعور هوندو آهي جڏهن ته ڪمينو ماڻهو مفادن جي پَٽ کوهه ۾ لڳل هوندو آهي. اهڙي نموني Yi عقليت يا اخلاقي استدلال جو اصول آهي. Yi اخلاقي اعتبار کان فائدي کان مٿانهون آهي يعني هر اهو ڪم جيڪو فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو وڃي اهو Yi نه آهي. ٻين لفظن ۾ Yi هڪ بي لوث عمل آهي. گيتا اهڙي عمل کي ”نشڪاماڪرما“ نالو ڏنو آهي. Li کي حاصل ڪرڻ لاءِ Yi تي عمل لازمي آهي.

[b]ڪنفيوشس جو سڀ کان اهم موضوع :
[/b] ڪنفيوشس جي پيغام جو سڀ کان اهم موضوع حڪومت ڪرڻ آهي. سندس خيال ۾ عام بادشاهه غيرضروري، پيچيده ۽ پابند ڪرڻ وارن قانونن يا ضابطن سان ملڪ تي حڪمراني ڪري ٿو، جڏهن ته صحيح بادشاهه يا حڪمران قانون يا قوت جي بدران اخلاقيات جي مدد سان حڪومت ڪندو آهي، جيئن قطب تارو، جيڪو پنهنجي جاءِ تي اٽل ٻين ستارن ۾ گهريل هوندو آهي. اهو مثال انتهائي اهم آهي، ان سان ٻه نقطا آڏو اچن ٿا: (1 ) ڏاهو يا دانائ حڪمران قانون ۽ خوف بدران اخلاقيات جي مدد سان حڪومت ڪندو آهي.(2 ) حڪمران پاڻ کي مثالي نمونو بڻائي پنهنجي مقام تي قائم رهي رعايا جي لاءِ تقليد جي قابل بڻجي حڪومت ڪندو آهي. هاڻي اهم سوال هي آهن. پهريون : اخلاقيات سان حڪومت ڪرڻ جو مطلب ڇا آهي؟ ٻيو : مثالي نمونو بڻجي حڪومت ڪرڻ ڪيئن ممڪن آهي؟
اها ڳالهه ذهن ۾ رهڻ گهرجي ته ڪنفيوشس واري اخلاقيات جو اخلاقي ضابطو Ren آهي، جنهن جو بنيادي مطلب ماڻهن سان محبت ڪرڻ آهي. اهڙي نموني Ren جي سياست ڪنفيوشس جي حڪومتي نظرئي جو مرڪز آهي. عدم تشدد واري حڪومت ۾ موت جي سزا نالي ماتر هوندي آهي. ڪنهن ماڻهو ڪنفيوشس کان پڇيو ته ڇا برن ماڻهن کي قتل ڪرڻ جائز ٿيندو؟ هن جواب ڏنو ته” تنهنجي حڪومت ۾ موت جي سزا جي ضرورت ڇو ٿي پوي؟ جيڪڏهن تون پنهنجو ذهن اخلاقيات ڏانهن ڪرين ته تنهنجا ماڻهو به اخلاقي ٿي ويندا. حڪمران جو ڪردار هوا وانگر ۽ ماڻهن جو ڪردار گاهه وانگر آهي، هوا گُهلڻ تي گاهه جهڪي ويندو آهي.“
ان مان ٻه ڳالهيون آڏو اچن ٿيون. پهرين اها ته Ren جي حڪومت غلطڪار ماڻهن جي لاءِ سخت سزائن تي اصرار نٿي ڪري. ٻيو اهو ته هوا ۽ گاهه جو مثال سمجهائي ٿو ته ماڻهن جي لاءِ مثالي نمونو بڻجي حڪومت ڪرڻ وارو حڪمران سخت قانونن تحت حڪومت ڪرڻ واري حڪمران کان وڌيڪ موثر هوندو. ٻين لفظن ۾ ڪنفيوشس مطابق حڪومت جو صحيح طريقو قانون سازي ۽ قانون لاڳو ڪرڻ نه پر ماڻهن جي اخلاقي تربيت جي نگراني ڪري حڪومت ڪرڻ آهي.
ڪنفيوشس جي نظر ۾ اخلاقي تربيت جو عمل گهر کان شروع ٿيڻ گهرجي يعني پٽ واري سعادتمندي ۽ ڀائپيءَ واري محبت سان. ڪنفيوشس Li تي عمل ڪرڻ لاءِ زور ڏيڻ کان علاوه موسيقي ۽ ادب کي به اخلاقي تربيت ۾ مددگار ڄاڻايو آهي.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ماڻهو جيڪڏهن حڪمران جي قائم ڪيل مثال کي نظر انداز ڪري ڇڏين ۽ Li جون حدون اورانگهي وڃن (جيئن تاريخ ۾ عام طور ٿيندو رهيو آهي ۽ اڄ به ٿئي پيو) ته پوءِ ڇا ڪيو وڃي. ڪنفيوشس ان جو علاج ثانوي انتخاب تجويز ڪيو آهي، يعني (Zhengming Chengming) جنهن جو لفظي ترجمو ”نالن جي اصلاح“ آهي. مثال: موسيقي کي وٺو. شاديءَ جي موسيقي کي جنازي ۾ هلائڻ بيهودگي هوندي يا ڪنهن جاگيردار جو اهڙي موسيقي کي اپنائڻ غلط آهي جيڪا ڪنهن شنهشاهه جي محل لاءِ ترتيب ڏني وئي هجي. وسيع تر مفهوم ۾ اهو نه صرف شين کي انهن ”نالن“ جي مطابق ترتيب ۾ رکڻ جو عمل آهي (يعني انهن جي فطرت مطابق) پر ڪنهن به قسم جي انفرادي طرز عمل ۽ رسمي دستور ۾ عقليت کي نافذ ڪرڻ به ضروري آهي. ٻين لفظن ۾ انسان کي اهڙا فرض ادا نه ڪرڻ گهرجن يا اهڙن حقن جي دعويٰ نه ڪرڻ گهرجي جيڪي ان جا نه هجن.
ڪنفيوشس وضاحت ڪئي ته جيستائين ڪو ماڻهو حڪومت ۾ ڪنهن عهدي تي نه هجي ته هو حڪومتي نظام ۾ دخل ڏيڻ جو حقدار نه آهي. ائين ئي جڏهن Chi جي ڊيوڪ ڪنفيوشس کان حڪمرانيءَ جي باري ۾ پڇيو ته ڪنفيوشس جواب ڏنو: ”آقا کي آقا، وزير کي وزير، پيءُ کي پيءُ ۽ پٽ کي پٽ ئي رهڻ ڏيو.“
زنگ منگ صرف غير منظم ۽ مثالي حڪومت جي فقدان ۾ ڪم ڏئي ٿو. ڪنفيوشس چيو آهي ته ”جيڪڏهن معاشرو اڍنگو نه هجي ته آءٌ ان کي سڌارڻ لاءِ پريشان نه ٿيان ها. اهو انتهائي مخلصانه اعتراض آهي.

[b]مثالي حڪومت ڇا آهي؟
[/b] ڪنفيوشس جي خيال ۾ Wuwei يعني غير سرگرميءَ واري حڪومت مثالي آهي پر غير سرگرم هئڻ جي معنيٰ ڇا آهي ۽ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته حڪومت غير سرگرم هجي؟ ان جو جواب اهو آهي ته اخلاقي تربيت جي لاءِ سگهاري بنيادي ڪم جي ذريعي اهو ممڪن آهي. اخلاقيات جي فضا قائم ڪرڻ کانسواءِ ڀلي اها حڪومت نقص ختم ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ڇو نه ڪري، تشدد ۽ بدنظمي موجود رهندي. ڪنفيوشس ان جو سبب هيءُ ٻڌايو آهي:
”جيڪڏهن توهان سياسي طاقت سان ماڻهن جي اڳواڻي ڪئي ۽ قانون ۽ سزا سان کين پابند بڻايَوَ ته اهي قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ کان ته پاسو ڪندا پر انهن ۾ شرم ۽ شرف جو ڪو احساس نه هوندو. جيڪڏهن توهان انهن جي اڳواڻي اخلاقيات سان ۽ رهنمائي Li سان ڪندا ته منجهن شرم ۽ شرف جو احساس پيدا ٿيندو ۽ اهي پنهنجو پاڻ نيڪيءَ لاءِ ڪم ڪندا.“
هيءُ انساني دل ۽ انسان جي اخلاقي فطرت کي اپيل ڪرڻ جو نظريو به آهي. جڏهن ماڻهو Ren (اخلاقيات) ۾ ترقي ڪري چڪا هجن ته ڏوهه، تشدد ۽ بي چيني کان پاڪ مثالي معاشرو پنهنجو پاڻ قائم ٿي ويندو، ڪتاب عظيم چوي ٿو ته ”جڏهن ذاتي زندگي تربيت يافته هوندي ته خاندان نظم و ضبط ۾ اچي ويندو، جڏهن خاندان نظم و ضبط ۾ اچي ويندو ته رياست منظم ٿيندي ۽ جڏهن رياست منظم هوندي ته سڄي دنيا ۾ امن ئي امن هوندو.“
اها ڳالهه ڪنفيوشس جي سياسي فلسفي ۾هيءُ بنيادي نڪتو پيش ڪري ٿي ته خود آگهي امن ڏانهن هڪ وک آهي. پرامن دنيا ئي ڪنفيوشس مت جو اصل مقصد آهي. شهنشاهت جي سموري عرصي ۾گهڻو وقت جنگيون جاري رهڻ جي باوجود اهو چيني ثقافتي روايت جو لاجواب تصور به آهي.

[b]ڪنفيوشس جي تعليم تي وڌيڪ روشني
[/b] ڪنفيوشس جي اخلاقي نظام ۾ پنج عقيدا نمايان حيثيت رکن ٿا:

[b]1 . انساني همدردي
[/b] سڀني معاملن ۾ پوءِ اهي خانداني هجن يا معاشرتي، انساني برادريءَ جو تصور بنيادي محرڪ طور ضروري آهي. ”سڄي دنيا جا انسان ڀائر آهن.“ ڪنفيوشس مختلف موقعن تي ان اصول جي تشريح ڪندي چيو آهي ته انسان اهو آهي جيڪو سڀني سان محبت ڪري. احسان اهو آهي ته ماڻهو ٻين سان اهڙو ئي سلوڪ ڪري جهڙي سلوڪ جي هو ٻين کان پنهنجي لاءِ توقع ڪري ٿو. ان اصول جو دارومدار پيءُ ماءُ جي فرمانبرداري ۽ سلوڪ تي آهي. جيڪڏهن ملڪ جي حڪمرانن ۾ اهو جذبو پيدا ٿي وڃي ته اهي پنهنجو پاڻ عام ماڻهن جا پالڻهار ٿي پوندا.

[b]2 . انصاف ۽ احساس:
[/b] جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ملڪ جي خدمت جي جذبي کان محروم آهي ته هو انسانيت جي درجي کان ڪريل آهي. حڪمرانن جو فرض آهي ته جيڪڏهن اهي عوام تي انهن جي حيثيت مطابق بار وجهن ته اهي خوشيءَ سان اطاعت ڪندا، نه ته مٿيون طبقو پنهنجي طاقت جي زور تي بغاوت ڪندو ۽ عوام ڌاڙن ۽ ڦرن تي لهي ايندو. نيڪيءَ کانسواءِ دولت ۽ عزت بيڪار شيون آهن.

[b]3 . حڪمت ۽ ڏاهپ :
[/b] ڪنفيوشس جي نظر ۾ صرف جسماني صفائي ۽ سٺو لباس دل جي پاڪيزگيءَ کانسواءِ بي ڪار شيون آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو انساني همدرديءَ کان وانجهيل آهي ته هن جون سڀ نيڪ صفتون زائل ٿي وينديون آهن ۽ ان جو احتياط بزدلي ۽ ان جي جرئت نافرماني ۾ بدلجي ويندي آهي. ادب کانسواءِ انساني سيرت بيڪار آهي. علم هجي ته اهو انسان گهمراهيءَ کان محفوظ رهي ٿو.

[b]4 . علم:
[/b] انسانن جي باري ۾ علم سڀ کان اهم علم آهي. ننڍپڻ کان موت تائين اسان جو مختلف انسانن سان واسطو. ان ڪري ڪامياب زندگي گذارڻ جي لاءِ اهڙي علم جي ضرورت آهي. ڪامياب زندگيءَ جو معيار ڪنفيوشس جي نظر ۾ اهو آهي ته خاندان، حاڪم ۽محڪوم، معاشري جا فرد جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حيثيت ۾ هڪٻئي سان جڙيل آهن، اهي سڀ پنهنجن پنهنجن حقن ۽ فرضن کان آگاه هجن ۽ انهن کي صحيح نموني ادا ڪندا رهن.
ڪنفيوشس چيو آهي ته جهڙي نموني هڪ مڇي سمنڊ جي تري ۾ وڃيو، اهڙي نموني نيڪ ماڻهو پنهنجي دل جي گهرائين ۾ لهي پاڻ کان پڇاڻو ڪري ٿو ۽ ان پڇاڻي کانپوءِ کيس اهڙي ڪا شيءِ نظر نٿي اچي جيڪا هن خدا جي رضا خلاف ڪئي هجي ته پوءِ کيس خوف ڪهڙي ڳالهه جو ٿيندو؟ هو کاڌو کائي ٿو پر بک جي لاءِ نه، هو گهر جوڙي ٿو پر آرام جي لاءِ نه، سندس هر فعل خدا جي رضا لاءِ آهي.
ڪنفيوشس جي خيال ۾ انسان صحيح علم ۽ غور و فڪر کانسواءِ نيڪي ڪرڻ چاهي ته اهو ناممڪن آهي ۽ علم حاصل ڪرڻ جيڪڏهن اصلاح لاءِ نه هجي ته بيڪار آهي. مطالعو غور ۽ تدبر کانسواءِ بي معنيٰ عمل آهي ۽ اهڙي طرح فڪر ۽ تدبر کانسواءِ مطالعو به خطرناڪ آهي. ڪنفيوشس هڪ ڀيري چيو هو ته مون ست ڏينهن نه ڪجهه کاڌو نه ڪي پيتو ۽ سڄي رات غور و فڪر ۾جاڳندي گذاريم پر نتيجو ڪجهه نه نڪتو. بهتر رستو اهو آهي ته مقدس ڪتابن جو مطالعو ڪيو وڃي ۽ غور فڪر به ڪيو وڃي. ڪاميابيءَ جو دارومدار هڪ تي نه، ٻنهي تي آهي. علم ۽ فڪر جو صحيح فائدو ان وقت ٿيندو، جڏهن انسان ۾ ان مطابق عمل ڪرڻ جي قوتِ ارادِي هجي.

[b]5 . خلوص :
[/b] ڪنفيوشس جي نظر ۾ خلوص نيڪيءَ جي لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو، ڇو ته ان کانسواءِ نه ته ذاتي زندگيءَ ۾۽ نه وري معاشرتي زندگيءَ ۾ هم آهنگي ۽ توازن پيدا ٿي سگهي ٿو. ڪنفيوشس جي اخلاقي نظام ۾ اعتدال پسندي ۽ وچٿري واٽ بنيادي حيثيت رکي ٿي. ان ۾ نه ته حد کان وڌيڪ نرم مزاجي ۽ انڪسار موجود آهي ۽ نه وري هن، دنيا کي رهبانيت جو سبق ڏنو آهي. هن جي خيال ۾ انسان صحيح ۽ نيڪ فطرت پيدا ٿيو آهي، انڪري نه ته هن کي پنهنجي اخلاق ۾ ڪفاري جي ضرورت آهي ۽ نه وري ڪنهن ابن الله جي جيڪو سڀني انسانن جي گناهن جو بار کڻي سگهي. هن هڪ دفعي پنهنجي باري ۾ چيو هو ته ”آءٌ صرف اهڙو انسان آهيان جنهن کان علم جي تحقيق ۾ کائڻ ۽ ڪاميابيءَ جي خوشيءَ ۾ پنهنجو ڏک وسري ويندو آهي.“
ڪنفيوشس توڙي جو مشرڪانه رسمن جي پيروي نه ڪئي ۽ نه ان جي تعليم ڏني پر موت کانپوءِ زندگي ۽ جزا سزا جي صحيح تصور بنا غلط طريقن جو مروج ٿيڻ يقيني ڳالهه آهي. ان جي ڪري ئي چين ۾ ڪنفيوشس جي اخلاقي نظام سان گڏ ٻڌ مت جي ڪاميابي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته ڪنفيوشس جي ڪوششن پوري نموني انسان جي روحاني ضرورتن کي پورو نٿي ڪيو.


[b]لائوزي سان ملاقات
[/b] لائوزي هڪ صوفي فلاسافر هو، جنهن کي رهبانيت گهڻو پسند هئي. سندس خيال ۾ ڪنفيوشس جي عملي زندگي بدترين قسم جي دنياداري هئي جنهن ۾ روحانيت جو نالو نشان نه هو. سندس راءِ ۾ صحيح روحانيت اها آهي ته انسان دنيا سان رشتو ٽوڙي سڀني انسانن کان بالاتر ٿي وڃي. لائوزي ۽ ڪنفيوشس جي ملاقات اصل ۾ ٻن نظرين جو ضد هو.
لائوزي ڪنفيوشس جي جدوجهد تي چٿر ڪئي ۽ چيو ته هو جن معاملن ۾ سڌاري جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اهي ان قابل نه آهن جو انهن ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي، ڇو ته دنيوي معاملا ماڻهوءَ کي روحانيت کان محروم ڪري ڇڏيندا آهن. قديم ڏاهن جو قول ۽ تعليم موجوده وقت ۾ ختم ٿي چڪي آهي. ڪنفيوشس جواب ڏنو ته آءٌ ٽيهن ورهين کان ان ڪوشش ۾ آهيان ته پنهنجي قوم کي ڇوٽڪاري جو رستو ڏيکاري سگهان، پر اڃا تائين ڪامياب نه ٿيو آهيان. ڪنفيوشس ان ناڪاميءَ کان دل برداشته نه ٿيو. هن جي خيال ۾ لائوزي جا نظريا زندگيءَ کان فرار ۽ ملڪ سان بي وفائي آهن.
اصل ۾ هڪ سڌارڪ ۽ صوفيءَ ۾ اهو ئي فرق هوندو آهي، مصلح معاشري جي اصلاح لاءِ تڪليفون برداشت ڪندو آهي ۽ صوفي معاشري جي ذميوارين کان منهن موڙي اڪيلائي ۾ خدا کي ياد ڪندو آهي.
ڪنفيوشس سفر دوران ڏٺو ته هڪ ڳوٺ جا ماڻهو فصل لڻڻ کانپوءِ خوشي ملهائي رهيا هئا. ڪنفيوشس کين نچندو ڳائيندو ڏسي گهڻو خوش ٿيو، پر ڪجهه ماڻهن کي زندگيءَ جو اهو دلچسپ پهلو پسند نه آيو ۽ هُنن چيو ته بهتر هو ته اهي ماڻهو خدا جو شڪر ادا ڪن ۽ سندس اڳيان سجدو ڪن ها. ڪنفيوشس کين چيو ته ”توهان غلطيءَ تي آهيو، ڇا توهان نٿا سمجهو ته انهن ماڻهن جي عمل ۾ شڪر ۽ عبادت ٻئي شامل آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته سندن انداز رسمي نه آهي. انهن ويچارن جي زندگي بي انتها مصيبتن ۽ پريشانين جي زندگي آهي ۽ يقيناً کين نچڻ ۽ ڳائڻ جو پورو حق حاصل آهي.“ اهو نج عوامي ۽ انساني نقطه نگاهه هو جيڪو صرف عظيم مصلح جي ذهن ۾ ئي اچي سگهي پيو. تنگ نظر ۽ تعصب واري ذهن ۾ اها ڳالهه نه پئي اچي سگهي. ان مان پتو پوي ٿو ته ڪنفيوشس جي نظر ۾ ڪائنات بي مقصد نه آهي ۽ ان کان فرار انساني نصب العين نه آهي. سندس سوچ مطابق انسان جو وجود ۽ معاشري جي جوڙجڪ فطري معاملا آهن، جن جي تهه ۾ ارادو ڪم ڪري رهيو آهي.
سفر ۾ هڪ ٻيو واقعو پيش آيو: هن ڪجهه ماڻهن کي شڪار ڪندي ڏٺو ته سفر ڇڏي شڪارين سان گڏجي شڪار ڪرڻ لڳو. هن جي شاگردن احتجاج ڪيو، انهن جي خيال ۾ هڪ مصلح يا ڏاهي لاءِ اهو مشغلو هن جي شان وٽان نه آهي. اخلاق جو اهو راهبانڻو نظريو آهي جنهن ۾ دنيا ۽ دنيا جي ڪمن لاءِ ڪا گنجائش نه هوندي آهي. عام طور اهو بلند ترين نظريو تصور ڪيو ويندو آهي. اڄ به ان نظرئي جا حامي هر ملڪ ۾ ملن ٿا پر ڪنفيوشس نه راهب هو ۽ نه اهڙي نموني جي اخلاقي نظرئي جو علمبردار هو. هن جي نظر ۾ انساني زندگي ۽ ان جا مسئلا، دنيا ۽ ان جون مصيبتون وڌيڪ اهم ۽ ڌيان طلب آهن. هن پنهنجي شاگردن کي جواب ڏنو ته دنيا جو هر فعل ۽ هر عمل هڪ دانائ ۽ مفڪر جي ذوق ۽ عمل جي دائري ۾ شامل آهي. ڇا شڪار جي لاءِ اها ڀڄ ڊڪ زندگيءَ جي نشاني نه آهي؟ شڪار ڪرڻ انسان جي شروعاتي زندگيءَ ۾ خوراڪ حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي فصلن ۽ گهرن کي جهنگ جي جانورن کان بچائڻ جو ذريعو به هو. ڪنفيوشس جي دور ۾ انسانن جي اڪثريت زراعت سان لاڳاپيل هئي ۽ فصل ۽ گهر اڄ وانگر محفوظ نه هئا. ان لاءِ شڪار ڪرڻ ۽ هر وقت چاڪ و چوبند رهڻ انتهائي ضروري هو ۽ مسئلي جي انهي پهلوءَ ٿي زور ڀرڻ لاءِ ڪنفيوشس اهو قدم کنيو هو.
ان سفر دوران ئي هُن، هڪ عورت کي قبر تي ويهي روئندي ڏٺو. خبر پئي ته سندس مڙس، ڀاءُ ۽ ڏير کي شينهن ماري وڌو هو.
ڪنفيوشس ان عورت کي چيو: ”تون اتي ڇو ويٺي آهين؟“ هن وراڻيو: ”هتي شينهن ته ايندو آهي پر ڪو جابر ۽ ظالم حڪمران نه آهي.“ ان تي ڪنفيوشس چيو ته عوام جي نظرن ۾ هڪ ظالم ۽ جابر حڪمران شينهن کان وڌيڪ خطرناڪ آهي.

[b]اشتراڪي معاشري جو جڙڻ
[/b] رياست لو جون حالتون اڃان وڌيڪ خراب ٿيون ته ڪنفيوشس کي گهرايو ويو، هن کي پهريان مئجسٽريٽ ۽ پوءِ زراعت جو وزير مقرر ڪيو ويو. ٿوري ئي عرصي ۾ ماڻهن جي حالت سڌرڻ لڳي. هن عوام جي حالت ڏانهن گهڻو ڌيان ڏنو ۽ حڪم ڏنو ته ڪوبه ماڻهو بکيو نه رهي. بازارن ۾ عورتن ۽ مردن جي گڏ گهمڻ تي بندش هنئي ويئي. اهڙي نموني چوري ۽ ٻيا ڏوهه گهٽجي ويا. قبرن جي لاءِ بي ڪار ۽ بنجر زمين جدا ڪئي وئي ته جيئن زراعت جي قابل زمين ضايع نه ٿئي. هن حڪم ڏنو ته قبرستان ۾ قبرن تي عاليشان مقبرا نه جوڙيا وڃن ۽ نه جهنگلا ۽ ڀتيون ڏنيون وڃن.

[b]منيشس (منگ ڏاهي) جو دور
[/b] منيشس ڪنفيوشس جو مشهور شاگرد ٿي گذريو آهي. هو، ڪنفيوشس جي وفات کان 180 ورهيه پوءِ پيدا ٿيو. هن جو چيني نالو منگ يعني منگ ڏاهو هو. ٽن ورهين جي عمر ۾ هن جي پيءُ وفات ڪئي، انڪري هن جي پرورش انتهائي غربت ۾ ٿي. منيشس جي والده صحيح معنيٰ ۾ هڪ اعليٰ سيرت ۽ ڪردار جي عورت هئي جنهن جي تربيت جي ڪري هو تمام جلد ملڪ جي عظيم مفڪرن ۽ رهنمائن ۾ ڳڻجڻ لڳو.
جڏهن هو جوان ٿيو ته چين جون حالتون تمام گهڻو بگڙي ويون هيون. خانه جنگي بي چيني ۽ مالي بحران پيدا ڪري ڇڏيو هو. ڪنهن ماڻهوءَ جي زندگي محفوظ نه هئي. امير غريبن جو خون چوسي رهيا هئا. غريب بک مري رهيا هئا. منيشس ڪنفيوشس جي مشهور شاگردن کان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي هئي. هن ڪنفيوشس جي اصولن کي لاڳو ڪرڻ ۾ ئي ڪاميابي ڄاتي پر ڪنفيوشس جي تعليم گهڻو وقت اڳ غائب ٿي چڪي هئي. ان ڪم کي هن پنهنجي ذمي کنيو، انهن حالتن تي تبصرو ڪندي هن چيو ته ”ڏاها حڪمران هاڻي پيدا نه ٿيندا. رياستن ۽ حڪومتن جا والي پنهنجي خواهشن جا غلام آهن. عالم بي معنيٰ بحثن ۾ پنهنجو قيمتي وقت ضايع ڪري رهيا آهن.“ خود غرضيءَ تي تبصرو ڪندي هن چيو ته:
”سندن بورچيخانا چانهن ۽ گوشت سان ڀريا پيا آهن. انهن جا اصطبل گهوڙن سان ڀرپور آهن پر عوام بکون ڪاٽي رهيو آهي ۽ شهر کان ٻاهر هر جڳهه تي مرندڙ انسانن جا لاش نظر اچن ٿا. جيڪڏهن انهن جاهل عالمن جا نظريا ختم نه ڪيا ويا ۽ انهن جي جڳهه تي ڪنفيوشس جي اخلاقي نظام کي زندهه نه ڪيو ويو ته حقيقي محبت ۽ نيڪيءَ جو رواج ڪڏهن به نه پوندو.“
منيشس، ڪنفيوشس وارو طريقو ۽ لائحه عمل اختيار ڪيو، پر پتو پوي ٿو ته هن جا همعصر کانئس مطمئن نه هئا. اهي سڀ اعتراض نيڪي ۽ پرهيز گاريءَ جو نتيجو هئا. نيڪيءَ جو رهباني تصور جيڪو معاشري بجاءِ فرد تائين محدود آهي، زندگيءَ جي انڪار تي ٻڌل آهي. ان نظرئي خلاف ڪنفيوشس زبردست احتجاج ڪيو هو. منيشس ۽ ڪنفيوشس وٽ نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ جي تقاضا اِها ئي هئي ته پنهنجي قوم جي سڀني ماڻهن کي ان نصيحت سان سرفراز ٿيڻ جو موقعو ڏئي.
ان زماني ۾ جڏهن عوامي حڪومت جو تصور به نه هو، تڏهن ماڻهن جي نظرن ۾ بادشاهه جي ذات ئي احترام لائق هئي. منيشس اعلان ڪيو ته معاشري ۾ سڀ کان اعليٰ ۽ قابل احترام درجو عوام کي حاصل آهي، جنهن جي آرام ۽ آسائش خاطر رياست ۽ سربراهه جي ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن بادشاهه يا والي انهن مقصدن کي پورو نه ڪري سگهن ته کين تخت تان هٽائڻ لازمي آهي، اهڙن بادشاهن يا حڪمرانن کي قتل به ڪيو وڃي ته اهو جائز آهي. اهو قتل ائين آهي جيئن ڪنهن چور يا ڌاڙيل کي قتل ڪيو وڃي. ان معاملي ۾ منيشس جو اهو عمل ڪنفيوشس کان مختلف آهي، ڇو ته ڪنفيوشس مطابق اهڙي بادشاهه يا حڪمران جي لاءِ سواءِ نصيحت ۽ هدايت جي ڪو حل نه هو.
هڪ رياست جي والي منيشس کي چيو ته حالتون خراب آهن، ٺيڪ ڪيئن ٿين؟ هن چيو ”منهنجي خيال ۾ هر ماڻهوءَ وٽ گهٽ ۾ گهٽ پنج ايڪڙ زمين هجي، جنهن ۾ شهتوت جا وڻ هڻي سگهي ته جيئن وڏڙن کي ريشمي ڪپڙو ملي سگهي. اهڙي نموني هو پالتو جانور به رکي سگهن ۽ غريبن کي گوشت کائڻ به نصيب ٿئي. جيڪڏهن ان نموني جو نظام قائم ٿي وڃي ته اٺن گهر ڀاتين تي ٻڌل خاندان جو سٺي نموني گذارو ٿي سگهي ٿو. مڪتبن ۾ تعليم جو نظام اهڙو هئڻ گهرجي جيئن هر ماڻهو ان مان فائدو حاصل ڪري سگهي. ٻار پنهنجي والدين جي خدمت ڪرڻ نه وسارين، جنهن جو نتيجو هيءُ ٿيندو ته اڄ وانگر ايندڙ نسل ڪراڙن کي شهرن جي روڊن تي بار کڻندي ۽ مختلف قسم جي مشقت ڪندي نه ڏسندو. اهو ئي هڪ طريقو آهي جنهن سان شهر، ملڪ ۽ عوام جي خدمت ٿي سگهي ٿي ۽ اهو ئي صحيح ديني ۽ اخلاقي ڪم آهي.“