مذهب

غير سامي مذهبن جا باني

ھي ڪتاب اوڀارين وڏن مذهبن جي وڏن رهنمائن جي حياتين، افڪار ۽ انساني سڌاري لاءِ سندن ورتل ڪوششن جو مجموعو آھي جنھن جو ليکڪ الطاف جاويد آھي ۽ سنڌيڪار جاويد ميمڻ آھي. الطاف جاويد ھڪ اھم موضوع تي ڪتاب لکيو آھي. ھو لکي ٿو:
”مون آرين ۽ زرد قومن ۾ آيل، مختلف مذهبن جي بانين، سندن حالتن ۽ تعليم تي لکيو آهي. قرآن حڪيم ۾ صرف سامي قوم سان تعلق رکندڙ نبين جو ذڪر آهي پر قرآن چيو آهي ته اسان هر ڳوٺ (قريه) ۾ پنهنجو پيغمبر موڪليو آهي پر مسلمان عالمن ۽ دانشورن عملي طور قريه يا وسنديءَ کي صرف عرب ۽ فلسطين تائين محدود ڪري ڇڏيو. جڏهن هندستان، يونان، ايران ۽ چين وغيره جهڙا وسيع خطا ۽ اُتي رهڻ وارا ڪروڙين انسان موجود آهن ته پوءِ ڇا انهن ڏانهن ڪو به پيغمبر نه موڪليو ويو هوندو؟ يا قريه لفظ جو لاڳاپو انهن ملڪن ۽ قومن تي نه ٿو ٿئي؟
قرآن جا لفظ آهن ته: ”ڪو به ڳوٺ يا امت اهڙي نه آهي جنهن ۾ ڊيڄارڻ وارو نه موڪليو هجي.“
وَ لِكُلِّ اُمَّۃٍ رَّسُوۡلٌ ۚ (يونس: ٤٧) ”هر امت (يا قوم) جي لاءِ رسول آهي.“
ته ڇا هندستان چين، يونان، ايران وغيره جي قومن ڏانهن هادي نه آيا؟ ڇا انهن کي تسليم نه ڪرڻ قرآني حڪم جي خلاف نه آهي؟“
Title Cover of book غير سامي مذهبن جا باني

آخناتون

تاريخ مان اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته مصري تمدن، يوناني تمدن کان قديم ۽ حڪمت ۽ ڏاهپ جو مرڪز رهيو آهي. ان جو ثبوت اهو آهي ته مصري تاريخ مختلف دورن ۾ ورهايل آهي. پهريون دور گهٽ ۾ گهٽ 4000 ق - م کان شروع ٿئي ٿو، ان کي اتحاد اول چون ٿا ۽ ان دور ۾ سڄو مصر هڪ منظم ۽ متحد رياست هو. ٻيو دور 3500 ق - م کان شروع ٿئي ٿو ۽ ان کي ٻيو اتحاد چون ٿا. ان دور جو هڪ هجري ڪتبو مليو آهي جنهن جو مضمون 3500 ق-م ۾ عالمن تيار ڪيو هو. ان کي ڪاغذ تي لکيو ويو هو، جڏهن ڪاغذ پراڻو ٿي ويو ته هڪ فرعون بادشاهه ان کي پٿر تي لکرايو ته جيئن اهو ضايع نه ٿي وڃي. ان ڪتبي ۾ انساني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اخلاقي مسئلن کي خارجي شڪل ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان ۾ اخلاق جي باري ۾ صحيح ۽ غلط لفظن مان پتو پوي ٿو ته 3500 ق - م ۾ به انسان اخلاقي حيثيت سان انهن مسئلن ۾ ورتل هو جيڪي اڄ به اسان جي آڏو آهن. ان هجري ڪتبي مان پتو پوي ٿو ته انساني فڪر جي شروعات يونان کان نه پر مصر کان ٿي ۽ اها ڳالهه مغربي محققن جي خلاف آهي جيڪي فڪر جي شروعات يونان کان ڪن ٿا.
ان ڪتبي مان پتو پوي ٿو ته مصرين ۾ خدا جي باري ۾ تصور ڪافي ترقي يافته هو. ان ۾ چيو ويو آهي ته اصل خدا ديوتائن جي دل ۽ زبان يعني عقل آهي. ڪتبي ۾ خدا جو نالو ”ٽا“ لکيل آهي، جنهن سڀني ديوتائن کي تخليق ڪيو ۽ سندن سڀ صفتون خدا ۾ موجود هيون.
اڄ کان چار هزار ورهيه آڳاٽي دور کي انسان جو شروعاتي دور تصور ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ان ڪتبي ۾ امن ۽ اخلاق جي فلسفي جا سڀ مسئلا لکيل آهن. سقراط جي ذهني ارتقا کان صديون اڳ مصري ڏاهن جي خيال ۾ هر شيءِ جي تخليق ان تصور سان ٿي جنهن کي نفس سوچيو ۽ زبان ادا ڪيو، پر يوناني ڏاهن ٻڌايو ته ڪائنات جي تخليق پاڻي، هوا، باهه وغيره سان ٿي آهي، جن جي تخليقي قوت جو سبب اهو ڪلمو هو جنهن ان تصور کي شڪل ڏني ۽ وجود بخشيو. خدا ئي اها حقيقي هستي آهي جيڪا سوچي ٿي ۽ اها زبان آهي جيڪا ڳالهائي ٿي. قرآن ۾ تخليقي عمل جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته
وَ اِذَا قَضٰۤی اَمْرًا فَاِنَّمَا یَقُوۡلُ لَہٗ كُنۡ فَیَكُوۡنُ ﴿۱۱۷﴾ (البقره-117)
”جڏهن آءٌ ڪنهن ڪم جو ارادو ڪريان ٿو، ته چوان ٿو: ٿي پئو ته اهو ٿي پوي ٿو.“
ان ۾ لفظ ”ڪن“ ئي ڪائنات جي تخليق شروعات ۽ چاٻي آهي ۽ اها ئي اللهه جي حڪمت آهي جنهن جي باري ۾ يوحنا جي انجيل جي شروعات ۾ آهي ته ”شروع ۾ ڪلام هو ۽ ڪلام خدا سان گڏ هو ۽ڪلام خدا هو ۽ اهو ئي شروع ۾ خدا سان گڏ هو ۽ ان جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون ۽ جيڪو ڪجهه به پيدا ٿيو، ڪابه شيءِ ان کانسواءِ پيدا نه ٿي.“ هراقليڪس ۾ پهريون دفعو لفظ ڪلمو استعمال ٿيو آهي، جنهن جو مطلب هڪ تخليقي اصول، هڪ خيال يا خدا جي تخليقي قوت جو اهو پهلو آهي، جنهن سان ڪثرت وجود ۾ آئي. يهودين وٽ ڪلمي يا ڪلام جي جڳهه تي ”حڪمت“ آيو آهي. مذڪوره ٻنهي لفظن ڪلام ۽ حڪمت ۾ يهودي فلاسفر فيلو هم آهنگي پيدا ڪئي ۽ پوءِ وارن عيسائي ۽ مسلمان مفڪرن مختلف شڪلين ۾ ان تي بحث ڪيو پر مصر جي ان قديم حجري ڪتبي مان پتو پوي ٿو ته اهڙو بلند تصور يهودي ۽ يوناني فڪر کان صديون اڳ انساني ذهن ۾ پيدا ٿي تحريري شڪل ۾ اچي چڪو هو. جيڪڏهن ان جو مقابلو هندو مفڪرن سان ڪيو وڃي ته پتو پوندو ته هندو مفڪر ڪثرت پرستيءَ ۾ مبتلا رهيا ۽ سندن ديوتائن کي فطرت جي اجهل قوت طور صدين تائين پوڄيو ويو. جڏهن ته اڄ کان پنج هزار ورهيه اڳ مصري مفڪر تمام جلد ان دور مان گذري واحد خدا جي تصور تائين پهچي ويا هئا ۽ ڪائنات جي مظهرن پويان سندن نظرون ڪائنات جي خالق تائين پهچي چڪيون هيون. سندن نگاهن اِهو تسليم ڪري ورتو هو ته ڪائنات جو هيءُ نظام حڪمت ۽ دانائيءَ سان هلي رهيو آهي ۽ ان سان اهي هن نتيجي تي پهتا ته هن ڪائنات جي جوڙجڪ جادوءَ جو نتيجو نه آهي صرف اتفاق سان پيدا نه ٿي پئي آهي پر ان جو خاص مقصد آهي، شروعات کان اڄ تائين اهو مقصد ڪم اچي رهيو آهي ۽ خدا هر جاندار جي سيني، دل ۽ هر ڳالهائڻ واري زبان ۾ موجود آهي.
اخلاقي مسئلا جن ڏانهن ان حجري ڪتبي ۾ اشارا موجود آهن، اهو ئي ظاهر ڪن ٿا ته مصري عالم ۽ ڏاها ڪافي عرصي تائين ان تي غور ڪندا پئي رهيا. نيڪي ۽ بديءَ جي تميز جو واضع تصور ان جو دليل آهي ته انسان ۾ انفرادي ۽ اجتماعي طور ذهني ڪشمڪش پيدا ٿي چڪي هئي. ان جو سبب اهو هو ته قبائلي زندگيءَ مان ترقي ڪري انسان هڪ مستحڪم ۽ منظم رياست ۾ پنهنجو انفرادي مقام حاصل ڪري چڪو هو. ان کان علاوه انهي ڪتبي جي مصنف يا مصنفن ڪوشش ڪئي ته اخلاقي عملن کي ديني سرچشمي سان ملايو وڃي. ان ۾ ذڪر آهي ته ”زندگي ان ماڻهوءَ کي ڏني ويندي آهي جيڪو امن ۽ آشتيءَ جو علمبردار هجي.“ هتي ”نيڪ“ جي جڳهه تي ”امن ۽ سڪون جو علمبردار“ جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته اخلاقي صفتن کي معاشرتي پسنديدگي ۽ ناپسنديدگيءَ جو لباس پهرايو ويو آهي ۽ اخلاقي مسئلن کي معاشرتي ماحول ۾سمجهيو ۽ پيش ڪيو ويو آهي.
ٻيو ته وٽن خدا جو واضح تصور موجود هو، ان جي هستي محدود نه بلڪه تمام اعليٰ صفتن واري هئي جيڪا ڪائنات جي تخليق کانپوءِ آسمانن جي اوچاين تي غافل ۽ بي پرواهه نه هئي. خدا انسانن جي اعمال ۾ سڌي طرح دلچسپي وٺندو هو، ماڻهن جي نيڪي، خدا جي رضا جو سبب هئي ۽ بداعمالي ناراضگيءَ جو باعث. خدا ماڻهن جي اعمال مطابق فيصلو ڪندو هو. هو ماڻهن جو پادري ۽ رهنما به هو، انهن جي نيڪ ۽ بداعمالن جو فيصلو ڪرڻ وارو به. هو نيڪن جو دوست ۽ بَد ماڻهن جو دشمن هو. اهڙي طرح خدا امر وارو به هو ته ۽ حڪمت وارو به.
ان حجري ڪتبي کانپوءِ اهرامي ڪتبا جيڪي مصر جي اميرن پنهنجي مقبرن جي ڀتين تي هڻايا هئا، مصر ۾ڏاهپ ۽ شعور جي ارتقا جو پتو ڏين ٿا. ٽاهو ٽپ خدا جي لاءِ لفظ ”مآت“ استعمال ڪيو آهي. ٽاهوٽپ جڏهن گورنريءَ کان فارغ ٿيو ته هن پنهنجي حاصل ڪيل ڏاهپ کي پنهنجي پٽ لاءِ لکرايو، جيڪو هاڻي گورنر بڻجي چڪو هو. ٽاهو ٽپ جي حڪيمانه تعليم کي ”هدايت“ چيو ويندو آهي. هن زال جي لاءِ لکيو آهي ته هو هڪ عمدو ”فصل“ آهي. پتو پوي ٿو ته مصر ۾ ان وقت منظم مرڪزي حڪومت قائم ٿي جنهن مقامي حاڪمن جي مطلق العناني ختم ڪري هڪ عظيم الشان سلطنت جي ماتحت ملڪ جي سڀني ماڻهن کي اُن سلطنت جو وفادار بڻائي ڇڏيو هو. اهڙي نموني انساني تاريخ ۾ پهريون دفعو عالمگير قدرن جو دائرو جڙيو، جنهن جي بنياد تي توحيد جو نظريو اُسريو نسريو.
ايران جي بادشاه سائرس (ذوالقرنين) اولهه ايشيا ۾ اهڙي نموني جي مرڪزي حڪومت قائم ڪئي، جنهن کان پوءِ زرتشتي مفڪر به اهڙي قسم جا بلند اخلاقي تصور پيش ڪري سگهيا پر اهو به ممڪن آهي ته هڪ وڏي مرتبي وارو شخص پنهنجي ذهني قابليت ۽ فڪري عظمت جي ڪري اُن عظيم تصور تائين پهچي وڃي، توڙي جو ان جي آسپاس ڪابه اهڙي مرڪزي رياست موجود نه هجي. اها حقيقت پنهنجي جڳهه تي آهي ته ٻاهريون حالتون انسان جي داخلي زندگيءَ تي اثر انداز ٿينديون آهن پر انهن اثرن جي حيثيت صرف انساني ذهن ۽ دل کي هڪ خاص رستي ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ هوندي آهي. اهڙن تصورن ۽ خيالن جي نوعيت ان جي پنهنجي ذهن جي داخلي پيداوار هوندي آهي. جيڪڏهن هر شخص صرف پنهنجي حالتن جي پيداوار هجي ته جيڪر زندگي ارتقا جون منزلون طئي نه ڪري سگهي. مصري تاريخ جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته ٽاهو ٽپ کانپوءِ جڏهن مرڪزي ۽ منظم سلطنت ختم ٿي ته اهي بلند اخلاقي تصور ۽ توحيد جو نظريو گم ٿيڻ بجاءِ ترقي ڪندو ويو ۽ ان ۾ وسعت ۽ گهرائي پيدا ٿيندي وئي. اهڙي نموني ان ئي دور جي هڪ بادشاه جا ڪجهه ڪتبا اسان وٽ محفوظ آهن. اسين سندس نالي کان واقف نه آهيون پر هن اهي هدايتون پنهنجي پٽ کي ڏنيون جنهن جو نالو ”ميري ڪري“ آهي. انهن هدايتن ۾اخلاقي اصول يعني تقويٰ، عدل، نيڪي ۽ صداقت تي پورو زور ڏنو ويو آهي. بادشاه جو خيال آهي ته جيڪڏهن سرڪاري ملازم پنهنجي روزگار مان مطمئن نه هجن ته انهن کان نيڪ اعمال ۽ صحيح انصاف جي توقع نٿي ڪري سگهجي. ان ڪري هن پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪئي ته جتي قابليت ۽ جوهر شناسيءَ جي تقاضا هيءَ آهي ته امير ۽ غريب ۾ فرق نه ڪيو وڃي، اتي اهو به ضروري آهي ته اميرن تي انهن جي مرتبي مطابق نوازش ڪئي وڃي ته جيئن اهي انصاف ۽ عدل جي تقاضائن کي هر پل پورو ڪري سگهن. اهڙي طرح هن عملي زندگيءَ ۾ نيڪ نيتيءَ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اُن نيڪ ماڻهوءَ جي نيڪي ۽ تقويٰ وڌيڪ پذيرائيءَ جي قابل آهي بنسبت ان ماڻهوءَ جي جنهن جا هٿ ۽ جنهن جي دل بَدين ۽ بڇڙاين ۾ مبتلا هجن. ان جي باوجود کين اجازت آهي ته خدا جي آڏو پنهنجي قرباني پيش ڪن. ڇو ته خدا قرباني ڪرڻ وارن جي نيت ۽علم کي ڄاڻندو آهي.
اهڙي طرح هو پنهنجي پٽ کي چوي ٿو ته جڏهن تون تخت تي ويهين ته نيڪي ڪر ته جيئن تنهنجي حڪومت مستحڪم ٿئي، ڏکويل انسانن سان همدردي ڪر، زال تي ظلم نه ڪر، ڪنهن ماڻهوءَ کي جائز ورثي کان محروم نه ڪر. خدا ظالم ۽ فاسق جي ظلم کان خبردار آهي ۽ ان جو بدلو خون سان ڏيندو.
موت کانپوءِ زندگيءَ جو تصور مصرين وٽ هڪ پڪي يقين ۽ ايمان جي حد تائين هو پر وٽن زندگيءَ ۾ راحت جو تصور ذاتي ڪردار سان مشروط نه هو.
آهستي آهستي ان تصور ۾ پاڪيزگي ۽ بلندي پيدا ٿيندي وئي ۽ جزا ۽ سزا جا تصور اخلاقي ڪردار جي بلندي ۽ ڪمزوريءَ سان ڳنڍجڻ لڳا. اهڙي طرح ڄاڻايل آهي ته ”تون ڄاڻين ٿو ته جج انصاف واري ڏينهن ڪنهن فاسق ۽ ڏوهيءَ تي رحم نه ڪندا آهن. ان ڳالهه تي مدهوش نه ٿي وڃ ته زندگيءَ جا ڏينهن گهڻا آهن، هن دنيا جي حاڪم لاءِ سڄي زندگي هڪ پل کان وڌيڪ نه آهي. ماڻهو موت کانپوءِ ابد تائين رهي ٿو ۽ ان جا اعمال سندس آڏو جبل وانگر ڍير ڪيا ويندا آهن. اها ابدي زندگي آهي جيڪا ڪڏهن ختم نه ٿيندي، نادان آهي اهو جيڪو ان کان غافل آهي. جيڪو ماڻهو اتي پهچي ٿو ان حالت ۾ ته هو گناهن کان پاڪ آهي ته ان صورت ۾ اُتي اهڙي نموني رهندو جيئن ديوتا ۽ اتي گهمندو ڦرندو ايئن ڄڻ هو ابد جو مرد آهي ............. روح ان جڳهه تي ويندو جنهن کان هو واقف آهي ۽ جنهن رستي تي هو وڃي رهيو آهي ان تي ئي پنهنجي زندگيءَ جي مُوڙي پوري ڪندو ويندو.“ هيٺ ڏنل بيان قابل غور آهي:
”انسانن جو هڪ کانپوءِ ٻيو نسل ايندو رهندو آهي ۽ خدا ماڻهن جي دلين جي حال کان واقف ۽ سندن سيرت کان باخبر آهي. هن پنهنجو پاڻ کي ماڻهن جي نظرن کان لڪائي رکيو آهي. هو اهڙين سڀني شين کان مٿاهون آهي، جن کي توهان پنهنجي اکين سان (مختلف مورتين جي صورتن ۾) ڏسو ٿا.“ ڪٿي ڪٿي ڪثرت پرستيءَ ڏانهن اشارن باوجود خدا جي وحدانيت جو پورو تصور آڏو اچي وڃي ٿو. انهن هدايتن جي آخر ۾ هيٺيان لفظ غور طلب آهن. ”انسان خدا جو ڌڻ ۽ ان رعيت آهي. هن زمين ۽ آسمان کي ان ڪري جوڙيو آهي. هن اڃ اجهائڻ لاءِ پاڻي پيدا ڪيو. هن هوا پيدا ڪئي جيئن ساهه کڻي سگهو. اهي هن جهڙا آهن جيڪي هن جي عضون مان پيدا ٿيا. هُن جانور، مڇيون ۽ پکي پيدا ڪيا ته جيئن انهن سان پنهنجي خوراڪ حاصل ڪري سگهو. جڏهن اهي (انسان) روئندا آهن ته هو ٻڌندو آهي.“
اخلاقي زندگيءَ جي ارتقا جي لاءِ معاشرتي زندگيءَ جو نظام ۽ مروج عملي ۽ نظرياتي وهنوار جي پابنديءَ جي اهميت بلڪل واضح آهي پر اهي اعمال ۽ اقوال جون پابنديون ماڻهن لاءِ بار بڻجي وينديون آهن. اهڙي نموني منجهن خوفناڪ ۽ تلخ ذهني ڪشمڪش پيدا ٿي پوندي آهي پر تاريخي طور اها به هڪ حقيقت آهي ته انساني اخلاق جون سڀ پابنديون ۽ عالمگير سچائين جون تجليون اهڙن ئي ماڻهن جي داخلي ۽ نفسياتي ڪشمڪش کي ڪنٽرول ڪرڻ سان پيدا ٿينديون آهن جيئن زرتشت ۽ حضرت مسيح جي زندگين ۾ آزمائشن جو وجود ان ڳالهه ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو. ڀڳوت گيتا ۾ ارجن جي زندگي خير ۽ شر جي دائمي ويڙهاندجي ڪهاڻي آهي. ”عهد عتيق“ ڪتاب ايوب ۾ حضرت ايوب جا جيڪي واقعا آهن، اهي به ان سلسلي جي ڪڙي آهن. اهڙا ئي ماڻهو ۽ ان قسم جا تجربا ئي آهن جن جي ڪري آهستي آهستي انسان جي اخلاقي قدرن ۽ زندگيءَ ۾ گهرائي ۽ وسعت پيدا ٿيندي وئي، ڇو ته اخلاق جو تعلق جيتريقدر خارجي ماحول ۽ معاشري جي صحيح جوڙ جڪ سان آهي، ان کان وڌيڪ اهڙن اعليٰ ذهن ڏاهن ۽ مفڪرن جي داخلي زندگيءَ جي تجربن سان به آهي.
مسٽر بريسٽيڊ جي تحرير جو عنوان آهي ”هڪ آدم بيزار جو پنهنجي روح سان مڪالمو.“ اهو شاندار مڪالمو جيڪو شايد مسيح کان ٻه هزار ورهيه اڳ لکيو ويو، اخلاق جي تاريخ ۾ اهم رتبو رکي ٿو. اِن ۾ اڄ کان هزارين ورهيه اڳ انسان تي اها شيءِ واضح ڪئي وئي هئي ته هر ماڻهو پنهنجي رتبي ۽ حيثيت جي فرق بغير پنهنجي عملن ۽ ڪارگذاريءَ جو پوري طرح ذميوار آهي. ماڻهو ائين ئي پيدا نه ٿيو آهي ۽ نه وري ائين ئي هن دنيا مان هليو ويندو بلڪه موت کانپوءِ هن کي پنهنجي اعمال مطابق خداءِ بزرگ و برتر آڏو سمورو حساب ڏيڻو پوندو.
هڪ ٻي ياداشت ”حڪيم ايپور جي هدايت“ جي نالي سان محفوظ آهي. ان ۾ هن مصري ڏاهي پنهنجي زماني جي سياسي، انتظامي ۽ سماجي بدحالي ۽ ابتريءَ جو پيرائتو ذڪر ڪيو آهي، پر اسان جي لاءِ اهم اهو آهي ته اُن ۾ اميد جي ڪِرڻي جو ڏس ڏنو ويو آهي. مذهبي تاريخ ۾ يهودين، زرتشتين ۽ ٻين مذهبن ۾ اهو تصور مختلف زمانن ۾ آڏو ايندو رهيو آهي ته موجوده بدحاليءَ کي روڪڻ جو هڪ طريقو اهو به سمجهيو ۽ پيش ڪيو پئي ويو آهي ته تمام جلد هڪ اهڙو ماڻهو پيدا ٿيندو جيڪو انسانن کي سمورين مصيبتن مان نجات ڌياريندو. اهڙي نموني بني اسرائيل جي نبين ۾ يسعياه ۽ هزقي ايل جو تصور واضح آهي. اهڙو ئي تصور ان مصري ڏاهي گهڻو اڳ پيش ڪيو هو.
ٽاهو ٽپ لکيو آهي ته دل خدا جو گهر آهي ۽ اهو هر ماڻهوءَ وٽ آهي. خوشقسمت آهي اهو ماڻهو جنهن ان آواز کي ٻڌو ۽ ان تي عمل ڪيو. اهڙي نموني مصر ۾ اخلاق جي معنيٰ ۾ گهرائي پيدا ٿيندي وئي ۽ ان جو مطلب هاڻي صرف خارجي ۽معاشرتي حالتن سان ميڪانڪي مطابقت نه هو پر ان جي لاءِ داخلي ۽ انفرادي معيار قائم ٿيڻ شروع ٿيا ۽ ان بنياد تي بعد ۾ مصرين توحيد ۽ موت کان پوءِ زندگيءَ جو اعليٰ تصور پيش ڪيو.
”ڪتاب الموت“ انهن تحريرن جو مجموعو آهي جيڪي اڄ کان ساڍا ٽي هزار ورهيه اڳ وجود ۾ آيون ۽ جن ۾ موت کانپوءِ خدا جي بارگاه ۾ انسان جي پيش ٿيڻ ۽ ان جي اعمالن جي حساب ڪتاب جا تفصيلي احوال لکيل آهن. مصر ۾ اخلاقي زندگيءَ جي ارتقا ۽ حيثيت جي بيان کانپوءِ ان فڪري انقلاب جو ذڪر ڪيو ويندو آهي جيڪو آخناتون آندو. مصر جو اهو فرمانروا صاحب الهام هو ۽ ان کي قتل ڪيو ويو.
ان نئين فڪري انقلاب کان اڳ مصر ۾ خدا جو توحيد ۽ رب العالمين هجڻ وارو تصور موجود هو. اهرامي ڪتابن ۾ خدا جي لاءِ ”لامحدود“ جي صفت گهڻو استعمال ٿيندي رهي ۽ اهڙي نموني ٽاهو ٽپ جي هدايتن ۾ عالمگير اخلاقي قدرن جو خاڪو ملي ٿو، جنهن ۾ خداءِ شمس کي ڪائنات جي رب، مالڪ ۽ خالق جو لقب ڏنو ويو آهي. ان خداءِ شمس يا سورج ديوتا کي فرعون جي شڪل ۾ پيش ڪيو ويندو آهي جنهن جي حڪومت ۽ اقتدار مصر کان ٻاهر نه هو، صرف مصر تائين محدود هو پر ان نئين فڪري انقلاب ۾ خداءِ شمس کي سموري ڪائنات جو رب ۽ سڀني انسانن جو خالق قرار ڏنو ويو جنهن جي اک هر پل سڄي ڪائنات کي ڏسندي آهي.
ٽاهو ٽپ خاندان جو هڪ فرد آمون هوٽپ (ٽيون) تقريباً 1400 ق- م ۾ ٿي گذريو آهي. ان زماني جي يادگار ”خداءِ شمس جون دعائون“ جي مطالعي سان اهم فڪري تبديليءَ جو پتو پوي ٿو. دعائون هيئن آهن:
”تو سڀئي شيون جوڙيون، توڙي جو توکي جوڙڻ وارو ڪوبه ڪونهي. تنهنجون صفتون بي مثال آهن، تون ازل کان ابد تائين رهندين. سڀ ماڻهو تنهنجي هدايت ۽ رهنمائيءَ جا محتاج آهن، جڏهن تون آسمان تان گذرين ٿو ته سڀ ماڻهو توکي ڏسن ٿا، توڙي جو تنهنجو هلڻ ماڻهن جي نظرن کان لڪل آهي ... تون سڀني جو خالق، سڀني جو رب ۽ پروردگار آهين ... تون ديوتائن ۽ انسانن لاءِ ماءُ وانگر آهين. هڪ بهادر ڌنار وانگر جيڪو پنهنجي ڌڻ جو رکوال آهي، تون ئي انهن کي پنهنجي پناهه ۽ رزق ڏيڻ وارو آهي... هو سڄي ڪائنات کي، جنهن جي تخليق سندس هٿان ٿي آهي، هر پل ڏسندو رهي ٿو. هو اڪيلو، واحد خدا آهي جنهن جي قبضي ۾ سڀ ملڪ آهن. هو آسمان تي چمڪي ٿو ايئن جيئن سج. هو مهينن جي حساب سان موسمون پيدا ڪري ٿو: گرمي سردي، جڏهن هن جي دل چاهي.“
ڄاڻايل دعائن مان پتو پوي ٿو ته مصرين وٽ خدا جو تصور بلڪل توحيدي مذهبن وانگر آهي، اهڙو خدا جيڪو سڀني انسانن جو خالق ۽ رب آهي ۽ جيڪو نه رڳو کانئن اوچو ۽ اعليٰ بلڪه سندن ڏک سک کي محسوس ڪرڻ وارو، همدرد ۽ نگهبان آهي.
ان کانپوءِ سندس پٽ آمون هو ٽپ (چوٿون) 1375 ق - م ۾ تخت تي ويٺو ۽ انهي جي زماني ۾ ان فڪري انقلاب جي رفتار تمام تيز ٿي وئي. ان انقلاب جو پهريون اثر قديم مذهبي جماعتن تي ٿيو جن محسوس ڪيو ته جيڪڏهن اهو انقلاب ڪامياب ٿي ويو ته سندن اقتدار هميشه لاءِ ختم ٿي ويندو. اهڙي نموني ان فڪري تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ وڏو زور لڳايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ سلطنت جي ٻاهرين علائقن ۾ مختلف عنصر بادشاهه جي خلاف اٿي کڙا ٿيا پر اهڙين ناسازگار حالتن ۾ به بادشاهه ان تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ هر قسم جي مادي ۽ دنياوي فائدن جي بلڪل پرواهه نه ڪئي.
قديم عقيدن ۾ توحيد جي باوجود ڪجهه شرڪ وارا تصور به موجود هئا، ان ڪري هن سج ديوتا جي پراڻي نالي ”آهون“ بدران خداءِ واحد لاءِ هڪ نئون نالو سوچيو ”آتون،“ جيڪو قديم ٻوليءَ ۾ آسماني سج جي لاءِ مخصوص هو. ان نالي جي تبديليءَ سان گڏ قديم نشان به بدلايو ويو. پهريان اهرام ۽ باز جي شڪل سج ديوتا جو نشان هو، اهڙي نموني اهو مصري قومي نشان هو پر هاڻي جڏهن خدا جي تصور ۾ وسعت پيدا ٿي وئي هئي ۽ هاڻي اهو رب العالمين قرار ڏنو ويو هو تنهن ڪري اهڙو نشان صرف مصر جي تاريخي ۽ جاگرافيائي حدن جي باري ۾ هجي ان جي لاءِ مناسب نه هو. ان ڪري سج کي چڪر طور پيش ڪيو ويو جنهن مان بي شمار شعاع زمين تي ظاهر ٿي رهيا آهن ۽ هر شعاع هڪ انساني هٿ تي ختم ٿي رهيو آهي. ان نشان جو مفهوم واضح هو ته هڪ مرڪزي طاقت عالم بالا کان هن دنيا تي حڪومت ڪري ٿي ۽ سموري مخلوق ان جي شفقت ۽ قدرت سان وڌي ٿي.
ان کانپوءِ هن پنهنجو نالو به بدلائي ڇڏيو. هو آهون هو ٽپ آخناتون يعني ”آتون کان مطمئن “ ٿي ويو. هن آمون ديوتا جو نالو هر پراڻي ڪتبي تان ختم. ان کان علاوه جتي به خدا جي لاءِ جمع جو لفظ استعمال ڪيو ويو هو جنهن سان ديوتائن جي ڪثرت يا شڪ شبهو ٿي ٿيو، اهي سڀ لفظ قديم ڪتبن مان ڊاٺا ويا. ان نئين مذهب جي اختيار ڪرڻ جا آخناتون وٽ ڪيترائي سبب هئا. سڀ کان اهم اهو ته هُن پنهنجي ذاتي واردات ۽ تجربي يا ٻين لفظن ۾ الهام جي ڪري اها واٽ ورتي. ان عزم جو ثبوت سندس زندگيءَ ۾ ملي ٿو، ان سان هُن سڀني مخالفتن ۽ دشمنن جي فتنن جو مقابلو ڪيو ۽ سڀني مادي فائدن کي نظر انداز ڪيو. ان مان اهو ئي اندازو ٿئي ٿو ته تحريڪ جي شروعات يقين ۽ ايمان سان ٿي.
ٻيو سبب سندس زال نوفري تَيتي هئي. مصري فرعونن جو قديم دستور هو ته اهي پنهنجي ڀيڻ سان شادي ڪندا هئا، پر آخناتون ان رسم کي ختم ڪرڻ چاهيو ۽ هڪ غير ملڪي عورت سان شادي ڪئي. اها راڻي شام جي رهواسڻ هئي، جتي سورج ديوتا جي ئي پرستش ٿيندي هئي. خوشقسمتيءَ سان هوءَ نه صرف سونهن راڻي هئي پر غير معمولي صلاحيتن ۽ بلند ذهني فڪر جي به مالڪ هئي. آمودي ديوتا جي پرستش ۽ ان سان لاڳاپيل پروهتن ۽ مذهبي گروهن جي مخالفت جو هڪ واضح سبب اهو به هو ته اهي مندرن ۾ ديوداسين جا ٽولا رهايو ويٺا هوندا هئا ۽ اهڙي نموني مذهب جي آڙ ۾ زنا ۽ ٻيون برايون وڌنديون پئي ويون. بدقستيءَ سان اها رسم قديم زماني ۾ هر جڳهه تي موجود هئي. (اڄ به مسيحي خانقاهن ۾ راهبن ۽ راهبائن جي شڪل ۾ موجود آهي) پتو پوي ٿو ته آخناتون پنهنجي زال جي اثر ۾ ان کي، ان سان گڏ آمون ديوتا جي پرستش جي طريقي کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. نئين دين جو خدا ”آتون“ به هڪ قسم جو سورج ديوتا هو پر ان ۾ ۽ قديم پرستش ۾ فرق هو. هڪ ته آمون جي پرستش سان گڏ ديوتا به نه صرف موجود هئا پر انهن جي پرستش به ٿيندي هئي پر آتون کي تسليم ڪرڻ کانپوءِ سڀني ديوتائن جي وجود کان انڪار ضروري هو يعني اهو خالص توحيدي تصور هو. ٻيو ته آتون کي تسليم ڪرڻ جو مقصد سج جي پرستش نه بلڪه واحد خدا جي ان جي عالمگير رب ۽ پروردگار هجڻ جي فائدن کي تسليم ڪرڻ هو. آتون جي لفظي معنيٰ سج جي گرمي يا سج جو نور آهي. ٽيون اهو ته ان دين مندرن ۽ عبادت گاهن ۾ بتن وغيره جي ضرورت کان ماڻهن کي بي نياز ڪيو. ان جو عقيدو هو ته خدا جي عبادت کليل هوا ۾ سج جي شعاعن ۽ گرميءَ ۾ بهتر طريقي سان انجام ڏئي سگهجي ٿي. ان لاءِ دل جي جذبي ۽ خلوص جي ضرورت آهي. بت، پوڄاري ۽ رسمون ته بي معنيٰ شيون آهن جنهن سان انسان ۽ خدا جي وچ ۾ سڌو رابطو پيدا نٿو ٿي سگهي.
جيڪڏهن انهن سڀني واقعن ۽ حالتن جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو وڃي ته پتو پوي ٿو ته مصر جي ان فڪري انقلاب جو اصلي ۽ بنيادي سبب حضرت ابراهيم جي توحيد سان ملندڙ جلندڙ هو. بتن جي پوڄا کان منع، مندرن ۽ عبادت گاهن کي ويجهو نه وڃڻ جي تنبيهه صرف انڪري هئي ته اتي بتن جي پوڄا ٿئي ٿي ۽ اهي عورتن جي بي حرمتي ۽ زنا جا اڏا بڻجي ويا هئا ۽ ان سان گڏ خدا جي توحيد جو پرجوش اعلان ۽ اهڙي قسم جون ٻيون ڳالهيون حضرت ابراهيم جي تصورن جو پڙاڏو ٿيون لڳن.
حضرت ابراهيم آخناتون کان پنج سئو ورهيه اڳ اولهه ايشيا ۾ توحيد جو اعلان ڪيو پر آخناتون تي ٿيندڙ الهام انهن ئي تصورن تي ٻڌل هو، انڪري ٻنهي جو مرڪز هڪ ئي هو. آخناتون جي موجود تحريرن جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته انهن ۾ ڄاڻايل خيال زبور سان ڪيترا ملن ٿا. پهريون حمديه نظم آتون (خدا) جي عالمگير عظمت ۽ طاقت جي باري ۾ آهي.
”اي زنده آتون، توکان ئي زندگيءَ جي شروعات ٿي. جڏهن تون اوڀر کان اُڀرين ٿو ته هن ڪائنات جو هر پاسو تنهنجي نور سان روشن ٿي وڃي ٿو. تون جميل، عظيم ۽ منور آهين ۽ هر ملڪ تنهنجي هيٺان آهي. توڙي جو تون اسان کان ڏاڍو ڏور آهين، پوءِ به تنهنجا شعاع ۽ تنهنجو نور هن زمين تي موجود آهي، توڙي جو تون انسانن جي چهري ۾موجود آهين پر تنهنجا قدم ڏسڻ ۾ نٿا اچن.“
” تو ڪيئي جنسار جوڙي ڇڏيا آهن! اهي ماڻهن کان لڪل آهن. اي خداءِ واحد، تو کانسواءِ ڪوبه خدا نه آهي، تو هن زمين کي پنهنجي دل (حڪمت) مطابق پيدا ڪيو.“
زبور باب 104 سورت 24 جي لفظن ۽ انهن ٻنهي ۾ هڪجهڙائي قابل غور آهي ”اي خداوند، تو بيشمار جنسار جوڙي ڇڏيا آهن، تو اهو سڀ ڪجهه حڪمت سان بڻايو. زمين تنهنجي مخلوقات سان ڀريل آهي.“ (ڪتاب مقدس، برٽش اينڊ فارين بائيبل سوسائٽي لاهور 1931 ).
خدا کي سج سان جوڙڻ وارو تصور توڙي جو مصري هو پر ان ۾ هڪ قسم جو شرڪ به موجود آهي پر بعد ۾ جڏهن اهو تصور يهودين وٽ پهتو ته انهن ان کي تشبيهه طور اختيار ڪيو ۽ ان تشبيهه ۾ سج جي ڪرڻن ۽ شعاعن جا لفظ به شامل ڪيا ويا. مثال طور قديم عهدنامي جي ڪتاب ”ملاڪي“ جا هي لفظ قابل غور آهن ”پر توهان لاءِ جيڪي منهنجي نالي جي تعظيم ڪيو ٿا، سچ جو سج اڀرندو ۽ ان جي ڪرڻن ۾ شفا هوندي.“ (باب 4 سورت 2 )
اهڙي نموني مصري ڪتبن ۽ تصويرن ۾ خدا کي پَرَ باز جي شڪل ۾ پيش ڪيو ويندو هو، ائين خدا سان پرن جي پاڇي جو تصور اهڙو جڙي ويو جو پوءِ جڏهن يهودين ۾خدا کي باز جي شڪل ۾ پيش ڪرڻ وارو تصور ته گم ٿي ويو پر پرن جي پاڇي جي تشبيهه قائم رهي. اهڙي نموني زبور ۾ چئن مختلف جڳهن تي اها تشبيهه خدا لاءِ استعمال ڪئي وئي آهي. مثال طور (1) مونکي پنهنجي پرن جي پاڇي ۾ لڪاءِ (2 ) اي خداوند، بني آدم تنهنجي پرن جي پاڇي ۾ پناهه وٺن ٿا (26 -7 ) (3) مان تنهنجي پرن جي پاڇي ۾ پناهه وٺندس.(7 -15)

[b]حمد و ثنا
[/b] ”ڪو وقت هو جڏهن تون اڪيلو هئين. ماڻهو ۽ مختلف قسم جا جانور جيڪي هن زمين تي پيرن سان هلن ٿا ۽ سڀ پکي جيڪي آسمان ۾ اڏرن ٿا، تو ئي انسان کي ان جي مناسب جڳهه تي پيدا ڪيو ۽ تون ئي سندن ضرورتون پوريون ڪرين ٿو. هر ماڻهوءَ جو رزق ۽ ان جي عمر جو تعين تنهنجي طرفان ئي ٿئي ٿو. ماڻهن جون ٻوليون، انهن جون شڪليون ۽ سندن رنگ هڪٻئي کان مختلف آهن ۽ سڀ تنهنجي تخليق جو نمونو آهن.“
”ڪوبه ماڻهو سواءِ تنهنجي پٽ آخناتون جي، توکي نٿو ڄاڻي، تو کيس پنهنجي حڪمن جي ڳالهين کان باخبر ڪيو ۽ ان کي عزت ۽ طاقت بخشي.“
” تو هيءُ آسمان بڻايو ته جيئن ان ۾ اڀري سگهين ۽ ان مخلوق کي ڏسين سگهين، جنهن کي تو پيدا ڪيو. ان وقت جڏهن تون اڪيلو هئين... سڀ اکيون پنهنجي آڏو توکي ڏسي سگهن ٿيون. جڏهن تون اُلهي وڃين ٿو تڏهن توڙي جو دنيا جون اکيون توکي نٿيون ڏسي سگهن، پوءِ به تون منهنجي دل ۾ موجود هوندو آهين.“
مذڪوره مناجات مان پتو پوي ٿو ته آخناتون ڪائنات جي ذري ذري ۾ واحد خدا جو جلوو ڏٺو ۽ هن ڪوشش ڪئي ته اهو علم ۽ يقين سڀني ماڻهن جي اڳيان پيش ڪري. هيءَ زمين ۽ آسمان، هي جانور ۽ پکي، انسان ۽ حيوان، وڻ ۽ پاڻي سڀ شيون ان جي ثنا ۾ رڌل آهن. هو پنهنجي مخلوق جي لاءِ ماءُ پيءُ وانگر آهي. اهو ئي کين پيدا ڪري ٿو، رزق ڏئي ٿو، هدايتون ڏئي ٿو، ان جو جمال هرجا جلوه گر آهي.
پر بدقسمتيءَ سان اهو انقلاب مصر جي سرزمين تي مستقل طور پير کوڙي نه سگهيو ۽ تمام جلد مختلف طرفن کان ان جي خلاف بغاوتون پيدا ٿيڻ شروع ٿيون ۽ ڪجهه ئي ورهين ۾ (تقريبن ڇهن سالن ۾) رجعت پسندن آخناتون ۽ سندس ساٿين کي ختم ڪري نئين توحيدي دين بدران وري قديم آمون ديوتا جي پرستش شروع ڪري ڇڏي. توڙي جو نئين دور ۾ به شرڪ ۽ ڪثرت پرستيءَ جي مڪمل سرپرستي ڪئي وئي، پوءِ به گهڻا ترقي پذير تصور جن جي آبياري آخناتون پنهنجي رت سان ڪئي هئي وڌي وڻ ٿيا ۽ آهستي آهستي اهي خيال مصر کان ٻاهر ٻين ملڪن تائين پهچي ويا.
ان آخري دور (1000 ورهيه ق - م) جي هڪ اهم ياداشت ”حڪمت آمون هوپ“ اسان وٽ موجود آهي. ان لکت جي اهميت انڪري به وڌيڪ آهي جو ان جا تصور ايستائين جو لفظن تائين بائبل جي ڪتاب ”امثال“ (باب 24) ۾ وڏي تعداد ۾ ملن ٿا.
تاريخي طور اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته ڪتاب ”حڪمت آمون هوپ“ يهودي ٻوليءَ ۾ لکيل هو ۽ ٻين لکتن سان گڏ اهو ڪتاب به بني اسرائيل جي هٿن ۾ پهچي ويو. هتي آمون هوپ مان ڪي ڳالهيون پيش ڪجن ٿيون، جن مان پتو پوي ٿو ته ڪنهن حد تائين عهد عتيق جي مختلف مصنفن ان ڪتاب جي لفظن ۽ تصور مان لاءِ حاصل ڪيو.

[b]آمون هوپ
[/b] آڪڙيل ۽ مغرور ماڻهو جيڪو مندر ۾ اچي ٿو، اهو ان وڻ وانگر آهي جيڪو صحرا ۾ پوکيل هجي، کن پل ۾ ان جون ٽاريون ڪِريو پون ۽ آخرڪار ان جو ڪاٺ آريءَ سان وڍجي ٿو. اهو اتان ٻي جڳهه تي پهچايو وڃي ٿو ۽ آخر ۾ اهو باهه جي نظر ٿي وڃي ٿو. هڪ ڏاهو ۽ سمجهدار ماڻهو جيڪو فخر ۽ غرور کان آجو آهي، ان وڻ وانگر آهي، جيڪو باغ ۾ وڌيو ويجهيو ۽ ميون سان ڇِنجهه آهي. هو پنهنجي خداوند جي حضور ۾ قائم آهي ۽ ان جو ميور مٺو ۽ پاڇو پسنديده آهي ۽ ان جو انجام باغ (يعني جنت) آهي.

[b]يرمياه:
[/b] خداوند هيئن فرمائي ٿو ته ملعون آهي اهو ماڻهو جيڪو انسان تي توڪل ڪري ٿو ۽ شينهن کي پنهنجي ٻانهن سمجهي ٿو. جنهن جي دل خداوند کان پري ٿي ويندي آهي، ڇو ته اها زقوم وانگر ٿي و يندي آهي جيڪو صحرا ۾آهي ۽ ڪڏهن ڀلائي نه ڏسندو پر صحرا ۾ ٺوٺ هنڌ ۽ غير آباد ڪلراٺي زمين ۾ رهندو. مبارڪ آهي اهو ماڻهو جيڪو خداوند تي توڪل ڪري ٿو ۽ جنهن جي اميدن جو مرڪز خداوند آهي، اُهو ان وڻ وانگر آهي جيڪو پاڻيءَ جي ڀرسان لڳايو ويو هجي، جيڪو پنهنجي پاڙ درياءَ ڏانهن ڦهلائيندو آهي ۽ جڏهن گرمي ايندي ته ان کي ڪوبه خطرو نه هوندو آهي. ان جا پن ساوا رهندا ۽ پاڻي نه هجڻ جو هن کي ڪوبه ڊپ نه رهندو ۽ اهو ميوا پيدا ڪرڻ کان نه مڙندو. (باب 7 1 سورت 5 -8 )
آمون هوپ ٻن مختلف اخلاقي اصولن جي تشريح جي لاءِ ٻن وڻن جو مثال ڏنو آهي ۽ اهڙو ئي مثال يرمياه ۾ به موجود آهي. زبور جي پهرئين ڪتاب ۾ به تقريبن اها ئي تشبيهه استعمال ڪئي وئي آهي.
”مبارڪ آهي اهو ماڻهو جيڪو جسمن جي صلاح تي نٿو هلي ۽ خطاڪارن ۾ شامل نٿو ٿئي... هو ان وڻ وانگر آهي جيڪو پاڻيءَ جي ندين وٽ لڳايو ويو هجي جيڪو پنهنجي وقت تي اُسري نسري ٿو ۽ جنهن جو پن به نٿو مرجهائجي ...جسم ائين نه بلڪه بُهه وانگر آهي جنهن کي هوا اڏاري کڻي ويندي آهي، ان ڪري جسم عدالت ۾ قائم نه رهندا“. (باب : 1-5)
اها ڳالهه قابل غور آهي ته زبور جي سڄي ڪتاب ۾ ”خدائي عدالت“ جو تصور هڪ جڳهه کانسواءِ ڪٿي به نٿو ملي ۽ اها شيءِ ته هاڻي تسليم ٿيل آهي ته موت کانپوءِ حساب ڪتاب جو تصور يهودين مصر کان ئي ورتو آهي.
اهڙي نموني ڪتاب ”امثال“ ۾ هڪ جڳهه (22 -17) تي ذڪر آهي ته ”پنهنجو ڪن ويجهوڪر ۽ ڏاهن جون ڳالهيون ٻڌ! “ ٻي جڳهه تي آهي ته ”اهي ڏاهن جا قول آهن.“
بائبل تي تنقيد ڪندڙن لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو هو ته اهي ڏاها ماڻهو ڪير آهن پر جڏهن کان”حڪمت آمون هوپ“ مليو آهي ته سڀ محقق ان تي متفق ٿي ويا آهن ته ڪتاب ”امثال“ جو تقريبن ڏيڍ باب گهٽ ۾ گهٽ ان مصري ڪتاب جي لفظي ترجمي تي ٻڌل آهي ۽ جنهن جو هن ڪتاب جي مصنف ”ڏاهن جا قول“ جي نالي سان به ذڪر ڪيو آهي. مثال طور ڪجهه جملا هيٺ ڏجن ٿا.

[b]امثال[/b]
پنهنجو ڪن ويجهوڪر ۽ ڏاهن جون ڳالهيون ٻڌ ۽ منهنجي تعليم سان دل لڳاءِ.
ڇو ته اهو بهتر آهي ته تون ان کي پهريان دل ۾ رک ۽ اهو تنهنجي چپن تي قائم رهي. (22 -17-18).
ڇا مان تنهنجي لاءِ نصيحت ۽ علم جون 30 ڳالهيون نه لکيون آهن.....(22-20)

[b]آمون هوپ
[/b] پنهنجو ڪن ويجهو ڪر ۽ جيڪو مان چوان ٿو ٻڌ ۽ ان کي سمجهڻ لاءِ هيئين سان هنڊاءِ،
ڇو ته فائدو اِن ۾ آهي ته تون (منهنجي ڳالهين کي) جيءَ ۾ جاءِ ڏين. افسوس آهي ان تي جيڪو ان جي خلاف ورزي ڪري ٿو.
انهن ٽيهن ڳالهين تي غور ڪر ڇو ته انهن ۾ هدايت ۽ اطمينان آهي.
بائبل جي عام ترجمن ۾ ٽيهن جي جاءِ تي ”لطيف“ جو لفظ آهي پر عبراني ٻوليءَ جو لفظ هتي موجود هو، ان باري ۾ مولفن پاڻ شڪ جو اظهار ڪيو آهي. اهڙي نموني ان لفظ جا ٻيا لهجا به حاشيي ۾ لکيا ويا آهن ۽ ان لهجي کي جيڪڏهن تسليم ڪيو وڃي ته ”لطيف“ بجاءِ ان جو ترجمو ٽيهه(30) ئي ٿيڻ کپندو هو. حڪمت آمون هوپ جي ملڻ کان پهرين ٽيهه لفظ مبهم هو پر پوءِ وارن محققن جو خيال آهي ته اهو ئي صحيح لفظ آهي ڇو ته حڪمت هوپ جا ٽيهه باب آهن.
اهڙي نموني بي شمار ملندڙ جلندڙ جملا محققن پيش ڪيا آهن، جنهن مان اندازو ٿي سگهي ٿو ته ڪهڙي نموني مصري فڪر يهودين وٽ پهچي ٻين مذهبن جي فڪر جو جز بڻجي ويو.
انسان جي قديم فڪري تاريخ کي اسان ٽن دورن ۾ ورهائي سگهون ٿا.

[b]پهريون دور
[/b] جنهن ۾ مصر ۽ بائبل جي مفڪرن انسان ۽ ڪائنات جي مسئلن تي سوچيو ۽ حل پيش ڪيو. اهو تقريبن 1000 ورهيه ق - م تائين اچي ختم ٿي ويو، ان دور ۾ زرتشت اچي انساني فڪر کي وسعت ۽ گهرائي عطا ڪئي.

[b]ٻيو دور
[/b] اهو تقريبن 600 ورهيه ق- م تائين آهي جنهن ۾ بني اسرائيل دنيا جي مهذب قومن جي امامت تي سرفراز آهي ۽ ان شاندار دور ۾ چين ۾ ڪنفيوشس ۽ هندن ۾ گوتم ٻڌ پيدا ٿيو.

[b]ٽيون دور
[/b] اهو 600 ق-م کان ان وقت شروع ٿئي ٿو جڏهن اولهه ايشيا ۾ يونانين انساني فڪر جي سلسلي کي اپنايو ۽ اڳتي وڌايو.