مذهب

غير سامي مذهبن جا باني

ھي ڪتاب اوڀارين وڏن مذهبن جي وڏن رهنمائن جي حياتين، افڪار ۽ انساني سڌاري لاءِ سندن ورتل ڪوششن جو مجموعو آھي جنھن جو ليکڪ الطاف جاويد آھي ۽ سنڌيڪار جاويد ميمڻ آھي. الطاف جاويد ھڪ اھم موضوع تي ڪتاب لکيو آھي. ھو لکي ٿو:
”مون آرين ۽ زرد قومن ۾ آيل، مختلف مذهبن جي بانين، سندن حالتن ۽ تعليم تي لکيو آهي. قرآن حڪيم ۾ صرف سامي قوم سان تعلق رکندڙ نبين جو ذڪر آهي پر قرآن چيو آهي ته اسان هر ڳوٺ (قريه) ۾ پنهنجو پيغمبر موڪليو آهي پر مسلمان عالمن ۽ دانشورن عملي طور قريه يا وسنديءَ کي صرف عرب ۽ فلسطين تائين محدود ڪري ڇڏيو. جڏهن هندستان، يونان، ايران ۽ چين وغيره جهڙا وسيع خطا ۽ اُتي رهڻ وارا ڪروڙين انسان موجود آهن ته پوءِ ڇا انهن ڏانهن ڪو به پيغمبر نه موڪليو ويو هوندو؟ يا قريه لفظ جو لاڳاپو انهن ملڪن ۽ قومن تي نه ٿو ٿئي؟
قرآن جا لفظ آهن ته: ”ڪو به ڳوٺ يا امت اهڙي نه آهي جنهن ۾ ڊيڄارڻ وارو نه موڪليو هجي.“
وَ لِكُلِّ اُمَّۃٍ رَّسُوۡلٌ ۚ (يونس: ٤٧) ”هر امت (يا قوم) جي لاءِ رسول آهي.“
ته ڇا هندستان چين، يونان، ايران وغيره جي قومن ڏانهن هادي نه آيا؟ ڇا انهن کي تسليم نه ڪرڻ قرآني حڪم جي خلاف نه آهي؟“
Title Cover of book غير سامي مذهبن جا باني

سقراط

سقراط ايٿنز جي هڪ محلي ايلو ۾ 469 ق- م ۾ پيدا ٿيو. هن جو پيءُ مجسما ساز سنگتراش هو ۽ ماءُ دائي هئي. پهرين زال جيڪا اعليٰ خاندان مان هئي، طاعون جي بيماريءَ ۾مري وئي. پوءِ پنجاهه ورهين جي عمر ۾ هُن زين ٿپي (Xanthippe) سان شادي ڪئي جنهن مان کيس ٽي پٽ ڄاوا.
ايٿنز ۽ اسپارٽا ۾ سدائين ڪشمڪش رهندي هئي. اهڙي هڪ جنگ ۾ جيڪا 1 3 4 ق- م ۾ ٿي، سقراط هڪ هٿياربند فوجيءَ جي حيثيت سان حصو ورتو. ان ڊگهي ويڙهاند دوران سقراط ٽن جنگي مهمن ۾ شرڪت ڪئي ۽ ٽنهي جنگين ۾ سقراط جي بهادريءَ کي ساراهيو ويو.

[b]حقيقت جي ڳولا جو سفر
[/b] نوجوانيءَ ۾ ئي سقراط جو رجحان انهن سوالن ڏانهن ٿي ويو هو جن جي لهر آئيوني فلسفي جي ڪري سموري يونان ۾ڦهلجي چڪي هئي. اهي سوال هي هئا:
1 . ڪائنات ڇو ۽ ڪيئن جڙي؟
2 . بنيادي سرچشمو ڪهڙو آهي؟
3 . شيون ان مان ڪيئن ظاهر ٿيون؟
افلاطون سقراط جي ئي لفظن ۾ بيان ڪيو آهي ته” جڏهن آءٌ نوجوان هوس ته فلسفي ڏانهن تمام گهڻو لاڙو هو. مونکي هر شيءِ جي سبب ڳولڻ جو گهڻو شوق هو ته اها ڪيئن وجود ۾ آئي، ڪيئن فنا ٿيندي ۽ ڇو باقي آهي؟
آءٌ اهڙيون ڳنڍيون کولڻ لاءِ سوچيندو رهندو هس پر تمام جلد مون ۾ هڪ احساس پيدا ٿيو ته آءٌ اهڙي نموني جي تحقيق لاءِ صفا نااهل آهيان. اهڙي طرح مان تمام جلد سائنسي انداز فڪر ڇڏي مذهب جي ان سوال ڏانهن آيس ته ڪائنات وجود ۾ ته اچي وئي پر ان کي ڪنهن وجود بخشيو ۽ ڇو وجود ۾ آندي وئي آهي؟
مون هڪ دفعي ڪنهن کي انڪساغورث جو ڪتاب پڙهندي ٻڌو ته ڪيئن هڪ عقلِ ڪُل سموري ڪائنات کي ترتيب ڏنو آهي. پوءِ ان شوق ۾ مون هن جا سڀ ڪتاب پڙهيا. سقراط انڪساغورث علاوه ٻن فلاسافرن پارمينڊيز ۽ زينو کان به متاثر ٿيو.
انڪسا غورث سان سقراط کي جيڪا عقيدت پيدا ٿي هئي ان جو اثر تمام جلد ختم ٿي ويو. ان جو سبب اهو هو ته انڪسا غورث بحث ته مذهبي سوال کان شروع ڪري ٿو ته ڪائنات ڇو جڙي(Why) ؟ پر جواب سائنس جي سوال: ڪائنات ڪيئن جُڙي(How) ؟ جو ڏئي ٿو. هو چوي ٿو ته هڪ عقل ڪل آهي پر جڏهن ڪائنات تي غور ڪري ٿو ته چوي ٿو ته مادو، هوا، پاڻي ئي ڪائنات جي جڙڻ جون اصل علتون آهن. سقراط جو اعتراض هو ته مادو ۽ هوا وغيره جون علتون ثانوي آهن، خدا نه هجي ها ته اهي علتون به نه هجن ها، انڪري ڪائنات تي تدبر ۽ فڪر جي اصل علت (پروردگار) کي ڇڏي ثانوي علتن تي بحث ڪندو رهڻ صحيح فڪر کان پري ڀڄڻ آهي. اهڙي نموني ان جو تفصيل سقراط جي پنهنجي زباني ٻڌو :
”منهنجا دوست! پوءِ جڏهن مون انڪسا غورث جي ڪتابن کي پڙهيو ته پنهنجي انهن بلند توقعات کان ڦهڪو ڏئي هيٺ اچي ڪريس. مون هن کي هڪ اهڙو ماڻهو ڄاتو جيڪو عقل ڪل کي علت جي طور تي استعمال نٿو ڪري ۽ نه ئي شين ۾ جيڪا ترتيب نظر اچي ٿي ان جي سبب ان کي متعين ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر چوي ٿو ته علتون هوا، پاڻي ۽ مادو اهڙين ئي بي معنيٰ شين تي ٻڌل آهن. مون کي هو هڪ اهڙي ماڻهوءَ وانگر لڳو جيڪو اهو چوي ته سقراط جيڪو ڪجهه ڪري ٿو پنهنجي ذهانت جي ڪري، ڪري ٿو. ماڻهو اهو فرق محسوس ڪونه ٿا ڪن ته اصل علت ٻي شيءِ آهي ۽ ٻيو جنهن کانسواءِ سبب، سبب نٿو بڻجي سگهي، اڃا مختلف شيءِ آهي. عام طور ماڻهو ايئن ئي ڪن پيا ۽ اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون هڻي رهيا آهن. ڪو ڪيئن چوي ٿو، ڪو ڪيئن پر اها طاقت جنهن شين کي ايئن جَڙي ۽ جوڙي رکيو آهي جو اهي پنهنجي ممڪن بهترين حالت ۾ قائم آهن، ان تي ڪير به غور نٿو ڪري... ماڻهو اهو نٿا سوچين ته ان مقصد جي لاءِ انساني قوت کان مٿانهين هڪ برتر طاقت جي ضرورت آهي.“
جيڪا تنقيد سقراط انڪسا غورث تي ڪئي آهي، قرآن اهو ئي بحث خدا کي نه سڃاڻڻ وارن سائنسدانن سان ڪيو آهي. قرآن جو چوڻ آهي ته هيءَ ڪائنات اهڙي نموني ٺاهي وئي آهي جو ان تي غور ۽ فڪر، هڪ سليم الفطرت ماڻهوءَ کي لازمي طور خدا جي معرفت ڏانهن وٺي وڃي ٿو. جيڪي ماڻهو ان جوابدهيءَ کان بچڻ ۽ پنهنجي ذميدارين کان ڀڄڻ چاهين ٿا، اهي صحيح غور و فڪر کي ڇڏي صرف سائنسي طرز جي تحقيق تي ڪيئن (How) ڀاڙين ٿا؟ پر سقراط جي خيال ۾ اهي شيون حقيقي علت نه آهن، جيئن سائنس بيان ڪري ٿي، جيستائين حقيقي علت پروردگار کي نه مڃيو وڃي.
قرآن هر هر ذڪر ڪيو آهي ته شين ۾ جيڪا ترتيب ۽سازگاري نظر ٿي اها هڪ قادر مطلق جو واضح ڏس ڏئي ٿي.

[b]ڪائنات جي مشاهدي کان اخلاقيات ڏانهن
[/b] هڪ خدا ناشناس سائنسدان جو ڪائنات جو مشاهدو کيس ڪنهن اخلاقي تعليم ڏانهن نٿو وٺي وڃي، ڇو ته هو اڳواٽ طئي ڪري ٿو ڇڏي ته هن کي ڪنهن اهڙي هستيءَ جي وجود جي ضرورت نه آهي جنهن سان ارادي ۽ فڪر جي آزاديءَ ۾ ڪا رڪاوٽ پوندي هجي. پر هڪ سليم الفطرت ماڻهو جيڪو ڪنهن ذهني تحفظ کانسواءِ ڪائنات تي غور ڪري ٿو، اهو هِن نتيجي تي پهچي ٿو ته ڪو آهي جنهن هيءَ ڪائنات جوڙي آهي. ان سان اهو شعور پيدا ٿئي ٿو ته هيءُ عظيم الشان اهتمام بي مقصد ۽ اجايو نٿو ٿي سگهي. ماڻهو سٺن اعمالن جي لاءِ ڪنهن جي اڳيان جوابده هوندا. مطلب ته فڪر جو اهو طريقو ڪائنات جي مشاهدي کان اخلاقيات ڏانهن وٺي وڃي ٿو. اهڙي نموني سقراط جو غور ۽ فڪر کيس انڪساغورث ۽ ٻين سائنسي فلسفن جي ابتڙ اخلاقيات ڏانهن وٺي ويو. هڪ قديم تاريخدان سسرو (Cicero) چيو آهي ته سقراط انڪسا غورث جي شاگرد آرڪيلاس کان تعليم حاصل ڪئي ۽ ان کان پهروڪو سڄو فلسفو، عددن ۽ حرڪتون مرجع بابت بحث ڪندو هو جنهن مان سڀ شيون نڪتيون آهن ۽ جنهن ۾ سڀ فنا ٿي وينديون. انهن مقصدن جي تحقيق ۽ جستجو جو محور اها ڳالهه رهي آهي ته اهو معلوم ڪيو وڃي ته ستارن ۽ ٻين فلڪي سيارن جو ڪاٿو ۽ انهن ۾ فاصلو ۽ انهن جو مدار ڇا آهي؟ پر سقراط اهو پهريون ماڻهو آهي جيڪو فلسفي کي آسمان تان لاهي زمين تي کڻي آيو. هن شهرن بلڪه گهرن تائين هن کي سڃاڻپ ڏني ۽ زندگي، اخلاقيات، سٺائي ۽ برائي جي باري ۾ ان بابت سوچڻ تي مجبور ڪيو.
جيئن ٻڌايو ويو آهي ته سقراط جي دور ۾ ماديت وارا طبعي فلسفي ۽ سوفسطائي موجود هئا. سقراط طبعي فلسفين جي باري ۾ چيو آهي ته انهن جي سڄي علم جو سرمايو خدا، روح، آخرت ۽ اخلاقي قدرن کان انڪار هو. معاشرتي زندگيءَ جو توازن قائم ڪرڻ لاءِ سقراط وٽ ان کان سواءِ ڪو به رستو نه هو ته هو پنهنجي همعصرن جي ذهن ۾ ان حقيقت جي اهميت ويهاري ته جيستائين سندن نگاهه ۾ پاڪيزگي، دل ۾ سوز، جذبن ۾ ترتيب ۽ دلين ۾ روحاني ۽ اخلاقي قدرن کي قائم ڪرڻ ۽ ترقي ڏيارڻ جو ولولو پيدا نه ٿيندو، تيستائين سندن سڀ علمي ڪارناما فائدي بجاءِ نقصان جو سبب بڻجندا. نفس کان هٽي ڪائنات ڏانهن ڌيان ڏيڻ جو نتيجو هميشه انسان جي دل ۽ نظر لاءِ فساد جو باعث بڻيو آهي. ان جو واضح مثال اولهه ۽ ان جي علمي ترقي آهي. سقراط جو آفاق کي ڇڏي ماڻهن ڏانهن موٽڻ حقيقت ۾ معاشرتي انقلاب ڏانهن پهرين وک هئي.

[b]آخرت جو تصور
[/b] سقراط جو سڀ کان اهم ڪارنامو اهو آهي ته هن انساني روح جو مٿانهون تصور پيش ڪيو جنهن ۾ موت کان پوءِ روح جي بقا جو نظريو به شامل آهي. همعصر ماڻهن جي دلين ۾ ماديت ايتري ته گهر ڪري وئي هئي جو سقراط جڏهن پنهنجي همعصرن جو، جيڪي طبعي فلسفن ۽ سوفسطائي گروهه جي ڪثرت جي ڪري روح ۽ موت کانپوءِ زندگيءَ جي نظرين کي وساري چڪا هئا، ٻيهر ڌيان ڇڪايو ته انهن حيران ٿي کيس چيو ته هو ايترو دقيانوسي ماڻهو آهي جو اسان کي وري قديم بي معنيٰ تصورن ۽ نظرين ڏانهن وٺي وڃڻ چاهي ٿو. فيڊو ۾ سقراط جا هيٺيان لفظ ان مسئلي تي روشني وجهن ٿا. سقراط چيو ته” منهنجو خيال آهي ته اسانجي صوفين جا قول وڏي معنيٰ وارا آهن. هو اسان کي مثالن ۽ ڪهاڻين ذريعي هميشه سمجهائيندا رهيا آهن ته هر اهو ماڻهو جيڪو روحاني طور پاڪ ۽ صاف ٿيڻ کانسواءِ ٻي دنيا ۾ پهچندو، اهو ديوتائن (ملائڪن ۽ نيڪ انسانن) جي مجلس ۾ شامل ٿيڻ جي سعادت ماڻڻ بجاءِ گند ۾ ڦاٿو رهندو.“
سقراط فيڊو ۾ ٻي هنڌ چيو آهي ته” اسين اهو ڪيئن مڃون ته روح جنهن جي فطرت ايتري شاندار، غير محسوس ۽ خالص آهي، هونئن ته اهو نيڪ ۽ دانائ خدا جي پيرويءَ ۾ زندگي گذاري ٿو پر جسم جي موت کان پوءِ هوا ۾ تحليل ٿي ويندو آهي ۽ جلد هميشه لاءِ فنا ٿي ويندو آهي، جيئن ماڻهن جو خيال آهي. نه منهنجا دوستو، ائين نه آهي.“ قرآن هر هر ڪافرن جي اعتراضن جي جواب ۾ ان حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو آهي.
وَ یَقُوۡلُ الْاِنۡسَانُ ءَاِذَا مَا مِتُّ لَسَوْفَ اُخْرَجُ حَیًّا ﴿۶۶﴾ اَوَلَا یَذْكُرُ الْاِنۡسَانُ اَنَّا خَلَقْنٰہُ مِنۡ قَبْلُ وَلَمْ یَكُ شَیۡئًا ﴿۶۷﴾(مريم:66-67).
(ترجمو): انسان پڇي ٿو ته جڏهن هو مري ويندو ته هو ضرور جيئرو ڪري اٿاريو ويندو ته ڇا هو ياد نٿو ڪري ته اسان پهريون ڀيرو کيس پيدا ڪيو هو، جڏهن هو ڪجهه به نه هو.
سقراط جي زندگيءَ جو مقصد ئي موت کانپوءِ واري زندگيءَ جي نظرئي جي تلقين هو، تنهن ڪري هو فيڊو ۾ چوي ٿو:
”جيڪڏهن روح لافاني آهي ته اسان جو فرض آهي ته اسين ان جي پرورش ڪريون. نه صرف هن زندگي دوران پر آخرت جي لاءِ به. اسان اهو محسوس ڪريون ٿا ته ان فرض کان غفلت ۽ بي پرواهيءَ جو نتيجو ڇا آهي. جيڪڏهن موت مان مطلب اهو آهي ته انسان جي زندگيءَ جا سڀ اعمال نيڪ ۽ بد جي نتيجن کان مٿانهان ٿي وڃن ٿا ته پوءِ اها بد اعمال انسانن لاءِ نعمت آهي پر آخرت جي زندگي يقيني آهي ۽ انساني روح موت کانپوءِ زندهه رهندو ته اهڙي حالت ۾ ڇوٽڪاري ۽ فلاح جو رستو به يقيني آهي ته هو حڪمت ۽ ڪمال حاصل ڪري، ڇو ته ٻي دنيا ۾ سواءِ پنهنجي اعمال جي، روح ٻيو ڪجهه نه کڻي ويندو.“
اپالوجيءَ ۾ سقراط هن دنيا جي مشغلن جي مقابلي ۾ آخرت لاءِ لاڀائتن اعمالن جي اهميت جو ذڪر ڪيو آهي. هو چوي ٿو: ”اي دوستو! توهان ايٿنز جا رهندڙ آهيو ۽ ايٿنز پنهنجي حڪمت ۽ علمي ڪارنامن جي ڪري مشهور آهي، ڇا توهان کي دولت گڏ ڪرڻ، شهرت حاصل ڪرڻ ۽ عزت جي خواهش تي شرم نٿو اچي؟ ڇا توهان جي دل ۾ ڪڏهن اهو خيال نٿو اچي ته حڪمت ۽ سچائيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ ۽ پنهنجي روح کي مڪمل ڪرڻ لاءِ به محنت ضروري آهي؟

[b]سقراط جو متضاد نظريو ۽ قرآن حڪيم
[/b] سقراط آخرت لاءِ ڪائنات ۾ متضاد شين کي دليل طور استعمال ڪيو آهي. سندس نظريو هي آهي ته سڀ تضاد واريون شيون گهٽ يا وڌيڪ، ڪمزور يا مضبوط، ننڍو يا وڏو، سمهڻ يا جاڳڻ، زندگي يا موت پاڻ ۾ ائين جڙيل آهن جو هڪ ٻئي پٺيان وجود ۾ اچي رهيون آهن. جهڙي نموني سمهڻ کانپوءِ جاڳڻ، اهڙي نموني موت کانپوءِ زندگي آهي. جيڪڏهن متضاد شيون ائين هڪ ٻئي جي جڳهه وٺڻ لاءِ نه اچن ته ڪائنات هڪ هنڌ بيهي رهندي ۽ آخر ۾ سڀ شيون فنا ٿي وينديون. ان سان سقراط اهو ثابت ڪرڻ چاهي ٿو ته هن دنيا جي ڀيٽ ٻي دنيا به آهي.
قرآن ڄاڻايو آهي ته ڪائنات جون سموريون شيون پاڻ ۾ جوڙا جوڙا ڪري پيدا ڪيون ويون آهن. سورت الذاريات جي آيت 49 ۾ آهي ته
وَ مِنۡ كُلِّ شَیۡءٍ خَلَقْنَا زَوْجَیۡنِ لَعَلَّكُمْ تَذَکَّرُوۡنَ ﴿۴۹﴾
”۽ اسان هر شيءِ ۾ جوڙا پيدا ڪيا آهن ته جيئن توهان يادگيري رکو.“
هر جوڙو ٻن متضاد سان ملي جڙي ٿو. قرآن شريف ڪائنات جي ڪيترن ئي جوڙن يعني زمين ۽ آسمان، ظلم ۽ نور، اس ۽ ڇانَو، رات ۽ ڏينهن، سج ۽ چنڊ، نر ۽ مادي جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان مان نڪرندڙ نتيجن ڏانهن ڌيان ڏياريو آهي پر جنهن شيءِ جي سڀ کان وڌيڪ تصديق ڪئي وئي آهي اها آخرت آهي.
سورت انشقاق ۾ ذڪر ٿيو آهي ته ڪائنات جا سڀ جوڙا پاڻ ۾ ائين جڙيل آهن جو هڪ کانپوءِ ٻيو وجود ۾ اچي ٿو، جيئن رات کان پوءِ ڏينهن ايندو آهي. چنڊ به ڪٿي بيٺو ڪونهي. اهڙي نموني انسان جي دنيوي زندگي اصل ۾ سفر آهي ٻي دنيا جي زندگي ڏانهن.

اِڪي ٻڌي
فيڊو ۾ موت کانپوءِ زندگيءَ بابت هڪ دليل متضاد شين/ لقائن ۽ انهن جي صفتن يا صورتن جي باري ۾ آهي. سقراط جو چوڻ آهي ته انهن متضاد شين جي باري ۾ ائين محسوس ٿئي ٿو ته اهي پاڻ ۾ لاڳاپيل آهن پر حقيقت ۾ گڏ نه آهن. حقيقي متضاد گڏ رهي نٿا سگهن پر اهي هڪ ٻئي کي پري هٽائيندا آهن. ان باري ۾ ٻه مثال ڏنا ويا آهن: پهريون گرمي ۽ سردي، ٻئي متضاد آهن. گرميءَ جي هڪ صورت باهه آهي ۽ سرديءَ جي برف اهڙي نموني اهي ٻئي هڪٻئي سان گڏ نٿيون رهي سگهن.
ٻيو مثال اڪي ۽ ٻڌيءَ جو آهي. اڪيءَ جون صورتون ٽي، پنج، ست، نَوَ آهن. جڏهن ته ٻڌيءَ جون ٻه، چار، 6 ، اٺ آهن. ٻنهي مثالن مان سٺي نموني واضح ٿئي ٿو ته متضاد ۽ ان جون صورتون به پاڻ ۾ گڏ نٿيون ٿي سگهن. انهي وضاحت کانپوءِ ان قاعدي تحت سقراط اهو ثابت ڪيو آهي ته موت روح جي ويجهو نٿو اچي سگهي، انڪري روح غير فاني آهي.
قرآن ۾ سورت فجر ۾ به اڪي ٻڌيءَ جو ذڪر آيو آهي، مقصد هتي به موت کانپوءِ زندگيءَ کي ثابت ڪرڻ آهي.
وَ الْفَجْرِ ۙ﴿۱﴾ وَ لَیَالٍ عَشْرٍ ۙ﴿۲﴾ وَ الشَّفْعِ وَ الْوَتْرِ ۙ﴿۳﴾ وَ الَّیۡلِ اِذَا یَسْرِ ۚ﴿۴﴾ ہَلْ فِی ذٰلِکَ قَسَمٌ لِّذِیۡ حِجْرٍ ؕ﴿۵﴾ (الفجر-5 ).
(ترجمو): ”شاهد آهي فجر ۽ ڏهه راتيون، اڪي ۽ ٻڌي ۽ رات جڏهن اها هلي پوي. ان ۾ ته هڪ عاقل جي لاءِ عظيم شهادت آهي.“
ان سورت جي شروع ۾فجر ۽ آخر ۾ ان جي ضد رات ذڪر آهي. وچ ۾ اڪي ٻڌي جي تضاد جو ذڪر آهي. مطلب اهو ته جهڙي نموني صبح کانپوءِ رات آهي، اهڙي نموني دنيا کانپوءِ آخرت آهي. واليل اذايسر جو مطلب آهي ته جڏهن رات هلي پوندي آهي ته اها حقيقت ۾ پنهنجي متضاد ڏينهن ڏانهن ويندي آهي. جيئن جيئن رات گهري ٿيندي ويندي آهي تيئن ڏينهن ويجهو ايندو ويندو آهي. اهڙي نموني دنيا جو سفر جيترو ڊگهو ٿيندو وڃي ٿو. آخرت اوترو ويجهو ايندي وڃي ٿي. ڪائنات ۾ موجود جوڙن جي ان ترتيب ۾ هر هڪ عاقل جي لاءِ موت کانپوءِ زندگيءَ جي هڪ عظيم گواهي موجود آهي.
ياد رهي ته سورت الفجر جي انهن آيتن جي مفهوم جي باري ۾ اڪثر عالم سڳورا مونجهاري جو شڪار آهن. ايستائين جو صرف اڪي ۽ ٻڌيءَ جي تاويل بابت 6 2 اقوال منقول آهن. ڪيترن ته اِن کي متشابه آيت چيو آهي ۽ اهو سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي ته اڪي ۽ ٻڌي آخرت جو دليل ڪيئن ٿا بڻجن!

[b]جنت ۽ دوزخ
[/b] سقراط فيڊو ۾ جنت ۽ دوزخ جو ذڪر ڪيو آهي. جنت ۽ دوزخ جو سرشتو احوال هڪ اڻ ڏٺي دنيا سان تعلق رکي ٿو ۽ اسان جي ادراڪ جي حد کان ٻاهر آهي. سقراط به ان کي سلجهائڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ تصور جي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو آهي. ان جي حقيقي نوعيت آخرت ۾ ئي کلندي. سقراط آخرت جا دليل، جزا ۽ سزا جو بيان، جنت ۽ دوزخ جو تفصيل ٻڌائڻ کانپوءِ ان سڄي ڳالهه جو اختتام هِن جملي تي ڪيو آهي ته ”انهن سببن جي ڪري جيڪي مون بيان ڪيا آهن، اسان کي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته زندگيءَ ۾ نيڪي ۽ ڏاهپ جو رستو اختيار ڪريون ڇو ته انعام تمام وڏو آهي، ان کي حاصل ڪرڻ جي توقع به تمام گهڻي آهي.“ اهو ڪم آءٌ هر ان ماڻهوءَ کي چوندس جيڪو مونکي ملندو، ڇو ته مونکي خدا جي طرفان اهو ڪم ڪرڻ لاءِ حڪم مليو آهي ۽ آءٌ پنهنجي سڄي زندگي ان ڪم لاءِ صرف ڪريان ٿو ته هر جڳهه ۽ هر ماڻهوءَ کي ذهن نشين ڪرايان ته پهريون ڪم اهو آهي ته پنهنجي روح جي اصلاح ۽ تڪميل تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ جيستائين اهو ڪم پورو نه ٿئي تيستائين هن دنيا جي ڪمن يعني جسماني ضرورت ۽ دولت حاصل ڪرڻ ڏانهن ڌيان نه ڏجي ۽ اهو ته نيڪي دولت سان پيدا نه ٿيندي آهي پر دولت ۽ هر اها شيءِ جنهن جي خواهش ماڻهن جي دلين ۾ پيدا ٿئي ٿي، سڀ نيڪيءَ جو ثمر آهي.

[b]موت جي شروعات
[/b] سقراط پنهنجي دعوت چاليهن پنجيتاليهن ورهين جي عمر ۾ شروع ڪئي، اهو اندازو ارسٽوفينز جي تحريرن مان لڳايو ويو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڇائيتاليهن ورهين جي عمر تائين هو پنهنجي خاص نظرين جي اشاعت ڪرڻ ۾ نه صرف مصروف ٿي چڪو هو پر هن جي شاگردن ۽ پوئلڳن جو هڪ حلقو به وجود ۾ اچي چڪو هو. هُن جي دعوت عوام توڙي خواص ٻنهي لاءِ هئي. موجوده دور جي فلسفيءَ جي ابتڙ هو هڪ داعي ۽ عوامي مبلغ هو. پنهنجي جسماني آرام ۽ آسائش جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ هو پيرين اگهاڙي ۽ بکئي پيٽ تبليغ ۾مصروف رهندو هيو. ان جوش جو اصل سبب اهو هو ته هن ڪم کي هو خدا جي طرفان سونپيل فرض ۽ خدا جي خدمت سمجهندو هو. ان ڳالهه جو هن ڪيترا ئي دفعا اظهار ڪيو ته هن ڪم جو حڪم کيس خدا ڏنو آهي ايستائين جو جڏهن عدالت ۾ موت جي سزا جو مقدمو هليو، اتي به هن کليل لفظن ۾ چيو ته آءٌ اهو پيغام پکيڙڻ کان ڪڏهن به نه مڙندس، پوءِ مونکي ان لاءِ ڪيترا ئي ڀيرا مرڻو ڇونه پوي.

[b]پيغمبرانه اخلاقيات ۽ نفس جي سڌاري جي تلقين
[/b] سقراط جي دعوت جي شروعات ته ديوتائن تي تنقيد سان ٿي پر ان جو مرڪزي نُڪتو اهو هو ته ماڻهو پنهنجي نفس جي اصلاح ڪن. نفس جي سڌاري جي دعوت ڏيندي هن چيو ته:
” مان توهان مان هر ان ماڻهوءَ کي چوندس جنهن سان منهنجي ڪڏهن به ملاقات ٿي آهي ته منهنجا پيارا، ايٿنز جا رهواسيو، توهان اُن عظيم شهر جا شهري آهيو جيڪو پنهنجي طاقت ۽ ڏاهپ ۾ مشهور آهي. توهان هر ممڪن ڪوشش ڪيو ٿا ته دولت، شهرت ۽ رتبي ۾ مٿان هان ٿي وڃو. توهان ڪڏهن اهو به سوچيو آهي ته سچائي، ڏاهپ ۽ پنهنجي نفس لاءِ پڻ ڪوشش ۽ محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهو به مٿانهون ٿي وڃي ... مان توهان کي احساس ڏياريندس ته توهان گهڻين ئي قيمتي شين جي لاءِ ٿوري محنت ڪئي آهي ۽ صفا معمولي شين جي لاءِ وڏي محنت ۾ مصروف آهيو. اها ئي تبليغ مان هر ان ماڻهوءَ کي ڪندس، جنهن سان ملندس، پوءِ اهو ڪراڙو هجي يا جوان، ملڪي هجي يا غير ملڪي، خاص ڪري توهان کي ڇو ته مان پنهنجي قوم ۽ برادري مان آهيان. يقين ڪريو ان ڪم جو حڪم مونکي خدا ڏنو آهي ۽ منهنجو ايمان آهي ته هن شهر جي لاءِ منهنجي ان خدائي خدمت کان وڌ ڪابه نيڪي نٿي ٿي سگهي. منهنجو ڪم اهو ئي آهي ته توهان کي مائل ڪريان. پوءِ اهي جوان هجن يا ڪراڙا ته پنهنجي جسم ۽مال کي پهرين ترجيح نه ٺهرائين پر روح ۽ نفس جي پاڪيزگيءَ کي اوليت ڏين.“
زيتو خان لکيو آهي ته سقراط جا بحث اڪثر ان ڳالهه تي ٿيندا هئا ته نيڪي ڇا آهي؟ بَدي ڇا آهي؟ برائي ڇا آهي ۽ ذلت ڇا آهي؟ انصاف ڇا آهي ۽ ظلم ڇا آهي؟ نفس تي ضابطو ڇاکي چئبو آهي ۽ نفس جي تزڪئي کان خالي ڪير آهي؟ سياسي قوت ڇاکي چئبو آهي؟ ۽ سياستدان ڪنهن کي چئبو آهي؟
اهڙن بحثن جي تهه ۾ خالص فلسفيانه يا منطقي مقصد لڪل نه هوندا ها پر اخلاقي اصلاح جو جذبو سمايل هوندو هو. سندن خيال ۾ نيڪيءَ کي معلوم ڪرڻ انڪري ضروري هو ته جيئن نيڪيءَ تي عمل ڪري سگهجي. سقراط چيو ته نهايت ضروري آهي ته اسان نيڪي ۽ بَدي، سٺي ۽ خراب جي تميز ڪرڻ سکون ته جيئن هڪ کي اختيار ڪيون ۽ ٻئي کي ترڪ ڪيون. ان ڳالهه کي ”پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ“ به چيو ويندو آهي، انڪري پنهنجي نفس جي ماهيت کان آگاهي ضروري آهي. نفس جي تزڪئي جي راهه جي پهرين وک اها ئي آهي ته پنهنجو پاڻ کي سڃاڻو.
ان بيان مان واضح ٿئي ٿو ته ”دنيا جا ماڻهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به پنهنجي حقيقي فلاح ۽ بهبود، پنهنجي روحاني زندگيءَ جي تقاضائن، پنهنجن اخلاقي فرضن کان بلڪل بي پرواهه، اڻڄاڻ ۽ انهن جي اهميت کان بي خبر آهن.“ سقراط جي برتري اها آهي ته هو ٻنهي حقيقن کان باخبر آهي ۽ هن جي زندگيءَ جو مقصد اهو ئي آهي ته ماڻهن کي بلند اخلاقي زندگي گذارڻ جي تلقين ڪري. هن دعويٰ ڪئي آهي ته کيس اهو فرض خدا جي طرفان سونپيو ويو آهي ۽ هن هميشه ان جي ادائگيءَ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي. اپالوجي جي مطالعي مان اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته سقراط هڪ فلسفيءَ کان وڌي هادي ۽ مصلح آهي. سقراط چيو هو ته ”جيڪڏهن توهان مونکي هِن دعوت ۽ تبليغ جي ڏوهه ۾ ماري ڇڏيندا ته توهان کي مون جهڙو انسان سولائيءَ سان نه ملي سگهندو. منهنجي خدا مونکي هن شهر (ايٿنز) جي سڌاري لاءِ موڪليو آهي. توهان هيئن سمجهو ته هي شهر هڪ بهترين نسل جو گهوڙو آهي جيڪو بدقسمتيءَ سان سستي ۽ ڪاهليءَ جو شڪار ٿي ويو آهي. منهنجو ڪم ان ڏنگُ وانگر آهي جيڪا کيس سڀني پاسن کان چڪ هڻي ٿو ۽ ستائي ٿو ۽ اهڙي ريت ان کي حرڪت ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو. مان ئي اهو ڏنگ آهيان جنهن کي خدا توهان ڏانهن موڪليو آهي.
”اهو ياد رکو ته خدا ئي مونکي توهان جي شهر ۾ موڪليو آهي. جيڪڏهن توهان اهو سمجهيو ته اهو فرض مون پاڻ پنهنجي ذمي کنيو آهي ته توهان سٺي نموني ڄاڻو ٿا ته ڪوبه انسان پنهنجي ذاتي رجحان لاءِ ڪا اهڙي وک نٿو کڻي سگهي جنهن سان هن جي مفادن کي نقصان پهچي. مثال طور مون جڏهن کان ان فرض جي ادائگيءَ جو ڪم شروع ڪيو آهي ان وقت کان وٺي اڄ تائين منهنجا سڀ معاملا بگڙي چڪا آهن. مان پنهنجي سڀني ذاتي ڪمن کان بي نياز ٿي پنهنجو سڄو وقت توهان ماڻهن کي سنئين راهه تي آڻڻ ۾ صرف ڪيو آهي. مون اهو فرض هڪ وڏي ڀاءُ يا پيءُ جي حيثيت سان سرانجام ڏنو آهي. ڇا مونکي ان ڪم مان ڪو فائدو ٿيو آهي يا مون ان تبليغ جو ڪوبه معاوضو توهان کان گهريو آهي!؟“

[b]الهام جي دعويٰ
[/b] ”توهان اهو چئو ٿا ته آءٌ شهر جي سياسي معاملن ۾ دخل نٿو ڏيان. ان جو سبب اهو آهي ته مونکي خدا جي طرفان هڪ نشاني ننڍپڻ کان حاصل آهي، اهو هڪ غيبي آواز آهي جيڪو مونکي خاص وک کڻڻ کان روڪي ٿو. توڙي جو اهو خاص وک کڻڻ ڏانهن رهنمائي نٿو ڪري ۽ مونکي سياسي معاملن ۾ دخل ڏيڻ کان روڪي ٿو. جيڪڏهن مان ناانصافي ۽ ظلم جي خلاف آواز اٿاريان ته گهڻو اڳ مري چڪو هجان ها. انڪري ان ماڻهوءَ جي لاءِ جيڪو انصاف ۽ عدل جو معاشرو قائم ڪرڻ چاهي، اهو ناممڪن آهي ته مون وانگر سياسي زندگيءَ کان پري رهي.
مونکي موت کان به خوف نه آهي پر خدا جي قانونن جي خلاف ورزي ڪرڻ کان خوف آهي. خدا ماڻهن کي خواب ۽ ٻين ذريعن سان پنهنجي رضا جي خبرچار ڏيندو رهندو آهي.“

[b]سقراط جي ذهني ارتقا
[/b] علم جي دنيا ۾ ٿيلس کان وٺي انڪسا غورث تائين وڏا وڏا فلاسافر موجود آهن، سوفسطائي به آهن، سياسي اڳواڻ به، جنرل به، مذهبي پيشوا پڻ. انهن سڀني جي وچ ۾ سقراط پنهنجي مشن جي شروعات ڪئي. هن پنهنجي دور جي سموري فڪر ۽ نظرين کان منهن موڙيو. صحيح ڳالهه جي کوجنا ڪئي ۽ غلط ڳالهه کي ڇڏي ڏنو. هن جي فڪر ۽ نظرين ۾ گهرائيءَ سان گڏ تازگي به آهي جنهن ڪري صديون گذرڻ کان پوءِ به اهي ڳالهيون دل ۽ دماغ کي موهي ٿيو ڇڏين. فڪر کان وڌيڪ ان جو عمل آهي جيڪو حق جي راهه تي هلڻ وارن جي لاءِ رهندي دنيا تائين وڏي حوصلي جو سبب بڻيو رهندو.
اهڙي ماحول ۾ سقراط پنهنجي فڪري زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ حالتن جي مطابق سندس پهرين توجه ٻاهرين ڪائنات جي مسئلن ڏانهن رهي. افلاطون پنهنجي ڪتاب ۾ سقراط جو ذهني سفر پنهنجي لفظن ۾ هيئن بيان ڪري ٿو:
”جڏهن مان جوان هوس، مون کي ان حڪمت حاصل ڪرڻ جو تمام گهڻو ولولو هو جنهن کي طبعي علم چون ٿا. منهنجي خيال ۾ هر شيءِ جي علت معلوم ڪرڻ هڪ معتبر ترين مشغلو هئو. ڪا شيءِ ڇو ۽ ڪيئن وجود ۾ اچي ٿي؟ اها ڇو فنا ٿئي ٿي؟ ڇو قائم رهي ٿي؟ منهنجي ذهن ۾ هر وقت اهي خيال پيدا ٿيندا هئا. ڇا جاندار شين جي هيئت سردي ۽ گرميءَ جي هڪ متناسب آميزش سان وجود ۾ اچي ٿي؟ ڇا اسان جي عقلي قوت خون، هوا يا باهه جي ڪري آهي يا ڇا انهن مان ڪابه شيءِ ان قوت جي حقيقي علت نه آهي بلڪه اسان جو ذهن آهي جنهن سان ڳالهائڻ، ٻڌڻ، سنگهڻ ۽ ڏسڻ جي حس پيدا ٿئي ٿي. ان کان علاوه مان مختلف شين جي فنا ٿيڻ ۽ آسمان ۽ زمين جي تبديلين تي غور ڪندو هوس. ايستائين جو هِن نتيجي تي پهتس ته آءٌ اهڙن مسئلن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ ۽ انهن جي تهه تائين پهچڻ جي اهليت ئي نٿو رکان. انهن علمن جي مطالعي مونکي ايترو انڌو ڪري ڇڏيو جو مون هر ان علم کي وساري ڇڏيو جيڪو مونکي شين جي باري ۾ اڳ ۾ معلوم هو. نه صرف اهو ته مون وساري ڇڏيو پر مونکي گهڻو ڪجهه وسارڻو پيو. مثال طور ماڻهوءَ جو گوشت ۽ هڏا وڌن ويجهن ٿا. اهڙي نموني جڏهن ڊگهي ۽ ننڍي قد وارن ماڻهن کي ڏسندو هوس ته مونکي يقين هو ته هڪٻئي کان هڪ انچ يا چار انچ ننڍا وڏا آهن پر هاڻي اها حالت هئي جو انهن مان ڪنهن شيءِ جي صحيح علت جو مونکي يقين نه رهيو هو. هڪ ۾هڪ جمع ڪبو ته ٻه ٿيندا يا نه!؟ هاڻي مان نٿو سمجهي سگهان!
مان ذهني ڪشمڪش ۽ الجهن ۾مبتلا رهيس. هڪ ڏينهن مون هڪ ماڻهوءَ جي واتان ٻڌو ته هن انڪسا غورث جو ڪتاب پڙهيو آهي جنهن ۾ ذڪر هو ته ڪائنات جي هر شيءِ جي علت، ترتيب ۽ انتظام پيدا ڪرڻ وارو نفس آهي. اهو ٻڌي مونکي ڪجهه سڪون مليو ۽ مونکي محسوس ٿيو ته نفس جو آخري سبب هجڻ صحيح آهي ڇو ته جيڪڏهن ڪائنات جو سڄو نظام نفس جي هٿن ۾ آهي ته پڪ سان اهو نظام بهترين هوندو. جيڪڏهن اسين ڪنهن شيءِ جي پيدائش يا فنا جي علت معلوم ڪرڻ چاهيون ٿا ته اسان کي ڏسڻو پوندو ته ان شيءِ جي وجود، عمل ۽ معمول جو بهترين طريقو ڪهڙو آهي. ماڻهوءَ کي گهرجي ته هو سوچي ته هِن لاءِ ڪهڙو طريقو بهترين آهي ۽ ان سان هو ڄاڻي وٺندو ته خراب شيون ڪهڙيون آهن. آءٌ انهن ڳالهين تي سوچي خوش ٿيس ۽ مونکي محسوس ٿيو ته انڪساغورث جو شين جي سببن جي تشريح وارو اهو اصول منهنجي ذوق ۽ مزاج مطابق آهي. مونکي توقع پيدا ٿي ته هو ٻڌائي سگهي ته زمين گول آهي يا هموار، پوءِ علت ۽ ضرورت جي تشريح ٿيندي ۽ ان کانپوءِ ٻڌايو ويندو ته ڪهڙي شيءِ بهترين آهي ۽ اهو ته زمين جي ڪهڙي به شڪل آهي اها بهترين هوندي. اهڙي نموني منهنجي ذهن ۾ سج، چنڊ، ستارن ۽ انهن جي گردش ۽ مختلف رفتارن جي باري ۾ ڪيترائي سوال پيدا ٿيا ۽ مونکي توقع هئي ته انڪساغورث وٽ انهن سڀني شين ۽ سندن سرگرمين جي سببن جي تشريح هوندي. منهنجو خيال هو ته هو هر شيءِ بابت اها ڇنڊڇاڻ ڪندو ته هر هڪ جي لاءِ ڪهڙو بهترين مقصد آهي ۽ اها ڪهڙي اعليٰ مقصد جي لاءِ وجود ۾ آئي آهي. ان قسم جي مختلف تصورن ۽ توقعات کي ذهن ۾ رکندي مون هن جي ڪتابن جو مطالعو وڏي ذوق شوق سان شروع ڪيو ته جيئن پتو پوي ته بهترين ۽ بدترين ڪهڙو ڪهڙو آهي پر اي منهنجا دوست، منهنجون سڀ اميدون مٽيءَ ۾ ملي ويون. جڏهن مون ڏٺو ته مصنف نفس جو ذڪر ته ضرور ڪيو پر سوالن ۽ مسئلن جي حل ۾ هن ان اصول کي استعمال نه ڪيو ۽ ڪائنات جي نظام جي تشريح ۾ ڪنهن علت جو ذڪر نه ڪيو. هن جن علتن جو ذڪر ڪيو ڇا اهي ئي هيون جيڪي انهن فلسفين استعمال ڪيون هيون جيڪي ان کان اڳ موجود هئا(جن کي مادي چيو ويندو آهي) مثال: هوا، مادو، پاڻي وغيره.“
ان مايوسيءَ کانپوءِ سقراط فيصلو ڪيو ته حالتن جي نزاڪت کي نظر ۾ رکندي طبعيات جي علم تي ڌيان ڏيڻ مناسب نه هوندو ڇو ته ماڻهن ۾ ذهني طور تي هڪ اهڙي ڇڙواڳي پيدا ٿي چڪي آهي جو ڪنهن اخلاقي اصول تي اتفاق ممڪن نه آهي. ماڻهن جي دلين ۾ نيڪي ۽ بَدي ۽ مذهبي قدرن جي اهميت ختم ٿي چڪي آهي. پراڻا عقيدا ۽ قديم روايتون پنهنجي افاديت وڃائي چڪا آهن. سقراط جو خيال هو ته طبعياتي مسئلن کان پنهنجو ڌيان هٽائي خالص نفسياتي ۽ اخلاقي مسئلن ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن ان عبوري دور ۾ ماڻهن جا ذهن صاف ٿي سگهن. سقراط پنهنجي زماني جي تقاضن کان مجبور ٿي ٻنهي قسمن جي تحريڪن ۾ شامل هو. هو خالص طبعي ۽ مابعدالطبعي مسئلن تي به اهڙي نموني غور ڪري رهيو جهڙي نموني اخلاقي ۽ مذهبي مسئلن تي سوچي رهيو هو ۽ سندس شهرت هڪ فلسفي جي حيثيت سان پري پري تائين پهچي چڪي هئي.
سقراط هڪ اهڙي صوفياڻي جماعت جو مهندار به هو جنهن ۾ علم ۽ حڪمت کان علاوه عملي زاهدانه زندگي گذاري ويندي هئي. زيتو خان چواڻي: ايٿنز ۾ هڪ سوفسطائي اينٽي خون سقراط جي خلاف عملي جهاد شروع ڪري ڏنو هو ۽ سقراط جي ان حلقي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هو. ان حلقي جي زندگيءَ جو نقشو زيتو خان سقراط جي لفظن ۾ هيئن چٽيو آهي ته:
” مان ۽ منهنجا ساٿي قديم عالمن ۽ دانشورن جي ڪتابن جو مطالعو ڪندا هئاسين، جيڪي اسان وٽ محفوظ آهن. حڪمت جي انهن خزانن ۾ اسان ناياب گوهر چونڊيندا ۽ انهن تي غور ۽ فڪر ڪندا هاسين.“
پر سوال اهو آهي ته اهي ڪتاب ڪهڙا ها، شايد اهي مصري يا فيثا غورث جا ڪتاب هجن، پر ڇا اهو ممڪن نه آهي ته اهي ڪتاب بني اسرائيل جي نبين جا هجن ڇو ته مغربي مصنفن جي اها ڪوشش آهي ته سقراط پنهنجي حڪمت ۽ ڏاهپ کي سڌو سنئون ماڻهن آڏو پيش ڪيو، هو پنهنجي ڪنهن پيشوا کان متاثر نه هو. افلاطون مطابق سقراط صرف هڪ فلسفي نه هو پر هو الهام سان به نوازيو ويو هو. هن جي دلي واردات صرف هڪ خشڪ فلاسافر واري نه هئي پر ان ۾ ڪشف، وجدان ۽ الهام جي آميزش هئي. ان سلسلي ۾ سڀ کان اهم گواهي سقراط جو توحيد وارو نظريو آهي.

[b]سقراط جو توحيد وارو نظريو
[/b] هن وٽ ”خدا“ جمع جي حالت ۾ ملي ٿو پر جتي به هن ”ديوتائن“ جو لفظ استعمال ڪيو آهي، ان جو مطلب عوام جي مشرڪانه عقيدن جي تشريح ۽ سندن نظرين جي ترجماني آهي پر جتي سقراط صرف پنهنجي ذاتي رجحانن جو ذڪر ڪيو آهي اتي هو لفظ خدا کي واحد ۾ استعمال ڪري ٿو. ڊاڪٽر زيلر پنهنجي ڪتاب ”سقراط ۽ سندس مڪتبه فڪر“ ۾ لکي ٿو ته سقراط کان پهرين يونانين وٽ توحيد جا ڌنڌلا تصور موجود ها پر سقراط ئي اهو پهريون ماڻهو هو جنهن ڪثرت پرستي ۽ شرڪ جي خلاف واحد خدا ۽ توحيد جو خالص تصور پيش ڪيو.
سقراط پنهنجي زماني جي سڀني فلسفيانه فڪرن مان لاڀ حاصل ڪيو ۽ اها هڪ حقيقت آهي ته هو پنهنجي زماني جي فلسفين وانگر مذهب کان پري نه هو. هو هڪ مذهبي ماڻهو هو جيڪو پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ عبادت ڪندو هو. سقراط پنهنجو پاڻ کي مادي فلسفين ۽ سوفسطائين کان الڳ رکيو، ايستائين جو انڪساغورث کان به الڳ ٿي ويو.
يونان ۾ ٻن خدائن جو ذڪر اچي ٿو: هڪ زيوس (Zeves) جيڪو خدا جي برابر هو، ٻيو اپالو (Apallo) هيو.
زيوس جي ذڪر تي هيئن روشني پوي ٿي ته يونان ۾ تهذيب ۽ مذهب جي شروعات ان وقت ٿي جڏهن هند يورپي قبيلن (آريه نسل) جو يونان ۾ اچڻ ٿيو. هند يورپي قبيلن هڪ برتر خدا جو تصور به گڏ آندو، جنهن کي انهن پنهنجي آسپاس سڀني قبيلن ۾ ڦهلايو، ان جو نالو زيوس هو. زيوس اصل ۾ هند يورپي نالو آهي ۽ قديم يوناني نسل جن کي بعد ۾ ايڪينز (Achaean) سڏيو ۽ جن جا وڏڙا هند يورپي قبيلا هئا، هتان جو سڀ کان وڏو خدا هو. هومر جن بادشاهن جي درٻار ۾ نظم ڳايا، اهي ايڪينز جا بادشاه هئا، انڪري انهن نظمن ۾ زيوس (خداءِ برتر) جو ذڪر ڪثرت سان اچي ٿو.
يونانين جي ٻئي نسل ۾ آئيونين وٽ اپالو خداءِ برتر جي حيثيت سان مڃيو ويندو آهي. اپالو جي، قديم زمانن کان يونان ۾ خدا برتر جي حيثيت سان پرستش ڪئي ويندي هئي. لفظ اپالو جي لفظي معنيٰ مان ظاهر آهي ته اهو حقيقت ۾ الله جو يوناني نالو هو. عبراني ٻوليءَ ۾ ان لاءِ ايل ۽ الوهيم جا لفظ آهن. دنيا جي مختلف ٻولين ۾ اهو ئي نالو مختلف تبديلين سان خدا جي لاءِ استعمال ٿيندو هو) عبراني ٻوليءَ ۾ ايل ۽ الوهيم جا لفظ الله تان ورتل آهن. اهڙي نموني قديم حيتي (Hittite) تهذيب ۾ خدا جي لاءِ لفظ اپالو جي نوعيت قديم زمانن کان هڪ خداءِ برتر واري رهي آهي.
آئيونين وٽ اهو شروع کان ئي خداءِ برتر جي حيثيت رکندو هو. انسائيڪلوپيڊيا ۾ اپالو کي سج ديوتا لکڻ سطحيت آهي. يونان جي پوري مذهبي تاريخ ۾ اپالو تهذيب جي دور کي ڇڏي، سقراط ۽ ارسطو جي دور تائين ڪڏهن به سج، ديوتا جي حيثيت سان پوڄيو نه ويو. يونان جي سڀني خدائن ۾ پيغمبرن جا سلسلا اپالو سان وابسته رهيا. يونان جون مشهور پيغمبرانه ڪردار فيثاغورث، آرفيس ۽ سقراط به اپالو سان وابسته رهيا آهن.
يونان ۾ اپالو جا ڪيترائي معبد هئا، جن ۾ سڀ کان مشهور ڊيلفي (Delfi) جو معبد هو، ان جي دروازي تي لکيل هو: ”پنهنجو پاڻ سڃاڻو“ (Know Them Selves) ۽ ”اجايو نه“ (Nothing in Excess) اهي لفظ اصل ۾ معاشي مسئلي سان تعلق رکن ٿا. اهو معبد سڄي يونان ۾ جادو ۽ پيشن گوئين جو مرڪز هو انڪري مقدس هو.
ڊيلفيءَ جو اهو جادوئي نظام سقراط کان صديون اڳ سڄي يونان ۾ رائج هو. بظاهر اهو معلوم ٿئي ٿو پر خدا جا طريقا مختلف قومن جي لاءِ مختلف آهن. اهو فرق اصول ۾ نه بلڪ جزئيات ۾ هوندو آهي. قومن جي تمدني ۽ ٻين خاصيتن جي ڪري ظاهري رسمن ۾ ڪجهه تبديليون اچي وينديون آهن. ڊيلفيءَ جي جادوءَ جي خاصيت اها آهي ته اهو ذهن جي درين کي بند نٿو ڪري پر جواب جو مفهوم ڳولڻ جي لاءِ ذهن کي اتساهيندو ۽ غور ۽ فڪر تي آماده ڪندو آهي.

[b]حضرت ابراهيم ۽ سقراط جي حالتن جي ڀيٽ
[/b] حضرت ابراهيم عليه السلام جو والد بت تراش هو. سقراط جو والد به بت تراش هو. ٻئي اهڙي معاشري ۾ پيدا ٿيا جتي بت پرستيءَ جو شديد غلبو هو. ٻنهي جڳهن تي سج، چنڊ ۽ ستارن جي پرستش تي زور رهيو. ٻنهي جي امتيازي وصف اها هئي ته اهي ٻئي ڪائنات جي آثارن جو مطالعو ڪندا پوءِ ان مطالعي سان معاشري جي اخلاقي قدرن جي اصلاح لاءِ نتيجا ڪڍندا هئا. سقراط فلسفين جي ابتڙ ڪائنات جي مشاهدي ذريعي اخلاقي اصول اخذ ڪيا.
ٻنهي، ماڻهن کي سمجهائڻ لاءِ دليل، منطق ۽ استدلال جو سهارو ورتو ۽ ان ۾ کين اهڙي خداداد صلاحيت عطا ٿيل هئي جو ساڻن بحث ڪندي مخالفن تي سڪتو طاري ٿي ويندو هو. سقراط بابت ٻڌايوسين ته هو بحث جي حوالي سان ايڏو مشهور هو جو ماڻهو چوندا هئا ته هن مخالف تي جادو ڪريو ڇڏي. حضرت ابراهيم جي باري ۾ قرآن چوي ٿو ته جڏهن نمرود سان بحث ٿيو ته هو ان جي جوابن سان لاجواب ٿي ويو.
اها ڳالهه به ٻنهي ۾ يڪسان آهي ته هنن پنهنجي قوم کي سج، چنڊ ۽ ستارن جي پرستش کان روڪڻ لاءِ اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي فطرتي مظهر ته پاڻ غلام آهن، اهي معبود ڪيئن ٿي سگهن ٿا؟ حضرت ابراهيم اهو استدلال ڪيو ته ٻڏي يا اُلهي وڃڻ وارو منهنجو دوست نٿو ٿي سگهي. قرآن اِن کي حجت ابراهيمي چيو آهي. سقراط به پنهنجي عدالتي تقرير ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته فطرتي مظهر خدا جا جوڙيل آهن ۽ جيڪو انهن تي ايمان رکي ٿو، اهو خدا تي به ايمان رکي ٿو. هن چيو ته” تون ان ماڻهوءَ کي جيڪو ٿورڙو به شعور رکندو هجي، اهو باور نٿو ڪرائي سگهي نه ته ڪو شخص خدا سان لاڳاپيل شين تي ته ايمان رکي پر خدائي هستين ۽ خدائن کي نه مڃي، اهو قطعي طور ناممڪن آهي. اها طاقت جنهن جو انهن شين تي اهڙو ته مڪمل ڪنٽرول آهي جو اهي پنهنجي بهترين حالت ۾ قائم آهن، ڪوبه ان تي غور نٿو ڪري. اهي ماڻهو اهو نٿا سوچين ته ان مقصد جي لاءِ انساني قوت کان مٿان هين هڪ برتر طاقت جي ضرورت آهي.“
قرآن حڪيم به چيو آهي ته سڀ سيارا پنهنجي پنهنجي مدار ۾ گهمي رهيا آهن، ڪو به هڪٻئي سان نٿو ٽڪرائي، اها سڀ خدا جي قدرت آهي. قرآن هر هر چيو آهي ته فطري مظهرن جو مطالعو سليم ذهن واري ماڻهوءَ کي خدا تي ايمان آڻڻ ڏانهن وٺي وڃي ٿو.

[b]ناڪاري رويو
[/b] خدا جي نيڪ بندن جي هڪ نشاني اها به آهي ته اهي تشدد يا لالچ سان پنهنجي دعوت ڇڏي نه ڏيندا آهن، اهڙي نموني سقراط کي پڻ پنهنجي دعوت دوران مزاحمت، مخالفت ۽ شديد دشمني کي منهن ڏيڻو پيو، ايستائين جو هن کي موت جي سزا لاءِ ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهاريو ويو پر ان سڄي عرصي ۾هن پنهنجي نظرين تي ٿورو به مصلحت کان ڪم نه ورتو. جيڪڏهن هو چاهي ها ته مقدمي دوران خوشامد وارو لهجو اختيار ڪري موت جي سزا کان بچي سگهي پيو، جيئن عام طور ڏوهاري ڪندا آهن. جيل مان ڀڄڻ جا سڀ انتظام مڪمل هئا. هو جان بچائي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃي سگهي پيو. ڀڄڻ جي لاءِ هن تي زور به ڏنو ويو پر هن ائين نه ڪيو. هن چيو:
” ايٿنز واسيو! ڇا ائين ڪرڻ منهنجي لاءِ عجيب نه آهي ته آءٌ ڪيترن ئي جنگي محاذن تي اٽل بيٺو رهيس جتي مونکي منهنجي ڪپتانن بيهاريو هو، مان اتي ٻين سان گڏ موت کي منهن ڏيندو رهيس پر جنهن محاذ تي مونکي خدا بيهاريو جيئن منهنجو يقين ۽ عقيدو آهي ۽ مونکي اها ذميواري سونپي وئي ته پنهنجي زندگي حقيقت جي ڳولا ۾ صرف ڪريان، پنهنجو پاڻ کي به جاچيان ۽ ٻين جو به امتحان وٺان. اهڙي حالت ۾ خطرن ۽ موت کي سامهون ڏسي مان پوئتي هٽان! يقين ڄاڻو ائين ڪرڻ عجيب ٿيندو. جيستائين سسئيءَ ۾ ساهه آهي، جسم ۾ طاقت آهي، مان ڪڏهن به ان دعوت کان نه مڙندس. سٺي نموني ڄاڻي وٺو، جيڪو ڪم مان ڪري رهيو آهيان ڪڏهن به ان جي خلاف نه ڪندس، پوءِ ان لاءِ ڪيترا ئي دفعا مرڻو ڇو نه پوي.“
ياد رهي ته سقراط کان پهريان انڪسا غورث کي سزا ڏني وئي هئي. هن پيري ڪليز جي مدد سان وڏي مشڪل سان جيل مان جان ڇڏائي. سقراط کانپوءِ ارسطوءَ تي اهو الزام لڳو ته هو خوف کان شهر ڇڏي ڀڄي ويو. ان ڪري هڪ محقق چيو هو ته فلسفين جي تاريخ ۾ ان کان وڏو ماڻهو ڪڏهن پيدا نه ٿيو.
339 ق - م ۾ ٽن ڄڻن ميلي ٽاس (Meletus)، ايني ٽاس (Anytus) ۽ لائي ڪان (Lycon) سقراط تي الزام هنيو هو ته هو معروف خدائن جو منڪر آهي ۽ نوجوانن کي گمراهه ڪري رهيو آهي، ان ڪري هن کي موت جي سزا ڏني وڃي. ان الزام هيٺ سقراط کي عدالت ۾ گهرايو ويو. عدالت 1 0 5 ججن تي ٻڌل هئي، جيوري ميمبرن آڏو سقراط پنهنجي دفاع ۾ تقرير ڪئي. ”معذرت“ ان جي تقرير جو عنوان آهي، جنهن کي افلاطون نقل ڪيو آهي. ڪتاب جو اصل يوناني نالو” سقراط جو جواب“ آهي پر انگريزيءَ ۾ اپالوجي (Apology) جي نالي سان مشهور آهي. ان جو ترجمو ”معذرت“ ڪيو ويو آهي. اهو دنيا جي ڪجهه لافاني ڪتابن مان هڪ آهي جنهن انساني نسل تي گهرا اثر ڇڏيا آهن. پنهنجي موضوع جي لحاظ کان اهو سقراط جي شخصيت ۽ سوانح جو سڀ کان اهم ماخذ آهي.
ان سوال جي جواب ۾ ته ڇا ”معذرت“ جنهن کي افلاطون نقل ڪيو آهي، لفظ به لفظ صحيح آهي؟ گهڻن دليلن سان اهو ثابت ٿئي ٿو ته افلاطون سقراط جي ان دفاعي تقرير جي بنيادي ۽ اهم حصن کي بلڪل صحيح نقل ڪيو آهي. ٻن مشهور محققن برنٽ ۽ گٿري (Guthrie) پڻ اهو ئي نتيجو ڪڍيو آهي. ايٿنز جي عدالت هارين ۽ واپارين تي ٻڌل هئي، جنهن جي چونڊ جو طريقه ڪار هيئن هو ته ميمبر واري واري سان نالن جي الف ب وار ترتيب سان چونڊيا ويندا ها. عدل انهن ”چونڊيل“ ماڻهن جي حوالي هو. اهڙي سوسائٽي جتي ماڻهو ديني ۽ اخلاقي قيد کان آزاد ٿي ويا هجن ۽ ملڪ جو دارومدار عوام جي راءِ شماريءَ تي هجي. جمهوريت وڏي خطري ۾ هئي، پر عوام کي ان خطري جو ڪوبه احساس نه هو ۽ جيڪڏهن احساس هو به ته ان جي سببن جو سٺي نموني پتو نه هو. ان ئي جمهوريت آخر ۾ سقراط جهڙي ڏاهي ۽ اخلاقي مصلح کي ڪجهه ووٽن سان موت جي سزا ڏني.
ايٿنز جي پاڙيسري حڪومت اسپارٽا جو نظام مرڪزيت ۽ عسڪريت پسندي تي ٻڌل هو. انڪري اسپارٽا کي عقل جي واڌاري جي ضرورت نه هئي بلڪ طاقت جي واڌاري جي ضرورت هئي. اظهار جي آزاديءَ واري جمهوريت جتي هر ماڻهو پنهنجي انفرادي راءِ رکڻ چاهي ٿو جڏهن عسڪريت سان ٽڪرائيندي ته ان جي شڪست لازمي آهي. ايٿنز جي جمهوريت آزاد شهرين جي جمهوريت هئي. ٽي حصا آبادي غلامن تي ٻڌل هئي جن کي ڪابه شخصي آزادي يا قانوني حق حاصل نه هو. آزاد جماعت ۾ ڪيتريون ئي پارٽيون بڻجي چڪيون هيون. وڏن وڏن اهم معاملن جو فيصلو اڪثريت راءِ سان ٿيندو هو. وڏا وڏا اڳواڻ ۽ جرنيل ڪجهه ووٽن جي ڪري قتل ڪيا ويندا ها. فلسفين جي باري ۾ به اهي ئي فيصلا ڪندا هئا ته ڪهڙو فلسفي قابل قبول ۽ ڪهڙو واجب القتل آهي. ظالم ماڻهن جي مطلق العناني جي خوف کان جماعتون جمهوريت قائم ڪنديون آهن پر جڏهن جمهوريت جاهل ۽ پاڳل ٿي وڃي، جنهن جو هميشه امڪان رهندو آهي ته ان جو ظلم مطلق العنان بادشاهن کان گهٽ نه هوندو آهي. خودغرضن ۽ خطيبن جي لاءِ عوام جي جذبن کي ڀڙڪائڻ ڪهڙي ڏکي ڳالهه آهي.

[b] عدالت ۾ دفاعي تقرير
[/b] ايٿنز واسيو! مون کي پتو نه آهي ته مون تي الزام لڳائڻ وارن کان توهان ڪيترا متاثر آهيو. مان ته سندن دليلن جي اُڻت ڏسي اهو وساري ويٺو هوس ته مان ڪير آهيان. جيستائين حقيقت جو تعلق آهي. هنن هڪ لفظ به سچ نه ڳالهايو. سندن سڀني الزامن مان هڪ الزام اهڙو آهي جنهن تي مان سڀ کان وڌيڪ داد ڏيان ٿو ۽ اهو هيءُ ته انهن چيو آهي ته مان شاندار تقرير ڪندڙ آهيان، تنهن ڪري مون کان هوشيار رهجو. ڪٿي توهان کي گمراهه نه ڪري ڇڏيان. هُنن کي اها ڳالهه چوندي ٿورو به شرم نه آيو ڇو ته اهو ڪوڙ ته منهنجي تقرير ڪندي ئي وائکو ٿي وڃي ها ۽ پتو پئجي وڃي ها ته مان هڪ شاندار مقرر ته ڇا پر هڪ سٺو مقرر به نه آهيان. هو شاندار مقرر ڪنهن کي ٿا چون جيڪو صاف ۽ سچي ڳالهه چوي. جيڪڏهن انهن جو اهو ئي مطلب آهي ته مونکي اعتراف آهي ته مان هڪ مقرر آهيان، پر انهن جهڙو نه آهيان. انهن ماڻهن جيئن مان چئي رهيو آهيان، شايد ئي ڪڏهن سچ ڳالهايو هجي پر مونکان توهان صرف سچ ئي ٻڌندا. ايٿنز جا شهريو! مان توهان کي شاندار لفظن ۽خوبصورت جملن سان سجايل تقرير نٿو ٻڌائي سگهان. توهان مونکان صاف، سڌي ڳالهه انهن صاف ۽ سڌن لفظن ۾ ٻڌندا جيڪي منهنجي ذهن ۾ ايندا. توهان مونکان ان کان وڌيڪ توقع نه رکجو، ڇو ته منهنجو انحصار لفظن تي نه، پنهنجي موقف جي سچائيءَ تي آهي ۽ مون جهڙي ڪراڙي ماڻهوءَ لاءِ اهو مناسب به نه آهي ته توهان جي آڏو هڪ وانگر پنهنجي ڳالهه کي خوبصورت لفظن ۾ ۽ شاندار جملن ۾ سجائي پيش ڪريان. هڪ شيءِ جي وضاحت ڪندس ۽ اها هيءَ ته توهان مونکي پنهنجو دفاع انهن ئي لفظن ۾ ڪندي ڏسندو، جن لفظن ۾ توهان مونکي بازارن، دوڪانن يا ٻين جڳهن تي ڪيترائي دفعا بحث ڪندي ٻڌو آهي.
منهنجا عزيز شهريو! ان تي حيران نه ٿيو ۽ نه ئي ان تي شور مچائجو. حقيقت اها آهي ته آءٌ ستر ورهين جو ڪراڙو آهيان پر زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ههڙي عدالت ۾ بيٺو آهيان. انڪري هتان جي تقرير جي طريقي کان واقف نه آهيان، جيڪڏهن آءٌ واقعي هڪ غيرملڪي ڌاريو هجان ها ۽ اها ٻولي ۽ طريقو اختيار ڪريان ها جنهن جي مونکي عادت نه هجي ته توهان ناراض نه ٿيو ها. منهنجي درخواست آهي ته توهان مونکي ان ئي نظر سان ڏسو ۽ منهنجي ڳالهه جي طريقي کي، پوءِ اهو سٺو آهي يا خراب، نظر انداز ڪيو. پنهنجو سمورو ڌيان منهنجي ڳالهين تي ڏکيو ته اهي صحيح آهن يا غلط. اصل انصاف جو روح اهو ئي آهي ته مقرر سچ چئي ڏئي.
دوستو! مناسب ٿيندو ته پهرين مان پنهنجن پراڻن تهمتن هڻندڙن ۽ سندن ڪوڙن الزامن جو ذڪر ڪيان جيڪي گهڻي عرصي کان جاري آهن. ان کانپوءِ مان نوان الزام لڳائڻ وارن جي باري ۾ عرض ڪندس ڇو ته مون تي تهمتون هڻڻ وارا گهڻا آهن ۽ اهي ڪيترن ئي ورهين کان ان ڪم ۾ مصروف آهن پر منهنجي لاءِ هميشه ڪوڙ ئي ڳالهائيندا رهندا آهن. مون تي وڏي عرصي کان اهڙا الزام هڻندڙ ايني ٽاس ۽ ان جي ساٿين کان وڌيڪ آهن ۽ انهن کان وڌيڪ خطرناڪ به آهن، پر ايني ٽاس به ڪو گهٽ خطرناڪ نه آهي. هي اهي ماڻهو آهن جيڪي توهان کي ان وقت کان سيکاري رهيا آهن جڏهن توهان اڃا ننڍا هيئو. انهن توهان کي بدگمان ڪيو ۽ مون تي اهو ڪوڙو الزام لڳايو ته هتي اهڙو ڏاهو ماڻهو سقراط رهي ٿو جيڪو انهن سڀني شين تي، جيڪي آسمان تي آهن ۽ جيڪي زمين جي هيٺ آهن سوچيندو رهندو آهي ۽ پنهنجي منطق سان ڪمزور ڳالهه کي مضبوط بڻائيندو آهي. دوستو، اهي ماڻهو جن مونکي ائين مشهور ڪيو آهي حقيقت ۾ منهنجي لاءِ وڌيڪ خطرناڪ آهن ڇو ته انهن جون ڳالهيون ٻڌڻ وارا اهو سوچيندا آهن ته جيڪي ماڻهو هٿ ڌوئي جي پويان پون ٿا، اهي خدا تي يقين نٿا رکن. اهي ماڻهو. اڄ کان ئي نه پر ڪيتري عرصي کان وٺي منهنجي خلاف الزام تراشين ۾ مصروف آهن. هُنن انهن الزامن کي هڪ اهڙي عمر ۾ اوهان جي آڏو بيان ڪرڻ شروع ڪيو جيڪا توهان جي ننڍپڻ يا نوجوانيءَ جي عمر هئي جنهن ۾ ماڻهو سولائي سان ڳالهه تي يقين ڪندا آهن. عدالت ۾ هڪ طرفو مقدمو هلي رهيو هو ۽ جواب ڏيڻ وارو ڪوبه نه هو. انهن مان ڪن بغض ۽ عداوت جي ڪري ۽ ڪن وري ان ڪري جو اهي پاڻ ئي دوکي ۾ هئا، توهان کي برغلايو.
انهن سڀني کي منهن ڏيڻ ڏکيو آهي ڇو ته انهن مان ڪنهن کي گواه طور هتي آڻڻ ۽ ان کان سوال ڪرڻ ناممڪن آهي. پنهنجي دفاع ۾ ان سان لڙائي، اهڙي ئي آهي جيئن ڪو پنهنجي پاڇي سان وڙهي ۽ ان کان سوال پڇي، جن جو جواب ڏيڻ وارو ڪوئي نه هجي.
بهرحال اهو ذهن ۾ رکو ته مون تي الزام لڳائڻ وارا ٻن قسمن جا ماڻهو آهن. هڪ اهي جن مون کي هاڻي ڏوهي چيو آهي ۽ ٻيا اهي پراڻا ماڻهو جن جو ذڪر آءٌ ڪري چڪو آهيان. توهان مون سان اتفاق ڪندو ته مونکي پهريان پراڻن ماڻهن کي ئي جواب ڏيڻ گهرجي ڇو ته اهي اُهي ماڻهو آهن جن کي انهن نون ماڻهن جي مقابلي ۾ مون تي الزام لڳائيندي اوهان پهريان به ٻڌو ۽ گهڻا ڀيرا ٻڌو آهي.
خوب! ته دوستو، هاڻي مونکي جواب ڏيڻو آهي. آءٌ ڪوشش ڪندس ته ان تعصب کي جيڪو وڏي عرصي کان منهنجي خلاف سانڍيو ٿا اچو، هِن مختصر وقت ۾ ختم ڪري سگهان. منهنجي خواهش ۽ توهان توڙي مون لاءِ بهتر اهو آهي ته، ان جو ڪو نتيجو نڪري ۽ منهنجو دفاع ڪامياب ٿئي پر منهنجو خيال آهي ته ائين ٿيڻ ڏکيو آهي ڇو ته اها تمام ڏکي ڳالهه آهي.
بهرحال ان سڄي معاملي ۾ خدا جي ئي مرضي پوري ٿئي، مونکي ته قانون تي عمل ۽ دفاع ڪرڻو آهي.
اچو شروعات کان ڏسون ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن انهن سمورن بي بنياد الزامن کي جنم ڏنو ۽ جنهن جي ڪري ميلي ٽاس مون تي فرد جرم عائد ڪيو آهي. جن لفظن ۾ مون تي تهمت لڳائي وئي آهي جيڪڏهن مان پنهنجي الزام لڳائيندڙن جي لفظن ۾ چوان ته اهو حلفي بيان هيئن ٿيندو ته سقراط جو ڏوهه هيءُ آهي ته هو انهن شين جي جستجو ۾ رهي ٿو جيڪي آسمانن کان مٿي ۽ زمين کان هيٺ ان جي تهه ۾ آهن. پنهنجي سڄي منطق سان هو بدتر کي بهتر ثابت ڪري ٿو ۽ اهو ئي ٻين کي سيکاري ٿو.
هي اهو الزام آهي جنهن کي توهان پاڻ ارسٽوفينز جي مزاحيه ڊرامي ۾ ڏٺو هوندو، جنهن ۾ هن جي ڪردار سقراط کي حيران پريشان گهمندي ڏٺو. هوائن تي هلڻ جي دعويٰ ڪندي ۽ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون ڪندي ڏيکاريو ويو آهي جنهن جي هڪ لفظ جي به مونکي خبر نه آهي. منهنجو مطلب هتي اهڙي نموني جي علم تي چٿر ڪرڻ نه آهي. جيڪڏهن ڪو صاحب واقعي اهڙو علم رکي ٿو ته شايد ميلي ٽاس جي طرفان مونکي اهڙن سنگين الزامن کي منهن نه ڏيڻو پوي ها پر حقيقت اها آهي ته ايٿنز واسيو، منهنجو اهڙن معاملن سان ڪڏهن به واسطو نه پيو آهي. ان جي ثبوت طور توهان ماڻهن جي اڪثريت کي گواه ڪريان ٿو. توهان مان اهي ماڻهو جن مونکي ڪڏهن بحث ڪندي ٻڌو آهي ۽ توهان مان به گهڻن مون کي بحث ڪندي ٻڌو آهي، هڪٻئي کي ٻڌايائين. ڇا توهان مونکي ڪڏهن اهڙن معاملن ۾ وڌيڪ يا ٿورو ئي سهي بحث ڪندي ڏٺو آهي؟ ان سان ظاهر ٿي ويندو ته توهان منهنجي باري ۾ جيڪي ٻيا قصا ٻڌا آهن، اهي سڀ انهن ئي الزامن سان تعلق رکن ٿا.
اهڙي نموني اِن ڳالهه ۾ ڪابه صداقت نه آهي جيڪا توهان ٻڌي آهي ته مان ماڻهن کي تعليم ڏيان ٿو ۽ ان جو معاوضو وٺان ٿو. مان سمجهان ٿو ته اها وڏي ڳالهه آهي ته ڪو ماڻهو ليوٽينيءَ جي جارجياس، سويس جي پروڊيڪس ۽ ايلس جي هپياس جهڙن ماڻهن کي تعليم ڏيڻ جو اهل هجي. هي اهي ماڻهو آهن جو انهن مان ڪوبه جيڪڏهن يونان جي ڪنهن به شهر ۾ هليو وڃي ته اتان جا ماڻهو پنهنجن هم وطنن کي ڇڏي، جن جي تعليم جو هو ڪوبه معاوضو نه ڏيندا هئا، انهن جي رفاقت اختيار ڪندا، کين معاوضو به ڏيندا ۽ انهن جا شڪر گذار به ٿيندا. اصل ۾ هتي ايٿنز ۾، پاروس شهر جو اهڙو ئي شخص رهيو به آهي. مون کي ان جي باري ۾ هيئن پتو پيو ته سناهپونيڪس جي پٽ ڪيلي آس سوفسطائين کي ايتري قدر رقم ڏني جيڪا سڀني جي ڏنل رقم کان به وڌيڪ آهي. مون پڇيو” ڪيلي آس، جيڪڏهن تنهنجا ٻئي پٽ گڏهه يا گهوڙا هجن ها ته اسان آسانيءَ سان انهن جي لاءِ هڪ اهڙو استاد ڳولي لهون ها جيڪو هاري يا گهوڙن کي تاتڻ وارو هجي ها. ان کي چئون ها ته انهن جي بهترين خوبين کي اجاگر ڪري. پر ڇاڪاڻ ته هاڻي اهي ٻئي انسان آهن، تنهنجي ذهن ۾ انهن جي لاءِ ڪهڙو استاد آهي؟ اهڙو ڪير آهي جيڪو انهن خوبين کي سمجهي جيڪي هڪ سٺي انسان ۽ هڪ سٺي شهري ۾ هونديون آهن؟ اهو مان انڪري پڇي رهيو آهيان ته تنهنجا پٽ آهن ۽ تو انهن جي باري ۾ سوچيو ته هوندو؟“ هن جواب ڏنو ”يقينن اهڙو ماڻهو منهنجي نظر ۾ آهي.“ مون پڇيو” ڪير آهي؟ ڪٿان جو آهي؟ ۽ تعليم جي فيس ڪيتري وٺندو آهي؟“ ”اهو ايونيس آهي سقراط.“ هن ٻڌايو، ”پاروست شهر سان سندس تعلق آهي. پنج منهاس فيس وٺي ٿو.“ مون دل ۾ سوچيو ته جيڪڏهن ايونيس واقعي اهڙو عالم آهي ۽ هو کين ايتري معمولي فيس جي عيوض سيکاري رهيو آهي ته واقعي خوشقسمت آهن. جيڪڏهن مونکي اهڙو علم ايندو هجي ها ته ان تي فخر ڪيان ها پر سچ ٿو چوان مونکي ڪابه خبر نه آهي.
توهان مان شايد ڪو ماڻهو پڇي ته ”سقراط، پوءِ تون ڇا ٿو ڪندو وتين؟ انهن الزامن جو ڇا سبب آهي؟ جيڪڏهن تون عام ماڻهن وانگر ڪنهن خاص ڪم ۾ مصروف نه آهين ته پوءِ تنهنجي باري ۾ اهي ڳالهيون ۽ الزام ڪيئن پيدا ٿيا؟ ضرور تون ڪو خاص ڪم ڪري رهيو آهين جيڪو عام ماڻهو نه ڪندا آهن. اسان کي ان باري ۾ ٻڌاءِ. اسين ذميواريءَ سان تنهنجي باري ۾ فيصلو ڪنداسين.“ ٻڌندڙؤ! مان سمجهان ٿو ته اهو ڏاڍو مناسب سوال آهي ۽ مان ان جو جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس ته جيئن ان جي وضاحت ٿي سگهي ته ا ها ڪهڙي شيءِ آهي جنهن مونکي ائين بدنام ڪيو آهي ۽ جنهن جي ڪري منهنجي باري ۾ غلط ڳالهيون مشهور ٿيون. غور سان ٻڌو، شايد توهان مان ڪجهه ماڻهو اهو سمجهن ته جيڪو مان چوڻ وارو آهيان اها مذاق جي ڳالهه آهي پر يقين ڪريو ته مان توهان کي اصل حقيقت ٻڌايان ٿو. منهنجي هيئن بدنام ٿيڻ جو اصل سبب اهو آهي ته مونکي هڪ خاص قسم جي ڏاهپ عطا ڪئي وئي آهي. توهان پڇندؤ ته ڪهڙي قسم جي ڏاهپ؟ شايد انساني شعور ۽ عقل جي نوعيت جي، ڇو ته مونکي حقيقت ۾ ان جي ڪري ئي عقلمند چيو ويو آهي. جن ماڻهن جو آءٌ پهريان ذڪر ڪري چڪو آهيان انهن جي علم جو محور انسان نه، انسان کان ماورا آهي. آءٌ نه ٿو ڄاڻان ته ان کان علاوه انهن جي علم کي ٻيو ڇا چوان، ڇو ته مون ان کي سمجهڻ جي ڪڏهن به دعويٰ نه ڪئي آهي. جيڪو به ائين چوي ٿو ته منهنجو علم ان نوعيت جو آهي، اهو ڪوڙو آهي ۽ مون تي تهمت هڻي ٿو ۽ هاڻي شهر واسيو! مونکي ٽوڪجو نه، پوءِ آءٌ ڪيتري ئي عجيب ڳالهه ڇو نه چوان. جيڪي لفظ هاڻي مان چوڻ وارو آهيان اهي منهنجا نه پر هڪ حد درجي جي قابل اعتماد هستيءَ جا آهن. ان ڳالهه جي گواهيءَ جي لاءِ مونکي هڪ خاص قسم جي ڏاهپ عطا ڪئي وئي آهي ۽ اُها اِها ته ان دانائيءَ جي نوعيت ڇا آهي. مان ڊيلفي جي خدا جي گواهي پيش ڪريان ٿو. توهان، منهنجو خيال آهي شيفران کي سڃاڻو ٿا. هو منهنجو ننڍپڻ جو دوست هو. موجوده جمهوري حڪومت ۾ توهان سان گڏ شريڪ رهيو. توهان سان گڏ هن هجرت ڪئي ۽ توهان سان گڏ ئي واپس آيو. توهان ڄاڻو ٿا ته هو ڪهڙو ماڻهو هو. جنهن ڪم ۾ هو هٿ وجهندو هو، ان کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هڪ دفعي ڊيلفي ويو ۽ جرئت ڪري هن ان مسئلي جي باري ۾ جادوگرن کان پڇيو. ساٿيو! مان توهان کي وري چوان ٿو مون کي نه ٽوڪجو. هن پڇيو ته ڪوئي مونکان وڌيڪ عقلمند آهي ته پائٿيا جي جادوگرياڻيءَ چيو: مونکان وڌيڪ عقل مند ڪير به نه آهي. ان ڳالهه جي حقيقت جو گواهه هتي شيفران جو ڀاءُ آهي ڇو ته شيفران فوت ٿي چڪو آهي.
اها ڳالهه مان توهان کي ان ڪري سڻائي رهيو آهيان جو توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته منهنجي خلاف عداوت ڪيئن پيدا ٿي؟ جادوءَ جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ مان ان ڳالهه تي غور ڪندو رهيس ته خدا جي جواب جي ڇا معنيٰ سمجهان؟ ان پروليءَ جو ڇا مقصد آهي؟ مونکي پتو نه آهي ته مون ۾ دانائي ٿوري آهي يا وڌيڪ؟ پوءِ اهو چوڻ جو ڇا مطلب آهي ته مان سڀ کان وڌيڪ عقلمند آهيان؟ آءٌ ائين نٿو سمجهان ته مون سان ڪوڙو ڳالهايو ويو آهي، ڇو ته ڪوڙ خدا جي فطرت ۾ ڪوڙ نه آهي. هڪ عرصي تائين ان ڪشمڪش ۾ رهيس ته ان جو مطلب ڇا آهي؟ پوءِ گهڻي ٻڏتر کانپوءِ مون ان سوال جو جواب هن طرح ڳولڻ شروع ڪيو ته مان هڪ صاحب وٽ ويس جيڪو هڪ وڏي دانشور طور مشهور هو. ذهن ۾ خيال هو ته جيڪڏهن مان جادوءَ کي غلط ثابت ڪري سگهان ٿو ته اها ئي جڳهه مناسب آهي. مان چئي سگهان ٿو ته اي رب! تون چيو هو ته مان سڀ کان وڌيڪ ڏاهو آهيان پر هاڻي ڏس، هتي هڪ اهڙو شخص به آهي جيڪو مونکان به وڌيڪ عقلمند آهي. پر جڏهن مون ساڻس بحث ڪيو، کيس جاچيو ۽ پرکيو ... هتي ضروري نه آهي ته مان ان ماڻهوءَ جو نالو وٺان، بس ايترو ڪافي آهي ته هو اسان جي سياستدانن مان هو، جنهن سان مون بحث ڪيو ... ته مونکي احساس ٿيو ته اهو ماڻهو عام ماڻهن جي نظرن بلڪ پنهنجين نظرن ۾ اڃا به وڌيڪ عقلمند بڻجڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر حقيقت ۾ ائين آهي ڪونه، پوءِ ته مان ان ۽ ان جي ٻين ساٿين لاءِ جيڪي اتي موجود ها هڪ قابل نفرت هستي بڻجي ويس. جڏهن مان اتان هليس ته پنهنجو پاڻ کي چيم: آءٌ ان ماڻهوءَ کان وڌيڪ عقلمند آهيان. اهو هيئن ته ممڪن آهي ته اسان ٻئي ئي حقيقي جمال ۽ اصل خير کان بي خبر هجون پر هو سمجهي پيو ته هو ڄاڻي ٿو پر مان ڄاڻان پيو ته مان نٿو ڄاڻان. انڪري آءٌ وڌيڪ ڏاهو آهيان چاهي ان ننڍي معاملي ۾ ڪجهه نٿو ڄاڻان،. ان کانپوءِ مان هڪ ٻئي ماڻهو وٽ ويس جيڪو ان کان به وڏو دانشور هو. هتي به اهوئي معاملو ٿيو، ان کانپوءِ انهن ۽ انهن جي ساٿين لاءِ نفرت لائق بڻجي ويس.
ان کانپوءِ ڪيترن ئي ماڻهن وٽ واري واري سان ويس. مونکي ان جو ڏک هو ته مان اهڙي نموني پنهنجي لاءِ نفرت پيدا ڪري رهيو آهيان پر خدا جي مرضي ڄاڻڻ جي لاءِ اهو ضروري هو ۽ اها ئي منهنجي پهرين ترجيح هئي. ڪهانت جي معنيٰ ڄاڻڻ لاءِ اهو تمام ضروري هو ته مان انهن ماڻهن سان ملان جيڪي ڪجهه به ڄاڻڻ جي شهرت رکن ٿا. دوستو! مان قسم سان چوان ٿو، ڇو ته توهان کي ان سچائيءَ کان آگاهه ڪرڻ ضروري آهي. منهنجو تجربو اهو هو ته جڏهن به مان ماڻهن سان خدا جي طرفان عطا ڪيل ان مشن جي سلسلي ۾ مليس ته جن کي وڏو ديو قامت سمجهيو ويندو هو، اهي اصل ۾ ننڍڙا نڪتا ۽ جن کي گهٽ درجي جو سمجهيو ويندو هو، اهي حقيقت ۾ انهن کان مٿاهان هئا.
دوستو! منهنجي لاءِ حقيقت جي ڳولا جي ڪهاڻي ٻڌائڻ ضروري آهي. آءٌ ان راهه ۾ سخت اذيتن مان گذريو آهيان، صرف ان ڪري ته الله جو فرمان سچو ثابت ٿئي. سياستدانن کانپوءِ شاعرن وٽ ويس. الميه نگارن ۽ مجذوب شاعرن وٽ، بلڪه سڀني وٽ ان خيال سان هلي ويس ته آءٌ انهن جي مقابلي ۾ ڪم علم آهيان. اهڙي نموني مان انهن جا اهي نظم ٻڌا، جيڪي منهنجي خيال ۾ تمام مشهور هئا. پوءِ کانئن انهن جو مطلب پڇيم. يقين ڪريو توهان کي اها حقيقت ٻڌائيندي شرم ٿو اچي ته آسپاس بيٺل سڀني ماڻهن کي انهن جو مفهوم سرجڻهارن کان وڌيڪ پيو اچي. اهو هو شاعرن جو حال! مونکي ڪجهه ئي دير ۾ پتو پيو ته جيڪو ڪجهه انهن لکيو آهي، بلڪل اهڙي نموني جيئن پيشن گوئيون ڪرڻ وارا يا ديوانا ائين ئي ڳالهيون چئي ويندا آهن جن جو مطلب انهن کي پاڻ کي به معلوم نه هوندو آهي. اهڙي ئي ڪنهن اثر جي تحت شاعر به لکندا آهن ۽ پنهنجي ان قابليت جي ڪري اهي پنهنجو پاڻ کي ٻين معاملن ۾ به نهايت عقلمند سمجهندا آهن جڏهن ته اهي عقلمند نه هوندا آهن. اهڙي نموني مان انهن وٽان اهو سوچي هليو آيس ته جيئن مان سياستدانن کان برتر آهيان، تيئن انهن کان به آهيان.
آخر ۾ آرٽسٽن وٽ ويس، هتي به مونکي ڪم علميءَ جو پورو احساس هو. ٻئي پاسي ان جو به پختو يقين ه.و ته انهن کي جمال ۽ خوبصورتيءَ ۾ وڏو عالم ڏسندس. هتي مونکان غلطي به نه ٿي. هو ڄاڻن پيا ۽ مان به ڄاڻان پيو، ان معاملي ۾ هو مونکان داناءَ هئا پر مون ڏٺو ته سٺا فنڪار به اها ئي غلطي ڪري رهيا آهن جيڪا شاعرن ڪئي، يعني هر هڪ پنهنجي فن ۾ تمام ڀَڙُ هو، انڪري سمجهيائين ٿي ته ٻين معاملن ۾ سمجهدار نه بلڪ ڪجهه وڌيڪ ئي سمجهدار آهي. ان غلطيءَ سندن علم کي ڌنڌلائي ڇڏيو هو. نيٺ مون پنهنجو پاڻ کان ڪهانت جي باري ۾ پڇيو ته مونکي انهن ماڻهن جهڙو هجڻ گهرجي ۽ انهن جهڙو عقل ۽ انهن جهڙي جهالت ٻئي مون ۾ اچي وڃن يا مونکي ائين ئي رهڻ گهرجي جيئن مان آهيان، نه انهن جهڙو عقلمند نه انهن جهڙو جاهل ته جيڪو جواب مونکي مليو، اهو هي هو ته مونکي اهڙو ئي رهڻ گهرجي جيئن مان آهيان.
ان حقيقت جي ڳولا ۾، دوستو! منهنجي خلاف سخت نفرت پيدا ٿي وئي جيڪا ايتريقدر ڪوڙي ڪساري هئي جو ان ڪيترين ئي بي بنياد ڳالهين کي جنم ڏنو. ان جي ڪري ئي مونکي عقلمند جو خطاب مليو. جڏهن آءٌ ڪنهن ٻئي جي جهالت کي ڏسان پيو ته آسپاس بيٺل ماڻهو سمجهن پيا ته آءٌ انهن معاملن ۾ وڏو سمجهدار آهيان پر اهو خدا ئي آهي جيڪو اصل ڏاهو آهي. ان جادوءَ ذريعي اصل ۾ اهو ڏيکارڻو هو ته انساني عقل ۽ ڏاهپ جي حيثيت ڪجهه به نه آهي يا صفا معمولي آهي. جادوءَ ۾ سقراط جو ذڪر هو پر منهنجو نالو صرف مثال طور استعمال ڪري رهيو هو، ڄڻ ائين چئي رهيو هجي: لوڪو، ڏسو! توهان مان سڀ کان ڏاهي ماڻهو، جيئن سقراط آهي، جي حيثيت ڏاهپ جي معاملي ۾ڪجهه به نه آهي. اهڙي نموني مان اڄ به خدا جي حڪم مطابق هر ان ماڻهوءَ وٽ وڃان ٿو جنهن جي باري ۾ مونکي شڪ هوندو آهي ته هو عقل وارو آهي، پوءِ اهو ملڪي هجي يا غير ملڪي. آءٌ کانئس سوال ڪريان ٿو ۽ کيس جاچڻ چاهيان ٿو. پوءِ جيڪڏهن ظاهر ٿي وڃي ته، هو ائين نه آهي ته مان ان کي سڀني جي آڏو ظاهر ڪريان ٿو ته جيئن خدا جي ڳالهه سچي ٿئي ته اصل ڏاهو، انسان نه آهي.
ان ڪم مونکي ايترو مصروف رکيو جو مون وٽ ايترو وقت نه هو ته آءٌ رياست جي لاءِ ڪو قابل ذڪر يا پنهنجي ذات لاءِ ڪو ڪم ڪري سگهان. نتيجو هي آهي ته ان خدائي خدمت جي سبب انتهائي غربت ۾ رهان ٿو. ان کانسواءِ ائين به ٿئي ٿو ته امير گهراڻن جا نوجوان جن کي واندڪائي آهي، پنهنجي رضا خوشيءَ سان منهنجي پيروي ڪن ٿا. اهي مونکي اهڙن ماڻهن جو امتحان وٺندي ڏسي خوش ٿيندا آهن ۽ پوءِ مونکي ڏسي پاڻ به ٻين کان اهڙا ئي چڀندڙ سوال ڪندا آهن. منهنجو خيال آهي ته انهن کي اهڙا ڪافي ماڻهو مليو وڃن جيڪي ڪجهه ڄاڻڻ جي دعويٰ ته ڪندا آهن پر حقيقت ۾تمام گهٽ يا بلڪل نه ڄاڻندا آهن. اهي ماڻهو جن جو نوجوان ائين امتحان وٺندا آهن، پاڻ تي خفا ٿيڻ بجاءِ مون تي خفا ٿيندا آهن ۽ چوندا آهن ته سقراط وڏو نقصانڪار ماڻهو آهي ۽ نوجوانن کي بگاڙي رهيو آهي پر جڏهن کانئن پڇيو ويندو آهي ته هو نئين ٽهيءَ کي ڪهڙي ريت ۽ ڇا سيکاري بگاڙي رهيو آهي ته انهن وٽ ڪوبه جواب نه هوندو آهي. هو علم نه رکندا آهن پر ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻ بدران ته کين ڪا خبر ڪانهي، هو سڀني فلاسافرن خلاف محاذ کڙو ڪري ڇڏيندا آهن. پاتال جون ڳالهيون ۽ آسماني اڏام واري شاعري، دهريا غلط ڳالهه کي دليل سان صحيح ڪرڻ وارا، اهو سڀ ڪجهه چوندا پر سچ نه چوندا. اصل ۾ علم جا دعويدار ته بڻجن ٿا پر علم جي دعويٰ جا بخيا اوچتو اڊڙيو پون. اهي ماڻهو جيڪي تعداد ۾ ڪافي آهن، طاقتور به آهن ۽ انهن کي وڙهڻ جو شوق آهي، تڏهن کان منهنجي خلاف ڪوڙيون سچيون ڳالهيون ٺاهيندا ۽ لڳاتار توهان جا ڪن ڀريندا آيا آهن. انهن ئي ماڻهن مان ميلي ٽاس، ايني ٽاس ۽ لائي ڪان منهنجي خلاف محاذ جوڙيو آهي. ميلي ٽاس شاعرن جي توهين جي ڪري ناراض آهي، جڏهن ته ايني ٽاس سياستدانن ۽ فنڪارن ۽ لائي ڪان مقررن جي ڪري ڪاوڙ ۾ آهي. اهڙي نموني جيئن مان عرض ڪري چڪو آهيان، مونکي حيراني ٿيندي جو ايتري ٿوري وقت ۾ مان پنهنجي خلاف ان ڪوڙ کي جيڪو هاڻي وڌي جبل جيڏو ٿي ويو آهي، ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهان پر منهنجا عزيز شهريو! اصل حقيقت اها ئي آهي جيڪا مون توهان کي ٻڌائي آهي. مون ان ۾ ڪابه ننڍي يا وڏي شيءِ لڪائي نه آهي. مونکي يقين آهي ته منهنجي صاف گوئي ئي منهنجي ملامت جو سبب بڻي آهي، اهو ئي منهنجي خلاف مقدمي جو اصل بنياد آهي. جيڪڏهن توهان اڄ يا مستقبل ۾ ڪڏهن معاملي جي تهه تائي وڃڻ جي ڪوشش ڪيو ضرور ڄاڻي وٺندو ته اصل قصو اهو ئي آهي.
اهو جواب، انهن الزامن جي باري ۾ آهي جيڪي منهنجي پراڻن الزام لڳائيندڙن لڳايا هئا، توهان جي لاءِ ڪافي هجڻ گهرجي. هاڻي مان ڪوشش ڪندس ته ميلي ٽاس جيڪو پاڻ کي محب وطن چوي ٿو ۽ ٻين نون الزامن هڻندڙن جي جواب ۾ پنهنجي صفائي پيش ڪريان. اچو انهن ماڻهن جي لاڳو ڪيل فرد جرم کي هڪ دفعو وري ڏسون الزام بنيادي طور اهو آهي ته سقراط ڏوهي آهي، پهريون سبب اهو ته هن نوجوانن کي گمراهه ڪيو ۽ ٻيو اهو ته رياست جي معروف خدائن تي اعتقاد نٿو رکي پر ڪجهه خدائن تي يقين رکي ٿو. اها انهن الزامن جي نوعيت آهي. هاڻي اچو ته انهن مان هر هڪ جو ترتيب وار جائزو وٺون. پهريون الزام اهو آهي ته آءٌ نوجوانن کي گمراهه ڪري رهيو آهيان پر آءٌ چوندس ته ميليٽاس پاڻ ان ڏوهه جو ڏوهاري آهي. هو ماڻهن تي غيرسنجيدگيءَ سان ڪيس داخل ڪري اهم ڳالهين کي لڪائي رهيو آهي. هو انهن معاملن ۾ وڏو جذباتي ۽ حساس بڻجي ٿو جن جي باري ۾ هن شايد هڪ دفعو به سنجيدگيءَ سان نه سوچيو آهي. مان توهان کي ڏيکاريندس ته معاملو اصل ۾ اهو ئي آهي. ميلي ٽاس! ٿورو هيڏي اچ ۽ مونکي ٻڌاءِ ته ڇا تون دل سان نٿو چاهين ته نوجوان جيترو ممڪن هجي سٺا هجن؟
ميلي ٽاس :يقينن مان چاهيان ٿو.
سقراط :ته پوءِ عدالت کي ٻڌاءِ ته ڪير انهن کي سٺو ٿو بڻائي؟ ان ڳالهه جو ته توکي ضرور پتو هجڻ گهرجي ڇو ته تنهنجو شغل ئي اهو آهي. تو ئي مونکي انهن کي گمراهه ڪرڻ واري جي حيثيت سان ڳولي لڌو. پوءِ هتي ڀريءَ عدالت ۾ مون تي اهو الزام لڳايئي... ته هاڻي ٻڌاءِ، ڪير آهي جيڪو انهن جي اصلاح ڪري ٿو، کين بهتر بڻائي ٿو؟ ميلي ٽاس، تون چپ ڇو آهين؟ ڳالهائين ڇو نٿو؟ ڇا توکي پنهنجي خاموشيءَ تي شرمندگي نه آهي، ڇا اهو ان ڳالهه جو واضح ثبوت نه آهي جيڪا مون هاڻي چئي آهي ته تو انهن معاملن تي ڪڏهن سنجيدگيءَ سان نه سوچيو آهي. منهنجا دوست، ٻڌاءِ! ڪير آهي جو انهن جي اصلاح ڪري ٿو؟
ميلي ٽاس : قانون.
سقراط : آءٌ اهو ڪونه ٿو پڇان. آءٌ پڇان ٿو ته ڪهڙو ماڻهو آهي؟
چڱو، في الحال اهو ٻڌاءِ ته انهن قانونن کي ڄاڻڻ وارا ڪير آهن؟
ميلي ٽاس : هتي موجود مانوارا جج!
سقراط: تنهنجو مطلب آهي ته اهي نوجوانن جي اصلاح ۽ تربيت ڪرڻ جي اهل آهن؟
ميلي ٽاس: يقينن.
سقراط : سڀ جا سڀ يا انهن مان ڪجهه اهل آهن ۽ ڪجهه نااهل؟
ميلي ٽاس : سڀ جا سڀ.
سقراط : خدا ٿو ڄاڻي ته، اها ته تو وڏي خوشخبري ٻڌائي ته اسان وٽ تربيت ڪرڻ وارن جي ڪمي نه آهي. چڱو، اهو ٻڌاءِ ته انهن کان علاوه ڪهڙا ماڻهو آهن؟ڇا آسپاس بيٺل ماڻهو به انهن جي اصلاح ڪن ٿا؟
ميلي ٽاس : ها اهي ماڻهو به اصلاح ڪن ٿا.
سقراط : ۽ سينيٽرز به؟
ميلي ٽاس : ها اهي به.
سقراط : ۽ جيڪي اسيمبليءَ ۾ ويٺا آهن، اهي نوجوانن کي خراب ڪن ٿا يا انهن جي اصلاح ڪن ٿا؟
ميلي ٽاس : اهي به اصلاح ڪن ٿا.
سقراط : ان مان ته ظاهر ٿئي ٿو ته ايٿنز ۾، مون کان سواءِ سڀ ماڻهو انهن کي سٺو ۽ نيڪ بڻائي رهيا آهن، اڪيلو مان ئي کين خراب ڪري رهيو آهيان، ڇا تون اهو ئي ثابت ڪرڻ چاهين ٿو؟
ميلي ٽاس : بلڪل مان اهو ئي ثابت ڪرڻ چاهيان ٿو.
سقراط : تو مونکي صفا بدقسمت بڻائي ڇڏيو. چڱو اهو ٻڌاءِ ته اهو ئي اصول گهوڙن جي معاملي ۾ به صحيح آهي ته سڀ ماڻهو انهن کي هيرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، فقط هڪ ڄڻو ئي کين خراب ڪندو آهي يا ان جي ابتڙ هڪ يا چند ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن کي سئيس چيو ويندو آهي، کين پالي تاتي هيراڪ بنائيندا آهن پر اڪثر ماڻهو اهڙا هوندا آهن جو جيڪڏهن گهوڙن کي انهن جي حوالي ڪيو وڃي ته جيئن انهن کي سانڍي استعمال لائق بڻائي سگهن ته اهي انهن کي خراب ڪري ڇڏيندا. ميلي ٽاس، ڇا اها ڳالهه گهوڙن ۽ ٻين جانورن جي باري ۾ صحيح نه آهي؟ صاف ظاهر آهي، بلڪل صحيح آهي، ايني ٽاس تون مڃين يا نه. نوجوان ڪيترا خوشقسمت آهن جو کين خراب ڪرڻ وارو صرف هڪ آهي ۽ باقي سڀ انهن جي اصلاح ڪري رهيا آهن! حقيقت هيءَ آهي ته اها ئي ڳالهه واضح ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته تون نوجوانن جي معاملي ۾ ڪڏهن به سنجيده نه رهين ۽ اهو ئي ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته جنهن جي ڪري مون کي ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي، توکي ان جي پرواهه بلڪل نه آهي.
هڪ ٻيو سوال به آهي ميلي ٽاس، خدا جي واسطي ان جو جواب ضرور ڏئي ته سٺن ماڻهن جي وچ ۾ رهڻ سٺو آهي يا برن ماڻهن ۾ رهڻ؟ منهنجا پيارا ٻڌاءِ، اهو ڪو ڏکيو سوال نه آهي. ڇا برا ماڻهو پاڻ سان واسطو رکڻ وارن کي نقصان نه پهچائيندا آهن ۽ سٺا ماڻهو ساڻن ڀلائي نه ڪندا آهن؟
ميلي ٽاس : يقينن ائين ئي آهي.
سقراط : ڇا ڪوئي پنهنجي واسطيدارن کي فائدي بجاءِ نقصان ڏيڻ پسند ڪندو؟ محترم جواب ڏي، قانون جي تقاضا آهي ته تون جواب ڏي ته ڪوئي فائدي بدران نقصان کڻڻ پسند ڪندو؟
ميلي ٽاس : يقينن نه.
سقراط : هاڻي اهو ٻڌاءِ ته تو مون تي جيڪو نوجوانن کي خراب ڪرڻ وارو الزام لڳايو آهي، ڇا آءٌ اهو ڪم اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪري رهيو آهيان يا ڄاڻي واڻي؟
ميلي ٽاس : مان سمجهان ٿو تون ڄاڻي واڻي ڪري رهيو آهين.
سقراط : منهنجا مانائتا ميلي ٽاس، آءٌ هڪ ڪراڙو شخص آهيان ۽ تون جوان. پوءِ به تون مون کان ڪيتريقدر عقلمند آهين. توکي خبر آهي ته برا ماڻهو هميشه پنهنجي ساٿين کي نقصان ۽ سٺا ماڻهو سدائين فائدو ڏيندا آهن، پر مونکي ڏس! ايتري به خبر نه آهي ته جيڪڏهن مون ڪنهن پنهنجي ساٿيءَ کي مانائتا ته ان جو نقصان مونکي ئي ٿيندو ۽ بقول تنهنجي مان اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي ڪري رهيو آهيان. مان نٿو مڃان. ميلي ٽاس، دنيا ۾ ڪو به نه مڃيندو. سڌي ڳالهه آهي يا ته مان نوجوانن کي خراب نه پيو ڪريان يا جيڪڏهن ڪري رهيو آهيان ته غير شعوري طور تي ۽ ٻنهي صورتن ۾ تون ڪوڙو آهين. جيڪڏهن مان اڻڄاڻائيءَ ۾ اهو ڪم ڪري رهيو آهيان ته ان اڻ ڄاڻائيءَ جي ڏوهه ۾ مون کي ڪنهن قانون جي تحت عدالت ۾ نٿو گهرائي سگهجي. ان جي ابتڙ طريقو هي هو ته تون مونکي ڪنڊائتو ملي سمجهائين ها ۽ تنبيهه ڪرين ها جيئن جيڪو ڪم آءٌ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪري رهيو آهيان اهو سمجهه ۾ اچڻ کانپوءِ ڇڏي ڏيا ان ها پر تون ائين ڪرڻ نه پيو چاهين، انڪري تون مونکي عدالت ۾ وٺي آئين، جتي انهن کي گهرايو ويندو آهي جن کي سزا ڏيڻ ضروري هوندي آهي، انهن کي نه جن کي سمجهائڻ ضروري هوندو آهي.
اهو واضح آهي ته ميلي ٽاس ان معاملي تي جيئن مون پهرين چيو، ڪڏهن ٿورو به نه سوچيو. چڱو، ائين ئي سهي. ميلي ٽاس صاحب! ٿوري مهرباني ڪري اهو ٻڌاءِ ته آءٌ نوجوانن کي ڪيئن خراب ڪري رهيو آهيان؟ ڇا ائين جيئن تو چارج شيٽ ۾ چيو آهي ته شهر جي معروف خدائن تي اعتقاد نه رکن پر ڪجهه ٻين خدائن تي ايمان آڻين؟ تنهنجو مطلب آهي ڇا اهو سيکاري مان انهن کي خراب ڪري رهيو آهيان!؟
ميلي ٽاس : بلڪل، مان اهو ئي چوان ٿو ۽ غلط نٿو چوان.
سقراط : ميلي ٽاس، انهن خدائن جي نالي تي ئي سهي جن جو اسان ذڪر ڪري رهيا آهيون، مونکي ۽ ٻين ماڻهن کي جيڪي هتي موجود آهن، صاف لفظن ۾ ٻڌاءِ ته تون ڇا ٿو چوڻ چاهين؟ ڇو ته مان سمجهي نٿو سگهان ته تنهنجو مطلب اهو آهي ته آءٌ ماڻهن کي ڪجهه خدائن تي ايمان رکڻ جي دعوت ڏيان ٿو، جنهن جي معنيٰ اها ٿي ته آءٌ پاڻ به انهن خدائن تي ايمان رکان ٿو، معنيٰ آءٌ دهريو نه آهيان ۽ نه ڪو ان سبب جي ڪري مون تي الزام لڳو آهي پر اهو خدا، جنهن تي آءٌ ماڻهن کي ايمان آڻڻ جي دعوت ڏيان ٿو، اهو اهو نه آهي جنهن تي رياست جو ايمان آهي پر ان کان مختلف آهي ۽ ڇا ان سبب جي ڪري مونکي ڏوهي قرار ڏين ٿو ته منهنجو ايمان مختلف خدائن تي آهي يا تون اهو چوڻ چاهين ٿو ته خدائن تي ايمان ئي نٿو رکان ۽ اهو ئي ٻين کي سيکاري رهيو آهيان.
ميلي ٽاس : ها، مان اهو ئي چوان ٿو ته تون خدائن کي صفا مڃين ئي نٿو.
سقراط : منهنجا عجيب و غريب دوست ميلي ٽاس! اهو انڪار ڪيئن آهي؟ ڇا آءٌ ٻين وانگر چنڊ ۽ سج کي خدا نٿو مڃان؟
ميلي ٽاس : بلڪل نه. جج صاحبو، مان زيوس جو قسم کڻي چوان ٿو ته هيءُ انهن تي بلڪل ايمان نٿو رکي. هيءُ چوي ٿو ته سج پٿر آهي ۽ چنڊ مٽي.
سقراط : منهنجا دوست ميلي ٽاس! تنهنجي آڏو انڪسا غورث بيٺو آهي ڇا؟ ڇا تون اُن کي ڏوهي قرار ڏئي رهيو آهين يا تون هتي ويٺل ماڻهن کي احمق ۽ جاهل سمجهين ٿو ته کين اهو پتو نه آهي ته جيڪي خيال تون مون سان منسوب ڪري رهيو آهين، حقيقت ۾ اهي انڪسا غورث جا ويچار آهن، جنهن جا ڪتاب اهڙين ڳالهين سان ڀريا پيا آهن. ڇا نوجوان اهي ڳالهيون مون کان سکن ٿا؟ هو وڌ کان وڌ هڪ ڊرامي جي ٽڪيٽ وٺي ٿيئٽر ۾ وڃي سگهن ٿا ۽ اتي جيڪڏهن ڪو ڪردار اهو چوي ته اهي ڳالهيون خاص ڪري اهو نظريو سقراط جو آهي ته هو ٽهڪ ڏئي کلندا. زيوس جو قسم، ڇا توهان جو خيال آهي ته مان خدائن کي بنيادي طور مڃان ئي نٿو؟
ميلي ٽاس : مونکي قسم آهي زيوس جو، تون چوين ٿو ته خدا بنيادي طور آهي ئي ڪونه.
سقراط : ان تي ته ڪوبه يقين نه ڪندو ۽ مونکي شڪ آهي ته توکي پاڻ کي به ان تي يقين نه آهي! ڀائرو! هي ماڻهو مونکي غنڊو ۽ بدتميز محسوس ٿئي ٿو، جنهن جوانيءَ جي انڌي جوش ۾ اهو الزام هنيو آهي. هي ان ماڻهو وانگر آهي جيڪو هڪ ڳجهارت ذريعي منهنجو امتحان وٺڻ چاهي ٿو. اها ڳجهارت هيئن آهي ته ڇا اهو عقلمند سقراط منهنجي تضاد بيانيءَ جو اندازو لڳائي وٺندو يا مان ان کي ۽ ٻين ٻڌڻ وارن کي دوکو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندس. ڇو ته هي ماڻهو ائين محسوس ٿئي ٿو: پنهنجي لڳايل الزامن ۾ تضاد نٿو رکي، پر خدائن تي اعتقاد رکي ٿو، اصل ۾ اها ئي راند آهي جيڪا هو کيڏي رهيو آهي.
ڀائرو ! مونڏانهن اچو، مان هن کان سوال ڪريان ٿو ۽ اسان سڀ ملي هن جي بيان جي لفظن جي، جيڪي مونکي محسوس ٿين ٿا، جاچ ڪريون ٿا. تون ميلي ٽاس، مونکي جواب ڏي. توهان دوستو، مهرباني ڪري اهو ياد رکو، جيڪو مون توهان کي شروع ۾ چيو هيو ته جيڪڏهن آءٌ پنهنجي معمول واري انداز ۾ ڳالهه ڪريان ته شور نه مچائجو. ڇا ڪو ماڻهو ميلي ٽاس تي اهو يقين ڪري سگهي ٿو ته انسانن سان لاڳاپيل شيون ته موجود آهن پر انسانن جو وجود نه آهي؟ منهنجي خواهش آهي ته ميلي ٽاس ئي جواب ڏئي. مهرباني ڪري هن کي هر هر نه ٽوڪيو. ڇا ڪير به يقين ڪري سگهي ٿو ته گهوڙن سان لاڳاپيل شيون ته موجود آهن پر گهوڙا نه، بانسري وڄائڻ واريون شيون ته موجود آهن پر بانسري وڄائڻ وارو نه آهي؟ منهنجا دوست، جيڪڏهن تون جواب نٿو ڏيڻ چاهين ته تنهنجي ڪري مان، توکي ۽ باقي سڀني کي جيڪي هتي موجود آهن، جواب ڏيان ٿو ته نه ائين نه آهي پر منهنجي هن سوال جو جواب توکي ضرور ڏيڻو پوندو. ڇا ڪو اهڙو ماڻهو آهي، جيڪو اهو سمجهي ته خدائن سان لاڳاپيل شيون ته موجود آهن پر خدائي هستيون موجود نه آهن.
ميلي ٽاس: نه اهڙو ڪو به ڪونهي.
سقراط : تو اهو جواب ڏئي خوش ڪري ڇڏيو. توڙي جو اهو جواب عدالت جي مجبور ڪرڻ تي ڏنو اٿئي پر تو اعتراف ڪيو آهي ته آءٌ خدائي شين تي، پوءِ اهي نيون هجن يا پراڻيون پر بهرحال خدائي شيون آهن، اعتقاد رکان ٿو ۽ اهو ئي سيکاريان به ٿو. تنهنجي پنهنجي لفظن مطابق، جنهن تي تون پنهنجي الزامي بيان جو حلف کنيو آهي. مان ان تي ايمان رکان ٿو ته اهو به ضروري آهي ته مان خدائي هستين تي به ايمان رکان. ڇا اهو صحيح نه آهي؟ يقينن اهو صحيح آهي! تون جواب نه ٿو ڏين ته مان ان کي تنهنجي طرفان ها سمجهندس. چڱو، ڇا اسين انهن خدائي هستين کي خدا يا خدا جا پٽ نٿا سمجهون؟ جواب ڏي، ها يا نه!؟
ميلي ٽاس : مان ها ڪريان ٿو.
سقراط : جهڙوڪر تون تسليم ڪري رهيو آهين ته مان خدائي هستين تي يقين رکان ٿو ۽ اهي خدائي هستيون جيئن تو چيو، هڪ قسم جا خدا آهن. مان پهرين ئي چيو هو ته تنهنجو الزام راند يا ڳجهارت کان گهٽ نه آهي ۽ هاڻي مان ان جو ثبوت به ڏيان ٿو. پهريون تون چوين پيو ته مان خدائن تي اعتقاد نٿو رکان، وري چوين ٿو ته رکان ٿو، ڇو ته خدائي هستين کي مڃان ٿو. پر جيڪڏهن خدائي هستيون، خدا جو ناجائز اولاد آهن، جيئن عام طور تي سمجهيو ويندو آهي، ته اهڙو ڪير آهي جيڪو اهو سمجهي ته خدائن جو اولاد ته آهن پر اهي خدا نه آهن. هي ائين ئي آهي جيئن ڪو اهو مڃي ته گهوڙن ۽ گڏهن جا ٻچا ته آهن پر گهوڙا ۽ گڏهه نه هوندا آهن. اصل ۾ ميلي ٽاس، اهو الزام لڳائڻ وقت تنهنجي نيت اها ئي هئي ته تون اهو ڏسڻ چاهين پيو ته ان معاملي ۾ڪيستائين کيڏي سگهين ٿو يا پوءِ تو وٽ الزام لڳائڻ جي لاءِ صحيح ڳالهه ئي نه هئي، ڇو ته تون ڪنهن به ماڻهوءَ کي جيڪو ٿورڙو به شعور رکي ٿو، اهو باور نٿو ڪرائي سگهين ته ڪو ماڻهو روحاني ۽ خدائن سان واسطيدار شين تي ته اعتقاد رکي ٿو پر خدائي هستين ۽ خدائن جي وجود کي نٿو مڃي! اهو بلڪل ناممڪن آهي.
بهرحال دوستو، آءٌ ميلي ٽاس جي لڳايل الزامن تحت بلڪل ڏوهاري نه آهيان، ان سلسلي ۾ ان کان وڌيڪ صفائي پيش ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، ايترو ئي ڪافي آهي، پر مون ڪجهه دير پهرين چيو هو ته گهڻا ماڻهو مون کان دلي نفرت ڪن ٿا. توهان يقين ڪريو، حقيقت هيءَ آهي ته مونکي جيڪڏهن ڪا شيءِ ڏوهي قرار ڏياريندي ته اهي ميلي ٽاس يا ايني ٽاس نه پر اها نفرت ۽ عداوت آهي جيڪا اڪثر ماڻهو منهنجي خلاف سانڍيو ويٺا آهن. انهيءَ نفرت ۽ دشمني مون کان اڳ گهڻن صالح ماڻهن کي بدڪردار قرار ڏياريو آهي. ڪو سبب نه آهي ته اهو عمل اڄ رڪجي وڃي ۽ اهو معاملو وري نه دهرايو وڃي، شايد توهان مان ڪو اهو چوي ته سقراط، ڇا اهو ندامت جو باعث نه آهي. تو اهڙو طرز عمل اختيار ڪري رکيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اڄ موت جي تلوار سر تي لٽڪي رهي اٿئي؟ اهڙي قسم جي سوال جو مون وٽ ڏاڍو معقول جواب آهي ته منهنجا دوستو، جيڪڏهن توهان اهو سمجهو ٿا ته هڪ ماڻهوءَ کي، جنهن ۾ سٺائيءَ جو ڪو ترورو به باقي آهي، زندگي ۽ موت جو حساب رکڻ گهرجي ته توهان صحيح نه سمجهيو. اهڙي ماڻهوءَ کي جڏهن هو ڪنهن ڪم ۾ مصروف آهي ته صرف ان جو فڪر ڪرڻ گهرجي ته اهو صحيح ڪري رهيو آهي يا غلط ۽ اهو ته ان جو عمل صالحن جهڙو آهي يا فتني بازن جهڙو، ڇو ته ان دليل مطابق تي اهي سمورا جيڪي ٽروجن جي جنگ ۾ مري ويا، وڏا بدنصيب هئا خاص ڪري ٿيٽينز جو پٽ اڪليز جنهن ذلت سان زنده رهڻ جي مقابلي ۾ خطرن کي منهن ڏيڻ پسند ڪيو. جڏهن هن هيڪٽر کي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته هن جي ماءُ جيڪا پاڻ به هڪ ديوي هئي، چيو ”منهنجا پٽ، جيڪڏهن تو پنهنجي دوست پيٽروڪلس جي قتل جو بدلو ورتو ۽ هيڪٽر کي ماريو ته پاڻ به مارجي ويندين ڇو ته هيڪٽر کانپوءِ تنهنجو وارو آهي.“ هن ماءُ واتان پيشن گوئي ٻڌڻ باوجود موت جي پرواهه نه ڪئي ۽ اهو پسند نه ڪيو ته هڪ اهڙي بزدل ماڻهوءَ وانگر جيئرو رهي جيڪو پنهنجي دوست جو بدلو به نه وٺي سگهيو. ”موت بيشڪ اچي،“ هن چيو ” پر مان ڏوهاريءَ کي سزا ضرور ڏيندس، مان هتي ٽٽل جهاز جي تختن تي مذاق ڪرڻ ۽ ڌرتيءَ جي سيني تي بار بڻجي زندهه رهڻ نٿو چاهيان.“ ڇا توهان سمجهو ٿا ته هن خطرن ۽ موت کي ڪا اهميت ڏني هئي؟
دوستو! اصل ۾ ڳالهه هيءَ آهي ته جڏهن به ڪو شخص پنهنجو پاڻ کي ڪنهن اهم محاذ تي متعين ڪري ٿو، چاهي پاڻ اهو سمجهندو هجي ته ان جڳهه تي بيهڻ هُن لاءِ صحيح آهي يا سندس ڪپتان هن کي ان جڳهه تي بيهاريو هجي. مان سمجهان ٿو ته هن کي پٺتي هٽڻ ۽ هانوَ هارڻ جي ذلت جي مقابلي ۾ بهرحال پنهنجي جڳهه تي بيهي ڊيوٽي ڏيندو رهڻ گهرجي، پوءِ خطرا ڪيترا به هجن ۽ آڏو موت ئي ڇو نه هجي.
ايٿنز واسيو! ڇا ائين ڪرڻ منهنجي لاءِ عجيب نه هوندو ته مان پاٽي ڊايا ايمفي پولس ۽ ڊيلي اين ۾ انهن محاذن تي ته ارادي جي مضبوطيءَ سان بيٺو رهيس جتي منهنجي سرواڻن جن کي اوهان ماڻهن چونڊيو هو، بيهاريو هو، اتي مان ٻين سان گڏ موت سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيس، پر جنهن محاذ تي مونکي خدا بيهاريو آهي جيئن منهنجو يقين ۽ اعتقاد آهي ۽ مونکي اها ذميواري سونپيائين ته پنهنجي زندگي حقيقت جي ڳولا ۾ صرف ڪريان، پنهنجو پاڻ کي به جاچيان، ٻين جو به امتحان وٺان، تڏهن خطرا ۽ موت آڏو ڏسي مان ان محاذ تان پوئتي هٽان؟ يقينن ائين ڪرڻ عجيب ٿيندو، پوءِ ڇا جڏهن ڪو ماڻهو مونکي ڏوهاري قرار ڏئي عدالت ۾ آڻي ۽ الزام ته عقلمند ۽ ڏاهو آهي، جڏهن ته حقيقت ائين نه آهي ته هو واقعي حق تي هوندو ڇو ته موت کان ڊڄڻ جو مطلب ان کانسواءِ ڪجهه نه آهي ته توهان اهو سمجهو ته وڏو عقلمند آهي، جڏهن ته حقيقت ۾ ائين نه هجي. اهو انڪري ته توهان جو گمان آهي ته هو جيڪو ڄاڻي ٿو، اهو توهان نه ٿا ڄاڻو، ڪوبه نٿو ڄاڻي ته موت ڇا آهي؟ شايد اها انسان جي لاءِ هڪ عظيم الشان نعمت ئي هجي پر ماڻهو موت کان ائين ڊڄن ٿا ڄڻ اهو انهن جي لاءِ بدترين مصيبت آهي. اهو ان کانسواءِ ڇا آهي ته اها ئي پراڻي جهالت ته توهان سمجهو ٿا، ڄاڻو ٿا پر توهان ڪجهه نٿا ڄاڻو.
دوستو، مان شايد گهڻن ماڻهن کان ان معاملي ۾ ڪجهه مختلف آهيان ۽ ٻين جي مقابلي ۾ جيڪڏهن آءٌ ٿورڙي ڏاهپ جي دعويٰ ڪريان ٿو ته ان ڪري جو مان ڄاڻان ٿو ته ٻي دنيا جي احوال جي باري ۾ وڌيڪ نٿو ڄاڻان. مونکي صرف ايترو پتو آهي ته خدا جي ۽ پاڻ کان بهتر ماڻهن جي نافرماني ڪرڻ، خراب ۽ بي حيائيءَ جي ڳالهه آهي. تڏهن انهن براين جي خوف کان، جن جي خراب هئڻ جو مونکي سٺي نموني پتو به آهي، مان موت کان نه گهٻرائيندس، نه لنوائيندس ۽ عين ممڪن آهي ته اها منهنجي لاءِ نعمت ئي هجي. تنهن ڪري جيڪڏهن توهان مونکي رها ڪريو ۽ ايني ٽاس جي ڳالهه رد ڪريو .... توهان کي ياد آهي هن ڇا چيو هو؟ هن چيو هو ته مونکي عدالت ۾ بلڪل آندو ئي نه وڃي ۽ جڏهن مونکي عدالت ۾ آندو ويو آهي، تڏهن موت جي سزا کان گهٽ سزا منهنجي لاءِ ممڪن نه آهي، ڇو؟ ان ڪري ته جيڪڏهن اڄ مونکي ڇڏيو ٿو وڃي ته توهان جا ٻار جلدي اهو ڪرڻ شروع ڪندا ته جيڪو سقراط سيکاري ٿو ان سان سڀئي گمراهه ٿي ويندا! ان جي جواب ۾ توهان جي طرفان جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته سقراط! هن دفعي اسان ايني ٽاس جي ڳالهه نه ٿا مڃون ان سان توکي ان شرط تي آزاد ڪريون ٿا ته تون پنهنجو وقت حقيقت جي ڳولا ۾ گذارڻ بند ڪري ڇڏيندين ۽ جيڪڏهن تو ائين نه ڪيو ته موت جي سزا جو مستحق قرار ڏنو ويندين. جيڪڏهن توهان مونکي انهن شرطن تي آزاد ڪندؤ ته اي شهر واسيو! منهنجو جواب هيءُ آهي ته توهان جي محبت ۽ شفقت جي وڏي مهرباني! مان توهان جي اطاعت جي مقابلي ۾ خدا جي اطاعت ڪندس. جيستائين سِسيءَ ۾ ساهه آهي، جسم ۾ طاقت آهي، آءٌ ڪڏهن به ان دعوت کان نه مڙندس. مان دعوت ڏيندو رهندس، ترغيب ڏياريندو رهندس، اوهان مان هر ان ماڻهوءَ کي جنهن سان ڪڏهن به منهنجي ملاقات ٿيندي ته مان چوندس منهنجا ڀاءُ! تون ايٿنز جو رهواسي آهين، اُن عظيم شهر جو شهري آهين جيڪو پنهنجي طاقت ۽ ڏاهپ ۾ مشهور آهي. توهان هر ممڪن ڪوشش ڪريو ٿا ته دولت، شهرت، مقام ۽ مرتبي ۾ بهتر کان بهتر ٿيندا وڃو، ڪڏهن اهو به سوچيو اٿوَ ته سچائي، ڏاهپ ۽ پنهنجي نفس جي لاءِ به ڪوشش ۽ محنت جي ضرورت آهي ته جيئن اهي به بهتر کان بهتر ٿين. پوءِ جيڪڏهن توهان مان ڪو مون سان بحث ڪري ۽ اهو چوي ته هو انهن شين جي نگهداشت ڪري ٿو ته مان نه کيس وڃڻ ڏيندس ۽ نه ئي پاڻ ويندس. ان کان سوال پڇندس، کيس جاچيندس، پرکيندس ۽ جيڪڏهن مون ڄاتو ته هو چوي ٿو ته، کيس خير ۽ نيڪيءَ جو علم آهي پر حقيقت ۾ اڻڄاڻ آهي ته مان کيس اهو احساس ڏياريندس ته هن انتهائي قيمتي شين جي لاءِ تمام ٿورو سوچيو، جڏهن ته معمولي شين جي لاءِ وڏي ڊڪ ڊوڙ ۾ آهي. اها ئي تبليغ مان هر هڪ کي جنهن سان به ملندس، ڪندس، پوءِ اهو ڪراڙو هجي يا جوان، ملڪي هجي يا غير ملڪي، خاص ڪري سڄڻن کي هن پاسي ضرور سڏيندس! ڇو ته توهان منهنجي قوم ۽ برادريءَ مان آهيو. يقين ڪريو، ان ڪم جو حڪم مونکي خدا ڏنو آهي ۽ منهنجو ايمان آهي ته هن شهر جي لاءِ منهنجي هن خدا ڪارڻ خدمت کان وڌيڪ ڪا به ڀلائي نٿي ٿي سگهي. منهنجو ڪم صرف اهو ئي آهي ته توهان کي هن ڳالهه لاءِ مائل ڪريان پوءِ جوان هجن يا ڪراڙا ته پنهنجي جسم ۽ مال کي پهرين ترجيح قرار نه ڏيو پر روح ۽ نفس جي پاڪيزگيءَ کي مٿڀرو مقام ڏيو. روح جي ايتري نشونما ڪريو جو اهو نيڪيءَ جي اعليٰ مقام تي پهچي وڃي. آءٌ توهان کي ٻڌايان ٿو ته، خير ۽ نيڪي، مال ۽ دولت سان نه ٿي ملي پر خير ۽ نيڪيءَ سان مال به ملي ٿو ۽ اهي سڀ شيون به ملن ٿيون جيڪي انسان جي ذاتي ۽ اجتماعي زندگيءَ لاءِ ضروري آهن، جيڪڏهن مان اهو سيکارڻ سان نوجوانن کي خراب ڪري رهيو آهيان ته واقعي منهنجا نظريا خطرناڪ آهن پر جيڪڏهن ڪو اهو چئي ته مان ان کانسواءِ ٻيو ڪجهه چوان ٿو ته اهو ڪوڙ ٿو ڳالهائي. توهان ايني ٽاس جي ڳالهه مڃو يا نه مڃو، مونکي ڇڏيو يا نه ڇڏيو، پر اهو چڱيءَ طرح ڄاڻي وٺو ته جيڪو ڪم آءٌ ڪري رهيو آهيان ان جي خلاف ڪڏهن به نه ڪندس، پوءِ مونکي ان جي لاءِ ڪيترا ئي دفعا مرڻو ڇونه پوي.
دوستو! گوڙ نه ڪيو! مهرباني ڪري اها ڳالهه مڃو جيڪا مون توهان سان شروع ۾ ڪئي هئي ته منهنجي ڳالهه ۾ دخل نه ڏجو، پوءِ مان جيڪو ڪجهه به چوان. مونکي ضرور ٻڌو، ڇو ته مونکي ٻڌڻ سان توهان ضرور ڪجهه حاصل ڪندؤ. مونکي ڪجهه ٻيو به چوڻو آهي جنهن کي ٻڌي شايد توهان شور مچايو پر خدا جي واسطي ائين نه ڪجو. ان ڳالهه جو يقين ڪريو ته توهان جيڪڏهن مون جهڙي شخص کي ماري ڇڏيو ته منهنجي بدران پنهنجو پاڻ کي ئي نقصان پهچائيندو. مونکي ميلي ٽاس يا ايني ٽاس ذرو به نقصان نٿا پهچائي سگهن. انهن جي اندر ۾ ايتري طاقت نه آهي ڇو ته خدا جو قانون ان جي اجازت نٿو ڏئي ته هڪ برو ماڻهو، هڪ سٺي ماڻهوءَ کي پنهنجي برائيءَ سان نقصان پهچائي سگهي. هو ان کي ماري سگهي ٿو، ان کي ڏيهه نيڪالي ڏئي سگهي ٿو، ان جا شهري حق غصب ڪري سگهي ٿو ۽ شايد هو ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو به ائين سمجهن ته اهو وڏو زخم آهي پر مان ائين نٿو سمجهان، ان جي بجاءِ جيڪو ڪم ايني ٽاس هاڻي ڪري رهيو آهي، يعني هڪ ماڻهوءَ کي ناحق مارڻ جي ڪوشش، ان کي وڏو شر سمجهان ٿو. تنهن ڪري، ايٿنز واسيو! آءٌ پنهنجو دفاع پنهنجي لاءِ نه پيو ڪريان جيئن توهان جو گمان آهي، بلڪ توهان جي خاطر پنهنجو دفاع ڪري رهيو آهيان ته جيئن مونکي گنهگار قرار ڏئي توهان اها غلطي نه ڪري ويهو ته خدا هڪ نعمت عطا ڪئي هئي جنهن کي توهان ٺڪرائي ڇڏيو. ڇو ته جيڪڏهن مونکي ترت ماري وڌوَ ته جلد ڪو ٻيو مون جهڙو توهان کي نه ملندو. مون کي خدا هن شهر سان ڳنڍيو آهي.... اهو چوڻ کل جوڳو لڳي ٿو..... ته ڄڻ ڪا شيءِ سختيءَ سان جوڙي وئي هجي. رياست جو مثال هڪ چڱيءَ طرح پاليل گهوڙي وانگر آهي، جيڪو پنهنجي وزن ۽ هيڏي وجود جي ڪري سست رفتار آهي. هن کي هڪ اهڙي ڏنگ جي ضرورت آهي جيڪو کيس ننڊ مان جاڳائي هوشيار ڪري. اهڙي ئي هڪ ڏنگ وانگر خدا مونکي هن رياست سان ڳنڍي ڇڏيو آهي ته آءٌ سڄو ڏينهن ان جي جسم تي گهمندو وتان، توهان مان هر هڪ وٽ هلي وڃان، ان کي غفلت جي خواب مان جاڳائيندو ۽ هوشيار ڪندو رهان. سڄڻَو! اهڙو ماڻهو توهان کي سولائي سان نه ملندو. منهنجي نصيحت مڃو ته مونکي وڃڻ ڏيو پر شايد ان بدحواس ماڻهوءَ وانگر جنهن کي ننڊ مان اوچتو اٿاريو ويو هجي، توهان مون تي ئي هٿ کڻو ۽ ايني ٽاس جي ڳالهه مڃي مونکي موت جي سزا ڏيو، تهان پوءِ وري سڄي زندگي ستا رهجو، اوستائين جو خدا پنهنجي ٻاجهه سان مون جهڙو ڪو ٻيو توهان کي ننڊ مان اٿارڻ جي لاءِ موڪلي ڏئي. رهي اها ڳالهه ته مان خدا جي طرفان ان رياست جي لاءِ هڪ نعمت آهيان، ان کي توهان منهنجي ڪردار سان جاچي ڏسي سگهو ٿا. شهر واسيو! اهو عام انسانن جو طريقو نه آهي جيئن مون پنهنجي سمورن ذاتي معاملن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. منهنجا گهريلو معاملا ڪيترن ئي ورهين کان ڪُنڊائتا پيل آهن ۽ منهنجو حال اهو آهي ته هر وقت توهان ماڻهن سان مصروف آهيان. توهان مان هر هڪ وٽ ائين ويندو آهيان جيئن هڪ وڏو ڀاءُ يا پيءُ ويندو آهي. توهان کي خير ۽ ڀلائيءَ لاءِ راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. جيڪڏهن مون ان خدمت جي عيوض ڪو به فائدو يا رقم وصول ڪئي آهي ته ان جو ڪونه ڪو سبب ضرور هوندو پر توهان پاڻ ئي ڏسو ته مون تي الزام هڻندڙ هر قسم جو الزام بي شرميءَ سان لڳايو پر ان جو هڪ به گواهه پيش نه ڪري سگهيا ته مان ڪڏهن ڪنهن کان فيس ورتي يا ان جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته مان پنهنجي صفائيءَ ۾ واضح شهادت پيش ڪريان ٿو ۽ اهو آهي منهنجي غربت ۽ افلاس.
شايد توهان کي اها ڳالهه عجيب محسوس ٿئي ته مان صحيح ماڻهن وٽ انفرادي طور ويندو آهيان، کين نصيحت ڪندو آهيان ۽ هر وقت اِن ڪِرت ۾ مشغول آهيان، پر اسيمبليءَ ۾ نه ايندو آهيان ۽ رياست کي مشورا نه ڏيندو آهيان. ان جو سبب آءٌ توهان کي ڪيترائي دفعا ڪيترين ئي جڳهن تي ٻڌائي آيو آهيان ۽ جنهن کي ميلي ٽاس پنهنجي بيان ۾ ٽوڪيو آهي، اهو آهي ته مون تي هڪ روحاني ۽ الهامي نوعيت جي شيءِ اچي ٿي. اهو معاملو مون سان ننڍپڻ کان وٺي اڃ تائين آهي. مان ڪنهن ڪم ۾ هٿ وجهندو آهيان ته هڪ آواز مونکي اهو ڪم ڪرڻ کان روڪيندو آهي. پر ڪنهن ڪم ڪرڻ تي مجبور نه ڪندو آهي. ان آواز ئي مونکي اجتماعي معاملن ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته ان جهل پل ۾ وڏي حڪمت آهي. توهان ان جو يقين ڪريو ته جيڪڏهن مان اجتماعي معاملن ۾ حصو وٺان ها ته ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو هجان ها. هاڻي منهنجي سچ چوڻ تي توهان ناراض نه ٿيو. حقيقت اها ئي آهي ته جيڪو ماڻهو به توهان جي پارٽيءَ سان يا ڪنهن ٻي پارٽيءَ سان حقيقي اختلاف رکي ٿو ۽ رياست ۾ ظلم ۽ ناانصافيءَ جي ڳالهين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ان جي زندگي خطري کان خالي نه آهي. ان ڪري اهڙي ماڻهوءَ جي لاءِ جيڪو واقعي سچائيءَ جي ويڙهه وڙهي رهيو هجي، جيڪڏهن ان کي باقي رهڻو آهي، پوءِ ٿوري وقت لاءِ ئي سهي ضروري آهي ته هو اجتماعي معاملن کان الڳ رهي انفرادي زندگي گذاري. مان توهان کي ان ڳالهه جو نهايت واضح ثبوت به پيش ڪريان ٿو جيڪو صرف زباني جمع خرچ نه بلڪ اهي واقعا آهن، جن جي اوهان جي نظر ۾ وڏي اهميت آهي. ٻڌو! خود مون سان ڇا ٿيو، ان مان توهان کي به پتو پئجي ويندو ته مون موت جي خوف کان ڪڏهن به ڪنهن کي عدل ۽ انصاف جي خلاف عمل جي رعايت نه ڏني. پوءِ اها رعايت نه ڏيڻ جي ڪري آءٌ ٿڏي تي ڇو نه ماريو وڃان! آءٌ توهان کي قانوني عدالتن جو قصو ٻڌايان ٿو جيڪو بور ڪندڙ پر سچو آهي.
شهر واسيو! مون رياستي معاملن ۾ ڪڏهن به حصو نه ورتو سواءِ هڪ ڀيري، جڏهن آءٌ هڪ دفعو سينيٽ جو ميمبر رهيس. ان وقت حڪومتي معاملن ۾ منهنجي قبيلي ايني روڪس جو عمل دخل هو. ان وقت ڏهن جنرلن تي ان الزام ۾ ڪيس هليو ته انهن سامونڊي ويڙهه کانپوءِ لاش نه کنيا هئا. توهان اهو چاهيو پيا ته انهن سڀني تي گڏ مقدمو هلايو وڃي جيڪو قانون جي خلاف هو. ان جو بعد ۾ توهان اعتراف به ڪيو. پر ان وقت پنجاهه ماڻهن جي مجلس ۾، صرف مان ئي هس جنهن ان غير قانوني ڪم ڪرڻ جي مخالفت ڪئي ۽ مخالفت ۾ ووٽ وڌو. ان وقت به مقرر منهنجي مذمت ڪري رهيا هئا، مونکي تڏهن ئي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ها ۽ هاڻي رڙيون ڪري کين ائين ڪرڻ تي اڀارين ٿا، مون جيل ۽ موت جي خوف کان ظلم جو ساٿ نه ڏنو هو. سڀني خطرن کي منهن ڏنم پر قانون ۽ انصاف جو مان مٿانهون ڪيم. هي ان وقت جو واقعو آهي جڏهن ملڪ ۾ جمهوريت هئي. جڏهن الخاصه حڪومت آئي ته ٽيهن جي ٽولي مونکي پنهنجي چيمبر ۾ گهرايو ۽ حڪم ڏنو ته چئن ٻين ماڻهن سان گڏ سلاميس وڃان ۽ سلامي شخص ليون کي وٺي اچان ته جيئن ان کي موت جي سزا ڏني وڃي. انهن اهڙا ئي حڪم ٻين کي به ڏنا هئا. چاهين پيا ته پنهنجي گناهن ۾ وڌ کان وڌ ماڻهن کي ملوث ڪن. ان موقعي تي به مون زباني جمع خرچ سان نه بلڪه پنهنجي عمل سان اهو ثابت ڪيو هو ته مونکي موت جي رتي برابر به پرواهه نه آهي. جيڪڏهن پرواهه آهي ته ان ڳالهه جي ته ڪوبه ڪم ظلم ۽ ناانصافيءَ سان نه ٿيڻ گهرجي. اها حڪومت وڏي طاقتور هئي پر مونکي خوفزده ڪري غلط ڪم ڪرڻ تي مجبور نه ڪري سگهي. اهڙي نموني جڏهن اسان چيمبر مان ٻاهر آياسين ته باقي چار ٽوليون کي آڻڻ لاءِ سلاميس هليا ويا، جڏهن ته مان پنهنجي گهر آيس. جيڪڏهن ٽيهن جي اها حڪومت جلد ختم نه وڃي ها ته منهنجي ان حرڪت تي شايد مونکي موت جي سزا ڏني وڃي ها.
ڇا توهان اهو سمجهو ٿا ته مان رياستي معاملن ۾ حصو وٺان ها، هڪ سچي انسان وانگر هميشه عدل کان ڪم وٺان ۽ پوءِ ايتري عرصي تائين جيئرو به رهان؟ ايٿنز واسيو! نه، آءٌ يا ڪوبه ٻيو ماڻهو اهڙو طرزعمل اختيار ڪري پنهنجو پاڻ کي بچائي نه پيو سگهي. مان پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ائين ئي رهيو آهيان. چاهي انفرادي معاملا هجن يا اجتماعي، ڪڏهن به ڪنهن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ ناانصافيءَ کان ڪم نه ورتو اٿم. ڪنهن جو استاد نه آهيان پر جيڪڏهن ڪو ڪراڙو يا جوان مونکي پنهنجي مشن دوران ٻڌڻ جو خواهشمند آهي ته مون ڪنهن کي ان کان روڪيو نه آهي. نه وري منهنجي اها عادت آهي ته پئسا وٺي بحث ڪريان يا جيستائين پئسا نه ملن، بحث نه ڪريان••••• پر آءٌ ته هر وقت تيار رهندو آهيان ته ڪير به امير هجي يا غريب مونکان سوال پڇي يا اسان مان جيڪڏهن ڪير اهو چاهي ته پهرين آءٌ ان کان سوال پڇان. آءٌ ٻين کي پنهنجي ڳالهه چوڻ جو پورو موقعو ڏيندو آهيان پوءِ جيڪو چوڻو هوندو آهي چوندو آهيان. ان کانپوءِ منهنجي ٻڌڻ وارن مان ڪو سٺو بڻجي ويندو آهي يا برو ته ان جي لاءِ مون تي الزام نٿو لڳائي سگهجي، ڇو ته مون ڪنهن کي تعليم ڏيڻ جو وعدو نه ڪيو هو ۽ نه ئي ڪنهن کي ان انداز سان سيکاريو هو. اهڙي نموني جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهو چوي ته هن علحدگيءَ ۾ مونکان جيڪو ڪجهه ٻڌو ۽ سکيو آهي، جيڪو مون سڀني جي وچ ۾ نه چيو آهي ته سمجهو ته اهو سچ نه پيو ڳالهائي.
پوءِ ڪهڙو سبب آهي ته ڪي ماڻهو منهنجي صحبت ۾ ايترو وقت گذارڻ پسند ڪن ٿا؟مانائتا دوستو، توهان پهرين ئي مونکان ٻڌي چڪا آهيو. مون توهان کي اصل حقيقت ٻڌائي آهي ته اهي مونکي امتحان ۾ ڏسڻ چاهين ٿا جيڪي پاڻ کي عقلمند سمجهن ٿا پر حقيقت ۾ اهي عقلمند نه آهن. انهن لاءِ اهو ڪم وندر ورونهن آهي پر منهنجي لاءِ اهو خدا جو حڪم آهي جيڪو هن پنهنجي نشانين، خوابن ۽ سڀني طريقن سان ڏنو آهي، جيئن خدا جي منشا انسان تي ظاهر ٿئي. ايٿنز جا شهريو! اصل حقيقت اها ئي آهي ۽ ان جو ثبوت به واضح آهي. اهو هيئن ته جيڪڏهن مان نوجوانن کي خراب ڪري رهيو آهيان ۽ گهڻن کي خراب ڪري چڪو آهيان ته لازمي طور تي انهن کان جيڪي وڏا ٿي چڪا آهن ۽ اهو ڄاڻي چڪا آهن ته جڏهن اهي نوجوان هئا ته انهن مونکان ڪافي مشورا ۽ نصيحتون حاصل ڪيون هيون، هاڻي عدالت ۾ پيش ٿيڻ کپن ۽ مونتي الزام لڳائين ۽ مونکي سزا ڏيارين. جيڪڏهن اهي پاڻ ائين نٿا ڪرڻ چاهين ته انهن جي مائٽن، انهن جي والدين، انهن جي ڀائرن يا سندن خاندان جي ٻين ماڻهن کي، جن کي منهنجي هٿان نقصان پهتو آهي، هاڻي ٻڌائڻ گهرجي ته جيئن مونکان بدلو وٺي سگهن، انهن مان گهڻا منهنجي خيال ۾ هتي موجود نه آهن، پر انهن مان ڪن کي مان هتي ڏسي رهيو آهيان. سڀ کان اڳ اسٽرو بولس جو پيءُ ڪرائٽو هتي موجود آهي. اهو منهنجو هم عمر به آهي ۽ منهنجي علائقي جو به آهي. سينٽين جو رهواسي لائيانياس آهي جيڪو ايسڪينيز جو پيءُ آهي. سيفي سنين جو رهڻ وارو اينٽي نان آهي جيڪو ايبي جينز جو پيءُ آهي، ان کان علاوه ڪجهه ٻيا به آهن، جن جا ڀائر مون سان گڏ هئا. انهن مان نڪوسٽرٽس آهي جيڪو ٿيوس ڊوٽائي ڊيز جو پٽ ۽ ٿيوڊوٽس جو ڀاءُ آهي. ٿيوڊوٽس ته مري چڪو آهي، انڪري هو هن کي ڪجهه چوڻ کان روڪي نٿو سگهي. پارلس جيڪو ڊيموڊوڪس جو پٽ ۽ ٿيايجيز جو ڀاءُ آهي. ان کان علاوه آءٌ ارسٽون جي پٽ ايڊي مينٽس کي به ڏسي رهيو آهيان، جنهن جو ڀاءُ افلاطون به موجود آهي. اپالو ڊورس جو ڀاءُ آئينٽوڊورس به هتي ئي آهي. ان کانسواءِ ٻيا به ڪافي آهن جن جا نالا مان توهان کي ٻڌائي سگهان ٿو ۽ جن مان ڪن کي ميلي ٽاس کي ضرور پنهنجي تقرير ۾ گواهه طور گهرائڻ کپندو هو. جيڪڏهن هو وساري چڪو آهي ته هاڻي انهن مان ڪنهن کي گواهيءَ لاءِ پيش ڪري، آءٌ وارو ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هو ڳالهائي ۽ ٻڌائي ته وٽس انهن مان ڪنهن جي گواهي آهي؟ پر منهنجا عزيز شهريو! توهان حقيقت کي ان جي ابتڙ ڏسندو. اهي سڀ منهنجي مدد جي لاءِ تيار آهن. ها! مان اخلاق جو خراب آهيان ۽ بقول ميلي ٽاس: سندن مائٽن لاءِ به ڏک ۽ اذيت جو باعث آهيان. مان جن کي خراب ڪري چڪو آهيان، اهي منهنجي تائيد ڪن ته پوءِ شايد ڪو سبب ٿي سگهي ٿو پر سندن اهي مِٽ مائٽ جن کي مون نه برغلايو آهي، جيڪي اڌيڙ عمر جا آهن، اهي به جيڪڏهن منهنجي حمايت ڪن ته پوءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ته اهي ڀلائي ۽ سچائيءَ جي طرفداري ڪرڻ چاهين ٿا. هو ڄاڻن ٿا ته ميلي ٽاس ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ۽ مان سچ چئي رهيو آهيان.
اي شهر واسيو! مان پنهنجي معذرت ۾ جيڪو ڪجهه عرض ڪري سگهان پيو بس اِهي ئي حقيقتون آهن يا شايد انهن جهڙيون ڪي حقيقتون به هونديون. هاڻي شايد توهان مان ڪي صاحب ان ڳالهه تي دل ئي دل ۾ خار کائيندا هجن جڏهن کين اهو ياد اچي ته ڪڏهن اهي به ڪنهن اهڙي مقدمي کي جيڪو ان کان گهٽ سنگين هو، منهن ڏئي رهيا هئا. ان وقت انهن ڪيتريون التجائون ڪيون هيون. ججن جي دلين کي نرم ڪرڻ لاءِ ڪيترا ڳوڙها ڳاڙيا هيا. پنهنجي ٻچن ۽ رشتيدارن کي انهن ڏانهن موڪليو هو ۽ ساڻن گڏ بي شمار دوست به هئا پر مان جيئن ته ظاهر ٿي رهيو آهي، ائين نه ڪري رهيو آهيان ۽ اهو به اهڙين حالتن ۾ جڏهن نهايت سنگين خطري ۾ آهيان. منهنجي ان طرز عمل کي ممڪن آهي ڪير خراب محسوس ڪري ۽ ان ڪري سندس دل منهنجي لاءِ سخت ٿي وڃي ۽ هو غصي ۾ منهنجي خلاف ووٽ ڏئي. جيڪڏهن توهان مان ڪو ائين محسوس ڪري ٿو ته مان نهايت ادب سان کيس چوندس ته جناب اعليٰ! منهنجا به عزيز ۽ رشتيدار آهن، ڇو ته بقول هومر: مان نه ته پٿر مان پيدا ٿيو آهيان ۽ نه ڪاٺ مان. انسان جو اولاد آهيان، انڪري منهنجا به مِٽ مائٽ ۽ دوست آهن. انهن کان علاوه منهنجا ٽي پٽ آهن، هڪ ته جوان ٿي چڪو آهي ۽ ٻه اڃا ٻار آهن، پر مان انهن مان ڪنهن کي به ان ڪم لاءِ هتي نه آڻيندس ته اهي منهنجي حق ۾ ووٽ وجهن. مان اهو سڀ ڇو نه پيو ڪريان؟ ان ڪري نه ته مان مغرور آهيان ۽ نه انڪري ته توهان کي گهٽ ۽ حقير سمجهان ٿو. آءٌ بهادريءَ سان موت کي منهن ڏيان ٿو يا نه، اهو هڪ جدا مسئلو آهي پر اصل ڳالهه هيءَ آهي ته مونکي پنهنجي، توهانجي ۽ رياست جي حيثيت کي نظر ۾ رکندي اهو پنهنجي شان جي خلاف محسوس ٿئي ٿو ته آءٌ اهڙو، ڪم ڪريان ۽ اهو به هن عمر ۾ ۽ ان شهرت سان، پوءِ اها سٺي آهي يا خراب. گهٽ ۾ گهٽ هڪ عام راءِ آهي ته سقراط عام ماڻهن کان ڪهڙي به نموني برتر هو ۽ اها شرم جهڙي ڳالهه هوندي ته اوهان مان جيڪي ڪهڙي به نموني ٻين کان برتر هجن، چاهي عقل ۽ ڏاهپ ۾ يا ڪنهن ٻي نيڪيءَ ۾، اهي اهڙي طرز عمل جو مظاهرو ڪن. مون اڪثر سٺي شهرت رکڻ وارن کي به، جڏهن هو ڏوهي قرار ڏنا ويندا آهن، انتهائي عجيب طرز عمل جو مظاهرو ڪندي ڏٺو آهي. شايد سندن خيال هوندو آهي ته جيڪڏهن مري ويا ته خطرناڪ مصيبت ۾ وٺجي ويندا، نه ته هميشه زنده رهندا. آءٌ سمجهان ٿو ته اهڙا ماڻهو رياست جي لاءِ رسوائيءَ جو باعث آهن ڇو ته انهن کي ڏسي غيرملڪي اهو سمجهندا ته ايٿنز جا اعليٰ رتبي جا ماڻهو به، جن کي سندن پنهنجا ساٿي حڪومت ۽ ٻين اعزازن جي لاءِ چونڊيندا آهن، عورتن کان بهتر نه آهن. ان نوعيت جون حرڪتون، اسان جهڙي شهرت رکڻ وارن کي زيب نٿيون ڏين ۽ نه ئي توهان کي اسان کي اهڙين حرڪتن جي اجازت ڏيڻ کپي توهان کي سواءِ ان شخص جي جيڪو سنجيدگيءَ سان پنهنجو دفاع ڪري، هر ان ماڻهوءَ جي مذمت ڪرڻ گهرجي جيڪو شهر کي اهڙن دردناڪ منظرن سان کِل جوڳو بڻائي ڇڏي. پر جيڪڏهن ان وقار جي معاملي کي ڇڏي ڏجي، تڏهن به مونکي اهو صحيح نه ٿو لڳي ته ڪو ماڻهو جج کي دليلن سان قائل ڪرڻ بجاءِ صرف ان جي رحمدليءَ تي انحصار ڪري آزاد ٿي وڃي ڇو ته جج صاحب عدالت ۾ عدل ڪرڻ لاءِ ويهن ٿا، انڪري نه ته انصاف کي بطور عنايت ڪنهن جي جهوليءَ ۾ وجهن. ان جو حلف اهو آهي ته قانون مطابق انصاف ڪن. اهو نه ته جيڪو انهن کي خوش ڪري ان کي نوازين. اسان کي گهرجي ته توهان کي ان حلف جي خلاف ورزيءَ جي عادت وجهڻ نه ڏيون ۽ توهان به پنهنجو پاڻ کي ان عادت ۾ مبتلا نه ڪيو. اهي ٻئي خدا جي نظر ۾ هڪ جهڙيون برايون آهن ڇو ته ٻنهي صورتن ۾ ائين ڪرڻ صحيح عمل جي خلاف آهي. ان ڪري مون کان اهو مطالبو نه ڪيو ته مان توهان جي لاءِ اهڙي طرز عمل جو مظاهرو ڪريان جيڪو نه سٺو آهي، نه صحيح آهي ۽ نه ئي جائز، خاص ڪري زيوس جو قسم، هن موقعي تي مون جهڙي شخص لاءِ جيڪو ميلي ٽاس جهڙي ماڻهوءَ جي بدولت مذهب جي منڪر جي حيثيت سان عدالت ۾ بيٺو آهي. ظاهر آهي جيڪڏهن مان رحم ڏياري اوهانجون همدرديون حاصل ڪريان ۽ مجبور ڪريان ته توهان پنهنجي کنيل قسم جي خلاف ورزي ڪيو ته پوءِ آءٌ يقينن توهان کي هيءُ سيکاري رهيو آهيان ته توهان خدائن تي يقين نه رکو. اهڙي نموني پنهنجو دفاع ڪندي مان پاڻ ئي پنهنجو پاڻ کي خدائن تي ايمان نه رکڻ جو ڏوهي ثابت ڪندس پر مان اهڙين شين کان گهڻو پري آهيان. منهنجو انهن تي ايمان، مون تي الزام هڻندڙن جهڙو نه آهي. آءٌ پنهنجي ڪيس جو فيصلو توهان تي ۽ خدا تي ڇڏيان ٿو ته جيئن اسان ٻنهي جي لاءِ جيڪو بهتر آهي، اهو ئي ٿئي.
(ان موقعي تي هڪ وقفو ٿيو ته جيئن ڪيس جو فيصلو ووٽنگ ذريعي ڪيو وڃي. سقراط جي حق ۾ 0 2 3 ووٽ ۽ مخالفت ۾ 1 8 3 ووٽ پيا. 1 6 ووٽن جي اڪثريت سان سقراط ڏوهي قرار ڏنو ويو. ايٿنز ۾ قانون اهو هو ته ڏوهاريءَ کي پنهنجي لاءِ متبادل سزا تجويز ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو هو. ان کانپوءِ جيوري ڏوهاري لاءِ تجويز ڪيل سزا ۽ ان جي متبادل سزا تي ٻيهر ووٽنگ ڪندي هئي. ان قانون مطابق سقراط کي پنهنجي لاءِ سزا تجويز ڪرڻي هئي، ان لاءِ هن عدالت کي ٻيهر خطاب ڪيو.)
ايٿنز واسيو! جيڪو فيصلو هاڻي توهان ٻڌايو آهي، مونکي ان تي افسوس نه آهي. سبب ان جا ڪافي آهن. خاص ڪري اهو ته جيڪو ڪجهه ٿيو اهو توقع جي خلاف نه هو پر مونکي ٻنهي پاسي پيل ووٽن جي تعداد تي حيراني آهي. منهنجو خيال هو ته منهنجي خلاف پوندڙ ووٽن جو تعداد تمام گهڻو هوندو پر هاڻي جيئن ظاهر آهي ته جيڪڏهن ايني ٽاس ۽ لائي ڪان مونکي ڏوهي قرار ڏيڻ ۾ ميلي ٽاس جو ساٿ نه ڏين ها ته ڪل ووٽن جو پنجون حصو به نه ملي ها ۽ هزار ڊالر ڪم جو جرمانو ادا ڪرڻو پوي ها.
ان شخص منهنجي لاءِ موت جي سزا تجويز ڪئي آهي. چڱو، ائين ئي سهي. هاڻي دوستو، آءٌ پنهنجي لاءِ ڪهڙي سزا تجويز ڪريان؟ ايترو واضح آهي ته جيڪا به سزا تجويز ڪريان اها بهرحال مناسب هجڻ گهرجي. پر منهنجي سزا ڪهڙي هجي، ڪيترو جرمانو مناسب رهندو؟ ڇو ته آءٌ سڄي زندگي چين سڪون سان نه ويٺو آهيان، ۽ مون انهن شين کي، جن تي ماڻهو مري مٿو ڏيندا آهن: مال ميڙڻ، گهر ۽ خاندان سنوارڻ، فوجي عهدن، عوامي خطابن نه انهن کان علاوه هن شهر جي انتظامي عهدن، پلاٽن ۽ جماعتن کي ذري جيتري به اهميت نه ڏني. ڇو ته مونکي يقين هو ته انهن ۾ مبتلا ٿي گناهن کان آجو رهي نه سگهندس. مان اتي نه ويس جتي وڃي توهان لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ ڀلائي نه ڪري سگهان. البته هر ان جڳهه تي ويس جتي اميد هئي ته توهان کي خير جي نعمت سان مالامال ڪري سگهندس. مون ڪوشش ڪئي ته توهان مان هر هڪ کي قائل ڪريان ته پنهنجي نفس جي نگهداشت، پنهنجي دنياوي مفادن کان پهريان ڪريو ۽ اهڙي نموني ڪريو جيئن نيڪي ۽ ڏاهپ ۾ اعليٰ درجي تي پهچي وڃو. رياست کي پهرين ترجيح ڏئي ۽ ان سان لاڳاپيل پنهنجي مفادن کي بعد ۾ ڏسي. اها ئي ترتيب ٻين معاملن ۾ به رکي، اهو اهڙو ماڻحو ڪري جنهن لاءِ مناسب به هجي. مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڇا مناسب آهي جيڪو غريب آهي، توهان جي لاءِ فائديمند آهي، جيڪي اطمينان ۽ سڪون چاهيو ٿا. اهڙي ماڻهوءَ جي لاءِ اي شهر واسيو، ان کان بهتر ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو ته کيس رياست جي خرچ تي مفت طعام ۽ قيام جي سهولت سان ٽائون هال ۾ رهايو وڃي. هو ان عياشيءَ جو اولمپيا ۾ گهوڙيسوار يا بگي گوءِ ۾ انعام حاصل ڪرڻ وارن کان وڌيڪ اهل آهي، ڇو ته اهي اوهان کي سطحي خوشي ڏين ٿا، جڏهن ته مان توهان کي حقيقي مسرت ڏانهن وٺي وڃان ٿو. انهن کي مفت رهڻ ڪهڻ جي ضرورت نه آهي جڏهن ته مونکي آهي. ان ڪري جيڪڏهن مان پنهنجي نيڪ ڪاوشن جي عيوض ڪنهن سزا جو حقدار آهيان ته اها بلڪل اها ئي آهي: ٽائون هال ۾ مفت طعام ۽ قيام. شايد منهنجو ائين چوڻ اوهان کي برو لڳي بلڪل ائين جيئن مون عدالت ۾ روئڻ پٽڻ جي باري ۾ چو هيو، پر دوستو، اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي، مون ائين انڪري چيو ته مونکي پورو يقين آهي ته مون ڪڏهن به ڪنهن کي ڄاڻي واڻي نقصان نه پهچايو آهي پر آءٌ توهان کي ان جو يقين نه ڏياري سگهيو آهيان ڇو ته اسانکي ڳالهائڻ جي لاءِ تمام ٿورو وقت مليو آهي. جيڪڏهن هتي به اهو ئي قانون هجي جيڪو ٻين ملڪن ۾ آهي ته موت جي سزا جا مقدما هڪ ڏينهن نه پر ڪيترائي ڏينهن هلن ته آءٌ توهان کي ان ڳالهه جو يقين ضرور ڏياريان ها پر ايتري ٿوري وقت ۾ پنهنجي خلاف ايڏي وڏي ڪوڙ کي ختم ڪرڻ سولو ڪم نه هو. مونکي يقين آهي ته مون ڪنهن جي خلاف برو نه ڪيو آهي، انڪري پنهنجو پاڻ کي غلط نه سمجهندس، پنهنجي خلاف سزا نه ٻڌائيندس. اهو نه چوندس ته آءٌ ڪنهن بري سلوڪ جو حقدار آهيان، پنهنجي لاءِ ڪنهن بري شيءِ جو تعين به نه ڪندس ۽ ڪريان به ڇو؟ ڇا ان سزا جي خوف کان، جيڪا ميلي ٽاس تجويز ڪئي آهي، جڏهن ته منهنجو چوڻ اهو آهي ته مان نٿو ڄاڻان ته اها سٺي آهي يا خراب ۽ ان بدران اهڙيون شيون چونڊيان جيڪي يقينن بريون آهن ۽ اهي سزا طور تجويز ڪريان؟ ڇا چوان! جيل؟ مان جيل ۾ ڇو رهان انهن جو غلام بڻجي، اهي يارهن جيڪي اتان جا آفيسر آهن؟ ته پوءِ ڇا جرمانو ۽ جرمانو ادا ڪرڻ تائين جيل؟ پر منهنجي معاملي ۾ اهو جيل کان گهٽ نه آهي، ڇو ته مون وٽ ڪوبه مال نه آهي جنهن سان جرمانو ادا ڪري سگهان.. ته پوءِ ڇا چوان! ملڪ بدري؟ توهان شايد منهنجي لاءِ اها سزا مڃي وٺو ۽ جيڪڏهن مونکي زندگي پياري آهي ته اها ئي سزا پنهنجي لاءِ تجويز ڪريان پر مان ڇا اهڙو ويل آهيان؟ توهان منهنجا هم وطن آهيو، منهنجو ڪم ۽ منهنجون ڳالهيون برداشت نٿا ڪري سگهو. اهي شيون توهان جي لاءِ ايتريون تڪليف واريون آهن جو توهان مونکي ملڪ بدر ڪيو ته ڇا ٻيا ان کي سولائيءَ سان برداشت ڪندا؟ ڪيڏو عجيب منطق آهي! نه ايٿنز جا شهريو، اهو ڏکيو آهي ته ڇا اها شاندار زندگي هوندي ته مان هن عمر ۾ هجرت ڪريان ۽ شهر شهر ڀڄندو رهان. ڇو ته مونکي پڪو يقين آهي ته جتي به ويندس، نوجوان منهنجون ڳالهيون ائين ٻڌندا جيئن هتي ٻڌن ٿا. جيڪڏهن مون کين ڌڪاريو ته اهي مونکي ڌڪاريندا ۽ جيڪڏهن ائين نه ڪيم ته سندن والدين ۽ خاندان وارا، انهن خاطر مونکي ٻاهر ڪڍندا.
شايد توهان مان ڪو چوي ته: توهان اسان وٽان ڪٿي ٻئي هنڌ ڇو نه ٿا هليا وڃو؟ ڇو نٿا ڪنهن ٻي جڳهه تي وڃي خاموشيءَ سان ماٺ ميٺ ۾ زندگي گذاريو؟ اها ڳالهه توهان کي سمجهائڻ سڀ کان ڏکي آهي. ان ڪري جڏهن مان اهو چوان ٿو ته اهڙي نموني چپ چاپ زندگي گذارڻ خدا جي نافرماني ٿيندي، تنهن ڪري ائين نٿو ڪري سگهان ته توهان يقين نه ڪندئو بلڪ سمجهندئو ته شايد مان غلط بياني ڪري رهيو آهيان. جيڪڏهن مان اهو چوان ته ڪنهن انسان جي لاءِ اها وڏي نعمت آهي ته روزانو نيڪي ۽ ٻين اهڙين شين جي باري ۾ بحث ڪري، جن جي باري ۾ توهان مون سان ڳالهه ٻول ڪري، پنهنجو ۽ ٻين جو امتحان وٺو ٿا ۽ اهو ته زندگي حقيقت جي ڳولا کانسواءِ بي معنيٰ آهي ته توهان اڃا به گهٽ يقين ڪندئو پر مانائتا دوستو، اصل حقيقت اها ئي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته توهان کي ان جو يقين ڏيارڻ سولو نه آهي. ان کانسواءِ منهنجي سمجهه ۾ اها ڳالهه نٿي اچي ته مونکي ڪهڙي به نموني ڪا سزا ملڻ گهرجي. جيڪڏهن مون وٽ رقم هجي ها ته آءٌ جرماني جي ايتري رقم تجويز ڪريان ها جيڪا ادا ڪري سگهان ها. ائين ڪرڻ سان مونکي ڪوبه نقصان نه پيو پهچي پر هاڻي جڏهن صورتحال هيءَ آهي ته اها ڳالهه بحث کان ٻاهر آهي ته جرماني جي رقم اوهان ايتري گهٽ رکو جو آءٌ ان کي ادا ڪرڻ جي قابل هجان.
شايد مان توهان کي چانديءَ جو هڪ منهاس ادا ڪري سگهان ٿو ۽ آءٌ ان کي جرمانو قرار ڏيان ٿو. هتي افلاطون، ڪرائٽو، اسٽرو بولس ۽ اپالو ڊورس مونکي چيو آهي ته ڏنڊ جي رقم ٽيهه منهاس ڄاڻايان ۽ هو انهن جي ادائگيءَ جي ضمانت ڏين ٿا. تڏهن آءٌ ان کي جرماني جي رقم قرار ڏيان ٿو. اهي ماڻهو ان رقم جي ادائگيءَ جا مناسب ضامن آهن.
(سقراط طرفان پنهنجي لاءِ ڏنڊ جي تجويز ڪيل سزا تي ۽ ميلي ٽاس جي تجويز ڪيل موت جي سزا تي هڪ دفعو وري راءِ شماري ٿي. عدالت اڪثريت راءِ سان سقراط جي خلاف موت جي سزا جو فيصلو ٻڌايو. سقراط ان مختصر وقفي ۾، جڏهن کيس جيل وڃڻو هو، اتي موجود ماڻهن کي خطاب ڪيو).
ايٿنز جا شهريو! توهان کي ڪو گهڻو انتظار نه ڪرڻو پوندو. جلد ئي اهو الزام هنيو ويندو ته توهان هڪ ڏاهي ماڻهو سقراط کي موت جي منهن ۾ ڏئي ڇڏيو. اسان جي شهر تي تنقيد ڪرڻ جا خواهشمند ائين هو ضرور چوندا، اهي جڏهن اوهان تي تهمتون هڻندا تڏهن توڙي جو مان عقلمند نه هجان. تڏهن به عقلمند چوندا. جيڪڏهن توهان ٿورو صبر ڪيو ها ته اها شيءِ توهان کي پنهنجو پاڻ حاصل ٿي وڃي ها. منهنجي عمر ڏسو، مرڻ جي ويجهو آهيان. اها ڳالهه مان توهان سڀني کي نه چئي رهيو آهيان پر انهن کي جن منهنجي لاءِ موت جي حق ۾ ووٽ ڏنو آهي. مونکي انهن ماڻهن سان ڪجهه ٻيو به ڳالهائڻو آهي. توهان شايد اهو سمجهندا هوندا ته دليل نه هجڻ جي ڪري مان ڏوهي قرار ڏنو ويو آهيان، اهي دليل جيڪي توهان کي ترغيب ڏين ٿا. جيڪڏهن آءٌ صحيح طرز عمل اختيار ڪريان ها ته اهو ڪم ۽ ڳالهه ڪريان ها جنهن سان آءٌ ان سزا کان بچي وڃان ها. اصل ڳالهه اها نه آهي. آءٌ دليل نه هجڻ جي ڪري نه پر بيحيائي ۽ بي شرمي جي نه هجڻ ڪري ڏوهي قرار ڏنو ويو آهيان، آءٌ ان ڪري ڏوهي قرار ڏنو ويو آهيان جو مان رنس ڪونه، منٿون نه ڪيم ۽ اهي حرڪتون نه ڪيم جيڪي توهان ٻين ۾ ڏسڻ جا عادي آهيو ۽ جن جي باري ۾ مون توهان کي ٻڌايو هو ته ائين ڪرڻ مونکي نٿو جُڳائي. ان وقت به خطري کي آڏو ڏسي مون اهو نه سوچيو هو ته ڀاڙيائپ جو مظاهرو ڪجي ۽ هاڻي به مونکي پنهنجي دفاع لاءِ هن طريقيڪار تي افسوس نه آهي. مان اهڙيون حرڪتون ڪري زنده رهڻ بجاءِ مرڻ وڌيڪ پسند ڪندس. منهنجي لاءِ يا ڪنهن ٻئي جي لاءِ اهو جائز نه آهي ته موت کان بچڻ جي لاءِ پوءِ اهو عدالت ۾ هجي يا جنگ ۾، هر ممڪن رستو اختيار ڪري. جنگ ۾ اڪثر ائين ٿيندو آهي ته ڪو ماڻهو هٿيار اڇلي، حملي آورن کان رحم جي خيرات گهري موت جي منهن مان بچي ويندو آهي، اهڙي ئي قسم جي خطرن ۾ موت کان بچڻ جا ڪافي رستا هوندا آهن. شرط اهو آهي ته هر ڪم ڪرڻ ۽ هر ڳالهه چوڻ تي آماده هجي.
نه، دوستو، مشڪل ڪم موت کان بچڻ نه پر برائيءَ کان بچڻ آهي ڇو ته اها موت کان وڌيڪ تيزيءَ سان ايندي آهي. مون جهڙي ڪراڙي ۽ سست ماڻهوءَ کي ان موت جڪڙيو آهي جنهن جي رفتار سست آهي، جڏهن ته منهنجي چالاڪ ۽ تيز الزام هڻندڙ دوستن کي ان برائيءَ جڪڙيو آهي جيڪا تيز رفتار آهي. آءٌ توهان جي طرفان ڏوهي قرار ڏئي موت جي سزا ماڻڻ ٿو وڃان ۽ هو سچائيءَ جي جا ڏوهي ليکجي مڪاري ۽ ظلم جي سزا ڀوڳڻ ٿا وڃن. مونکي پنهنجي سزا اختيار ڪرڻي آهي، هُنن کي پنهنجي. ائين ئي مقدر ۾ هو ۽ مان سمجهان ٿو ته اهو صحيح به آهي.
هاڻي ايٿنز واسيو، آءٌ انهن ماڻهن لاءِ اڳڪٿي ڪريان ٿو جن مونکي ڏوهي قرار ڏنو آهي، مان زندگيءَ جي ان پل ۾ آهيان، جتي اڪثر انسانن ۾ اڳڪٿي جي قوت وڌي ويندي آهي يعني اها گهڙي جڏهن موت سامهون نظر ايندو آهي. جن مونکي ڏوهي قرار ڏنو آهي انهن جي لاءِ منهنجي اڳڪٿي هيءَ آهي ته منهنجي مرڻ کان جلد پوءِ، زيوس جو قسم! انهن تي عذاب ايندو، جيڪو هن سزا کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ سخت هوندو جيڪا انهن مونکي ڏني آهي. توهان اهو سوچي هيءُ ڪم ڪيو آهي ته مستقبل ۾ ان ڳالهه جي جواب دهي کان بلڪل آزاد آهيو، پر مان توهان کي چوان ٿو ته صورتحال ان جي ابتڙ هوندي. ڪو هڪڙو ناهي جيڪو توهان کي ڏوهي قرار ڏيندو، پر ڪيترا ئي آهن جن کي مون روڪيو آهي ۽ جن جو توهان کي اندازو نه آهي. جيترا اهي نوجوان هوندا، سمورا توهان تي ڏمريل هوندا ۽ اوترو ئي توهان انهن جي هٿان پريشان ٿيندئو. جيڪڏهن توهان اهو سمجهو ٿا ته ماڻهن کي موت جي سزا ڏيڻ سان توهان کين غلط زندگيءَ ڏانهن وڃڻ کان روڪي سگهو ٿا ته اها انتهائي غلط سوچ آهي ڇو ته اها راهِه فرار نه ممڪن آهي ۽ نه ئي مناسب. پر ٻيو رستو سولو به آهي ۽ عزت جي لائق به، ته توهان ٻين جي زندگين جا ڏيئا وسائڻ بجاءِ پنهنجين زندگين کي نيڪين سان سنوارڻ جي ڪوشش ڪريو. اها منهنجي اڳڪٿي انهن جي لاءِ آهي جن مونکي ڏوهي چيو ۽ انهن سان هاڻي منهنجو معاملو ختم ٿيو.
هاڻي مونکي ڪجهه انهن ماڻهن کي چوڻو آهي جن منهنجي دفاع ۾ ووٽ ڏنو آهي. هينئر جڏهن مئجسٽريٽ صاحب مصروف آهن ۽ مونکي ان جڳهه تي نه پيا وٺي وڃن، جتي مونکي مرڻو آهي، تيستائين مان وڏي خوشيءَ سان، اڄ جي موجوده واقعن تي اوهان سان ڳالهائيندس. منهنجا دوستو! منهنجي خواهش آهي ته مهلت جي ان ٿوري وقفي ۾ توهان مون سان گڏ رهو، ڇو ته جيستائين مهلت آهي ڪوبه اسان کي هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ کان روڪي نٿو سگهي. منهنجا دوستو! توهان تي مان اهو راز ظاهر ڪري رهيو آهيان، جيڪو مون تي هاڻي ئي ظاهر ٿيو آهي. جج صاحبو! توهان کي جج چئي ڪري حقيقت ۾ توهان کي صحيح نالي سان پڪاري رهيو آهيان. منهنجي لاءِ اڄ نهايت ئي شاندار ڪم ٿيو آهي. هڪ ڄاتل الهامي آواز، هڪ پيغمبرانه غيبي فرشتو اڪثر مون وٽ ايندو هو، مان غلطي ڪرڻ وارو هوندو هوس ته نهايت معمولي شين تي به مونکي ٽوڪيندو هو پر اڄ جيئن اوهان پاڻ ڏٺو ۽ جيئن سمجهيو وڃي ٿو ته هڪ وڏي مصيبت مون تي نازل ٿي آهي، هڪ دفعو به گهران نڪري عدالت اچڻ تائين، عدالت ۾ پنهنجي دليلن دوران ان بيغمبرانه غيبي فرشتي مونکي نه ٽوڪيو. هونئن اهو مونکي منهنجي ٻين تقريرن ۾، ڳالهه ٻولهه دوران ٽوڪيندي دير نه ڪندو هو. پر اڄوڪي واقعي دوران هن مونکي بلڪل نه ٽوڪيو، نه عمل ۾ نه تقرير ۾. آءٌ ان جو ڪهڙو مطلب سمجهان؟ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي ان ۾ئي منهنجي بهتري آهي ۽ اسان مان جيڪو موت کي برائي سمجهي رهيو آهي انهن جي راءِ يقين سان صحيح نه آهي. ان جو سڀ کان وڏو ثبوت اهو آهي ته جيڪڏهن ان معاملي ۾ منهنجي لاءِ بهتري نه هجي ها ته منهنجي معمول جو الهامي انسان ضرور ٽوڪي ها.
اچو هِن ڳالهه جو هڪ ٻئي رخ کان جائزو وٺون ته موت جي نعمت هجڻ جي توقع ڪيتري آهي؟ موت ٻن شين مان پڪ سان هڪ آهي: يا ته مرڻ وارو بلڪل ئي ختم ٿي ويو يا اهو ته هو هتان کان ٻي جڳهه ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي. جيڪڏهن موت کان پوءِ شعور بلڪل ختم آهي ۽ موت ان ننڊ وانگر آهي جنهن ۾ ڪو خواب به ڪونهي ته اها شاندار نعمت نه هوندي. منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن ڪير به ان پرسڪون رات جو مقابلو پنهنجي زندگيءَ جي سڀني ڏينهن سان ڪري يا ڏسي ته ان ۾ ڪيترا ڏينهن يا راتيون هيون جيڪي ان رات کان وڌيڪ مٺيون ۽ پرسڪون هيون ته مونکي يقين آهي ته عام ماڻهو ته ڇڏيو پر پارس جو بادشاهه به آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڏينهن مس ڏسي سگهندو. پر جيڪڏهن موت هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه منتقلي آهي ۽ جيڪڏهن اهو سچ آهي جيڪو چيو ويو آهي ته جيڪي مري چڪا آهن اهي اتي هوندا ته جج صاحب! ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي نعمت هوندي، ڇاڪاڻ ته جيڪو شخص انهن ماڻهن کان جيڪي هتي پنهنجو پاڻ کي جج چون ٿا، نجات حاصل ڪري آخرت ۾ ويندو ته اتي هو انهن حقيقي ججن کي ڏسندا جن جي باري چيو ويو آهي ته هو اتي انصاف ڪن ٿا. مائي نوس، راڌامير، آئٽايڪوز، ٽرلٽيولميوس ۽ اهڙيون ئي ٻيون هستيون جيڪي دنيا ۾ نيڪوڪار هيون. پوءِ ڇا اهو انتقال خراب ڳالهه آهي؟ پر اتي ته آرفيس، موزياسس، هزيڊ ۽ هومر جي همراهي نصيب ٿيندي، جنهن جي لاءِ توهان مان هر ڪوئي ڪيتروئي خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته مان ڪيترائي دفعا مرڻ لاءِ تيار آهيان ڇو ته مونکي اتي رهڻ تمام سٺو لڳندو. اتي مان پالاسيڊيز ۽ ڪيترين ئي انهن هستين سان ملندس جيڪي ناانصافين جي ور چڙهي ويون. آءٌ پنهنجي تجربي جي انهن سان ڀيٽ ڪندس، جيڪو هڪ خوشگوار تجربو هوندو پر سڀ کان مزي جي ڳالهه اها هوندي ته مان اتي به ماڻهن کان سوال ڪري کين جاچيندس پرکيندس ۽ اهو معلوم ڪندس ته ڪير اصل ڏاهو آهي ۽ ڪير ڏاهو بڻجي ٿو پر آهي ڪين. منهنجي عدالت جا جج صاحبو! ان ماڻهوءَ کان سوال ڪرڻ جي لاءِ جنهن ٽراءِ جي خلاف عظيم مهم جي اڳواڻي ڪئي هئي اوڊليس، سستي فاس يا ان مهم ۾ شامل هزارين مرد ۽ عورتن کان پڇڻ خاطر، ڪو به پنهنجو ڇا نه قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندو؟ انهن ماڻهن سان اتي ڳالهه ٻول ڪرڻ، جاچڻ، پرکڻ ۽ ساڻن گڏ رهڻ هڪ لازوال مسرت کان گهٽ نه آهي. اتي هن دنيا ۾ اُهي هتان کان وڌيڪ خوش آهن، ان ڪري به ته جيئن چيو ويو آهي ته اهي اُتي باقي عرصو ابدي زندگي گذاريندا.
توهان جج صاحبن کي گهرجي ته موت جي باري ۾ سٺي توقع رکو. گهٽ ۾ گهٽ هن ڳالهه جي حقيقت تي ايمان رکو ته هڪ نيڪ ماڻهوءَ کي، ڪا به برائي هرگز نقصان نٿي پهچائي سگهي، نه هِن دنيا ۾ نه هُن دنيا ۾ ۽ نه وري ڪڏهن خدا اهڙن ماڻهن جا معاملا نظر انداز ڪيا آهن، ان ڪري منهنجو اهو انجام صرف اتفاق نه آهي پر مونکي صاف محسوس ٿئي پيو ته منهنجي لاءِ هاڻي مرڻ ۽ دنيا جي تڪليف کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ئي بهتر آهي. اهو ئي سبب آهي جو منهنجي الهامي فرشتي مون کي نه ٽوڪيو ۽ ان جي ڪري ئي آءٌ انهن ماڻهن کان پڻ بلڪل خفا نه آهيان، جن مونکي ڏوهي قرار ڏنو، ۽ مون تي الزام لڳايا آهن. پر جڏهن انهن مون تي الزام لڳايا ته سندن نيت اها ئي هئي ته مونکي نقصان پهچائين. بس ان ئي معاملي ۾ مٿن الزام ٺهي ٿو. مونکي ساڻن هڪ ڪم به آهي: جڏهن منهنجا پٽ وڏا ٿي وڃن ۽ پوءِ جيڪڏهن هو نيڪيءَ جي مقابلي ۾ مال ۽ دولت گڏ ڪرڻ کي ترجيح ڏين ته توهان انهن کي ائين ئي تنگ ڪجو جيئن مان توهان کي ڪندو هيس. جيڪڏهن هو اهو ظاهر ڪرڻ لڳن ته وڏي شخصيت بڻجي ويا آهن پر حقيقت ۾ ائين نه هجي ته کانئن پڇاڻو ڪجو، ائين جيئن آءٌ توهان کان پڇاڻو ڪندو هوس، ڇو ته اهي ان جي حفاظت نه ڪري رهيا آهن، جنهن جي حفاظت انهن کي ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪجهه سمجهڻ لڳا آهن جڏهن ته حقيقت ائين نه آهي. جيڪڏهن توهان ائين ڪيو ته مان ۽ منهنجا پٽ ٻئي اوهان جي هٿان صحيح انصاف حاصل ڪندا.
هاڻي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي، اسان پنهنجن پنهنجن رستن ڏانهن وڃون ٿا، مان مرڻ ۽ اوهان زنده ڏانهن رهڻ. ڪهڙو رستو بهتر آهي، اهو خدا ڄاڻي ٿو.
ڊاڪٽر خليفه عبدالحڪيم پنهنجي ڪتاب ”داستان دانش“ ۾ سقراط جي ڳالهين جو خلاصو هيئن بيان ڪيو آهي ته انهن سڀني بحثن جو نچوڙ ڪڍجي ته ڪجهه بنيادي ڳالهيون ڇنڊجي ڇاڻجي آڏو اچن ٿيون: پهرين اها ته عقل ڪل جو وجود آهي، اها ته خير مطلق جو وجود آهي، ٽين ته نيڪي عقل آهي ۽ بَدي جهالت، چوٿين بنياد ڳالهه اها آهي ته نيڪي پنهنجو پاڻ ئي اجر آهي ۽ بَدي پنهنجو پاڻ ئي سزا آهي. خارجي ۽ مادي جزا سزا جو نيڪي ۽ بَديءَ تي عائد ٿيڻ لازمي نه آهي ۽ هڪ لحاظ سان غير واسطيدار پڻ رياست جڏهن عقل ۽ اصول جي بنيادن تي قائم ڪئي وڃي ته ماڻهن جي زندگي ۽ اجتماعي نظام ڪهڙي قسم جو هجڻ گهرجي ۽ عادل ۽ عامل حڪمرانن جي جماعت ڪيئن وجود ۾ اچي سگهي ٿي. عاقل ۽ عادل فرد، عادل ۽ عاقل جماعت هڪ ٻئي جو آئينو آهن. جن اصولن سان هڪ فرد جي زندگيءَ ۾ توازن، هم آهنگي ۽ سعادت پيدا ٿئي ٿي، انهن ئي اصولن سان جماعت ۽ رياست ۾ به اهائي ڪيفيت ظاهر ٿئي ٿي.
سقراط حقيقت ۾ فقط هڪ خدا جو قائل هو جيڪو سراپا عقل ۽ سراپا عدل آهي سندس خيال ۾ خدا نج خير آهي ۽ نفس ۾ ان نج خير جي عرفان جو نالو نيڪي آهي. سندس عقيدو هو ته روح، جسم ۾ داخل ٿيڻ کان ۽ مادي جي ملوث ٿيڻ کان پهريان به موجود هو ۽ ان جسم جي فنا ٿيڻ کانپوءِ به موجود رهندو. هو چوي ٿو ته اعليٰ درجي جي زندگي مرڻ کان اڳ موت جي هڪ ڪوشش آهي. جذبات ۽ مادي خواهشن کان بچي خالص ۽ نج خير ڏانهن وڃڻ جسماني موت ۽ روحاني زندگي آهي. ڏاهو انسان ان قسم جي موت جي ڪوشش جسماني زندگيءَ جي اندر رهندي ئي شروع ڪندو آهي، ان کانپوءِ جسم جي تحليل کان ڊڄڻ بدران ان سان خوش ٿيندو آهي، ان کان پري نه ڀڄندو آهي. عاقل مرد جي نشاني هيءَ آهي ته کيس جسماني موت کان بلڪل ڪوبه خوف نه ٿيندو آهي. سقراط پنهنجي شهادت وقت ان جو ثبوت ڏنو ته سندس قول ۽ فعل هڪجهڙو آهي. هاڻي سندس تعليم جا اهم نقطا بغير ڪنهن منطقي ترتيب جي پيش ڪجن ٿا.
1 . سڀني انسانن جو علم محدود آهي، غير انساني مخلوق جو علم ڏکيو به آهي ۽ غير ضروري به، انسان کي نيڪيءَ جو علم ٿي سگهي ٿو، پر اهو به پوري طرح نه.
2 . ٻيا ماڻهو به جاهل آهن ۽ آءٌ به جاهل آهيان، پر هو پنهنجي جهالت کان ناواقف آهن ۽ ان جهالت کي به علم سمجهن ٿا. مونکي انهن تي فوقيت اها آهي ته آءٌ ڄاڻان ٿو ته مون کي ڪا خبر ڪانهي.
3 . پاڻ سڃاڻو، سڀني حقيقتن جو در پاڻ سڃاڻڻ سان ئي کلي ٿو.
4 . اخلاقيات ئي اصل علم آهي، باقي سڀ علم ان جي مقابلي ۾ ثانوي آهن.
5 . انسان ڪائنات جو مينار آهي، پر ان جو مطلب ڪنهن فرد جا هنگامي جذبات ۽ محسوسات نه آهن. نج خير جو مينار انسان جي فطرت جي اندر لڪل آهي.
6 . جنهن کي حقيقت چون ٿا، اها جزئيات ۾ نه، بلڪ ڪُليات ۾ ملي ٿي، نيڪي ۽ علم، ڪلي اصول جي عرفان ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو نالو آهي.
7 . ڄاڻڻ ٻن قسمن جو آهي: هڪ راءِ ۽ ٻيو علم. عام ماڻهو فقط راءِ رکن ٿا ۽ ان تي عمل ڪن ٿا، علم صرف داناءُ کي حاصل هوندو آهي.
8 . بحث کان اڳ هر لفظ جي معنيٰ متعين ڪئي وڃي، جيستائين بحث هيٺ تصور جي چٽي وضاحت نه هجي، تيستائين ان بحث جو ڪوبه نتيجو نه نڪرندو آهي.
9 . علم جا اصلي اصول انسان جي فطرت جي اندر لڪلآهن. تعليم جو مقصد ٻاهران ڪنهن جي اندر معلومات داخل ڪرڻ نه بلڪ ان جي اندران فطري اصول بي نقاب ڪرڻ آهي. سمورو اصلي علم انساني روح جو ازلي سرمايو آهي. انسان جي فطرت علم سان ڀري حامله آهي. معلم کي دائيءَ جو ڪم ڪرڻ گهرجي.
10 . ڪوبه ماڻهو ڄاڻي واڻي برائي نه ڪندو آهي. علم سان ضرور نيڪي ئي ٿيندي ۽ جهالت سان بَدي. بد ماڻهو به شر کي خير سمجهي ڪندو آهي. فطري طور اهو به خير جو طالب آهي، پر جهالت جي ڪري رستو ڀلجي ويو آهي.
11 . نيڪي علم آهي، ان ڪري ان ڪري اها پاڙهي سگهجي ٿي. خير ۽ شر جو اصول عقلي طور ماڻهن کي سمجهائي سگهجي ٿو.
12 . نيڪيءَ ۾ به وحدت نظر اچي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن هڪ معاملي انسان پوري طرح نيڪ ٿي وڃي ته باقي نيڪيون به ڏانهس هليون وينديون. ڪوئي ماڻهو ڪنهن هڪ پهلوءَ ۾ بد ٿي ٻئي پهلوءَ ۾ نيڪ نه ٿو ٿي سگهي.
13 . صحيح علم ۽ نيڪيءَ جي لاءِ لازمي آهي ته اهي عمل ۾ هجن.
14 . انسان جي فطرت جو ڪوبه پهلو فنا ڪرڻ جي قابل نه آهي. هر جبلت جو هڪ وظيفو آهي ۽ عدل سان ان وظيفي کي پورو ڪرڻ جو نالو نيڪي آهي.
15 . ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ سعادت ۽ هم آهنگي عدل سان قائم ٿي سگهي ٿي ۽ جماعت جي زندگيءَ ۾ به عدل سان. ماڻهو ۽ جماعت جو عدل هڪ ٻئي جو آئينو آهي.
16 . جماعت جو عدل اهو آهي ته هر طبقو اهل هجي ۽ کيس سونپيل ڪم سٺي نموني انجام ڏئي. فرد جي اندر عدل اهو آهي ته ان جي هر جبلت پنهنجو وظيفو پنهنجي حدن جي اندر پورو ڪري ته جيئن سڀني وظيفن سان ملي هم آهنگي پيدا ٿي وڃي جيڪا اصل سعادت آهي.
17 . انسان کان اعليٰ ترين مافوق الفطرت هستين جو وجود آهي پر اصل الوهيت هڪ خداءِ واحد کي آهي جيڪو نج خير ۽ علم آهي ۽ رب العالمين آهي.
18 . خارجي فطرت جي باري ۾ انسان کي فقط ايترو علم ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ نظم، ترتيب ۽ مقصد هوندو آهي، جنهن مان پتو پوي ٿو ته اها هڪ ڏاهي قوت جي مخلوق آهي.
19 . انسان هميشه عقل جي رهنمائي ۾ نه هلندو آهي پر اعليٰ قوتون به ان کي هدايت ڪنديون آهن ۽ غلط رستن تي هلڻ کان روڪينديون آهن.
20 . بَدي ڪرڻ سان ڪڏهن به حقيقي مسرت ۽ سعادت حاصل نه ٿي ٿي سگهي. سعادت نيڪيءَ سان جڙيل آهي ۽ نڀاڳ بديءَ سان. نيڪي پاڻ ئي پنهنجو اجر آهي ۽ بَدي پاڻ ئي پنهنجي سزا، پر خدا انهن سان ٻيون سزائون ۽ جزائون به جوڙي رکيون آهن جنهن جي مڪمل ڄاڻ ٻي زندگيءَ ۾ ملندي.
21 . ظلم ڪرڻ، ظلم سهڻ کان ڪيترائي دفعا بدتر آهي. ظلم سهڻ سان انسان جي اصليت يعني ان جي روح کي صدمو پهچي ٿو ۽ ان سان فساد پيدا ٿئي ٿو.
22 . جيستائين ڏاهن ۽ عادلن جي حڪومت نه هجي ته ڪوبه شريف ماڻهو عام زندگيءَ ۾ حصو نٿو وٺي سگهي. جيڪڏهن هو ڏاهپ ۽ سچائيءَ کان ڪم وٺندو ته گهڻو نقصان پهچندو. هن کي ڪنهن قسم جي قوت حاصل نه ٿيندي ۽ قومي مفاد ان ۾ آهي ته ان کي ماريو وڃي.
23 . خطابت عام طور تي خوشامد جي مشق جو نالو آهي. تمام گهٽ ائين ٿيندو آهي ته ڪو ماڻهو خطابت جي قوت کي صداقت جي لاءِ استعمال ڪري.
24 . خطيب هڪ خوشامدي بورچيءَ وانگر آهي جيڪو ذائقيدار کاڌا مريضن کي پيش ڪندو آهي ۽ کين ٿوري دير لاءِ اهو خوشامدي بورچي سچي طبيب جي مقابلي ۾ تعريف لائق ماڻهو لڳندو آهي. ڇو ته سچو طبيب مريض جي لاءِ ڪوڙيون دوائون ۽ سادي غذا تجويز ڪندو آهي.
25 . شاعر به اڪثر هوائي هوندا آهن، وڌاءُ کان ڪم وٺندا آهن ۽ ماڻهن جي جذبن سان کيڏڻ سندن مشغلو ٿي ويندو آهي. ان ڪري هو گهڻا مشهور ٿي ويندا آهن ۽ مالي نفعو به حاصل ڪندا آهن. عادل رياست ۾ شاعرن جو گهڻو احتساب ٿيڻ گهرجي.
26 . سچ اهو ئي ماڻهو ڳالهائي سگهي ٿو جيڪو ڏاهو هجي، جن جو نفعو ۽ نقصان حڪومت يا عوام جي هٿن ۾ نه هجي.
27 . سچو ماڻهو موت کان نه ڊڄندو آهي پر بد اعمالي ۽ روح جي تخريب کان لنوائيندو آهي.
28 . جيڪو ماڻهو رسمن رواجن جي پابندي يا عادت طور نيڪي ڪري ٿو ان کي به دنيا ۽ آخرت ۾ هڪ قسم جي سعادت حاصل ٿيندي پر اعليٰ ترين درجا صرف ان نيڪيءَ لاءِ آهن جنهن سان گڏ عرفان به هجي.
29 . نيڪيءَ سان گڏ سادگيءَ واري زندگيءَ جي خواهش ضروري آهي ڇو ته ان کانسواءِ نيڪي قائم نه ٿي رهي سگهي.
30 . ڏوهه ڪرڻ کانپوءِ سزا ڀوڳڻ، بچي نڪرڻ کان گهڻو بهتر آهي. بَدي هڪ روحاني بيماري آهي ۽ سزا ان جي دوا آهي. بيماريءَ جي هوندي دوا کان بچڻ وارو احمق آهي. اهڙي ڪوشش سان ان جي بيماريءَ جو ازالو نه ٿيندو. اها ويتر وڌندي. سزا جو مقصد تهذيب (ڦيٽاڙو) نه بلڪ تهذيب (سڌارو) آهي.