• لبيا جي ’آزادي‘ ۽ انسان جي سامراجي شڪل! : شفقت قادري
(فاڪلاو هافيل چيڪو سلوواڪيا جو پهريون بورا جوا صدر.)
ڪهڙو انقلاب؟ فاڪلاو هافيل جنهن انقلاب جي ڳالهه ڪري رهيو هو، اولهه جي جن سامراجي حڪمرانن کي جنهن انقلاب جي خبر ٻڌائي رهيو هو، سو انقلاب نه پر رد- انقلاب هو. چيڪو سلواڪيا مان سوشلزم جو خاتمو ڪري، سرمائيداريءَ جي نفاذ کي سموري سرمائيدار دنيا ’انقلاب‘ جو نالو ڏنو هو ۽ ڏسو ته اُن عوام مخالف انقلاب جو اڳواڻ ڪهڙي ريت پنهنجن آقائن جي خدمتن جو اعتراف ڪري رهيو آهي. چيڪوسلواڪيا جي ڳالهه ته ڪجهه پراڻي (1989ع) آهي ۽ ماڻهن جي ذهنن تان شايد ميسارجي به چڪي هجي. ماڻهو شايد اهو به وساري چڪا هجن ته ڪهڙيءَ ريت يوگوسلاويه جي اڳوڻي صدر ’سلوبوڊان ملاسووچ‘ کي عالمي ڏوهاري قرار ڏئي ختم ڪيو ويو، جنهن جو حقيقي ڏوهه صرف ۽ صرف ايترو هو، جو هن پنهنجي ملڪ کي سامراجي يلغار کان بچائڻ ٿي گهريو. ماڻهن کان شايد صدام به وسري ويو هجي (جيڪو دراصل انهن سامراجين جو ئي پاليل هو، پر جڏهن هو انهن جي پڪڙ مان نڪري ويو ته پوءِ کيس رستي تان هٽائڻ لازمي ٿي پيو). صدام ڏوهاري هو، قاتل هو، پر ڇا صدام عراق ۾ ايترا ماڻهو ماريا، جيترا عراق کي آزاد ڪرائيندڙ سامراجي فوج ماريا آهن؟دنيا ۾ مظلومن جا ٻه قسم آهن هڪڙا ’قدر-لائق‘ مظلوم ۽ ٻيا جيڪا قدر جي لائق نه آهن. قدر لائق مظلوم اُهي آهن جيڪي سامراج مخالف حڪمرانن هٿان ’ظلم‘ جو شڪار ٿين ٿا، اهڙن مظلومن جو باقاعده حساب ڪتاب رکيو وڃي ٿو، جهڙوڪ: ايران، عراق، شام، ڪيوبا، اُتر ڪوريا، وينزويلا، بُوليويا، وغيره جا ’مظلوم‘ .مظلومن، جو ٻيو قسم يعنيٰ اُهي مظلوم جيڪي سامراجي جنگ جو شڪار ٿين ٿا، سي قدر لائق مظلوم نه آهن، اهڙن مظلومن جو ڪو حساب ڪتاب نٿو رکيو وڃي. اهڙن مظلومن ۾ سامراجي جنگ جو شڪار ٿيندڙ 20 لک ڪوريائي، 40 لک ويٽنامي، 40 لکن کان وڌيڪ ڪانگو جا رهاڪو، فلسطيني، عراقي، افغاني، سعوديءَ جون عورتون ۽ پورهيت، بک ۽ بيماري ۽ آمريڪي معاشي نظام سبب هر ڏينهن مرندڙ 24000 ٻار وغيرهه ، هنن مظلومن جو موت دراصل دنيا کي ’آزاد‘ رکڻ جي قيمت آهي! اها قيمت ادا ڪري ئي دنيا (در اصل سامراج) پنهنجي پاڻ کي ’آزاد‘ رکي سگي ٿو.
سو اها ڳالهه واضع ٿيڻ گهرجي ته اسان جڏهن لبيا تي ڳالهايون، لبيا جي مظلومن تي ڳالهايون ته گڏوگڏ اها ڳالهه به واضع ڪري ڇڏيون ته اسان ڪهڙن مظلومن بابت ڳالهائي رهيا آهيون: قدر-لائق مظلوم يا ناقابِل قدر مظلوم. اچو ته مظلومن جي ڪهاڻيءَ کي جديد دور جي هڪ اهم موڙ کان شروع ڪريون.
آمريڪا پنهنجو قبلو ڪيئن مٽايو:
ويٽنامي جنگ ۾ شڪست کائيندڙ آمريڪي سامراج سموري دنيا اندر ويٽنامي جنگ خلاف هلندڙ تحريڪ جي نشاني تي هو، ويتر سارتر- برٽرينڊ رسل آمريڪن وار ڪرائيم ٽربيونل قائم ڪري آمريڪي سامراج کي وائکو ڪري ڇڏيو. ان ٽربيونل واضع ڪيو ته آمريڪي سامراج جنگي ۽ انساني حقن جو ڏوهاري آهي. سارتر احتجاج طور آمريڪا وڃڻ کان ئي انڪار ڪيو. سمورا انسان دوست ماڻهو ان دور جي ٻن سڀ کان وڏن فيلسوفن(سارتر۽ رسل) جي راءِ سان متفق هئا ته آمريڪا ڏوهاري نمبر ون آهي. آمريڪي شاگردن فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان انڪار ڪيو. ويٽنام جنگ مخالف تحريڪ جيتري وڏي ڪا جنگ مخالف تحريڪ شايد ئي ڪا ٻي هجي! اُن جنگ آمريڪي سامراج جي جمهوريت، انساني آزادي وغيرهه جهڙا پوش پٽي ڇڏيا هئا. آمريڪا لاءِ هاڻ ٻه رستا هئا: يا ته جنگ کان ئي ٽري پاسو ڪري، يا انهن ئي انساني حقن جي سلامتيءَ جو نعرو هڻي جنگ ڪري جن حقن جي لتاڙ جو ڏوهاري آمريڪا کي قرار ڏنو ٿي ويو. اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ ڪنهن راڪيٽ سائنس جي ضرورت نه آهي ته آمريڪي سامراج ڪهڙو دڳ ورتو. جنگ سامراج جو جيئدان آهي. 1945ع ۾ ٻين مهاڀاري لڙائيءَ جي انجام کانپوءِ آمريڪا سڌي ۽ اڻسڌيءَ ريت لڳ ڀڳ 50 ملڪن اندر جنگ ڪئي آهي. ۽ 30 آزادي پسند ۽ انقلابي تحريڪن کي ڪچليو آهي. اُهي سڀ سامراجي وارداتون دنيا جي ’آزادي برقرار رکڻ‘ (مطلب تي دنيا کي ڪميونزم کان بچائڻ) لاءِ ادا ڪيل قيمت طور ٿوري گهڻي ’لبرل ڪِرِ ڪِرِ‘ عيوض قبوليون وينديون هيون. پر ويٽنامي جنگ مخالف تحريڪ اهڙي هلت تي ’فل اسٽاپ‘ لڳائي ڇڏيو. هاڻ جنگ صرف جنگ نه رهي، پر اخلاقي ذميواري ٿي پئي! هاڻي جي آمريڪي حڪمران طبقو جنگ ڪندو ته به صرف ۽ صرف دنيا جي ’مظلومن‘ کي ’ظالمن‘ کان بچائڻ جي اهم اخلاقي ذميواري نباهڻ لاءِ ئي ڪندو. ڀلا ڪير ڪنهن کي اخلاقي ذميواري نباهڻ کان روڪي سگهي ٿو؟ هاڻي سامراجي جنگ سامراجي مفادن خاطر نه پر ‘انسانيت‘ جي خاطر لڳي ٿي! جي سامراج ٻچاپڙو نه هجي ها ته سڌو سنئون چئي ڏي ها ته مونکي اوهان جو مال ٿو گهرجي. ڏيو ٿا يا جنگ ڪريان! بلڪل ائين جيئن اڳوڻا بيٺڪي سامراج چوندا هئا، پر موجوده سامراج ٻچاپڙو آهي. جمهوريت جي ڦهلاءَ لاءِ جنگ ڪجي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ جيترو عوام موت جو کاڄ ٿئي ٿو، اوترو ته ’ظالم‘ حڪمرانن جي راڄ دوران به نه ٿو ٿئي. پوءِ دنيا ان تي سوال ڇو نه ٿي اُٿاري؟ جيئن چيو ويندو آهي ته سرمائيداريءَ ۾ ڪا به شئي مفت ۾ ناهي ملندي، پوءِ اها جمهوريت يا آزادي ئي ڇو نه هجي؟ هر شئي جي ڪا نه ڪا قيمت هوندي آهي. ۽ جمهوريت، آزاديءَ جي قيمت آهي، سامراجي يلغار، لکين ماڻهن جو قتلام، نيو لبرل سرمائيدار معاشي پاليسيون، بک، بدحالي، سماجي تباهي، ان قيمت جي عيوض ’آزاد ڪيل‘ ماڻهن کي هڪ ڪاغذ ملندو آهي، جيڪو هو هر چوٿين پنجين سال استعمال ڪندا آهن: سياسي اصطلاح ۾ ان ڪاغذ کي ”ووٽ“ چئجي ٿو. هاڻي عراق جا ماڻهو اهو ڪاغذ استعمال ڪري رهيا آهن. تازو لبيا جا ماڻهو به اهو ڪاغذ استعمال ڪرڻ جا اهل ٿيا آهن.
سرمائيدار طبقو پنهنجي مخصوص گروهي مفادن کي عمومي سماجي مفاد ڪري پيش ڪندو آهي. سرمائيدار طبقي جي اهڙي پيشڪاري صرف ۽ صرف تڏهن ئي ڪامياب ٿي سگهي ٿي جڏهن سرمائيدار طبقو حاڪم طبقو هجي. سماج جي ٻين هڙني طبقن جا مفاد گروهي مفاد ڪري پيش ڪيا ويندا آهن. جڏهن ته سرمائيدارن جا گروهي مفاد ڪُل سماجي مفاد ڪري ليکبا آهن. اهو سرمائيدار طبقي جي مفاد ۾ آهي. ته هر اليڪشن ۾ مهانڊا ته مٽبا رهن، پر بنيادي استحصالي، معاشي، سماجي ڍانچو نه مٽجي. مهانڊن جي اهڙي پرامن مٽ سٽ کي بورجوا جمهوريت چئجي ٿو. اولهه يورپ ۽ آمريڪا ۾ اهڙو ئي نظام لاڳو آهي. انهن سماجن ۾ جمهوريت ادارتي آهي. ٻين لفظن ۾ ته انهن سماجن ۾ جمهوريت صرف ۽ صرف مهانڊو مٽائڻ تائين محدود ٿي چڪي آهي. سو جڏهن آمريڪي سامراج ۽ ان جا طفيلي اڳوڻا يورپي سامراج عراق، لبيا يا ٻين ملڪن اندر جمهوريت جي ڳالهه ڪندا آهن ته اها جمهوريت صرف مُهانڊن جي تبديلي ڪري ليکڻ گهرجي. سامراج جي مدد سان آزاد ڪيل اهڙن سماجن جي بنيادي معاشي ڍانچي تي سامراج جو ئي قبضو رهندو آهي. ٽين دنيا، خاص ڪري لاطيني آمريڪا جمهوريت جي هڪ نئين شڪل ’عوامي جمهوريت‘ کي جنمي رهي آهي جنهن جو بنيادي ڪم ئي معاشي ۽ سماجي پاليسين تي عوامي ڪنٽرول قائم ڪرڻ آهي. جمهوريت جي اهڙي شڪل سامراجي مفادن سان سڌو سنئون ٽڪراءِ ۾ آهي، اُن کي آمريڪي سامراج لاءِ وينزويلا، ايل سلواڊور، بوليويا، جهڙا ملڪ قابل قبول نه آهي.
ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي ڌيءَ بينظير ڀٽو کي هڪ اهم ڳالهه چئي هئي ته ”غلطيون هر ماڻهوءَ ۾ هونديون آهن، مون به غلطيون ڪيون آهن، پر ياد رک ته هي فوجي مون کي منهنجين غلطين جي ڪري نه پر منهنجي چڱائين جي ڪري ڦاهيءَ تي لٽڪائي رهيا آهن!“ اهو اهم سبق آهي جيڪو هر ان حڪمران کي سکڻو پوندو آهي، جيڪو اڌ انقلاب برپا ڪري ٿو ۽ غلطين سان گڏ پنهنجيون چڱايون به برقرار رکي ٿو. جي هو مڪمل برو ٿي وڃي. پنهنجي آندل اڌ انقلاب تان ئي هٿ کڻي وڃي ته سندس حياتي توڙي اقتدار بچي ويندا.
لبيا جي ڪرنل قذافيءَ جڏهن سعودي حڪمرانن ۽ انگريز سامراج جي ڳيجهو ’وهابي بادشاهت‘ جو تڏو ويڙهي، لبيا جا دروازا سامراج ۽ رجعت پسندعرب مذهبي بادشاهتن لاءِ بند ڪيا، تڏهن کان ئي هو انهن قوتن جي نشاني تي هو. عرب دنيا ۾ هڪڙا ليڊر ته جمال ناصر، حافظ الاسد، قذافي ۽ ياسر عرفات جهڙا هئا، ته ٻيا سعودي.خليجي رياستن تي حاوي رجعت پسند بادشاهه ۽ امير. عرب دنيا جي ڏينهن رات جي مالڪي ڪنهن وٽ هوندي، سامراج مخالف ’آمرن‘ جهڙوڪ: جمال ناصر، حافظ لاسد، قذافي ۽ عرفات جهڙن ‘ٽرڙن دهشتگردن‘ وٽ يا قابل اعتماد بادشاهن وٽ؟ اهو بنيادي سوال آهي جيڪو سامراجي پاليسيءَ جو محور رهيو آهي. رجعت پرست عرب بادشاهن کي سامراجي ڦرلٽ جو گهڻو خوف آهي يا عرب ترقي پسند، سامراج مخالف جمهوري، قومي تحريڪن جو؟ عرب بادشاهه صدر بش کان خوف کائيندا آهن يا ياسر عرفات جهڙي اڳواڻ کان. مارڪسي سائنس موجب سماج جا بنيادي تضاد ئي اهم هوندا آهن. ۽ بنيادي تضادن جي ڪري ئي ٻاهريان تضاد عمل پذير ٿي سگهندا آهن. ٻه قطبي دنيا (سامراج جو بلاڪ ۽ اڳوڻو سماجوادي بلاڪ) جيستائين موجود هو ته عرب دنيا اندر به اها ورڇ واضع هئي. سامراج مخالف عرب قومي تحريڪون ڪنهن نه ڪنهن انداز ۾ ترقي پسند سماجوادي بلاڪ سان سلهاڙيل رهيون آهن(مثال طور اُتر ڪوريا طرفان فلسطيني ويڙهاڪن جي تربيت ڪرڻ) قذافي به ان دور جي پيداوار آهي، جنهن دور جمال ناصر ۽ ياسر عرفات کي پيدا ڪيو هو. سندس لبيا (جنهن کي هاڻي نيٽو، افغانستان مان موٽندڙ جهادين ۽ القاعده گڏجي آزاد معنيٰ ختم ڪيو آهي) سا به ان دور جي پيدا ڪيل رياست هئي. قذافيءَ تي سڀ کان وڏو الزام آمريت ۽ دهشتگرديءَ جي امداد جو هو (ساڳيو الزام جمال ناصر ۽ ياسر عرفات تي به هو). پر آمريت ڇا آهي؟ قذافيءَ جي آمريت شخصي هئي يا ادارتي؟ اولهه يورپي ۽ آمريڪي جمهوريتون ادارتي جمهوريتون آهن. پر ڇا اُتي آمريت آهي؟ آمريت مان مراد آباديءَ جي اڪثريت تي اقليت جي حڪمراني، اهڙي طرز جي حڪمراني، جنهن ۾ آباديءَ جي مرضي يا راضپو شامل نه هجي. ڪيئن طئي ٿيندو ته قذافيءَ جي حڪمراني آمريتي هئي ۽ آباديءَ جي اڪثريت هن سان گڏ نه هئي؟ سامراجي ميڊيا، سي.اين.اين، بي.بي.سي الجزيره، ثابت ڪندا يا لبيا جي سماجي اوسر ۽ ماڻهن کي ملندڙ مراعتون؟
جڏهن قذافي لبيا جي رجعت پسند بادشاهه شاهه ادريس جو تختو اونڌو ڪيو (ياد رکو ته لبيا جي باغين وارو جهنڊو اهو ساڳيو بادشاهه ادريس وارو آهي) تڏهن لبيا انگريز سامراج جي هڪ چونڪي هو ۽ سندس تيل تي سامراجي ڪمپنين جو قبضو هو ۽ لبيا آفريقا جي غريب ترين ملڪن ۾ ڳڻيو ويندو هو. اڄ جڏهن نيٽو ۽ جهادين گڏجي لبيا کي ’آمر قذافيءَ‘ کان آزاد ڪرايو آهي ته لبيا آفريقا جو امير ترين ملڪ آهي. لبيا جي شهرين جو معيار زندگي سموري آفريقا ۾ سڀ کان مٿي آهي، سائوٿ آفريقا کان به مٿي، نيلسن منڊيلا هڪ ڀيري قذافيءَ تي لڳندڙ آمريت جي الزامن بابت ورندي ڏيندي چيو ته ”قذافيءَ سان تعلق ٽوڙڻ لاءِ اهي اسان تي زور ڀري رهيا آهن، جن اڄ تائين آفريقا اندر آمرن کي تاتيو آهي.“ قذافيءَ جي ‘آمريت‘ ۾ ماڻهن کي هي سهولتون ميسر هيون:
مفت تعليم، مفت صحت، مفت بجلي، زرعي زمين ۽ ٻج مفت، نئين شادي شده جوڙي لاءِ زندگي شروع ڪرڻ واسطي 50 هزار ڊالر (لڳ ڀڳ45 لک پاڪستاني رپيا)، ساڍا ڇهه پاڪستاني رپيا ليٽر پيٽرول، ڪار جي خريداريءَ تي اڌ قيمت سرڪار ڏيندي. 89 سيڪڙو تعليم، عمومي حياتيءَ سراسري 75 سال، في ماڻهو آمدني 12،320 آمريڪي ڊالر (مطلب 91 هزار پاڪستاني روپيا في مهينو)،97 سيڪڙو آباديءَ کي پاڻي، نيڪاسي ۽ ٻين شهري سهولتن جي فراهمي، بينڪ کان قرض کڻڻ تي ڪو به وياج نه، ملڪ تي ڪو به پرڏيهي قرض نه (قذافي دور جو لبيا آفريقا جو اڪيلو ملڪ هو جنهن تي ڪو به پرڏيهي قرض نه هو. موجوده ڀاڙيتو حڪومت پنهنجي جدوجهد جي شروعات ئي عالمي سامراج کان ڏيڍ ارب ڊالر جي قرض کان ڪئي آهي) . جڏهن سائوٿ آفريڪا جي في ماڻهو آمدني 6 هزار ڊالر (لبيا جي اڌ جيتري) ۽ سراسري عمر صرف 52 سال آهي. (هي انگ اکر ورلڊ بئنڪ جا آهن). برازيل جي هڪ صحافيءَ ’جيارجيز بوردڪان‘ جنهن جو تعلق برازيل جي سڀ کان وڏي ميڊيائي اداري سان آهي، تنهن لبيا بابت هڪ رپورٽ تيار ڪئي، پر اُن رپورٽ کي ڪڏهن به ’آن ايئر‘ نه ڪيو ويو. بوردڪان قلم وسيلي لبيا بابت پنهنجا تجزيا ونڊيندو رهيو آهي. بوردڪان جو چوڻ آهي ته لبيا ۾ ڪو به گهر يا دڪان ڪرائي تي ڏيڻ غير قانوني هو. مطلب تي جي اوهان وٽ هڪ کان مٿي گهر يا دڪان آهن ته اهو گهر يا دڪان ڪرائي تي ڏيڻ غير قانوني هو. مطلب تي جي اوهان وٽ هڪ کان مٿي گهر يا دڪان آهن ته اهو گهر يا دڪان سرڪار پنهنجي تحويل ۾ وٺي انهن ماڻهن کي ڏيندي جن وٽ گهر يا ڪاروبار ڪرڻ لاءِ دڪان نه آهن(هَل! ايترو ظلم ويچارن مالدارن سان!). بوردڪان لکي ٿو ته جيڪي لبيائي ڪم نه ڪندا هئا، يا بيروزگار هئا تن کي 7000 آمريڪي ڊالرن جيترو ماهوار الائونس ملندو هو. سڀ کان وڌيڪ مزي جي ڳالهه اها آهي ته لبيا ۾ شين جون الڳ الڳ قيمتون نه هيون. هر شئي جي هڪڙي قيمت هئي: 3 آمريڪي ڊالر جي برابر! ڪو 50 ڪلو چانور وٺي يا کاڄرو تيل يا ڪا ٻي شئي، قيمت اها ئي ساڳئي هئي، ان جي ابتڙ اهي سامان جن جو واسطو عوام جي ڀلائيءَ سان نه هو (جهڙوڪ ٽاءِ، سموڪنگ پائيپ وغيره) انهن تي تمام ڳرا ٽيڪس لاڳو ڪيل هئا.(50 ڪلو چانور 3 ڊالر ته ٽاءِ 200 ڊالر! واقعي نفيس ۽ نازڪ مالدارن سان ظلم هو.) اهڙي ’آمريت‘ ته هر ڪو چاهيندو! خود آمريڪا جو عوام جيڪو آمريتي معاشي پاليسين جو شڪار آهي، سو به قذافيءَ جهڙي آمريت چاهيندو!
1994ع ۾ جڏهن آمريڪي صدر بل ڪلنٽن، نيلسن منڊيلا کي قذافيءَ سان دوستي ختم ڪرڻ جو چيو ته موٽ ۾ نيلسن منڊيلا بل ڪلنٽن کي هي جواب ڏنو هو: ” اهي جن کي اسان جي ۽ صدر قذافيءَ جي دوستيءَ تي ڪاوڙ لڳي ٿي سي ڀلي کوهه ۾ ٽپو ڏين“ جيارجيز بوردڪان مطابق قذافيءَ جي وڏي ۾ وڏي غلطي سامراج تي اعتماد ڪري نيوڪليئر پروگرام تان هٿ کڻڻ هو. (اُن ڳالهه جو اعتراف سيف الاسلام قذافيءَ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ پڻ ڪيو هو. 2003ع ۾ آمريڪي ۽ يورپي سرمائيدارن لبيا تان پابنديون هٽائڻ جي عيوض قذافيءَ کي نيوڪليئر پروگرام تان هٿ کڻڻ جو شرط رکيو. جيڪو هن قبول ڪيو. سيف الاسلام مطابق اُتر ڪوريا ۽ ايران کين اولهه جي اصل مقصدن کان آگاهه ڪيو هو، پر هنن انهن جي آگاهيءَ تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو، ڇو ته هو سرمائيدار دنيا جا لڳ ڀڳ سمورا شرط مڃي چڪا هئا ۽ کين انهن ملڪن مان ڪو خطرو محسوس نه پئي ٿيو)
قصو هڪ اهم رپورٽ جو
اولهه جي جنگ حامي ميڊيا، لبرل دانشورن، چوٿين انٽرنيشنل جي ٽراٽسڪائسٽن، عرب ليگ ۽ نيٽو اسان اٻوجهن کي ٻڌايو ٿي ته قذافي پنهنجي عوام مٿان ظلم جا جبل ڪيرائي ڇڏيا آهن. هزارين ماڻهن جو قتلام ڪيو اٿس، بنيادي جمهوريت ۽ انساني حقن جي لتاڙ ڪئي اٿائين، وغيره وغيره. انهن سڀني جي اُبتڙ گڏيل قومن جي اداري جنرل اسيمبلي جي ذيلي اداري ’هيومن رائٽس ڪائونسل‘ 4 جنوري 2011(تاريخ ياد رکجو4 جنوري 2011 مطلب لبيا مٿان نيٽو جي يلغار کان صرف هڪ مهينو اڳ!) پنهنجي هڪ ’رپورٽ آف دي ورڪنگ گروپ آن دي يونيورسل پيرياڊڪ رويو، لبين عرب جهموريا‘ جي نالي سان شايع ڪئي هئي. اها رپورٽ انتهائي دلچسپ آهي، ڇو ته ان رپورٽ جو بنياد ڪم ئي لبيا اندر انساني حقن جي جانچ پڙتال ڪرڻ هو. اها رپورٽ هنن ملڪن جي نمائندن طرفان تيار ڪئي وئي هئي: ڊينمارڪ، چين، اٽلي، هالينڊ، موريطانيا، سلوينيا، نڪاراگوا، روس، اسپين، انڊونيشيا، سويڊن، ناروي، ائڪوڊور، هنگري، سائوٿ آفريقا، مالديپ، فلپائين، چلي، سنگاپور، جرمني، آسٽريا، قزاقستان، ليٽيويا، انگولا، نائجيريا، ڪانگو، برونڊي، زيمبيا، روانڊا، برڪينا فاسو، جبوتي، ڪوت دي لاووغ، سينيگال ۽ زمبابوي. ان رپورٽ ۾ لکيل آهي: ’لبين عرب جمهوريا جو ان ڳالهه ۾ ويساهه آهي ته انساني حقن جو دفاع عوام جي عمومي ترقيءَ لاءِ لازمي آهي. 1969 جي عظيم الفتح انقلاب جي اولين ڪمن ۾ برابري ۽ مَت ڀيد جو خاتمو پڻ شامل هو ۽ 1977 ۾ عوامي راڄ لاڳو ڪيو ويو. 1988 ۾ لبين عرب جمهوريا عظيم سائو اعلان نامو پڻ جاري ڪيو، جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو هو ته سڀ انسان برابر ۽ آزاد پيدا ٿيا آهن، عورتن ۽ مردن ۾ ڪو فرق نه آهي. 1991 ۾ بنيادي آزادين جي قانون کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويو. لبيا انساني حقن جي عالمي قانونن جي پابند رهي، جنهن ۾ عالمي انساني حقن وارن قانونن کي لبيا جي اندروني قانونن کان به وڌيڪ فوقيت حاصل رهي آهي. انساني حقن جا اهي قانون لبيا جي ڪورٽن تحت سڌو سنئون لاڳو ٿيڻ جوڳا آهن...... نمائندا اُن نتيجي ته پهتا آهن ته انساني حقن جا قانون تمام واضع ۽ سيبتي انداز ۾ لبيا جي قانوني سرشتي جو حصو آهن. عوام جي بنيادي حقن جي بچاءُ خاطر قانوني ضمانتون مليل آهن ۽ جيڪڏهن انساني حقن جي قانونن جي ڪا لتاڙ ٿئي ٿي ته ڏوهاريءَ کي قانون آڏو پيش ڪيو وڃي ٿو. عدالتون بنيادي انساني حقن جي حفاظت ڪن ٿيو. جنهن ۾ ‘آفيس آف دي پبلڪ پراسيڪيوٽر‘ انهن جي مدد ڪري ٿي. 2007 ۾ نيشنل هيومن رائٽس ڪميشن جو بنياد وڌو ويو، جنهن جو بنياد پيرس پرنسيپلز آهن...... ليبن عرب جمهوريا انساني حقن جي حفاظت جي ضامن آهي جنهن ۾ نه رڳو سياسي، پر معاشي، سماجي ۽ ثقافتي حق پڻ اچي وڃن ٿا.‘
’ نه رڳو سياسي، پر معاشي، سماجي ۽ ثقافتي حق‘! مطلب لبيا جي ماڻهن جا ڪي به سياسي حق ڦٻايل نه آهن، نه صرف ايترو بلڪ ماڻهن کي معاشي حق (جهڙوڪ روزگار جي ضمانت، رياستي امداد) ۽ سماجي، ثقافتي حق پڻ مليل آهن! پر اسان جا لبرل دانشور، پني تي ليڪا ڪڍي تبديليءَ جا نقشا چٽيندڙ جملا باز ليکاري، ويندي انقلاب، مارڪس، لينن جا ’اصل‘ وارث ڪوٺرائيندڙ ٽراٽسڪائي اسان کي ته اهو ٻُڌائيندا رهيا ته قذافي آمر هو! يا هي ڪوڙا آهن يا هي ۽ ان جهڙيون ٻيون اڻڳِڻيون رپورٽون ڪوڙيون آهن.
پوءِ قذافيءَ کي اُن رڪارڊ جي بدلي ۾ ڪجهه دوستيون به مليون ته ڪجهه دشمنيون به، پر قذافيءَ جا دوست آمريڪي صدر جمي ڪارٽر (جنهن ويٽنامي جنگ) کانپوءِ انساني حقن جي پروپيگينڊا کي آمريڪي پرڏيهي پاليسيءَ جو بنيادي ٿنب ٺاهيو هو)، فرينچ. انگريز، عرب بادشاهتون نه پر آءِ آر اي (آئرش ريپبليڪن آرمي)، نيلسن منڊيلا جي اي اين سي، فيڊل ڪاسترو، هوگو شاويز جهڙا ناقابل اعتماد آمر ۽ دهشتگرد هئا. سامراجي ميڊيا جي پروپيگينڊا جي ڪري دنيا ۾ اهو ته مشهور ٿي ويو ته قذافي آمر آهي، پر اها ڳالهه ڪيترن ئي ماڻهن کي ٻڌائي وئي آهي. ته جمهوريت جو اهڃاڻ ٿي اُڀرندڙ نيلسن منڊيلا سائوٿ آفريڪا جو صدر ٿيڻ کانپوءِ قذافيءَ کي سائوٿ آفريقا جو سڀ کان وڏو ميڊل ڏنو؟ ڪيترن ماڻهن کي پتو آهي ته قذافيءَ جي عوام دوست عملن کان متاثر ٿيندي نيلسن منڊيلا پنهنجي ڏوهٽي جو نالو قذافي رکيو؟ آفريڪا توڙي يورپ ۾ هلندڙ آزاديءَ ۽ انقلاب تحريڪن جي مالي امداد ڪندڙ قذافي ڪڏهن به اولهه جي سامراج لاءِ قابل قبول نه هو، تڏهن به نه جڏهن 1908 کانپوءِ هن اولهه؟ جي سرمايي لاءِ لبيا جا دروازا کولي ڇڏيا.
قصو جاسوسن جو: یہ دوستی ہم نہیں توڑیں گے!
قذافيءَ جي زندگي اولهه جي آفريقي مفادن لاءِ ڪيترو خطرناڪ هئي ان جو اندازو هن جاسوس جي اعترافن مان لڳائي سگهجي ٿو.
برطانيه جي خفيه ايجنسي ’ايم. آءِ فائيو‘ جي ايجنٽ ڊيوڊ شيلر (هي همراهه هينئر فرانس ۾ قيدي بڻايل آهي). بي.بي.سيءِ کي ٻڌايو ته برطانيه جي ايجنسي ايم.آءِ سڪس لبيا جي انتها پسند مذهبي ٽولي کي 160000 آمريڪي ڊالر ڏنا آهن ته جيئن هو ڪرنل قذافيءَ کي قتل ڪن. اِهو واقعو 1996 جو آهي. بي.بي.سيءَ تان سندس بيان نشر ٿيڻ کانپوءِ سرڪار سندس پويان پئجي وئي ۽ هي همراهه فرانس ڀڄي ويو، پر برطانوي سرڪار جي درخواست تي فرانس جي سرڪار ڊيوڊ شيلر کي گرفتار ڪيو. دهشتگردن، مذهبي انتهاپسند، تيل ۽ برطانوي، آمريڪي سامراج جي اها ’دوستي‘ ڪا نئين نه آهي. 1953 ۾ ايران ۾ مصدق جي لبرل ۽ قومپرست حڪومت کي هٽائڻ لاءِ ’مولانا حضرات‘ کي استعمال ڪيو ويو، جيڪي عوامي ميڙن ۾ ڌماڪا ڪري، اُتي ايران جي ترقي پسند ۽ سماجوادي پارٽيءَ (تودهه پارٽي) جا پمفليٽ اڇلائي ويندا هئا ته جيئن ماڻهو سمجهن ته اصل ۾ سوويت يونين ۽ ايراني ڪميونسٽ، سوشلسٽ مصدق کي هٽائڻ چاهين ٿا. افغانستان ۾ ته اها مُلان- سامراج دوستي وڌي وڻ ٿي ويئي. افغانستان ۾ آمريڪي ڊالرن تي ٿيندڙ جهاد کان ته دنيا واقف آهي، پر ڪي واقعا اهڙا به ٿيا جيڪي اڄ سوڌو عوام آڏو ڪو ورلي آيا هجن. گهڻن ماڻهن کي خبر آهي ته القاعده سان بظاهر ويڙهه ڪندڙ نيٽو 1993 ۾ ڪيئن آذربائيجان جي روس نواز صدر کي تختي تان هٽائڻ واسطي القاعده جي عرب ويڙهاڪن کي استعمال ڪيو؟ ان آپريشن جي نگراني سي آءِ اي جا ٽي گماشته رچرڊسيڪورڊ، هيري ايڊرهولٽ ۽ ايڊ ڊيئربورن ڪري رهيا هئا. آمريڪي هوائي جهازن وسيلي عرب ۽ ٻين جهادين کي افغانستان مان کڻي آذربائيجان پهچايو ويو، جتي هنن پنهنجن ’يارن‘ سان گڏجي هڪ ’آمر‘ جو تختو اونڌو ڪيو ۽ ملڪ ۾ ’جمهوريت‘ آندي! جهادين ويڙهه وڙهي آذربائيجان کي ’ڪافر‘ روس جي اثر کان آجو ڪرايو، جڏهن ته آمريڪن آذربائيجان ۾ اهڙو ’جمهوري‘ صدر آندو، جنهن باڪو جي تيل جي کوهن جا منهن آمريڪي ڪمپنين لاءِ کولي ڇڏيا.اهڙي قسم جي آپريشنن ۾ آمريڪي جانين جي ضايع ٿيڻ جو ڪو خدشو نه هوندو آهي، جي ڪا ’شهادت‘ ٿيندي به آهي ته انهن جي جيڪي ٿيڻ ئي شهيد چاهيندا آهن.’بسنتي‘ ويرو جي هنج ۾ ۽ شهيد ’جئي‘ حورن جي! بوسينيا 1995-1992۽ ڪوسوو 1997-1998 ۾ پڻ اهڙو عمل دهرايو ويو.اُتي به جهادين کان مدد ورتي وئي ته جيئن ويڙهه ۾ وڌيڪ رتوڇاڻ ٿئي! متان وساريو ته انهن ملڪن اندر نيٽو فوجن تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ’انساني همدردي‘ جي آڙ وٺي سامراجي يلغار ڪئي، جنهن جو اصل مقصد اڳوڻي يوگوسلاويه کي ختم ڪري اتي ننڍيون ننڍيون ڳيجهو رياستون قائم ڪرڻ هو ته جيئن تيل جي پائيپ لائين جو منصوبو مڪمل ٿي سگهي. اڳوڻو يوگوسلاويائي صدر ’سلويودان ملاسووچ‘ ان ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ هو. پوءِ اوچتو ئي اوچتو اولهه جي ميڊيا کي ياد آيو ته سلوبودان ملاسووچ هڪ آمر ۽ انسانيت جو قاتل آهي. بين الااقوامي عدالت مان سندس وارنٽ ورتا ويا ۽ سموري جهان آڏو کيس جنگي ڏوهي ڪري پيش ڪيو ويو. گڏيل قومن جو ادارو بيٺو ئي ملڪن جي جاگرافيائي سرحدن جي آڌار تي آهي. ان اداري جو بنيادي اصولن منجهان هڪ اصول هي آهي ته ڪو به ملڪ ٻئي ملڪ جي جاگرافيائي سرحدن ۾ ڦيرڦار يا انهن اندر گهڙي ڪا ڪاروائي نه ڪندو. پر نوي جي ڏاڪي ۾ اهو سڀ تبديل ڪيو ويو. اڳي ’آزاد دنيا‘ کي سويت يونين ۽ ڪميونسٽن کان بچائڻون هو. جڏهن اهو بهانو نه رهيو ته پوءِ جنگ لاءِ هڪ نئون جواز پيدا ڪيو ويو. انسانيت جي بچاءُ خاطر ملڪن اندر مداخلت، انساني حق! هي ته اهو ئي نعرو آهي جيڪو ستر جي ڏهاڪي کان وٺي آمريڪي جنگي مداخلت جو بنياد رهندو پئي آيو. هاڻي اهو نعرو صرف نعرو نه پر بين الااقوامي قانون بڻجي ويو. ان ئي قانون تحت لبيا تي سامراجي چڙهائي ڪئي وئي. ميڊيا کان ويندي لبرل دانشورن، مشهور فيلسوفن ۾ مقبول ٿي ويندڙ هي نعرو ڪيترو نه وڻندڙ ۽ فرحت بخش آهي! 1999۾ فرانس جي مشهور فيلسوف برنارد هينري ليوي ’انسان دوست‘ فوجي ڪاروائيءَ کي ساراهيو هو. ساڳئي برنارد هينري ليويءَ لبيا جي شهر بن غازيءَ وڃي لبيا اندر نيٽو جي ’انسان دوست فوجي ڪاروائي‘ کي پڻ ساراهيو آهي.
لبيا اندر سامراجي فوجي جنگ کي ڪاميابيءَ سان ’انساني همدرديءَ جو مشن‘ ڪري پيش ڪيو ويو. سامراج سان گڏوگڏ اها سامراجي ميڊيا جي ’نفسياتي ويڙهه‘ جي به فتح ڪري ليکڻ گهرجي! اها ٽين جنگ آهي جنهن جو جواز سڀ کان پهريان ميڊيا وسيلي جوڙيو ويو، ڪجهه ماڻهن جي مارجڻ کي ’انساني الميو‘ قرار ڏيندي نيٽو کي جنگ تي لاٿو ويو. پهريان يوگوسلاويه، پوءِ عراق ۽ هاڻي لبيا. ملڪن جي اندروني تضادن کي پنهنجن سامراجي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ سامراجي پاليسيءَ جو پراڻو باب آهي. جن تاريخ پڙهي آهي ۽ جن کي ويسر جو مرض ناهي وڪوڙي ويو تن کي ياد هوندو ته 1954ع ۾ گوئٽي مالا جي چونڊيل عوام دوست صدر ”هاڪوبو آربينز گزمان“ جڏهن آمريڪي مفادن کي ٿڏيندي، پنهنجي ملڪ جا وسيلا پنهنجي عوام تي خرچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته کيس هٽائڻ لاءِ آمريڪي سي آءِ اي جي تڏهوڪي ڊائريڪٽر ايلن ڊليز ’آزادي جي فوج‘ لبريشن آرمي، تيار ڪئي. هاڪوبو آربانيز چونڊيل هو، يا نه هو، ان ڳالهه جو سامراجي جنگي مفادن تي جو به اثر ناهي پوندو (ان ڳالهه ڪو اثر صرف ۽ صرف لبرل ٻچاپڙن دانشورن تي پوندو آهي، جيڪي سمورو وقت جمهوريت، جمهوريت ڪندا آهن.) آربانيز جو ڏوهه اهو هو ته هن ملڪ مان جاگيرداريءَ جو خاتمو ڪيو ۽ گوئيٽي مالا ۾ سڀ کان وڏي جاگيردار آمريڪي ڪمپنيون هيون! اهڙي آمر کي ڪيئن برداشت ڪبو؟ سو تڙ تڪڙ ۾ لبريشن آرمي به ٺهي وئي، لبريشن ريڊيو به شروع ٿي ويو. ان ڪارِخير ۾ لاطيني آمريڪا جي آمريڪا نواز اصلي آمرن وڌي چڙهي بهرو ورتو ته هاڪوبو آربانيز جي پيدا ڪيل بيماري جلد ئي سموري خطي کي وڪوڙي وڃي ها! عظيم انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ چي گويرا به ان وقت گوئيٽي مالا ۾ هو ۽ پنهنجن اکين سان اهو سامراجي تماشو ڏسي رهيو هو. ان واقعي چي گويرا کي سامراجي ’آزادي‘ جو اصل مطلب سمجهايو. ’هاڪوبو آربانيز‘ کي هٽائي ’آزادي جي ويڙهاڪن‘ کي حڪومت ڏني وئي، جن ڪيترن ئي سالن تائين گوئيٽي مالا ۾ قتلام ڪيو، قتل ٿيندڙ ۾ ترقي پسند، ڪميونسٽن کان ويندي ريڊ انڊين به هئا.اهڙي قسم جو هڪ ٻيو واقعو ڪيوبا ۾ ٿيو. ڪيوبا جي انقلاب کي ختم ڪرڻ لاءِ انقلاب کانپوءِ آمريڪا ڀڄي ويندڙ ڀاڄوڪڙ ڪيوبن جا هٿيار، دهشتگرد جٿا تيار ڪيا ويا هئا. 1961ع ۾ کين تيار ڪري، ڪيوبا کي ’آزاد‘ ڪرائڻ لاءِ ڪيوبا جي هڪ علائقي پلايا گرون (بي آف پگس) تي لاٿو ويو. پنج آمريڪي جنگي بحري جهاز تيار بيٺا هئا ته جيئن ئي هي ’آزاديءَ جا جوڌا‘ اشارو ڪندا، تيئن ئي ڪيوبا تي حملو ڪري ڏبو. سندس سرڪار کي ڪيوبا جي قانوني سرڪار ڄاڻائي سندس مدد واسطي آمريڪي هٿيار قوتن کي لاٿو ويندو. اهو منصوبو ڪامياب ٿي وڃي ها. جيڪڏهن سي آءِ اي پاران تاتيل انهن ’آزاديءَ جي جوڌن‘ کي وقت ملي وڃي ها. پر ڪيوبا جي انقلابي اڳواڻن صرف ٽن ڏينهن اندر ئي کين مٽي چٽرائي ڇڏي ۽ آمريڪي بحري جنگي جهاز اشاري جو انتظار ئي ڪندا رهيا. ساڳئي طرح جي قذافي جون فوجون جلد ئي بن غازيءَ جي ’غازين‘ کي مات ڏئي وجهن ها ته هوند اڄ لبيا جي شڪل ٻي هجي ها! اسان ڏٺو ته هڪڙن ملڪن ۾ سامراجي مداخلت ڪامياب ٿئي ٿي، جڏهن ته ٻين ۾ نه، ان جو اصل جواب ان ملڪ جي سياسي ڊانچي ۾ ڳولهڻ گهرجي.
سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ ڪيترن ئي اڳواڻن کي ’ايمان‘ ياد آيو. ڪي توبهه طائب ٿي عالمي آقا جا مڪمل مطيع ٿي ويهي رهيا ته ڪي وري آقا ڏانهن نرم رويو اختيار ڪرڻ لڳا.(جيئن سنڌ ۾ به ٿيو، ڪن وڃي چلا ڪٽيا ته ڪن ڪامريڊ مائوزيتنگ کان بعيت واپس وٺندي جناح جي هٿ تي بعيت ڪئي.) ڪرنل قذافيءَ به سامراج ڏانهن نرم رويو رکڻ شروع ڪيو. ائين نه آهي ته هو سامراج تي يا سامراج هن تي اعتبار تي ڪيو، پر اڳوڻي لبيا ۾ پرڏيهين جي ڪم ڪار ۽ چرپر تي سخت نگراني هئي، فوجي قوت تي ڌيان ڏنو ويندو هو ۽ سامراج ائين سمجهندو هو ته لبيا وٽ ايٽمي قوت آهي. معاشي پاليسين توڙي ملڪي معشيت تي رياست جو مڪمل ڪنٽرول هو. پوءِ سامراج سان ويجهڙائيءَ جي ڪري لبيا ۾ پرڏيهي ڪمپنين کي اچڻ جي ڇوٽ ڏني وئي، معاشي پاليسين تي رياست جي پڪڙ ڍري ڪئي وئي. (قذافيءَ جو پُٽ سيف الاسلام انهن سڌارن جو باني هو ۽ انهن سڌارن ۾ سندس ٻانهن ٻيلي ڪي ٻيا نه بلڪ اڄوڪي لبيائي حاڪمن مان ٻه اهم ڪردار ۽ نيٽو جا پگهاردارمحمود جبرائيل ۽ يوسف ساواني آهن. انهن ٻنهي همراهن جو ڪم لبيا اندر مارڪيٽ اڪانامي کي نافذ ڪرڻ هو. نئين معاشي پاليسين سماج جي ڪن حصن کي مراعتون ڏنيون ته وري ڪي حصا انهن مان متاثر به ٿيا. جن کي مراعتون مليون سي سڌارن جي سست رفتار کان چڙيل هئا ۽هڪ ڌڪ سان ئي مارڪيٽ اڪانومي جي نفاذ جي حامي هئا (جيئن روس ۾ بورس يلسن ڪيو.) پر قذافيءَ جي موجودگي معاشي سڌارن جي رفتار تي اثر انداز ٿي رهي هئي. لبيا تي نيٽو جي حملن کان ڪجهه وقت اڳ ۾ آمريڪي ڪمپنين کي قومي تحويل ۾ وٺي قذافيءَ ڄڻ انهن کي پيغام ڏئي ڇڏيو ته سندن خواهشن جو پورائو ايترو تڪڙو نه ٿي سگهندو. يوسف ساواني، جيڪو نيٽو جا حملا شروع ٿيڻ کان اڳ سيف الا اسلام جي سڌارن واري اداري جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر هيو، تنهن ”ٽائيم ميگزين“ کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ’سيف الا اسلام گهڻو ڪجهه ڪري ٿي سگهيو، لڙائي شروع ٿيڻ کان 6 ڏينهن اڳ مون کيس صلاح ڏني ته پنهنجي پاڻ کي حڪومت کان مڪمل طور ڌار ڪري بيهاري، بغاوت ڪري ۽ پرڏيهه هليو وڃي. جي هو ائين ڪري ها ته لبيا جا ماڻهو سندس ٿورائتا هجن ها ۽ شايد هو نئين لبيا ۾ اهم رتبي تي هجي ها!‘ پڙهندڙ سمجهي ويا هوندا ته انهن لفظن جو ڪهڙو مطلب آهي. جيڪي به وقت تي قذافيءَ کي ڇڏي باغين (ٻين لفظن ۾ نيٽو) سان شامل ٿين ها تن کي نئين لبيا اندر اهم رتبا ملن ها.سيف الااسلام ائين نه ڪيو. قذافي ۽ سندس پُٽ کي پتو ئي نه پيو ته سامراج کي رام ڪرڻ واسطي هنن جن قوتن تان پنهنجي پڪڙ ڍري ڪئي آهي، سي ڪيتريون نه طاقتور آهن! اڄ سيف الا اسلام جيل ۾ آهي ۽ سندس ماضي جا صلاحڪار لبيا تي حڪمراني ڪري رهيا آهن، سندس پيءُ ڪرنل قذافي اُن ملڪ (فرانس) جي جنگي جهازن جي بمباريءَ جو نشانو بڻيو، جنهن جي صدر نڪولس سرڪوزيءَ جي اليڪشن جا فنڊ هن فراهم ڪيا هئا!
نئين لبيا اندر ’ماٺار‘ بلڪل به نه آهي. انهن قوتن جن جا رسا قذافيءَ ڍرا ڪيا، تن سندس اقتدار سميت عوام دوست لبيا جي به تڏا ويڙهه ڪري ڇڏي. اڄ تريپوليءَ تي سيڪيولر نه پر القاعدا جي اڳواڻ عبدل هاڪم بحلحاج عرف عبدل حاڪم ال هسديءَ جي حڪمراني آهي. هن همراهه جو قصو به نهايت دلچسپ آهي، جي اسان هن جي ڪهاڻي سمجهي وياسين ته پوءِ اسان کي نيٽو جي ’انسان دوست فوجي مداخلت‘ جي ڪهاڻي به سمجهه ۾ اچي ويندي. همراهه اٽليءَ جي اخبار ’ايل سول‘ کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ’هو لبيا مان پاڻ جلاوطن ٿيو هو.‘ جڏهن هن کان سندس پاڻ هرتي جلاوطنيءَ جو سبب پڇيو ويو ته هن وراڻيو.’ لبيا ۾ اظهار جي، سوچ جي ڪا آزادي نه هئي!‘واهه! مطلب ته اولهه جي صحافين کي اهو ئي ٻڌايو جيڪو هو پاڻ ٻڌڻ چاهين ٿا! پوءِ کانئس سوال ڪيو ويو ته هو لبيا مان جلاوطن ٿي ڪيڏانهن ويو؟ هاڻي اظهار جي، سوچ جي آزادي چاهيندو سو انهن ملڪن جو رخ ڪندو، جن ۾ اهي موجود هجن جيئن اولهه يورپ، سويڊن، ڊينمارڪ، جرمني وغيره پر ترسو! ڏسو ته اظهار جي، سوچ جي آزاديءَ جو ڪوڏيو هي جوان ڪهڙي ملڪ ڏانهن منهن ٿو ڪري، هي همراهه ٻيو ڪيڏانهن نه پر سعودي عرب ويو، جتان افغانستان پهتو! بيشڪ سعودي عرب ۽ طالبانن جو افغانستان دنيا اندر ’اظهار‘۽ ’سوچ جي آزاديءَ‘ جا مضبوط قلعا آهن!؟ هي همراهه افغانستان ۾ هڪ ٻي انسان دوست، آزادي دوست، انقلاب دوست تنظيم القاعده ۾ شامل ٿيو. افغانستان تي آمريڪي حملي کانپوءِ هي همراهه هڪ ٻئي ’عوام دوست‘ ملڪ (پاڪستان) پهتو جتان 2002 ۾ پشاور مان گرفتار ڪيو ويو. پاڪستان کيس آمريڪا جي حوالي ڪيو. آمريڪا کيس 2007 ۾ لبيا واپس موڪليو! ظاهر آهي ته هن انسان دوست، جمهوريت دوست، سوچ ۽ اظهار جي آزاديءَ جي ڪوڏئي کي آمريڪا لبيا اندر گُل پوکڻ لاءِ ته نه موڪليو هوندو! هن کي لبيا اندر ان ’انساني دوستي‘، ’جمهوريت‘، اظهار ۽ سوچ جي آزاديءَ لاءِ ماحول تيار ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو هو، جن جا نظارا هو سعودي عرب، افغانستان ۽ مشرف جي پاڪستان ۾ ڏسي آيو هو. هن همراهه جو چوڻ آهي ته ’اسان دهشتگرد نه آهيون، ا سان سادا مسلمان آهيون!‘ هن همراهه اڄوڪي ٽريپولي شهر جو فوجي ڪمانڊر آهي. ان ڳالهه جو مطلب ڇا آهي؟ نيٽو طرفان کٽيل ’آزاد‘ لبيا جي حفاظت ڪندڙ هي همراهه ڀلي ’سادو‘ مسلمان هجي، پر اسان ايترا ’سادا‘ مسلمان نه آهيون، جو هن تعلق کي نه سمجهي سگهون.
(ٻه ماهي ”سماجواد“ جنوري
فيبروري 2012ع ٿورن سان ورتل)