شاعري

دل جو شهر

سائين راشد مورائي، سنڌ جي ادبي دنيا جو اهو روشن ستارو آهي،جنهن ڏات جي ڏيھ ۾ ”مان باغي هان مان باغي هان“ ، ”ضمير چهنڊڙيون هنيون“، ”هن قوم جي ڪن ڪن ڳالهين تي جي ڏيندو آهيان ڪن، پڄرندو منهنجو آهي من!“ سميت سوين اهڙا شعر تخليق ڪيا آهن، جن جي شعري پختگي، رواني، ۽ خود سائينءَ جي پڙهڻ جو انداز ٻڌڻ سان ڏاڍو حز حاصل ٿيندو.
Title Cover of book دل جو شهر

• غزل

پوپٽن ورتي پناھ گلن ۾، مِرن جھنگن ۾ پناه،
ڪين ماڻهوءَکي ملي ٿي، هاءِ ماڻهن ۾ پناه!

منهنجي مٺڙي يار جي، محبوب مکڙي کي ڏسي،
شرم کان مهتاب ورتي، رات ڪڪرن ۾ پناه .

ڏاڍ کان ڏم جي، زماني جي غمن کان تنگ ٿي،
ذهن سهڻيءَ جي وڃي ورتي آ کَرڪن ۾ پناه .

درد جي لشڪر ڌِڪي نيڻن مان ڳوڙهن کي ڪڍيو،
ڊوڙنــدا اچيو وٺــن ٿــا منهنجــــي دامــن ۾ پناه .

سور ڌرتيءَ جا سهي، سُک چنڊ تارن ۾ نه ڳول!
ڪر اچي تڪيو هتي، وٺ منهنجي تارن ۾ پناه!

ڳالھ ڪرڻي هئي اثر واري طريقي سان تڏهن،
ســوچ جي اظهار ورتي، شعــر جي فــن ۾ پناه !

زنـدگـــيءَ ڀــر آءٌ رهـندس راشـــدا! ٿــورائـتو،
دردِ دل منهنجي ورتي آ، تنهنجي شعرن ۾ پناه .
***

تون تير نظر جا هڻندو رھ، نيشان سلامت آھ اڃان،
دل پوري آھ ، جگر جو پر ارمان سلامت آھ اڃان.

فتوا نه ڏيو، ڪافر نه چئو،مومن کي ميان! منڪر نه سڏيو،
سچ پچ ته اسان جو سونهن مٿان، ايمان سلامت آھ اڃان!

ساغر ۽ صراحي چَٽ ٿي ويا، مَٽَ مَئي جا کليا پيا آهن،
ٻُڪ سان ئي پيئڻ وارا پيئندا، سامان سلامت آھ اڃان!

اي سنڌڙي جندڙي سُست نه ٿي! ڪو توتي تاءُ نه سهڻو آ،
جنهن تو کي دل سان پوڄيو آ، سو جُوان سلامت آھ اڃان!

جي ڪُوماڻو ڪو گلدستو، خوشبو ٿي ختم، پرواھ نه آ!
گل تازا آڻي رکبا ڪي، گلدان سلامت آھ اڃان!

راشد ته مري ويو سال ٿيا، هڏڙا به ڳري ئي ويا هوندا،
پر شاعر هو سو شَعرن جو ديوان سلامت آھ اڃان.
***

اڻٽيهين اڌ رات جي اونده، ويڙها سڀ ويران لڳن ٿا،
جهڙا ڪي ڀوتن جا پاڇا، اونده ۾ انسان لڳن ٿا.

پابنديءَ جي پاڻيءَ تي ئي پيار سلو وڌندو رهندو آ،
پرت تي پهرا بيهارن ٿا، ڪيڏا هي نادان لڳن ٿا،

ڪي ڪي ڦوھ جوانيءَ ۾ ئي ذهني طور لڳن ٿا پوڙها،
ڪيئي جھُور جهانَ ۾ آهن، جن جا جذبا جوان لڳن ٿا.

هيڏا سارا ڍير مٽيءَ جا، تن ۾ ڪا تاريخ دفن آ،
ڪئين آثار ڏٺا ٿم اهڙا، مياڻيءَ جا ميدان لڳن ٿا.

ڪارا ، ڏٻرا، ڪنگيءَ کاڌل، ڍنڍ تي ٻار مهاڻن وارا،
شاعر! سچ پچ سڀئي تنهنجي، شعرن جا عنوان لڳن ٿا.

آس ۽ اوسيئڙي جا اڌما، مستقبل جا خيال ۽ خدشا،
راشدا ! تنهنجا شعر سمورا، ڪنوارين جا ارمان لڳن ٿا.
***

مان گلڙن خاطر ڪنڊن جو ويندس اي سڄڻ ! سڀ سور سهي،
يادن جي سهاري جيئندس پيو، ويجھو نه سهي تون ڏور سهي !

فرياد اسان جو غور طلب، لاغرض! ٻڌڻ ۾ ڇا آهي؟
ڪو عرض اسان جو سڻ ته سهي، منظور نه، نا منظور سهي !

دنيا جي خبر آ، منهجو قدر هوءَ ڪونه ڪندي، پر پوءِ به صبر،
مون عشق ڪيو انسانيت سان، صدمن کان چڪناچور سهي.

ڦَلُ منهنجيءَ محنت جو منهنجي پونئير کي مليو ته به ٺيڪ ٿيو،
مون پنهنجي حياتيءَ منجھ ڏٺو، ميوو نه سهي ڪو ٻور سهي.

ڪو دانشور جي دوست نه ٿيو، ڪو ميت مفڪر ڪين مليو،
ڪو شاعر ساٿي ڪين بڻيو، هاري ئي سهي، مزدور سهي.

ڪنهن پورهيت مون کي پيار ڏئي، پنهنجو سمجھيو ته خوشي ٿيندي،
ڀل زاهد نـــــفـــــــرت ڌاري ۽ واعظ به وڃي وهلور سـهــــــــــــــي.

بيداد نگر ۾ داد گھري، مان ٻٻرن کان ڇو ٻير گھران،
مان تاريڪين ۾ تاتيل هان ، گھر تنهنجو روشن نور سهي.

آ راشد جھليو جھول اڳيان، جو هڙ ۾ هجئي سو هن کي ڏي،
جي قرب محبت ڪونه اٿئي، ڏي نفرت ئي ڀرپور سهي،

***

ڪٿي مکڙيون مروڙن ٿا ، ڪٿي گئونچن جو دم گھٽجي،
ٽڙي بيهڻ کان اڳ ۾ ئي ، پيو گلڙن جو دم گھٽجي.

صبح تي رات جو ۽ راڄ تي راڪاس جو پاڇو،
اتي رهڻو پيو آهي، جتي جذبن جو دم گھٽجي.

ڏئي سِر حُسن تي ساٿي! سلامت سونهن کي رکبو،
اسان جي عشق تي آ حيف، جي سهڻن جو دم گھٽجي.

رُلي ويا رنگ سڀئي،جھنگ گھاٽي ۾ پيا ڦٿڪون،
هتي حيوانَ خوش آهن، مگر ماڻهن جو دم گھٽجي.

نه ايڪو آ نه همدردي، هينئر هڪڙن جو دم گھٽيو،
سڀاڻي ڇا ٿئي ڏسجي ته، ٿو ڪهڙن جو دم گھٽجي.

جنين جو دم گھٽڻ گھربو هئو، سي خوش وتن گھمندا،
پراون کان اڳي پيو ٿو هتي پنهنجن جو دم گھٽجي.

ٻنيءَ ۾ ان ٻيجيءَ جيان، اچو پکڙي پئون راشدا!
پُڙن جانڊھ جي ڳورن ۾، پيو داڻن جو دم گھٽجي.
***

هو جڏهن تيار ٿيو، مون کي ٿڏڻ جي واسطي،
راھ جو پٿر ٿيس، ٺوڪر سهڻ جي واسطي.

باک ويلي بوند برسايان پيو نيڻن منجھان،
ماڪ پڻ آهي ضروري گل کِلڻ جي واسطي.

مان سڄڻ جي منهن مبارڪ کي پڙهان هر دم پيو،
وقت ڪاٿي آ مون کي ڪورس پڙهڻ جي واسطي.

باھ ٿيو هُو، آءٌ پاڻي ٿي نه ٿو زد ۾ اچان،
مان سُڪي ڪاٺي ٿيان ٿو پيو ٻرڻ جي واسطي.

ڪاش! من ماڻهن جو ميرو، ڌوپجي اجرو ٿئي،
داغ دل جا ڪو نه آ ڌوٻي ڌُئڻ جي واسطي.

تنهنجي نازڪ هٿ ۾ شايد پون لکندي لڦون،
ڪيئن ڏيان تڪليف توکي خط لکڻ جي واسطي.

روز پرچڻ ۽ رُسڻ ۾ آھ اي راشدا! مزو،
اچ ته ٻئي پرچي پئون، ٻيهر رُسڻ جي واسطي!
***

دل منهنجي پراڻي آھ جھڳي، محلات هجي ته وڻي توکي،
هن برباديءَ جي بستيءَ ۾ ڪا بات هجي ته وڻي توکي!

ماڻهن جي ڏسان ٿو نيتَ بري، هَٿ ۾ قرآن، زبان ڇُري،
جي ڪڇ ۾ ڪات هجي ته هجي، ڳڙ وات هجي ته وڻي توکي.

تون نانھ مسيحا، جو جيارين، لقمان نه آن جو چاق ڪرين!
بيمار ۾ چاق چڱي جھڙي، جذبات هجي ته وڻي توکي.

ڪي معنى جا موتي نه هئا، تو شعرن تي وهوا نه ڪئي،
هيءَ سادي سودي ٻولي آ، ڪا ڏات هجي ته وڻي توکي.

گم آهين تون ته نظارن ۾، ڪا شيءَ نه ڏٺئي اشعارن ۾،
ڳوڙهن جو قدر توکي نه ميان ! برسات هجي ته وڻي توکي.

ڪو تيرن جو نه اثر ٿيندو، مان پاهڻ بڻجي ويو آهيان!
ڪا مات هجي ته وڻي توکي، ڪا گھات هجي ته وڻي توکي.

هِت پِٽڪو خالي پيٽ سندو، هِت رودن راشد غربت جو،
هي ماتامين جي مجلس آ، بارات هجي ته وڻي توکي.
***

لڱ لويل منهن مرجھايل،
هئه هئه ماڻهو هِيسايل.

پيلا ٿي ويا ڳاڙها ڳل،
ڏاڍا ڏوٿي ڏهڪايل.

روز جٺيون، هر روز هلان،
چُپ جـــھــڙا چپ پٿرايل،

زلفن سان ڪنهن کيڏ ڪئي،
الجھي ويا سڀ سلجهايل.

راڻي ريءَ ڇو هام هڻن،
ڪاڪ ڪنڌيءَ جا ڪهڪايل.

ليٿـــڙجي ٿيا رت ۾ لال،
منهنجا جذبا جرڪايل.

راشد جو هي لاش پرين!
تنهنجي لئه آ ترسايل.
***

آ چُني چمڪندڙ ٿر جي ناريءَ مٿان،
چنڊَ جي روشني ڄڻ ته واريءَ مٿان.

عشق تنهنجو الاڙي الڙ ڇوڪرا!
ڪيئي بهتان آيا ڪنواريءَ مٿان!

مون نه ڄاتو ته مُنهنجو پرين ٿو اچي،
ٻُٽ اجرڪ جي هئي جو سُنهاريءَ مٿان.

ڪونڀٽن جي پريان ٻيريون ڄانڱريون،
ٻير ڳاڙها ته ڏس! چهچ ٽاريءَ مٿان.

عشق ٿر جي ڀٽن سان ڪيئه راشدا !
لاھ ڏک سور ڌرتيءَ ڏکاريءَ مٿان.
***

جا دل جي بلــبـــل ڦاسايــئــــه، سا قيد رکج اُڏري ته ڇُٽي،
رک پوري در تون پڃري جا، هڪوار وئي نڪري ته ڇُٽي.

هي ٻير ڦريون،ڦوٽا،آڀون، پيرون ۽ پڪا هر سال ملن،
پر مست جوانيءَ جي يارو! جي مند وئي اُڪري ته ڇُٽي.

هيءَ رات وري ايندي نه پرين! اچ جاڳ! سندم سيرانديءَ کان،
هيءَ رات آ منهنجي موت سندي رک ياداُها گذري ته ڇُٽي.

جي دريا رُخُ موڙيندو آ، ۽ ويراني ئي ڇڏيندو آ،
جي ياد رهي تا ياد رهي، جي ياد دليئون وِسري ته ڇُٽي.

صحبت جو اثر ايڏو ته ٿئي جو اصلي حالت ٿو بدلي،
چئو شربت يا ته مٺو پاڻي، پاڻيءَ ۾ پئي مِصري ته ڇُٽي.

دل پاهڻ جهڙي ڪانهي جا، تڪليف جو تاب سهي ويندي،
دل منهنجي آهي ميڻ جيان، جي تؤ آيو پگھري ته ڇُٽي.

ڇا عشق جي آتش ساڙيندڙ، ڇا يار نرم دل راشد جي،
ڇا باھ ڪپھ جو ناتو آ، ڄر ۾ ڄرڪي پڄري ته ڇُٽي !
***


ڪچهري روبرو ٿيندي ته وڻندي،
مٺي جي گفتگو ٿيندي ته وڻندي.

مهانڊو آھ مکڙي، گل به ٿيندو،
سندءِ قامت ڪَهو ٿيندي ته وڻندي!

پُسايم پاند ڳوڙهن سان، نه پرتين!
جڏهن دامن لهو ٿيندي ته وڻندي.

وهِي تنهن جي وڇيري اڙل وانگي،
اهنڊ آهي سهو ٿيندي ته وڻندي.

مصور! هيءَ سندس تصوير ناهي،
پرينءَ جي هوبهو ٿيندي ته وڻندي.

رهي شل سونهن جي قائم خدائي!
انهيءَ جي آبرو ٿيندي ته وڻندي.

سدا راشد! رهي سنڌڙي سلامت،
بدي هن تان رفو ٿيندي ته وڻندي.
***

ڪانه مڃيسون ڪڏهين ساٿي! اونداهين جي آڻ،
ان جو آھ نتيجو نڪتو، چوڌاري چانڊاڻ.

ڀوڳي ڀوڳي جس هجيئي، برپٽ ڪيئه باغ،
محنت جو ڦل آهي مالهي! ساوڪ ۽ سرهاڻ.

اڃ اجھائي سُون ڌرتيءَ جي، رت جا ڏيئي ريج،
آھ اڱڻ تي پنهنجي اڄ ڪلھ گلڙن جي ڳاڙهاڻ.

آڳاٽي يا نئين کي چُهٽون،چچڙن جان ڇا لاءِ،
ڪا ڪا ڳالھ پُراڻي بهتر، ڪا ڪا خوب نواڻ.

وقت مقرر ڪونهي ڪنهن جي سڌرڻ جي لئه ڪوبه،
سو به نه ڀليو، جيڪو پهتو ڀٽڪي ڀٽڪي ڀاڻ.

سڪڻن ساهن کي هوندي آ، چُڪيءَ چُڪيءَ جي چوس،
مٽ کي ڏيج ڪُلهو اي موکي! منهنجي آڏو آڻ.

مُرڪي مرڪي پيئنداسين اڄ، وِھ جھڙي ڪوڙاڻ،
جاڳي ساري رات ڪنداسين، راشد ساڻ رهاڻ.
***

هيچ دنيا جي هر تشبيھ ،
سڀ کان تنهنجي سونهن سجيھ .

پهچان تنهنجي ڪيئن حضور ،
وچ تي هيڏي ساري پيھ !

هرڪو جانڊه جي پڙ هيٺ ،
ڪير ٻڌي ٿو ڪنهن جي ڪِيھ !

چارڻ مان هر بار ڏيانءِ !
جيڪر سرڙا هجنم ويھ .

دنياکي گھرجي تعريف ،
مون کي پر تُنهنجي تنبيھ.

اچ اچ راشد جي گھر آءُ !
چنڊ گذر ٿي ويا اڻٽيھ.
***

جنهن يار کان وڇڙي پيار وڃي، تنهن يار جي حالت ڇا هوندي ،
جي باغ منجهان مالهي نڪري، گلزار جي حالت ڇا هوندي !

گڏ تنهنجي هوندي هوش نه هو، اڄ ڌار جي حالت ڇا هوندي ،
ڇو سوچيئه ڪونه ڪڏهن پيارا، بيمار جي حالت ڇا هوندي !

ڪو اڌ ڪهاڻي مس لکي، ۽ ڪلڪ ڀڄي يا مَسُ کُٽي ،
۽ آڌي رات هجي ته ڪهاڻيڪار جي حالت ڇا هوندي !

جنهن پئسو پئسو گڏ ڪيو، ۽ نيٺ ڳِڌو ڪو رانديڪو ،
سو عيد ڏهاڙي ٽول ڀڄي، تنهن ٻار جي حالت ڇا هوندي .

جن بنجي سخي سر ٿي گھوريا، ڪن سرن بچائڻ جا سعيا ،
ڏاتار جي حالت آھ بُري، نادار جي حالت ڇا هوندي !

هو ويجھو اچڻ لئه ونگ وجھي، ويجھو ٿو وڃان ٿو ڏنگ هڻي !
جت پيار به بخشي پُور اتي، تڪرار جي حالت ڇا هوندي !

ڪج شور نه شعر ٻڌڻ کان پو، ڏس ”راشد“ جي دل جا ٽڪرا !
دل زار جي حالت هيءَ آهي، اشعار جي حالت ڇا هوندي !
***

ڏس ته ڪٿي کان پهتو آهيان، آنءُ ڪٿي تو ڪاڻ ،
ماڻهوءَ مانُ سڃاڻ پرين! ڪُجھ ماڻهوءَ مان سڃاڻ !

پن ڇڻ موسم وانگر ڇو آ تنهنجي سونهن اداس ؟
پنهنجا سور مون کي ڏئي ڇڏ، تون منهنجون خوشيون ماڻ !

تنهنجا چار اکر منهنجي لئه ٿيندي روح ورونهن ،
جي نه اچڻ چاهين ٿو مون ڏي، ڪوئي خط اماڻِ !

جڏهن به ڪائي نازڪ دل تي رسندي آھي چوٽ ،
منهنجي پيار پُراڻي ۾ ڄڻ ايندي آھ نواڻ .

منهنجي تصور ۾ آ تنهنجي صورت جواڻ جماڻ .
سپنن توڙي جاڳ ۾ جاني! توسان روح رهاڻ .

ذهنن لاءِ سڌارو آهي، معياري تنقيد ،
اهڙن گفتن ۾ او سائين! ڪانهي ڪابه ڪڙاڻ !

راشد! پنهنجي جنت آهي، چاهت ۾ چانڊاڻ ،
موٽي آئي آھ چمن ۾ ساوڪ ۽ سُرهاڻ .
***

خيال پَرَ پائي پنهنجو اڏاڻو،
ڪل نه آھي ته ڪاٿي ٽڪاڻو!

ڪوئي طوفان آيو وري ڇا ؟
ديپ آڌيءَ جو ڇالئه اجھاڻو!

ننڊ آئي مزي سان ڇٻر تي ،
ٻانهن منهنجي ڪئي تو وهاڻو.

ياد ماضيءَ جي منڇر ٿي اٿلي ،
ڪو غزل ڳائجي پيو پراڻو .

منهنجو ارڏو تبسم لٽي ويو ،
تنهنجو معصوم چهرو نماڻو .

مان ته هڪڙي پنهل کي ئي ڄاڻان ،
مون کان ڪهڙوڪيو ٿا پڇاڻو!

ڇا هُو ڪينجھر به ڪنجوس ٿي پئي؟
ڇو ڪنڌيءَ تي ڪنول گل ڪُماڻو!

درد جنڊيءَ تي، چاڙهي ڇڏيو تو!
ذهن وڻندڙ ۽ سهڻو چٽاڻو.

تو ڪئي پنهنجي جھولي ڪشادي،
هونئن ته راشد هو ڌرتيءَ ڌڪاڻو.
***

جام ڀرجن پيا،
پياڪ پهچن پيا.

ڳوٺ جي هر ڳلي ،
گيت گونجن پيا.

مورَ ڀٽ تي وري،
خوش ٽهوڪن پيا.

جھُورَ آرام ۾،
ٻار ٻهڪن پيا.

سونهن وارا پرين،
هاڻ سرچن پيا.

پانهنجا پاڻ ۾،
نيٺ پرچن پيا.

شعر راشد پڙهيو،
جھانگي جھومن پيا !
***

نياپا آيا سونهن نگر مان،
جاڳايو سڀ ڳوٺ ڳهر مان.

سانوڻ ۾ ٿيو جر جالارو،
ها، پر هنج اڏري ويا سَر مان.

تون ئي پالڻهار دنيا جو،
هاري هٿ نه ڪڍجان هر مان!

مون تو ڏانهن وڌايا موتيا،
۽ تو چاقو ڪڍيو وَرَ مان.

ارھ مٿان چولو چنبڙي پيو،
پاڻي ڇُلڪي پيو گھاگھر مان.

هُن جا هٿ اکر هِن شايد!
خوشبو آئي آڪاڳر مان.

راشد ڄاڻ پوي ٿي پيئي،
ساري دنيا جي ساغر مان.
***


تنهنجي محفل مان اٿي هاڻ هليا وينداسين،
ڀئونر آهيون وٺي سُرهاڻ هليا وينداسين.

چشمِ تر آيا هئاسون ۽ چمن مان هاڻي،
کڻي اکڙين سندي آلاڻ هليا وينداسين.

چنڊ ڪڪرن ۾ لڪائي، ڇو ڇڏيئي چانڊوڪي؟
ڇا تنهنجي چورائي چانڊاڻ هليا وينداسين.

آسرو آھ رڳو رات کٽي، پرھ ڦٽي،
باک جي ڏسندي ئي ڳاڙهاڻ هليا وينداسين.

اسان محبت جا پُڄاري، توکي نيبھ هي هجن،
تنهنجو ترڪش ۽ تنهنجي مياڻ هليا وينداسين.

مٺن ماڻهن کان مٺائي نصيب ٿيندي آ،
ڪابه محسوس ٿي ڪوڙاڻ هليا وينداسين.

عزتِ نفس سلامت رهي ته رهنداسين،
ڪانه ڪڍنداسين ڪنهن جي ڪاڻ هليا وينداسين.

پاڻ وڻجارا گھڙي پلڪ مسافر راشد!
رڳو ڀرجي وهي مهراڻ، هلياوينداسين.
***


آھ دل بيتاب کي ڪن خير خواهن جي تلاش،
ٿو ڪري هر نفس پيو هم نفس ماڻهن جي تلاش!

خط لکڻ جي واسطي ڀوڳيو اٿم ڪيڏو عذاب،
ڪالھ کان ڪريان پيو موزون لفظن جي تلاش!

تنهنجي زلفن تي اچي، تنهن دم پٽيو ٿي بامراد،
جنهن به جوڳيءَ کي هئي، واسينگ نانگن جي تلاش.

سونهن وارن کي اِئين ئي عاشقن جي گهرج آ،
جيئن سخي ماڻهوءَ کي هوندي آھ بُکين جي تلاش.

ٺوڪرون هڻندي بڻايئين دل کي چڪنا چور چور،
هاڻ تون ڇو ٿو ڪرين، شيشي جي ٽڪرن جي تلاش.

خط پڙهڻ کان اڳ ڪري پرزا، ڪيئين پڇتاءُ پوءِ،
هاڻ پَٽ تان پيو ڪري ٿو، ذرن پرزن جي تلاش.

جو هجي همخيال بيشڪ ساٿ سان بنجي شريڪ،
آھ راشد کي سدائين، پاڻ جھڙن جي تلاش.
***

تون اگر چاهين ته مان لکندو رهان،
ڊوھ کي ڊاهين ته مان لکندو رهان.

وار وکريل ٿو ڏسان، وکريو وڃان،
زلف جي ٺاهين ته مان لکندو رهان.

پَڪَ ڏي پنهنجي حُسن جو سُنهن کڻي!
تون اَجھو آهين ته مان لکندو رهان.

ڇڏ قِصي گو ديوَ ۽ راڪاس کي،
سونهن ساراهين ته مان لکندو رهان!

آ مٿي منهنجي تي فرقت جي ڀري،
بار هِي لاهين ته مان لکندو رهان.

ڇو سُتو پيو آنھ بڙ جي ڇانوَ ۾،
ڳاھ جي ڳاهين ته مان لکندو رهان.

ڪُوڙ کي هڻ ضرب ڪاري راشدا!
سَچ ساڃاهين ته مان لکندو رهان.
***

پيڻ کان پو سُرت آئي، پرت جي پيالي ملي،
مئه به متوالي ملي ۽ دل به متوالي ملي.

پرھ جي پياڪن پلاڻيو، ڪير پيئندو اڄ پِڪون،
تنهنجي مستن کي ته موکي! شهر نيڪالي ملي.

ڪنهن نه ڄاتو هو ته ڪو هيئن ٿيندا مئخانا اجڙ،
جا به اڄ اک تي چڙهي، سا آھ اک آلي ملي.

ٿورڙيون روشن اکيون ٿيون وقت کان جاڳن اڳي،
عام ماڻهن ۾ مصيبت مهل بي خيالي ملي!

منهنجي مفلس حال تي ٿو ٽهڪ ڏئي ٽوڪون ڪرين،
مون کي بدحالي ملي ۽ توکي بدچالي ملي.

رازِ دل ڪنهن کي ٻُڌايان راشدا! هن راھ ۾،
جابه دل آهي ملي، سا درد کان خالي ملي.
***

تخليقڪار خوب ڪئي تشڪيل حُسن جي،
آئيني اڳيان پوءِ ڇو تڪميل حسن جي؟

گل ڏسڻ جي لئه آھي، نه پيرن ۾ چٿڻ لئه،
مون کان نه سَٺي ٿيندي هي تذليل حسن جي.

چشمن کي ڏيان ڀيٽ ڪيئن چشمن سان پرينءَ جي،
نيڻن ۾ سندس آھ روان نيل حسن جي!

هُو شاھِ حسن آھ ته مان ان جو سپاهي،
ڪرڻي ٿي پوي پَئي مون کي تعميل حسن جي.

هِت جسم ۽ دماغ کپن تازا توانا،
مرضي نه رکي سگھندا ڪا مرضيل حسن جي.

هي شام سُهاني، هي فضا ۾ سندن ٽوليون،
آهينِ نشاني هِي ابابيل حسن جي.

ان لاءِ ته راشد مان حسين شعر ٿو جوڙيان،
ٿي وئي آ منهنجي ذهن ۾ تحليل حسن جي.
***


ڏاڍو ٿڪجي آيو آھيان،
رڻ مان گذري آيو آهيان.

سجھان ٿو دَر ساڳيو ناهي،
شايد ڀُلجي آيو آهيان.

اوجاڳن کان ڳاڙهيون اکيون،
جھڙو ڪر پِي آيو آهيان.

مندر، مسجد،گرجاگھر کان،
هر هنڌان ٿي آيو آهيان.

زخمي دل جي درد جو دارون،
توکي سمجھي آيو آهيان.

ڪنهن جي سر لئه سانگ رچائي،
جوڳي بنجي آيو آهيان.

بام تان بيهي ڏِسُ نه تماشو!
ڪيڏو ڦٽجي آيو آهيان.

تنهنجي عشق ۾ زيور پائي،
ڪڙيون لوهِي آيو آهيان.

سونهن مٿان سر گھور ڪرڻ لئه،
راشد! سنبري آيو آهيان.
***

جي ساقي! مُنهنجي لئه مُهيا هڪڙو ٻه پيالو ٿي ويندو،
سچ پچ ته سڀن تڪليفن جو ڀرپور ازالو ٿي ويندو.

ڪَئي دانهن ته دل تان بار لٿو،ڪجھ لڙڪ لڙيا، ٿيو هانءُ ٿڌو،
مان خوفزده آهيان اڳتي ڪُوڪڻ به ڪشالو ٿي ويندو.

فنڪار ته آهي ميڻ بتي، جو پاڻ جلي ٿو جوت ڏئي،
جي ميڻ بتيون جھجھيون جلنديون، هر طرف اجالو ٿي ويندو.

دل درد جي آڳ ۾ پڄري پئي، ڄڻ سونُ پيو ٿو اجروٿئي،
ڏسجانءِ اسان جي جيئڻ جو انداز نِرالو ٿي ويندو.

تنهنجي سونهن تي سوچي لکڻو آ، پر ٿوري عمر ته مواد گھڻو،
ڪوشش جي ڪيم ته مرڻ کان اڳ هڪ تيار مقالو ٿي ويندو.

پرچاءَ جِي مُند وري ٿي پئي، سرچاءَ جي موسم سانوڻ آ،
پَٽ پُسندا، دليون ڀِڄنديون، چئني طرف جھڙالو ٿي ويندو.

اڄ عشق ۾ ٿو مان گھور ٿيان، ڄڻ مفت ملي ٿي مشهوري،
اي موت هلي آ راشد جو هيئن روشن نالو ٿي ويندو.
***

محبت جي دشمن سان ڀلجي مُروت جون ڳالهيون نه ڪجان!
ڪِيني، وير، ڪروڌ ڀريل سان، قربت جون ڳالهيون نه ڪجان!

گندي ناليءَ جي ڪيڙي ۾، اجرائيءَ جي آس نه آ،
جو به ذلالت ۾ خوش تنهن سان، عظمت جون ڳالهيون نه ڪجان!

سُورن سان آ سنگت پنهنجي، تڪليفن سان ياراڻي،
مون سان ٿَئي جي گڏجي هلڻو، فرحت جون ڳالهيون نه ڪجان!

جي آئين! نِچُ آئين جاني! ويھ ته ويهي سُورَ سليون،
ويهڻ ساڻُ وڃڻ واريون ۽ فرقت جون ڳالهيون نه ڪجان!

حال محرم توکي ٺاهيم، حال جو راشد خيال ڪجان!
غيرن سان گڏ ويهي منهنجي، غربت جون ڳالهيون نه ڪجان!
***


دل جي جذبن سان ٿي سهمت جاڳي ٿي،
مون سان هڪڙي سهڻي صورت جاڳي ٿي.

دليون قبرستان بڻي ويون ماڻهن جون،
شهر خموشان ۾ هڪ تربت جاڳي ٿي!

مُلڪ سڄو ماٺار ۾ ويڙهيو پيو آهي،
ها پر سنڌي ادبي سنگت، جاڳي ٿي!

مينديءَ جي خوشبوءِ لفافي مان آئي،
سمجھان ٿو اڄ منهنجي قسمت جاڳي ٿي.

دودي، درياخان وتو آ روپ نئون،
سنڌين جي اڄ قومي غيرت جاڳي ٿي.

تنهنجي ننڊاکين اکڙين ۾ آرس آ،
نيڻ نه کڻ! ڪا نئين مصيبت جاڳي ٿي.

غور سان پڙھ ته مصور چوڻ گھري ڇا ٿو؟
تصويرن ۾ راشد رنگت، جاڳي ٿي.
***


ڳلڙن سان وارن جون ڳالهيون!
گورن سان ڪارن جون ڳالهيون.

تنهنجي نظرن جون خبرون ڄڻ،
مُهلڪ هٿيارن جون ڳالهيون.

تنهنجي محفل غيرن سان گڏ هئي،
گلڙن سان خارن جون ڳالهيون.

خواب، حقيقت جھڙا آهن،
ننڊ ۾ بيدارن جون ڳالهيون.

مارئي، وڦلي روز ڪندي هئي،
ڏونرن جي ڏارن جون ڳالهيون.

محب ملڻ جو موقعو آهي،
پير جي سومارن جون ڳالهيون.

اهلِ فن جي اوطاقن تي،
فن ۽ فنڪارن جون ڳالهيون.

دل راشد جي، ياد پرينءَ جي،
جھنگ ۾ گلزارن جون ڳالهيون.
***

تڪليف مقدر بنجي وئي، تڪليفن کان لهرايان ڇو؟
جي پيار مُصيبت بنجي ويو، مان پيار ڪري پڇتايان ڇو؟

هِنَ محبت جي مکڙيءَ کي وڌِي، ڪنهن وقت وڏو گل ٿيڻو آ،
خوشبوءِ ته ظاهر ٿي پوندي، خوشبوءِ کي آنءُ لڪايان ڇو!

ڪو ڀئونر نه لذت ڄاڻي ٿو، جو سوز مليو پرواني کي،
هُت شمع جَلي، هِت پر ڦڙڪيا، مان باھ کان ساھ بچايان ڇو؟

محفل، مئخاني،هوٽل ۾، ڪنهن ڪلب يا پڪنڪ، پارڪ ۾،
جِت تون نه هجين واندو ويهي، مان پنهنجو وقت وڃايان ڇو؟

تعريف جُڳائي سُونهن سندي، جنهن جيئڻ جو اتساھ ڏنو،
هِن انڊلٺ رنگيءَ دنيا کي، بي رنگ ڀلا مان ڀايان ڇو؟

مايوس تمنا جي هوندي، اي دل! توکي تحسين هجي،
تو ساٿُ نڀايو راشد سان، گڏ تو هوندي گھٻرايان ڇو؟
***

چيو هو مانءِ هٿ جوڙي، منهنجي سرندي ئي ڪانهي ڪا،
مگر تو وٽ غريبن لاءِ ڪا ورندي ئي ڪانهي ڪا.

نٻل، مجبور، بيوس، بيڪسن، مظلوم ماڻهن ڏي،
مصيبت جا به ايندي آ، اها ٽرندي ئي ڪانهي ڪا.

لڏِي لهرن ۾ ائين ٻيڙي، وڃي اوڙاھ ۾ هڻندي،
ملاحن کان سوا ڪشتي، صحيح ترندي ئي ڪانهي ڪا.

تتيءَ کي تـؤ نه ڏيو زياده، تپايو تنگدل ڇو ٿا؟
تپي ويئي جڏهن جنتا، سگھو ٺرندي ئي ڪانهي ڪا.

ڪبابن جي ڍَوَنِ کان پوءِ، اَچئي جي اوڳرائي ڪا،
انهن تي سوچ! جن وٽ باهڙِي ٻرندي ئي ڪانهي ڪا.

ڏهاڙن چئن جي راحت پٺيان ساري عمر جو غم،
چيائون سچ ته عاشق کي خوشي ڦَرندي ئي ڪانهي ڪا.

زماني ڪيترا گھوگا، گھٽا راشد، ڏنا ليڪن،
اسان جي آس اهڙي آھ جا مرندي ئي ڪانهي ڪا.
***

حيوان هيس اڳ ۾، انسان بنائي وئي،
محبت جي جڏهن ديوي، ديدار ڪرائي وئي.

آئي ته سڄو ڪمرو سرهاڻ سان ڀرجي ويو،
خوشبوءِ ذرو ڏيئي هُوءَ پاڻ ڇڏائي وئي.

ماضيءَ تي اگر سوچيان، احساس ٿئي زخمي،
ڪهڙيون نه چڱيون ڳالهيون آ ”ڪالھ“ لڪائي وئي.

آئي جا سنجھا ٽاڻي، سا پره ڦٽيءَ نڪتي،
گھر منهنجو سڄو پنهنجي يادن سان سجائي وئي.

ساڀيان ۾ اها صورت ڳولي نه لڀي ٿي پئي،
سپني ۾ اچي جيڪا آ ڇرڪ ڀرائي وئي.

فنڪار ڪئي سهڻي جادوگري لفظن جي،
راشد! مون رُنو ويٺي، رئندڙ کي کلائي وئي.
***

خوبصورت خيالات کي جس هجي،
اي مُصور، سندءِ ڏات کي جس هجي!

واھ منظر ڪشي ٿي ٿري مُرڪَ جي،
ههڙِي ڪامل محاڪات کي جس هجي!

هڪ جھڙا حسين جنهن ٻه ڏاڙهون ڏنا،
ان پهاڙيءَ جي باغات کي جس هجي.

جيڪا سهڻيءَ کي سيري وئي سِيرَ ڏي،
تانگھ کي،تئونس کي، تات کي جس هجي.

شوق سان نيٺ مَنصور ڦاهيءَ چڙهيو،
عشق کي، جوش، جذبات کي جس هجي!

جنهن مان نڪري پيو فن ڦوهاري جيان،
تنهنجي فنڪار! فڪرات کي جس هجي.

منهنجو رولو فڪر نيٺ يڪجاءِ ٿيو،
راشدا هن خرابات کي جس هجي.
***


اي دل اهو دلاسو دلبو به ٿي سگھي ٿو،
هر دم هوشيار رهجان، دوکو به ٿي سگھي ٿو!

ظاهر آ، ائڪشن جو نڪري ٿو ڪو نتيجو،
رِي ائڪشن پيارا! ڪيڏو به ٿي سگھي ٿو.

ڇو زهر ٿو پياري، ڀڃڻو ضرور آهي،
مٽڪو به ٿي سگھي ٿو، مڻڪو به ٿي سگھي ٿو.

هر ڏينهن ۾ چون ٿا ڏھ رنگ ٿو مٽائين،
مان ڪئين مڃان ته ماڻهو سانڊو به ٿي سگهي ٿو.

هن جي جھڪاوَ باري، سوچي نٿي سگھياسون،
هيڏو پهاڙ، ايڏو هلڪو به ٿي سگھي ٿو.

محبوب ڪڻڪ رنگو آهي ڇهاوَ سان پر،
ڳاڙهو به ٿي سگھي ٿو، پيلو به ٿي سگھي ٿو.

ڦرندو تکو يا ڍرڙو هي زندگيءَ جو ڦيٿو،
موٽر به ٿي سگھي ٿي ڇڪرو به ٿي سگھي ٿو.

بيڪار ناھ ڪوئي، ڪم آڻجي ته هر ڪو،
جڳ جي مشينريءَ جو پرزو به ٿي سگهي ٿو.

گرمي ٿڌيءَ ۾ جنهن سان سر کي ڍڪيون ٿا راشد!
پوتي هجي يا پَٽڪو، جھنڊو به ٿي سگھي ٿو.
***

هاڻ حياتيءَ جي ته اچي آ سنجھا ٿي،
چُڙندي چُڙندي نيٺ وياسون جُهونا ٿي.

بڻجي باب وڃن ٿا سي تاريخ سندو،
عشق ۾ جيڪي مرندا هِن بي ڪفنا ٿي.

تنهنجي نهڪر جي پٿر سان شيشي جيان،
جذبا نازڪ ويندا ٽڪرا ٽڪرا ٿي.

ڌارين جي مارڻ جا پاڻ به ناهيون پر،
ڪُکِ ۾ ڪان هڻن ٿا ماڻهو پنهنجا ٿي.

هِن ۾ هُن ۾ جنهن تنهن ۾ ٿو پاڻُ پَسان،
ماڻهن جا ته مُهانڊا ويا هِن ڪاوا ٿي.

نيٺ رمارڪ ڏيندس، ترسو ڪيس هلي،
دل جي عدالت ۾ آ داخل دعوا ٿي.

ڪهڙو آهي دوست ۽ ڪهڙو دشمن آ،
وقت اچڻ تي سڀئي پوندا پڌرا ٿي.

ماڻي وياسون هيڏي ساري مشهوري،
موري جي گھٽين ۾ راشد رُسوا ٿي!
***

سڄوئي هنڌ پُسي ويو هئو برسات ۾ رات،
لڙڪ نيڻن مان لڙي پيا هئا جذبات ۾ رات.

سجاڳ توڙي هئس خواب ۾ پر گذري آ،
تنهنجي مخمور نگاهن جي طلب تات ۾ رات!

جِئڻ جي مون ڪئي جاکوڙ پِئي گھر کان دور،
مگر تو گھاري آ شبهات ۾ خدشات ۾ رات!

پرين! تپرس نه وٺئي منهنجا ڏسي نيڻ ڀنل،
ائين هرڪائي گذر ٿيندي آ فڪرات ۾ رات.

رهاڻ سور ڌڻين ساڻ رچائي جو هيم،
اضافو خوب ٿيو آهي منهنجي ڏات ۾ رات!

مون کي بي گھر ڪيئي، بيچئن کي فوٽ پاٿ نصيب،
۽ تو فرحت ۾ گذاري وڏي محلات ۾ رات.

گذر ٿئي شامِ غريبان ڪا چڱي اي محبوب!
ڏئين زلفن منجھان خوشبوءِ جي خيرات ۾ رات.

ظلم کان تنگ ٿي دنيا جي غم ڀلائڻ لاءِ،
وڃي راشد کي پئي آھ خرابات ۾ رات!
***


ملي ويندو مشڪل جو حل خوبصورت،
ڪجي دوستو جي عمل خوبصورت .

هجن سامهون جي غزالي اکيون ڪي،
ته تخليق ٿيندو غزل خوبصورت .

زبان ذائقو ٻيو قبولي ته ڪنهن پر،
چُمي جنهن ڏٺو آھ ڳل خوبصورت .

تنهنجي عشق ۾ ٿي آ وهمي طبيعت،
ڏسان خواب پيو مستقل خوبصورت .

گلابي شرابي، ننڊاکين اکين سان،
لڳي ٿو هُو ويتر ٿڪل خوبصورت.

اٿڻ لئه چوين ٿو، مگر سوچ ساٿي!
ڇڏيان ڪيئن ميڙو متل خوبصورت.

هلي ماڻجي ڪا ڪراچيءَ جي سانجھي،
گذر من ٿئي ڪوته پل خوبصورت!

سندم هانؤ هر جھلڪو ٺاري رکي ٿو،
حَسين هٿ ۾ آ مورڇل خوبصورت.

وڌي وئي آ، اڄ ڪالھ ڇڪتاڻ ذهني،
پيو دل ۾ راشد! خلل خوبصورت!
***

ڪيڏو ٿو مان ڀانيان توکي،
ڪيئن اهو سمجھايان توکي!

مرجھائين نه شرم ٻوٽي جان،
هٿ نه ٿو مان لايان توکي.

مان ٻالڪ ۽ تون رانديڪو،
جھوليءَ منجھ لڪايان توکي.

ڪيڏو تون ته ٿڌيرو ماڻهو،
ڪهڙيءَ پر گرمايان توکي.

منهنجي خوابن جا شهزادا،
دل جو شهر گھمايان توکي!

آزاديءَ کي نعمت سمجھين،
اهڙو ساءُ وٺايان توکي.

ڪاش ڏياچ بڻي پئين جاني!
تندن سان تڙپايان توکي.

درد وندن جي ديس ۾ هلئون!
راشد! ساڻ ملايان توکي.
***