• وايون
اڻٽيهين اڌرات جو!
چئني طرف چُرن پيا، ڪارنهن جا ڪيڙا،
اڻٽيهين اڌرات جو!
گندين گھُگھ اونداھ جا، لهي پيا ليڙا،
اڻٽيهين اڌرات جو!
اڀريا ارھ ٻاٽ جا، ٽٽي پيا ٻيڙا،
اڻٽيهين اڌرات جو!
ساھ نپوڙن ٿا پيا، ڀَوَ سندا ڀيڙا،
اڻٽيهين اڌرات جو!
مينهوڳيءَ جي مُند ۾، سوچيون اوچيڙا،
اڻٽيهين اڌرات جو!
روشن تارا پرينءَ جي، مُنهن جا موهيڙا،
اڻٽيهين اڌرات جو!
***
ڪومل ڪومل مکڙو تنهنجو، ڪُوماڻو آ ڪيئن؟
اسان وٽ جذبو جيئن جو تيئن!
آڌيءَ جيڪو عشق هئو سو ساڳيو ويل وِچينءَ!
اسان وٽ جذبو جيئن جو تيئن!
نيٺ رسايو منزل تي آ، سڀ کي راه سنئينءَ،
اسان وٽ جذبو جيئن جو تيئن!
ڀاڪر ۾ نه ڪيو تو پهريان، ڪيڏو ڪالھ ڀُلينءَ!
اسان وٽ جذبو جيئن جو تيئن!
محبت! تنهنجي مِهرَ مڃان ٿو، محنت ساڻ رهينءَ!
اسان وٽ جذبو جيئن جو تيئن!
راشد! جھُومون، ڳايون ويٺا، ڀريو پيگ پرينءَ!
اسان وٽ جذبو جيئن جو تيئن!
اسان وٽ جذبو جيئن جو تيئن!
***
ٽھ ٽھ تنهنجا ٽهڪ ٽِڙن ٿا، ٻھ ٻھ مٺڙا ٻولَ پرين!
او ڍول پرين، او ڍول پرين!
ڳوڙها ڳاڙها رت جا ڳاڙيم، موتي هِي انمول پرين!
او ڍول پرين، او ڍول پرين!
پرکين پرکَ ته ڪُوڙن جا، اڄ پڌرا ٿيندا پول پرين!
او ڍول پرين، او ڍول پرين!
ڪارونجھر جيئن آهيون بيٺا، ارڏا جوانَ اڏول پرين!
او ڍول پرين، او ڍول پرين!
ڪيسين ڪانچ اگھامي، ٽٽندا ٽوڪر سان سڀ ٽول پرين!
او ڍول پرين، او ڍول پرين!
ڪهڙيءَ ڪَٿَ قبول ڪرايا آهن، قيد ڪڙول پرين!
او ڍول پرين، او ڍول پرين!
سوچ ته راشد! ڇا لئه ڇڏيا، هيڏا رنگ رتول پرين!
او ڍول پرين، او ڍول پرين!
***
هر جاءِ حق موجود ڪري ويو، عشق اوهان جو!
نينهن اوهان جو!
هستي هوڏ حرام ڪيائين، نيٺ هڻي نابود ڪري ويو،
نينهن اوهان جو!
شوقَ شڪارَ ڇڏائي شاهي، آزادي محدود ڪري ويو،
نينهن اوهان جو!
پارس تون ۽ لوھُ هُيس مان، سونو آھ وجود ڪري ويو،
نينهن اوهان جو!
جيڏهن ڪيڏهن تنهنجي صورت، ڌرتي ڪُل مسجود ڪري ويو،
نينهن اوهان جو!
هوس اياز اڳي مان راشد! محبت ۾ محمود ڪري ويو،
نينهن اوهان جو!
نينهن اوهان جو!
***
ڦُڙيءَ ڦُڙيءَ آ تلاءُ، اچو ته گڏجي واهَ وَهايون!
پاڻيءَ تي ئي پوک پچي ٿي، ساوڪ ۾ آ ساءُ،
سايُن پوکن ۾ سرهايون!
ڌرتي سونا سنگ ڏيڻ لئه، ماندي آهي ماءُ،
هاري يارو هر ته هلايون!
ٻنيءَ ونيءَ تي سر ڏينداسون، ڀيڙو ٿئي هر ڀاءُ،
دنگ تي پنهنجو رنگ رچايون!
آھ ٻَڌيءَ ۾ طاقت ڏاڍي، ڪم ۾ پڻ اڪلاءُ،
ساٿي گڏجي ساٿ نڀايون!
روڳي ماڻهن جي لئه راشد! ٿي نه ڪڏهن پوراءُ،
محنت ڪريون ڇو پڇتايون!
***
هيڻا هڏ هلائي،هٿ جي هاج ڪري ويٺي،
ڀرت ڀري ويٺي!
پيٽ بُکيوآ، ديس ڏکيو آ، سُور چَري ويٺي،
ڀرت ڀري ويٺي!
اڻ ڳڻيون ڳڻتيون، ڳاراڻا، پاڻ ڳري ويٺي،
ڀرت ڀري ويٺي!
روشن مستقبل ٻالڪ مُنهن، ٺار ٺري ويٺي،
ڀرت ڀري ويٺي!
ڏولاوا ڄڻ ڏاج مليا هِن، ڏُک ڏري ويٺي،
ڀرت ڀري ويٺي!
واهڻ ۾ هر عيش خوشيءَ کان، آھ پري ويٺي،
ڀرت ڀري ويٺي!
راشد! هر ساعت ۾ ڪائي، آس مري ويٺي،
ڀرت ڀري ويٺي!
***
سَوَپڙاڏا سَڏ جا، ڪنهن جا ڪُوڪَ ڪئي،
ڇا تو ڪانه ٻُڌي؟
کڙٻڙ کڙٻڙ پنڌ ۾، کڙ کڙ ڇَڪڙي جي،
ڇا تو ڪانه ٻُڌي؟
گونجي وئي گجگوڙ سان، هرڪا ڳوٺ ڳلي،
ڇا تو ڪانه ٻُڌي؟
ڪڙڪي بجلي قهر جي، ڪڙڪڙ ڪڙڪڙ ٿي،
ڇا تو ڪانه ٻُڌي؟
اندرُ چيري آھَ وئي، سِنڌ پئي سُڏڪي،
ڇا تو ڪانه ٻُڌي؟
وائي ورجائِي پئي، راشد! رات سڄي،
ڇا تو ڪانه ٻُڌي؟
***
ڦٽيون پيون چونڊينِ، سرتيون وؤنڻن وچ ۾!
سونَ سريکا هٿڙا، چاندي پيا ميڙينِ،
سرتيون وؤنڻن وچ ۾!
ميڙيو، مُٺيون ڀريو، ڪانبا خوب ڀرينِ
سرتيون وؤنڻن وچ ۾!
ڪنهن پر ٽهڪ ٽڙيا رهن، ڳالهيون پيون ڳولينِ،
سرتيون وؤنڻن وچ ۾!
نيڻ نماڻا ٻاجھ سان، نينهن نياپا ڏينِ،
سرتيون وؤنڻن وچ ۾!
محنت ڏي محبوبڙا، سرها ساه سڏينِ،
سرتيون وؤنڻن وچ ۾!
ڇڻ ڇڻ چوڙيون ٻانهن جون، ساز نوان ڇيڙينِ،
سرتيون وؤنڻن وچ ۾!
پورهيت شلِ پگھر ۾، ڪڪر! ڇانوَ ڪرينِ،
سرتيون وؤنڻن وچ ۾!
راشد! خوش ٿي کيت ۾، گيت پيون ڳائينِ،
سرتيون وؤنڻن وچ ۾!
***
راس نه آئي رات، راڻي ريءَ ڙِي جيڏيون!
ساڙيو آھ سرير کي، هير گھلي هيهات،
راڻي ريءَ ڙِي جيڏيون!
سُڃ لڳي ٿي سرتيون، مومل جي محلات،
راڻي ريءَ ڙِي جيڏيون!
منٿ مڃي شل مينڌرو، ڏاگھ چڙهي ٿي ڏات،
راڻي ريءَ ڙِي جيڏيون!
لوئي ويندي لوڪ ۾، منهنجي ذات صفات،
راڻي ريءَ ڙِي جيڏيون!
راشد! شاهي شوق جي، آھ بُري هر بات،
راڻي ريءَ ڙِي جيڏيون!
***
ڪي ڏکن ۾ ختم، ڪي سکن ۾ لڙيون،
زندگيءَ جون گھڙيون!
زهر جون ڪي وٽيون، ڪي ته مصريءَ ڳڙيون،
زندگيءَ جون گھڙيون!
ياد ماضي ڪَنن ۾ ٻُري ٿِي چڙيون،
زندگيءَ جون گھڙيون!
ڪين وسرن اهي جيءِ سان جي جڙيون،
زندگيءَ جون گھڙيون!
هارَ سُکَ جا ڪڏهن، ڪڏهن لڙڪن لڙيون،
زندگيءَ جون گھڙيون!
قول ۾ جي ڪَڙيون، آس ۾ سي سڙيون،
زندگيءَ جون گھڙيون!
ٽهڪ ٽڙيا ڪڏهن، ڪڏهن راشد! رڙيون،
زندگيءَ جون گھڙيون!
***
ماڻهو موچارو، چپجي ويو سارو،
ضرورت جي زد ۾.
هڪ ئي گوڏ غريب کي، آرهڙ ۽ سيارو،
ضرورت جي زد ۾.
اڄ پڻ گھَرِ مسڪين جي، ڏرجي پيو ڏارو،
ضرورت جي زد ۾.
ڳڻتين ڳاريو حافظو، ٿي پيو ويسارو،
ضرورت جي زد ۾.
ماٿيلي کان ميرپور، سيوهڻ، سامارو،
ضرورت جي زد ۾.
آيو خون ٻچي جو، وڪڻي ويچارو!
ضرورت جي زد ۾.
مرندي ڏسو ٿا پيا، راشد کي يارو!
ضرورت جي زد ۾.
***
ويھ پرين! موسم کي ماڻيون، مٽجي پئي حالات،
رھ ته اڄوڪي رات!
لفظن جو آ کيت پڪو پيو، ڏاٽو هڻندي ڏات،
رھ ته اڄوڪي رات!
تنهنجي منهنجي پيار جا ويري، غاصب ٿيندا گھات،
رھ ته اڄوڪي رات!
ٿڌڙي ٿڌڙي هير گھلي پئي، پکي لنون پيا لات،
رھ ته اڄوڪي رات!
ياد جو پيالو چاڙھ چپن تي، ماضيءَ ۾ هڻ جھات،
رھ ته اڄوڪي رات!
تنهنجي پٿريلي بت ۾ ڪا جاڳايون جذبات،
رھ ته اڄوڪي رات!
راشد! گڏجي سوچڻ سان ئي، ماري ٿيندا مات،
رھ ته اڄوڪي رات!
***
لهندڙ سج لالاڻ، اکڙين ۾ ڳاڙهاڻ،
ڦليليءَ جي ڪپَ تي!
سهڻا ماڻهو سبيتا، ساهن جي سرهاڻ،
ڦليليءَ جي ڪپَ تي!
خوشروئن جي ساٿ ۾، خوشبوئن جي کاڻ،
ڦليليءَ جي ڪپَ تي!
ها، پر حيدرآباد جي، منگھن تي ميراڻ،
ڦليليءَ جي ڪپَ تي!
پَسبِي سڀاڻي، پَرينءَ - مينهنِ جي آلاڻ،
ڦليليءَ جي ڪپَ تي!
اچو، ڪيون دوستو! راشد ساڻ رهاڻ،
ڦليليءَ جي ڪپَ تي!
***
منهنجو سر بسجود، تنهنجيءَ نيڻ نهار اڳيان!
واءَ جو جھوٽو اک جو اشارو، منهنجو ڪکُ وجود،
تنهنجيءَ نيڻ نهار اڳيان!
تنهنجي آڏو ڪجھ به نه آهيان، نسورو نابود،
تنهنجيءَ نيڻ نهار اڳيان!
ڀل ته کڻي فرعون هجي ڪو، نمي پوي نمرود،
تنهنجيءَ نيڻ نهار اڳيان!
هيچ نظر آيو هرڪو، دنيا جو بارود،
تنهنجيءَ نيڻ نهار اڳيان!
نعرا هڻندو، چوندو ايندو، هرڪو ”حق موجود“ !
تنهنجي نيڻ نهار اڳيان!
شهرت، عزت، دولت راشد! هرڪا شيءِ بي سود،
تنهنجيءَ نيڻ نهار اڳيان!
***
کليو ڪنهن جو وَرُ، چمڪيو چاقوءَ ڦَر،
ريلا وهيا رت جا --!
ڪنڌ ڀڄي ڪمدار جو، اجاڙيائين گھرُ،
ريلا وهيا رت جا --!
ڀاڙين ماڻهن کي مليو، ڀوتارن جو ڀر،
ريلا وهيا رت جا --!
بَڇ تي ڪيڏو ٿو وڙهي، ڪُتو يا نوڪر،
ريلا وهيا رت جا --!
اَن داتا جي خونَ جو، ڌرتيءَ پيتو جَرُ،
ريلا وهيا رت جا --!
سوريءَ چڙهِي سچ چئي، ”راشد“ آ شاعر،
ريلا وهيا رت جا --!
***
آخر سنڌوءَ جَل، کاڌي نيٺ اڇل،
ڳوڙهن ڳل پسائيا.
هُرندا رهيا هانوَ ۾، پيارا ماضيءَ پل،
ڳوڙهن ڳل پسائيا.
نا اميديءَ لهرِ ٿِي، ٻوڙيا آس- ڪنول،
ڳوڙهن ڳل پسائيا.
ڪنهن ڪنهن سِپَ جي پيٽ ۾، آهن لعل لڪل،
ڳوڙهن ڳل پسائيا.
جابر جوءِ ڇڏي وڃ ، سُجھي ڪابه نه ٽل،
ڳوڙهن ڳل پسائيا.
ترسيا ڪهڙيءَ تاڙ ۾، ٻاٻاڻن جا ٻَلَ!
ڳوڙهن ڳل پسائيا.
راشد! منهنجي رنج جي، ڪنهن کي ڪهڙي ڪل!
ڳوڙهن ڳل پسائيا.
***
هلجي ڪهڙي هَٽِ، مَڌ نه ڪنهن جي جي مَٽِ،
ٺڪر سڀ ٺلها ٿيا.
گڏجي متارا هلي، مرجي موکيءَ وٽِ!
ٺڪر سڀ ٺلها ٿيا.
هئه هئه! سُڪر ڏينهڙا، گھاءَ نه ڪنهن کي گھٽ،
ٺڪر سڀ ٺلها ٿيا.
مئخاني جي ماڪ کي، چِري دل پئي چٽِ،
ٺڪر سڀ ٺلها ٿيا.
دلڙي! صبر ساڻ هِي، گوندر گھڙيون ڪَٽِ!
ٺڪر سڀ ٺلها ٿيا.
راشد! سَري لاءِ تون، سر جو سانگُ به سٽِ!
ٺڪر سڀ ٺلها ٿيا.
***
متان لوڪ ميار، سهين سِرِ ميهار،
سهڻيءَ سان مل سير ۾.
لونءَ لونءَ ڪانڊاري وئي، ٻڏندِيءَ جي ٻاڪار:
سهڻيءَ سان مل سير ۾.
محبت کائي مات ڇو، هوڏ نه ڄاڻي هار!
سهڻيءَ سان مل سير ۾.
دلي کي ته نه دل کي، ڇڪنِ دريا آر :
سهڻيءَ سان مل سير ۾.
ڪاهي پئي ڪُنن ۾، الفت جي آڌار:
سهڻيءَ سان مل سير ۾.
تاتِ نه ڏسي راشدا! تانگھا توڙي تار:
سهڻيءَ سان مل سير ۾.
***
جھيڻو ڳالهايو،
متان جاڳايو،
سرتيون، منهنجو سپرين!
مَسَ مَسَ آهي ماڳ ڏي، منٿن موٽايو:
سرتيون، منهنجو سپرين!
سرچِي سُتو سيج تي، پلنگ پرچايو:
سرتيون، منهنجو سپرين!
منزل هڻي ڏور کان، آڌيءَ جو آيو:
سرتيون، منهنجو سپرين!
شايد اٿڻ سان ڪري، وڃڻ جو سعيو:
سرتيون، منهنجو سپرين!
رکي يا نه رکِي سگھي، راشد جو رايو:
سرتيون، منهنجو سپرين!
***
ڊاءَ ڏياري ڊپُ، ننڊ به ڪيئن ايندي؟
دريا پائيندو اچي، هِي گھَرُ ۽ هو ڪَپُ:
ننڊ به ڪيئن ايندي:
لولي، گوليءَ بَکُ ٿي، ڪونه چُري ٿو چَپُ:
ننڊ به ڪيئن ايندي:
سيني سيني جي مٿان، سُرندو رهندو سَپُ:
ننڊ به ڪيئن ايندي:
ويڄ به ويچارا ٿيا، ڪهڙو ڪُهنو تپُ:
ننڊ به ڪيئن ايندي:
ڳيري ڳيري جي مٿان، بازن جو آ جھپُ:
ننڊ به ڪيئن ايندي:
هُو ڄڻ سپنا سورَ جا، باقي تنهنجو کپُ:
ننڊ به ڪيئن ايندي:
سيءَ جھل جي لئه راشدا! ڪوبه نه ٽارو ٽپُ:
ننڊ به ڪيئن ايندي:
***
ڳوليندي راهون، سج لهي ويندءِ!
منزل پسنديون ڪينڪي، انڌيون نگاهون:
سج لهي ويندءِ!
ڪاٿي رهيو قافلو، ڪاٿي ٿيون ڪاهون:
سج لهي ويندءِ!
ڪُڌِي! ڪرهي ڪنڌ ۾، ٻئي وجھُ ٻانهون:
سج لهي ويندءِ!
سڻندءِ ڪوبه نه سُڃَ ۾، اڪيلي آهون:
سج لهي ويندءِ!
رهبر نه ٿئي راھ ۾ پنڌ به پراهون:
سج لهي ويندءِ!
راشد! شل سمجھي سگھين، سڄڻن صلاحون:
سج لهي ويندءِ!
***
محنت هاڻا هٿڙا جنهن جا، محبت وارو من:
سکي ڙي! سو منهنجو ساجن.
پورهيت پورهئي ساڻ بڻائي، ڌوڙ منجھاران ڌن:
سکي ڙي! سو منهنجو ساجن.
ڏيھ کي پائڻ، کائڻ لئه ڏئي، ڪپڙو توڙي اَن:
سکي ڙي! سو منهنجو ساجن.
ماکيءَ جي مک وانگر ڌن ۾ پنهنجي مست مگن:
سکي ڙي! سو منهنجو ساجن.
پاڻ ڏسي ڏُک پر نه سهي جو، ٻئي تي غم پل کن:
سکي ڙي! سو منهنجو ساجن.
ڌرتي سيتا جي لئه راشد! ڀوڳي آيو بنُ:
سکي ڙي! سو منهنجو ساجن.
***
ڌاڙو ڙي ڌاڙو اَلا! جيڏيون مون سان جاڙ ٿي --!
پاڻي مٺڙو پيار جو، بنجي ويو ٻاڙو:
جيڏيون، مون سان جاڙ ٿي --!
سُکي ننڊ سمهي پيو، اوڙو ۽ پاڙو:
جيڏيون، مون سان جاڙ ٿي --!
منهنجي من مستان جو لالڻ ڏي لاڙو،
جيڏيون، مون سان جاڙ ٿي --!
سُکُ سمهان ڪيئن سيج تي، سيني ۾ ساڙو:
جيڏيون، مون سان جاڙ ٿي --!
راشد! راڻل ڏئي ويو، روڄ اهو راڙو:
جيڏيون، مون سان جاڙ ٿي --!
*