شاعري

دل جو شهر

سائين راشد مورائي، سنڌ جي ادبي دنيا جو اهو روشن ستارو آهي،جنهن ڏات جي ڏيھ ۾ ”مان باغي هان مان باغي هان“ ، ”ضمير چهنڊڙيون هنيون“، ”هن قوم جي ڪن ڪن ڳالهين تي جي ڏيندو آهيان ڪن، پڄرندو منهنجو آهي من!“ سميت سوين اهڙا شعر تخليق ڪيا آهن، جن جي شعري پختگي، رواني، ۽ خود سائينءَ جي پڙهڻ جو انداز ٻڌڻ سان ڏاڍو حز حاصل ٿيندو.
Title Cover of book دل جو شهر

• نظم

بنجي ويندس بيپرواه

منٿ ڪيان ٿو موٽي آ تون، نڪري ويندو ساه ،
ته، بنجي ويندس بي پرواه !

هِنَ هُنَ جي ڪاڻ ڪڍان ٿو،هاءِ اڪيلو هانءُ !
ڏينهن سڀاڳو ايندو، ٿيندو تنهنجو منهنجو ٺاه :
ته، بنجي ويندس بيپرواه !

ڊَپُ عقل کي آهه،عقل آ تيسين جيسين ڍؤ !
پورهئي جو نه اجورو ملندو، بک کان ٿيندس پاه .
ته، بنجي ويندس بي پرواه !

دودو، دولھ،هوشو،هيمون، بڻجن منهنجا يار،
شامل حال رهيو جي مون سان چئن چڱن جو چاه :
ته، بنجي ويندس بي پرواه !

ڪارونجھر جي ڪور تي جھڙو آنءُ اڪيلو مور،
آءُ مسيحا ! مُرده مارن، سانگين ۾ پيو ساه :
ته، بنجي ويندس بي پرواه !

ذاتي ملڪيت آھ اڃا ڪجھ، جنهن جو اونو آھ،
پورِيءَ طور جڏهن اي راشد! ٿيندس آءٌ تباه :
ته، بنجي ويندس بي پرواه !
***

پڄرندو منهنجو آهي مَنُ
هن قوم جي ڪِن ڪِن ڳالهين ڏي، جي ڏيندو آهيان ڪَنُ:
پڄرندو منهنجو آهي مَنُ.

چار ورهيه جا اڳُ ساماڻي، ڇهن ورهين جي ڇوڪرَ ماڻي،
سورهن سالن جي هڪ سياڻي، جھور وڏيري جي پَٽ راڻي،
ککَ ڪُراڙي جي ڪڇ ۾ جي جلندو آجوڀن،
پڄرندو منهنجو آهي مَنُ.

جن جي گنديءَ ۾ ڪي داڻا، تن جا چريا، ڀُوڪ سياڻا،
ڀوتارن جا ڀريل ڀانڊا، اَنَ داتا جا ڀينگيا ڀاڻا،
هاريءَ جي گندڙي مان جڏهين، کٽندو آهي اَنُ،
پڄرندو منهجو آهي مَنُ.

بابن ڏاڏن کي ساراهي، ڪوڙا ٺاھ ٺڳيءَ جا ٺاهي،
پورهئي کان آ نفرت هِن کي، پنڻ پُٺيان پيو لاهي پاهي،
پِير شرابي، نيڪ مريدن کان وٺندو آ ڏن،
پڄرندو منهنجو آهي مَنُ.

سَرمائي جي سوڀ سدائين، غربت ڳهلي ڳوڀ سدائين،
ماڻهو، ماڻهوءَ کي ٿو کائي، لالچ لوڙهيو لوڀ سدائين،
سُور سماجي سهندي سهندي، ٻَلِ چڙهندو آ فن،
پڄرندو منهنجو آهي مَنُ.

جڏهن به خرچ ڪتابن جي لئه، ڇورو ٻارُ ڪو پئسن جي لئه،
سُور مٿي جو بڻبو آهي، راشد! مامن، چاچن جي لئه،
ڏسندو آھ پڙهڻ ويندا هِن، ٻيا سڀ هن جو سَنُ،
پڄرندو منهنجو آهي مَنُ.
***


آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان

سچ کي هر دم سچ چوان ٿو، ڪوڙ تي ڪلمو نه پڙهان ٿو،
حقدارن لئه حق گھران ٿو، مقصد ڪارڻ جيان مران ٿو،
جيڪو حق جو باغي آهي، وار انهي لئه ڪاري آهيان!
آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان!

لار نه ڪنهنجي لڙڪان ٿو، جھنڊو بنجي ڦڙڪان ٿو مان،
ڀنڀٽ بنجي ڀڙڪان ٿو مان، ڪُوڙ جي ڪنڌ تي ڪڙڪان ٿو مان،
تيلي تيلي، شعلو شعلو، ماچيسن جي ڦاري آهيان!
آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان!

ڪُوڙو مون آڏو نه ڪڇي ٿو، دل ۾ ڏاڍو سڙي لڇي ٿو،
مُنهن تي ڪڏهين ڪجھ نه چوي ٿو، پر پرپُٺ منهنجي لاءِ پڇي ٿو،
ڪهڙي باغ جي مورِي آهيان، ڪهڙي وڻ جي ٽاري آهيان!
آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان!

سچ چوان ٿو، مچ مچن ٿا، مون تي ڪوڙا ڪيس ٿين ٿا،
غنڊن جا ٽولا به اچن ٿا، لوڪ ٻڌي ٿو، بڪ بڪ ڪن ٿا،
آءٌ مڙن سان منهن ڏيندو هان، ڪين ڪندو مان زاري آهيان!
آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان!

مشڪل ۾ جو يارَ ڏسن ٿا، ڏاڍو مون کان ونءُ وڃن ٿا،
ڏک ۾ ڪوبه نه ڏڍُ ڏين ٿا، مرڳو ڇڄيو ڌار ٿين ٿا،
پنهنجا ڀي مون کان ته ٽهن ٿا، کِکَ جي ڄڻ ڪا کارِي آهيان!
آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان!

پوليس وارو مون لئه آقا، مون لئه آفيسر داروغا،
مون کان مير وڏيرا ڏاڍا، پيرن جا پِٽَ ۽ پاراتا،
هرڪو مون تي آڪڙجي ٿو، ڇو ته مان پورهيت هاري آهيان!
آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان!

هاءِ زمانا! ٿو آڪڙجين، مون کي هاءِ سماج نه سمجھين ،
ڌوڙ جي ڍيريءَ ۾ ٿو وهنجين، ڦلهيارن ۾ ڦوڪون ٿو ڏين،
اڏري پوندو سانءِ اکين ۾، راشد! مچ جي ڇاري آهيان !
آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان!
***

سوچيان ٿو انجام ته آخر ڇا ٿيندو!

ڏينهن سڄوئي نينهن نچائي، شام صبح ڦيرا پارائي،
رڻ ۾ منجھند ٽاڪ رلائي، ڪاڙهي ۾ مون کي ڪاڙهائي،
راتين جو آرام ڦٽائي، ٿيندي ننڊ حرام ته آخر ڇا ٿيندو؟!
سوچيان ٿو انجام ته آخر ڇا ٿيندو!!

هڪڙي ئي مجنونءَ سان جھيڙي، شهر سڄو پيو پٿر ميڙي،
واڇون ٽيڙي، ڏند پکيڙي، هرڪو ديواني کي ڇيڙي،
باقي دوست رهيو هو، تنهن به مڙهيو الزام ته آخر ڇا ٿيندو؟!
سوچيان ٿو انجام ته آخر ڇا ٿيندو!!

عشق حدون اورانگھي ويو آ، بحر جو پاڻي تانگھي ويو آ،
جھنگ سڄي کي ڇانگي ويو آ، ڏانهن گلاجي گھانگھي ويو آ،
عزت وارو هوس دنيا ۾، بره ڪيو بدنام ته آخر ڇا ٿيندو؟!
سوچيان ٿو انجام ته آخر ڇا ٿيندو!!

جان جو ويري جاني آهي، ها پر دل ديواني آهي،
راشد مجنون ثاني آهي، ليلى جي نيشاني آهي،
عاشق ۾ رت آهي ڪاٿي، خون جو ڏيندو جام ته آخر ڇا ٿيندو؟!
سوچيان ٿو انجام ته آخر ڇا ٿيندو!!
***


ڪيئن لکجي!

ڪا چوٽ لڳي ته لکي وٺجي، ايذاءُ رسي ته لکي وٺجي،
هونئن ڪيئن لکجي، هونئن ڪيئن لکجي؟!

آ ڏينهن سڄوئي وٺ وٺان، ۽ پيٽ ڀرڻ لئه پيو لوچيان،
ڪا شام ٿئي ته لکي وٺجي، ڪا واند ملي ته لکي وٺجي!
هونئن ڪيئن لکجي، هونئن ڪيئن لکجي؟!

ٿي بجلي بند آ چنڊ لٿي، هِنَ اونداهيءَ کي ڪير ڪٿي؟
ڪا لاٽ ٻري ته لکي وٺجي، ڪا جوت جلي ته لکي وٺجي!
هونئن ڪيئن لکجي، هونئن ڪيئن لکجي؟!

هيءَ رات انڌيري طوفاني، هر ڪنهن کي آهي حيراني،
هيءَ رات کٽي ته لکي وٺجي، ڪا باک ڦٽي ته لکي وٺجي!
هونئن ڪيئن لکجي، هونئن ڪيئن لکجي؟!

جي دل ۾ نئون جذبو اڀري، ۽ راشد! ڪو احساس اٿي،
ڪو سهنجُ ٿئي ته لکي وٺجي، يا غم اٿلي ته لکي وٺجي!
هونئن ڪيئن لکجي، هونئن ڪيئن لکجي؟!
***

ڪنهن لاءِ ويٺو گيت لکين!

پريت جي هت ڪو ريت نه ڄاڻي، ماڻهو ماڻهوءَ کي نه سڃاڻي،
آب اکين ۾ پنهنجي آڻي، گيت لکين ٿو آڌيءَ ٽاڻي،
لوڪ سمهي پيو چادر تاڻي، ڪيسين تائين رئندين هاڻي؟
ڇو نه وڃي ٿو ننڊ ڪرين؟
ڪنهن لئه ويٺو گيت لکين!

هي ڇا هي؟ هي آهي سُرندو! او سائين! هي سُرندو چرندو؟
ها، چرندو پر ڪي ڪجھ گھرندو، سِر گھرندو، ٻوليندو، ٻُرندو،
توڙي حقُ هنئين ۾ هُرندو، پوءِ به ڀاڙي ڀڄندو ڀرندو:
ڇو ٿو سِر جي آس رکين؟
ڪنهن لئه ويٺو گيت لکين!

ڪنهن سان ديد لڙائي ويٺين، ڪنهن سان دِل ڦاسائي ويٺين؟
پنهنجا سُک ڀُلائي ويٺين، هيڏا سُورَ پرائي ويٺين!
دل ۾ سوز سمائي ويٺين، پنهنجي ننڊ ڦٽائي ويٺين:
ڇو نه سبق ٿو يار سکين؟
ڪنهن لئه ويٺو گيت لکين!

خود کي تو بيمار ڪيو آ، بر سر بدين بار ڪيو آ،
ڪڏهين تو ويچار ڪيو آ؟ پٿرن سان تو پيار ڪيو آ!
پاهڻ ڪو اقرار ڪيو آ؟ ڪنهن تي تو اعتبار ڪيو آ؟
راشد ويٺو روز رڙين!
ڪنهن لئه ويٺو گيت لکين!
***

زمانو مٽجي ويو آهي

ڏک ۾ ڪو به نه ڏَڍُ ڏِئي ٿو، سُک ۾ سڀ شامل،
اڙِي او دل! سنڀالي هل! زمانو مٽجي ويو آهي.

هتي آ قيمت وارو ڪچُ، اَگھامِي ڪونه سگھي ٿو سَچُ،
اڙِي دِل! بي ترسيءَ کان بَچُ، اجاين پُورن ۾ ته نه پچ،
وري آ، ماڳين موٽي اچ!
قرب ڪسيري ڪونه وِڪامي، محبت جو به نه مُل،
اڙي او دل، سنڀالي هل! زمانو مٽجي ويو آهي.

اڳي جي مصريءَ جي ها تڙ، اهي ٿيا وِهُ جي هاڻي هَڙَ،
ڪَٽي وَئي پيار پرت جي جَڙ، الا! هي هَٿَ هَٿَ منجھ امڙ،
ويا سڀ ڀُلجي يارَ ڀَلڙَ !
ماکيءَ کان وڌ مٺڙا ماڻهو، زهر ٿيا قاتل،
اڙي او دل، سنڀالي هل! زمانو مٽجي ويو آهي.

الا! هِي اجرو اجرو تَنُ، الا هِي ميرو ميرو مَنُ،
الا! هِي شهر به جھڙو بَنُ، جِتي سُک ناهي ڪو پل کن.
پچي ۽ پڄري پيو ٿو فن.
هاءِ حياتي هاڃي ۾ آ، ڪانهي هڙ حاصل،
اڙي او دل، سنڀالي هل! زمانو مٽجي ويو آهي.

جھليا ڪڏهين ڇا انب اَڪن؟ ڏنا ڪٿ ٻير ڪڏهن ٻٻرن؟
کنيا ڏِسُ ڪنڊا ساڻ گلن! اجايو ڇا لئه هٿ ڇلجن.
مگر هي سمجھو ڪي سمجھن.
عاقل آھ عذاب ۾ اڄ ڪلھ، عيش ڪري جاهل،
اڙي او دل،سنڀالي هل! زمانو مٽجي ويو آهي.

الا! هِي هوڪا هوڪا هَٽَ، الا هِت کوٽا کوٽا وَٽَ،
الاڙي! جھاٽو ڏيندا جھٽَ، گھڙِڻ ٿا گھاٽَ جھلن ٿا گھٽ،
چِڪن ٿا چاڪ، جھُرن ٿا ڦٽ.
دنيا، ڄڻ ته لتاڙي پيئي انڌِي گھوڙِي ڪَلُ،
اڙِي او دل، سنڀالي هل! زمانو مٽجي ويو آهي.

وڌي وئي چوڌاري اونداه، وٺان مان راشد ڪهڙي راه ،
ٻُڏن ٿا ٻُوسٽ ۾ ڪي ساه، دلين ۾ نفرت جا درياه ،
غمن جي ڇولين جي ڀَڃَ ڊاه !
قرب جي ڪِشتي طوفانن ۾، دُور ٿيو ساحل،
اڙي او دل ، سنڀالي هل! زمانو مٽجي ويو آهي.
***

ضمير چهنڊڙيون هنيون!

جڏهن به سوچيم: ته آءٌُ ڇا ڪيان، ۽ ڇو ڪيان،
ٻين سان ڇا وڃي، رڳوئي پنهنجو ڀلو ڪيان،
نفعو پويمِ پاڻ کي، ته ڪم رڳو اهو ڪيان،
جڏهن به سوچيم، ته پاڻ لاءِ ڇو ڏچو ڪيان:
ته ذهن ۾ سُيون لڳيون،
ضمير چهنڊڙيون هنيون.

جڏهن به سوچيم: ته آءٌ پاڻ کي سُکيو رکان ،
نه ڏيھ جي ڏکن ڪري، ته پاڻ کي ڏُکيو رکان،
ٻين لاءِ بهشت ٺاهيان، ۽ پاڻ کي دُکيو رکان،
جڏهن به سوچيم، ته پاڻ کي به ڇو بُکيو رکان:
ته ذهن ۾ سُيون لڳيون،
ضمير چهنڊڙيون هنيون.

جڏهن به سوچيم، ته قوم لئه لکان ته ڇو لکان،
۽ باھ ۾ ٻين جي، پاڻ کي وجهان ته ڇو وجهان،
رُڳو نه مون ته بار آه، جي سچ چوان، ته ڇو چوان،
جڏهن به سوچيم، مصيبتون سهان، ته ڇو سهان:
ته ذهن ۾ سُيون لڳيون،
ضمير چهنڊڙيون هنيون.

جڏهن به سوچيم، ته آءٌ ڇو ڪيان، ۽ ڇا ڪيان ،
جي قوم آھ ننڊ ۾ ته مان به ڇو جفا ڪيان،
غريب پاڻ، پاڻهئي، پيدا نه ڪربلا ڪيان،
چيم ته ڪنڊ ۾ رهي، رڳو ”خدا خدا“ ڪيان:
ته ذهن ۾ سُيون لڳيون،
ضمير چهنڊڙيون هنيون.

جڏهن به سوچيم، ته عمر عيش ۾ گذارجي،
۽ پانهنجي ئي زندگي، سنوارجي، سڌارجي،
مزي جون جنتون ڇڏي، نه دوزخن ۾ گهارجي،
ٻِيو ٻڏي ته ڀل ٻُڏي، رڳوئي پاڻ تارجي؛
ته زهن ۾ سُيون لڳيون،
ضمير چهنڊڙيون هنيون.

۽ جڏهن سوچيم، ٻين جي لئه مُصيبتون سهان،
ڀلي ته مان سڙان، پچان، ٻين کي سُک ڏئي سگهان،
ٻيو اچي نه ڪو، ته مان ئي راشدا اچان!
ڀلي ته سِر وڃي سندم، ڀلي ته آءٌ دم ڏيان:
ته ذهن ڄڻ ٽڙي پيو،
ضمير واھ واھ ڪئي!
*

مون کي ياد ڪندو ڪر!

مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽِي، جا واٽ آ ٺاهِي،
ان واٽ تان گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر.
کٽڪو نه هُجي ڏينهن جو يا رات جو الڪو،
بي خوف ٿي نڪرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!

جوکي ۾ وڌم جيءُ ڪيم جنگ امن لئه؟
انياءَ سان اٽڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر.
هر گهاوَ مٿان گهاوَ سهي، اف نه ڪئي مون؟
جي ويڙه ۾ ڦٽجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!

هر جاءِ جدوجهد، هر جاکوڙ ۾ شامل،
ڪم ڪار کان وِرچين ته مون کي ياد ڪندو ڪر.
راهي ! تو ڏٺو آھ مون ساهي نه کنئي آ،
جي راھ ۾ ٿڪجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!

پنهنجا به جڏهن توسان رکن ويرُ ۽ ڪينو،
ڪنهن سور کان سڏڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!
ڀوڳي مون جنهين درد جي پيڙا آ عمر ڀر،
تنهن درد کان ڦٿڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!

اي واٽ مسافر! تون ڪڏهن منهنجي قبر کان،
ڀُلجي به جي گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!
جو سبق سچائيءَ جو ڏنو آھ مون راشد!
سو سبق جي سمجھين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!
***

راشد ٿي نه اُداس!

پنهنجي محنت جو مَنَ ڪنهن کي پيدا ٿئي احساس،
سرهو باغ لڳايون، وٺندا ايندڙ ويندڙ واس.

پنهنجي پورهئي تي پلجي ٿي پيئي دنيا ساري،
پوءِ به پنهنجي گھر ۾ غربت جي آهي انڌاري،
صبح چٽي کي جنم ڏئي ٿي، هر هڪ رات اماس.

هٺ ڌرميءَ وارن جو هاڻي ڄاڻ ختم ٿيو وارو،
ڪوڙ ڪوهيڙو گم ٿي ويندو، ٿيندو سچ سوڀارو،
ڏور افق ڏي ڏس ته نمي پيو ڌرتيءَ تي آڪاس.

لايا نيٺ سجايا ٿيندا، پوريون ٿينديون آسون،
پرندا ٽرندا ڪونه ڪڏهن هي جيڪي قول ڪياسون،
دل دل ۾ ڪا جوت ٿي جرڪي، اک اک ۾ الماس.

دل کي ڪر درياه پيارا، گھار بڻي وڏ-گردو،
مايوسيءَ کي مات ڪري ڇڏ، ڏک تي هيري هردو،
وقتي گھٽ ۽ ٻوسٽ تي تون راشد ٿي نه اداس!
سرهو باغ لڳايون، وٺندا ايندڙ ويندڙ واس.
***

چؤُ ڇا لکان!

چئو ڇا لکان، ڪنهن تي لکان،
جيڪي چوين، منهنجا پرين،
جنهن تي چوين، تنهن تي لکان،
چئو ڇا لکان؟

ڪنهن ڌيءُ جي اوگھڙ تي لکان، تربت مٿان پَڙَ تي لکان،
ڏَنَ لاءِ ڏوڪڙ تي لکان، يا پِيرَ جي وَڙَ تي لکان،
ڪنهن خون جي ڌڙ تي لکان، يا جُرم جي جَڙَ تي لکان،
چئو ڇا لکان؟

ڀُونگر جي ڀُونگيءَ تي لکان، رئيسن جي ماڙيءَ تي لکان،
پورهيت جي پيڙا تي لکان، ڪمدار ڀاڙيءَ تي لکان،
هاريءَ جي ٻچڙن جو لڇڻ، ڏسڪڻ ڏِهاڙيءَ تي لکان،
چئو ڇا لکان؟

مزدور محنت تي لکان، يا ان جي اجرت تي لکان،
ڪنهن مِل جي مالڪ تي لکان، ماڻهن جي غربت تي لکان،
ڪنهن عيش عشرت تي لکان، نيلام عزت تي لکان،
چئو ڇا لکان؟

ڳاڙهن ڳلن، چاندي بدن، ڪارن يا ڪوجھن تي لکان،
ڪي پيٽ پُٺين سان لڳل يا ڀڀ ڀرين تي لکان،
چؤ! ست رڇي ڪنهن طعام تي يا رُکن ڍوڍن تي لکان،
چئو ڇا لکان؟
ڪنهن تي لکان؟
***

اي چنڊ توکي ڇا چوان!

ڪين ٿو ڄاڻين اسان جي درد دل کي اي ميان!
اڀ تنهنجو آستانو، ڌوڙ ڌرتيءَ جي اسان،
تون به ٿو ڏورئون ڏسين ۽ مان به ٿو ڏورئون ڏسان،
جي هجين ويجھو ته پو ڏاڍا ڪي ڏوراپا ڏيان،
اي چنڊ! توکي ڇا چوان- اي چنڊ! توکي ڇا چوان!

روشنيءَ جو شهر تون، اونداه جو هان بحر مان،
منهنجا ويري کوڙ آهن، تنهنجا تارا رازدان،
زندگيءَ جو زهر مان، سقراط بنجي ٿو پيان،
ڪونه ڪجھ توکان پڇي ڪو، مون تي هر هر امتحان،
اي چنڊ! توکي ڇا چوان- اي چنڊ! توکي ڇا چوان!

تون سدا خوش ٿو رهين، خوش ٿي کلين منهنجي مٿان،
ٿو سڙان دل ۾ پچان، پر ڪونه ٿو ڪنهن سان ڪُڇان،
جي نه چڙ توکي لڳي، مان سوال هڪ توکان پڇان،
ڪڏهن ڪو ڳوڙهو ڳڙيئي،ٿيو ظلم مظلومن مٿان،
اي چنڊ! توکي ڇا چوان- اي چنڊ! توکي ڇا چوان!

آءٌ صدين کان پيو ٿو بي رُخي تنهنجي ڏسان،
مان سهان ٿو ڏاڍ ڏاڍن جا ته تون چُپ بي زبان،
ڪين ٿو توکي ٻڌايان، دردِ دل جو داستان،
حالِ دل اوريان نٿو جو بزدلي سمجھين متان،
اي چنڊ! توکي ڇا چوان- اي چنڊ! توکي ڇا چوان!

ٿي سگھي ٿو منزل- مقصود کان اڳ ئي مران،
دل چوي ٿي توکي پنهنجي پيار جو شاهد ڪيان،
حال راشد جو وڃي محبوب کي چؤ، مهربان!
ڄڀَ مون پنهنجي ڪَٽائي، ٻيا ٿين اهلِ زبان،
اي چنڊ! توکي ڇا چوان- اي چنڊ توکي ڇا چوان!
***

تيئن تيئن شعر لکان!

ٿي ڀونئر وڃان باغن ۾، گم ٿي ٿو وڃان گلڙن ۾،
گلڙن به صفا سهڻن ۾ ، خوشبو کان شاد نشن ۾،
جيئن جيئن واس وٺان ٿو، تيئن تيئن شعر لکان ٿو!

بڻجي ڪي پکي اڏران ٿو، اڀ ڏانهن وڌي اڀران ٿو،
ڌرتيءَ جي مٿان اڪران ٿو، رنگ روپ ڏسي وندران ٿو،
جيئن جيئن هيٺ ڏسان ٿو، تيئن تيئن شعر لکان ٿو!

ٿي شمع ٻري ته اچان ٿو، پروان ٿي خوب پچان ٿو،
توري جو لڇان ڦٿڪان ٿو، پر پوءِ به ڪين مُڙان ٿو،
جيئن جيئن جوش جلان ٿو، تيئن تيئن شعر لکان ٿو!

جڏ پورهيت ٻارن رڙن ٿا، ۽ ماڻهو بُک مرن ٿا،
جڏ هاري حق گھرن ٿا، هو آمر جيل وجھن ٿا،
جيئن جيئن ظلم سهان ٿو، تيئن تيئن شعر لکان ٿو!
***

لڙڪ اگھي سگھندين؟

ڪين چرئي کي چور، چڱو آ،
چوري چاڪ چڪائي وجھندين!

هوريان ڏاڍيان لوچيان ويٺو،
مستقبل تي سوچيان ويٺو،
آءٌ به هڪڙو ماستر آهيان،
چند ٽڪن تي ٻار پڙهايان،
منهنجي پٺيان ٻار به آهن،
تن جا ڪي ويچار به آهن،
آخر سڀ کي مرڻو آهي،
نيٺ زمانو ڇڏڻو آهي،
سوچيان ٿو ته مري جي ويندس،
پويان پنهنجا ٻار ڇڏيندس،
تن کي ڪير سهارو ڏيندو،
کاڌو پيتو سارو ڏيندو،
مون کان پو هي پنندا وتندا،
گھرن گھٽين ۾ رُلندا وتندا،
تن جو ٿو ويچار رُئاري،
ننڍڙن جو ٿو پيار رُئاري،
تون به ته هڪ انسان ئي آهين،
مون جيئن پر مسڪين ته ناهين،
تڏهين هي الزام ڌرين ٿو،
چئين ته :” پڙهائي ڪونه ڪرين ٿو.“
دوست! سچيءَ دل سان سوچين ها،
منهنجي حقيقت کي سمجھين ها،
قرضن تي ٿو وقت گذاريان،
پيٽ پگھار مان ڪيئن ٿو پاريان،
زهر اٿيئي منهنجي حياتي،
پاءِ منهنجي ڇاتيءَ ۾ جھاتي.
آخر هي اولاد به آهي،
ست اٺ ڪو تعداد به آهي،
تن جون ڀي ڪي گھرجون آهن،
هي ته پگھارون پوريون ناهن،
اٽو، لٽو، مرڻو، پرڻو!
آھ دنيا ۾ ڇا ڇا ڪرڻو،
اڳ ۾ جو تنقيد ڪرين ها،
منهنجي حال تي ڌيان ڌرين ها.
اول پگھارون پوريون گھرجن،
پيسن آهر ڊيوٽيون وٺجن.
دوست اوهان هي سچ فرمايو،
” فرَض سُڃاڻي ٻار پڙهايو! “
ڄاڻان ٿو مان فرض شناسي،
پيس مگر غربت ۾ ڦاسي،
جڏهن ڏسان ٿو ٻار ٻين جا،
اجرا ٿي اسڪول اچن ٿا،
پنهنجا ٻچڙا ياد پون ٿا.
وسري سڀ ڪم ڪار وڃن ٿا،
سوچيان ٿو مون شادي ڇو ڪئي،
پاڻ سان پاڻهي تعدي ڇو ڪئي،
هاڻ ته ڏاڍا هٿ هڻان ٿو،
مفلس مان ڪنهن کي نه وڻان ٿو،
ڏاڍو آءٌ ڏکايل آهيان،
دوست! گھڻو ڪجھ گھايل آهيان،
ڪين چرئي کي چور، چڱو آ،
منهنجا لڙڪ اگھي سگھندين تون؟
***

پنهنجن پيارن سان ڳالهايون!

حوالي اسپتالن جي، ٿيا آهينِ عرصي کان،
چون ٿا ڊاڪٽرن لئه ڇا، سو بيمارن سان ڳالهايون،
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

نفعو نائوڻ تي آهي، شين جا اگھ وڌيا ڇا لئه،
اچو اي دوستو شهري! دڪاندارن سان ڳالهايون،
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

سڄي پاڙي ۾ اوندھ آھ، بجلي بند ڇو ٿي آ!
اچو گڏجي هَلي سڀ واپڊا وارن سان ڳالهايون!
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

پگھارون نوڪريءَ وارن جون پوريون ڪونه ٿيون پسجن،
ادا يونين وارا ڏيھ ڏاتارن سان ڳالهايون،
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

حقن جي ڳالھ هئي ڪهڙي، ويا ڇو جيل ۾ ماڻهو،
انهن سرڪار جي قيدي، گنهگارن سان ڳالهايون!
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

چون ڇا ٿيون سسئيون، سهڻيون ۽ مارويون موملون سنڌ جون،
ذرا هن ديس جي زنده، ته ڪردارن سان ڳالهايون!
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

هُشيءَ ڪنهنجيءَ تي ماڻهو پاڻ ۾ پنهنجا وڙهن ٿا پيا،
هلي هن قوم جي اڳواڻ، سردارن سان ڳالهايون،
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

ڦرون ڌاڙا ۽ چوريون هي وڌي ويون وارداتون ڇو؟
ورن ٿا ڀُنگ تي ماڻهو ڇو؟ ڀوتارن سان ڳالهايون!
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

بٽئيءَ ويلي غريبن جو ويو اَنُ سڀ ڇو ليکي ۾،
وڏيرن جي وڏن مُنشين ۽ ڪمدارن سان ڳالهايون!
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

هي هيڻن جا ته هڏ ڏوکي، وٺڻ جي ووٽ آيا ها،
تباهي ڇو ٿي قومي بار بردارن سان ڳالهايون!
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

هي بدامني، غريبي، مفلسيءَ، جو راڄ آ ڇا لئه؟
هلو يارو حڪومت جي اهلڪارن سان ڳالهايون!
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

پنهنجي فرياد مان ئي پاڻ ڀاڳيا ٽيپ پيا کائن،
جمعدارن سان ڳالهايون، صوبيدارن سان ڳالهايون!
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

وڪيو زر تي ضمير آ جن، انهن سان ڳالھ ٿئي ڪهڙي،
وڃايون وقت ٿا پنهنجو، جي زردارن سان ڳالهايون!
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

گنهگارن سان ڳالهايون، دڪاندارن سان ڳالهايون،
وڏيرن ساڻ ڳالهايون، يا ڪمدارن سان ڳالهايون.
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

جمعدارن سان ڳالهايون، صوبيدارن سان ڳالهايون؟
يا سردارن سان ڳالهايون، ۽ ڀوتارن سان ڳالهايون؟
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

وڃايون وقت ٿا پنهنجو، جي منهن ڪارن سان ڳالهايون،
چڱو آهي غريبن ساڻ، نادارن سان ڳالهايون!
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.
***

جوان ٿي، اي جوان جا پٽ، جوان ٿي!

امن جي لئه جيڪڏهن ڪا جنگ ٿي،
ڪين سورهيه جي ڪڏهن دل تنگ ٿي،
هل ٻين سان تون به هم آهنگ ٿي،
ديس جي دردن سندو درمان ٿي،
جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي!

ستن پيڙهين کي زخم پُٺ ۾ نه هو،
ڪو جِئو اڍ مان اڳي جُٺ ۾ نه هو،
مشڪلن ۾ ساه ٿيو مُٺ ۾ نه هو،
تون به ٻاٻاڻن جيان ٻلوان ٿي!
جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي!

ڪِٿ جھُڪيو تنهنجو ابو ڏاڏو نه هو،
اڻ ٿيڻ جهڙو ڪو ڪم آڏو نه هو،
ڪير ٿو چئي گھلبو گاڏو نه هو،
گھل گاڏو ڪين هيئن حيران ٿي!
جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي!

سر ڏئي ويو قوم تي تنهنجو ابو،
خلق جي خدمت ڪيئين ٿي بي لبو،
قول ڪر تان قوم جي لئه ڪم ڪبو،
قوم قرباني گھري، قربان ٿي!
جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي!

واهرو واهيرڙن جو يار ٿيءُ !
پُٽ ڀلي جو آن ڀلو بڻجانءِ پيءُ !
پُٽ کي پاڙهج سبق، اي دوست ايءُ !
”قوم جي آهي شمع، پروان ٿي“ !
جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي !

قوم تي جي وقت آيو آ ڪٺن،
رام ٿي سيتا جي ڪارڻ ڀوڳ بن !
دل ٻَڌي اٿ تون ته راوڻ ٿئي دفن،
ظالمن جي لاءِ ڪو طوفان ٿي!
جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي !

ملڪ جو مردن سان اوچو مانُ آ،
ماڻهپو ماڻهوءَ جو مانُ ۽ شانُ آ،
جس انهيءَ کي جنهن جو جذبو جوان آ،
سوچ سڀ ڪجھ ۽ صحيح انسان ٿي !
جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي !

منهنجا ڀرجھل ڀاءُ، او منهنجا مٺا !
ڏک تنهنجي قوم ڪي ڏاڍا ڏٺا،
ملڪ اڄ توڙي مُڪا سورن چِٺا،
سنڌ لئه خوشين سندو سامان ٿي!
جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي!

ڪارگر جي قوم جي لئه ڪم ڪرين،
خال پنهنجي پيءُ جو جيڪر ڀرين،
قوم جي لئه ويرين هٿان وڙهندي مرين،
شعر جو راشد! اچي عنوان ٿي،
جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي!
***

نئون جھان جوڙجي

جسم جي ولوڙجي، ته ذهن ٿو نچوڙجي،
اَچو! نئون سماجُ ڪو، نئون جهان جوڙجي.

انڌير ۾ نظر ڪٿي، اچي ٿو کڙ کٻيتڙو،
مگر سڄي ئي جڳ کي، ڏئي نه جوت جيتڙو،
ڦري ٿو گول گول هي دماغ آھ چيچڙو،
دماغ آھ چيچڙو، ته ذهن آھ چيچڙو،
پيو ٿو رت چوسجي ته ماس پيو ٿو روڙجي،
اَچو! نئون سماجُ ڪو، نئون جهان جوڙجي.

وڌي وڌي گھڻا ٿيا، هيءَ ڏيھ ۾ ڏُڪاريا،
جي گورَ ڍور وانگيان، وتن سدا خُماريا،
ڪٿي لٽينِ پانهنجا، ڪٿي ڦرينِ ڌاريا،
اهو آ ڪيرُ، جنهن ڳلن تان لڙڪ ڪين هاريا،
او پيٽ وڏا، قوم جو، ٻيڙو نه هينئن ٻوڙجي!
اَچو! نئون سماج ڪو، نئون جھان جوڙجي.

اڃيان رهون ٿا آب لئه، مهراڻ جي ته ڪَپَ تي،
گذر ٿئي ٿو پانهنجي هوندي به، خير لَپَ تي،
چئون ٿا سچ تا، رکيو وڃي ٿو ڪَپُ چَپَ تي،
مگر نه بندشون پون ٿيون، بازَ جي ته جھپَ تي،
اٿو! ته ظلم جي خلاف هاڻي عَلم کوڙجي،
اَچو! نئون سماجُ ڪو، نئون جھان جوڙجي.

اَچو ته ظالمن کي هاڻِ، مُنهن چڙهي چئي ڏيون،
اَسان ۾ هِمتون وڏيون، نپوڙجي نٿا سگھون،
ڏيو جواب غاصبو! اوهان کان ٿا اسان پُڇون،
اوهان جي عيش لاءِ، طيش ۾ جيون ته ڇو جيون؟
اَچو ته چُپ چُپات جي شيشي کي هاڻِ ٽوڙجي،
اَچو! نئون سماجُ ڪو، نئون جھان جوڙجي.

اَچو! ته ڏاڍ ۽ ڏمر جي ڏونگرن کي ٽوڙجي،
عياشَ لَعنتيءَ اڳيان، نه لوئجي نَه لوڙجي،
اٿو ته ظالمن کي هاڻِ باھِ ٿي وِڪوڙجي،
غريب کي جھنجھوڙجي ۽ ننڊ کي نهوڙجي،
بُجو ڪو ٻُوٿَ ڏاڍَ جي تي، راشد! گھروڙجي،
اچو! نئون سماجُ ڪو، نئون جھان جوڙجي.
***

احسان نه کڻ!

ڪر محنت جيئن انعام کٽين، انعام ڇڏي تون دان کڻ!
احسان نه کڻ، احسان نه کڻ!

ڪنهن سور سٽيئه؟ احسان نه کڻ! ايذاءُ رسيئه؟ احسان نه کڻ!
ڪنهن ڏنجھ ڏڌيئه؟ احسان نه کڻ! ڪو درد وڌيئه؟ احسان نه کڻ!
تڪليف آ روح حياتيءَ جو، سک سهنج سندو سامان نه کڻ!
احسان نه کڻ، احسان نه کڻ!

هي بار ڳڻن جو ڳورو آ، هٿ لاءِ نه زهر ڪٽورو آ،
جنهن ٿورو سمجھيو ٿورو آ، سو ڀورو آ ڄَٽ ڪورو آ،
پوءِ هٿ مهٽي جو پڇتائين، تون پنهنجي سِرِ ارمان نه کڻ!
احسان نه کڻ، احسان نه کڻ!

جو گھُرجون ڪين گھٽائي ٿو، سو آخر هٿ وڌائي ٿو،
خود ليلائي، ٻاڏائي ٿو، ۽ ارڏو ڳاٽ جھڪائي ٿو،
اڄ آزاديءَ امڪان ڇڏي، تون ذلت جو زندان نه کڻ!
احسان نه کڻ، احسان نه کڻ!
***

جو چنگ اَمُن لئه چوري

جو چنگ امن لئه چوري،
تنهن تان ساه ڇڏيان مان گھوري!

محبت وارو مچ مچائي، پروانن جيئن پاڻ پچائي،
قرب محبت عام ڪري، ۽ ڪلفت ڪينو ڪوري،
ڪلفت ڪينو ڪوري، تنهن تان ساه ڇڏيان مان گھوري!

ڪي ڪي تندون جند برابر، ڪي ڪي جانيون تند برابر،
تار سلامت شال رهي، جا جھونا ڳڙھ کي جھوري،
جھونا ڳڙھ کي جھوري، تنهن تان ساه ڇڏيان مان گھوري!

آيت آيت ۾ هڪ معنى، چارڻ! تنهنجا لک شڪرانا،
سِرُ قربان ڪيان بيتن تي، ته به نه پڄان هڪ ٿوري،
ته به نه پڄان هڪ ٿوري، تنهن تان ساه ڇڏيان مان گھوري!

ساھ برابر سنڌڙي آهي، سنڌڙي راشد! جندڙي آهي،
ڀال ڀلايان ڀُونءِ سڄيءَ پر، مانُ ڏنو جو موري،
مانُ ڏنو جو موري، تنهن تان ساه ڇڏيان مان گھوري!
***

عشق سلامت- سدا سلامت!

رهندي دِل وارن جي ديسان ديس اهائي دعا سلامت !
عشق سلامت، سدا سلامت!!

نينهن سندو جنهن نئون رنگ لايو، سورن جو جنهن سبق پڙهايو،
دل جي جذبن کي جرڪايو، خام خيالن کي سلجھايو،
عشق حقيقي جنهن سمجھايو، منهنجو مجازي خدا سلامت!
عشق سلامت، سدا سلامت!!

منهنجا مٺڙا پيارا سائين! سهڻا سائين جئين سدائين!
هر دم هيڻن کي همٿائين، ساٿ ڏئي ٿو توڙ نڀائين،
آھ فِڪر پهتو سڀ تائين، شال رهي هيءَ عطا سلامت!
عشق سلامت، سدا سلامت!!

تنهنجي نظرن نينهن ورهايو، لوه کي تو آ سون بنايو،
زهر منجھان ترياق ٺهايو، تنهنجيءَ حڪمت فيض رسايو،
بيمارن کي چاڪ ڪرايو، دَرُ هي دارالشفا سلامت!
عشق سلامت، سدا سلامت!!

تنهنجو دعاگو آھ ڀٽائي، جنهن جي تو تعليم وڌائي،
شعرن جي تشريح ٻُڌائي، سِٽ سِٽ سڀ ڪنهن کي سمجھائي،
ڀونءِ مٿان هي آھ ڀلائي، سنڌڙيءَ تي هي سخا سلامت!
عشق سلامت، سدا سلامت!

سائين! تنهنجا لک شڪرانا، تنهنجا گفتا سڀ پُر معنى،
راشد! جھڙا ڪئي ديوانا، تنهنجي محبت ۾ مستانا،
پُر ٿيا پياڪن جا پئمانا، نينهن جا رهندا نشا سلامت !
عشق سلامت، سدا سلامت!!
*

زندگيءَ جو مزو

ڪين سڌڙين چکيو عاشقيءَ جو مزو،
آ جدوجهد ۾ زندگيءَ جو مزو!

ڪن کي گھاڻن گھُٽيو ۽ ڪي سُوريءَ چڙهيا،
ڪرٽ ڪن کي ڪپيو، قيد ۾ ڪي ڪڙهيا،
درد وارن ڏٺو دل لڳيءَ جو مزو!

رات کي چنڊ جڏهين ٿو روشن ڪري،
ٻاٽ ريءَ لاٽ ڪڍيو، ڏيو ڇو ٻري،
آھ اونده ۾ ئي روشنيءَ جو مزو!

سچ پيو ٿو سڏي، ڳاٽ اوچو کڻي،
آءُ وٺ تون به نروار نعرو هَڻي!
قرب ۾ ڪات جو ۽ اڏيءَ جو مزو!

پيار سان راشدا ! پيچ اٽڪيو نه آ،
لوچ جي ڪنگرين سر به لٽڪيو نه آ،
شوق ۾ ئي ته آ شاعريءَ جو مزو!
***

اَچ ته پُڄايون ڊوڙ!

اچ ته پڄايون ڊوڙ، او ساٿي!
اچ ته پڄايون ڊوڙ!

جو به تکو منزل ڏي ڊوڙي، ماڳ ڏي پنهنجون واڳون موڙي،
خيال هلائي رت ولوڙي، ماڳ لهي ٿو سوئي ووڙي،
منزل نيٺ پڄائيندي آ، جسمن جي جاکوڙ، او ساٿي!
اچ ته پڄايون ڊوڙ!

جو به ڪمائي سوئي کائي، محنت سڀ کي ماڳ رسائي،
ڏس! ڪيئن هاري هر هلائي، ڌرتيءَ مان ٿو ان اپائي،
ڪي ڪي ماڻهو همت ڀريا ۽ ڪي مانيءَ ٽوڙ، او ساٿي!
اچ ته پڄايون ڊوڙ!

آهي ڪو جو ٿو جھنجھوڙي، قوم اٿي آهي ڪَرَ موڙي،
جيڪو ويهي ٿو کپ کوڙي، سوئي ذهن سزا ٿو لوڙي،
رنگ لڳائيندي آ آخر، ذهنن جي ولوڙ، او ساٿي!
اچ ته پڄايون ڊوڙ!

ماڻهو محنت لئه ساماڻا، ماڻهو محنت کان ويڳاڻا،
ڪي ڪي ماڻهو راڄن راڻا، ڪي ڪي ماڻهو سنڌن ساڻا،
ماڻهو ڪک به نه ٻيڻو ڪن ٿا، ماڻهو لوه مروڙ او ساٿي!
اچ ته پڄايون ڊوڙ!

ڏينهن به آخر تپڻو آهي، سج منجھند تي اچڻو آهي،
منزل تي به ته پڄڻو آهي، بچڻو آھ ته ڊڪڻو آهي،
ڏينهن ٿڌي ۾ نڪري هَلجي، ڀورل ڀاءُ ڀلوڙ، او ساٿي!
اچ ته پڄايون ڊوڙ!

لاڙ، وچولو، اتر جاڳيو، ڪينجھر ۽ ڪارونجھر جاڳيو،
ڪاڇو جاڳيو ۽ ٿر جاڳيو، سنڌڙيءَ جو آ گھر گھر جاڳيو،
بدلايو آ راشد سائين! پاسو هاڻ اروڙ او ساٿي!
اچ ته پڄايون ڊوڙ!
***

نئون نظم ٺاهي وٺان!

ڇڏ ته ڪوئي نئون نظم ٺاهي وٺان،
قرض ڌرتيءَ ماءُ جو لاهي وٺان.

خيال جا تازا توانا هِن ڍڳا،
ڏينهن جا هوندا اڃان نَوَ، ڏھ لڳا،
ڇو نه مان جاٽون ٻه ٽي ڪاهي وٺان!
قرض ڌرتي ماءُ جو لاهي وٺان.

ڏور ٿي ويندو مڙئي ڏک ۽ ڏجھو،
اَنُ خوشين جو اي پرين ملندو جھجھو،
ڳاھ ڳڻتين جو رڳو ڳاهي وٺان!
قرض ڌرتي ماءُ جو لاهي وٺان.

منهنجي من جا مور توسان سر لڳي،
توکي ڀاڪر ۾ ڪرڻ کان ڪجھ اڳي،
ڏيج موڪل ملڪ کي چاهي وٺان!
قرض ڌرتي ماءُ جو لاهي وٺان!

راشدا ! ظالم نه من مستي ڪري،
هوڏ جي هيڻن مٿان هستي ڪري،
ڊوھ دنيا جا سڀئي، ڊاهي وٺان!
قرض ڌرتي ماءُ جو لاهي وٺان.
*