• قطعا
ڀڃي هر زهر ڀرئي جام کي هاريو ويندو،
ڊڄو ان ڏينهن کان نفرت کي پکيڙڻ وارا!
جڏهن انسان جي عظمت کي اڀاريو ويندو.
***
وري ڌرتي تي ڪو سقراط نه ماريو ويندو،
ڀڃي هر زهر ڀرئي جام کي هاريو ويندو،
ڊڄو ان ڏينهن کان نفرت کي پکيڙڻ وارا!
جڏهن انسان جي عظمت کي اڀاريو ويندو.
***
اسان سقراط ٿي وِھَ جو وٽو پي وينداسين،
اسان منصور ٿي سُوريءَ تي چڙهي وينداسين،
لبن تي ڪلمه حق جاري سدائين رَهندو،
اسان سرمد ٿي راهِ حق ۾ ڪُسِي وينداسين.
***
اسان به عشق جي ٻارڻ ۾ ٻري ڏسنداسين،
اسان به درياھِ محبت ۾ تري ڏسنداسين،
عشق فرهاد ۽ مجنونءَ جو مقاطعو ناهي،
اسان بلال و عنايت ٿي مري ڏسنداسين.
***
پنهنجن تي ڪڏهن وار ڪيو ٿئون نه ڪبو،
بيواجبي تڪرار ڪيو ٿئون نه ڪبو،
سنڌوءَ جي ڄڻين ساڻ ڪو ليکو نه اٿئون،
پر بخش ڪو غدار ڪيو ٿئون نه ڪبو!
***
ڪم ظرف جي تائيد ڪئي ٿئون نه ڪبي،
انصاف جي اميد ڪئي ٿئون نه ڪبي،
چوندن کي نه آ جھل، نڪا پرواه ئي آهي،
الزام جي ترديد ڪئي ٿئون نه ڪبي.
***
رڳوئي غير جي ظلمن ته ستايو ناهي،
مگر افسوس جو پنهنجن به گھٽايو ناهي،
اسان کي آس هُئي ٺارڻ جي، مگر ٻاري ويا،
اهو آ ڪير جهين درد دُکايو ناهي.
***
ستايو خوب ستايو ۽ ظلم برسايو،
نٿو غيرن کان پڄي غم ته، پنهنجا ورسايو،
اچي هُو منهنجو پرين مون کي ٻٽي تير هڻي،
شهيدِ ناز سندو لاش، گھڙي ترسايو.
***
سچي تي ڪوڙ جي ڪاهيو ته ڇا ٿيو؟
وري بهتان ڪنهن ٺاهيو ته ڇا ٿيو؟
نمڪ جو حق ادا ڪرڻو هو هن کي،
ڪُتي مون تي اگر باهيو ته ڇا ٿيو؟
***
هِن ديس ۾ دستورجو نالو نه هجي ها،
ڪاراڻ هجي ها ۽، اجالو نه هجي ها!
هيءَ قوم انڌيرن ۾، ڌِڪا کائي ها هر دم،
راشد! جي ڀٽائيءَ جو رسالو نه هجي ها.
***
تهذيب جو ڪنهن جي به هَٿ، ڀالو نه هجي ها،
غيرن جي زبانن تي به تالو نه هجي ها،
لولي آ ملي جنهن ۾، سا ٻولي نه هجي ها،
راشد! جي ڀٽائيءَ جو رِسالو نه هجي ها.
***
دستور مئه نوشن جو نرالو نه هجي ها،
هر لب تي جيئي سنڌ جو پيالو نه هجي ها،
تهذيب، ثقافت به اسان جي نه رَهي ها،
راشد! جي ڀٽائي جو رسالو نه هجي ها.
***
سنڌيءَ ۾ ڪو مضمون، مقالو نه هجي ها،
ڪو لوڪ گيت، بيت، جمالو نه هجي ها!
ڪو نثر، نظم قوم کي، زنده نه رکي ها،
راشد! جي ڀٽائيءَ جو رسالو نه هجي ها.
***
سسئيءَ جو ڪٿي ياد ڪشالو نه هجي ها،
سهڻيءَ جي ترڻ سيرَ جو، نالو نه هجي ها،
مارئيءَ جي وطن لاءِ حُب، معلوم نه ٿئي ها،
راشد! جي ڀٽائي جو رِسالو نه جي ها.
***
جي شاه جو قوميت لئه، حوالو نه هجي ها،
سنڌيت جو ڪو مستان موالو نه هجي ها،
نه ڏات رَهي ها، نه ڪائي بات ٿئي ها،
راشد! جي ڀٽائيءَ جو رسالو نه هجي ها.
***
اسان وٽ اڃا آس اميد واري،
اوهان وٽ ظلم روز پيو ٿو وِيامي،
شرافت اتي ليٿڙي ساهُ ڏئي ٿي،
جتي پير جي ٿي ڪرامت وڪامي.
***
ڦِٽي ڪين اس تي گلابن جو رنگ،
ڪڙهي ٿئي ٿو ڪارو ڪبابن جو رنگ،
ٽِمي نور ٿو پِيرَ جي مُنهن منجھان،
کڻن هَرُ ته ڏسجي نوابن جو رنگ.
***
ڪنڌ تي ڪاتي ڏسي ڪانئر ڪُڌو ڪُرڪِي پيو،
لالچي ڳِجھَ وانگيان آ، ڍُونڍ تي ڍُرڪي پيو،
خوش نصيبي آھ سر ٿو قول تي قربان ٿئي،
مون کي مقتل ۾ ڏسي، محبوب اڄ مُرڪي پيو.
***
ڀري پيٽ پنهنجو ڪتا ڀي سگھن ٿا،
ڪو چوندو ڪُتي لئه ته حيوانُ ناهي؟
جو ڏک ۾ ڏسي ٻين کي خوش رهي ٿو.
اهو سمجھ انسان، انسان ناهي.
***
جگر چاڪ ٿي پيا گلن جا خزان ۾،
۽ مالهيءَ جي دل تي ڪو داغ ئي نه آهي،
آ غدار جنهن باغ جو باغبان ٿيو،
اهو باغ سمجھو ته باغ ئي نه آهي.
***
غريبن کي ظلمن جو گھيرو ڏسو ٿا،
هي چؤطرف ڄڀين جو ڄيرو ڏسو ٿا،
مصيبت ۾ هاري ۽ مزدور آهن،
رڳو خوش سِرائي، وڏيرو ڏسو ٿا.
***
چون ٿاظلم هي ختم ٿي نه سگھندو،
غريبن تي رحم ۽ ڪرم ٿي نه سگھندو،
چوان ٿو نسل نئون سجاڳيءَ ۾ آهي،
ڪنهن جو مال هاڻي هضم ٿي نه سگھندو.
***
گذريون جي اوهان ساڻ گھڙيون، ياد ڪنداسين!
مکڙيون جي محبت جون ٽِڙيون، ياد ڪنداسين!
ڪن ٽوڙي ڇڌيون ٿي، ڪنين مضبوط ڪيون ٿي،
سي قرب ۽ الفت جون ڪڙيون، ياد ڪنداسين.
***
وڻ جنهن به هيٺ ويهجي، ان کي به ڪجي ياد،
ساٿين جي ذڪر ساڻ، سدائين رَهي دل شاد،
ڪنهن سک ته ڪنهين سور ڏنا، پو به اي راشد!
منهنجي ته دعا آھ ته سڀ خوش هجن آباد.
***
انسان آهيون، دوست هر انسان اسان جو،
هندو به اسان جو ته مسلمان اسان جو،
ماڻهن ته اسان کي گھڻن ڪافر به چيو آ،
پر امن ۽ محبت ۾ آ ايمان اسان جو.
***
زندگيءَ ۾ شعر هن جو ڪنهن ڇپڻ چاهيو نٿي،
مرڻ کان پوءِ چون ٿا، واقعي وڏو شاعر هئو،
محب وطنيءَ جو مليو مرحوم کي سرٽيفڪيٽ،
جڏهن جِئرو هو تڏهن غدار هو، ڪافر هئو!
***
محفل ۾ اڄ راشد جو ڪو گيت ڪنهين آ ڳاتو،
واتُ وڏيري جو گِڦ ڀريو آھ چڙيو چؤ واتو،
نانءِ جنهين جي ملڪيت ناهي، ناھ جهين جو کاتو،
مُلڙن جي لئه مِهڻو آهي، پيرن لئه پاراتو.
***