• آزاد نظم
زندگي منهنجي آ،
سرهي گل جيان.
منهنجو ڪم آهي ته مان،
خوشبو ڏيان،
پانهنجن کي، ڌارين کي،
دوستن کي دشمنن کي، پر
نڪ کي ئي بوءِ ٿي محسوس ٿئي،
بي نڪي کي بوءِ جي ڪهڙي خبر؟
جيڪڏهن ڪو چئي ته
خوشبوءِ ڪانه آ،
تنهن ڪيان انڌي عقل کي آءٌ ڇا؟
پنهنجي پر ۾ آءٌ پورو پيو رهان،
منهنجو ڪم آهي ته مان خوشبو ڏيان،
زندگي منهنجي آ سرهي گل جيان!
***
اٽلتا!
مان اهو آهيان جبل!
جو سمنڊ جي وچ تي اٽل
بيٺو هجي!
حادثا دنيا جا،
طوفاني ڇتين ڇولين جيان
مون ڏانهن،
ڌوڪيندا اچن،
مون سان لڳن،
پٺتي هٽن،
۽ بحر دنيا جي ۾ گم
ٿيندا وڃن.
مان اهو آهيان جبل،
جو سمنڊ جي وچ تي اٽل،
بيٺو هجي!
***
اتساھ!
جيڪڏهن تون ايترو،
روز، قرب جو ذرو،
ڏيندي رهين!
زندگيءَ جي ويڙه ۾،
هارجڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿئي.
تون جڏهن ويجھو اچي،
پيار سان منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي،
حال دل جو ٿي پڇين،
ڄڻ ته منهنجا بند ٿا آجا ٿين،
ڄڻ ته مان ٿو قيد کان ٻاهر اچان.
پيار تنهنجو ٿو ٻَڌائي منهنجي دل،
قرب تنهنجو ٿو وڌائي منهنجو من.
ما، نئين جذبي سان اڳتي ٿو وڌان.
ڪاش! مان توکي سدا ريڌل ڏسان،
اڄ جيان!
***
پشيماني
سانوِرِي سونهن جي
ڇانوِري ۾، گھَڙِي
مون،
ڪئي اک ڪَڙِي
پر،
جڏهن اک کلي
قافلو ويو هَلي
ڇانوِرو ويو لڙي
آنءُ،
هِنَ نيستيءَ تي،
پشيمان ٿي،
۽ پريشان ٿي،
هٿ مليندو رهيس.
***
گل مرڪي پيو
رات جا لڙڪ
گل جي ڳلن تي پيا.
سج ڪرڻن جي رومال سان،
سي اگھيا.
گل مرڪي پيو،
مرڪندي هيئن چيو:
رات رئندي رهي،
ماڪ پوندي رهي.
سج اڀرندو رهي،
ڏينهن ٿيندو رهي.
گل کڙندا رهن،
خوب ٽڙندا رهن.
سونهن وڌندي رهي،
سنڌ کلندي رهي،
جڳ جئندو رهي،
۽ سدائين جيئي!
***
احساس
جونجھڪڙي جو،
واءَ جو جھوٽو،
تُنهنجي گھر جي،
سرنهن منجھاران،
خوشبوءِ ٽيڙي،
واسي پيو ٿو،
اوسو پاسو--
ائين لڳي ٿو،
شاه جي خوابن جو ڄڻ ڪوئي،
ٿيو آهي تعبير.
سنڌ سڄيءَ ۾،
آھ سڪار،
عالم سڀ،
آباد ٿيو آ.
***
بکيا ٻار
ڪوبه گھٽيءَ ۾ ٻار--،
نه آهي کائڻ جي لئه تيار،
هنن جي آڏو ڪا شيءِ--
ڇو ته،
تڪيندا رهندا آهن
جُوه وجھي گھُوريندا آهن
۽ پو شايد
اڳلي کي آ
پيٽ ۾ پوندو سور--
هئي هئي هيءَ مسڪيني حالت
منهنجا بُکيا ٻار
ڏاڍا سڪڻا ٿي پيا آهن!
***
ڪڏهن تو سوچيو آ؟
خواهش جا ڪمدار،
مڙها ڀوتار،
ائين تسڪين ته ملنديئي ڪين --
غلط تو سمجھيو آ
بنگلا ۽ بستان رکين ٿو --،
حورون ۽ غلمان رکين ٿو --،
جنت جا مشتاق
اڙي شداد!
ڪڏهن تو سوچيو آ؟
حورون ۽ غلمان ته،
پنهنجو پاڻ ۾ ٺهندا
گڏجي رهندا
تون ته تڪيندو
رهجي ويندين،
چپ چٽيندو
رهجي ويندين،
۽ هي تنهنجو خرچ
اجايو ٿي ويندو.
***
شاعر
سگريٽن جا
خالي پاڪيٽ
ميڙي چونڊي
بال پين سان
تن تي لکندو
کيسي ۾ وجھندو ٿو وڃي
شايد ڪوئي
شاعر آهي.
***
جاکوڙ
عام ماڻهو
در دريون پوري
اندر ويهي رهن
تيز ٿئي طوفان ته
ڏسجان پرين!
روڊ ۽ رستا هجن
سنسان سڀ
اک نه گوڏي کي ڏسي
پاڻ کي اهڙي سمي
خوابن جي تعبيرب جي لئه
جذبن سندي تڪميل لئه
نڪري پوڻ گھرجي.
***
ٻه احساس
پن ڇڻ رت ۾،
پن، پپر جو ساٿ ڇڏي ويا،
پپر سوچيو،
ٺيڪ ٿيو جو، ساٿ ڇڏيائون!
واءُ لڳو ٿي، پن لڏيا ٿي،
مون کي پڻ لوڏي ٿي وڌائون.
اڄ مان تنها، بيٺو آهيان،
جھڙي تهڙي واچ جي ڪا،
پرواه نه آهي.
. . . . . . . .
پن ڇن رت ۾
پن پپر جو ساٿ ڇڏي ويا
پپر سوچيو،
توڙي ڪچڙا، ڪومل ها پر،
منهنجو ڍڪ ڍڪيندڙ ها پن،
اڄ مان ننگو ٿي پيو آهيان،
منهنجي اوگھڙ ڪير ڍڪيندو؟
پنهنجا آخر پنهنجا آهن،
ڪيڏا ڀي ڪمزور هجن پر،
منهنجي لڄ لڪائڻ وارا،
منهنجو شان وڌائڻ وارا،
هاءِ الا! اڄ ساٿ ڇڏي ويا،
موٽي شال اچي سا موسم
جنهن ۾ مون سا، منهنجا پرچن!
***
سوچ کي قيدي ڪرڻ جو
خيال ڇڏ !
سوچ بلبل ناھ،
جا بندي سگھين!
سوچ آهي واءُ، سا
پڃري جي وٿين مان به،
نڪري ٿي سگھي.
. . . . . . . . . . .
سوچ کي ٻُنڊا نه ٻَڌا !
سوچ، اڏ ۾ نار جو پاڻي نه آ،
جنهن کي تون،
روڪي سگھين !
سوچ آ، سنڌوندي
جڏهن ايندي موج ۾
تنهنجا سڀئي بند ٽوڙي،
شهر ۽ واهڻ سڀئي،
ٻوڙي ڇڏيندي !
***
ڳڻتي
عيدن ماءُ اٿ چانھ ته ڪاڙھ!
مون کي تپ ڀڃي رکيو آ،
لڱ ته ڏس، ڄڻ ٽانڊا آهن،
کيسو جانچ ته پئسا آهن؟
عيدن کي چؤُ گوري آڻي !
_ _ _ _ _ _ _ _
گيدي ۾ ڪجھ ڪونهي سائين !
ها پر، چانھ ۽ کنڊ به ڪانهي،
رات لئه گھر ۾ اٽو ڪونهي،
عيد اچي وئي لٽو ڪونهي،
ڇوڪرِ هاڻ اگھاڙي پئي ٿي،
ڦاٽي ويا سڀ ڪپڙا هن جا.
_ _ _ _ _ _ _ _
ها عيدن ماءُ !
ڄاڻان ٿو مان، ڇا ڇا گھرجي،
چاق ٿيڻ ڏي سڀ ڪجھ ٿيندو،
اٽو ٿيندو، لٽو ٿيندو،
چانھ به ٿيندي، کنڊ به ٿيندي.
_ _ _ _ _ _ _ _
اف الا! هاڻي ڇا ٿيندو
ڳڻتيءَ جھڙو مرض نه ڪوئي
ڳڻتي جھڙو مرض نه ڪوئي.
***
اڪيلائپ
ڪڏهن ڪڏهن ڪي
پيارا ماڻهو
من پرڀائي
ويندا آهن.
جي نه ته، اڪثر
ڪنڊ ۾ ويٺو
پڙهندو آهيان
تنهائيءَ تي
ڪڙهندو آهيان
وهمن سان پيو
وڙهندو آهيان
خيال جي چاڙهي
ڏاڪو ڏاڪو
چڙهندو آهيان.
پر پوءِ ڪڏهين
ٿڙندو ۽ ٿاٻڙندو آهيان
چوٽيءَ کان پَٽِ پوندو آهيان
چوندو آهيان
ڪو ته هجي جو،
ڏئيم سهارو
تنهائيءَ جو هيئن گذارو
ڪيسيتائين؟
***
مون کان پوءِ
هو جو مون کان پوءِ
پڄي.
ساڳئي تڙ تان پاڻي پئي
مارين کان نه ڊڄي
آزاديءَ سان گھمندي
ات منهنجا
پير پسي
سمجھي شال سگھي
ذات ڀلاري ناهي
پر ڏات ڀلاري آهي
ماريءَ کي ماري
جذبات ڀلاري آهي.
***
منزل ڏانهن
چنڊ اڀريو، مگر
رات روشن نه ٿي
هي چؤ طرف اونده
انڌوڪار آ
اٿو دوستو!
پنهنجي هٿ ساڻ
شمعون، جلائي کڻو!
اڄ ته اڀ تي به آهين
ڪارا ڪڪر.
ڪڏهن ڪڏهن وڄ جو
ڪو چمڪاٽ آ
خبر ٿي پوي
آهيون پهتا ڪٿي
اوهان، اڄ به مايوس
ڏسجو پيا!
نيٺ هلڻو ته آ،
مڃان ٿو ته هي راه آ
پُر خطر
۽ طوفان جو ڀي ته
امڪان آ
مگر ماٺ ويهي رهڻ ۽
ڊڄڻ، روا ڪونه آ.
هيئن ته آسان، مشڪل
نٿو ٿي سگھي.
اسان ڏانهن منزل
نه ايندي هلي.
اسان کي ئي هلڻو آ
منزل طرف
ذرا سوچيو!
نا اميدي ڇڏيو.
اوهان جيڪڏهن
حق جي راه ۾
جان پنهنجي ڏيو
تا، امر ٿي وڃو
هلندا هلو
ڪجھ ته هلندا هلو
پنهنجي منزل طرف
پنهنجي منزل طرف!
***
ٿڌڙا ساھ
هئه هئه هي مسڪيني حالت
منهنجا چارئي ٻار تپيا پيا آهن
مون وٽ ايڏا پئسا ڪونهن
جو مان ڊاڪٽر ڏانهن کڻائي
کين وڃان!
روئي روئي، ڦٿڪي ڦٿڪي
منهنجو روح رنجائن پيا ٿا
منهنجي جان جلائن پيا ٿا،
مون کي خود ڦٿڪائن پيا ٿا.
ٻارن جا ڪيهاٽ هوا ۾
منهنجا ٿڌڙا ساھ هوا ۾
گڏجي اڄ پرواز پيا ڪن--
رات سڄي مون ننڊ نه ڪئي آ
مان ۽ منهنجي گھرواري ٻئي
معصومن سان گڏجي سڏجي
لڇيا، ڦٿڪيا جاڳيا آهيون
هئه هئه هي مسڪيني حالت
منهنجا چارئي ٻار تپيا پيا آهن!
*