• گيت
هي ههڙا سخت سيارا ڙي!
ٿي ٺار ٺران، پئي سيءَ مران،
او جانب! جيءَ جيارا ڙي!
هڪ بيماري، ٻيو تون نه هجين،
پرگھور ولهيءَ جي ڪير ڪري؟
هڪ ٿڌ جي ڪري بت ۾ ڏڪڻي،
ٻيو ٻيئڙ تپ جا وارا ڙي!
هن وقت گرم جي هنڌ هجي،
تنهنجي ٻانهن تي منهنجو ڪنڌ هجي،
منهنجو سرهو هرڪو سنڌ هجي،
هيئن ڪيئن اچن اوٿارا ڙي!
ڀل رات ٺري، ڀل برف وسي،
تنهنجي ڪوسي ڪڇ ۾ ننڊ اچي،
برسات پوي، بجلي چمڪي،
سڀ نيڻن لاءِ نطارا ڙي!
جنهن وقت اتر جو واءُ وري،
ٿڌ ڀالا هڻندي آھ ڀري،
رت راشد جو جي يار ٺري،
پوءِ پڇتائيندين پيارا ڙي!
***
تون واپس آءُ! تون واپس آءُ!
تون واپس آءُ! تون واپس آءُ!
ڪري ٿي تنگ تنهائي، تون واپس آءُ!
زمانو زور آ مون کان، اچي منهن ڏيج دنيا سان!
ڏيان مهڻن سان منهن ڪهڙو، چوان ماڻهن کي ڇاڇا مان!
هلي آ هاڻ هرجائي! تون واپس آءُ!
لکيم خط آب ڳل آڻي، اٿي آڌيءَ رنم هاڻي،
بهاري ٿي اچين دلبر! ته دلڙي تازگي ماڻي،
ويو آ غم اندر کائي تون واپس آءُ!
ڦٽايئي يار چؤ ياري، ته ڳڻتين جانِ آ ڳاري،
مريض-عشق جي اڄ ڪلھ، وڌي وئي آھ بيماري،
آ منزل موت جي آئي، تون واپس آءُ!
مٺا اڄ موت آيو آ، مون کي پورڻ جو سعيو آ!
عزيزن ڄاڻُ راشد جو جڏهن توکي ڪرايو آ،
ٿجان ڀيڙو ڀتر ڀائي، تون واپس آءُ!
***
آ پهچ سگھو دلدار! ڏي آڌار،
وڇوڙو ماري وجھندو.
رات به روئي توکي پڪاريم،ڦٿڪي ڪيم فرياد،
شاد هجين آباد او مٺڙا! دانهنِ جو ڪر داد،
ٿــــا وڌنـــــدا وڃــــــــــــن آزار، او مـــنــــــٺــار!
وڇوڙو ماري وجھندو.
هيڻي من جو حال ڏسي وڃ، آھ ضعيفي زور،
تون ئي منهنجي طاقت آهين، توريءَ مان ڪمزور،
ڪيئن جيئندا هــــــي بيمـــــــار، تـــــــــوکان ڌار،
وڇوڙو ماري وجھندو.
آءُ وري هڪوار، اچي ڏي، دلداري دلدار!
موت جدائيءَ ۾ ٿيو منهنجو، سهندين لوڪ ميار،
ٻُـــــــــڌ راشــــــــد جا اشعـــــار، ڪر ويچــــــــــار،
وڇوڙو ماري وجھندو.
***
گھڻا ڏينهن لاتئه وڃي ڏور ڍولڻ!
هلي آ ته سڀ غم ٿئي دور ڍولڻ!
جَوَنِ، ڪڻڪ جو کُنڀُ ڪَٽبو رهي ٿو،
ٻيو لوبُ لوسڻ جو وڍبو رهي ٿو،
ٻنين ۾ آ پکڙي پيو نور ڍولڻ!
هلي آءُ....
پرين ڏِس ته پارو اَڪن کي ٿو ساڙي،
اڪيليون هِي راتيون الاڙي، الاڙي!
پوي تنهنجو پلپل پيو پور، ڍولڻ!
هلي آءُ....
الا تَھُ سيارو، اتر جون هوائون!
اچي ڏِسُ ٿيان ٿي ٺري ٺنڀ آئون،
ٿيا سنڌ ساڻا ۽ لِڱ چُور ڍولڻ!
هلي آءُ....
اچڻ لاءِ تنهنجي مون باسيون سُکائون،
وري مند موٽي نه آئين اڃان تون،
جھليو آھ ٻيرين وري ٻور، ڍولڻ!
هلي آءُ....
لهي سارَ ڏسجي لڱائي چڱائي،
وڇوڙي ۾ راشد! عُمر وئي اجائي،
جوانيءَ ۾ آهيون ٿيا جھُور، ڍولڻ!
هلي آءُ....
***
هئه هئه هي چانڊوڪيءَ رات،
ڪهڙي ڪم جي، تون ناهين!
گيت گلابي گلڙن وانگي، وايون لال ليارن وانگي،
هئه هئه ڏاڙهونءَ ڪَڻِ هي ڏات:
ڪهڙي ڪم جي، تون جو ناهين!
سنڌو آهيان ڄڻ سانوڻ ۾، ٻوڏ ڪيان واهڻ واهڻ ۾،
هيڏي طوفاني جذبات:
ڪهڙي ڪم جي ، تون جو ناهين!
باغ ۾ آھ بهاري ٿي وئي، سرهي ٽاري ٽاري ٿي وئي،
بلبل ۽ ڪوئل جي لات:
ڪهڙي ڪم جي، تون جو ناهين!
راشد خوش آتنهنجي ذڪر ۾، ايندو ڪوبه نه فرق فڪر ۾،
ٻي هرڪا دنيا جي بات:
ڪهڙي ڪم جي، تون جو ناهين!
***
آڌي رات لڙي وئي آهي، ڪين اڃان ٿي ننڊ اچي،
ڪاش! اچي ڪا پلڪ سکن جي، ڪاش! گھڙي کن اک جھپڪي!
جيئن هرڻ ڪو رُڃ ۾ ڀٽڪي، جيئن پکيءَ کي تير لڳي،
جيئن ڪا ڪُونج ولر کان وڇڙي، جيئن ڪا بلبل بند ڪجي،
مان بيتاب ائين جيئن ڪائي پاڻيءَ ري ڪرڙي ڦٿڪي!
ساھ لڳو پيو آهي ساجن! اوسيئڙي ۾ هيٺ مٿي،
سج لهڻَ سان روڄ شروع ٿيو، ڪين ختم ٿيو چنڊ لٿي،
آءُ! هلي اڄ، ڇو ته سڀاڻي، ڪير مري ۽ ڪير بچي!
ڀُونءِ ڀلاري ڀاڳين واري، تنهن تي ڇا لئه ڀينگَ وسي،
ڪو ته هجي جو ڏات ڏکيءَ کي، جيئڻ ڪارڻ ڏانءُ ڏسي،
راشد جون ڪر راس اميدون، راضي ٿيءُ ته رنگ رچي!
***
نشانين ڏي تنهجي نهاري نهاري،
کنيم ساھ ٿڌڙا، گرم لڙڪ هاري،
کٽولي تي کولي خطن کي کنڊيڙي،
۽ تصويرون تنهنجون به ٽيڙي پکيڙي،
پنهنجي پر ۾ تنهنجون ڳالهيون پچاري،
کنيم ساھ ٿڌڙا، گرم لڙڪ هاري!
کنياتا! خبر ڪر پرين اڄ اچي ٿو،
تنهنجي نانءَ تي ڪانءُ، ٽپڪي ڏئي ٿو،
دلاسن تي دل کي ڌتاري ڌتاري،
کنيم ساھ ٿڌڙا، گرم لڙڪ هاري!
جڏهن چنڊ پنهنجو ٿو جوڀن پسائي،
تنهنجي ياد مون کي اچي ٿي ستائي،
اٿي رات آڌيءَ پڪاري پڪاري!
کنيم ساھ ٿڌڙا، گرم لڙڪ هاري.
ڪري ياد ماضي، امن جا ڏهاڙا،
وڇوڙي ۾ راشد! ڪيم روڄ راڙا،
جي خوشيون ختم ٿيون انهن کي سنڀاري،
کنيم ساھ ٿڌڙا، گرم لڙڪ هاري!
***
ملين ته دل کي درد رسائين، جي نه ملين تڙپائين:
توکي ڇا ٿيو آ --!
پهريان پيار ڪرڻ لئه آتو، پاڻهئي پاڻ ڳنڍين تون ناتو،
ڪاش مون کي سمجھائين! ڇو ٿو پيار ڪري پڇتائين:
توکي ڇا ٿيو آ --!
دل جو شيشو ٽڪرا ٿيندو، ڪير اهي ٽڪرا ميڙيندو،
ڇا جي لئه ٿو نازڪ شيءِ کي اهڙي چوٽ رسائين:
توکي ڇا ٿيو آ --!
’راشد‘ کي تو رڻ ۾ روليو، عاشقَ ٻاڙو پو به نه ٻوليو،
تو لئه ساڳيا جذبا آهن، موٽي آ تون سائين:
توکي ڇا ٿيو آ --!
***
اي نيڪ دِل فرشتا!
شيشي گرن جيان تو، جوڙي آ دل شڪسته --!
ٻيڙي هُئي ٻڏڻ تي، توئي اچي سا تاري،
ڪهڙيءَ طرح ڪيان مان تنهنجي شڪر گذاري،
دربار ۾ مان تنهنجي، دربان دست بسته --!
ويڄن جي درن تي ڪئين، جھلڻا پيا ڌڪا ها،
بيمار ذهن جي لئه بنجي پئين مسيحا،
دل هئي ٽڪر ٽڪر ۽ جاني جگر به خسته --!
ٻيڻا ڏنا دنيا غم، چئوڻي خوشي ڏني تو،
ڀرپور ڏئي سهارو، نئين زندگي ڏني تو،
ٽوڙيا جڏهن قريبن، راشد سان ناتا رشته --!
***
تنهنجي پيار ۾ سج اڀري ٿو وڃي،
ائين دُنوي غم گذري ٿو وڃي --!
ڪم کان جڏهين ڪڪ ٿي ٿو پوان،
ڪڙهجي ٿو پوان، ٿڪجي ٿو پوان،
تنهنجي جھوليءَ ۾ ته سمهي ٿو پوان،
سڀ سور ۽ ٿڪ وسري ٿو وڃي--!
هونئن بت تي پئي ٿي باھ ٻري،
تون هٿ ڦيرين رڳ رڳ ٿي ٺري،
توکي ور ور ڏئي دل دعا ٿي ڪري،
جڏ تپ بت مان نڪري ٿو وڃي--!
مان سونهن ته تون سينگار آهين،
مان خوشبو تون گلزار آهين،
تون راشد جو ٿيو يار آهين،
هر مشڪل سان نبري ٿو وڃي--!
***
جڏ ڏسان ڪو ڀئونر گل مٿان،
دل چوي ٿي گيت ڪو لکان--!
اڄ صبح سان هوس باغ ۾،
ياد تنهنجي دل دماغ ۾،
ڪاش گل هجين تون، ڀئونر مان،
دل چوي ٿي گيت ڪو لکان--!
شام جو جڏهن شمع جلي،
پتنگ ٿا سڙن لڳي گلي،
تون شمع هجين ته مان جلان،
دل چوي ٿي گيت ڪو لکان--!
آھ هو ڪٿي ۽ مان ڪٿي،
راشدا! رئان ٿو سج لٿي،
ڪيئن ملي چڪور چنڊ سان،
دل چوي ٿي گيت ڪو لکان--!
***
ڏاڍي ڏکي ٿي مون لئه، سڄڻن جي موڪلاڻي،
دل درد سان ڀريل آ اکڙين آھ پاڻي--!
هي صبح هي ٻپهريون، هر روز جون ڪچهريون،
راتين جون محفلون ۽ شامون اهي سنهريون،
هي راڳ روز وارو، عادت سندم پراڻي--!
البم تي تنهنجو فوٽو، اهڙيءَ طرح لڳايم،
سهڻن سڀن جي وچ تي، سهڻو کڻي سجايم،
تصوير تنهنجي ٿي پئي، ڄڻ آھ راڄ راڻي--!
يا منٿ مڃ، نه وڃ تون! يا جلد موٽجان تون!
’راشد‘ اڳي مري ته ناراض نه ٿجان تون!
مون تي متان ڪڏهن تون ڪائي ميار آڻين--!
***
دل جي ويران رِڻ تي ڪڪر بانورا !
ٿورڙو ئي وسين ها ته ڇا ٿي ٿيئه--!
سانورا! تون گھڙي کن، سڙيءَ دل مٿان،
ڇانورو ٿي رهين ها ته ڇا ٿي ٿيئه--!
منهنجي پوڄا ڏسي ديوتا ٿي وئين،
پنهنجي پوڄا ڪندڙ کان جدا ٿي وئين،
مان به ماڻهو هيس منهنجي دلجاءِ لاءِ،
تون به انسان ٿين ها ڇا ٿي ٿيئي--!
هو ارادو پڪو مون ڪيو مرڻ جو،
شوق جاڳي پيو آ وري جيئڻ جو،
مون ٻڌو آ ته اڄ هو پڇڻ ٿو اچي،
موت! ٽارو ڪرين ها ته ڇا ٿي ٿيئي--!
ڪيترا حسرتن جا ڦٽن گؤنچ ها،
کوڙ آسن جون مکڙيون ٽڙي ٿي سگھيون،
منهن جي دل جي گلستان ويران جو،
باغبان ٿي رهين ها ته ڇا ٿي ٿيئه--!
منهنجي وندر جو باعث ٿي بڻجي سگھي،
ڪائي تصوير تازي هجين ها کڻي،
فون تي جي ٻه ڳالهيون نٿو پيو ڪرين،
ڪوئي خطڙو لکين ها ته ڇا ٿي ٿيئه--!
تون کلين ٿو ته ڄڻ گل ٽڙي ٿا پون،
ماٺ تنهنجي خزان، گل ڇڻي ٿا پون،
تو جي ’راشد‘ کي روئندي ڏٺو هو پرين!
ٿورو مرڪي پوين ها ته ڇا ٿي ٿيئه--!
***