شاعري

دل جو شهر

سائين راشد مورائي، سنڌ جي ادبي دنيا جو اهو روشن ستارو آهي،جنهن ڏات جي ڏيھ ۾ ”مان باغي هان مان باغي هان“ ، ”ضمير چهنڊڙيون هنيون“، ”هن قوم جي ڪن ڪن ڳالهين تي جي ڏيندو آهيان ڪن، پڄرندو منهنجو آهي من!“ سميت سوين اهڙا شعر تخليق ڪيا آهن، جن جي شعري پختگي، رواني، ۽ خود سائينءَ جي پڙهڻ جو انداز ٻڌڻ سان ڏاڍو حز حاصل ٿيندو.
Title Cover of book دل جو شهر

• بيت

الا! اڃان عام جي، سوچ نه ساماڻي،
دودو، هوشو،ناهيان،هيمون ڪالاڻي،
هيڏهن آنءُ اڪيلڙو، هوڏانهن سَوَ ساڻي،
پيٽ به پورت ٿو گھُري، پرت به پُراڻي،
هيڏهن آهي باھ ۽ هوڏهن آ پاڻي،
سا پَرِ شل رهجي اچر، جا پر ڏاڏاڻي،
سمرتي ساڻي، شال نه ٿئي سنڌ جي.
***

قوم گھري قربانيون، پيٽ گھُري پورت،
اٽو، لٽو ۽ اجھو، ظاهر ضرورت،
عشق چوي ٿو ڀانئيو، فاقي کي فرحت،
ٻن باهين جي وچ تي، ماڻهن موڙهي مَت؟
مٽجي وئي صورت، سرتا! منهنجي سوچ جي.
***

بک برابر بڇڙي، ماڻهو نِئي مانُ،
پوءِ به چوي انسان، ڀلي بُک ڀرم جي.
***

آيا گھڻا اوچتا، طاقتور طوفان،
روشن رهيا عشق جا، راشد! شمعدان،
دهلي ويا دهمان، دردن ڀري دل کان.
***

دردن جي ڀرمار سان، بڻي دل درياھ،
آيو عشق اٿاھ، ٻوڙيئين ٻن ٻيائيءَ جا.
***

محبت بخشيو ماڻهپو، انس ڪيو انسانُ،
هوس اڳي حيوان، عشق بنايو آدمي.
***

کريل هئو خيال سو، صحبت سڌاريو،
اندر اجاريو، اسان پنهنجو عشق سان.
***

ڪنڌ ورائي ڪونه ٿو، ڪيڏهن سوئر ٻَٺ،
ڪيرائي ڪِوِليون سگھن، هيڏو هاٿيءَ هَٺ؟
وارو ڪري وَٺ، شينهن به ٻليءَ پونگڙو!
***

ڪونڌر ڀڄي ڪينڪي، گدڙ ڀڀڪيءَ ڀر،
جوڀن جھوٽو واءَ جو، ڪرڻو ٿئي سو ڪَر!
پيارا! ڇڏج ڪينڪي، پنهنجي پياري پَرِ،
اوري، ڌيان نه ڌرِ، منزل جو پَھُ مَنَ ۾.
***

ميدانن مان وئين هليو، کائي ڀاڙ ڀَڄي؟
جي تو غداري نه ڪئي ڇو ٿيئي اک لَڄي؟
سچي ڳالھ سَڄي، سُڻائي مون ساٿ کي.
***

اڏرڻ ڇڏي عرش تان، لالچ ۾ لهندو؟
ڦاسي پکي راشدا! ڦاهيءَ ۾ پوندو؟
ٻوريءَ مٿان زهر جي، وَرَ وَرَ ڏئي چڙهندو،
ڳڙي نه ڳهندو، مرندو ڪڏهن ڪينڪي.
***

ٻاهر بوتو باز جو، اندرُ جھِرڪيءَ جيئن،
ڪانئر ٿيندو ڪيئن؟ راشد! راکو ديس جو.
***

آيو آھ ڏمرجي، ڏات مٿاهون ڏيھ،
ڇڏيو ڇوھ ڇنڊڻ سان، ڇسن ڪري ڇيھُ،
غفلت جي گرداب مان، ڪڍڻو آ ساڻيھ،
ٿڌي سيني ساڻُ جِي ٻُڌين اچي ويھ،
منهنجي اکِ ۾ پيھُ، ته سُڃاڻين تون سچ کي.
***

ماڻهو منهنجي ملڪ جا، مٺا مصريءَ تَڙَ،
دشمن جي لئه رُڪَ ۽، سڄڻن لاءِ رَٻَڙ،
يارن لاءِ ٿڌا گھڙا، ويرين لاءِ امڙ؟
اوڏهن ملڪ اجڙ، جيڏهن ڪاهِن جوش مان.
***

جيئن جيئن تپي ڏينهن، تيئن تيئن مچي مُڙس ٿي،
شينهڻ آهي سنڌڙي، تون پُٽ تَنهن جو شينهن،
ڏاڍا اٿم آسرا، نڀائيندين نينهن،
محنت سندو مِينهن، وسائج تون وڏڦڙو!
***

جنهن جنهن اجرڪ اوڍيو، جنهن جنهن مٿي پڳَ،
جنهن جنهن ڌڻ رڍن جا، جنهن جنهن ڏاچين وڳَ،
تنهن تنهن ٻَڌو سَندرو، ڏين مبارڪ جڳَ؟
ٺڳيندي اي ٺڳَ، اسان کي تون ڪيترو؟
***

ويهو ڇو ٿا ويسرا، ڀڙڪايو ڀنڀٽ،
لڳي ويئي ذهن جي، ڪهاڙين کي ڪٽ؟
اڃا ڀي چئو ٿا ڀلي، سنڌي سڏجي ڄٽ؟
لاهي اچو لٽ، ماضيءَ جي تاريخ تان.
***

ڏوتا آيا، ڌڱ اٿو، ڌرتي ساري ڌوڌ،
ڪينو، وير، ڪروڌ، ڪڍڻو آهي ڏيھ مان.
***

ڳڀرو ڳاڙها ڳوٺ جا، هارين جا ٻچڙا،
سدا سونهنِ کيت ۾، سخن جا سچڙا،
لڙيو سج، اوطاق تي، مچائيون مچڙا،
ڪهاڙيون تکيون ڪيئون، ڪير چوي ڪچڙا،
ڳچي ٿِئي ڳچڙا، ته به ساٿ هميشه سچ سان.
***

اچ ته ڪريون اي پرين! ڊپ ۽ لالچ ناس،
دانهون ڪري درد مان، دوزخ آھ اداس،
پاڻهئي پيا فرشتا، وٺندا جنت واس،
هڻي هام، حراس، لاهيون ساري لوڪ تان.
***

حقيقت آ حال جي، غربت گذارو،
اصل ائين آھ جيئن، اَڪن تي پارو،
نه سوکو سيارو، نه ڪو سُک سانوڻ ۾.
***

ڪوھ ڪرين ٿو ليٽ، قاصد قريبن جا،
چئج چاھ چريو ڪيو، چوکي ڏئي چپيٽ،
سندي ڀورل ڀيٽ، ڪنهن سان ڪريان ڪينڪي.
***

وَرُ ڙي، قاصد وَرُ! متان ڪو مري وڃي،
جُدائيءَ ۾ يار جي، جال وهايان جر،
جھَليو گھر جو دَر، ويٺو واٽ نهاريان.
***

ڏاڍي آھ اڪير، تنهنجي ڏسڻ جي مون کي،
وڇوڙو وَڌِ موت کان، نيڻ وَهائن نير،
جُدائي جا تير، اَچي ڪڍ اندر مان.
***

اکڙيون رت رُئن، ساريو توکي سپرين،
تارا تڪن رات جو، ڏينهان راه ڏسن،
جدائي ڏئي ٻن، موٽي اچ مون ڏي پرين!
***

گھوريا سانوڻ ڏينهن، پرين جي پرديس ۾،
وَر ريءَ وانڍين کي ڏين، ڪهڙو مزو مينهن،
نهوڙيون جي نينهن، سي ڪيئن سُکُ پسنديون!
***

ٻن پيا سانوڻ ڏينهڙا، پرين آ پرديس،
اڌما آڌيءَ جو اچن، ساريو ساريو کيس،
شل ڪو رحم پويس، ورڻ جي وائي ڪري.
***

وريو سانوڻ سهنج ٿيا، ڏک جا ڀڳا ڏار،
سرتين لڱ آگھاريا، ڪيئون رات قرار،
منهنجو سڄڻ ڌار، بدن بدبودار ٿيو.
***

موٽيا سانوڻ ڏينهڙا، موٽي آءُ، ميان!
پسيو پاڙي واريون، وِھ جا ڍُڪ پيان،
سڙي سيخ ٿيان، ان کان اڳي آءُ تون!
***

سانوڻ آيو سهنج ٿيا، مهلون مينهن ڪيون،
ورن ورڻ جون گھرين، خبرون اڳ پيون،
لاهي ساڳ ڪُنا ڪيون، سرتين تيار سَيون،
اسان ڪالھ ڪيون، مهٽي ماٽيءَ جي مٿان.
***

پرين کي پڄاءِ، کنياتا! منهنجو خطڙو،
ويٺو جنهن جي لاءِ، راهون روز نهاريان.
***

کڻي خط اڏام، کنياتا! خوش ٿي خيال سان،
پرت جو پيغام، پهچائج پرينءَ کي.
***

ڪانگا! قاصد ٿيءُ، وڃ پرينءَ جي پار ڏي!
جڳُ جڳُ جڳُ ۾ جيءُ، جلدي آڻ جواب کي!
***

ڪانگا! قرب ڪري، ڪاغذ نيجُ قريب ڏي،
اڳيان دوست ڌري، آزيون ڪج عجيب کي.
***

آءُ ڪانگا! ڪَر ٻاجھَ، وڃ تون محبوبن ڏي،
وِجھان ويٺو واجھَ، سگھو آڻ سنيهڙو.
***

ڪانگا! ڪَر نه آوير، سگھو پهچ پرينءَ کي،
ڍونڍين متان ڍير، کچڻي کائج خوش ٿي.
***

سوچڻ ڌاران ساٿيو، انڌو عشق عذاب،
عقل رِيءَ انسان جو، خانو آھ خراب،
علم، عقل، عشق جو، ناتو آ ناياب،
غرق ٿيو غوراب،جنهن کي سِڙھ،سُکان،نه پاتڻي.
***

انسان لئه علم آ، قيمتي زيور،
بي زرن لئه زر علم، بي پَرن لئه پر،
شهر به آهي بَر، علم ڌاران دوستو!
***


جي چاهيو ٿئي جڳ ۾، جيئڻ سجايو،
علم، عقل، عشق کي، گڏي هلايو،
عشق عقل پاڻ ۾، ڇو ٿا ويڙهايو،
ڪلفت گھٽائي ڇڏيو، محبت وڌايو،
سڀ سان نڀايو، راشد! ريت پريت جي.
***

اچو گڏجي دوستو، ڦيرو ڪو آڻيون!
عقل، علم، عمل کي، هڪ ٻئي سان واڻيون،
ريتون پراڻيون، مٽايون هن ماڳ تان.
***

ليکي ۾ ير لوڪ جي، اڄ پڻ آهي عيد،
پر هن موقعي مهل ۾، عاشق جي نه اميد،
ٿيندي عيد سعيد، جانب اچي جُوءِ ۾.
***

کاڌا ماڻهن عيد تي، خوش ٿي کنڊون کير،
اڳيان رکيو راشدا، پرينءَ جي تصوير،
توريان پيو تقدير، پنهنجي ۽ ٻئي لوڪ جي.
***

جن سان سڄڻ ساٿ ۾، سي ڀل عيدون ڪن،
عيد مبارڪ ڏيڻ لئه، مرڪي مرڪ ملن،
پرين جي پرچن، اسان پڻ عيدون ڪيون.
***

اچي عشق اندر ۾، ڪيا اوتارا،
فاتح ٿي دل جي مٿان، نينهن هنيا نعرا،
ختم خوشين جا ٿيا، ڪوٽ قلعا سارا،
کسجي ويا خيال کان، سکن سهارا،
اچن اوٿارا، ساريو سورن سلسلو.
***

هڪ ته پري آ مون کان، پيارن جو پاسو،
ٻيو ته آهي پيار جو، پنڌ به وارياسو،
ٽيون دکيءَ دل ۾، وهمن جو واسو،
قربن ڪاسي تي نه ملي، محبت جو ماسو،
راشد دلاسو، من ڪو ملي دوست کان.
***

لنئون لڳي، لوري وڌي،لونءَ لونءَ اندر لات،
جھڄڻ جھوراڻو رڳو، تن من تنهنجي تات،
سنڌ سنڌ ۾ آ سور ۽ ساھ کي آ سڪرات،
راشد، شل اڄ رات، اهنجن کان آجا ٿيون!
***

اچي اڄ دلگير تي، دردن لاتي دڙَ،
سکن کي ساڙي ڇڏيو، آڻي عشق امڙ،
من ۾ مچ ٻرن پيا، اکين ۾ ته به جھُڙ،
لهن راشد! لڙ، پرين جي پهچي پوي!
***

پاري ساڙيو اَڪ کي، لڳو اتر واءُ،
سرتيون وٺن سگھريون، سِيءَ ۾ سمهڻ ساءُ،
مون وَرَ، موٽي آءُ! ماڻهو ماڳين موٽيا.
***

هي ڪوڇو، هن هنڌ، هتي منهنجو ساٿ آ،
پاڻهيءَ ايندس پنڌ، لاري جھل ته لهي پوان!
***

هي ماڻهو، هي ماڳ، هتي منهنجو ساٿ آ،
کٽي منهنجو ڀاڳ، لاري جھل ته لهي پوان!
***

هي ويڙهيون، وڻراھ، هتي منهنجو ساٿ آ،
سٽون کاڌيو ساھ، لاري جھل ته لهي پوان!
***

هي جھنگل، هي جُوءِ، هتي منهنجو ساٿ آ،
سرهي آيم بُوءِ، لاري جھل ته لهي پوان!
***

هي ڀٽون، هي ڀُون، هتي منهنجو ساٿ آ،
ڇو ٿو تاڻين تون، لاري جھل ته لهي پوان!
***

هي چارا، هي گَسَ، هتي منهنجو ساٿ آ،
مطلب مليو مَسَ، لاري جھل ته لهي پوان!
***

گھر ۾ گھاريندي ڪيو، سڪڻ جون نه سڌون،
سڀ ڪجھ گھوري سچ تان، اڳتي وک وڌون،
اچ ته قول ٻڌون! قسم کڻي ڪڙم جا.
***

مرشد منهنجو ڀٽ ڌڻي، ڀونگر منهنجو ڀاءُ،
ٿي ويو سچي ساٿ جي، سوچن سان سرچاءُ،
نياپا آڻي نينهن جا، اڄ پڻ اتر واءُ،
سمهڻ ڪهڙو ساءُ، جيڪو جدوجهد ۾.
***

جن جي پرت اڇاتري، تن کي حال چوان؟
ماٺي محبت جن سندي، مائٽ سي نه مڃان،
اگھاڙو ٿي راشدا! آڏو عام اچان،
اهڙي جُوٺي جيئڻ کان، ٻڏي ڇو نه مران،
ڪرڻو آھ اڃان، پيار لڪائي لوڪ کان.
***

ماڻڻ ڪارڻ ماڳ جي، ڪيڏو پنڌ ڪيوم،
ڪنهن کي ڏسيم ڪينڪي، ڪهڙو سور سٺوم،
تيئن ئي چنڊ مٿي چڙهيو، جيئن ئي سج لٿوم،
منزل کي ته مَيوم، وک وڌائي وتري.
***

ڳالهائيندڙ ڳهلا ٿيا، نه ته سچ ته سڀ ڪنهن وٽ،
هلي پيو ٿو ڪوڙ جو، هوڪو هر ڪنهن هٽ،
ملان مير ۽ پير ڏس، ڪانهي ڪنهن ۾ گھٽ،
موڳا مور نه مٽ، سچ کي ڪڏهن ڪچَ تي.
***

ڳالهائيندڙ ڳهلا ٿيا، نه ته سچ ته سڀ جي سونهن،
قلب ڪارا ٿي ويا، دلين مٿان دونهن،
منهنجي روح ورونهن، راشد! سُوجھڻ سچ کي.
***

ڳالهائيندڙ ڳهلا ٿيا، نه ته سچ ته بيٺو نچ،
سچن هيرا پلئه پيا، ڪوڙن حاصل ڪچ،
سچن جي رھ سنگ ۾، بد صحبت کان بچ،
مردن آھ مچائيو، محبت سندو مچ،
سچا، اچي مچ تي، پتنگن وانگر پچ!
اوري اٿي اچ! ته ڏسين سچ جي سونهن کي.
***

عاشق مست فقير، سودو ڪن ٿا سر جو،
هيڏهن سينا سپر ٿيا، هوڏهن تکا تير،
سورهيه سيني گھاوَ ۽ ڪانئر نيڻين نير،
مرڪن ٿا مهمير، شهادت جي شوق ۾.
***

اَلا، سنڌ جيئي! جيئي نظارو نور،
اڪن جھليون ڦلڙيون، ٻيرين جھليو ٻور،
چشم بد دور، سدا رهي سنڌ کان.
***

الا! سنڌ جيئي، جيئن سنڌي ٻار،
سنڌي لکن، سنڌي پڙهن، بڻجن سنڌ سڌار،
الف- بي اچار، اچارن اسڪول ۾.
***

الا! سنڌ جيئي، جيئن سنڌي جوان،
ميٽيندا هي مرد ئي، آيل جا ارمان،
سنڌيت جا پروان، جلائيندا جان کي.
***

اَلا سنڌ جيئي، جيئن سنڌي جُھورَ،
سما جي انصاف لئه، سوين ڏٺن سور،
پوڙها ويٺا پور، پچائن پرھ جو.
***

اَلا سنڌ جيئي، جيئن هر هاري،
پورهئي سان جن پانهنجي، جُوءِ سڄي جياري،
ڏک جي ڏيکاري، تن کي اچي ڪينڪي.
***

جيئن سي آهن پاڻ ۾، سنڌوندي، سنڌ،
تيئن آ منهنجي جند، جڙيل تنهنجيءَ جان سان.
***

ساري توکي سپرين، اکيون ٻوٽيون مون،
اڳيان آئين تون، ٺهي نقشو سنڌ جو.
***

هڪڙو نقشو سنڌ جو، ۽ ٻيو آهين تون،
جن جي ڪري مون، جيئڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي.
***

جھڙو نقشو سنڌ جو،تهڙي تنهنجي سونهن،
منهنجي روح ورونهن، ڏسڻ پسڻ ٻنهي کي.
***

هوڏنهن سور سنڌڙيءَ جا، هيڏنهن ٻيا صدمان،
اچن ٿا اڌمان، ساريو سورن سلسلو.
***

هوڏنهن سنڌ جا سور، هيڏنهن سور سڄڻ جا؟
هوڏنهن غيرن گھاوَ ڏنا، هيڏنهن پنهنجن پور؟
وڃن ڀلا ڪيڏهين، مون پارا مجبور؟
نسورا ناسور، عوشاقن جي اندر ۾.
***

تنهنجو منهنجو ٺاھ، شايد ڪڏهن ڪين ٿئي؟
مون کي مٺڙي سنڌڙي، توکي مٺو ساھ،
ٿيندو ڪيئن نباھ، ڪانئر ۽ ڪنڌار جو!
***

تنهنجو منهنجو واسطو، ناهي جٽادار،
تون ڪيئن منهنجو ٿي سگھين ، ڀاڱي ڀائيوار،
مون کي آهي ملڪ سان، پاڻان زيادھ پيار،
توکي پنهنجو خيال، جيئن ونگو نه ٿئي وار،
ڪانئر ۽ ڪنڌار، گڏجي رهندا ڪينڪي.
***

هونئن ته آهيون ٻئي ڄڻا، مٽيءَ پنوڙو،
پوءِ به نه ٺهي ٿو ڪڏهن، پنهنجو هي جوڙو،
آڏو مشڪل کي ڏسي، مُنهن کي ڏين موڙو،
سڏي پيئي قوم ۽ تون ٻڌڻ کان ٻوڙو،
تيار ڪيو گھوڙو، سڏ سڻي مون سنڌ جا.
***

حيف هجيئي لالچي! لالچ لڙھ لڳين،
آڏو ڏسي ڏکڙا، ڏيئي پُٺ ڀڳين،
ناهئي سورهيه،پيءُ جو، شايد رَتُ رَڳين،
پڌر پئين جڳين، ڪانئر هڪڙو ڪڙم مان.
***

هلو هلو ساٿيئو! ساجھر ئي سنبرو،
نيرانا نڪرو، مانجھاندو محبوب سان.
***

هلو هلو يار کان، سبق سور سکون،
باقي چار وکون، پنڌ نه آهي پرڀرو!
***

ايندا سچا عاشقو! باھ ڪيو ڀڙڪو،
ڊيڄن جي لئه کوڙ آ، دوزخ جو دَڙڪو،
ور ور ڏئي وڙڪو، پتنگ جيان مچ تي!
***

جي تون عاشق آهين، دوزخ ڏي ئي ڊوڙ!
پچڻ چاهين، پنڌ پؤ، ٽانڊن تي ڪر توڙ!
ماڻهن کي منهن ٽوڙ، جنت لاءِ جواب ڏي.
***

نالو وٺين نينهن جو، ته نڪري ٿي نروار!
ڪات ڏسي ڪانئر ڀڄي، سورهيه سوريءَ سوار،
ڪونڌر ڪنڌ ڪٽار، ٻيئي ٻکيا پاڻ ۾.