شاعري

دل جو شهر

سائين راشد مورائي، سنڌ جي ادبي دنيا جو اهو روشن ستارو آهي،جنهن ڏات جي ڏيھ ۾ ”مان باغي هان مان باغي هان“ ، ”ضمير چهنڊڙيون هنيون“، ”هن قوم جي ڪن ڪن ڳالهين تي جي ڏيندو آهيان ڪن، پڄرندو منهنجو آهي من!“ سميت سوين اهڙا شعر تخليق ڪيا آهن، جن جي شعري پختگي، رواني، ۽ خود سائينءَ جي پڙهڻ جو انداز ٻڌڻ سان ڏاڍو حز حاصل ٿيندو.
Title Cover of book دل جو شهر

• ضمير واھ واھ ڪئي! : تاج جويو

شاعر؛ فطرت جو عڪاس ۽ سونهن ۽ سچ جو پارکو آهي. سماج جي ڪوجهائيءَ کي ڏسي ۽ محسوس ڪري، ان ۾ سونهن ڀرڻ شاعر جو ڪم آهي. شاعر، جنهن سماج ۽ جنهن ماحول ۾ اک پٽي ٿو، ان سماج ۽ ماحول ۾ ئي هن جي شاعري سرجي ٿي. ان ڪري، ضروري آهي ته شاعر کي پنهنجي سماج جي سڌاري ۽ سنوار لاءِ پنهنجي شاعريءَ کي وسيلي طور ڪم آڻڻ گھرجي. هڪڙن جي راءِ آهي ته شاعر، پنهنجي شاعريءَ ۾ زندگيءَ ۽ سماج جي اصل تصوير پيش ڪري ٿو، پر ٻين شاعريءَ کي زندگيءَ ۽ سماج جي تنقيد ڪوٺيو آهي. سندن نظر ۾ شاعريءَکي رڳو سماج جي آرسي نه ٿيڻ گھرجي، پر بهتر سماج ۽ بهتر زندگيءَ جا چٽ چٽڻ ۽ تخليق ڪرڻ به شاعريءَ جو ئي ڪم آهي.
شاعريءَ لاءِ قائم ڪيل پوئين راءِ ئي بهتر ۽ موزون آهي، ۽ اڄ جي هر شاعري، اِن ڪسوٽيءَ تي پرکڻ گھرجي. سماج ۾ موجود تضادن ۽ انساني درد ۽ پيڙا کي محسوس ڪري، انساني زندگيءَ ۾ سک، سانت ۽ امن جي آڻڻ لاءِ جدوجھد جو سبق ڏيڻ هڪ صحيح شاعر جو ڪم آهي. شاعر جيئن ته عام ماڻهن کان وڌيڪ شعور ۽ ساڃاھ جو مالڪ هوندو آهي، ان ڪري انساني درد ۽ پيڙا کي به ٻين کان وڌيڪ محسوس ڪندو آهي. شاعر کي پاڻ لاءِ نه پر ٻين لاءِ جيئڻ گھرجي، ٻين جا ڏک ۽ سور، پنهنجا ڏک ۽ سور سمجھڻ گھرجن. سائين محمد ابراهيم جويي هڪ ڀيري چيو هو ته ”جيڪو ٻين لاءِ جيئڻ جو سنيهو ڏئي ٿو، اهو ئي سچو شاعر آهي.“
منهنجي نظر ۾ راشد جي شاعري، محمد ابراهيم جويي جي پيش ڪيل مٿئين نقطي جي وضاحت ۽ تفسير آهي.
راشد سان منهنجي سڃاڻپ 1966ع کان آهي ۽ راشد، شاعريءَ ۾ منهنجو استاد به آهي. سندس ذاتي زندگيءَ ۽ عملي ڪردار کي به مون تمام ويجھڙائيءَ کان ڏٺو آهي. سندس گھڻي ڀاڱي سموري شاعري به پڙهي اٿم. ان ڪري، مون لاءِ راشد ۽ سندس شاعريءَ محمد ابراهيم جويي جي راءِ جي روشنيءَ ۾ پرکڻ ڏکيو مسئلو نه آهي.
راشد، هڪ سادو، سٻاجھو ۽ صوفي منش ڳوٺاڻو ۽ ٻين جو هڏ ڏوکي شاعر آهي. ذاتي طرح به هڪ نيڪ ۽ ڀلو ماڻهو آهي، ان ڪري ٻين لاءِ پڻ نيڪيءَ ۽ ڀلمانسيءَ جا جذبا رکي ٿو. هن پنهنجيءَ توڙي عام ماڻهن جي زندگيءَ کي گھرائيءَ ۽ ويجھائيءَ کان ڏٺو آهي، ان ڪري هڪ شاعر جي حيثيت ۾ زندگيءَ ۾ سونهن ڀرڻ جو جذبو هن جي دل ۾ سدائين موجود رهيو آهي. هن پنهنجي شاعريءَ کي پڻ اِن پس منظر ۾ سرجيو آهي ته زندگيءَ ۾ سونهن ڪيئن ڀرجي. هن جيترو پنهنجي داخلي زندگيءَ ۽ جذبن کي شاعريءَ ۾ پرٽايو آهي، ان کان وڌيڪ خارجي زندگيءَ ۾ مشاهدن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سمايو آهي. راشد جي شاعري، شمشيرالحيدريءَ چواڻي ”موجوده سنڌي شاعريءَ وانگر داخلي- خارجي ميل جو نمونو آهي. ”پاڻ-پرک ۽ جڳ-پرک، راشد جي شاعريءَ جو مرڪزي نقطو آهي. راشد جي اک، هڪ پارکو شاعر جي اها روشن اک آهي، جيڪا وقت کان اڳ جاڳي ٿي ۽ زندگيءَ ۽ سماج ۾ ٿيندڙ واقعن ۽ ڪردارن کي اصل روپ ۾ ڏسي ٿي. راشد جي شاعريءَ مان سماجي زندگيءَ جي عڪس سان گڏ ان زندگيءَ جي مقصد جو ڏس ملي ٿو. سماج ۾ رهندي، هن جي شاعراڻي اک، جيڪي ڪلور ۽ انساني درد ۽ پيڙا جون تصويرون ڏسي ٿي، ان جو احساس ٻين کي به ڏياري ٿو. ٻين کي به ٻڌائي ٿو ته عام ماڻهوءَ تي سماج ۽ ان جا ٺيڪيدار، مذهب، رسمن ريتن، نظرين، چڱمڙسيءَ ۽ ٻين ٻنڌڻن جي نالي ۾ ڪهڙا ڪهڙا ظلم ڪن ٿا، ۽ انهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ڇو ۽ ڪيئن ضروري آهي؟
راشد جي شاعري، بي مقصد نه آهي، پر مقصد سان ڀرپور آهي. راشد رڳو ڇپر ۾ ڇڙهيون، ڪونه ٿو هڻي، پر هڪ مقرر مقصد ۽ واٽ تي هلي ٿو، جا سچ ۽ سونهن جي ماڳ ڏانهن وڃي ٿي. سندس مقصد، معاشري، قوم ۽ ڌرتيءَ جي ڀلائيءَ سان واڳيل آهي. ان مقصد لاءِ نه رڳو ڏس ڏئي ٿو، پر راشد جو عملي ڪردار پڻ ان جو واضح ثبوت آهي.
راشد جي شاعري، لفظن جي هيرا ڦيريءَ ۽ خيالن جي ورجاءَ واري نه آهي، جيئن اڄڪلھ جي ڪيترن شاعرن جي شاعري ائين محسوس ڪئي وڃي ٿي. هن وٽ خيالن جي نواڻ ۽ موضوعن جي جھجھائي آهي. سندس شاعري بيٺل پاڻيءَ جو دٻو نه پر مست سنڌوءَ جو وهڪرو آهي. سندس شاعريءَ جي لفظ لفظ ۾ روح ۽ جان آهي. لفظن ۾ جان وجھڻ، هڪ پختي شاعر جو ئي ڪمال آهي.
راشد، 1957ع کان شاعري ڪري پيو. سندس سموري شاعريءَ جي ڳوڙهي اڀياس مان معلوم ٿيندو ته ڪيئن نه حالتن جي ارتقا سان گڏ سندس شاعري پڻ ارتقا ڪندي رهي آهي.
راشد جيئن ته مذهبي (سيد) گھراڻي ۾ جنم ورتو آهي، ۽ سندس ڏاڏو نورشاھ توڙي والد سعيد علي شاھ خادم پڻ شاعر هئا، جن جي شاعري، مذهب ۽ مجاز جو ميل هئي، ان ڪري جڏهن 1957ع ۾ راشد شاعري شروع ڪئي ته اباڻي ورثي موجب سندس شعر تي مذهبي اثر غالب رهيو. ان وقت طرحي مشاعرن ۽ ”بزم صابر“ جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ ڪري، سندس شاعريءَ، زماني سازيءَ ۽ مجازي شاعريءَ طرف موڙ کاڌو. هن جي ابتدائي شاعريءَ مان مذهبي رنگ ۽ حضرت عشق جي تذڪري جا ڪجھ مثال هيٺ ڏجن ٿا:


چاڙهي چڙهي مجازي، حاصل ڪيم حقيقت،
هئي اڳ ۾ بت پرستي، پائي آ حق پرستي،
حق هر جا آھ شهود، جوئي عبد، اهو معبود!
راشد ٻيو موجود نه آ، حق موجود آ، حق موجود!
ــــــــــــــــــ
دڪان دل جي ۾ دردن جو ثمر ڪافي آ،
ڪو خريدار هجي، ڏيانس، وکر ڪافي آ.
ـــــــــــــ
راشد، 1962ع کا ماستري ڪري رهيو آهي، اِن سلسلي ۾ گھر کان ٻاهر رهڻ ڪري، عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي ويجھي کان ڏسڻ جو کيس موقعو مليو. ان زماني ۾ هن جي شاعريءَ، مذهبي رنگ ۽ ”فڪر يار“ کان ٿورو ٻاهر نڪري، عام زندگيءَ جو معائنو ڪيو. هن کي عام سنڌي ماڻهو، وڏيرڪي ۽ پيرڪي سماج ۾ ڦاٿل نظر آيو. هن ڏٺو ته پورهيو هڪڙي ڌر ڪري ٿي ۽ ان پورهيي جو ڦل، ٻيا ڳاڻ ڳڻيا ماڻهو کائي ٿا وڃن.اِن ڏاڍ جي نظام، هن جي ذهن ۾ بغاوت پيدا ڪئي، ۽ هن جي شاعريءَ عوامي شاعريءَ طرف موڙ کاڌو. 67 ـــ 1966ع وارو زمانو ايوبي آمريت ۽ ون يونٽ خلاف عوامي اُڀار جو دور هو. 4 مارچ 1967ع واري واقعي سنڌ ۾ سجاڳيءَ جي تحريڪ کي نوان لاڙا ڏنا. راشد جي سوچ جيئن ته عوامي رنگ ۾ رنگجي چڪي هئي. ان ڪري هن جي شاعري، آسانيءَ سان قومي سوچ سان هم آهنگ ٿي وئي. ان دور جا ڪجھ مثال ٻڌو:

هيءَ ڳاڙهي ماڙي رئيسن جي ۽ سائي جيپ وڏيرن جي،
مان باغي هان سو باھ ڏئي ٿو ڪريان سڃ لٽيرن جي،
هت ٻن ڏينهن کان ٻار بکيا، هت توکي تياري نيرن جي،
اڄ دنيا ڏسندي ڪيئن ٿيندي آ، جھڙپ بکايل شيرن جي
مان باغي هان، مان باغي هان!

اپيل آ نوجوان کي ۽ سنڌ جي پاسبان کي،
وري چوريو زبانن کي، ڏڪايو آسمانن کي،
ڀڄــــايو بدگــــمانـــن کي، رهايو رازدانن کي.
ته جيئي سنڌ، ته جيئي سنڌ!
موجوده دور ۾ راشد جي شاعري پراڻن ماپن، جذباتي ۽ هنگامي اظهار کان وک وڌائي، فني پختگيءَ، نواڻ ۽ حقيقت جي ويجھو پهچي چڪي آهي. راشد جي هن دور ۾ فني اوسر ايتري ته تيز رفتاريءَ سان ٿي، جو سندس شمار هن وقت سنڌ جي جديد شاعرن جي سٿ ۾ ٿئي ٿو.
مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته راشد جي شاعريءَ جو مرڪزي نقطو، ”ٻين لاءِ جيئڻ“ پئي رهيو آهي. هن جي سوچ، سنڌ ۽ سنڌي قوم سان سلهاڙيل پئي رهي آهي. هو پنهنجي جيوت کي وطن ۽ قوم کان جدا تصور ئي نه ٿو ڪري. ضمير جي خوشي، قوم جي خوشيءَ ۽ ڀلي لاءِ سوچڻ ۾ لڪل آهي. ان موضوع تي سندس هيٺيون نظم بهترين آهي.
جڏهن به سوچيم ته قوم لئه لکان ته ڇو لکان؟
۽ باھ ۾ ٻين جي پاڻ کي وجھان ته ڇو وجھان،
رڳو نه مون تي بار آ، جي سچ چوان ته ڇو چوان،
جڏهن به سوچيم، مصيبتون سهان ته ڇو سهان؟
ته ذهن ۾ سيون لڳيون، ضمير چهنڊڙيون هنيون!
ـــــــــــــــ
جڏهن به سوچيم ته آءٌ ڇو ڪيان ۽ ڇا ڪيان،
جي قوم آھ بيوفا ته مان به ڇو وفا ڪيان،
غريب پاڻ، پاڻهئي پيدا نه ڪربلا ڪريان،
چيم ته ڪنڊ ۾ رهي، رڳو خدا خدا ڪريان!
ته ذهن ۾ سيون لڳيون، ضمير چهنڊڙيون هنيون!
ـــــــــــــــــ
۽ جڏهن سوچيم: ٻين جي لاءِ مصيبتون سهان،
ڀلي ته مان سڙان،پچان، ٻين کي سک ڏئي سگھان،
ڀلي ته سر وڃي سندم، ڀلي ته آءٌ دم ڏيان،
ٻيو اچي اچي نه ڪو ته مان ئي راشدا اچان،
ته ذهن ڄڻ ٽڙي پيو، ضمير واھ واھ ڪئي!
راشد، سونهن ۽ سچ جو تذڪرو، پنهنجي شعر جو موضوع بنايو آهي ۽ خوب نڀايو آهي:

سونهن تي سچ جي ٿيا سڀ سوچ جا دفتر ختم،
پيار ان ۾ ٿي ويا ڪئين پير، پيغمبر ختم!
سونهن تي تنهنجيءَ سڀئي تشبيھ جا دفتر کُٽا،
عشق جن توسان ڪيو، سي دين،دنيا کان ڇٽا!

راشد، سونهن ۽ سچ ڇاکي ٿو سمجھي ۽ وٽس سونهن ۽ سچ ڪهڙي حيثيت رکن ٿا، ان جو جواب سندس شاعريءَ مان ئي ملي ٿو. راشد ڌرتيءَ جي سونهن کي ئي سچ ٿو سمجھي. هن جي سوچ، ڌرتيءَ (سچ) کي پنهنجو مرڪز بنايو آهي. هن سچ کي ڏٺو ۽ ان جي سونهن کي پسيو آهي. اِهوئي سبب آهي جو هن گل ۽ بلبل جي قصي ۽ حسين تصور کي ٺڪرائي، پنهنجي شعر کي ڌرتيءَ جي محبت سان واڳيو آهي:


گل ۽ بلبل جي قصي تي پاڻ ڇو جھومي اٿون،
دانهن جي ڌرتيءَ جي هوندي، شعر تي وهوا ڪبي!

اڃا آ ساھ جان ۾، اڃا نظر نشان ۾،
۽ تير آ ڪمان ۾،اي سنڌ تنهنجي شان ۾،
نه ڳالھ بد سٺي اٿم، اڃا ته زندگي اٿم!

راشد سمجھي ٿو ته ڌرتيءَ جو آواز، سچ جو آواز آهي، ۽ ان تي وقت جي آمرن طرفان پهرا ۽ بندشون وڌيون وينديون. پر بندش جي کيس پرواه نه آهي:

ساٿ سان اورڻ سورتي بندش،
ٻڙڪ ڪڍڻ ٻاڦور تي بندش،
هاري ۽ مزدور تي بندش،
ڪوڏر ۽ چنجور تي بندش،
نئين ٽهي، نئين تور تي بندش،
سرمد ۽ منصور تي بندش،
اڻ ٿيڻي آ، اڻ ٿيڻي آ !
ـــــــــــ

ڪنهن دل جي ايوان تي بندش،
نظرن جي نيشان تي بندش،
شمعن کان پروان تي بندش،
ڀونئرن کان گلدان تي بندش،
مانجھي مرد مهان تي بندش،
”حب وطن ايمان“ تي بندش،
اڻ ٿيڻي آ، اڻ ٿيڻي آ !