تصوف

ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام

سنڌ جي شاعرن مان جن تي حيات جاويد جو نوراني تاج جڳ مڳ ڪري رهيو آهي، ڪنڊڙيءَ (تعلقي روهڙي) جي درويش شاعرن جا نالا خصوصيت سان وٺڻ جي لائق آهن. هنن عظيم شاعرن جي گروهه جو سرچشمو ۽ مقتدا، صوفي فقير  ”روحل“  آهي، جنهن جي پـُـر ڪيف ميخاني جو فيض نسلاً بعد نسل جاري رهندو آيو--- پيءُ پٽ جو، ڀاءُ ڀاءُ جو، چاچو ڀائٽي جو، سلسليوار خضر بڻيو رهيو. اهڙيءَ ريت هيءُ خاندان قريب قريب ٻن صدين کان سنڌي شاعريءَ جي شمع کي روشن رکندو آيو. سنڌ وارن تي هي سندن فراموش نه ٿيڻ جهڙو احسان هميشہ ڳائبو ۽ ساراهبو رهندو روحل فقير ذات جو زنگيجو هو.

Title Cover of book ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام

سـُـر سهڻي

(1)
جنهن کي عشق اُٿاريو، سا سانگو ڪري نه ساهه،
موٽڻ تنهن کي ميهڻو(1)، پـَـسي دور درياهه،
جهـَـلـِـي رهي نه جهول ۾، ڏي لهرين مٿي لاهه،
ساهڙ جي صلاح، وڃي ملـِـي مـُـنڌ، ”مراد“ چئي.

(2)
مـَـئي مـَـتي مهراڻ جو، نه ڪو آر نه پارُ،
لهرين ليکو ناهه ڪو، اُونهو جت اَجهار،
اَڻ تاريءَ کي تار ۾، جئن تارين تئن تار،
منهنجي ساڻ ميهار، ڪج ملاقات ”مراد“ چئي.

(3)
تون تارين تان تارِ، هيءَ اَڻ تارِي مهراڻ ۾،
لکين لهريون لـَـسَ وهن، اوڀارون اوتارِ،
جت ڪـَـپـَـر ڪـُـنُ ڪڙڪا ڪري، ٻيو آڏي ٻجهي ٻارِ،
اُتِ(2) پرين لنگهائج پارِ، ڪـَـج مون مـُـهت ”مراد چئي.

(4)
سـَـڀـَـرُ سائر هيڪڙو، لهرين لک هزار،
”تون“ جي هن تار مون، پـَـلي ويهه پڇار،
مـَـرجـِـيو، ”مراد“ ٿي، پيهي ويهه پاتار،
تان نائي نيڻ نهار، ته منجهيئي موتي لـَـهين.

(5)
نه آورار نه پار(1) ، نڪو ساهڙ سـِـيرَ ۾،
ڇا کي ڇوليءَ ۾ گهڙين، اَٿـِـي مـَـنِ ميهار،
توهي(2) ۾ تڪرار، آهي مـُـنڌ! ”مراد“ چئي.

(6)
تو هـِـي(3) منجهه مهراڻ، تو ۾ ماڳ ميهار جو،
دلبر اَٿـِـي دل ۾، ڇو پاڻيءَ وجهين پاڻ،
ويٺي ڪر قريب سان، اندر روح رهاڻ،
تو ساهڙ توئي ساڻ، آهي سڀ ڪنهن مهل ”مراد“ چئي.

(7)
جنهن سـِـيبائي ساڻ، سيڻهه کنئين سچ جي،
لهر نه لوڏي(4) تن کي، جا گهوري گهـُـري پاڻ،
محبت جو مهراڻ، ٿو تاري اڻ تاريءَ کي.

(8)
جن کي سيڻهه سچ جي، سي تـُـرهي تات نه ڪن،
ڪڍن نه ڪاڻِ ڪنڀار جي، ڀيلي نه ڀـُـلن،
رکي روح رضا تي، ٿا طالب تار تـَـرن،
سي محبتي مـِـڙن، وڃي محب ساڻ ”مراد چئي.

(9)
ڀيلي تي مَ ڀـُـلاءِ، جو ڪچي مان ڪين ٿئي،
توهه تنهنجو تـُـرهو، ٿو لهريون لـَـسَ لنگهاءِ،
ڪهڙو ڀـَـوءُ ڀـَـريـُـنِ جو، جن ٻيڙي ٻاجهه سنداءِ،
اچي پرين پاڻ پـَـساءِ، ڪر مون تي مـُـهت ”مراد“ چئي.

(10)
تـَـرج ڪيم تـَـرسُ، محبت جي مهرياڻ(1) ۾،
پڇائيندي(2) پـِـرَ کي، خوف مَ ڀانئج خـَـسُ،
ويٺي ماڻ ”مراد“ چئي، روز رهاڻيون(3) رَسُ،
تون پاڻ پـُـرجهي پـَـسُ، جو اَٿي ساهون ساهڙ اوڏڙو.

(11)
مري جيئن تان مـَـنگُ، پيالو پريت جو،
نهوڙيندءِ نڪڙيان، اَٿي نينهن نهنگُ،
تاڻي نيندءِ تار ۾، وجهي وحدت وَنگُ،
تون ڏيندي سـِـر مَ سنگ، ته پـَـسين محب ”مراد“ چئي.

(12)
جڏهن سـُـئائين سانڀر، تڏهن سانڀر ٿي سهڻيءَ کي،
وَٽؤن ور اُٿي ڪري، وڃي پئـِـي وِيرين ورَ،
جا گهڙي ڪـَـر ڪـُـنن ۾، تنهن جي قادر لهج ڪـَـرَ،
سا نيئي ميڙ ميهـَـر، منجهون مهر ”مراد“ چئي.

ــــــــــــــــــــــــــ

(2) هـُـتِ (ب).
(1) نه اُو آر نه پار (ب).
(2) تونهين (غ).
(3) تونهين (غ).
(4) اوڏي (غ).
(1) مهراڻ (غ).
(2) پهچائيندي (ب).
(3) ڏهاڙي (ب).