تصوف

ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام

سنڌ جي شاعرن مان جن تي حيات جاويد جو نوراني تاج جڳ مڳ ڪري رهيو آهي، ڪنڊڙيءَ (تعلقي روهڙي) جي درويش شاعرن جا نالا خصوصيت سان وٺڻ جي لائق آهن. هنن عظيم شاعرن جي گروهه جو سرچشمو ۽ مقتدا، صوفي فقير  ”روحل“  آهي، جنهن جي پـُـر ڪيف ميخاني جو فيض نسلاً بعد نسل جاري رهندو آيو--- پيءُ پٽ جو، ڀاءُ ڀاءُ جو، چاچو ڀائٽي جو، سلسليوار خضر بڻيو رهيو. اهڙيءَ ريت هيءُ خاندان قريب قريب ٻن صدين کان سنڌي شاعريءَ جي شمع کي روشن رکندو آيو. سنڌ وارن تي هي سندن فراموش نه ٿيڻ جهڙو احسان هميشہ ڳائبو ۽ ساراهبو رهندو روحل فقير ذات جو زنگيجو هو.

Title Cover of book ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام

بيت پـِـرڀاتي

(1)
آءٌ ڏَڏُ، ڏَڏان ئي ڏَڏُ، ڏڏ نه ڏڏن جيهڙو،
سڻي آيس سڏ، ڏاتر! تنهنجيءَ ڏات جو.

(2)
ڏاتر! تنهنجيءَ ڏات جو، نڪي آرُ نه پارُ،
جـَـهـِـڙُءِ ڪونه جهان ۾، ٻيو ڏاتارين ڏاتار،
دان مڱان ديدار، ڪر سائل سرفراز تون.

(3)
سائل سڻي آئيو، سـَـڀـَـرُ سـِـرُ سندوءِ،
ڪڏهن ڪونه ٻـُـڌوءِ، ته ڪو هتون موٽيو منگتو.

(4)
سڀر تنهنجي سـِـرَ ۾، نه ڪا اُڃ نه بک،
اچن جي آس ڪري، ڏُور تنين تون ڏک،
لهن سدائي سـُـک، هت مڱڻهار ”مراد“ چئي.

(5)
نه مون ڪـُـلهي ڪـِـينرو، ڪيرت ڄاڻان ڪانه،
تون اجهو اٻوجهن جو، مهر پويئي مانَ،
مون تي ڪر ”مراد“ چئي، عنايت احسان،
جو تون سدا سلطانَ، ٿو نالائق نوازئين.

(6)
مون جيهو ڏڏ ڏيهه ۾، تو جيهو ڏاتار،
جان چڪاسم چوتار، تان ٻيو ڪونهي مور ”مراد“ چئي.

(7)
آءٌ اوڳڻ ڳڻيان ڪيترا، جي بيحد کون بيان،
پر جان نالو تو رحمان، تان مون ڪونهي وهم ”مراد“ چئي.

(8)
آءٌ ڳـَـڻي ڳڻيندس ڪيترا، عيبن اَنت نه ڪوءِ،
پر صمد نانءُ سندوءِ، تان مون ڪونهي وهم ”مراد“ چئي.

(9)
اوڳڻ عيبَ آپار، لـِـکڻ ليکو ناهه ڪو،
پر جان سندوءِ نانءُ ستار، تان مون ڪونهي وهم ”مراد“ چئي.