تصوف

ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام

سنڌ جي شاعرن مان جن تي حيات جاويد جو نوراني تاج جڳ مڳ ڪري رهيو آهي، ڪنڊڙيءَ (تعلقي روهڙي) جي درويش شاعرن جا نالا خصوصيت سان وٺڻ جي لائق آهن. هنن عظيم شاعرن جي گروهه جو سرچشمو ۽ مقتدا، صوفي فقير  ”روحل“  آهي، جنهن جي پـُـر ڪيف ميخاني جو فيض نسلاً بعد نسل جاري رهندو آيو--- پيءُ پٽ جو، ڀاءُ ڀاءُ جو، چاچو ڀائٽي جو، سلسليوار خضر بڻيو رهيو. اهڙيءَ ريت هيءُ خاندان قريب قريب ٻن صدين کان سنڌي شاعريءَ جي شمع کي روشن رکندو آيو. سنڌ وارن تي هي سندن فراموش نه ٿيڻ جهڙو احسان هميشہ ڳائبو ۽ ساراهبو رهندو روحل فقير ذات جو زنگيجو هو.

Title Cover of book ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام

مومل راڻو

(1)
تون سوڍو آهين سو نه، جهڙا ٻيا جهان ۾،
ٻيا جي راڻا، راڄيا، تـِـرُ برابر تو نه،
تنهنجو مـَـٽُ ”مراد“ چئي، آءٌ ڪامل ڪريان ڪونه،
سـَـرُسَ ٿيان کون سونَ، جي اچي پارسَ پاسو تون ڏئين.

(2)
تون راڻو تون راڄيو، تون راوَن(1) جو راءُ،
ڪامل قرباني ڪريان، کڻي سوڍا سڀ مٿاءُ،
تنهنجو مـَـٽُ، ”مراد“ چئي، آءٌ لهان ڪانڌ ڪٿاءُ(2)،
عاقلَ اڱڻ آءُ، ته سرتين سـُـکائون ڏيان.

(3)
سرتين سکائون، تو لئه مڃيون مينڌار،
آءُ تان انهن کي ڏيون ، ويتر واڌايون،
عاقلَ اَرڏيون، اچي منهنجون ميٽ ”مراد“ چئي.

(4)
جئن سو ساهه سرير ۾، تئن سوڍو ساماڻو،
ڍَٽ پـَـٽ وائي هيڪڙي، سڀ راڻو ئي راڻو،
پر جي مون جئن ڄاڻو، ته پـَـسو محب ”مراد“ چئي.

__________
(1) رائن (خ).
(2) ڪواءِ (ب).