ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام
سنڌ جي شاعرن مان جن تي حيات جاويد جو نوراني تاج جڳ مڳ ڪري رهيو آهي، ڪنڊڙيءَ (تعلقي روهڙي) جي درويش شاعرن جا نالا خصوصيت سان وٺڻ جي لائق آهن. هنن عظيم شاعرن جي گروهه جو سرچشمو ۽ مقتدا، صوفي فقير ”روحل“ آهي، جنهن جي پـُـر ڪيف ميخاني جو فيض نسلاً بعد نسل جاري رهندو آيو--- پيءُ پٽ جو، ڀاءُ ڀاءُ جو، چاچو ڀائٽي جو، سلسليوار خضر بڻيو رهيو. اهڙيءَ ريت هيءُ خاندان قريب قريب ٻن صدين کان سنڌي شاعريءَ جي شمع کي روشن رکندو آيو. سنڌ وارن تي هي سندن فراموش نه ٿيڻ جهڙو احسان هميشہ ڳائبو ۽ ساراهبو رهندو روحل فقير ذات جو زنگيجو هو.