تصوف

ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام

سنڌ جي شاعرن مان جن تي حيات جاويد جو نوراني تاج جڳ مڳ ڪري رهيو آهي، ڪنڊڙيءَ (تعلقي روهڙي) جي درويش شاعرن جا نالا خصوصيت سان وٺڻ جي لائق آهن. هنن عظيم شاعرن جي گروهه جو سرچشمو ۽ مقتدا، صوفي فقير  ”روحل“  آهي، جنهن جي پـُـر ڪيف ميخاني جو فيض نسلاً بعد نسل جاري رهندو آيو--- پيءُ پٽ جو، ڀاءُ ڀاءُ جو، چاچو ڀائٽي جو، سلسليوار خضر بڻيو رهيو. اهڙيءَ ريت هيءُ خاندان قريب قريب ٻن صدين کان سنڌي شاعريءَ جي شمع کي روشن رکندو آيو. سنڌ وارن تي هي سندن فراموش نه ٿيڻ جهڙو احسان هميشہ ڳائبو ۽ ساراهبو رهندو روحل فقير ذات جو زنگيجو هو.

Title Cover of book ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام

بيت نوريءَ جا

(1)
ڪـِـني ڪوجهـِـي ڪـُـوڙِي، نـُـورِي نماڻي،
هٿئون وٺي جنهن جي، ڪو پيئي نا پاڻي،
سا محلن منجهه ”مراد“ چئي، ٿي مرڪي مهاڻي،
جيلهان سمي سيباڻي، تيلهان سونهي منجهه سرتئين.

(2)

ڪـِـني، ڪوجهـِـي ڪـُـوڙِي، نـُـورِي نماڻي،
ٿي آئي ڇٽَ مڇيءَ جي، جنهن مون ڪالهه کـِـکي هاڻي،
اڄ سمي ڄام سهاڳ سان، ڪئي راڻين جي راڻي،
سا مر مرڪي مهاڻي، جنهن سڀ معافيءَ ۾ ”مراد“ ڪيا.

(3)

مر مرڪي ملاحن ۾، نـُـوري نـُـوراني،
جنهن جي جهوليءَ چنڊ جهلي پيو، سمو سلطاني،
تنهن معافيءَ ۾ ”مراد“ ڪيا، ٿيا سمي جا ثاني،
جي هئا ڏيهه سدا ڏاني، تن جو ڏيهه اچي ڏاني ٿيو.

(4)

نـُـوريءَ، سان نيڻن، ڏيئي رمزون راءُ ريجهائيو،
سمي جي سهاڳ سان، ٿـِـي جهولي جهـَـروڪن،
تنهن مـَـٿڪي مهريءَ مصري، لاٿـِـي ملاحن،
سڀ معافيءَ ۾ ”مراد“ ڪيا، کڻي ڄام تماچي تن،
سي مر ڪوڏ ڪينجهر ۾ ڪن، جن تؤن لٿا حرف حساب جا.

(5)
هو جي هئا مَ کٽ، سي راڻي کڻي کٽ چاڙهيا،
ريءَ پـَـٽ پهرن ڪينڪي، ٻيو پير نه ڏين پٽ،
پـِـيئن مـَـٽ ”مراد“ شراب جا، جن ڪالهه مـَـٿي هئا مـَـٽَ،
سي اڄ ويهي پاسي وَٽَ، وٺن وَٽَ سمي سلطان جي.