تصوف

ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام

سنڌ جي شاعرن مان جن تي حيات جاويد جو نوراني تاج جڳ مڳ ڪري رهيو آهي، ڪنڊڙيءَ (تعلقي روهڙي) جي درويش شاعرن جا نالا خصوصيت سان وٺڻ جي لائق آهن. هنن عظيم شاعرن جي گروهه جو سرچشمو ۽ مقتدا، صوفي فقير  ”روحل“  آهي، جنهن جي پـُـر ڪيف ميخاني جو فيض نسلاً بعد نسل جاري رهندو آيو--- پيءُ پٽ جو، ڀاءُ ڀاءُ جو، چاچو ڀائٽي جو، سلسليوار خضر بڻيو رهيو. اهڙيءَ ريت هيءُ خاندان قريب قريب ٻن صدين کان سنڌي شاعريءَ جي شمع کي روشن رکندو آيو. سنڌ وارن تي هي سندن فراموش نه ٿيڻ جهڙو احسان هميشہ ڳائبو ۽ ساراهبو رهندو روحل فقير ذات جو زنگيجو هو.

Title Cover of book ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام

بيت سسئي (باب وصال)

(1)
وٺي ڪونه ويوءِ، آهي هوت تنهنجيءَ هنج ۾،
ڇا کي ڏورين ڏونگرين، ساڻي هوت سندوءِ،
تو ۾ محب ”مراد“ چئي، نڪي(1) ڪين لـِـڪوءِ،
پـَـسُ متان پرين پوءِ، اَٿي پاڻئون پرين اوڏڙو.

(2)
هينئڙي هوت ٿيوءِ، تون ڪيچ ڪـُـڄاڙ کي وڃين،
توسان محب ”مراد“ چئي، سڄڻ آهه سندوءِ،
وندر ڪين ويوءِ، کڻي وَرُ نهارج وَٽِ ۾.

(3)
وندر سي وڃن، جنين وَرَ وڃائيا،
منهنجي محب ”مراد“ چئي، مونهين وَٽ وَسـَـنِ،
جي پل پل پرين پـَـسنِ، سي ڇو ڏورنِ ڏونگرين.

(4)
سـُـڏڪيون ڇو سـُـوَر، ٻڌائين ٻين کي،
اوڳي اورج مامَ سان، محبتن مذڪور،
ماندي ٿي مَ ”مراد“ چئي، ڏيهه نه اَٿـِـي ڏُور،
آهن(2) هوت حضور، پر جي پيهي پاڻ نهارئين.


___________
(1) لڪي (ب).
(2) آهي (خ).