تصوف

ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام

سنڌ جي شاعرن مان جن تي حيات جاويد جو نوراني تاج جڳ مڳ ڪري رهيو آهي، ڪنڊڙيءَ (تعلقي روهڙي) جي درويش شاعرن جا نالا خصوصيت سان وٺڻ جي لائق آهن. هنن عظيم شاعرن جي گروهه جو سرچشمو ۽ مقتدا، صوفي فقير  ”روحل“  آهي، جنهن جي پـُـر ڪيف ميخاني جو فيض نسلاً بعد نسل جاري رهندو آيو--- پيءُ پٽ جو، ڀاءُ ڀاءُ جو، چاچو ڀائٽي جو، سلسليوار خضر بڻيو رهيو. اهڙيءَ ريت هيءُ خاندان قريب قريب ٻن صدين کان سنڌي شاعريءَ جي شمع کي روشن رکندو آيو. سنڌ وارن تي هي سندن فراموش نه ٿيڻ جهڙو احسان هميشہ ڳائبو ۽ ساراهبو رهندو روحل فقير ذات جو زنگيجو هو.

Title Cover of book ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام

بيت سسئي (تاڪيد طلب)

(1)

سرتيون سـِـڪي ساهه، پڻ عينَ اُداسي اُنَ ري،
پسڻ خاطر پـِـر جي، روز نهاريان راهه،
وٺي محب ”مراد“ چئي، ويا آرياڻي ارواح،
آڻين شال الله، ته ڏسيو لاهيان ڏکڙا.

(2)

حجت حبيبن سان، ڪاڻياريون ڪئن ڪن،
جن حق نه رکيو هوت جو، سي ڇو دعوا دم هڻن،
ڪهڙو منهن ”مراد“ چئي، وٺي ڪيچ وڃن،
شل اَوَڳـُـڻَ ڳـَـڻَ نه ڪن، پوي ٻاجهه ٻروچ کي.

(3)

اُٿي سنبهه سسئي، پير پنهوءَ جو پـَـسُ،
تان ڪـِـي ڏورج ڏونگرين، جان ڪي لڳئي وَسُ،
موٽج ڪـِـيم ”مراد“ چئي، ڇڏي گونگن(1) گـَـسُ،
مـَـنَ ڪو ڏيئي ڏَسُ، سـُـونهون اِنهيءَ ساٿ جو.

(4)

وَڻ وَڻ هيٺ نه ويهه، مرندينءَ ڪين ”مراد“ چئي،
توڪل جا تنبو اَڏي (1) ڇـُـلي ڇپر پيهه،
ڏونگر تنهنجو ڏيهه، لوچ ته لهين پـِـرُ کي.

___________
(1) گنگين (ب).
(1) ڏي (ب).