تصوف

ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام

سنڌ جي شاعرن مان جن تي حيات جاويد جو نوراني تاج جڳ مڳ ڪري رهيو آهي، ڪنڊڙيءَ (تعلقي روهڙي) جي درويش شاعرن جا نالا خصوصيت سان وٺڻ جي لائق آهن. هنن عظيم شاعرن جي گروهه جو سرچشمو ۽ مقتدا، صوفي فقير  ”روحل“  آهي، جنهن جي پـُـر ڪيف ميخاني جو فيض نسلاً بعد نسل جاري رهندو آيو--- پيءُ پٽ جو، ڀاءُ ڀاءُ جو، چاچو ڀائٽي جو، سلسليوار خضر بڻيو رهيو. اهڙيءَ ريت هيءُ خاندان قريب قريب ٻن صدين کان سنڌي شاعريءَ جي شمع کي روشن رکندو آيو. سنڌ وارن تي هي سندن فراموش نه ٿيڻ جهڙو احسان هميشہ ڳائبو ۽ ساراهبو رهندو روحل فقير ذات جو زنگيجو هو.

Title Cover of book ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام

بيت سامونڊي

(1)
جنين جي جهاز کي، ساڄا سڙهه سـُـکان،
ڏَس ڏهاڙي ڏيهه جا، معلم ڏي مهندان،
سي کٽي آيا خير سان، سفر صاب پيان،
ستڙ ساويرا ڍڪيا، بندر بار سندان،
سـُـڀي سنگ مٿان، ٿيڙا معاف ”مراد“ چئي.

(2)
جنين جي جهاز کي، سدا لڳي سـُـواءُ،
ڏَس ڏهاڙي ڏيهه جا، ڏي معلم تن مهنداءُ،
ستڙ ساويرا ڍڪيا، نـِـڱيا ناکوجاءُ،
تن جي مال مٿاءُ، ٿيا معافي سـُـنگ ”مراد“ چئي.