تصوف

ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام

سنڌ جي شاعرن مان جن تي حيات جاويد جو نوراني تاج جڳ مڳ ڪري رهيو آهي، ڪنڊڙيءَ (تعلقي روهڙي) جي درويش شاعرن جا نالا خصوصيت سان وٺڻ جي لائق آهن. هنن عظيم شاعرن جي گروهه جو سرچشمو ۽ مقتدا، صوفي فقير  ”روحل“  آهي، جنهن جي پـُـر ڪيف ميخاني جو فيض نسلاً بعد نسل جاري رهندو آيو--- پيءُ پٽ جو، ڀاءُ ڀاءُ جو، چاچو ڀائٽي جو، سلسليوار خضر بڻيو رهيو. اهڙيءَ ريت هيءُ خاندان قريب قريب ٻن صدين کان سنڌي شاعريءَ جي شمع کي روشن رکندو آيو. سنڌ وارن تي هي سندن فراموش نه ٿيڻ جهڙو احسان هميشہ ڳائبو ۽ ساراهبو رهندو روحل فقير ذات جو زنگيجو هو.

Title Cover of book ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام

ليلا چنيسر

(1)
هيئـَـن ليلان ڀانيو هو نه، ته مڪر ڪؤنروءَ مـَـنَ ۾،
نه ته هارَ مٿؤن هـَـڏِ هيڪڙي، وارُ ڏئي تنهن تو نه،
سا نماڻي ”مراد“ چئي، ڇاکون پـَـسي ڇو نه،
جنهن جو ڪامل تو ريءَ ڪونه، تنهن کي دَستون ڇڏ مَ، داسڙا!

(2)

ويچاريءَ ويساهه، آيو ڪؤنروءَ جي ڪـُـوڙن تي،
نه ته مـَـٽي ڪئن مـَـڻئي تي، محب پنهنجو ماهـُـه،
سا نماڻي ”مراد“ چئي، ڏئي ڪهڙي ڏاهه(1)،
جنهن کي ڪنڌي ڪانه ڪا، والي تو ريءَ واهـَـه،
تنهن کي لڳ الله، دَستون ڇڏ مَ، داسڙا!

(3)
جو تو هاري ڀانيو هارُ، سو تان مڻيو مـُـور مـَـڪـَـر جو،
هن ڪؤنرو ڌُتيون ڪيتريون، ليلان لـَـکَ هزار،
موهي منصوبي سان، نـَـرُ وٺي وئي نار،
انهيءَ مهل ”مراد“ چئي، ويلو اُٿي وار،
نه ته موٽي ڄام(2) ڄمار، دست نه ايندءِ داسڙو.

_________
(1) ڏيهه وڏائي واهه (ب).
(2) ڄم (خ)، (م).