شخصيتون ۽ خاڪا

اميد جو قتل

هي ڪتاب ”اميد جو قتل “ نامياري ليکڪ، قومپرست سياستدان ۽ سنڌ جي عاشق عبد الواحد آريسر پاران محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ لکيو ويو. هن جو تعلق جيئي سنڌ سان هيو ۽ پ پ پ سان سندس سخت اختلاف هيا. پوءِ به محترمه جي ناحق قتل تي هو قلم کڻي ٿو، ڇو ته هو ظالم خلاف آهي ۽ محترمه جي قتل کي هو رياست جو ظلم ٿو سمجهي.
Title Cover of book اميد جو قتل

مُهاڳ : اعجاز منگي

مُهاڳ

ڪمري کان ٻاهر يارهين محرم جي ماتمي چنڊ- رات، شهيد جي بيواههَ جيان اها ڪاري پوتي اوڍي بيٺي آهي، جنهن تي هُن جي لُڙڪن جا چنڊ ستارا چمڪي رهيا آهن، ۽ ڪمري اندر ٻه ميڻ بتيون ٻاري، آءٌ سنڌ جي رومانٽڪ رائيٽر عبدالواحد آريسر جي ڪتاب ’اُميد جو قتل‘ تي ڪُجهه لفظ لکڻ لاءِ پنهنجي اُنهن آڱرين کي آماده ڪري رهيو آهيان، جن کان سرڪاري نوڪريءَ جي سرد سهوليت، ڪافي وقت کان وٺي، قلم ايئن سِرڪائي ڇڏيو هو، جيئن راند ۽ رونشي ۾ واعدي وارو ڇلو، گِهرگهلو ٿي ڪري پوندو آهي.
لوڊشيڊنگ جو لٽو اوڍي، هن رات جي هڪ نيم تاريڪ ڪُنڊ ۾ ويٺي مان سوچي رهيو آهيان ته ڇا هڪ ليکڪ جو قلم به نانگ وانگر هائبرنيشن (Hibernation) جي وقت جي تقاضا ڪندو آهي ته جيئن هو مٽيءَ ۾ پيهي پنهنجي دفن ٿيل ديسَ جي تاريخ جي تلخيءَ کي زهر ۾ تبديل ڪري، منظرعام تي اچي وڃي.
مون شايد پهريون ڀيرو قلم جي ڀيٽ ’ڪاريهر‘ سان ڪئي آهي، نه ته اُن کي مون هميشه اُن شيءِ سان ڀيٽيو آهي، جنهن لاءِ لطيف سائينءَ سون-سريکي سِٽ لکي هئي ته:
’پاڇا هِي نه پاڙيان، سرتيون سُئيءَ ساڻ!‘
- ۽ مون اهو سوچيو به نه هو ته چڱي خاصي وِٿيءَ کان پوءِ اُهو سُئيءَ جهڙو قلم کڻي، مون کي ڪنهن گوريءَ جي گهگهري يا ڪنهن شهمير مُڙسَ جي ڪاوَن واري ٽوپيءَ بدران ڪنهن ڪفن کي ٽوپا ڏيڻا پوندا- ۽ اهو ڪفن هن مُلڪ جي ’سياسي آسمان جي ڪُونج‘ جو هوندو!
هُوءَ هُئي به ته ڪُونج! اُها ڪونج!، جيڪا جلاوطنيءَ جي فضائن مان اُڏامي، پنهنجي ڏيهه آئي ته سنڌ جي واهڻن ۽ وستين جون گُونگيون گهٽيون، اُن لوڪ گيت جيان گُونجي اُٿيون ته:
ڪُونج ڪاڏانهن آئي ڙي!
راڻل! ڪُونج ولر واري!
ويهن سالن کان پوءِ تمام وڏي وَلر سان ڪراچيءَ جي شاهراهه تي هُن جو سفرُ، جِن کان سَٺو نه ٿيو، تِن کيس اُڏارڻ لاءِ تمام وڏو ڌماڪو ڪيو. پر هن ڀيري هوءَ اهڙين دهشتگرد تاڙين تي اُڏامڻ لاءِ نه آئي هُئي- اڄ اُها ڪُونج اسان جي وِچ ۾ ناهي ته هن ديس جون فضائون به فرياد ڪري پُڇن ٿيون ته:
’ڪُونج! تُون ڪيڏانهن وئينءَ؟‘
هاڻي هڪ گهڻ طرفي تحقيق ٿيڻ گهرجي. اسان کي اهو پتو به پوڻ گهرجي ته خود هن جي ولر ۾ هُن جا گهڻا ويري هئا؟
هوءَ تاريخ ساز شخصيت نه ٿي سگهي، پر تاريخ جي اُها چيخَ ٿي ضرور رهندي، جيڪا وارئون وار گُهر پئي ڪندي ته:
لائو تو قتل نامه ميرا، مين ڀي ديک لون!
ڪس ڪس ڪي مُهر هي، سرِ محضر لگي هوئي!
-هن کي ڪنهن قتل ڪيو؟
شايد اِهو سوال صحيح ناهي، صحيح سوال اِهو ٿي سگهي ٿو ته هن کي ’ڪنهن ڪنهن‘ قتل ڪيو؟ هن جي قاتلن ۾ ڪهڙا به گورا، ڪارا ۽ ديسي توڙي وديسي ڇو نه هجن، پر اُنهن کي اهو اِطلاع هجڻ گهرجي ته جهڙيءَ طرح هن جي شهيد پيءُ لکيو هو ته: ’جيڪڏهن مان پاڪستان جو نه، ته به سنڌ جو راڻو ضرور آهيان‘، تهڙيءَ ريت هوءَ جناح جي پاڪستان جي نه، ته به ’جي. ايم سيد جي سنڌ جي سياسي ڪُونج‘ ضرور هئي، ۽ هُن جي قاتلن کي اِهو پتو به پوڻ گهرجي ۽ پوندو به ته:
ائين نه مرندي ڪُونج-
جيسين پوري روههَ ۾،
پورين هُن جي گونج!
(اياز)
سو اسان جي ’سياسي ڪُونج‘ قتل ٿي چُڪي آهي، پر پنهنجي پُڄاڻان هوءَ سڄي روههَ کي رڙِ ۾ تبديل ڪري وئي آهي ۽ اُن رڙندڙ روههَ کي ڪا به مصلحت ماٺ نٿي ڪرائي سگهي.
مون کي ياد ٿو اچي ته ’اوريانا فلانچيءَ‘ انگريزي ٻوليءَ جي آفيمي شاعر ’ڪالرج‘ جي نظم ’سيلاس مارنر‘ مان اُتساهه وٺي، يونان جي انقلابي اليڪوس جي ڀيٽ ’سامونڊي ٻيٽن جي ٻگهه‘ سان ڪندي لکيو هو ته ’اليڪوس! تون سياست جي سمنڊ جو سي گُل (sea gull ) آهين، جنهن کي مارڻ بين الاقوامي جُرم هوندو آهي؛ اُن ڪري تنهنجا قاتل عالمي ڏوهاري آهن‘. پر جهڙيءَ طرح هُوءَ عالمي سطح جي شخصيت هجڻ جي باوجود، ٺِڪر مان ٺهيل گُڏيءَ وانگر ٽُٽڻ کان پوءِ، موهن جي دڙي جي مٽيءَ ۾ دفن ٿي، تهڙيءَ طرح هن جي ’عالمي اميج‘ کي سُسائي، سنڌ تائين آڻي، مان صرف اِهو لکڻ ٿو چاهيان ته سنڌ ۾ ڪُونج جو شڪار مذمت جوڳو جُرم سمجهيو ويندو آهي، اُن ڪري بينظير جي قاتلن کي هن ڌرتيءَ جا اُهي انسان به معاف نه ڪندا، جن کي بينظير ڀُٽو جي سياسي پاليسين سان سَوَ اختلاف هئا.
سنڌ جي ماڻهن جا ڦِسي پيل نيڻَ، لهوءَ ۾ لويل بينظير ته نه ڏسي سگهيا، پر هاڻي اُنهن جون ٽانڊن جهڙيون اکيون، اُهي مڪروه مُنهن ضرور ڏسڻ چاهين ٿيون، جِن سندن ڪُونج جي قتلَ جي سِٽ سِٽي هئي. ممڪن آهي ته ڊي. اين. اي جي ٽيسٽن ۽ ملڪي توڙي بين الاقوامي جاچ ڪندڙ ٽيمن جي ڪوشش سان اُهي هٿ پڌرا به ٿي پون، جن هٿن جي آڱر پستول جي ٽريگر کي پوئتي هٽايو ۽ نظرن جي شورَ کي چيريندي، شيهي جي گولي برق رفتاريءَ سان سفر ڪندي، هن کي اوڍيل اڇي رَئي مان ڪِراس ڪندي، هن جي چَڳُن کي جلائيندي، هن جي اُن مٿي ۾ پيهي وئي، جنهن مٿي تي يتيم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ پنهنجو ’ٻاجهارو هٿ‘ رکيو هو.
اُها نياڻي، جيڪا لکن جي انبوهن ۾ امام ضامن واري ٻانهن لهرائيندي هئي، سا هڪ زوردار ڌماڪي سبب ميڊيا جي سمورين ڪئمرائن کان اوجهل ٿي گهايل ڪُونجَ وانگر پنهنجي ’بلٽ پروف لينڊ ڪروزر‘ ۾ ڪِري تڙپڻ لڳي، ۽ گهڙيءَ کان پوءِ پرائيويٽ چئنلن تي ’بريڪنگ نيوز‘ جي صورت ۾ پوري پاڪستان مٿان پاراتن جا گهنگهور بادل ڇانئجي ويا.
هوءَ جا چوونجاهه سالن جي عمر ۾ به ’هنج-اُڏار هاٺيءَ‘ واري خاتون هئي، سا ڪاش! ڀٽ شاهه جي سُريلي سَرَ تان تنبوري جي تارن مان اُٿندڙ اُها سرگوشي ٻُڌي سگهي ها ته:
آءُ اُڏامي هنجڙا، سَر ۾ سارينئي،
متان مارينئي، پاڙهيري پهه ڪري!
- ۽ اُن نياپي تي نماڻائيءَ سان عمل ڪندي، هوءَ رهزنيءَ سبب جڳ مشهور شهر راولپنڊيءَ نه وڃي ها، پر هوءَ ته ڪُونج هئي، سڀ ڄار ڏسڻ جي باوجود، اونچي ڳاٽ اُڏامڻ واري ڪُونج!
راولپنڊيءَ جي اسپتال تائين رَسندي، هُن جي نبض بيهي رهي، ۽ سندس ذهين اکين جون ماڻڪيون ماٺ ٿي ويون هيون.
-۽ هوءَ پنهنجو اُهو آخري بيان به جاري نه ڪري سگهي ته:
ميري چاره گر ڪو نويد هو،
صفِ دشمنان ڪو خبر ڪرو،
وه جو قرض رکتي ٿي جان پر،
وه حساب هم ني چُڪا ديا.
پوءِ هُن جي معالجن ’مقتول ڪُونج‘ کي تابوت ۾ وجهي، پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي حوالي ڪيو.
-۽ جڏهن هن جو تابوت ماتمي هُجومن جي هٿن ۾ هو، تڏهن ڪنهن سنڌي نوجوان، پنهنجي مقتول ڀيڻ جي تابوت تي اجرڪ وِڌو، جيڪو لوڏن سبب سوال جي نشاني (؟) بڻجي ويو. ڇا هي مُلڪ اُن اجرڪ جي سواليه نشان جو جواب ڏيئي سگهندو؟
هي مُلڪ، جنهن جي ’مُنصف اداري‘ هن جي پيءُ، ۽ ’محافظ اداري‘ هن جي ڀاءُ کي قتل ڪيو، تنهن مُلڪ جي سازشي مقتلَ مان اُها ڪُونج به پنهنجي رَتَ ۾ ٻُڏي نڪتي، جيڪا سرزمين پاڪستان جي پٽ تي ’ڪازان زاڪس‘ جي اُن سِٽ سمان وري ڪڏهن نه اُٿڻ لاءِ ايئن سُمهي رهي، جيئن هُن لکيو هو ته:
’ڪُونج ڪٿي پئي آهي،
۽ هن جا پَرَ ڌرتيءَ تي ائين پکڙيل آهن،
ڄڻ هوءَ پنهنجي نامهربان ماءُ کي،
ڀاڪُر پائيندي هجي!‘
هُوءَ جا انگريزيءَ ۾ سوچڻ جي باوجود، سنڌ جي سمورين عورتن وانگر پيرن فقيرن جي درن تي دُعائون پِنڻ ويندي هُئي، ڇا هُن کي معلوم هو ته ناول جي صورت ۾ لکيل پنهنجي آتم ڪهاڻي ’Report to Greco‘ جي پهرئين پني تي يونان جي نوبل يافته اديب ڪازان زاڪس جا اهي لفظ لکيل آهن ته:
Three Kinds Of sols,
Three prayers:
I. Iam bow in Your hands,
Lord draw me lest rot!
II. Do not overdraw me,
Lord I shall break.
III. Over draw me Lord!
And who cares if I break
ترجمو:
ٽن قسمن جا رُوحَ، ٽي دُعائون:
(1) اي مالڪ! مان تنهنجي هٿن ۾ جهليل ڪَمان آهيان،
پر مون کي ڪشجانءِ نه!
(2) اي مالڪ! مون کي حد کان وڌيڪ نه ڪشجانءِ،
مان ٽُٽي پونديس!
(3) اي مالڪ! مون کي جيترو ڪشي سگهين ڪش،
جي مان ٽُٽي به پيس، ته به ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؟
منهنجو خيال آهي ته بينظير ڀُٽو پهرئين قسم جي رُوحَ جي پهرين دُعا هئي.
اسان جي معاشري ۾ اُهي ٽن قسمن جا رُوح، ٽن قسمن جون دُعائون گهرندا رهن ٿا. ٻيو ته ٺهيو، پر عجب جهڙي ڳالهه اها آهي ته خود ڀُٽو خاندان به انهن ٽن قسمن جي رُوحاني رجحانن ۾ ورهايل آهي. بينظير ڀُٽو جو تعلق پهرئين قسم جي رُوحاني دُعا سان هو. هوءَ سياست ۾ جهيڙي ۽ جدوجهد جي علامت ٿي ته رهي، پر هن سدائين اُصولن جي حوالي سان آزمائش کان پاسو ڪيو. ممڪن آهي ته اُن جو بنيادي ڪارڻ اِهو هجي ته هوءَ عورت هئي، ماءُ هئي، هن نٿي چاهيو ته هن جا ٻارَ يتيميءَ جي اندوهناڪ اُسَ ۾ ڀٽڪن. هُن کي پتو هو ته اولاد کي معاشري جي بيرحم موسمن کان صرف ماءُ جي ڇايا ئي محفوظ رکي سگهندي- باقي دنيا ۽ دولت جي ڪا به ڇِت ۽ ڇٽي، اُن تتيءَ ٿڌيءَ ۽ جُهڙي ڦُڙيءَ کي روڪي نه ٿي سگهي، جيڪا يتيم ٻارن جي مٿن تي هلاڪوءَ جي ڪاهه وانگر ڪِرندي آهي. اُن حوالي سان بينظير جي بچاءَ ۾ صرف اُهو دليل پيش ڪري سگهجي ٿو ته جيستائين هن جي وجود ۾ مامتا جو احساس نه انگوريو هو، تيستائين هوءَ به پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءَ وانگر، بي ڊپي ۽ صفا سرڪش هئي، ڇو ته ضياءُ جهڙي ظالم دڪٽيٽر جي دور ۾ هوءَ مٿي تي پيپلز پارٽيءَ جي ٽه رنگي جهنڊي جي پَٽي ٻڌي، پَلن جا رستا پهرن ۾ جهاڳيندي ايندي هئي. ان دور ۾ به سفاڪ سرڪار جا ’شارپ شُوٽر‘ (sharp shooters) اِن ڇوڪريءَ کي زندگيءَ جي وڻ تان ڪيرائي ٿي سگهيا، جيڪا جمهوريت جي آزاد فضائن ۾ اُڏامڻ لاءِ بيتاب ڪبوتري هئي.
هن جي اُن وقت واري جوش ۽ جذبي کان متاثر ٿي، احمد فراز جهڙا نج رومانوي شاعر به اهڙا ولولا انگيز نظم لکندا هئا ته:
ميري غنيم ني
مجهه ڪو پيام ڀيجا هي،
ڪه حلقه زن هين
ميري گرد لشڪري اُس ڪي
فصيل شهر ڪي
هر بُرجَ، هر مناري په
ڪمان بدمست ستاده هين،
عسڪري اُس ڪي
وه برق لهر بُجهادي گئي هي،
جس ڪي تپش
وجودِ خاڪ مين
آتش فشان جگاتي ٿي
بِڇا ديا هي بارود اُس ڪي پاني مين
وه جُوءَ آب جو ميري گلي ڪو آتي ٿي
تبهي تو لوچ ڪمان ڪي
زبان تيرِ ڪي هي!
اُن وقت بينظير ڀُٽو جي لهجي ۾ ارجن جي هٿ ۾ جهليل ڪمان جهڙي لچڪ ۽ سندس لفظن ۾ ڪنهن به دئيت کي دُڦ ڪندڙ تيرن جو اثر هو. پر جڏهن هن جي پوتيءَ جهڙو پرچم گهونگهٽ بڻجي، هڪ ماءُ جي شفيق آنچل ۾ تبديل ٿي ويو، تڏهن هوءَ آزمائشن جي ميدان کي الوداع چئي، اهڙي محفوظ ڪُنڊ جي متلاشي ٿي وئي، جتي هُن جا ٻچڙا حفظِ ۽ اَمان ۾ رهي سگهن.
اُن ڪري واضح رهي ته بينظير ڀُٽو، بلاول کي جنم نه ڏنو هو، پر بلاول به پنهنجي جنمَ ذريعي اهڙيءَ عورت کي وجود ۾ آندو هو، جنهن کي ڏسي ۽ ٻُڌي ماڻهو پُڇڻ لڳا ته:
’بينظير ڀُٽو کي ڇا ٿي ويو آهي؟‘
ڪاش! سياست جي سيني ۾ ايتري احساس جي گُنجائش به هجي ها، جو اُهو اُن عورت کي سمجهي سگهي ها، جيڪا اڳ جيان اڪيلي نه هئي، هُن جي هٿ ۾ پنهنجي ننڍڙي پُٽ جي پتڪڙي چيچ به هُئي!
پر جڏهن هُن جلاوطنيءَ جي دُور افتاده ۽ محفوظ مقام تي پنهنجا ٽيئي ٻار پالي جوان ڪيا ته وري پنهنجي رَئي کي چيلهه سان ٻڌي، هوءَ ميدان ۾ اچي وئي، ۽ سڀني خطرن کي سامهون للڪاري، هُوءَ اهڙو لاش ٿي ڪِري، جو آڪاش به رَڙ ڪري ڌرتيءَ کي چيو ته:
اهڙا ئي ڄڻجانءِ!
هي جي مڙهه مقام ۾،
کُنهبن ۾ کڻجانءِ!
(اياز)
پر اُن سان گڏ اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا هڪ ماءُ جي حيثيت ۾ هن کي اِهو حق نه هو ته هُوءَ پنهنجن ٻچڙن جي محفوظ پالنا ڪري، اُنهن جي تعليم ۽ تربيت جا ابتدائي ڏاڪا عبور ڪري ۽ هڪ ماءُ جي طور پنهنجن فرضن جي بجا آوري ڪري؟
هڪ فرد جي حيثيت سان هن کان اِهو حق ڪير به ڦُري نه پيو سگهي، پر تاريخ ۾ عظيم مقام حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ فرد کي پنهنجن روايتي حقن تان هٿ کڻڻو پوندو آهي. گهر ۽ سنسار جي وِچ تي هڪ چانئٺ ئي ته هوندي آهي. اڪثر عظمتن کي اُنهن چانئٺن جي ٻِچتائيءَ جي ڪيفيت ۾ پَسيو ويو آهي. دنيا جي شاعريءَ ۾ اُن ڪيفيت کي ڪافي چٽيو ويو آهي، جنهن ڪيفيت گهڻن گهوٽن کي ان ريت اُلجهائي رکيو آهي ته:
هيڏانهن دار اسان جي يار،
هوڏانهن پاڻياريءَ سان پيار!
اياز تي به اُن ڪيفيت، اُن وقت ڀرپور حملو ڪيو هو، جڏهن هو سکر جيل ۾ قيد هو ۽ هن جا ٻارَ، هن سان سَهمي سَهمي ملاقاتون ڪندا هئا!
پر جڏهن در ٻاهريون دُک، در اندرئين دُک تي غالب ٿي ويندو آهي، تڏهن انسان اُن حيثيت کي ماڻي وٺندو آهي، جو عظيم شاعرن جا اهڙا شعر، هن مٿان گُلن جي پنکڙين جيان نڇاور ٿيندا آهن ته:
مينديءَ رَتا هٿڙا، ڪجل ڀِنا نيڻ،
سڀني وِڌا ويڻ، پر ويندڙ، ويندا ئي رهيا!
(اياز)
هُو جي کَڙيون کُوههَ تي، ٻانهُن پائي کَنجَ،
ڏسي روئڻهارڪيون، سنجيل گهوڙا سنجَ،
هر هر ڇِڪي هنجَ، چُمن پنهنجا ٻارڙا!
(اياز)
تاريخ ۾ فرد جو اِهو ڪردار، بينظير ڀُٽو کي سدائين سڏيندو رهيو، پر هِن جي ڪنهن به ڪتاب، ڪنهن به مضمونَ ۽ ڪنهن به بيان ۾ اُتر، لاڙ ۽ وِچولي جي اُنهن بلاولن ۽ بختاورن جو ذڪر نه آيو، جيڪي هن کي پنهنجن پتڪڙن هٿن سان سدائين سڏيندا رهيا ته:
’اسان جي قومي ماءُ!
اسان ڏي آءُ،
اسان کي کيرُ کپي ۽ ڪتابُ کپي.
بس اهو ننڍڙو انقلاب کپي!‘
آءٌ اِهو فيصلو اِتهاس جي ضمير جي حوالي ٿو ڪريان ته هوءَ ’پُورب جي ڌيءُ هئي يا پڇم جي‘، پر آءٌ اُن پوائنٽ تي ڪنهن به قسم جو ’فڪري ڪمپرومائيز‘ ڪرڻ نه ٿو چاهيان ته هوءَ سڀ کان وڏي سياسي پارٽيءَ جي سربراهه جي حيثيت ۾ ’مشرق جي ماءُ‘ ضرور هئي، ۽ هن کي پنهنجو اُهو ٻاجهارو ڪردارُ پوري ٻَل سان ادا ڪرڻ کپندو هو. هي اُهو ئي ڪردار هو، جنهن جي اُپٽار ڪازان زاڪس پنهنجي جڳ مشهور ناول ’Recrucification of Christ‘ يعني ’يسوع ٻيهر صليب تي‘ ۾ ڀرپور طرح ڪئي آهي؛ پر جيئن ته منهنجي تمام گهڻي گهري تجزئي مطابق هوءَ ڪازان زاڪس پاران بيان ڪيل ’رُوحن جي ٽن قسمن مان پهرئين قسم جو رُوح هئي،‘ اُن ڪري هن انهيءَ رُوحاني ڪشمڪش کان سدائين ڪنارو ڪيو، جيڪا انسان جو رُوح چيهاڙي ڇڏيندي آهي. پر، ڇا بينظير ڀُٽو جي ساههَ کي اُنهي ساهَه گُهٽيندڙ ’اسٽيٽ آف مائينڊ‘ [State of Mind] جا جهٽڪا نه آيا هوندا؟ ڪيئن نه آيا هوندا؟ هن جي ڪيفيت کي ڪافڪا جهڙو رائيٽر ئي ڪاغذ تي لاهي سگهي ٿو.
هُن هڪ ڀيري وزير اعظم جي حيثيت سان پنهنجي مالياتي صلاحڪار تي لڳندڙ ڪرپشن جي الزامن جو جواب ڏيندي چيو هو ته: ’اِهو صحيح ناهي، جو هڪ نِج پروفيشنل ماڻهوءَ جي مٿان اجايا الزام لڳايا وڃن، اهڙا ماڻهو تمام گهڻا حساس هوندا اهن‘. پوءِ هن پنهنجي حوالي سان اهو شايد بيخياليءَ سان چيو: ’جڏهن ته اسان سياستدانن جي محسوساتي چمڙي ڪافي موٽي هوندي آهي‘. مون به سدائين اُهو ئي محسوس ڪيو آهي ته اُن ناريءَ جي احساساتي حِس وڏيءَ حد تائين ’شاڪ پروف‘ [Shock Proof] هوندي، نه ته اهڙي پوزيشن ۾ هُجڻ جي باوجود هوءَ فرانز فينن ۽ عبدالواحد آريسر جي ’مٽيءَ هاڻن ماڻهن‘ لاءِ ڪُجهه نه ڪري سگهي، اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ پر جيڪڏهن اڪيلس جهڙي انسان جي به ڪا ڏُکندڙ گَهڙي ٿي سگهي ٿي ته ’پاڪستاني سياست جي نازڪ نازيءَ‘ کي گهڻ پاسائان تير هوندا. هُوءَ ڪيترائي ڀيرا اُن احساساتي ڪيفيت مان گذري هوندي، جنهن جو هڪ خاصو اظهار اُن اردو شعر ۾ آهي ته:
ديکا جو تير کا ڪي، ڪمين گاه ڪي طرف،
اپني هي دوستون سي ملاقات هو گئي!
بينطير ڀُٽو جيڪا پنهنجي جسماني صحت جي سلسلي ۾ ڪافي کان گهڻي ڪُجهه ڪانشيس [Conscious] هئي، تنهن جي رُوح تي ڪيترا گهاوَ هئا، اُن جو پتو شايد هن رُوءِ زمين جي ڪنهن به انسان کي نه هُجي. ڇا هُن هر سمجهوتو مسرت آميز مسڪراهٽ سان ڪيو هوندو؟ هوءَ خانداني طور تي وارياسي جي وارثياڻي هئي، هن جي ڪيترين ئي مصلحتي مُسڪراهٽن جي ڀيٽ ’ٿُوهر جي گُلن‘ سان به ڪري سگهجي ٿي. ڪهڙي خبر ته مملڪتي سربراهه جي حيثيت سان هن ڪيترا ڀيرا کڙڪ تڙڪ سيليوٽن طرف ڪروڌي ڪراهٽ سان تڪيو هوندو ۽ اپوزيشن جي اُس ۾ هن مٿان ڪيترا مِهر ڀريا مينهن وٺا هوندا. سچل سائينءَ چيو آهي ته: ’انسان جو من سدائين هڪجهڙو نه هوندو آهي‘ مان پنهنجي ناقص عقل جي بنياد تي سمجهان ٿو ته مير مرتضيٰ جي شهادت کانپوءِ اُها بينظير ڀُٽو ڪوڙي نه هئي، جنهن چيو هو ته: ’مان هاڻي وِزارت عظميٰ قبول نه ڪنديس، ڀلي مون کي اها آفر سونَ جي ٿالهه ۾ رکي ڇو نه ڪئي وڃي‘، اُن وقت هن جي رُوح جي جهنگ ۾ هڪ ’شهيد شينهن ڀاءُ،‘ اُنهن راتين جو بي انتها گجگوڙ ڪندو هو، جن راتين کي اِمپورٽيڊ ٽرنڪولائيزر به سمهاري نه سگهندا هئا.
منهنجي چوڻ جو مطلب فقط ايترو آهي ته جنهن عورت کي مان سندس حياتيءَ ۾ احساسن جي انقلابي اصولن جي روشنيءَ ۾ ظالم سمجهندو هئس، هُن جي مرتيي/شهادت کان پوءِ هن جي ياد ۾ ٻري پيل ميڻ بتيءَ جي روشنيءَ ۾، هُن جي اها مظلوم صورت پسي رهيو آهيان، جيڪا هن جي ديس واسين جي ڳوڙهن ۾ پُسيل آهي.
سنڌ جي عام ماڻهوءَ کي بينطير ڀُٽو ڪيترو پنهنجو سمجهيو؟ سندس سياسي رڪارڊ انهيءَ سوال جو تفصيلي جواب فراهم ڪري سگهي ٿو، پر جيستائين سنڌ جي عوام پاران بينظير ڀُٽو کي پنهنجو سمجهڻ واري سوال جو تعلق آهي ته سنڌي عوام هن کي پنهنجي سُوءَ واري سڳي ۾ هڪ املهه موتيءَ وانگر پوئي، سدائين پنهنجي ساهه سان سلهاڙي رکيو. سنڌ جي عوام ذوالفقار علي ڀُٽي جي شهادت کانپوءِ بينظير ڀُٽو کي[ڀُٽي کان به وڌيڪ ]پنهنجي ’ڀاڳ واري پٿر‘ طور پنهنجي من جي مُنڊيءَ جي ٽِڪ بڻائي رکيو.
پر ستاويهن سالن جي اوسيئڙي دوران ڪاهوءَ مٿان ڪيترائي چنڊ اُڀري وِسامي ويا، پر هن ڌرتيءَ جي دل تي آيل دردن جي تاريڪي ختم نه ٿي، توڙي جو اُها مشعل به اُجهامي وئي، جنهن کي سنڌ جي عوام طوفانن ۾ به جلندو رهڻ جي عزم سان روشن ڪيو هو.
عبدالواحد آريسرَ، هن ڪتابڙي ۾ بينظير ڀُٽو کي اُميد جي علامت طور پيش ڪيو آهي. مون کي ٻي خبر ناهي، پر منهنجو خيال آهي ته ’عزم ترندو آهي ۽ اُميد اولجندي آهي‘. موهن جي دڙي جا ماڻهو صدين جا سيءَ، اُنهيءَ باهڙيءَ تي هٿ سيڪيندي، ڪاٽي رهيا هئا، جنهن باهڙيءَ جو نالو ’بينظير‘ هو. هوءَ سنڌ جي عوام جي دلين ۾ ٻرندڙ اُهو ديپ هئي، جنهن کي اُنهن سدائين ٻرندو رکڻ ٿي چاهيو؛ پوءِ اُن لاءِ ڪڏهن اُنهن کي اکين جا لُڙڪ ته ڪڏهن دل جو لَهُو به تيل ڪري ٻارڻو ٿي پيو.
اياز لکيو آهي ته:
نه ديپ دُونهاٽجي وڃي هي، لِلاٽ جي لاٽَ شال جَرڪي!
پِرهه پري آ، پتو نه آهي، ته رات ڪيسين ڏُهاڳ ڏيندي!
سنڌ جي عوام کي اجتماعي طور تي ڪنهن جذباتي ڪارڪن کان وڌيڪ فهم آهي، ماڻهن کي معلوم آهي ته اُنهن جي ’حقيقي آجپي جي پِرهه‘ گهڻو پري آهي، هُو، اُها ڪاري راتِ، بينطير ڀُٽو جي جمهوري جوتِ جي سهاري گذارڻ لاءِ مجبور هئا. بينظير ڀُٽو جي سياسي حامين هن کي ڪڏهن ’ملير جي مارئي‘ ته ڪڏهن ’سياست جي سسئيءَ‘ واري علامت طور پيش ڪيو، پر هن جي شهادت واري واقعي ته اهو ثابت ڪيو ته: بينظير ڀُٽو ’سياسي سَسئيءَ‘ بدران سنڌ جي عوام لاءِ اهڙو ’پنهون‘ هئي، جنهن سان هيءَ قوم سَسئيءَ جهڙو پيار ڪندي هئي، اُهو ئي سبب آهي ته جڏهن اليڪٽرانڪ اسڪرينن ۽ اخبارن جي ڪاغذن تي ’بينظير پُڄاڻان‘ وارا اکر اُڀريا ته ’سَسئيءَ جهڙي سنڌي قوم‘ پنهنجي ’ڀنڀور‘ جهڙن شهرن کي باهيون ڏيئي ڇڏيون:
پُنهون پُڄاڻان، ڏجي باهه ڀنڀور کي!
(شاهه)
ڪنهن به عمل ۾ ماڻهوءَ جو مزاج بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو. منهنجي اها ايماندارانه راءِ آهي ته بينظير ڀُٽو عوام جي هٿ ۾ جهليل هڪ اهڙي ڪمانِ هُئي، جنهن سدائين پنهنجي دِل ۾ نه ڪَشجڻ جي دُعا ٿي گُهري، جڏهن ته هُن جو شهيد والد ٻئي قسم جو رُوح هو ۽ هڪ سياسي ڪمانِ جي صورت هو. هو پنهنجي دل ئي دل ۾ عوام کي اِها پارت ڪندو هو ته هن کي اُن حد تائين نه ڪشيو وڃي، جو هُو ٽڙڪاٽ ڪري ٽُٽي پوي.
جڏهن ته ذوالفقار علي ڀُٽي جي ٻنهي پُٽن جيڪا واٽ ورتي، اُها ڪازان زاڪس پاران بيان ڪيل ٽئين قسم جي رُوح جي راهه هئي. اُن قسم جو رُوح پنهنجي مالڪ کي اُها ئي وينتي ڪندو آهي ته هو ڀلي کيس آخريءَ حد تائين ڪشي ۽ اُن ڪشمڪش ۾ جيڪڏهن هُو ٽُٽي به پوي ته اُن جي کيس ڪا به پرواهه ناهي، ڇو ته ملڪيت ماڻهوءَ سان ڪهڙيءَ ريت اعتراض ڪري سگهي ٿي! پر هڪ ماءُ لاءِ عوامي سياست ۾ انقلابي ٿي، ٻيءَ ۽ ٽينءَ ڪيٽيگريءَ جو رُوح ٿيڻ نهايت ڪٺن آهي.
مون کي بينظير ڀُٽو جي حوالي سان تمام گهڻو لکڻو آهي، مان ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ مير مرتضيٰ جو به قرضي آهيان. اُنهن تي مان جيئن سوچيو ۽ سمجهيو آهي، تيئن پنهنجي دور سان شيئر ڪرڻ جو فرض ادا ڪرڻو آهي، پر اڃا مان ذهني تياري پئي ورتي ته ’سنڌ جي سياسي ڪُونج‘ قتل ڪئي وئي ۽ هن جي سڄي پسمنظر، سندس مڪمل شخصيت ۽ رُوپ سروپَ کي ساريندي، سندس قتل واري درد جي دُونهين ڀريل راتين دوران مان سنڌ جي پوڙهي ٻالشويڪ ’سوڀي گيانچنداڻيءَ‘ سان گڏ ڄامشوري ۾ گُهلندڙ اُتر جي ٿڌين هوائن ۾ ٻرندڙ باهه تي هٿ سيڪيندي، اڪثر بينظير ڀُٽو جي سلسلي ۾ عرب دنيا جي عظيم شاعر نذار قابانيءَ جي هڪ نظم جي سِٽن کي سُور واري سڳي جيان پنهنجي ساهه ۾ سوريندو رهيس. هي نظم، نذار قابانيَ تڏهن لکيو هو، جڏهن هُن جي جيون ساٿياڻي ۽ عرب دنيا جي خوبصورت ۽ مشهور خاتون ’بلقيس الراوي‘، لبنان جي سفارتخاني تي اسرائيلي حملي دوران قتل ٿي وئي هئي. احساس جي نه ڪا قوم هوندي آهي، ۽ نه ئي اُن کي ڪنهن مخصوص جاگرافيءَ جي دائري ۾ جهلي سگهجي ٿو: اُن ڪري بلقيس الراويءَ جي شهادت وارو نظم، آءٌ ، شهيد بينظير ڀُٽو کي ڄڻ ڪنهن امانت جيان ارپي رهيو آهيان:

بلقيس الراويءَ جي وارن ۾ ٻارنهن گُلاب
مون کي معلوم هو ته هُن کي قتل ڪيو ويندو،
۽ هُن کي به معلوم هو ته مون کي قتل ڪيو ويندو،
ٻيئي اڳڪٿيون سچ ثابت ٿيون.
هُوءَ ڳورن پٿرن هيٺيان،
هڪ پوپٽ جيان مُئل ملي،
(جهالت جو دور)
۽ مان ڪِري پيس،
تاريخ جي زهريلن ڏندن جي وِچ ۾،
بُکايل گيتَ،
عورتن جا نيڻَ،
۽ آزاديءَ جو گُلابُ.
***
مون کي معلوم هو ته هوءَ قتل ڪئي ويندي،
ڇو ته هوءَ بد صورت دور ۾ بيحد خوبصورت هئي،
مِلاوتي دور ۾ نِجُ هئي،
بدمعاشيءَ واري دور ۾ شاندار،
هُوءَ هڪ ناياب موتي هُئي،
ڪُوڙي ڪَچَ جي ڍيرَ ۾،
هوءَ هڪ بينظير عورت هئي،
نقلي عورتن جي ميڙ ۾!
***
مون ڄاتو پئي ته هُن کي ماريو ويندو،
ڇو ته هُن جا نيڻَ ٻِن ندين جي ميلاپ جهڙا هئا،
هُن جا وارَ بغداد جي ’موال‘ جيان لمبا هئا،
هُن جي ديَس جو احساسُ،
برداشت نه پئي ڪري سگهيو ايتري ساوڪَ،
هي ديسُ اُنهن هزارن کجُور جي وڻن جي جهلڪَ
برداشت نه ٿو ڪري سگهي،
جيڪا بلقيس جي اکين ۾ نظر ايندي هئي.
***
مون کي پتو هو ته هُن کي قتل ڪيو ويندو،
ڇو ته هُن جي وِکَ،
جزيرن کان وڏي هئي،
۽ هُن جي ورثي
هن کي اِها اجازت نه ٿي ڏني ته
هوءَ زوال واري دور ۾ زنده رهي.
هُوءَ جا چاندني هئي،
سا تاريڪيءَ ۾ ڪيئن ٿي جِي سگهي؟
***
هُوءَ پنهنجي فخر جي شِدت ۾ ،
سمجهندي هئي ته؛
هيءَ ڌرتي هن لاءِ نهايت ننڍڙي آهي،
اُن ڪري هُن پنهنجو سُوٽ ڪيس پيڪ ڪيو،
۽ خاموشيءَ سان، ڪنهن کي ٻُڌائڻ کان سواءِ رواني ٿي وئي!
***
هُن کي اِهو خوف نه هو ته
هُن جو ديس، هن کي قتل ڪندو،
پر هن کي اِهو ڊپ هو ته
هن جو ديسُ پنهنجو پاڻ کي ماريندو.
***
شاعريءَ جي ڀريل ڪڪرَ جيان،
هُوءَ منهنجن نوٽ بُڪن ۾ وسندي رهي،
مڌ....ماکي......۽....پکيئڙا
سُرخ پٿر
۽ منهنجن احساسن ۾،
هُوءَ ٻيڙيءَ-سِڙهه جيان هئي:
هُوءَ جا ياسميني چانڊوڪي هئي،
هُن جي روانگيءَ کان پوءِ،
پاڻيءَ جو دور پُڄانيءَ تي پهتو،
۽ اُڃَ جو زمانو شروع ٿيو!
***
مون کي سدائين محسوس ٿيو ته،
هُوءَ موڪلائي رهي آهي.
مون کي سندس نيڻن ۾،
سدائين بادبان نظر آيا،
هُن جي ڇپرن ۾،
رن وي (Run way) تان اُڏامندڙ جهازن جي جهلڪَ هئي.
هُن سان جيونَ جي ڏورِ ٻَڌڻ کان وٺي،
مون کي هُن جي پَرسَ ۾،
اهڙن مُلڪن جون ويزائون
۽ ٽِڪيٽون نظر آيون،
جن مُلڪن ۾ هوءَ ڪڏهن به نه وئي.
جڏهن به مان هُن کان پُڇا ڪندو هوس ته:
تنهنجي پَرسَ ۾ هي دستاويزَ ڇو آهن؟
هوءَ جواب ڏيندي هئي ته:
’ڇو ته منهنجي انڊلٺ سان ملاقات رِٿيل آهي!‘
***
اُنهن مون کي اُهو پرسَ ڏنو،
جيڪو پٿرن هيٺيان پيل مليو،
جڏهن مون هُن جو پاسپورٽ،
ٽڪيٽون ۽ ويزائون ڏٺيون،
تڏهن مون کي معلوم ٿيو ته:
مون بلقيس الراويءَ سان نه،
پر هڪ انڊلٺ سان،
جيون جي ڏور ٻَڌي هُئي.
***
جڏهن خوبصورت عورت مرندي آهي،
ڌرتيءَ پنهنجو توازن وڃائي ويهندي آهي.
چنڊ سئو سالن جي سوڳ جو اعلان ڪندو آهي
۽ شاعري بيروزگار ٿي ويندي آهي.
***
بلقيس الراوي
بلقيس الراوي
بلقيس الراوي
مون کي هُن جي نالي جو ترنم وڻندو هو.
مون هُن سان ڪڏهن به پنهنجو نالو نه ڳنڍيو،
صرف اُن خوفَ سبب
ته متان ڍنڍَ جو پاڻي ميرو ٿي وڃي،
۽ هڪ سَر پنهنجي سُونهن وڃائي ويهي!
***
هُوءَ اهڙي عورت هئي،
جنهن گهڻو جيئڻ نه ٿي چاهيو،
هُوءَ ميڻ بتين ۽ لالٽينن سان جَڙيل هئي،
۽ شاعريءَ جي پَل جيان،
هُوءَ آخري سِٽ کان اڳ،
ڌماڪي سان ڌرتيءَ تي پکڙجي وڃڻ واري هُئي!

- اعجاز منگي
ڄامشورو
31 جنوري 2008ع