شخصيتون ۽ خاڪا

اميد جو قتل

هي ڪتاب ”اميد جو قتل “ نامياري ليکڪ، قومپرست سياستدان ۽ سنڌ جي عاشق عبد الواحد آريسر پاران محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ لکيو ويو. هن جو تعلق جيئي سنڌ سان هيو ۽ پ پ پ سان سندس سخت اختلاف هيا. پوءِ به محترمه جي ناحق قتل تي هو قلم کڻي ٿو، ڇو ته هو ظالم خلاف آهي ۽ محترمه جي قتل کي هو رياست جو ظلم ٿو سمجهي.
Title Cover of book اميد جو قتل

ڪڏهن سُرخ ڦُريرو لهرائيندو؟

سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته سڪندر يونانيءَ کان وٺي مغلن جي حلمن تائين هن سرزمين جا جيڪي به بهادر وطن تان گهورجي ويا، سي سنڌي ماڻهن لاءِ آزاديءَ جو پيغام ڇڏي ويا. سنڌ جي معلوم تاريخ ۾ اسان کي پهريون شهيد مهاراجا سهيرس ملي ٿو، جيڪو ايراني شهنشاهه هٿان موجوده بلوچستان جي سرحد تي نڙيءَ ۾ تير لڳڻ سبب شهيد ٿي ويو هو، پر سنڌي ماڻهن سندس پُٽ [راءِ سهاسي] جي قيادت ۾ وڏي زوردار جنگ ڪري، سنڌ تي ايران کي قبضو نه ڪرڻ ڏنو.
مهاراجا ڏاهر جي شهادت کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن سندس پُٽ ’ڏهر سين‘ جي قيادت ۾ سنڌ جي آزاديءَ جي جنگ جاري رکي.- ۽ دودي سومري جي شهادت کان پوءِ ساري سنڌ ’ماتمي لباس‘ پهرڻ شروع ڪيو، جيڪو اڄ به سنڌ جي قبيلن ۾ جاري آهي. دريا خان ۽ مخدوم بلاول جي شهادت کان پوءِ سنڌين اُنهن جي خون مان ڳاڙها جهنڊا ٺاهي، ٻن سؤ سالن تائين جنگ ڪئي ۽ سنڌ جي هر ڳوٺ کي آزاديءَ جي جنگ جو مورچو بنائي ڇڏيو- ۽ نيٺ سنڌين کي اٻوجهه ۽ اڻڄاڻ سمجهندڙ تاريخدانن جي نظر ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي سامراج مغل امپائر کي مٽيءَ ۾ ملندي ڏٺو ۽ سنڌ آزاد ٿي وئي. اڄ ڪا مُغلياڻي لکنؤ جي بالا خاني تي ته نظر ايندي، پر اُنهن مان ڪا به سموري ننڍي کنڊ ۾ ’نورجهان‘ نه آهي.
اسان کي ڏسڻو هيءُ آهي ته موجوده سنڌ ۾ ڪيترائي نوجوان قابض قوتن خلاف وڙهندي شهيد ڪيا ويا آهن. هتي نذير عباسيءَ کي شهيد ڪيو ويو ته ڪميونسٽ پارٽيءَ نعرو هنيو ته: ’هو ڪميونسٽ انقلاب جو شهيد آهي.‘- ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي نوجوان، جيڪي سنڌ جي سياسي سفر ۾ منزل ماڻڻ کان اڳ مارجي ويا، پر سواءِ شهيد سميع الله ڪلهوڙي جي، ڪنهن به نه چيو ته ’هو آزاديءَ جي راهه جو منگل پانڊي آهي.‘
- هاڻي اچون ٿا ڀُٽن جي شهادتن ڏانهن: ’ذوالفقار علي ڀُٽي کي اُن وقت جي جابرن ڦاسيءَ تي لٽڪايو ته پنجاب مان نعرو اُڀريو ته هو ايشيا جو شهيد ۽ آمريت جو دشمن آهي، پر ڪنهن به کيس ’سنڌ جو شهيد‘ سڏي، دريا خان وانگر هن کي سنڌ جي آزاديءَ جو هيرو ڪوٺي، آزاديءَ جي واٽ نه ورتي. اُن کان پوءِ هن جي ارڏي ۽ جذباتي پٽ شاهنواز کي فرانس ۾ پُراسرار هٿن ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيو، پر فرانس جي عدالت سندس زال ريحانه کي رڳو ايترو مجرم قرار ڏنو ته هُن هڪ مرندڙ نوجوان جي طبي مدد نه ڪئي. ظاهر ڳالهه آهي ته ريحانه ڪا سنديافته ڊاڪٽرياڻي ته نه هئي، جنهن کي خبر هجي ته سندس مڙس جو موت هڪ بهادر گوريلي وٽ موجود زهريلي ڪيپسول ذريعي ٿي رهيو آهي يا کڙڪيءَ مان اڇلايل ڪنهن موتمار شيءِ جي ذريعي ٿي رهيو آهي- پر اُن بهادر نوجوان جو مڙهه، جڏهن نئين ديري جي قبرستان ڏانهن آندو پئي ويو، اُن وقت ڪنهن به ’پيپلي‘ اهو نعرو نه هنيو ته: ’شاهنواز! تون سنڌ جو ٻيو ننگر هئين، اسين تنهنجو بدلو سنڌ جي آزاديءَ جي صورت ۾ وٺنداسين.‘- ائين شهيد مرتضيٰ ڀُٽي جي وقت به ٿيو هو،- ۽ اڄ ساڳي صورتحال محترمه بينظير جي خون سان ٿي رهي آهي. سنڌ سموري سوڳوار آهي، هر اک آلي ۽ هر دل ٽٽل آهي، ۽ سنڌي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن راولپنڊيءَ جي آفيسر شاهي، اسان جي ليڊرن کي ائين ماريندي رهي ته پوءِ سنڌ ۾ بهادر ۽ ملوڪ ماڻهن جو ڏڪار پئجي ويندو. پر بينظير جو وَرُ سنڌي ماڻهن جي ڪاوڙ کي ’آزاديءَ واري سفر‘ کان موڙڻ لاءِ ڪڏهن هن کي ’شهيد جمهوريت‘ سڏي ٿو ۽ ڪڏهن پنجابي سامراجين کي ’هُن جو محافظ‘ ۽ وري ڏاڍي جُرئت سان سنڌي ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهندي چوي ٿو ته: ’اسان بينظير جو انتقام اسلام آبادي ڪُرسيءَ تي ويهي وٺنداسين.‘ ڇا ڀڳت سنگهه جي ساٿي چندر شيکر ڪڏهن ائين چيو هو ته: ’اسان ڀڳت سنگهه جو انتقام چرچل جي ڪُرسيءَ تي ويهي وٺنداسين!‘ پر هن چيو هو ته: ’اسان ڀڳت سنگهه جو انتقام هندستان جي سرزمين مان انگريز جا پير اکيڙي وٺنداسين.‘
هتي آءٌ سنڌ جي نوجوانن جي ڄاڻ لاءِ هڪ تاريخي واقعو لکي رهيو آهيان ته جڏهن انگريزي فوج بمبئيءَ ۾ داخل ٿي هئي، تڏهن سمنڊ جي ذريعي جتي هنن جا ٻيڙا رُڪيا هئا، اُتي پوءِ جڏهن هندستان آزاد ٿيو ته اُن وقت هندوستان جي عظيم وزيراعظم جواهر لال نهروءَ، مائونٽ بيٽن کي چيو هو ته: ”انگريزي فوج کي واپس اُنهيءَ رستي کان وڃڻو پوندو، جنهن مان هوءَ داخل ٿي هئي.“
جڏهن آءٌ 1989 ۾ انڊيا ويو هئس، ته اُتي گائيڊ سمنڊ جي ڪناري تي هڪ وڏو دروازو ڏيکاريو هو، جنهن تي لکيل هو ”انڊيا جو دروازو“ (Gateway of India) جيڪو بمبئيءَ جي بندرگاهه تي ٺهيل هو، ۽ هُن مون کي ٻڌايو ته انهيءَ جڳهه کان انگريزي فوج داخل ٿي ۽ انهيءَ ئي رستي کان واپس وئي هئي.
اڄ پيپلزپارٽيءَ جي شريڪ چيئرمئن کي به نهروءَ جي رستي تي هلندي، پنجابي فوج کي چوڻ گهرجي ته: ”توهان ڏهرڪيءَ جي رستي کان آيا آهيو، اُتان ئي واپس وڃو.“ پر هي ڪٿي ٿو ائين چئي سگهي، جنهن کي زال جي چيئرمئن شپ ورثي ۾ ملي آهي- ۽ نهرو چوڏهن سال انگريزن جو جيل ڪاٽي وزارت عظميٰ تائين پهتو هو.
بهرحال تاريخ جي هيءَ ستم ظريفي آهي ته نهرو ڀُٽي جو آئيڊيل ليڊر هو، پر اُن جي ناٺيءَ جو نالو ڪو به ماڻهو ڪو نه ٿو ڄاڻي، خاص ڪري سنڌ جو نوجوان. پر ڀُٽي جو ناٺي اڄ سندس پارٽيءَ جو شريڪ چيئرمئن آهي، اُن کان اها توقع رکڻ ته بينظير جي رَتَ کي هو ڪو سنڌ جي سهاڳڻين جي ’سينڌ جو سنڌور‘ بنائيندو يا ڇاڇري جي ڀِٽ تي روهيڙي جي گلَ جهڙو آزاديءَ جو جهنڊو ڦڙڪائيندو، اجائي آهي- اهو ڪم ’شهيد مرتضيٰ جو پُٽ‘ ڪري سگهي ٿو، يا سنڌ جي ٻيلن ۽ پهاڙن ۾ بُکون ڪاٽيندڙ اُهي نوجوانَ، جن جي نالن کان ئي نئين سنڌ واقف نه آهي.
بهرحال ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته بينظير جي رت کي ڇاڇري جي روهيڙي جو گل بنائجي، سهاڳڻين جي سينڌ ۾ پيل سينڌور بنائجي يا اياز جي لفظن ۾ ’مٺيءَ تي ڦُٽندڙ باک‘ جا ڪِرڻا بنائجن؛ ليڪن هُن جي وجود کي صرف اسلام آباد جي ڪُرسي حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ اهڙي ناانصافي آهي، جهڙي ناانصافي، يروشلم جي اُن جج ڪئي هئي، جنهن يسوع مسيح کي ڦاسيءَ تي لٽڪائڻ جو حڪم ڏنو هو. اها ڳالهه سنڌ جي سڀني پُٽن ۽ ڌيئرن کي سوچڻ گهرجي ته ماڻهوءَ جو بوتو مٽيءَ جو پنوڙو آهي، اُهو ڪنهن وقت به ڳري ۽ ڀُري سگهي ٿو، پر جڏهن به هو ڪنهن ظالم جي مٿي ۾ سوراخ ڪري ٿو ته ڪائنات جو ’وِهائو تارو‘ بنجي وڃي ٿو.
*