شخصيتون ۽ خاڪا

اميد جو قتل

هي ڪتاب ”اميد جو قتل “ نامياري ليکڪ، قومپرست سياستدان ۽ سنڌ جي عاشق عبد الواحد آريسر پاران محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ لکيو ويو. هن جو تعلق جيئي سنڌ سان هيو ۽ پ پ پ سان سندس سخت اختلاف هيا. پوءِ به محترمه جي ناحق قتل تي هو قلم کڻي ٿو، ڇو ته هو ظالم خلاف آهي ۽ محترمه جي قتل کي هو رياست جو ظلم ٿو سمجهي.
Title Cover of book اميد جو قتل

۽ هوءَ جڏهن سَنِ آئي!

هيءَ 1995ع جي ڳالهه آهي ته سنڌ جي وجود کي بچائڻ لاءِ ’فڪري ۽ سياسي ديوارِ چين‘ اڏيندڙ شخصُ، سائين جي. ايم. سيد، ڪراچيءَ ۾ جناح اسپتالَ ۾ بيهوشيءَ جي حالت ۾ پيو هو. اُن وقت جيڪي ماڻهو سندس طبيعت پڇڻ آيا هئا، تن ۾ پاڪستان جو سابق وزيراعظم نواز شريف، پير صاحب پاڳاري جو پُٽ علي گوهر شاهه ۽ عمرڪوٽ جو راڻو چندر سنگهه اهم هئا. اُن وقت راڻي چندر سنگهه تاريخ ۾ سُنهري حرفن ۾ لکجڻ جهڙا لفظ ڳالهايا هئا، جڏهن چيو هئائين ته: ’سنڌ جو رُوح ۽ ضميرُ سَڪرات ۾ هجي، اُن وقت گهر ۾ ويهڻ يا خوف واري خاموشي اختيار ڪرڻ، سنڌ سان غداريءَ جي برابر آهي.‘ پر اُن وقت محترمه بينظير ڀٽو، پاڪستان جي وزيراعظم جي حيثيت ۾، جناح اسپتال نه آئي هئي، بلڪ ڪجهه ڏينهن پوءِ اهو پڻ چيو هئائين ته: ’سنڌو ديش جو نعرو دفن ٿي ويو.‘
سائينءَ جي وڇوڙي کان پوءِ سندس ’ڏنگن ٻارن‘ پاڻ ۾ گڏجي ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ جوڙيو ۽ اُنهيءَ سلسلي ۾ مون ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ گڏجي سنڌ جو دورو به ڪيو هو. ياد رکڻ گهرجي ته هي اُهو دور هو، جڏهن ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ جي ڪارڪنن جا پيٽَ خالي هئا، پر سندن دماغ سيد جي فڪر ۽ سنڌ جي عشق سان ڪَنا تار ڀريل هئا ۽ هو ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان ڪيٻائڻ جو سوچي نه ٿي سگهيا؛ ڇو ته آزادي ۽ انقلاب لاءِ قرباني ڏيڻ کان اُهي ڪيٻائيندا آهن، جن جا پيٽَ ڀريل ۽ دماغ خالي هوندا آهن.
دوري دوران سکر جي شاليمار هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪنهن صحافيءَ مون کان سوال ڪيو هو ته: ’توهان سنڌ جي معدني وسيلن جي مالڪيءَ جي دعويٰ ٿا ڪريو، جيڪڏهن نواز شريف، [جيڪو ان وقت محترمه جو مخالف هو ۽ سندس خلاف ’تحريڪِ نجات‘ جون تياريون ڪري رهيو هو] توهان کي يقين ڏياري ته آءٌ اقتدار ۾ اچي سنڌ جا معدني وسيلا به سنڌين جي حوالي ڪندس، ته پوءِ ڇا توهان ’تحريڪ نجات‘ ۾ نواز شريف جو ساٿ ڏيندؤ؟‘ ته مون چيو هو: ”ها! اهو سنڌ جي آزاديءَ ڏانهن اسان جو پهريون قدم هوندو، جيتوڻيڪ آزادي قسطن جي محتاج نه هوندي آهي، پر ننڍي کنڊ جي تاريخ مون کي ٻڌائي ٿي ته قرض نه ڏيندڙ جيڪڏهن قسطن ۾ ادا ڪرڻ لاءِ آماده ٿئي ته اهو به قبول ڪرڻ گهرجي.“ ٻئي ڏينهن پاڪستان جي نام نهاد قومي اخبارن سموري پريس ڪانفرنس هڙپ ڪري، مين هيڊنگ ۾ اهو هلايو ته ’آريسر ۽ نياز ڪالاڻيءَ، نواز شريف جي ’تحريڪ نجات‘ جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.‘ حالانڪه اسان جي پريس ڪانفرنس ڪنهن ٻئي موضوع تي هئي، پر اخبارون ته بهرحال اخبارون ئي آهن!
محترمه بينظير ڀٽو کي سندس والد وانگر اِهو اِدراڪ هو ته هن پيٽ بکايل، آلين اکين ۽ اڻڀن وارن وارن نوجوانن وٽ ڪيڏو ’اسٽريٽ پاور‘ آهي. انهيءَ ڪري هن ٻئي ڏينهن اعلان ڪيو ته ’آءٌ فلاڻي تاريخ تي سَن وڃي سيد صاحب جي عُذر خواهي ڪنديس.‘ اِهو اُن ڪري، جو کيس خبر هئي ته ڪنهن سنڌيءَ کي ڪنهن جي خلاف ڪيڏي به ڪاوڙ ڇو نه هجي، پر جيڪڏهن ڪائي نياڻي سندس دروازي/تڏي تي غم ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ويندي آهي ته اُهي ڪاوڙ وساري ڇڏيندا آهن.
جيتوڻيڪ سنڌ اُن وقت سيد جي وڇوڙي تي سوڳوار هئي، اسان جا من مُرجهايل هئا ۽ دلين تي بينظير جي رويي جي ڪري داغ هئا، جو هِن وزيراعظم هوندي به پنهنجي ڏاڏي جي دوست ۽ والد جي سرپرست کي علاج جي لاءِ ٻاهر نه موڪليو هو؛ پر پوءِ به اسان فيصلو ڪيو ته گهر آيل نياڻيءَ جو آڌر ڀاءُ ڪبو، ۽ هن به شايد اُن وقت اِهو وساري ڇڏيو هو، ته ڪجهه ڏينهن اڳ، مون جنهن ماڻهوءَ جي ’نعري جي دفن ٿيڻ‘ جي ڳالهه ڪئي هئي، اڄ اُن جي آسڻ تي وڃي رهي آهيان.
بهرحال، هُوءَ آئي ۽ پنهنجي امڙ سان گڏجي آئي [اها بينظير جي امڙ، جيڪا سائين جي. ايم. سيد سان فارسيءَ ۾ ڳالهائڻ پنهنجي لاءِ فخر سمجهندي هئي. نُصرت ڀٽو جي اسان کي خبر نه آهي ته هوءَ هن وقت ڪِٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهي؟ هن وقت بينظير نه رهي آهي، اُن ڪري هن موقعي تي آءٌ غنويٰ ڀٽو کي چوندس ته: ’هُن ڏکويل عورت کي سار سنڀال جي ضرورت آهي. توهان هن کي پاڻ وٽ گهرايو، گهٽ ۾ گهٽ هوءَ صدمن جي ماريل، حافظ جي غزل جهڙي عورت، فاطمه ۽ ذوالفقار جي وارن ۾ آڱريون ڦيري ڪجهه ته آٿت محسوس ڪري.]
هنن [بينظير ۽ نصرت] سان گڏ اُن وقت جو سنڌ جو وزيراعليٰ عبدالله شاهه به هو، پر هن ساڻن گڏجي اچي جي. ايم. سيد لاءِ دُعا گهرڻ ۾ شرڪت نه ڪئي. آءٌ نه ٿو چوان ته عبدالله شاهه ڪو جُنيد بغدادي هو، جنهن جي دُعا سان سائين جي. ايم. سيد جي بخشش ٿي وڃي ها. سيد جهڙا ماڻهو بخششن، رحمتن ۽ دُعائن کان تمام مٿانهان هوندا آهن. رحمتن جا ملائڪ پنهنجا پَرَ هنن جي پيرن هيٺيان پکيڙي ڇڏيندا آهن ۽ خالقِ ڪائنات جي درٻار جا دروازا اهڙن ماڻهن لاءِ هميشه کُليل ۽ مُنور رهندا آهن. پر لطيف جي هن ڌرتيءَ جون ڪي روايتون آهن ۽ اُنهن روايتن کي پُٺي ڏيندڙ، ’ڪوڙهيا‘ ٿي مرندا آهن.
بهرحال، محترمه پنهنجيءَ امڙ سان گڏجي، سائينءَ جي تڏي تي پهتي. هتي هڪڙي ڳالهه جي آءٌ وضاحت ڪندو هلان ته ڀُٽي خاندان سان، سائين جي. ايم. سيد جا تمام پراڻا لاڳاپا هئا ۽ سائينءَ اُنهن لاڳاپن کي ڪڏهن به نظرانداز نه ڪيو. هڪ وقت هو، جڏهن جماعت اسلاميءَ وارن پروپيگنڊه ڪئي هئي ته: ’ڀُٽو نان مسلم آهي ۽ اُن جي مامي جو نالو ڪانسي رام آهي،‘ ته اُن وقت سائين جي. ايم سيد مون کي ۽ تاج جويي کي چيو هو ته: ’منهنجي لائبريريءَ جي فلاڻي فائيل ۾ ڀُٽي صاحب جي ختني (طوهر/سنت) جي دعوت نامي جو سَر شاهنواز جو موڪليل ڪارڊ رکيو آهي، اُهو اخبارن کي جاري ڪري ڇڏيو‘. افسوس جو اسين اِئين نه ڪري سگهياسين!
بهرحال محترمه سياسي مصلحت تحت ئي سائينءَ جي عذرخواهيءَ تي آئي ۽ انتهائي سادي ۽ سنڌي طريقي سان هن دُعا به گُهري ۽ مختصر ڳالهايائين- نه ته اُها عورت، جيڪا عالمي فورمن تي نهروءَ جي اسٽائيل ۾ انگريزي ڳالهائيندي هئي. [جيتوڻيڪ کيس خبر هئي ته انهيءَ انداز جي انگريزي ڳالهائڻ سان آءٌ نهرو نه ٿي سگهنديس، ڇو ته دُنيا جي ملڪن جي ليڊرن لاءِ وزيراعظم جي ڪُرسي اعزاز هوندي آهي، پر نهروءَ جو وجود هندستان جي وزارت اعظميٰ لاءِ اعزاز هو. اسان جا هي ليڊر، جيڪي فوجي جنرل جي ڏنڊي کان لهرائيندا آهن، اُنهن لاءِ اها ڳالهه سبق جهڙي آهي ته جڏهن 15 آگسٽ جي صبح جو هندستاني فوج، هندستان جي صدر ۽ وزيرِاعظم کي سلامي ڏيندي هئي ته نهرو پنهنجو چهرو فوج جي طرف کان هٽائي ڇڏيندو هو، ته جيئن کين خبر پوي ته آزادي مُون ورتي آهي، توهان ناهي ورتي.]
پر اهڙي قسم جي عورت سَن ۾ خاموش هئي، صرف ايترو پُڇيائين: ’يه باهر جو جهنڊا نطر آ رَها هي، يه پارٽي ڪا هي يا آزاد سنڌوديش ڪا؟‘ اُتي ويٺل ڪنهن ماڻهوءَ چيو ته: ’پارٽين جا جهنڊا اڳتي هلي آزاد مُلڪن جا جهنڊا بڻجي ويندا آهن‘. پوءِ اِهو پُڇيائين ته: ’شاهه صاحب جي لائبريريءَ جو ڇا ڪندئو؟‘ اُن تي مون کيس جواب ڏنو ته: ’اسان جي خواهش آهي ته اِها لائبريري، سنڌالاجيءَ جي حوالي ڪريون:‘ اُن تي چوڻ لڳي ته: ’اهو سُٺو قدم آهي، مُون به بابا جي لائبريري سنڌالاجيءَ کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي‘.
بهرحال اُتي ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿيون، جيڪي اڳتي هلي لکبيون. پر هن شايد اُن وقت اِهو محسوس نه ڪيو هجي ته جنهن ماڻهوءَ جي تڏي تي آءٌ ويٺي آهيان، اُن جي فڪر جا پڙاڏا ڪڏهن منهنجيءَ قبر تي به گونجندا- ڇو ته اقتدار سگهارو نه هوندو آهي، فڪر سگهارو هوندو آهي.
’غارن جي تَهن ۾ دٻيل سچي شعور جو هڪڙو ڪِرڻو، طاقتور فوجن کي شڪست ڏيئي سگهي ٿو.‘ اهو فيڊرل ڪاسترون چيو آهي ته: ڪاش! محترمه ڪاسترو کي پڙهيو هجي ها!
-پوءِ هوءَ هلي وئي ۽ اسان آس پاس ۾ رهياسين ته هوءَ وري موٽي ايندي، اُن تي اياز ياد اچي رهيو آهي:
پکي پروڪا اڃا نه آيا، اُڪيرَ تن جي هُري رَهي آ،
اُداس سَر تي هوا اُٺي جي، چئي پئي ڪا اُڏار ايندي!
هن جي سنڌ جي آزاديءَ ڏانهن موٽڻ جي اُڪير هئي، صرف سيد جي مزار تي قُل پڙهڻ واري اُڪير نه هئي، جيڪا اُن وقت پوري ٿي، جڏهن هوءَ لحد ۾ لٿي پئي ۽ چؤطرف نعرا للڪارون بڻجي پيا هئا:
نه کپي، نه کپي، پاڪستان نه کپي!
٠٠٠
سَن ۾ سائين جي. ايم. سيد جي فاتحه پڙهڻ کان پوءِ [بينظير سان] هلڪي ڦلڪي غير سياسي گفتگو شروع ٿي هئي. سائين امير حيدر شاهه ويٺلن جو تعارف ڪرايو. سڀ کان پهريائين منهنجي نالي کيس ٻڌايائين ته: ’هي عبدالواحد آريسر آهي، سائين جي. ايم. سيد جو سياسي جانشين- آءٌ ته صرف سائينءَ جي مزار جو مجاور آهيان.‘ اُن تي محترمه چيو ته: ’آريسر صاحب! توهان جو نالو ته ڏاڍو ٻڌو اٿم، پر ڪڏهن ملاقات ڪا نه ٿي آهي.‘ مون کيس ٻڌايو: ’توهان سان ته نه، پر توهان جي نامور والد سان ملاقاتون ٿيون آهن.‘ محترمه کي شايد خبر هئي ته ذوالفقار علي ڀُٽي جي دور ۾ آءٌ ڪافي وقت جيل ۾ رهيو آهيان. اُنهيءَ احساس تحت هوءَ چوڻ لڳي ته: ’آريسر صاحب! ڪلهه جا سياسي دشمن اڄ جا دوست ٿي سگهن ٿا، ۽ اڄوڪا سياسي دوست سڀاڻي دشمن ٿي سگهن ٿا.‘ اُن تي مون کيس احترام سان چيو هو ته: ’آءٌ جنهن شخص جو پوئلڳ آهيان، اُن وٽ سياست ۾ اختلاف ۽ اتحاد ته ٿي سگهندا هئا، پر وٽس سياسي دشمنيءَ جو تصور نه هو، ڇو ته دشمني قبائلي سِسٽم ۾ ئي ٿي سگهي ٿي.‘ منهنجيءَ ان ڳالهه تي بينظير مُرڪي انگريزيءَ ۾ چيو: `Mr. Arisar you are correct!` اسان کي سياست ۾ اهڙي ئي روايت کي هٿي وٺرائڻ گهرجي.!‘ ان بعد هن چيو: ’بهرحال پاڻ وري ملنداسين.‘
اُن کان پوءِ سائين امير حيدر شاهه ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ جو تعارف ڪرايو ته ’هي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي آهي ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جو ويٺل آهي.‘ اُن تي محترمه مُرڪي چيو ته: ’ڊاڪٽر صاحب! توهان لاڙڪاڻي جا ٿي ڪري ’جيئي سنڌ‘ ۾ آهيو!‘، ڊاڪٽر صاحب چيو ته: ’اسان وٽ سياست سنڌ سان لاڳاپيل آهي، ڪنهن ضلعي ۽ علائقي سان نه!‘ اُن کان پوءِ سائينءَ پنهنجي ڀائٽيي سائين ضياءَ شاهه جو تعارف ڪرايو ته: ’هي منهنجو ڀائٽيو آهي ۽ ضياءَ الحق نالو اٿس.‘ اُن تي ڇِرڪي چيائين ته: ’هن جي عمر گهڻي ٿيندي؟‘ سائين ضياءُ شاهه پنهنجي عمر جو سَن ٻڌايو ته مُرڪي چوڻ لڳي: ’ماڻهن مون کي ڏاڍي غلط فهميءَ ۾ وڌو هو ته سائين جي. ايم. سيد پنهنجي پوٽي جو نالو ضياءُ الحق رکيو آهي. اِهو نالو ته اُن وقت رکيو ويو هوندو، جڏهن ضياءُ الحق آرميءَ ۾ برگيڊيئر به ڪو نه هو. ماڻهو ڪهڙا ڪهڙا نه داستان ٺاهين ٿا!‘
اُن کان پوءِ سائينءَ امير حيدر شاهه کان پڇڻ لڳي ته: ’توهان جو اولاد ڪيترو آهي؟‘ سائينءَ کيس ٻڌايو ته: ’مون کي اٺ ٻار آهن.‘ اُن تي چوڻ لڳي: ’توهان شاديون گهڻيون ڪيون آهن؟‘ سائين امير چيو ته: ’هڪ!‘ اُن تي چوڻ لڳي ته: ’ٻي شادي نه ڪيوَ؟‘ سائين امير چيو ته: آئون عزت وارو ماڻهو آهيان، هڪ گهر واريءَ هوندي، ٻي شادي ڇو ڪريان. اسان جو خاندان هڪ گهر واريءَ هوندي، ٻي شادي نه ڪندو آهي.‘ اُن تي خوش ٿي چيائين: ’ڏاڍي شاندار روايت آهي، توهان جي خاندان جي.‘
ايتري تعارف کان پوءِ سائين امير حيدر شاهه چيو ته: ’اسين محب وطن سنڌي آهيون، اسان کي فخر آهي ته اسان جو والد امام جعفر عليه السلام وانگر قيد خاني ۾ شهيد ٿي ويو، پر حاڪمن اڳيان نه جُهڪيو.‘ اُن تي محترمه چوڻ لڳي ته: ’مون ٻڌو آهي ته سندس وفات کان ٻه چار ڏينهن اڳ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو؟‘ سائين امير حيدر شاهه جلال ۾ اچي چيو ته: ’ڇا جي ضمانت؟ ڪنهن درخواست ڏني هئي؟‘ اُن تي محترمه چيو ته: ’شاهه صاحب! آءٌ توهان وٽ مناظرو ڪرڻ نه، پر منهنجي ڏاڏي جي دوست جي عذر خواهيءَ لاءِ آئي آهيان.‘ ۽ اُن کان پوءِ ريفريشمينٽ شروع ٿي.
ائين تعزيتي تقريب ختم ٿي ۽ هن وڃڻ وقت مون کي چيو ته: ’وري ملنداسين!‘ ۽ واقعي هن پنهنجو اِهو خيال مختلف ذريعن سان مون تائين پهچايو، جنهن ۾ پيپلزپارٽيءَ جا ٻه اڳواڻ امر لعل ۽ بيگم اشرف عباسي اهم هئا. پر محترمه جي ذهن ۾ جيڪو منصوبو هو ۽ اُن منصوبي جي عمل ڪرڻ لاءِ هن جيڪو ملڻ جو طريقي ڪار ۽ وقت منتخب ڪيو هو، آءٌ سندس ملڻ جي وقت [رات جو] سان متفق نه هئس. نيٺ هن جي انتهائي اصرار کان پوءِ مون سنڌ جو هڪ روايتي جواب کيس ڏياري موڪليو هو، جيڪو هو ته: ’محترمه! توهان سر شاهنواز جي پوٽي آهيو ۽ منهنجي لاءِ احترام لائق آهيو، پر اسين رات جي اونداهين ۽ اڪيلائيءَ ۾ ڪنهن سان به ناهيون ملندا.‘ نتيجي طور اسان جي ملاقات نه ٿي سگهي، پر پوءِ به هوءَ مون تي مهربان رهي. ڀارت، ’شاهه سچل، سامي سيمينار‘ ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هيس ته ڪراچي ايئرپورٽ تي مون کي روڪيو ويو. اُن وقت سر شاهنواز جي پوٽيءَ جي ذاتي مداخلت تي مون کي انڊيا وڃڻ ڏنو ويو هو- ۽ موٽي اچڻ کان پوءِ جيستائين هوءَ اقتدار ۾ هئي، مون کي گرفتار نه ڪيو ويو. پر جيئن ئي اقتدار مان کيس برطرف ڪيو ويو هو ته پاڪستان جا ڳجها ادارا مون کي کنڀي کڻي ويا ۽ اذيتن ۽ عذابن جي اُنهن مرحلن مان مون کي گذرڻو پيو، جيڪي مرحلا مذهبي ڪتابن ۾ ڏسيل دوزخ جا مرحلا آهن.
*