اُميدَ جو قتل
هن پوءِ به چيو ته: ’آءٌ پنهنجي ماڻهن سان مِلڻ چاهيان ٿي، ۽ سَنجها ويلي لاڙڪاڻي جي سارين جي خوشبوءِ سُنگهڻ چاهيان ٿي‘، پر سندس اها تمنا پوري نه ٿي سگهي، ڇو ته هُن لاءِ تاڙ ۾ ويٺل شڪاريءَ جي گولي تيار ٿي چُڪي هئي ۽ هن گولي هلائيندڙ هٿيار جو ٽريگر ايڏو تپي چُڪو هو، جو قاتل جا هٿ به سڙڻ لڳا هئا. اُن ڪري هو گهڻو وقت اُهو هٿيار پنهنجي هٿ ۾ رکي نه ٿي سگهيو: هُوءَ جيڪا سارين جي خوشبوءِ پنهنجي ذهن ۾ جذب ڪرڻ آئي هئي، سا جلد ئي سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبوءِ ۾ ويڙهجي وئي.
مسئلو هيءُ آهي ته هُن کي گُهرائي ايترو جلد ڇو مٽيءَ ۾ ملايو ويو؟ جيستائين آءٌ سمجهي سگهيو آهيان ته جڏهن هوءَ مُلڪ کان ٻاهر هئي، اُن وقت هُن جي سوچَ ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي وئي هئي، پر پوءِ به هُن جو لهجو حاڪمن لاءِ سمجهوتي وارو (Compromising) هو. اُن تبديليءَ جو احساس مون کي اُن وقت ٿيو، جڏهن هُن ٻاهر رهندي، سنڌ جي آزاديءَ جي ’منگل پانڊي‘ يعني شهيد سميع الله ڪلهوڙي جي شهادت جي مذمت ڪئي- هونئن نه ته اڳي پ پ پ وارن لاءِ ڪنهن قومپرست جو قتلُ، پاڪستان جي سالميت لاءِ ضروري هوندو هو. اُن کان پوءِ هُن ٻاهر رهندي ئي جسقم جي باندي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر سرڪيءَ ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وزيرِاعليٰ اختر مينگل جي لاءِ همدرديءَ وارا بيان ڏنا. اُن جي باوجود هُن کي حڪمرانن جي واعدن تي اعتبار هو، جو هُوءَ چوندي رهي ته: ’جنرل صاحب اسان جي مطالبن تي وردي لاٿي ۽ مون کي اُميد آهي ته هُو چونڊون به شفاف ڪرائيندو‘.
اهڙيون اُميدون ۽ آسرا کڻي، هوءَ ڏکڻ ايشيا جي عمر مختار- نواب خير بخش مريءَ سان مِلي هئي ۽ کيس ڪُجهه صلاحون پڻ ڏنيون هئائين. نواب صاحب اسان جي وفد کي سندس پُٽ بالاچ مريءَ جي [تعزيت ڪرڻ دوران] ٻُڌايو هو ته: ’هيءَ ڪهڙي سنڌياڻي آهي، جيڪا پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن جي قاتلن جي مزاج کي سمجهي نه سگهي آهي. ڪٿي ايئن نه ٿئي، جو اسان کي بچائڻ کان اڳي هوءَ پاڻ نه هلي وڃي؛ ڇو ته پنجاب جي مِزاجَ کي جيترو اسان مظلومن سمجهيو آهي، ايترو اقتدار ۾ شريڪ رَهندڙن نه سمجهيو آهي‘.
پر پوءِ به هوءَ پاڻ ۾ تبديليءَ واري عمل کي تيز ڪندي وئي. بينظير ڀُٽو، بلوچستان جي ’چي گويرا- بالاچ خان مري‘ کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. شهيد نواب اڪبر بُگٽيءَ جو ڪيس به کڻندي رهي ۽ حڪمرانن ڏانهن اُن جو لهجو انتهائي تلخ ٿيندو ويو؛ ڇو ته شايد ٻاهر رهڻ وقت کيس خبر نه هئي ته جنهن ملڪ کي هوءَ ’گُلستان‘ ڇڏي وئي هئي، سو ’کنڊرن‘ ۾ تبديل ٿي چُڪو آهي ۽ عوام کي مهانگائيءَ ۽ بيروزگاريءَ جي راڪاسَ ڳِڙڪائي ڇڏيو آهي. اٽو ۽ کنڊ، جنهن جون قيمتون هوءَ ڇهه رُپيا ڪلو تائين ڇڏي وئي هئي، ۽ پيٽرول جيڪو هن جي دور ۾ 10 رُپيا لِٽر هو، سو اُنهن جا اگهه وڌي 30 کان 60 رُپين تائين پهچي چُڪا هئا، ۽ سنڌ جو نوجوان، بيروزگاريءَ جي لعنت ۾ ايترو ته وَڪوڙجي چُڪو هو، جو خودڪشيءَ تي مجبور هو. اِنهن حالتن، هن کي حڪمرانن ڏانهن پنهنجو لهجو ۽ رَويو وڌيڪ سَخت ڪرڻ تي مجبور ڪيو- ۽ پاڪستان جا حڪمران پنهنجي آقائن جي چوڻ تي جي. ايم. سيد کان وٺي اڪبر بُگٽيءَ ۽ نواب خير بخش مريءَ تائين ڪنهن به سخت لهجي اختيار ڪرڻ واري ليڊر کي پسند ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا، نه آهن ۽ نه وري رهندا. نتيجي طور هُنن سنڌ کي ’بينظير جو گُلابي جسم‘، لاش جي صورت ۾ موڪليو ۽ پوءِ سنڌ به واهه جو پاڻ ملهايو! آءٌ اِيئن چوندس ته هوءَ ويندي ويندي جيئن پاڻَ احتجاجَ جي پيداوار هئي، تيئن سنڌي قوم کي احتجاج جو هڪ نئون رنگ ۽ ڍنگُ سيکاري وئي، ۽ اُن سان گڏوگڏ ’فڪرِ سيد‘ کي نئين تازگي به ڏئي وئي؛ جنهن جا نعرا ’نه کپي نه کپي، پاڪستان نه کپي‘ سندس تدفين وقت ’ڳڙهي خدابخش‘ ۾ ٻُڌڻ ۾ آيا، ۽ بعد ۾ پنجاب جي چوڌرين، پنهنجن زهريلن اِشتهارن ذريعي سنڌي قوم کي الڳ ٿلڳ ڪري بيهاريو؛ جيڪو ئي فڪرِ سيد جو بُنيادي نُڪتو آهي.
بينطير ڀُٽو جي روانگيءَ [شهادت] جو انتقام، اسلام آباد جي ڪُرسي حاصل ڪرڻ ناهي، پر اِهو آهي، جيڪو سائين جي. ايم. سيد، ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڦاسيءَ وقت چيو هو ته:
”ڀُٽي جو انتقام بهتر طريقي سان اِيئن وٺي سگهجي ٿو ته سنڌ جي سرزمين تي غير مُلڪي بالادستيءَ جو ڪو به نالو ۽ نشان نه رهي“.
آءٌ سمجهان ٿو ته؛ ڪنهن آدرش لاءِ قرباني ڏيندڙ ليڊرَ جي اها انتهائي بدنصيبي ٿيندي، جو اُن جي لاشَ کي اقتدارَ جي ڪُرسيءَ تائين پهچڻ جو ذريعو بنايو وڃي. اُن ڪري، سنڌين کي کپي ته جيڪڏهن اُهي بينظير ڀُٽو سان محبت ڪن ٿا ته اُن جي ديسَ جي سارين جي خوشبوءِ کي آزاد ڪرائينِ، اُن ديسَ جي ماڻهن کي ذلتن، بيروزگارين ۽ بدحالين کان آزاد ڪرائينِ.
اسان جي سنڌ جي هيءَ روايت مشهور آهي ته دودي سومري جي شهادت کانپوءِ، سنڌ جي هڪڙي قبيلي [جنهن کي ’ريٻاري‘ سڏيو وڃي ٿو] قسم کنيو هو ته: ”جيستائين اسان دودي جي ڌرتيءَ تان دودي جي دشمنن کي ناس نه ڪنداسين، تيستائين ڪارو ويس پائينداسين“، ۽ اُن قبيلي جا مرد ۽ عورتون اڄ تائين ڪارو ويس ئي استعمال ڪري رهيا آهن- ۽ اهڙو ئي قَسمُ، مهاراجا پرتاب سنگهه جي هٿيار ٺاهيندڙ قبيلي [جنهن کي ’ڪاريا‘ سڏيو وڃي ٿو] کنيو هو ته: ”جيستائين اسان مهاراجا پرتاب سنگهه جي دشمنن، مغلن کي ناس نه ڪنداسين، تيستائين ٿانون ۾ ماني نه کائينداسين! کٽ تي نه سُمهنداسين، ۽ سُٺو گهر ٺاهي نه رهنداسين!“ ۽ هُو اُن وقت تائين اُن تي عمل ڪندا رهيا، جيستائين 1947ع ۾ هندستان آزاد ٿيو، ۽ هر جواهر لعل نهروءَ چتوڙِ اچي، اُن قبيلي جي ماڻهن کي گُهرائي اعلان ڪيو ته:
”هاڻي هندستان تي حڪومت مهاراجا پرتاب سنگهه جي آهي، ڌاريا سڀ ختم ٿي ويا آهن، اُن ڪري سُوءَ ختم ڪريو!“
سنڌين کي به دودي جي ’ريٻارين‘ ۽ پرتاب سنگهه جي ’ڪارين‘ وانگر اِهو وَچن ڪرڻ گُهرجي ته اسان به تيستائين سُک سان نه سُمهنداسين، جيستائين سنڌ تي ڪنهن به غلاميءَ ۽ بالادستيءَ جو نشان باقي رهندو!
ڇا به چوين مان مرڻو ناهيان،
ويس مٽائي ورڻو آهيان،
تُون به چنيسر جو ڪُجهه چاهين،
مون کان اڳ ۾ ورڻو آهين-
نانوَ نئين سان، ويسَ بدل سان،
تنهنجي منهنجي جنگ اَزل کان،
جاري آهي، جاري رهندي،
جنگ اسان جي جاري رهندي!
*