شخصيتون ۽ خاڪا

اميد جو قتل

هي ڪتاب ”اميد جو قتل “ نامياري ليکڪ، قومپرست سياستدان ۽ سنڌ جي عاشق عبد الواحد آريسر پاران محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ لکيو ويو. هن جو تعلق جيئي سنڌ سان هيو ۽ پ پ پ سان سندس سخت اختلاف هيا. پوءِ به محترمه جي ناحق قتل تي هو قلم کڻي ٿو، ڇو ته هو ظالم خلاف آهي ۽ محترمه جي قتل کي هو رياست جو ظلم ٿو سمجهي.
Title Cover of book اميد جو قتل

هُوءَ ڪٿي آهي؟

18 آڪٽوبر تي سِج اُڀرڻ سان سنڌ جا سمورا رستا ڪراچيءَ طرف رَوان دَوان هُئا ۽ گهر ويٺل مردن ۽ عورتن جون نظرون، ٽي وي اسڪرينن تي کُتل هُيون، ۽ گهٽ ۾ گهٽ سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا دبئي کان روانو ٿيندڙ بينظير ڀُٽو جي انداز، آواز، لباس، رنگ ۽ رُوپ جي لمحي لمحي تبديل ٿيندڙ جهلڪيون پنهنجي ڏسندڙن تائين پهچائي رهي هُئي. جنهن ۾ هُن جي لباس کان وٺي ميڪ اپ تائين، هر شيءِ کي ڪَور پئي ڪيو ويو. سندس ٻِن ڌيئرن کي پڻ بار بار فوڪس پئي ڪيو ويو. سندس گاڏيءَ جي رنگ ۽ ڊرائيونگ ڪندڙ سندس مُڙس کي به ماڻهن جي سامهون آندو پئي ويو. دبئي کان وٺي ڪشمور تائين ماڻهن جا چهرا مهڪي ۽ ٻَهڪي رهيا هئا. مورڙي جي ماڳ جو اُڀ جيالن جي نعرن سان گُونجي ۽ گڙجي رهيو هو، جنهن ۾ هڪ نعرو انتهائي نمايان هو ته ”وزيرِاعظم بينظير“. اُن مان توهان استقبال ڪندڙن جي اُميدن جو اندازو لڳائي سگهو ٿا ته اُهي سڀ نوڪرين ۽ آسائشن جي لالچن ۾ گڏ ٿيا هئا. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو اُهو ڪهڙو ليڊر هو، جنهن کي ٽي وي اسڪرين تي نه آندو ويو هجي، ويندي ڪراچيءَ جي ايئرپورٽ تي لهڻ وقت پڻ لمحي لمحي جي تصوير پئي ڏيکاري وئي، پر اُن سموري منظر ۾ هڪ هستي بلڪل غائب هُئي، ۽ جنهن جو ذڪر نه اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪيو ۽ نه پرنٽ ميڊيا، ۽ اها هستي هُئي بيگم نصرت ڀٽو، جيڪا حافظ جي غزل جهڙي خوبصورت، جنهن پنهنجي سون جهڙي جواني، ذوالفقار علي ڀُٽي جي پيار ۾ چاندي ڪري ڇڏي، جيڪا اُن البيلي انسان جي چئن گُلن جهڙن ٻارن جي ماءُ بڻي ۽ سفر توڙي جيل ۾ سندس ساٿ نه ڇڏيو، جنهن جي خوبصورت مُڙس کي فوجي جنريلن ڦاسيءَ جي تختي تي لٽڪائي ڇڏيو. هتي آءٌ هڪڙي وضاحت ڪندو هلان ته ڪُجهه وقت کان اهو بحث اهڙا ڪالم نگار ڇيڙيندا پيا اچن ته ڀُٽي صاحب کي ڪيترن ئي مُلڪن جلاوطن ٿي اچڻ جون آڇون ڪيون، جيڪي ضياءَ الحق قبول ڪيون، پر هُن نواز شريف وانگر جلاوطن ٿيڻ قبول نه ڪيو، ۽ اهو بحث اُهي ڪالمنگار ڪري رهيا آهي، جيڪي ڀُٽي صاحب جي ڦاسيءَ وقت نيڪر پائي اسڪول ويندا هُئا.
حقيقت هي آهي ته ڪنهن به مُلڪ ڀُٽي صاحب کي پاڻ وٽ رَهائڻ جي آڇ نه ڪئي هُئي، ۽ نه ئي اهڙي ڪا شيءِ رڪارڊ تي موجود آهي. ڀُٽي صاحب جيل ۾ ڦاسيءَ کان اڳ ٽي شيون لکيون هيون. (1) اپيل ڪورٽ ۾ عدالتي بيان، جيڪو قانون کان وڌيڪ شاندار خود سپاهيءَ وارو سياسي ليڪچر آهي. (2) جواهر لال نهروءَ وانگر، پنهنجي ڌيءَ بينطير ڏانهن خط، ۽ ٽيون، ڪتاب ’ڊيٿ سيل ڊائري‘، جيڪو انڊيا ۾ ڇپيو، پر پاڪستان ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي وارن اُهو ظاهر ئي نه ڪيو، ڇو ته اُن ۾ ڀُٽي صاحب پنهنجي سياسي مخالفن سائين جي. ايم سيد کان وٺي مولانا مودوديءَ تائين لاءِ بنا رَک رکاءَ جي پنهنجا رايا ڏنا آهن، پر اُنهن ٽنهيءَ ڪتابن ۾ ڪٿي به اهو ذڪر ناهي ته فلاڻي مُلڪ مون کي جلاوطن ٿي اچي، پاڻ وٽ اچڻ جي آڇ ڪئي، پر مُون اُها رَد ڪري ڇڏي، اُن ڪري اِهو چوڻ صحيح ناهي ته هُن جلاوطن ٿيڻ کان انڪار ڪيو. بهرحال ڀُٽي صاحب جي اسيريءَ دوران اُها واحد عورت، جيڪا حافظ جي غزل جهڙي خوبصورت هُئي، تنهن احتجاج ڪرايا، ۽ پنجاب جي گاديءَ واري شهر قذافي اسٽيڊيم ۾ پنهنجو مٿو ڦاڙايو، جيڪو مٿو ماءُ جي هنجَ کان وٺي، ذُلفيءَ سان زندگي گذارڻ واري عرصي ۾ ملائم ۽ خوبصورت ڇاتين ۽ وِهاڻن تي آرام ڪندي گذريو ۽ پوءِ هُن جي آئيڊيل مُڙس کي ڦاسي ڏني وئي. هوءَ اُن وقت سهالا ريسٽ هائوس ۾ پنهنجي مُڙس جي زندگيءَ وڌائڻ لاءِ ايراني تسبيح پڙهندي رهي ۽ پوءِ جڏهن سندس محبوب مُڙس اَبدي آرام گاهه ڏانهن هليو ويو ته ڪُجهه وقت کان پوءِ هُن کي المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، اُتي جڏهن سائين جي. ايم سيد، پوليس جو گهيرو ٽوڙي، ساڻس تعزيت ڪرڻ ويو، تڏهن هُن روئندي چيو ته: ”شاهه صاحب! هن هائوس ۾ رهندڙ هر ماڻهوءَ تي مون کي اهو شڪ آهي ته ڪٿي اُهو فوجي جنتا جو ايجنٽ نه هجي، اُن ڪري پاڻ فارسيءَ ۾ ڳالهائينداسي، ڇو ته هتي انگريزي، اردو، سنڌي ۽ پشتو ڳالهائيندڙ ته هوندا، پر فردوسيءَ جي ٻولي ڳالهائيندڙ نه هوندا،“ اُتي جيڪا ڳالهه مُهاڙ ٿي، سا نِجي ڪچهرين ۾ سائينءَ سڀني ڪارڪنن کي ٻُڌائي چُڪو آهي.
ڀُٽي صاحب جي ڦاسيءَ جو زخم اڃا تازو ئي هو ته، هُن جو شهزادو پُٽ شاهنواز فرانس ۾ اَبدي ننڊ سُمهي رهيو ۽ پوءِ هُن کي پارٽيءَ جي چيئرمئن شپ تان هٽايو ويو، ۽ هوءَ پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن غم جي افسوسناڪ راتين ۾ گذارڻ لڳي. هاڻي اُن جي اونداهين راتين ۾ صرف هڪ وِهائو تارو رهجي ويو، ۽ اُهو سندس جلاوطن پُٽ مرتضيٰ هو، ۽ پوءِ سياست جي ڦيرين گهيرين مان گذرندي، اُهو وِهائو تارو هُن جي جهوليءَ ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر لهي آيو، اُن کان اڳ ۾ مون کي اذيت ناڪ ڏينهن ياد آهن، جڏهن مرتضيٰ، سنڌ جي مختلف حلقن مان، سنڌ اسيمبليءَ لاءِ فارم ڀرايا، ۽ هر جڳهه تي بينظير جي پيپلز پارٽي، سندس خلاف ماڻهو بيهاريا، ظاهرڳالهه آهي ته مرتضيٰ جي تيم اُن وقت منتشر ۽ سرڪاري عتاب هيٺ هئي، اُن ڪري سندس جوڳو وَرڪ نه ٿي سگهيو. نصرت ڀُٽو، ٻيو ڪو حيلو حوالو نه ڏسي لاڙڪاڻي واري سيٽ کٽرائڻ لاءِ ’جيئي سنڌ‘ جي ڪارڪنن وٽ هلي وئي، ۽ چيائين ته: ’مُنهنجو توهان وٽ اچڻ سُونهي ته ڪونه ٿو، پر اڄ آءٌ سنڌ جي هڪڙي سپوت پُٽ کي اليڪشن ۾ کٽرائڻ لاءِ توهان وٽ آئي آهيان. چئو ته آءٌ پنهنجو رَئو توهان جي سامهون وِڇايان، اُن ۾ توهان پنهنجي هن ڏُکويل ڀيڻ لاءِ محبتن جا گُل ووٽ جي صورت ۾ منهنجي بهادر پُٽ لاءِ گڏ ڪريو.‘ جيئي سنڌ جي ڪارڪنن پنهنجي جذبن، محبتن ۽ عقيدتن جا ڏيئا اُجهاڻل اکين ۾ روشن ڪيا ۽ ذمو کنيائون ته: ’هتي اسان پنهنجي سموري سگهه گڏ ڪري، مرتضيٰ کي سنڌ اسيمبليءَ ۾ موڪلينداسين.‘ ۽ اُن واعدي تي هُن جي اُجهاڻل اکين ۾ڏيئن جون ڪيتريون لاٽون روشن ٿي ويون ۽ دنيا ڏٺو ته اها ئي واحد سيٽ هئي، جنهن تان انگريزن جي پهرئين دشمن مرتضيٰ ڀُٽي وانگر سامراج جو دشمن ٻيو مرتضيٰ ڀُٽو سنڌ اسيمبليءَ ۾ پهچي ويو، پوءِ هُو فاتح جي حيثيت ۾ پنهنجي مادرِ وطن سنڌ وطن موٽيو. جيتوڻيڪ: بينظير هُن کي واپس موڪلڻ لاءِ رياستي مشينريءَ کي بيدرديءَ سان استعمال ڪيو، پر پوءِ به هُو مادرِ وطن جي مٽيءَ کي چُمڻ ۾ ڪامياب ويو، ۽ اُتان سِڌو لانڍي جيلُ هليو ويو. لانڍيءَ جيل ۾ انٽرويو ڏيندي هُن چيو ته: ’امان ته لذيذ ۽ گِهه هاڻا کاڌا آڻي ٿي، جو مُنهنجو وزن وڌندو ٿو وڃي، کيس روڪيو به اٿم، امان! اهڙا کاڌا نه آڻيندي ڪر، جو آءٌ ٿُلهو ٿي ويندس، پر هُوءَ چوي ٿي ته ماءُ جي دل، جيڪا توکي ڏٻرو ڏسڻ نه ٿي چاهي، باقي وزن گهٽائڻ لاءِ ورزش ڪندو ڪر، مون کي خبر آهي ته ورزش تُنهنجي عادت ۾ شامل آهي.“ پوءِ جڏهن هو قسم کڻڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ جي ايوانُ ۾ داخل ٿيو ته اقتدار پرست پيپلن جا شرم ۽ پنهنجي مُنافقيءَ جي ڪري ڪنڌ جُهڪي ويا، هُو آزاد ٿي آيو.
ڪيئي واقعا ٿيا، اُنهن واقعن وقت، هُن جنهن دليري ۽ بهادريءَ جو ثبوت ڏنو، اهڙو ثبوت سنڌ اسيمبليءَ جي تاريخ ۾ سائين جي. ايم سيد، محمد امين کوسي ۽ شهيد الهه بخش سومري کان سواءِ ڪو ئي نه ٿو ڏئي سگهي. جيتوڻيڪ هُن جي ڪِن بيانن جي ڪري آءٌ کانئس ڏُکويل هئس، اُن ڪري شاديءَ جي هڪ تقريب ۾ مون کي ڪِن دوستن مجبور ڪيو ته مرتضيٰ ويٺو آهي، ملئونس! مون انڪار ڪيو ته هُن سائين جي. ايم سيد جي خلاف پنهنجي حضورن جي چوڻ تي غلط بياب ڏنو آهي، اُن ڪري ساڻس ملڻ نه ٿو چاهيان، ۽ پوءِ هڪ ڏينهن صبح سوير، مون بي.بي.سي جي هندي سروس تان اِها خبر ٻُڌي ته پاڪستان جي وزيرِاعظم جي ڀاءُ جو پوليس مقابلي ۾ مرتيو ٿي ويو آهي. مون چانهن پيئڻ کانسواءِ ڊرائيور کي چيو ته گاڏي اسٽراٽ ڪر. آءٌ اَمرڪوٽ آيس، اُتي مون صحافين کي گڏ ڪري چيو ته مرتضيٰ جي شهادت تي آءٌ محسوس ٿو ڪريان ته نصرت جي دل مُنهنجي سيني ۾ اچي وئي آهي، ۽ مرتضيٰ ئي ڀُٽو خاندان جو حقيقي شهيد آهي، ۽ اسان جي خلاف بيان بازيءَ جي باوجود اسان جي منزل هڪ هئي، پر افسوس جو موت هُن کي مهلت نه ڏني. پوءِ آءٌ ڪراچي هليو آيس، جتي سائين امداد محمد شاهه اسپتال داخل هو، ساڻس مليس ته سائين مون کي حُڪم ڪيو ته 70 ڪلفٽن تي وڃان ۽ غنويٰ سان مرتضيٰ جي تعزيت ڪري اچان. مون ادب سان عرض ڪيو ته مُنهنجي دل نٿي چوي، جيتوڻيڪ مرتضيٰ جي شهادت تي مون کي تمام گهڻو صدمو پهتو آهي، پر هُن سائين جي. ايم سيد خلاف بيان ڏنو هو. سائين مون کي حڪم ڪيو ته سياسي بيان هلندا رهندا آهن، پر تون ضرور وڃ، آءٌ ويس.
خليل جبران جي ديس جي ڄائيءَ، شيخ اياز جي ڌرتيءَ تي ڪارڙي وڳي ۾ غمگين ويٺي هئي، مون دُعا گهري ۽ تاثراتي بُڪ ۾ صرف هڪڙي سِٽ لکي ته: ”مرتضيٰ! هيءَ ويل نه هئي وڃڻ جي.“ اُن کانپوءِ بينظير جي حڪومت وئي، آئي، پر نصرت جي اُجهاڻل اکين ۾ ڪو به ڏيئو نه ٻريو، ۽ بينظير جي ٻيءَ حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ فردوسيءَ جي ٻولي ڳالهائيندڙ هيءَ عورت، اسان جي اکين ۽ ميڊيا جي ڪالمن مان هميشه غائب ٿي وئي. 18 آڪٽوبر تي مون کي گُمان هو ته بينظير ڀُٽو وطن واپسيءَ کان اڳ ميڊيا کي اهو ضرور ٻڌائيندي ته، آءٌ پنهنجي اَمڙ جا پير ڇُهي، کانئس آسيس وٺي وڃي رهي آهيان، پر هُن اهڙو ڪو به ذڪر نه ڪيو، ۽ مون کي افسوس آهي ته ناز سهتي جهڙو ذهين صحافي بگ بينظير سان گڏ اُن قافلي ۾ شريڪ هو، اُن به بينظير کان اِهو نه پُڇيو ته اَمڙ کان آسيس ورتي اََٿئي! ته اُن جو ڇا حال آهي، اُن ڪري نوڪريءَ جي شوق ۾ ڪراچي ايندڙ سنڌين کي، بينظير کان اهو سوال ضرور ڪرڻ گهرجي ته ذوالفقار علي ڀُٽي جي پِريمڪا ۽ مرتضيٰ ڀُٽي جهڙي عظيم مجاهد جي ماءُ آخر ڪِٿي آهي ۽ ڪيئن آهي؟ ڇو ته جيڪو ليڊر پنهنجي ماءُ جي پرواهه نٿو ڪري، اُهو اُنهن شهيد ٿيندڙ 51 ڄڻن مسڪين ماڻهن جي ماءُ سنڌ جي ڪيئن سار لهندو، جن شهيدن جي کيسن مان 10 ۽ 15 رُپيا نڪتا آهن. اُن ڪري سنڌيو! جيڪي مون سان اختلاف رکو ٿا ۽ منهنجا لفظ توهان جي نِگاهُن ۾ ٽاندا ٿي ڪِرن ٿا، اُهي سڀ گڏجي ذوالفقار ۽ فاطمه جي ڏاڏيءَ جي باري ۾ بينظير کان پُڇو ته هوءَ ڪٿي آهي؟