هُن سان ماڻهو پيار ڇو ڪندا آهن؟
جواهر لعل سان هندستان جي ماڻهن جي محبت جو اهو عالم هو ته هڪ ئي وقت ڏهه ڏهه لک ماڻهو سندس تقرير ٻڌڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيٺا هوندا هئا. حالانڪ هو ايڏي وڏي پائي جو اوريٽر به نه هو ۽ نه ئي اُن وقت لائوڊ اسپيڪرن جو رواج هو. اها ڳالهه سابق آمريڪي صدر رچرڊ نڪسن لکي آهي، پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب: ’دي ليڊر‘ (The Leader) ۾.
- اِهو ئي حال عوام جي محبت جو بينظير ڀٽو سان به هو. عوام جي اُن محبت کي ڏسندي هڪ دفعو سنڌ جي تمام ڏاهي ليڊر، راڻي چندر سنگهه چيو هو ته: ”امر ڪوٽ جو لانٻا گرائونڊ يا اُتر جو مينهن ڀَري يا ڀُٽي جي ڌيءُ-“ هن اِهو مشهور تاريخي جملو اُن وقت چيو هو، جڏهن لانٻا گرائونڊ ۾ اسان ڪاڇي جي شينهن عبدالحميد خان جتوئيءَ جو جلسو ڪرايو هو، تڏهن جيتوڻيڪ سنڌ جي هن سرحدي شهر جي لانٻا گرائونڊ ۾ هزارين مرد ۽ عورتون گڏ ٿيا هئا، جنهن جو عبدالحميد خان تي تمام وڏو اثر ٿيو هو، جو هن غيرت مند انسان، اسلام آباد ۾ ڪن ايم. اين. ايز جي موجودگيءَ ۾ منهنجو تعارف ڪرائيندي اِهو چيو هو ته: ”هي منهنجو دوست، سنڌ جي سرحدي علائقي امرڪوٽ جو رهواسي آهي، جنهن منهنجو ايڏو وڏو جلسو ڪرايو هو، جنهن ۾ مردن کان وڌيڪ عورتون هيون ۽ ڪن ڪن ڇوڪرين جي تقريرن جي سمجهه مون کي اندرا گانڌيءَ جهڙي لڳي.“ اها عبدالحميد خان جي نوازش هئي، پر اسان وڏين ڪوششن جي باوجود لانٻا گرائونڊ ماڻهن سان ڀرائي نه سگهيا هئاسين. اُن ڪري ئي راڻا صاحب مٿيون جملو چيو هو، جيتوڻيڪ هو عبدالحميد خان جي عزت ڪندو هو ۽ بينظير تي شفقت جو هٿ هيس.
اڄ اسان کي اهو سوچڻو پوندو ته بينظير سان سنڌ جو ماڻهو ايڏي محبت ڇو ڪندو هو؟ منهنجي خيال ۾ اُن جا سبب هيٺيان هئا:
I. ته هوءَ ڀُٽي جي ڌيءَ هئي، جيتوڻيڪ ڀٽو صاحب ’اٽي، لٽي ۽ اجهي‘ جي نعري تي مغربي پاڪستان جي ٻن صوبن ۾ کٽي آيو هو، پر آءٌ سمجهان ٿو ته اُن وقت سنڌ ۽ پنجاب ۾ ايڏي غربت نه هئي، سنڌ ۽ پنجاب جي ڀيٽ ۾ بنگال ۾ غربت وڌيڪ هئي. پر اُن وقت بنگالين ووٽ اٽي، لٽي، ۽ اجهي لاءِ نه ڏنو هو، ليڪن پنهنجي قومي آزاديءَ ۽ غيرت لاءِ ڏنو هو. جيڪڏهن غربت جي آڌار تي هو ووٽ ڏين ها، ته پروفيسر مظفر حسين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ کي ڏين ها، پر هنن اِئين نه ڪيو ۽ هنن عوامي ليگ کي ووٽ ڏنو، جنهن جو منشور ’قومي غيرت ۽ آزاديءَ‘ جي ويجهو هو.
بهرحال ’روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان‘ جي انهيءَ نعري جي آڌار تي ڀُٽو کٽي آيو هو. نتيجي ۾ اڳتي هلي کيس جنهن طريقي سان ڦاهيءَ چاڙهيو ويو هو ۽ جنهن کي پيپلزپارٽيءَ پنهنجي ڏيهي ۽ پرڏيهي دوست صحافين ذريعي جيڪا شهرت ڏياري، اُن بينظير جا ڀاڳ ئي ڀلا ڪري ڇڏيا ۽ هوءَ سنڌي ماڻهن جي محبوب ليڊر بڻجي وئي.
II. بينظير جي خطابَ جو انداز ڪن معنائن ۾ ڀُٽي کان منفرد هو ۽ پاڪستان جهڙي ڪٺور ملڪَ ۾ ماڻهن لاءِ دلڪش هو. هتي هڪڙي ڳالهه آءٌ چوندو هلان ته بينظير ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڪو نقاد ڀلي دنيا جي اعليٰ مقررن جي معيار تي شامل نه ڪري ته نه ڪري، پر هتي جي عوام جي ذهني سطح ۽ سوچَ جي معيار مطابق سندن ’معيارِ خطابت‘ شاندار هو- خصوصاً بينظير صاحبه جڏهن ماڻهن ۾ ويندي هئي، تڏهن ساڻن ائين مخاطب ٿيڻ ته: ”آءٌ توهان جي ڀيڻ آهيان، آءٌ توهان جي ڌيءَ آهيان.“ ۽ نوابشاهه ۾ اِهو چوڻ ته ”آءٌ توهان جي نُنهن آهيان-“ اندازو ڪري سگهو ٿا ته پاڪستان ۾ ڪو وڏو سياستدان، غريب عوام سان اِئين مخاطب ٿئي ته: ’آءٌ اوهان جو ڀاءُ آهيان، آءٌ اوهان جو پُٽ آهيان ۽ آءٌ اوهان جو ناٺي آهيان.‘ بينظير ڀٽو تقرير جي اُن انداز سان ڪروڙين دلين ۾ پنهنجي واٽ تي مروئا (ناز بوءِ جا ٻُوٽا) پوکي ڇڏيا. اُن ڪري عوام هن کي پاڻ منجهان، پاڻ جهڙي ۽ پنهنجي مائٽياڻي سمجهڻ لڳو هو.
آءٌ مٿي چئي آيو آهيان ته بينظير اقتدار واري دور ۾ ڀُٽي وارو نعرو ڇڏي ڏنو هو، ۽ جيئن مون اڳ چيو آهي ته ڀُٽي صاحب جي وقت ۾ ايتري غربت نه هئي، مون کي ياد آهي ته ڀُٽي صاحب سان آخري ملاقات ۾ مون کيس چيو هو: ’سائين! توهان کنڊ تي جيڪو راشننگ سسٽم شروع ڪيو آهي، اُهو ناانصافيءَ تي ٻڌل آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته توهان اِهو سسٽم صرف پارٽي ورڪرن کي پرمٽون ڏيڻ لاءِ رائج ڪيو آهي، پر ٻهراڙي ۽ شهرن ۾ کنڊ جي اگهن ۾ آنن جو فرق آهي. جيڪڏهن شهرن ۾ کنڊ اڍائي رُپيا ملي ٿي ته ٻهراڙين ۾ اها ٽي رپيا ملي ٿي- ۽ توهان جهڙي علمي سياستدان کي اِها ڀلِيءَ ڀت پروڙ هوندي ته شهرين جي قُوت خريد، ٻهراڙيءَ جي هاريءَ کان بهتر آهي.“- ته منهنجي موجودگيءَ ۾ ڀُٽي صاحب اُن وقت جي سي. ايم ۽ هوم سيڪريٽريءَ کي چيو هو ته: ”هي ٻهراڙيءَ جو ماڻهو ڇا چئي رهيو آهي ۽ توهان کي ايتري به خبر ناهي!“ ته هنن ٻنهي جواب ڏنو ته: ”سائين! ٻهراڙيءَ جي ڊيپو ڪيپرن کي اسين ٻوري به ڏيندا آهيون.“ اُن تي مون ٽهڪ ڏنو هو. ڀُٽي صاحب پڇيو: ”کِلئين ڇو؟“ مون چيو: ”سائين ٻوري ته شهري ڊيپو ڪيپرن کي به ڏيندا آهن، پر اُن ٻوريءَ جو فائدو وري به ته ڊيپو ڪيپرن کي ٿئي ٿو، عوام کي ته ڪو نه ٿو ٿئي.“ اُن تي هوم سيڪريٽريءَ چيو ته: ”سائين! کنڊ پهچائڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جو خرچ بچي ٿو.“ مون چيو: ”سائين! اها کنڊ ته شهرن ۾ ئي ختم ٿي ويندي آهي، ٻهراڙيءَ تائين پهچندي ئي ناهي، جو ٽرانسپورٽ جو خرچ بچائڻو پوي.“
بهرحال، ڀُٽي صاحب جي دور حڪومت ۾ سنڌ ۾ ايتري غربت نه هئي. آدمشماري گهٽ هئي. ٽرانسپورٽ جو ايترو وسيع پئماني تي ڄار پکڙيل نه هو، جو ڪِراين جو بار عوام تي پوي. بهترين ريلوي نظام، جيڪو ايوبَ خان جي دور حڪومت ۾ ميرپورخاص جي درويش صفت ريلوي وزير، محمد خان جوڻيجي قائم ڪيو هو، ڀُٽي صاحب اُن اچ وڃ جي سهولتن کي برقرار رکيو هو. اُن ڪري مون کي عجب ٿو لڳي ته اهڙي وقت ۾ سنڌ جي ماڻهن ’اٽي، لٽي ۽ اجهي‘ لاءِ ووٽ ڏنو، پر بينظير ڀُٽو صاحبه اُهو نعرو ڇڏي ڏنو هو.- ليڪن هن دفعي جڏهن هوءَ موٽي هئي ته پاڪستان جو اقتصادي ڍانچو تباهه ٿي چڪو هو، تعليم جو ٻيڙو غرق هو، روزگار جا ذريعا ختم ٿي چڪا هئا، پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري زراعت تباهه ٿي چڪي هئي ۽ پاڪستان جو وزيراعظم هڪڙو مئنيجر هو، مئنيجر ۽ سياستدان ۾ فرق هوندو آهي، ۽ مئنيجر اڪائونٽ هولڊر وڌائيندو آهي ۽ انگن اکرن جي آسري تي غربت جو گهاڻو گهمائي، عوام جي کل لاهيندو آهي.
بينظير هن دفعي جڏهن موٽي ته اُن وقت نهروءَ جي لفظن ۾: ’ڪامياب اليڪشني سياستدان ووٽ وٺڻ لاءِ زنجير جي اُن ڪڙيءَ تي ڌڪ هڻندو آهي، جيڪا وڌيڪ ڪمزور هوندي آهي.‘ بينظير جيڪا سندس لکڻيءَ مطابق اندرا گانڌيءَ کان متاثر هئي ۽ اُن لاءِ لکيو اٿس ته: ”مون اندرا جهڙي عورت ڪانه ڏٺي، جيڪا هڪ ئي وقت ريشم جي ڌاڳن ۽ فولاد جي تندن سان ٺهيل هجي.“ اُن ڪري، هِنَ ڀُٽي جو ڇڏيل نعرو: ’اٽو، لٽو ۽ اجهو‘ وري هنيو ۽ نتيجي طور عوام گلاب ڪَلين جو واس وٺڻ لاءِ ڀونئرن وانگر مِڙي آيو. اها به ڪامياب اليڪشني سياست جي ڪامياب حڪمت عملي هوندي آهي. هوءَ پنهنجي تقرير ۾ عوام جهڙي ٿي ويندي هئي. عوامي نعرا، عوامي اسٽائيل، عوامي انداز، عوامي موڊ، عوامي ٽهڪ، چرچا ۽ عام ماڻهن واريون ٽوڪون، جيڪي ماڻهن جي دلين جي مضراب کي هن جي اَبدي آڱرين سان سُر تار عطا ڪري ڇڏينديون هيون.
اُهي ئي سبب آهن، بينظير جي ’عوامي محبوب‘ ٿيڻ جا، ورنه پ.پ.پ ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي بينظير ڀٽو تائين: سواءِ ڪجهه نوڪرين جي، سنڌ ۾ قبائلي سسٽم جي قائم جاگيرداري جبر جي پڄاڻيءَ، اصلاحي ۽ فلاحي مرڪزن جي اڏاوت، عورتن کي ظلم ۽ گهاڻي مان ڪڍڻ لاءِ ڪي به قانون ۽ منصوبا شروع ڪري نه سگهي. پيپلزپارٽيءَ ۾ جيڪي به عورتون آهن، اُنهن مان ننڍيون هجن يا وڏيون، سڀ ذوالفقار علي ڀٽي جي البيلي شخصيت کان متاثر ٿي آيون هيون ۽ اڃا تائين ساهه کڻي رهيون آهن. جيتوڻيڪ محترمه [گستاخي معاف!] عورتن لاءِ ايترو به نه ڪري سگهي هئي، جيترو نور ناز آغا ۽ پرويز مشرف ڪري سگهيا هئا، پر ماڻهن ڏانهن هن جو رويو، جيڪو پنهنجائپ ۽ رشتيداريءَ وارو هو، اُن هن کي سنڌ جي محبوب ليڊر بڻائي ڇڏيو هو.- جيئن ڪنهن ٻهراڙيءَ جي ماڻهوءَ مون کي چيو هو ته: ’سنڌ جو ماڻهو پيٽ جو بکيو نه، پر ڳراٽيءَ جو بُکيو آهي.‘ - ۽ اُها ڳراٽي هنن کي بينظير جي روپ ۾ نصيب ٿي. جيئن ڪنهن صحافيءَ جي سوال تي مون چيو هو ته: ”ادا! اسين ٿر جا ماڻهو، لُڪن جا لوساٽيل ۽ محبتن جا بکيا آهيون، اُها محبت مون کي ۽ حاجي ساند کي ’سن جي سيد‘ وٽان ملي، جنهن ۾ جيتوڻيڪ عورت جي ڀاڪرن جي گرمي ته نه هئي، پر سانوڻ جي ڪڪرَ جي ٿڌڪارَ ضرور هئي، جنهن اسان کي سَن جي سرزمين جو اَسير بڻائي ڇڏيو.“ ۽ ساڳي حالت، سنڌ جي ماڻهن سان ڀُٽن جي به هئي، وٽن به ماڻهن لاءِ محبت هئي:
حوصلو حيرت جو، آهي نه مٿي عام،
سندي محبت مام، ڪورُ پروڙي ڪينڪي،
(شاهه)
*