ڌرتي ڌُڏي وئي...
اڄ ناهر وانگر ڇال ڏئي،
تون آءُ پهاڙي پاڇي ۾!
تون گوليون هيٺ هلائي ڏس!
ڪنهن پٿر جي اوٽ ڏئي،
هِن ڌرتيءَ کي ڌڌڪائي ڏس!
جي تنهنجو ڦِرندو لاش ڪِري،
نئين گاجَ مٿان، پرواهه نه آهي،
جي ڌرتيءَ تي آڪاش ڪِري!
هيءَ ڌرتي اُن کان هيڻي آ؟
تون ڏاڍي جو ڏهڪاءُ نه ڏِس
هر دِل بندوق وَهيڻي آ،
هر گوليءَ کي ڪا ٻولي آ،
جا هرڪو ڄاڻُو ڄاڻي ٿو،
تون چوندين هيءَ پِرولي آ،
پر سولي هيءَ پِرولي آ،
تون ڪنهن جو ٻانهو ناهين ڙي!
جي گولي تنهنجي گولي آ؟
اڄ ناهر وانگر ڇالُ ڏئي،
تون آءُ پهاڙيءَ پاڇي ۾،
۽ ڪنهن پٿر جي ڍال ڏئي،
تون گوليون هيٺ هلائي ڏس!
۽ ٺا...ٺا...ٺا جي سُر تي،
ڳڻ آزاديءَ جا ڳائي ڏِس!
- شيخ اياز
٠٠٠
”جڏهن وڏا وڻ ڪِرندا آهن، تڏهن ڌرتي ڌُڏي ويندي آهي“. اهي لفظ آهن هندستان جي آنجهاني وزيرِاعظم راجيوَ گانڌيءَ جا، جيڪي هُن اندرا گانڌيءَ جي قتل کانپوءِ فسادن پکڙجڻ تي چيا هئا.
ساڳي ئي صورتحال بينظير جي شهادت تي به ٿي، هتي نه صرف ڌرتي ڌُڏي، پر آسمان به ڳوڙها ڳاڙيا. سنڌ جو پٿر ۽ ڀِتر به احتجاجي لهر ۾ شامل ٿي ويو. چئوطرف روڄ راڙو هو، باهيون ۽ شعلا هئا، سنڌ جا روڊ ۽ رستا ڀنڀٽ بڻجي ويا هئا. ٿر جا ڪڪرَ ڪارونڀار ڪري مِڙيا هئا ۽ سموريءَ سنڌ جي زندگي سَڪتي ۾ اچي ساڪت ۽ جامد بڻجي وئي هئي. نه ڪا بئنڪ سلامت هئي، ۽ نه ئي پانَ جي ڪا مانڊڻي، ۽ اهڙي ردِعمل جي يقيني طرح بينظير جي قاتلن ۽ قتل جو منصوبو ٺاهيندڙن کي اُميد نه هئي؛ ته سنڌ، جنهن کي هنن ڪيتري وقت کان وٺي بيوس، بيحِس، ڪمزور ۽ نٻل ماڻهن جو ديسُ پئي سمجهيو، تنهن ۾ اِهو طوفان، اِهو زلزلو، اِها شينهن جي گجگوڙ ۽ اِها چيتي جي چنگهاڙَ ڪٿان ۽ ڪيئن اُڀري آئي! حقيقت ۾ اُن موقعي تي سنڌ جو صدين کان سُتل رُوحَ جاڳي پيو هو. جيڪا سنڌ، سڪندر يونانيءَ جي حملي کان وٺي، چارلس نيپيئر جي ڪاههَ تائين سڀ صدما، ڏُک، سُور ۽ زخم سهندي، رَت ڳاڙيندي به پنهنجو وجود، پنهنجي ٻوليءَ ۽ لوليءَ سان گڏ سلامت رکندي پئي آئي، اُن هڪ ڀيرو وري اُهو ثابت ڪيو ته سنڌ سڻڀو گِرهه ناهي، جو جنهن کي وڻي، سو ڳڙڪائي وڃي! ٿي سگهي ٿو ته هڪ ٻه ڌڪ سنڌ برداشت به ڪري وڃي، پر ’زخمي شينهن‘، تندرست شينهن کان به وڌيڪ ڪاوڙيل ٿيندو آهي.
پاڪستان ٺاهڻ کان وٺي هتي جي حڪمرانن، سنڌ جا وسيلا هڙپ ڪيا، ٻنيون ۽ ٻارا ڦُريا، اُن جي اسيمبلين ۽ قانون ساز ادارن تي قبضا ڪندا رهيا. سنڌ جي بهادر، باڪردار ۽ مُحبِ وطن ماڻهن کي آزاري آزاري قبرن ڀيڙو ڪندا رهيا. حيدر بخش جتوئي، جي. ايم. سيد، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ سميت سنڌ جي عاشقن ۽ ڪُونڌرن کي عقوبتن جي گهاڻي ۾ پيڙيندا رهيا- ۽ پِنڊيءَ جو اُهو باغ، لياقت علي خان کان وٺي بينظير ڀُٽو تائين سنڌ واسين لاءِ مقتل گاهه بڻجندو رهيو. اياز جو هڪڙو شعر آهي ته:
ٺٽي جي هوا ۾ گُلابي بَدن،
ڍڪي ڪيئن اجرڪ، سڄو واسُ وَنُ.
اُن جي اُبتڙ هوءَ اسان وٽ:
پِنڊيءَ جي هوا ۾ گُلابي بَدن،
ڍَڪي ويسُ اڇي جو آئي ڪَفنُ.
سنڌ جو سُتل ضمير اگهور ننڊ مان صرف بينظير ڀُٽو جي قتلَ تي سُجاڳ ٿيو، ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته جڏهن سنڌ جاڳندي آهي ته عالمي مارڪيٽ جا اَگهه هيٺ مٿي ٿي ويندا آهن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينجون زيرو پوائنٽ تي پهچي وينديون آهن.
اهو سڀ ڪُجهه ڇو ٿيو؟ اُن ڪري ته سواءِ پ پ پ جي پهرئين اقتداري دورَ ۾ سنڌي ماڻهن کي نوڪريون مليون ۽ اُهي مِلڻيون ئي هُيون: ڇو ته ون يونٽ ٽُٽو هو، صوبن ۾ ڪافي آساميون خالي ٿيون هُيون، مرڪز ۾ صوبن جي ڪوٽا رکي وئي هُئي- نتيجي طور انتظامي کوٽ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اُهي جايون ڀرڻيون ئي هيون. نه ته بينظير صاحبه جا ٻئي حڪومتي دور، ڀُٽي جي ’روٽي ڪپڙا ۽ مڪان‘ واري نعري کان خالي هئا، پر اُن جي جاءِ تي هن هڪڙو نئون نعرو ڏنو هو: ’نئون سوشل ڪانٽريڪٽ‘ (New social contract) جنهن جي نه هُن ڪڏهن وضاحت ڪئي هئي ۽ نه ئي سنڌ جي ماڻهن کي اِهو نعرو سمجهه ۾ آيو هو؛ پر هن کي سنڌي ماڻهو، ڀُٽي جي نياڻي سمجهي، پنهنجي لاءِ فخر محسوس ڪندا هئا. هُوءَ سنڌين لاءِ نه رُڳو فخر جي علامت هئي، پر اُنهن لاءِ آسرو ۽ ’اُميد جو ڪِرڻو‘ به هئي، ۽ کين اِهو احساس هو ته اُها ڀُٽي جي ڌيءَ آهي، جيڪا يورپ، آمريڪا، ايشيا ۽ آفريڪا ۾ شاندار انگريزي ڳالهائي، سنڌ جو مانُ مٿانهون ڪري ٿي: پوءِ ڀلي کڻي محمد خان جوڻيجي جهڙا ترقياتي ڪم ۽ سَستو اَناجُ مُهيا نه به ڪَري، ڇو ته: ’ڀلي بُک ڀَرم جي، شَل مَ وڃي شانُ!‘
27 ڊسمبر 2007ع تي سنڌين محسوس ڪيو ته اسان جو اُهو شان مِٽيءَ ۾ ملي ويو آهي، اسان جو اُهو فخر جو مينار پَٽ پئجي ويو آهي ۽ اڄ نه رُڳو مهاراجا سهيرس جو جهنڊو ڪِري پيو آهي، پر دودي سومري جو شهپر به خِلجيءَ جي سِپهه سالار جي ٿُڏن جي وَر چڙهي ويو آهي. اِهو ئي احساسُ هو، جنهن سنڌي ماڻهن جي سُتل ضميرَ کي جاڳايو ۽ هنن پاڪستان جي حڪمرانن کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته توهان جي بندوقن ۽ ائٽم بمن جي باوجود، اسان سنڌ کي سموري مُلڪ کان ڪيئن ڪَٽي سگهون ٿا! اُن ڪري سنڌي ماڻهو اُٿيو ۽ ائين سنڌ جي سرزمين ڌُڏي ۽ لُڏي وئي.
سنڌ جي هن احتجاج ۾ ڪِن شرپسندن انتهائي اهڙا ڀُڏا ڪم ڪيا، جيڪي سنڌ جي هن شاندار احتجاجَ جي سفيد لباسَ تي بدنما داغ آهن، جهڙوڪ: مختلف پارٽين جا جهنڊا لاهڻ، پارٽي آفيسن کي باهيون ڏيڻ، سنڌ يونيورسٽي لائبريري ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ کي باهه ڏيڻ، يا نوابشاهه ۾ هڪڙي مارڪيٽ کي اُن ڪري باهه ڏيڻ ته اُن ۾ ڪو به سنڌين جو دُڪان نه هو، يا قاسم آباد باءِ پاس تان مينهُن سان ڀريل ٽرڪ چوري ڪري ڪاهي وڃڻ يا سَرين ۽ تعميراتي سامان سان ڀريل ٽريڪٽر ٽراليون کڻي وڃڻ وغيره وغيره. اهڙا واقعا عوام کي متحد ڪرڻ بدران منتشر ڪرڻ جي بيهودي سازش هئي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي، اُها گهٽ آهي. اُن کي صرف اُن ڪري نظرانداز ڪرڻ ته اِهو فطري ردِ عمل هو، اِها قومن جي اخلاقي تربيت نه، پر اُنهن جي ڪُڌاين جي پردي پوشي آهي. قومن جا ضمير سڏائيندڙ ماڻهو، اهڙن ڪُڌن ڪمن جي پردي پوشي نه ڪندا آهن، پر اُنهن جي اخلاقي تربيت ڪندا آهن. جيئن مهاتما گانڌيءَ، ڪنهن اهڙي حادثي تي چيو هو ته: ”آءٌ مرندڙن ۽ ماريندڙن ٻنهيءَ لاءِ دُعا ڪريان ٿو. مرندڙن لاءِ اُن ڪري، ته اُهي بي ڏوهي ماريا ويا هئا ۽ ماريندڙن لاءِ اُن ڪري ته جيئن اُنهن جو ضميرُ جاڳي پوي ۽ وري اهڙو پاپ نه ڪن“.
بهرحال بينظير جي قتل هن ڌرتيءَ کي ڌوڏي ڇڏيو آهي ۽ اسان کي گُهرجي ته اُن ڌوڏي جي جهٽڪن کي برقرار رکون!
*