لطيفيات

شاھہ، سچل، سامي ھڪ مطالعو

ھن مضمون ۾ شاھ، سچل ۽ ساميءَ جي دور جو ھڪ مطالعو پيش ڪيو ويو آھي. اِن ۾ ان دور سان گڏ اجمالي طرح، خود ان دور جي پس منظر طور، سنڌي سماج جي تقريبا سڄي تاريخي دور جي سياسي، مذھبي ۽ تھذيبي صورتحال جو جائزو ورتو ويو آھي. سنڌ جي تاريخ جو اھو ھڪ وسيع سماجي پس منظر آھي، جنھن جي روشنيءَ ۾ شاھ، سچل ۽ ساميءَ جي شعر جي جامع مقصد ۽ ان جي اھميت کي سمجهي سگهجي ٿو.

Title Cover of book شاھہ، سچل، سامي ھڪ مطالعو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري مفڪر ۽ اديب محمد ابراھيم جويي جو لکيل ڪتاب ”شاھہ، سچل، سامي ھڪ مطالعو“  اوھان اڳيان پيش آھي.
سنڌي سماج جي تاريخ ۾ شاھ، سچل ۽ ساميءَ جي وڏي اھميت رھي آھي. ھن ڪتاب جي مضمون ۾ انھن جي سدا روشن فڪر ۽ پيغام جو ۽ سنڌي سماج لاءِ ان جي معنيٰ ۽ بنيادي اھميت جو جائزو پيش ڪيو آھي. 
ھن مضمون ۾ شاھ، سچل ۽ ساميءَ جي دور جو ھڪ مطالعو پيش ڪيو ويو آھي. اِن ۾ ان دور سان گڏ اجمالي طرح، خود ان دور جي پس منظر طور، سنڌي سماج جي تقريبا سڄي تاريخي دور جي سياسي، مذھبي ۽ تھذيبي صورتحال جو جائزو ورتو ويو آھي. سنڌ جي تاريخ جو اھو ھڪ وسيع سماجي پس منظر آھي، جنھن جي روشنيءَ ۾ شاھ، سچل ۽ ساميءَ جي شعر جي جامع مقصد ۽ ان جي اھميت کي سمجهي سگهجي ٿو.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1978ع ۾ ۽ پنجون ڇاپو 1990ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ  جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي