لطيفيات

شاھہ، سچل، سامي ھڪ مطالعو

ھن مضمون ۾ شاھ، سچل ۽ ساميءَ جي دور جو ھڪ مطالعو پيش ڪيو ويو آھي. اِن ۾ ان دور سان گڏ اجمالي طرح، خود ان دور جي پس منظر طور، سنڌي سماج جي تقريبا سڄي تاريخي دور جي سياسي، مذھبي ۽ تھذيبي صورتحال جو جائزو ورتو ويو آھي. سنڌ جي تاريخ جو اھو ھڪ وسيع سماجي پس منظر آھي، جنھن جي روشنيءَ ۾ شاھ، سچل ۽ ساميءَ جي شعر جي جامع مقصد ۽ ان جي اھميت کي سمجهي سگهجي ٿو.

Title Cover of book شاھہ، سچل، سامي ھڪ مطالعو

اسين ۽ شاھہ

شاھہ عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جو متبرڪ ۽ دنيا جو عظيم انسان ھو. سنڌ لاءِ شاھہ جو پيغام اتحاد ۽ عمل جو پيغام آھي. ماڻھن جي اتحاد ۽ عمل سان ماڻھن جون قسمتون ٺھن ٿيون. اتحاد ھر حالت ۾ ڪنھن مقصد لاءِ ٿيندو آھي. ماڻھن، سماجن ۽ قومن جي اتحاد جو مقصد اجتماعي مفاد ھوندو آھي. اجتماعي مفاد لاءِ انفرادي ۽ گروھي مفاد قربان ڪرڻا پوندا آھن. اڄ جي وسيع آبادين واريءَ ۽ علم ۽ ھنر سان ڀريل دنيا ۾ سماج يا قوم جو اجتماعي مفاد معنيٰ ان جي اڪثريت جو مفاد. جيئن دنيا جي ٻين ھنڌن تي تيئن اسان وٽ سنڌ ۾ بہ اڪثريت پورھيت ماڻھن جي آھي – ھارين، مزورن ۽ ڪمين ۽ ڪاسبين ۽ ٻين انيڪ پورھيتن جي. ڪمائيندڙ ۽ اپائيندڙ اھي آھن، ۽ ميڙيندڙ ۽ کائيندڙ ٻيا آھن، جيڪي تمام ٿورا آھن. شاھہ سائينءَ پنھنجي رسالي ۾ گھڻي ۾ گھڻو ذڪر بہ انھيءَ اڪثر عوام جو ڪيو آھي، يعني ھارين ۽ ھٿ پورھيتن جو – ڪاتارن، ڪورين، لوھارن، واڍن، ڪنڀرن، مھاڻن ۽ ٻيڙيائتن، اوڏن، اوٺين ۽ ڍور ڌڻين جو، پنھنجن عام ماروئڙن، سانگين ۽ سنگھارن جو. تنھنڪري، شاھہ سائينءَ جو پيغام اسان لاءِ اڄ بہ اھو ئي آھي تہ اسين پنھنجي گڏيل ۽ وڏي مفاد لاءِ، يعني سنڌي سماج جي اڪثريتي مفاد لاءِ، پنھنجا الڳ الڳ، ننڍا ۽ محدود مفاد وساري، پاڻ ۾ متحد ٿيون – گھڻن جي مفاد لاءِ گھڻن جي ٻڌي، اڪثريت جي مفاد لاءِ اڪثريت جو اتحاد قائم ڪريون. ڇو تہ ڦريل ۽ محروم، ڏاڍ جا شڪار ۽ ڏکويل اھي آھن، ۽ پنھنجي دکي حالت کي بدلائڻ لاءِ اھي ئي پاڻ ۾ گڏبا ۽ متحد ٿيندا، ۽ عمل لاءِ اٿندا ۽ جدوجھد ڪندا.
ڏکيون جان نہ مڙن، تان تان ڀنڻ نہ ٿئي،
پٽڻ واريون پڌريون، ڳاڙھا ڳل سندن،
ٻيون ھنئن ئي ھٿ ھڻن، روئنديون روئڻ واريون.
”بندر جان ڀئي، تہ سکاڻئا م سمھو،
ڪپر ٿو ڪن ڪري، جئن ماٽي منجهہ مھي،
ايڏو سور سھي، ننڊ نہ ڪجي ناکئا.
”ھڻڻ ھڪلڻ، ساٿي سارڻ مانجھيان ايءُ مرڪ،
وجھن ڪونہ فرق، رڪ وھنديءَ راند ۾.“

(لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي ”ڊبيٽنگ مخزن ۽ لطيف سوکڙي– 1977ع : ”شاھہ عبداللطيف ڀٽائي“ ينگ لياري ويلفيئر سينٽر، ڪراچي، 1990ع).