لطيفيات

شاھہ، سچل، سامي ھڪ مطالعو

ھن مضمون ۾ شاھ، سچل ۽ ساميءَ جي دور جو ھڪ مطالعو پيش ڪيو ويو آھي. اِن ۾ ان دور سان گڏ اجمالي طرح، خود ان دور جي پس منظر طور، سنڌي سماج جي تقريبا سڄي تاريخي دور جي سياسي، مذھبي ۽ تھذيبي صورتحال جو جائزو ورتو ويو آھي. سنڌ جي تاريخ جو اھو ھڪ وسيع سماجي پس منظر آھي، جنھن جي روشنيءَ ۾ شاھ، سچل ۽ ساميءَ جي شعر جي جامع مقصد ۽ ان جي اھميت کي سمجهي سگهجي ٿو.

Title Cover of book شاھہ، سچل، سامي ھڪ مطالعو

سنڌ منھنجي خوابن جي

(مارچ 1987, 20ع تي شاھہ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي، ڪراچيءَ جي ”سنڌي معاشرو ۽ سنڌ سڀاڻي“ جي موضوع تي سڏايل سيمينار ۾ پڙھيل صدارتي تقرير)

عزيزو، ”سنڌي سماج ۽ سنڌ سڀاڻي“ جيڪڏھن ”سڀاڻي لاءِ سوچ“ جي ڳالھہ آھي، ”آئيندي جي اڳڪٿيءَ“ جي ڳالھہ آھي، ڪنھن ”خواب جي ڳالھھ“ آھي، تہ اھا سوچ، اھا ڪٿ ۽ اِھو خواب منھنجي دل ۾ بہ موجود آھي!...
الا ائين م ھوءِ جيئن آءٌ مران بند ۾!
جسو جنجيرن ۾ راتيان ڏينھان روءِ،
پھرين وڃان لوءِ، پوءِ مر پڄنم ڏينھڙا!
عزيزو، ڪنھن موجود ھاڃي کي ھاڃو سمجھڻ ۽ ان کي ختم ڪري ڪنھن نئين لاڀدائڪ صورت جي پيدا ڪرڻ جي ضرورت جي احساس کي ”انقلابي شعور“ ٿو چئجي، ان لاءِ پوري پوري ۽ ھر طرح جي ڪوشش ۽ قربانيءَ کي ”انقلابي جدوجھد“ ۽ ان ۾ ڪاميابيءَ کي ”انقلاب“ ٿو سڏجي....
آخر والعصر جو، ائين اتائون
(شاھہ)
- يعني : ”انقلابي دؤر جو نتيجو ائين ٻڌايو اٿن.“
اسان جي سدا حيات شاھہ عبداللطيف بيت جي ھن مصرع ۾، قرآن شريف جي صورت ”العصر“ جي حوالي سان، اھا ڳالھہ ڪئي آھي. مولانا ابوالڪلام آزاد ان سورت جي پھرينءَ آيت ”والعصر“ جو ترجمو ھيئن ڏنو آھي:
”قسم آھي ان انقلابي جڳ ۽ تبديلين جي دؤر جو، جيڪو پوئين دؤر کي ختم ڪري ٿو ۽ نئين دؤر جو بنياد رکي ٿو....“
ھن سورت جي پوئينءَ آيت ”وتواصوا بالحق وتواصوا بالصبر“
جو تفسير مولانا آزاد ھيئن ڪيو آھي:
”حق ۽ صداقت جو ميدان فقط جھاد جي ذريعي ئي فتح ٿي سگھي ٿو: ۽ صبر جھاد جي حقيقت لاءِ بنيادي شرط آھي.“
حق ۽ صداقت لاءِ جھاد جي وڌيڪ ڳالھہ ڪندي، مولانا آزاد سورت ”التوبھ“ جي تفسير ۾ ان لاءِ ”صبر“ جي شرط بابت لکي ٿو:
”انسان جڏھن بہ ڪنھن مقصد جي راھہ تي قدم رکي ٿو، ۽ مصيبتن سان منھن مقابل ٿئي ٿو، تہ ٻن نمونن جون حالتون پيدا ٿين ٿيون: ڪي ماڻھو جوانمرد ۽ باھمت ھوندا آھن، اھي ڪنھن ھٻڪ کان سواءِ مصيبتون سھي وڃن ٿا. پر انھن جو اھو سھڻ سھي وڃڻ ئي ھجي ٿو. اھا ڳالھہ ڪانہ ھوندي آھي تہ مصيبتون کين مصيبتون ئي نہ لڳنديون ھجن بلڪ ڦري انھن لاءِ عيش ۽ راحت بڻجي پونديون ھجن. ڇو تہ مصيبت وري بہ مصيبت آھي. باھمت شخص ڪڙو ڍڪ سواءِ ڪنھن ھٻڪ جي پي ويندو، پر ان جي ڪڙاڻ جو سخت ذائقو ھو ضرور محسوس ڪندو. پر ٻيا ماڻھو اھڙا بہ ھوندا آھن، جن کي رڳو باھمت نہ چوڻ گھرجي، بلڪ ان کان بہ وڌيڪ ڪجهہ سڏڻ گھرجي. انھن ۾ صرف ھمت ۽ جوانمردي ئي نہ ھوندي آھي، پر منجھن عشق ۽ فدائيت جي حالت پيدا ٿي وڃي ٿي. اھي مصيبتن کي مصيبتن جيئن نٿا سمجھن، پر عيش ۽ راحت طور ھو انھن مان لذت ۽ سرور ماڻين ٿا. محبت جي راھہ جي ھر مصيبت انھن لاءِ عيش ۽ راحت وانگر ھڪ نئين لذت بڻجي وڃي ٿي. جيڪڏھن ان راھہ ۾ کين ڪنڊن تي بہ سمھڻو پوي تہ ڪنڊن چڀڻ مان بہ انھن کي اھا ئي راحت ملندي جيڪا ٻئي ڪنھن کي گلن جي سيج تي سمھڻ سان بہ ملي نہ سگھي. ايتري قدر، جو ان راھہ تي مصيبتون جيتريون بہ وڌنديون وينديون آھن. ھنن لاءِ رڳو ان ڳالھہ جو خيال تہ اھو سڀ ڪجهہ ڪنھن منزل ڏانھن ويندڙ راھہ ۾ کين پيش اچي رھيو آھي، ھنن ۾ عيش ۽ سرور جو اھڙو اکٽ جذبو پيدا ڪري ڇڏي ٿو، جو ان جي سرشاريءَ ۾ جسم جي ڪا بہ ڪلفت ۽ ذھن جي ڪابہ اذيت انھن کي محسوس ئي نٿي ٿئي. ھيءَ ڳالھہ اوھان کي ٻڌڻ ۾ عجيب لڳندي ھوندي، پر حقيقت ۾ اھا ايتري عجيب بہ ڪانھي، ڇو تہ ھيءَ انساني زندگيءَ جي رواجي وارداتن مان ھڪ آھي. عشق ۽ محبت جي منزل تہ ڏاڍي اوچي آھي – پر ان واردات کان ”بوالھوسيءَ جي دنيا“ بہ خالي ڪانھي.“
عزيزو، حضرت شاھہ عبداللطيف پنھنجي سڄي رسالي ۾، سنڌ جي سڀني لوڪ روايتن ۽ لوڪ داستانن جي مدد سان، رسالي جي ڇٽيھن ئي سرن ۾ اھا ئي مقصد، مقصد سان عشق ۽ محبت، ۽ مقصد جي راھہ تي خود – قربانيءَ جي ڳالھہ ڪئي آھي، انساني زندگيءَ جي انھيءَ عظيم ”واردات“، عشق ۽ محبت جي واردات، مقصد سان فدائيت جي اعليٰ منزل جي ”واردات“، جي ڳالھہ ڪئي آھي. رسالي جي پھرئين سر ”ڪلياڻ“ ۾ ئي پاڻ ان لاءِ ”سپرين“، ”سڪ“، ۽ ”سور“ جا علامتي اصطلاح تخليق ڪيا اٿن ۽ وري وري ڪم آندا اٿن – ”سپرين“ مقصد لاءِ، ”سڪ“ مقصد سان عشق ۽ محبت لاءِ، ۽ ”سور“ مقصد جي راھہ ۾ پيش ايندڙ تڪليفن ۽ مصيبتن لاءِ.
ھڪ روايت موجب شاھہ لطيف پھريائين، ٻين سرن سان گڏ مکيہ طرح سسئيءَ جي سر جا بيت ڏيندو ھو، ۽ پوءِ جڏھن پاڻ ڦوھہ جوانيءَ ۾ ئي ھو، تہ پنھنجي سھيوڳي بزرگ ۽ درويش شاعر، ميين شاھہ عنايت، جي خاص چوڻ تي، جيڪو ان وقت پنھنجي پيرمرديءَ جا تقريبا نوي سال گذاري چڪو ھو، مارئيءَ جي قصي ڏانھن پنھنجو دلي لاڙو رکيائين، ۽، مارئيءَ جي سر ذريعي، انساني زندگيءَ جي مقصد جي رڳو عمومي طور ۽ انفرادي انداز واريءَ ڳالھہ ڪرڻ بدران، پنھنجي دلنواز شاعريءَ سان سنڌ جي ماڻھن کي سندن مقصد جي، خصوصي طور ۽ اجتماع نوع واري، ڳالھہ ٻڌائڻ شروع ڪيائين – فرد ۽ جماعت جي تعلق جي، ملير جي ۽ مارن جي، ملڪ ۽ ملڪ جي ماڻھن جي، وطن ۽ قوم جي، آزادي جي شان ۽ عظمت جي ۽ آزادي وٺڻ ۽ آزاديءَ جي ماڻڻ لاءِ حوصلي ۽ ھمت جي جاکوڙ جي ۽ سر گھورڻ جي - .
عمر منڊيا مامرا، مارو ٿر ٿيا،
آءٌ بندياڻي بند ۾، ڪ ڪي بند ٻيا!
اٿندي پيم اوچتا، پيڪڙا پيرن،
ھٿوڙيون ھٿن، ڄنگھون ٻانھون ڪاٺ ۾.
بندي ٻيا قرار، اسين لوچون لوھ ۾،
مٿي تن ترار، سدا سانبيئڙن جي.
پيڪڙا پيرن ۾، ڪوٺين اندر ڪير،
چاري چوگانن ۾، واھپ ڪن وزير.
نہ سرتيون نہ سير، نہ سي ڏونرا ڏيھہ ۾،
ھڪ ڪوٽن ڪٺي آھيان، زوراور زنجير،
مارو! ماريم مير، ويٺي ڳوڙھا ڳاڙيان.
جانڪي ستين سير، تان ڪي وھندينءَ ڪوٽ ۾،
سپ سمنڊين سپجي، نديءَ پئي نہ نير،
جئن ھوءَ ابر آسري تئن مون من ملير....
جر ۾ سپون جيئن، آھن ابر آسري،
جئن ڪونجون سارن روھ کي مون تن اندر تيئن،
ڪوٺين ويھان ڪيئن، جي نظر بندياڻي نہ ھئان!
ستي لڌم سھڻو، کٿيءَ ۾ خاصو،
وٺا مينھن ملير ۾ ٿيو تڙ تڙ تماشو،
چوريان جان باسو، تان جسو جنجيرن ۾!

کوھر، ٿوھر، ٿر، جت ساٺيڪا ۽ ستيون،
چارين ات چاھہ منجھان، پاسي ڦوڳن ڦر،
ڪئن لھندم ڪر، جئن مارو پاڻ اپاريا!

ھن مند مارو سنرا ويڙئين وڳ وارين....
ھن مند مارو سنرا کائڻ ۾ خوشحال.....
ھن مند مارو سنرا ڍنگر ڍار رھن....
ھن مند مارو سنرا ساڻيھہ منجهہ سڌير.....

چرن چڻڪن چت ۾ وسرن ڪين وري....
چرن چڻڪن چت ۾ گھارين مٿي گھٽ.....
چرن چڻڪن چت ۾ ھرن منجهہ ھنئين....
چرن چڻڪن چت ۾ سدا منجهہ سرير....
چرن چڻڪن چت ۾ رھيا اندر روح.....

سنھيءَ سئيءَ سبيو مون ماروءَ سين ساھ،
پکن منجهہ پساھہ قالب آھي ڪوٽ ۾.

ايءَ نہ مارن ريت، جئن سيڻ مٽائن سون تي،
اچي عمرڪوٽ ۾ ڪنديس ڪانہ ڪريت،
پکن جي پريت ماڙيءَ سين نہ مٽيان.

سکر سي ئي ڏينھن جي مون گھاريا بند ۾،
وسايم وڏ ڦڙا، مٿين ماڙين مينھن،
نيئر منھنجي نينھن اجاري، اڇو ڪيو.
ڪونھي قادر ڪو ٻيو، انھين جو اڀاڳ،
سڀوئي سڀاڳ، مارئيءَ مساوي ٿيو.

نڪا جھل نہ پل، نڪو رائر ڏيھہ ۾،
آڻيو وجھن آھرين روڙيو رتا گل،
مارو پاڻ امل، مليرون مرڪڻو.

عزيزو، قديم ماضيءَ جي ڌنڌ مان نروار ٿيندي، ٻين انيڪ ملڪن ۽ ماڻھن وانگر صدين جي تاريخي سلسلي ۾ گذرندي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻھو پنھنجي خاص سڃاڻپ سان 1843ع ۾ دنيا جي نقشي تي، برصغير ھند ۽ سنڌ جي نقشي تي، موجود نظر اچن ٿا. آءٌ سندن تاريخ کي ٽن دورن ۾ ڏسان ٿو -. 1843ع تائينءَ جو (قبل از تاريخ ۽ بعد از تاريخ) دؤر، 1843ع کان 1947ع تائينءَ جي ھڪ صديءَ جي غلاميءَ جو دؤر، ۽ اتان کان پوءِ ھيءُ اڄوڪو سندن اڀاڳو دؤر : ڇو تہ اِن طرح آءٌ سندن اڄ جي ھن دؤر کي آسانيءَ سان ۽ چٽو ڏسي سگھان ٿو.
دنيا ڄاڻي ٿي تہ تھذيب انسانيءَ جي علمي ۽ صنعتي دؤر ۾ پير پاتل براعظم يورپ جي انگريز حملہ آورن سنڌ ۽ سنڌي قوم تي 1843ع ۾ ڪنھن ٻيءَ قوم يا ٻئي ملڪ جو حصو سمجھي حملو نہ ڪيو ھو ۽ نہ انھن کي ڪنھن ٻئي ملڪي يا ٻيءَ قوم جي حصي طور فتح ڪيو ھو. سنڌ دنيا جي نقشي تي ان وقت بہ ھڪ ملڪ ھو، ۽ سنڌي ماڻھو تاريخ ۾ ان وقت بہ ھڪ قوم ھئا. انگريزن جي حڪمرانيءَ جا ھڪ سؤ سال، بھرحال سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻھو انھن جي ڪل – ھند بيٺڪي نظام جو حصو ضرور رھيا، پر ائين ھو پنھنجي آزاد ارادي ۽ مرضيءَ سان نہ ھئا. اھو عرصو، برصغير جي ٻين پاڻ جھڙن باندي ماڻھن سان شامل ٿي، ھو پنھنجي آزاديءَ لاءِ، حالتن پٽاندر، ڪل – ھند نئشنل ڪانگريس يا ڪل – ھند مسلم ليگ جي پلئٽفارمن تان، پنھنجي وس آھر، جدوجھد ۾ مصروف رھيا ۽ آزاديءَ جي ان عام جدوجھد جي نتيجي ۾، ۽ ائين کڻي چئجي، ھڪ قسم جي راڄوڻي فيصلي مطابق، جيڪو سڄو برصغير آزادٿيو تيئن ھو پاڻ بہ آزاد ٿيا. ان فيصلي موجب جنھن سان ڪانگريس مسلم ليگ ۽ حڪومت برطانيہ ٽنھي ڌرين جو اتفاق ھو، برصغير جي اتر – اولھہ ۽ اتر – اوڀر جي مسلم اڪثريت علائقن جي ميلاپ سان پاڪستان جي رياست (State) وجود ۾ آئي، جنھن ميلاپ ۾ سنڌ ۾ شموليت ڪئي، جيئن ھينئر بہ ان جي آھي. پر ان ميلاپ جا ڪي واضح اصول ھئا، ڪي متفقھ شرط ھئا ۽ اھي ڪل – ھند مسلم ليگ جي مارچ 1940ع واري لاھور ٺھراءَ ۾، ۽ ان کان پوءِ مئي 1941ع واري ڪل – ھند مسلم ليگ جي آئين ۾ اڄ بہ موجود آھن. انھن مطابق سنڌ کي، سنڌي ماڻھن کي ۽ ٻين مسلم اڪثريتي علائقن جي ماڻھن کي، پاڪستان جي ان ميلاپ ۾ آٽانامي ۽ ساورينٽي (خود اختياريت ۽ خود اراديت) جو درجو ملڻو ھو. پر افسوس، جو انھن شرطن ۽ انھن اصولن جو پھرئين ئي ڏينھن کان جن حلقن کي پاڪستاني رياست جو اقتدار ۽ ان جي حڪومت (Government) جو اختيار منتقل ٿيو، تن احترام نہ ڪيو، بلڪ ھنن، اسلام ۽ پاڪستان جي حوالي سان، حب الوطنيءَ جي مقدس جذبي کي پنھنجن استحصالي ارادن ۽ مستقل مفادن سان موافقت جون معنائون ڏيئي، پنھنجي طرفان انھن شرطن ۽ اصولن جي خلاف ورزين، وعدھ شڪنين ۽ ويساھہ گھاتين جي پردھ پوشيءَ لاءِ ۽ ان سڄي مجرمانہ عمل جي جواز طور استعمال ڪيو. ھو ائين ڪري سگھيا، ان لاءِ ٻين انيڪ سببن سان گڏ بنيادي طور برطانوي سامراج کان رياستي اقتدار توڙي حڪومتي اختيار جي غير جمھوري منتقلي ۽ ان منتقليءَ جو غير جمھوري طريقو ذميدار ھو. ھڪ تہ اھا منتقلي غير معمولي طور جلد بازيءَ سان عمل ۾ آندي ويئي ۽ ان لاءِ جن جمھوري تقاضائن جي پورائي ۽ انتطامي طور جيڪا گھٽ ۾ گھٽ تياري لازم ھئي سا نہ ڪئي ويئي؛ ۽ ٻيو تہ سڄو حڪومتي اختيار، ۽ پوري اھتمام سان، اھو ئي برطانوي بيٺڪي حڪومت جي سول (شھري) ۽ ملٽري (فوجي) عاملھ وٽ رھيو ۽ رڳو مٿي چوٽيءَ تي سامراج جي ڪن خاص معتبرن ۽ معتمدن جي صورتن جي پاڻ ۾ مٽ سٽ ٿي.
ائين اقتدار ۽ اختيار جي نون نوابن ۽ صاحبلوڪن پاڪستان جي رياستي توڙي حڪومتي مسئلن کي فقط انتظامي ۽ قانون ۽ ضابطي (Law and Order) جا مسئلا سمجھيو، ۽ ڪڏھن بہ انھن کي سياسي مسئلن طور سمجھڻ ۽ حل ڪرڻ ضروري نہ ڄاتو. ۽ ان سڄيءَ غلغلائيءَ ۽ ارھہ زورائيءَ بلڪ غندا گرديءَ جي تھہ ۾ انھن جي انفرادي ۽ گروھي ”بوالھوسي“ ئي لڪل ھئي – سڄو وقت ھنن رڳو اسان جا اقتصادي مال اسباب يعني اسان جون زمينون، اسان جا کيت، اسان جا معدني خزانا، اسان جا سامونڊي ڪنارا، درياءَ ۽ ٻيلا، اسان جا ڳوٺ ۽ شھر، اسان جي روزگار جا وجھہ ۽ وسيلا، اسان جا تھذيبي ورثا – ٻولي، ادب ۽ فن، صحافت، تعليمي ادارا - ۽ وڏي ڳالھہ تہ اسان جي انساني آباديءَ جا انگ اکر بہ پئي تاڙيا آھن ۽ تڳايا آھن، ۽ غصب ڪرڻ لاءِ ھر وقت پنھنجي ڪڏھن بہ نہ ڀرجندڙ حريص اک ۾ رکيا آھن – ايتري قدر، جو اڄ اسين انھيءَ ھاڃي جي شعور ۽ خساري جي احساس کي ذھن تي رکي ۽ دل ۾ کڻي ھلڻ تي مجبور آھيون، جنھن کان قرآني سورت العصر ھن ڌرتيءَ جي انسانن کي، ۽ پڻ اسان کي، ”والعصر ان الانسان لفي خسر“ چئي، خبردار ڪيو آھي.
عزيزو، اڄ اسين ان امڪان جي خوف ۾ ورتل آھيون تہ اسان جي وجود جو ڇا ٿيندو. تحقيق، اڄ اسين – اسين ڪير؟ اسين اھي جن لاءِ اسان جي ڏاھي سڄڻ شاھہ عبداللطيف چيو:

سور ورھايان سرتيون جي ورھايا وڃن،
ٻيون ڪوھ ٻجھن، جن سندا تن سامھان.

-يعني تہ اسين سڀ سنڌ جا ماڻھو، سڀ سنڌي، سڀ اھي جيڪي سنڌ جا قبل از پاڪستان رھواسي آھيون، ۽ پڻ اسان جا نؤ وارد ڀائر جيڪي پاڪستان ۾ رياست جي اقتدار ۽ حڪومت جي اختيار جي مجرمانہ. بي شعور، غير ذميدار ۽ غير جمھوري منتلقيءَ جا سدا ۽ فوري شڪار بڻجي اسان وٽ مھاجر ٿي آيا ۽ اڄ پنھنجي سنڌ کي پنھنجو گھر سمجھن ٿا ۽ ان سان جيئڻ ۽ مرڻ جو قول اٿن (جيڪو اسان سڀني کي ان سان ھئڻ کپي) ۽ سنڌ کان سواءِ ڪٿي ٻئي ھنڌ، پاڪستان جي اندر پاڪستان کان ٻاھر، گھر ڪونہ اٿن – سي سڀ اسين، تحقيق، اڄ انھيءَ انتھائي تيز ۽ ڪٺور چئلينج جي منھن مقابل آھيون، جنھن جو چتاءُ اسان کي اسان جي صاحب ڪتاب، حضرت شاھہ عبداللطيف بہ، ان قرآني سورت ”العصر“ جي حوالي سان پنھنجي ڪلام انسانيءَ جي سر ڪلياڻ (بمعنيٰ ”فتح“) ۾ ڏنو آھي ۽ چيو آھي تہ وقت جي اِن چئلينج کي ڪاميابيءَ سان منھن ڏيڻ لاءِ اسان لاءِ سواءِ انقلابي جدوجھد جي ٻيو ڪو در کليل ئي نہ آھي –
پر ۾ پڇيائون، عشق جي اسباب کي،
دارون ھن درد جو ڏاڍو ڏسيائون،
آخر والعصر جو اِينھين اتائون،
تھان پوءِ آئون سڪان ٿي سلام کي.

سڪين ڪھہ سلام کي، ڪرين ڪھہ نہ سلام،
ٻيا در تن حرام، ايءُ در جنين ديکيو.
-”اِيءُ در“ انقلاب جو در، جدوجھد جو در، خود قربانيءَ جو در، ”ليس للانسان الا ما سعيٰ“ جو در: ڇو تہ سنڌي سماج سڀاڻي جي سنڌ ۾ اھو ئي ھوندو، جيڪو اسين پنھنجي دل ۾ پاڻ رٿينداسون ۽ پنھنجن ھٿن سان پاڻ اڏينداسون.
تنھن وچ ۾ آءُ شاھہ سائينءَ جو ئي ھڪ املھہ بيت، جو ان سماج جو، ان اسان جي خوابن جي سنڌ جو، سڏ بہ آھي، اوھان جي آڏو رکندس، ۽ ان تي دل جي حضور سان غور ڪرڻ جي، وري وري غور ڪرڻ جي، ۽ پڻ ان جي موٽ ڏيڻ جي، اوھان کي دعوت ڏيندس، ۽ اوھان کان اجازت وٺندس – يار زندھ صحبت باقي :

”ھلو تہ ھلون ڏٿ کي! اٿو! اٿو! ڪن،
پاڻي پوٽڙين ۾، ڪندر سر ڪلھن،
ڏؤنرا ڏور سجھن، وئي وھامي راتڙي.“