پنجين ڇاپي لاءِ ٻه اکر
5 جولاءِ، 1977ع تي، ضياءُ الحق وارو خوني مارشل لا لڳي ويو ھو ۽ خاص طرح سنڌ جي سڄي فضا ھڪ وڏيءَ گھٽ ۽ ٻوسٽ ۾ ورتل ھئي. مارشل لا کان اڳ، پيپلس پارٽي حڪومت جي پوئين سال (1976ع) ۾، سنڌ دشمن، رجعت پرست حلقن، خاص طور جماعت اسلاميءَ، جي نظرياتي بليڪ ميل جي دٻاءَ ۾ ايندي، حڪومت سنڌ، شير شاھہ جي شڪري جو ڪم ڪيو، ۽ سنڌي ٻوليءَ جا لڳ ڀڳ ھڪ سؤ ڪتاب ۽ رسالا ھڪ ئي قلم جي نوڪ سان ضبط ڪري ڇڏيا.
دوستن جو انديشو ھو تہ اھڙي ماحول ۾ جيڪڏھن ھن مھاڳ سان اھا ٽن جلدن واري ايڊيشن شايع ٿي، تہ پڪ ئي پڪ اھا بہ ضبط ٿي ويندي. انھيءَ خيال سان، پوءِ فيصلو ڪيو ويو تہ ان خصوصي ايڊيشن لاءِ الڳ ھڪ سڌو سادو ۽ ننڍو مھاڳ لکيو وڃي، ۽ ھيءُ مضمون جدا ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو وڃي.
۽ ائين ھيءُ ڪتاب جڏھن پھريون ڀيرو پڌرو ٿيو، تہ ھڪ ئي مھيني ۾ ان جو پھريون ڇاپو وڪجي ويو. ترت ئي ان جو ٻيو ڇاپو 3000 ڪاپين جو آندو ويو ۽ ان کان پوءِ بہ ھڪ ٻئي پٺيان ھن جا ٻہ وڌيڪ ڇاپا شايع ٿي چڪا آھن. اِن طرح ڪتاب جو ھيءُ پنجون ڇاپو آھي، جو سنڌي ادب جي باشعور ۽ باذوق پڙھندڙن جي خدمت ۾ پيش ٿي رھيو آھي.
ڪتاب جي ھن نئين ڇاپي سان شامل، آخر ۾ موضوع سان لاڳاپيل پنج سنڌي مضمون ”اسين ۽ شاھہ“، ”نئون نياپو“، ”سنڌ ۽ سنڌيت“ ”سنڌ منھنجي خوابن جي“ ۽ ”ڇڄ م قطاران....“ ۽ ھڪ انگريزي مضمون “Sindh and the Message of Shah” جو پوئين سنڌي مضمون ”ڇڄ م قطاران....“ جو ھڪ طرح اختصاريل ھڪ ترجمو ئي آھي، ۽ پڻ ڪتاب تي لکيل، عزيز دوست تاج جويي جو مضمون، بعنوان ”تبصرو“ بہ شامل ڪيا ويا آھن.
محمد ابراھيم جويو
حيدرآباد سنڌ.
آگسٽ 1990, 23ع