شاھہ، سچل، سامي
وارو ويراڳين کي ويل م وساريج،
قدم ڪاپڙين جا ليلائي لھيج،
پيرت پسيو پٽ جِي، وڃڻ کي وڃيج،
راتو ڏينھن رڙھيج، آءٌ نہ جيندي ان ري.
جز وڃايو جوڳئين، ڪل سين آھين ڪم،
آسڻ جن عدم، آءٌ نہ جيندي ان ري!
-
جي ڀانئين وس چران، تہ سنگھارن سين لڏ،
تہ ھاڃي سندي ھڏ ڪوڪ نہ سڻين ڪڏھين.
جي ڀانئين وس چران، تہ سنگھارن سين گھار،
جنين سندي واڙ، چور نہ ايندا ڪڏھين.
-
سچل
صورت ۾ جاءِ دم جي، دم ريءَ نہ صورت ڪم جي،
دم ۾ جا لذت غم جي، وھہ واھہ ڳالھہ خاصي.
ابليس جي وڏائي، ھر سانس تي سوائي،
جيوڻ تہ دم ڀلائي، نہ تہ تھت نحس ناسي.
ثابت ”سچل“ سچاري، يارن جي ياد ياري،
وحدت جني وساري، تن تن مٽي اڻاسي.
-
چڱو گوندر غم، جي مون پڇو جيڏيون،
منجهہ ڪشالي ڪم، آھي ورھہ وارئين.
متان وھين ماٺ ۾، منجهہ جلديءَ ڄل،
ھتي ويھہ نہ. ھل، تان ڪي پڄين پنڌ کي.
-
سامي
اڻ ھوندي ڀولي، وڌو جيءُ ڀِرم ۾،
جئن کستوري ناڀ ۾، مرگهہ ٻاھر ڦولي.
-
عشق ۽ عقل، ٻئي ساڌن سم جا،
ساڌي لھہ ”سامي“ چئي، آتم پد عمل.
-
عجائب عقل، سالڪ ڏنو سڪ سان،
سمجھي روح راضي ٿيو، ڇڏي ھنگامو ھل،
وحدت ۾ واصل، پرچي ٿيو پريم ۾.
-
ويد پران، قرآن ڪو، سڀني ۾ ھڪ سوت،
سمجھي ڏس ”سامي“ چئي، لائي من مضبوط.
-
خالق منجهہ خلق، خالق سڀ خلق ۾،
سمجھي ڪو ”سامي“ چئي، ورلو جن ھڪ.
-
نڪو آر نہ پار، سپيريان جي سڪ جو،
سئانتيءَ بنان سپ کي، اچي ڪين قرار.
مک سان رام چئي، سانت نہ اچي جيءَ کي،
ان پاڻيءَ جي نانو سان بک اڃ ڪين لھي،
نگر پھچي ڪونہ ڪو، بنان پنڌ ڪئي،
گرگم رھت رھي، تہ سکي ٿئي ”سامي“ چئي.
-
وڌو وچ وچاءُ ڪھڻيءَ رھڻيءَ پاڻ ۾،
ورلي ڪنھن گرمک کي ”سامي“ پيو سماءُ.
-
آھن آگم اپار، راھان رام ملڻ جون،
تن سڀني ۾ ھڪڙي، ساڌ سنگت نج سار.
-
ڪيڏي وڏائي، ڳڻيان سا پرسن جي،
سم درسي، سيتل سدا، سڀ جا سکدائي،
ممتا ميل اندر ۾، رکن نہ رائي،
”سامي“ سدائي، ڪن اپڪار اچاھہ ٿي.
-
منجھين تن تنوار وڄي ويل سڀڪنھين،
چنگ تنبورا ڪيترا، آھن ساز اپار،
اٺئي پھر اندر ۾ ”سامي“ پرينءَ پچار،
ڪنھن ڪنھن مڱڻھار، سوجِھي ھن سرود جي.