لطيفيات

شاھہ، سچل، سامي ھڪ مطالعو

ھن مضمون ۾ شاھ، سچل ۽ ساميءَ جي دور جو ھڪ مطالعو پيش ڪيو ويو آھي. اِن ۾ ان دور سان گڏ اجمالي طرح، خود ان دور جي پس منظر طور، سنڌي سماج جي تقريبا سڄي تاريخي دور جي سياسي، مذھبي ۽ تھذيبي صورتحال جو جائزو ورتو ويو آھي. سنڌ جي تاريخ جو اھو ھڪ وسيع سماجي پس منظر آھي، جنھن جي روشنيءَ ۾ شاھ، سچل ۽ ساميءَ جي شعر جي جامع مقصد ۽ ان جي اھميت کي سمجهي سگهجي ٿو.

Title Cover of book شاھہ، سچل، سامي ھڪ مطالعو

پھرئين ڇاپي جو مھاڳ

مون ھن مضمون ۾ شاھہ، سچل ۽ ساميءَ جي دور جو ھڪ مطالعو پيش ڪيو آھي. اِن ۾ مون ان دور سان گڏ اجمالي طرح، خود ان دور جي پس منظر طور، سنڌي سماج جي تقريبا سڄي تاريخي دور جي سياسي، مذھبي ۽ تھذيبي صورتحال جو جائزو ورتو آھي. سنڌ جي تاريخ جو اھو ھڪ وسيع سماجي پس منظر آھي، جنھن جي روشنيءَ ۾ شاھہ، سچل ۽ ساميءَ جي شعر جي جامع مقصد ۽ ان جي اھميت کي سمجھي سگھجي ٿو.
سنڌي سماج جي تاريخ ۾ شاھہ، سچل ۽ سامي ائين آھن، جيئن زمين جي اندر ان جي تھہ بَتھہ پيٽ ۾ املھہ ۽ جرڪندڙ ھيرا. ھن مضمون ۾ مون انھن جي سدا روشن فڪر ۽ پيغام جو ۽ سنڌي سماج لاءِ ان جي معنيٰ ۽ بنيادي اھميت جو جائزو پيش ڪيو آھي.
انھيءَ چوڻ جي واقعي ڪا ضرورت ناھي تہ شاھہ، سچل ۽ ساميءَ جي دور ۽ سندن شعر جو ھيءُ مطالعو منھنجو پنھنجو شخصي مطالعو آھي. پر ان جي حمايت ۾ مان ايترو ضرور چئي سگھان ٿو تہ ڪو ٻيو بہ جيڪڏھن سنڌ جي ھنن بزرگ شاعرن جي پيغام جو ساڳئي انھيءَ سماجي پس منظر جي روشنيءَ ۾ جائزو وٺندو تہ ھو بہ ان ۾ اھا ئي معنيٰ ۽ اھو ئي بنيادي فھم ڏسندو، جيڪو مون کي شخصي طور ان ۾ ڏسڻ ۾ آيو آھي.
ٻولي جيڪڏھن ڪنھن قوم يا سماج جي سڄي تجربي جي يادداشت آھي تہ شاعري ان جي اھم تجربي جي يادداشت آھي ۽ جيڪڏھن ڳالھہ ان جي بھترين شاعريءَ جي ھجي تہ ان جي افاديت بہ ان لاءِ اھڙي ئي انوکي، سچي ۽ اعليٰ ٿي سگھي ٿي. ھن مطالعي ۾ مون شاھہ، سچل ۽ ساميءَ جي شعر جي انھيءَ اھميت ۽ انھيءَ افاديت جي ڳالھہ ڪئي آھي.
مون سوچيو ھو تہ ھن مضمون سان گڏ، ان جي مرڪزي خيال جي مدد ۾، سنڌ جي ھنن لاثاني شاعرن جي شعر جو انتخاب بہ ڏيئي ڇڏيان، پر ڪن دوستن جي صلاح بيٺي تہ مضمون پنھنجي جاءِ تي جيئن ھو تيئن شايع ڪجي، ۽ اھو پنھنجن سڄاڻ ۽ لائق پڙھندڙن تي ڇڏجي تہ ھو ان جي روشنيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ھنن محب وطن ۽ محبوب شاعرن جي سڄي شعر کي، جيڪو سندن سڄي ماضيءَ جي تھذيبي تاريخ جو ورثو ھو، پاڻ پڙھن، سمجھن ۽ دل سان لائين.
انساني معاملن ۾ حسن، نيڪي ۽ خير، انھن جي سڃاڻپ، حاصلات ۽ تعمير. ھي ڳالھيون جذبي ۽ عشق کان سواءِ ممڪن نہ آھن ۽ جذبي ۽ عشق جون ڳالھيون يڪطرفي ايمان ۽ بي روح تشدد ۽ اقتدار جي ماحول ۾ ڪڏھن تہ دل ٻڌي ائين چئي ڇڏبيون آھن، جيئن سچل سائينءَ چوڻ چاھيون ۽ چيون:
سچ ٿا مرد چون، ڪنھن کي وڻي نہ وڻي....
پر اڪثر حالتن ۾، جيئن خود سچل سرمست بہ مناسب سمجھيو، انھن کي سڌي سنئين چوڻ بدران ڪنھن رمز ۽ ڍنگ سان چوڻ ضروري ٿئي ٿو.
ماٺ ڪيان تان مشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر،
انھيءَ وائيءَ ور ڪو سمجھي ”سچيڏنو“ چوي.
اسين، جو ڪجهہ ٻڌون ٿا، پڙھون ٿا ۽ جو ڪجهہ سوچيون يا سمجھون ٿا، سو پنھنجي ماحول مطابق ۽ پنھنجن مسئلن جي روشنيءَ ۾. ڪنھن جي سامھون ڪھڙا مسئلا آھن. اھم ڳالھہ اھا آھي، پنھنجن انھن مسئلن جي روشنيءَ ۾ ئي ھرڪو ماڻھو ۽ ھر ڪو سماج پنھنجي راھہ جو ڏس پڇي ٿو ۽ ڳولي ٿو. پنھنجي تاريخ، پنھنجي ادب ۽ پنھنجي سڄي تھذيبي ورثي جي حاصلات مان. شاھہ، سچل ۽ ساميءَ جي ڪلام ۾ سنڌي سماج لاءِ ان راھہ جو ھن وقت ڪھڙو ڏس موجود آھي. اھو معلوم ڪرڻ اسان مان ھر ھڪ جو اڄ پھريون فرض آھي: مون ھن مضمون ۾ سندن ڪلام ۾ انھيءَ ڏس جي لھڻ جي پنھنجي پر ۾ ھڪ ڪوشش ڪئي آھي.
مضمون جي آخر ۾ ”اسين ۽ شاھہ“ جي عنوان سان پنھنجي ھڪ مختصر ڳالھہ جيڪا تازو اسان جي نئين ٽھيءَ جي ھڪ نمائندہ اشاعت ۾ ڇپي ھئي، اھا جيئن جي تيئن شامل ڪئي اٿم. جو مضمون جي مرڪزي خيال سان اھا پوريءَ طرح لاڳاپيل آھي، بلڪ ان کي ھڪ طرح ھن مضمون جو اختصار چئي سگھجي ٿو.
آخر ۾ ھڪ اعتراف ڪري ڇڏڻ بيحد ضروري آھي. ھيءُ مضمون، جيئن پڙھندڙن جي اڳيان آھي، ھرگز ممڪن نہ ٿي سگھي ھا، جيڪڏھن گذريل ڪجهہ عرصي ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنڌ جي تاريخ جا اصلوڪا ماخذ شايع ٿيل نہ ھجن ھا ۽ خاص طرح جيڪڏھن اسان جي محترم بزرگ ۽ منھنجي عزيز ترين دوست پير حسام الدين شاھہ راشديءَ جي سنڌ جي تاريخ تي ڪيل تحقيق اشاعت ھيٺ نہ آيل ھجي ھا. اسان تي ان پنھنجي علمي ۽ سنڌ جي ھن محب وطن بزرگ عالم ۽ دانشور جي دلي شڪرگذاري لازم آھي.

محمد ابراھيم جويو
حيدرآباد، سنڌ
17 جنوري، 1978ع