تبصرو
”تلڪ“ جا مٿيان لفظ، ڪتاب جي اھميت بابت جامع مفھوم ادا ڪن ٿا. بيشڪ، ڪتاب دنيا کي دوزخ مان بھشت ۾ بدلائي سگھن ٿا؛ ڪتاب قومن جون قسمتون بدلائين ٿا، قومن کي غلاميءَ جي ڪن مان ڪڍي، آزاديءَ جي بھشت ۾ پڄائي سگھڻ جي طاقت رکن ٿا. ڪتابن انساني ذھنن ۾ وڏا واچوڙا، ۽ ملڪن جي حالتن ۾ وڏا ڦيرا ۽ انقلاب آندا آھن. روسي جي ڪتاب ”سوشل ڪانٽرئڪٽ“ ۽ والٽيئر جي لکيتن، فرينچ انقلاب لاءِ رستو تيار ڪيو. مارڪس جو ”داس ڪئپيٽل“ لينن جي ھٿان روس ۾ پورھيت – راڄ جي قيام ۽ زار شاھيءَ جي زوال جو سبب بنيو. عرب جي ڄٽ ۽ بدو قوم کي دنيا جي امامت ڪرڻ جي اھل بنائڻ ۾ ”قرآن“ جو ئي ھٿ ھو.
ھونئن تہ ھيءَ سڄي ڪائنات فطرت جو ھڪ کليل ڪتاب آھي، پر ھڪ لکيل ڪتاب ازلي ۽ ابدي ھوندو آھي، ان جو لفظ بد بَلفظ جوابداريءَ سان لکيو ويندو آھي. ھا، اھا بہ ھڪ حقيقت آھي تہ ڪي ڪتاب (تمام ڪي ٿورا ڪتاب) قومن جي شڪست ۽ ذلت جو ڪارڻ بہ بنيا آھن؛ جھڙوڪ ھٽلر جو ”مين ڪمف“، ليڪن، اھڙا ڪتاب تخريبي ذھنن جون لکيتون ھوندا آھن، ۽ اھي بدنيتيءَ سان لکيا ويندا آھن. پر سچا ڪتاب، جيڪي نيڪ ارادن ۽ انسانيت جي فائدي ۽ ڀلائيءَ جي خيال کان لکيا ويندا آھن، سي ”قومن جي آزاديءَ جا دستور“ ھوندا آھن؛ ۽ انھن جو مطالعو ذھنن ۾ چڱائيءَ ۽ سچائيءَ جا جوھر ڀريندو آھي. سچ تہ ڪتاب جھڙو ڪارائتو ۽ سچو ساٿي ٻيو ڪو ٿي ئي نٿو سگھي. ڪتابن مان اسين جدا جدا انسانن ۽ جدا جدا قومن جا ڪارناما، تجربا ۽ سڦل ڪم معلوم ڪري سگھون ٿا؛ ۽ انھن مان سبق پرائي، اسين پاڻ کي ۽ پنھنجي عمل کي انسان ذات لاءِ ڦلدائڪ ۽ ڪارائتو بنائي سگھون ٿا. دنيا جي ھڪ وڏي ڏاھي برناڊشا جو چوڻ آھي تھ:
”مون کي ٻہ ڀيرا سڄيءَ دنيا جي سير ۽ سفر کان پوءِ اھو احساس ٿيو تہ مون اھو سڄو وقت ضايع ڪيو؛ ان بدران جيڪڏھن ڊبلن جي لئبرريءَ ۾ ويھي ڪم ڪريان ھا، ۽ ڪتاب پڙھان ھا، تہ انھن سفرن کان ھزارين ڀيرا وڌيڪ علم ۽ تجربو پرايان ھا.“
سوال ٿو اٿي تہ ھن ائين ڇو چيو؟ ان جو سبب ظاھر آھي تہ دنيا جي تمام وڏن ماڻھن پنھنجا تجربا ۽ تجربن مان حاصل ڪيل نتيجا پنھنجن ڪتابن ۾ لکي ڇڏيا آھن؛ جيڪڏھن رڳو انھن جو ئي مطالعو ڪيو وڃي، تہ ھوند سڄيءَ دنيا جي سير سفر ڪرڻ سان حاصل ٿيندڙ تجربن، ۽ تجربن مان نڪرندڙ نتيجن کان وڌيڪ مواد، ماڻھوءَ کي گھر ويٺي، حاصل ٿي سگھي ٿو. ان ڳالھہ کان ڪوبہ ڪن– ٽار نٿو ڪري سگھي تہ اڄوڪيءَ دنيا ۾ ڪتبخانا ۽ لئبرريون، انسان لاءِ سچا پچا سکيا – گھر آھن. ڪنھن ڏاھي جو چوڻ آھي تہ ”جنھن قوم ڪتبخانا ۽ لئبرريون ڇڏي، ھوٽلون ۽ سئنيمائون وسايون، سا قوم تباھہ ٿي ويئي.“ ڪتاب دماغ ۽ سينا روشن ڪن ٿا، ۽ انھن ۾ سچ ۽ سونھن جو وکر ڀرين ٿا، ۽ ھوٽلون ۽ سئنيمائون ذھني عياشيءَ جا اڏا آھن، ۽ اھي دماغن ۽ دلين جي درين تي انڌ ۽ بي عقليءَ جا پڙدا چاڙھي ڇڏين ٿيون. اسين، پنھنجي سماج ۽ پنھنجي ملڪ جو جائزو وٺنداسون تہ معلوم ٿيندو تہ اسان سان بہ ساڳي حالت آھي. اسان جا ڪتبخانا ۽ لئبرريون تباھہ ۽ ويران آھن، ڪتاب سڙي، سرجي، اڏوھيءَ جو کاڄ ٿي رھيا آھن؛ ۽ اسان جا نوجوان ”ھوٽلن ۽ سئنيمائن“ ۾ پنھنجون دماغي ۽ جسماني صلاحيتون ضايع ڪندا رھن ٿا. ان ڪري، وقت جي وڏي ضرورت آھي تہ اسان جا سڄاڻ ۽ سجاڳ ليکڪ پنھنجن ماڻھن اڳيان ڪتاب جي اھميت واضح ڪن، ۽ پنھنجن ماڻھن ڪتابن پڙھڻ جي ھير وجھن، ڇو تہ ڪتاب ئي سندن مداوا ۽ مسيحا بنجي سگھن ٿا، ڪتاب ئي سندن سچا پچا رھبر ۽ رھنما ٿي سگھن ٿا. اڄ جي اقتداري سياست، اڄ جو کوکلو مذھب، اڄ جا پاروٿا پر چکيل مکيل نظريا، ماڻھن ۾ وڏي مونجھاري جو باعث بنجي رھيا آھن، ان جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ بہ اسان جي بي علمي ۽ ڪتابن ڏانھن اسان جي بي ڌياني ئي آھي.
دنيا جي ٻولين ۾ وڏا وڏا ۽ اھم ڪتاب لکيا ويا آھن؛ اھڙيءَ طرح اسان جي ٻوليءَ، سنڌيءَ، ۾ بہ ڪيترا اھم ۽ وڏا وڏا ڪتاب لکيا ويا آھن، جن جو مطالعو اسان لاءِ تمام ضروري آھي.
اڄ اسين، سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ پاران جنھن ڪتاب بابت تنقيدي بحث ڪري رھيا آھيون، سو آھي: ”شاھہ، سچل سامي“ جيڪو سنڌ جي ھڪ مھا ليکڪ، ۽ برک ڏاھي سائين محمد ابراھيم جويي لکيو آھي. ھيءُ ڪتاب، 82 صفحن جو ھڪ مختصر ۽ ننڍڙو ڪتاب آھي، جنھن جي قيمت صرف ڇھہ رپيا آھي؛ ۽ جيڪو ٽن ٻين ڪتابن – شاھہ جي رسالي، سچل جي ڪلام ۽ ساميءَ جي سلوڪن – جي مطالعي تي مشتمل آھي.
جويي صاحب اسان کي اسان جي ٻوليءَ ۾ سدائين پختو، سچو، صحتمند، زندگيءَ جي قدرن جي نمائندگي ڪندڙ ۽ قوم لاءِ ڪارائتو ادب پئي ڏنو آھي؛ پوءِ اھو مضمونن جي صورت ۾ ھجي، ترجمي جي شڪل ۾ ھجي، يا ڪتاب جي جامي ۾. اھڙيءَ طرح، ھيءُ سندس ننڍڙو ڪتاب پڻ اھرن ئي پختن، صحتمند ۽ سچن بنيادن تي لکيل آھي. ھن ڪتاب جو مطالعو اسان کي پنھنجن عظيم شاعرن – شاھہ، سچل ۽ ساميءَ - جي عظيم فڪر، سنيھي ۽ سندن دور جي سچيءَ پچيءَ تاريخ جو نقشو پيش ڪري ٿو. ھن ڪتاب ۾ فاضل ليکڪ، 1689ع کان 1850ع تائين، - يعني شاھہ لطيف جي جنم کان ساميءَ جي وفات تائين – ان سڄي دور جو سياسي، مذھبي ۽ تھذيبي پس منظر بيان ڪيو آھي، ۽ ٻڌايو آھي تہ ھنن عظيم شاعرن جو ڪردار، پنھنجي دور ۾ ڪھڙو رھيو آھي، ۽ انھن قوم جي اڳيان ڪھڙي قسم جو فڪري ادب ۽ ادبي فڪر پيش ڪيو آھي.
اھا ھڪ حقيقت آھي تہ شاھہ، سچل ۽ سامي – جن کي جويي صاحب، ”سنڌ ۽ سنڌي سماج جي سڃاڻپ جا شاعر“ سڏيو آھي – اسان جا عظيم شاعر آھن؛ ۽ سندن لافاني ڪلام جا ڪتاب، جي اسان وٽ شاھہ جي رسالي، سچل جي ڪلام ۽ ساميءَ جي سلوڪن جي نالي سان موجود آھن، اسان لاءِ اھڙي ئي حيثيت رکن ٿا، جيڪا فرينچن لاءِ روسي ۽ والٽيئر جي تخليق ۽ ڪميونسٽ دنيا لاءِ ”داس ڪئپيٽل“ کي حاصل آھي.
اسان جي مٿين عظيم شاعرن، خاص ڪري شاھہ، جي ڪلام، فڪر ۽ دور جي باري ۾ اسان جي ڏيھي ۽ پرڏيھي عالمن گھڻو ڪجهہ لکيو آھي؛ پر سواءِ ڪن ٿورڙن جي ٻين سڀني جو رخ روحاني لاڙن ڏي لڙي ويو آھي، ۽ ڪا پختي ۽ سند جوڳي لکيت اسان وٽ موجود ڪانہ آھي: سواءِ ايڇ. ٽي. سورلي جي ”شاھہ آف ڀٽ“، مولانا دين محمد وفائيءَ جي ”شاھہ جي رسالي جي مطالعي“، جي ايم سيد جي ”پيغام لطيف“، ۽ تنوير عباسيءَ جي ”شاھہ لطيف جي شاعريءَ“ جي، ٻيو ڪو اھڙو ڪتاب اسين دنيا اڳيان پيش ڪري نٿا سگھون، جنھن ۾ شاھہ جي دور ۽ شاعريءَ جي صحيح ڇنڊڇاڻ ٿيل ھجي. ان ڪري، ضرورت ھئي تہ جديد دنيا جي تقاضائن ۽ نون تنقيدي لاڙن جي روشنيءَ ۾، مٿين عظيم شاعرن جي شاعريءَ ۽ دور جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي. شاھہ اسان جو عظيم شاعر ھو، پر سندس عظمت جا ڪارڻ ڪھڙا ھئا، ھن ڪھڙين ڌرين ۽ ڪھڙن طبقن کي پنھنجي شاعريءَ جو عنوان بنايو، جنھنڪري ھن جو وجود اسان لاءِ عظمت جو اھل آھي؟ سچل ۽ سامي، برابر سنڌ جا وڏا شاعر آھن، پر سندن وڏائي ڪھڙين ڳالھين ۾ سمايل آھي، اِن ڏس ۾ اسان جي عالمن ۽ اديبن، تمام گھٽ ڌيان ڏنو آھي، پر آءٌ بہ ائين بہ چوندس تہ سوچيو بہ نہ آھي.
جويي صاحب، پنھنجي جاندار قلم ۽ سگھاري سوچ جي ٻٽي سنگم سان، اِن ڏس ۾ جرئتمنداڻو قدم کڻي، تحقيق جس جوڳو ڪم ڪيو آھي. ھن اسان کي ٻڌايو آھي تہ شاھہ، سچل ۽ ساميءَ جي وڏائي اِن ۾ آھي تہ ھو اسان جي ”قومي سڃاڻپ جا شاعر“ آھن؛ ھنن بحراني دور ۾ جنم وٺي، پنھنجي پنھنجي سگھاريءَ شاعريءَ ۽ فڪر وسيلي، قومي ٻڌي ۽ ٻوليءَ جي بچاءَ جو اھم ۽ ڏکيو ڪم ڪيو. ھنن اھو ڪم اھڙي دور ۾ ڪيو، جڏھن مذھب ۽ رياست (سياست)، ملن ۽ حاڪمن جي اثر ھيٺ ھئي؛ ۽ سندن اتحاد سنڌي تھذيب کي نقصان پئي رسايو. شاھہ، سچل ۽ ساميءَ جو جنم وقت جو وڏو انقلاب ھو.
ھن ڪتاب جي وڏي ۾ وڏي سٺائي اھا آھي تہ فاضل مصنف، اسان جي عظيم شاعرن جي شاعريءَ جو مطالعو ان دور جي سياسي، مذھبي ۽ تھذيبي پس منظر ۾ ڪيو آھي – جيڪو طريقو جديد دنيا جو مڃيل تنقيدي طريقو آھي. جويي صاحب، ھن ڪتاب ۾ ٻڌايو آھي تہ ”مذھب، رياست ۽ تھذيب“ انساني سماج جي تنظيم جا ٽي لازمي ۽ بنيادي شعبا آھن – “ (ص 18). ”انسان“ اڻ ڏٺي جي خوف، ٻئي انسان جي خوف، ۽ خود پنھنجي اندر جي حيوان جي خوف کان، ھڪ وڏو بچاءُ – گھر يعني سماج ٺاھي ٿو، ۽ مٿين ٽنھي خوفن جي بچاءَ لاءِ وري مذھب، رياست ۽ تھذيب جا ٽي خول بنائي ٿو. اڳتي ھلي، مذھب ۽ رياست، ڪن مستقل مفادن – حاڪمن ۽ ملن– جي ور چڙھي وڃن ٿا، ۽ اھي ٻيئي قوتون سٽل ڪري، انساني آزاديءَ تي بند وجھن ٿا. مذھب ۽ رياست جو اھو سنگم، ”ذھني ھوڏ ۽ اقتدار جي آپيشاھيءَ“ کي جنم ڏئي ٿو، ۽ ان ۾ طاقت مڙي جڙي ”حاڪم ۽ ملي“ جي صورت ۾ ھڪ ھنڌ وڃي جمع ٿئي ٿي.“ (ص 22). ”اڳتي ھلي اھو ڳٺجوڙ انسانن ۾ طبقاتي ويڇا پيدا ڪندو آھي، ۽ وڏا بحران جنم وٺندا آھن. جڏھن مذھب ۽ رياست جو تشدد ۽ تنگ نظري سماجي بحرانن جي صورت وٺندا آھن، تڏھن عقل ۽ امنگ جون متحرڪ قوتون، ايمان ۽ طاقت جي جامد قوت خلاف جنگ جوٽينديون آھن. پوءِ، ”حساس ذھنن ۾ بھشت جو خواب جلوہ گر ٿئي ٿو ۽ عام ماڻھو بيزاريءَ ۽ انتقام جي جوش ۾ اچن ٿا، ۽ پوءِ ڪنھن زوردار ڌماڪي يا باھ جي ڀڙڪي کي روڪڻ ڏاڍو مشڪل ٿئي ٿو.“ (ص 23).
جويي صاحب، ان مد ۾ وڌيڪ ڏسيو آھي تہ ”بحران حالتن جي ڪايا پلٽ لاءِ فطرت جا وسيلا ھوندا آھن، ۽ بحرانن ۾ ئي قومن جي قسمت جا بنيادي سوال اٿندا آھن .... بحرانن ۾ ڪيترائي بيجان ۽ فضول ادارا ختم ٿي وڃن ٿا ... ڪنھن بحراني دور جو ڪو ھنگامو يا حادثو حساس ذھنن کي نقصان ڪونہ ٿو پھچائي سگھي .... حساس ذھن جا مالڪ، طاقتور ۽ جاندار مفڪر، شاعر ۽ فنڪار، خطري جي فضا کي سٺو ٿا سمجھن .... وڏن ۽ دکدائڪ تجربن ۾ ذھن پختا ٿين ٿا. – برخلاف ان جي، مڪمل سانت واري ماحول ۾ تخليقي ذھنن کي ذاتي زندگيءَ جا مفاد ۽ سک، ڪوريئڙي جي ڄار وانگر، ويڙھي نستو ڪري ڇڏين ٿا.... ٺلھيءَ ۽ بي فيض لياقت وارا ماڻھو وڌي اڳيان اچن ٿا ۽ انھن لاءِ فن، فڪر ۽ ادب رڳو ھڪ تجارت يا سوداگري ٿي پون ٿا ... بحراني صورتحال ۾ اھڙا ھلڪا ۽ ننڍا ماڻھو بھرحال ڪک پن ٿي ويندا آھن، (ص 24). بحرانن ۾ يگانا ڏات ڌڻي ۽ عظيم شخص ئي مئل زندگيءَ ۾ جان وجھندڙ تحريڪن جا مرڪز، محرڪ ۽ واضح نشان يا اظھار ٿي اڀرندا آھن؛ (ص 25).
جويي صاحب، مٿينءَ ڪسوٽيءَ جي بنياد تي ثابت ڪيو آھي تہ ”شاھہ، سچل ۽ سامي“ سنڌي سماج جي ھڪ وڏي بحراني دور جي پيداوار آھن. ھو ذھني دنيا جا عظيم تخليق ڪار آھن... ۽ ھو سنڌي سماج جي نئين جنم جا نقيب آھن.“ (ص 25).
ھن ڪتاب مان اسان کي خبر پوي ٿي تہ ھنن ٽنھي ذري گھٽ سھيوڳي شاعرن، مذھب ۽ سياست جي سنگم واري بحراني دور ۾ جنم ورتو ھو. شاھہ جي زماني تي مذھبي ۽ سياسي طرح اورنگزيبي سياست ۽ ڪٽر مذھبي تعصب جو اثر ھو. شاھہ جي اڳيان نائين صديءَ جي اڌ کان سورھن صديءَ جي شروع تائين ذري گھٽ ست سؤ سالھ ”آزاد سنڌ“ جي تاريخ (500 سال سومرن جي دور، ۽ 200 سال سمن جي دور) جو تصور بہ موجود ھو؛ جنھن دور مان ئي سنڌ جا سمورا تاريخي ۽ نيم تاريخي قصا، عشقيہ داستان، لوڪ ڪھاڻيون، لوڪ سورما ۽ لوڪ گيت وابستہ ھئا – گڏوگڏ شاھہ جي سامھون ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي ٻہ سئو سالن جي غلام سنڌ جو نقشو بہ موجود ھو؛ سنڌ ۽ سنڌي سماج جي انھن ٻن سؤ سالن جي غلاميءَ جا پويان 47 سال شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ پنھنجي اکئين پاڻ بہ ڏٺا (ص 50). ان کان سواءِ، آدم شاھہ ڪلھوڙي جي شھادت، ميان شاھل محمد جي مغل حڪمرانن سان وطن خاطر وڙھندي شھيد ٿيڻ جو واقعو، ميان نصير محمد جا طويل قيد و بند، ميان دين محمد ۽ ساٿين جي شھادت، يار محمد ڪلھوڙي جون اورنگزيب جي پٽ معزالدين سان کاڌل چڪريون، جھوڪ جي سانحي ۽ نادر جي حملي جا دردناڪ واقعا ۽ ڊراما بہ شاھہ جي نظر ۾ ھئا. گڏوگڏ، ملي محمد ھاشم ٺٽويءَ ۽ سندس ساٿوڙي تعصبي عالمن جون فتوائون ۽ غير مسلمانن سان تعديون بہ ڏسندو رھيو. انھن سڀني رياستي ۽ مذھبي ڏاڍاين ۽ بحرانن جي ڄاڻ ۽ مشاھدي، شاھہ لطيف جي طبيعت ۾ بغاوت ۽ انقلاب جا جذبا پيدا ڪري وڌا ھئا. اھڙيءَ طرح، اھي سڀ ۽ ان کان پوءِ ٿيندڙ واقعا سچل ۽ ساميءَ جي ذھنن تي پڻ اثر انداز ٿيندا رھيا. جھوڪ جي اندوھناڪ معرڪي وقت شاھہ صاحب 28 ورھين جو ھو ۽ نادر جي حملي وقت سندن عمر 50 ورھيہ ھئي؛ جڏھن تہ نادر جي حملي وقت سچل سائين 11 ورھين جو ۽ سامي ڏھن ورھين جو ھو. ان ڪري، اھو فطري امر ھو تہ مٿين ٽنھي عظيم شاعرن جي شاعري، مٿين سمورن واقعن ۽ بحرانن کان متاثر ٿي ھئي ۽ ان پس منظر ۾ رچي وئي ھئي. جويي صاحب ان حقيقت کي کولي اسان جي اڳيان بيان ڪيو آھي، ۽ ٻڌايو آھي تہ انھن بحرانن جي شدت ئي اصل ۾ شاھہ، سچل ۽ ساميءَ کي پچائي، رچائي ريٽو ڪيو؛ ۽ اھي ئي حالتون سندن سچي پچي عظمت جو ڪارڻ آھن، جو ھنن ان بحراني دور ۾ قومي ايڪي ۽ ٻوليءَ جي ست رکيا جو سبق ڏنو.
جويي صاحب جي ھن ڪتاب جي ٻي ھڪ خوبي تاريخ جي ادائگيءَ ۽ بيان جو انداز آھي، جو انتھائي نئون ۽ حالتن سان ٺھڪندڙ آھي. ھن ٻڌايو آھي تہ ”مغل سامراج کان سنڌ آزاد ڪرائڻ واريءَ تحريڪ جو اتر سنڌ ۾ مرڪز ڪلھوڙا ھئا، ۽ ان تحريڪ جو ٻيو دائرو ڏکڻ سنڌ (لاڙ) ۾ جھوڪ جو علائقو ھو، جنھن جا روح روان جھوڪ جا بزرگ ھئا. اورنگزيب جي وفات بعد ڪلھوڙن آزاد سنڌ جي قيام لاءِ جدوجھد ڪئي. ان سلسلي ۾ ميان يار محمد ڪلھوڙي جون اورنگزيب جي پٽ معزالدين سان چڪريون قابل ذڪر آھن، جنھن سنڌ جو وڏو حصو مغل تسلط کان آزاد ڪرائي ورتو ھو، پر بدقسمتي تہ ڏسو، اھو ئي ميان يار محمد ڪلھوڙو، جنھن ... مغلن کان سيوھڻ، بکر ۽ سيوي آزاد ڪرايا... پنھنجي عظيم قومي مقصد يعني سنڌ جي قومي اتحاد ۽ قومي رياست جي قيام کي وساري، پاڻ سنڌ جي معصوم شھيد شاھہ عنايت جي شھادت ۾ انھن ساڳين سنڌ جي خون پياڪ مغل دشمنن جو حامي ٿي بيٺو!“ (ص 56). جھوڪ جو واقعو 1718ع ۾ ٿيو، ۽ مغلن سنڌ مان آخري طرح ٽپڙ، 1737ع ۾ ميان نور محمد ڪلھوڙي جي وقت ۾ ٻڌا. ان تي تبصرو ڪندي جويو صاحب لکي ٿو تہ ”رڳو ڪلھوڙا جيڪڏھن ويھہ سال اڳ اھا سياسي غلطي (يعني شاھہ عنايت جي شھادت) نہ ڪن ھا، ۽ ٺٽي جي ”نوابيءَ“ لاءِ مغلن تي نہ پر اتر سنڌ وانگر ”ملڪ ٺٽي“ (ڏکڻ سنڌ) جي نجات لاءِ پاڻ ئي جھڙي درويش مجاھد، صوفي شاھہ عنايت شھيد، ھن جي ”فقيرن“ تي ڀروسو رکن ٿا، تہ سنڌ جي اتحاد ۽ آزاديءَ جو سندن خواب ويھہ سال اڳ عمل ۾ اچي ھا، ۽ انھن ويھن سالن جي عرصي ۾ کين پنھنجي وطن کي خوشحال ۽ مضبوط ڪرڻ جو سونھري موقعو بہ ملي وڃي ھا. نہ شڪست کاڌل محمد شاھہ رنگيلي کي سنڌ نادر شاھہ جي حوالي ڪرڻ جو سبب رھي ھا ۽ نہ خود نادر شاھہ کي ئي موٽ کائي، سنڌ تي حملي ڪرڻ جو ايترو سولو منھن ۽ ايتري جھٽ پٽ ڪا ھمت ٿئي ھا. (ص 89).
مٿي جويي صاحب بيان ڪيو آھي تہ جيڪڏھن ڪلھوڙا شاھہ عنايت جي شھادت جي غلطي نہ ڪن ھا تہ سنڌ ويھہ سال اڳ آزادي ماڻي ھا. اھو تجزيو، اھو تاريخ لکڻ جو انداز، نئون ۽ جديد آھي. ان خوبيءَ جويي صاحب جي لکيت کي وڌيڪ وزندار بنايو آھي. ھن صاحب، پنھنجي تجزيي موجب، سنڌين جي شڪست لاءِ ”سنڌي سماج جي اندروني نفاق“ کي جوابدار ٺھرايو آھي. اھا ھڪ حقيقت آھي تہ سنڌين جنگ جي ميدان تي ڪڏھن بہ نہ ھارايو آھي، پر سندن ھار جو سبب ھر ھميشھ پنھنجو اندروني نفاق ئي رھيو آھي. ”تاريخ شاھد آھي تہ اھو ساڳيو نادر ھو ۽ اھا ساڳي سندس فوج ھئي، جو ھڪ سال اڳ، 1739ع ۾، ھو قنڌار جي فتح کان پوءِ بولان جي دري جي رستي ھندستان تي حملي ڪرڻ جو سوچي رھيو ھو، پر ان رستي سان سيوي ۽ گنجابي جي حاڪم ميان نور محمد کي مقابلي لاءِ تيار بيٺل ڏسي، ھن بولان دري جو رستو ڇڏي، غزني، ڪابل ۽ خيبر جي دري جو رستو اختيار ڪيو.“ (ص 60).
نادر 1739ع ۾ سنڌ تي حملي ڪرڻ جو ست ساري نہ سگھيو ھو، پر ساڳئي سال جي آخر ۾ ڪلھوڙن ۽ سندن ئي خاندان جي نک دائودپوٽن ۾ جڏھن ٽڪر ٿيو، تہ امير محمد صادق دائودپوٽي نادر کي ھر قسم جي مدد جي آڇ ڪئي؛ ۽ ھو سنڌ تي حملو ڪري سنڌ جي وحدت ڀاڱا ڀاڱا ڪري، سنڌ جي آبرو منڊيءَ کي مٽيءَ ۾ ملائي، سنڌ جي ملڪيت ٻھاري کڻي ويو. انھن حالتن لاءِ سنڌين جي اندروني نفاق کي ئي جوابدار چئي سگھجي ٿو.
ھن ڪتاب ۾ جويي صاحب، شاھہ، سچل ۽ ساميءَ جي شاعريءَ تي راءِ ڏيندي لکيو آھي تہ، ”شاھہ، سچل ۽ ساميءَ جي اعليٰ شاعري پنھنجي سچ، نيڪيءَ ۽ ڪمال حسن سان سنڌي ٻوليءَ ۾ محفوظ آھي، ۽ سنڌي ٻولي سندن انھيءَ فڪر ۽ فن جي قوت سان اڄ سنڌي ماڻھن جي اجتماعي وجود ۽ ان جي اتحاد ۽ بقا جو نشان ۽ ان جي پيڙھہ جي ضمانت آھي. (ص 78) گڏوگڏ شاھہ، سچل ۽ ساميءَ جي دور واريءَ سنڌ جو نقش چٽيندي، جويي صاحب ان سنڌ لاءِ سندن شعر کي سندن ھڪ تصور ۽ ھڪ خواب جو عڪس سڏيو آھي، جو ”شاھہ جي حساس ذھن ۾ سنڌ ۽ سنڌي سماج جي پستيءَ ۽ ٻانھپ جي خلاف ڪنھن پربھار ۽ روح پرور مسرت جي بھشت جي خواب جيئن جلوہ گر ٿيو ھو – سنڌ جي سياست، سنڌ جي مذھب ۽ سنڌ جي تھذيب کي پنھنجو سڏڻ ۽ انھن ۾ پنھنجائپ جي ڏسڻ جو خواب“، (ص 55) شاھ، سچل ۽ ساميءَ جي نظر ۾ نئين انسان ۽ نئين سنڌ جو ڪھڙو تصور ھو، ان جو ذڪر جويي صاحب اجھو ھيئن ڪيو آھي:
”ھنن سنڌي سماج جي آڏو نئين انسان جو تصور پيش ڪيو. ھنن سنڌي سماج کي نئين اجتماعي وحدت جي شعور کان واقف ڪيو ۽ ان لاءِ کين عملي راھہ ڏيکاري – قومي تھذيب، قومي مذھب ۽ قومي سياست جي راھھ، مشترڪ مفاد ۽ باھمي تعاون جي راھھ، محبت، رواداري ۽ اتحاد جي راھھ، عمل ۽ قربانيءَ جي راھھ. ھنن جي سامھون سنڌ ۽ سنڌي سماج جي آزاد، باوقار، بامقصد ۽ خوشحال وجود جو خواب ھو، ۽ ھنن وٽ ان خواب جي تڪميل جو رستو بہ ھو – ٻيائي ۽ ويڇي کي ھٽائڻ جو، پنھنجن کي پنھنجو ڪرڻ جو، ٻڌي ۽ ايڪتا جو، سچ، نيڪيءَ ۽ سونھن کي پاڻ آرپڻ ۽ انھن تان پاڻ نڇاور ڪرڻ جو، سچي ماڻھپي جو، ماڻھوءَ جي مريادا ۽ مان ۽ ماڻھوءَ جي شيوا ۽ پيار جو، انساني تھذيب جي عروج ۾ پنھنجي حصي جي فرض ادا ڪرڻ جو، عالمي امن، اتحاد ۽ ترقيءَ جي جدوجھد ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو.“ (ص 81).
مطلب تہ ھيءُ ڪتاب، سڀين پرئين پورو، مڪمل ۽ مستند ڪتاب آھي. پر ايڏن گڻن ۽ ڪامل معلومات جي ڀنڊار ھئڻ جي باوجود، ھن ڪتاب ۾ ھڪ ڳالھہ جي مون کي کوٽ ڏسڻ ۾ آئي آھي، جيتوڻيڪ ان کوٽ جي پورائيءَ لاءِ مختصر خاڪو بہ ڏنو ويو آھي: اھا کوٽ آھي، سچل، ساميءَ جي دور جو اڻپورو نقشو. ڪتاب ۾ جيئن شاھہ جي دور ۽ ان کان اڳ جي دور جي مڪمل ڇنڊڇاڻ پيش ڪري، تاريخ جو مڪمل رخ پيش ڪيو ويو آھي، اھڙيءَ طرح سچل ۽ ساميءَ جي دور، يعني ڪلھوڙن جي آخري دور (غلام شاھہ جو دور)، ٽالپرن جي سڄي دور ۽ انگريزن جي اوائلي دور (جيسين سامي زندھ ھو. (1850 تائين) جو تذڪرو بہ مفصل اچڻ گھربو ھو. بھرحال، ان ننڍڙيءَ کوٽ کان سواءِ، ڪتاب ”شاھہ – سچل – سامي“ ھن دور جو وڏو ھڪ اتساھيندڙ ۽ بھترين معلوماتي ڪتاب آھي ۽ انھن ٽنھي عظيم شاعرن جي شاعريءَ ۽ دور تي ھڪ مستند نسخو آھي، جنھن جو مطالعو ھر سنڌيءَ لاءِ انتھائي ضروري آھي.
(سنڌي ادبي سنگت، سڪرنڊ پاران 1986ع ۾ ڪتاب ”شاھہ – سچل – سامي“ تي ٿيل تنقيدي ڪچھريءَ ۾ پڙھيل مقالو.)