شاھہ – سچل – سامي (1689ع – 1850ع) ھڪ مطالعو
پرين مون پرديس، اٺي ايندم اوڏڙا!
(سچل)
قومون، ملڪ ۽ سماج پنھنجن شاعرن وسيلي سڃاتا ويندا آھن. سنڌ ۽ سنڌي سماج جي سڃاڻپ جا ٽي شاعر آھن. شاھہ، سچل ۽ سامي. سنڌيءَ جا ھي سونھارا ۽ سدا حيات شاعر سنڌي سماج جي سموريءَ چڱائيءَ، سموريءَ سونھن ۽ سموري سچ جا ڄاڻو، امين ۽ ترجمان آھن.
سنڌي سماج رڳو انھن حدن تائين محدود نہ آھي، جيڪي جاگرافيائي يا سياسي طور اڄ سنڌ جون آھن. سنڌي سماج سنڌ کان ٻاھر پاڪستان ۾ توڙي پاڪستان کان ٻاھر بہ موجود آھي. جتي جتي ڪو سنڌي ڪٽنب آباد آھي، اتي سنڌي سماج موجود آھي ۽ اتي انھن جي سڃاڻپ سنڌي ٻوليءَ ۽ سندن پنھنجن سڳورن سنت شاعرن – شاھہ، سچل ۽ ساميءَ سان پريت ۽ سٻنڌ مان پئجي سگھي ٿي. ڪوبہ سنڌ ۾ يا سنڌ کان ٻاھر رھندڙ ڪٽنب پاڻ کي سنڌي تہ سڏائي ٿو پر پنھنجي گھر ۾ سنڌي ٻولي نٿو ڳالھائي ۽ سنڌ جي سماجي تاريخ جي ھنن لاثاني ھستين ۽ سنڌي سڀيتا جي ھنن عظيم معمارن جي سار نٿو لکي، تہ اھو پاڻ کي سنڌي سمجھڻ ۽ سنڌي سڏائڻ جو لائق يا حقدار نٿو چوائي سگھي.
*
ڪنھن قوم، ملڪ يا سماج ۾ عظيم انسان روز بروز پيدا ڪونہ ٿا ٿين ۽ جڏھن پيدا ٿين ٿا، تڏھن اھي ان جي نئين جنم جا ساکي ۽ سبب بنجي پيدا ٿين ٿا. ھنن جي پنھنجي دور سان ڪا تِٿ ٻڌل ھوندي آھي ۽ اھي تاريخ جي ان گھڙيءَ لاءِ پنھنجي ذات ۾ پراڻي ۽ نئين ٻنھي جا ترجمان بنجي بيھندا آھن. اھي نمايان صلاحيتن جا مالڪ ٿين ٿا. طاقتور ۽ بيحد اھم ۽ پنھنجن ماڻھن لاءِ نيون راھون گھڙي وڃن ٿا، جن تي ڪيئي دور بلڪ آئيندي لاءِ ھميشھ انھن کي ھلڻو پوندو آھي ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ راھن جا ٻيا ڪي رخ انھن لاءِ سڃاڻڻ جھڙا يا ھلڻ جھڙا رھندا ئي نہ آھن. اھي پاڻ سان ڪو خواب، ڪو آدرشي فڪر، ڪا فطري ڏاھپ کڻي ايندا آھن، جنھن سان ھو پنھنجن ماڻھن کي ٻڌائيندا آھن، بلڪ ثابت ڪري ڏيکاريندا آھن، تہ انھن کي ڪھڙيءَ طرح پاڻ کي تيار ڪرڻ کپي، جو پنھنجي اجتماعي زندگيءَ ۾ ھو راھہ جي سڀني ھيٺ مٿانھين، ڌوڪن ۽ فريبن کان بچي سگھيا ٿي ۽ بچي سگھن ٿا. مھذب قومن ھميشھ پنھنجن اھڙن عظيم شخصن کي سڃاتو آھي، انھن سان پنھنجا پيوند پختا ڪيا آھن، ۽ انھن کي پنھنجي لاءِ املھہ نعمت سمجھيو آھي.
قومن، ملڪن ۽ سماجن جا اھي مھا پرش ۽ محسن شخص پنھنجي پنھنجي دور جا باغي بہ ھوندا آھن. ھو پنھنجي دور جي مروج ۽ تسليم ٿيل تربيتي سرشتي جي پيداوار نہ ھوندا آھن، بلڪ پنھنجي ذات ۾ ھو ھڪ نئون ۽ انوکو ڪردار ٿي سامائبا آھن. چالو نظام ۽ سرشتا تہ اڪثر گھمنڊ ۾ ڀريل، آءٌ-پڻي ۾ ورتل ۽ تنگ نگاھہ شخص پيدا ڪندا آھن، جن جي ھانءَ جون دريون پوريل ھونديون آھن ۽ ھو پاڻ کان ٻئي سڀ کي گھٽ سمجھندي ۽ پنھنجيءَ ھر ڳالھہ کي ٻئي جي ڳالھہ کان مٿي ڄاڻندي، پاڻ ۾ توڙي ٻين سان جھيڙڻ ۽ جھڳي ھڻڻ ۾ پورا ھوندا آھن ۽ ائين بند ٿيل ۽ بيٺل پاڻيءَ وانگر ڌپبا ۽ ڪنا ٿيندا رھندا آھن. پر ھو عظيم شخص پنھنجي سماج ۾ نئين انسان طور اڀرندا آھن ۽ ان ۾ نئين انسان جي پيدا ڪرڻ جا داعي ھوندا آھن ۽ ائين ان ۾ نئون ساھہ ۽ تازگي آڻڻ چاھيندا آھن. ھو ذاتي مفاد کي ڇڏي، عام مفاد لاءِ لڇندا آھن، پاڻ کان ھٽي ٻين لاءِ جيئندا آھن. سڄي سماج لاءِ، وسيع ۽ عام خلق جي نئين زندگيءَ لاءِ. ھو سڄي پنھنجي عمر، سڄو پنھنجو وقت ۽ پوريءَ طرح، انھيءَ پنھنجي ھڪ سڀ – لاءِ سک ۽ ساءَ ڀريءَ نئينءَ دنيا جي تعمير لاءِ ڳھندا ۽ ڳرندا آھن. اھا ئي پاڻ کان سندن لاپرواھي ۽ ٻين جي اون ۽ اھا ئي سندن ھڪ مقصد جي لگن ۽ ان لاءِ سندن ڪامل تانگهہ ۽ ڪوشش ۽ ان کي پھچڻ لاءِ سندن غير رواجي حوصلو ۽ ھمت – اھي ئي انھن جي عظمت جون نشانيون ھونديون آھن. انھن لاءِ ئي چئي سگھبو آھي تہ ھو خوب پنھنجو وارو وڄائي ويا، ۽ اھي ئي پوءِ ھميشھ لاءِ جيئندا آھن.
تاريخ جي اھڙن امر انسانن ۾ ڪي بنھہ يڪتا ۽ بي بَدل ھوندا آھن – اِنھن جو ڪو مٽ ڪونہ ھوندو آھي، ڇاڪاڻ تہ جا حاصلات ھو پنھنجي سماج، ملڪ ۽ قوم کي، ۽ ان جي معرفت سڄي عالم انسانيءَ کي، ڏيئي ويندا آھن، اھا حاصلات ڪنھن بہ حالت ۾ ڪڏھن بہ ٻئي ڪنھن شخص جي ھٿان ممڪن نہ ھوندي آھي. اھا املھہ ۽ بي مثل حاصلات جسماني ۽ ”مادي“ نوع جي نہ ھوندي آھي، اھا انساني ذھن (روح) جي دنيا سان لاڳاپيل ۽ خالص تخليقي نوع جي ھوندي آھي. جسماني ۽ مادي حاصلات ڪيتري بہ اعليٰ ۽ ڪيتري بہ نفع بخش ھجي، پر ان جھڙي بلڪ ان کان وڌيڪ اعليٰ ۽ وڌيڪ نفع بخش حاصلات – ڪا مھم، ڪا دريافت ۽ ڪا ايجاد – اڄ نہ تہ سڀاڻي، ھڪ کان نہ تہ ٻئي ماڻھوءَ جي ھٿان، سدائين ممڪن ھوندي آھي. انسان جي اندر (دل، روح، ذھن) ۾ جو ڪجهہ آھي ۽ اتي جو ڪجهہ اڀري ۽ اسري رھيو آھي، ان کي اھڙي روپ ۾ پڌرو ڪرڻ، جنھن کي ڏسي يا ٻڌي ائين محسوس ٿئي ڄڻ انھيءَ انوکي ۽ اڄاتل اندر جي اسرار جي ھڪ جھلڪ ماڻھوءَ جھٽي ورتي آھي – اِھا ھڪ بنيادي ۽ بي بدل ڏات آھي، جنھن جا رڳو فيلسوف، شاعر ۽ فنڪار ئي اھل چيا وڃن ٿا، ۽ اھي ئي پنھنجي وقت ۽ پنھنجي دنيا جي اصلي ۽ سچي امنگ کي پنھنجي پنھنجي رنگ جو ڪو خاص روپ ڏيئي، ايندڙ نسلن ڏانھن دائمي ورثي جي صورت ۾ منتقل ڪري ويندا آھن.
ارسطوءَ جو قول آھي تہ ”شاعري فلسفي کان وڌيڪ فڪر انگيز ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿئي ٿي.“ اھو انھيءَ ڪري، جو شاعري مجموعي طور انساني فطرت ۾ زيادھ اونھو ڏسي ٿي – ان جي خصوصيت بلڪ ان جي عظمت جو دليل ئي اِھو آھي، جو اھا اندر جي اسرار جي، ڳالھہ جي اصل جي، ”اکرن“ جي نہ پر ”روح“ جي، صورتگري ڪري ٿي ۽ ٻيو تہ اھا پنھنجي دور تي ۽ ان جي ماڻھن تي وڌيڪ تيز روشني وجھي ٿي، ۽ انھيءَ ڪري انھن سان زيادھ يڪدل ٿي انھن کي وڌيڪ چٽو ۽ صحيح سمجھي ٿي. ھن سلسلي ۾ عظيم شاعريءَ لاءِ اِھو بہ ضروري نہ آھي تہ اھا پنھنجي وقت جي واقعن جا تفصيل بيان ڪري يا انھن ڏانھن رڳو ڪو کليل اشارو ئي ڪري – ڪڏھن ڪڏھن ائين نہ ڪرڻ مروج حالتن پٽاندر ان لاءِ لازمي ٿي پوندو آھي، بلڪ اڪثر اھو ان جي فنڪارانہ ڪمال جو ئي دليل سمجھيو ويندو آھي. وقت جي حقيقتن جو سچو ۽ پورو عڪس سو ان ۾ ضرور موجود ھوندو آھي، ۽ ان خيال کان ان ۾ تاريخ جي جھلڪ ھوندي آھي، ساڳئي وقت ان ۾ انھن حقيقتن جو تعبير بہ موجود ھوندو آھي ۽ ان لحاظ کان ان ۾ فلسفي يا حڪمت جي بہ جھلڪ ھوندي آھي، تنھن کان سواءِ ان جي اظھاري صورت ۾ سمورن لطيف فنن جو پڌرو ۽ اشاراتي حسن موجود رھي ٿو – جو محسوس ڪرڻ کان علاوھ ڏسي بہ سگھجي ٿو، ٻڌي بہ سگھجي ٿو، ۽ ڪن حالتن ۾ ”چکي“ ، ”سونگھي“ ۽ ”ڇھي“ بہ سگھجي ٿو – بلڪ ان جي اھا ”حسن آفريني“ ئي ان جي بنيادي جان ھوندي آھي، ان جي ڪري ئي عظيم شاعري ھڪ لافاني شيءِ بنجي ٿي، عظيم شاعريءَ ۾، جيئن ٻيءَ ھر تحرير ۾، موجود حقيقتن ۽ حڪمت جا ڪي نڪتا ۽ نشان وقت جي تبديليءَ سان جھڪا ۽ غير ضروري بہ بنجي سگھن ٿا. پر ان جو حسن دائمي آھي ۽ ان ۾ اھو ھر زماني ۽ ھر دور ۾ من کي وڻڻ ۽ گرفت ۾ آڻڻ لاءِ موجود ھوندو آھي. اھو ئي سبب آھي، جو شاعري پنھنجي حقيقت نگاريءَ، حڪمت ۽ حسن سان گذريل دورن جي اعليٰ ۽ پرزور مقصدن ۽ امنگن جي نہ رڳو امانتدار ۽ ترجمان بلڪ انھن جي توسيع ۽ تبليغ جي سڀ کان وڌ بااثر، دائمي ۽ واضح بيان يا وسيلو شمار ٿيندي پئي آئي آھي. سنڌي سماج جي تاريخ ۾ مذھب * ان تي سدائين غالب رھيو آھي. سنڌي سماج جو، ھر مذھب سان ان جي فاتحانہ حيثيت ۾، واسطو پيو آھي. آرين، ايرانين، يونانين، عربن – ويندي، وچ ۾ ٻڌمت جي ”آھسنڪ“ گپتا گھراڻي ۽ برھمن واد جي ”ويدانتي“ راءِ گھراڻي وارن – سڀني سنڌي سماج کي پنھنجي پنھنجي مذھب سان فاتحانہ يا ڪم از ڪم حڪومتي، انداز ۾ روشناس ڪرايو. سنڌي سماج جي سڄيءَ تاريخ ۾ رڳو ھڪ سؤ سالن (1843 کان 1947 تائين) جو عرصو اھڙو رھيو آھي، جڏھن مسيحي فاتح قوم پنھنجي سياسي ۽ تھذيبي فوقيت قائم رکڻ لاءِ مذھب کي ھٿيار طور استعمال نہ ڪيو، بلڪ جنھن صورتحال کي جديد دنيا ۾ ”مذھبي آزادي“ يا ”مذھبي لاتعلقي“ چئجي ٿو، ان کي پنھنجي حڪومت جي واضح پاليسيءَ طور عمل ۾ آندو ۽ قائم رکيو. اھا ڪيڏي نہ افسوس جي ڳالھہ آھي، جو ان ”مذھبي آزاديءَ“ جي مختصر دور ۾ ئي اقتدار ۽ معتبرائيءَ کان محروم پر ان کي ٻيھر حاصل ڪرڻ جي شوق ۾ ورتل مذھبُ، سياست کي ھٿيو بنائي، سنڌي سماج جي ايڪي بلڪ ان جي وجود کي وڌ ۾ وڌ نقصان پھچائي سگھيو. سنڌي سماج ۾، مذھبَ جي ھن صدين کان ھلندڙ سياسي غلبي ۽ ان غلبي جي لازمي شدت ۽ ڪٽرپڻي، سنڌ جي ذھني دنيا ۾، علمي سطح تي ۽ مجموعي طور ٻين ڳالھين کان علاوھ ھڪ خاص قسم جي ٻٽي ردعمل کي جنم ڏنو، جنھن کي ”مذھبيت“ کان مايوسي ۽ بيزاري، پر ”مذھب“ سان عقيدت ۽ راضپي جي روش چئي سگھجي ٿو. ايتري قدر، جو سنڌي سماج جي اھا ٻٽي ذھني ڪيفيت، جنھن ان ۾ مجموعي طور مذھبن ۽ مذھبي فرقن جي سلسلي ۾ سرچاءَ ۽ ڪشادہ دليءَ جي عام روش کي جنم ڏنو، سنڌي تھذيب جي اوسر جو ھڪ بنيادي ۽ مرڪزي پٿر بنجي ويئي.
*
مذھب، رياست ۽ تھذيب انساني سماج جي تنظيم جا ٽي لازمي ۽ بنيادي شعبا آھن. لازمي ۽ بنيادي انھيءَ ڪري، جو اھي انساني نفسيات جي ازلي ۽ فطري تقاضائن جا جواب آھن. انسان کي، بنھہ حيواني سطح کان وٺي اعليٰ انساني سطح تائين پنھنجي وجود جي سلامتيءَ جي اون رھي ٿي – ھو اڻ–ڏڻي جي خوف جو، ٻئي (پاڻ جھڙي حيوان) انسان جي خوف جو، ۽ خود پنھنجي اندر جي حيوان (بک، جنس، سور وغيرھ) جي ”خوف“ جو شڪار رھي ٿو. ان ٽھ–پاسائين غير سلامتيءَ کان بچڻ لاءِ ھو ھڪ وڏو بچاءُ گھر ٺاھي ٿو، جنھن کي ھو ”سماج“ سڏي ٿو. پنھنجي ان وڏي بچاءَ گھر ۾ ھو پوءِ خاص انھن ٽن خوفن کان بچڻ لاءِ ٽي خول يا ڍڪ ٺاھي ٿو. اڻ ڏٺي جي خوف کان مذھب جو خول، ٻئي انسان جي خوف کان رياست (راڄ، حڪومت، سرڪار) جو خول ۽ پنھنجي نفس يا حيواني فطرت جي ”خوف“ کان يا ان جي اطمينان جي لاءِ تھذيب (ثقافت، سڀيتا) جو خول. مذھب جي خول ۾ ويھي، ھن کي اڻ–ڏٺي ڪنھن پاڻ کان پرڀريءَ ۽ مٿڀريءَ (واحد، ٻٽي، تثليثي يا ڪثير نوع جي) طاقت کي مڃڻو ۽ مڃائڻو ۽ ان جي دوستانہ يا غير دوستانہ ڪرشمن کي پنھنجي ڪرڻ يا انھن کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوي ٿي – اھو سڀ ڪجهہ ھن جي ايمان يا ويساھہ جو مسئلو ۽ سلسلو آھي. رياست جي خول ۾ ويھي، ھن کي ھڪ جي طاقت ۽ مفاد کي ٻين جي طاقت ۽ مفاد سان ملائي، پنھنجي بچاءَ ۽ مفاد جي بندوبست کي وڌائڻو ۽ مضبوط ڪرڻو پوي ٿو. اھو سڀ ڪجهہ ھن لاءِ اجتماعي طاقت يا زور جي تنظيم ۽ استعمال جو مسئلو آھي. تھذيب جي خول ۾ ويھي، ھن کي پنھنجي حيواني ڇڪ ۽ ذھني اڇل جي پوئواريءَ ۾، پنھنجي سگهہ ۽ سمجهہ آھر، ٻاھرينءَ قدرت جي وسيلن کي پنھنجي وس ڪرڻو پوي ٿو ۽ خود پنھنجي ان ڇڪ ۽ اڇل کي ضابطي ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوي ٿي – اھو سڀ ڪجهہ ھن جي پنھنجي عقل (ذھني يا روحاني صلاحيت) جي اوسر ۽ استعمال جو مسئلو آھي. اھڙيءَ طرح ايمان يا ويساھہ مذھب جو بنياد ۽ ان جي وڌڻ ۽ مضبوط ٿيڻ جو مرڪزي نقطو آھي، ۽ عقل يا ذھن تھذيب جو بنياد ۽ ان جي وڌڻ ۽ مضبوط ٿيڻ جو مرڪزي نقطو آھي. ايمان ۽ طاقت آپي ۽ گھمنڊ ۾ ڀريل ۽ خود ڪفيل ھجڻ جي فريب ۾ مبتلا رھن ٿا ۽ دائميت کي پنھنجو حق سمجھندي، ٿوري کان ٿوريءَ ڪنھن ڦيرگھير يا تبديل لاءِ بہ تيار نہ ھوندا آھن، ۽ انھيءَ ڪري خاص طرح عقل جا ھو ٻيئي دشمن ۽ رقيب ھوندا آھن. ڇو تہ عقل سدائين ٻنھي جي خود پسنديءَ، خود سريءَ ۽ خود ڪفالت جي خام خياليءَ تي تنقيد ڪرڻ بلڪ انھن جي مخالفت ڪرڻ ڏانھن مائل رھندو آھي. مذھب ۽ رياست جي شعبن جا ماڻھو انھيءَ ڪري سدائين پنھنجي پنھنجي دنيا کي تبديليءَ کان بچائڻ ۽ جيئن جو تيئن قائم رکڻ جي ڪوشش ۾ لڳا رھندا آھن، ۽ ماڻھن جي عقل جي استعمال يعني انھن جي فڪر جي آزاديءَ کي گھٽيندا ۽ روڪيندا رھندا آھن. ايمان، يعني مذھب پنھنجي مضبوطيءَ لاءِ طاقت يعني رياست جو قبضو يا ڪم از ڪم ان جِي سرپرستي چاھيندو آھي ۽ ساڳيءَ طرح رياست پنھنجي مضبوطيءَ لاءِ مذھب جو قبضو يا ڪم از ڪم ان جي مدد چاھيندي آھي ۽ ٻيئي گڏجي، سٽل ڪيو، عقل تي منڊ ھنيو ۽ زنجير وجھيو ويٺا رھندا آھن. ھن سلسلي ۾ بھترين صورتحال تہ ظاھر آھي تہ ھيءَ ھئڻ گھرجي تہ رياست ۽ مذھبُ، طاقت ۽ ايمان ٻئي عقل يعني تھذيب جي ضابطي ۽ تاديب ھيٺ رھن ۽ ان جي اوسر ۽ واڌاري لاءِ ڪم اچن. پر عملي طور اڪثر ائين ٿيندو آيو آھي تہ ڪڏھن رياست مذھب کي ھٿيو بنائيندي آھي ۽ ڪڏھن مذھب رياست کي ۽ ٻيئي سدائين تھذيب تي آڪرا بڻيا ۽ ان کي اڳتي وڌڻ ۽ اسرڻ کان روڪيو بيٺا ھوندا آھن- انھيءَ لاءِ تہ متان آزاد عقل انھن جي تبديل يا ترديد جا ڪي سامان نہ تيار ڪري وجھي. پوءِ جڏھن مذھب يا رياست، يعني ايمان ۽ طاقت، ڪجهہ وڌيڪ عرصو عقل (تھذيب) جي سنگ کان محروم رھندا آھن، بلڪ ان کي پيڙي، نپوڙي، ڪانئر ۽ ڪنگلو ڪري ڇڏيندا آھن، تڏھن انھن جي پنھنجي بي روح ۽ بي طاقت وجود جو حال اھو ٿيندو آھي، جيئن ڪي جھونا وڻ اندران سڄا کاڌا پيا ھوندا آھن ۽ رڳو ٿڙ جي ٻاھرينءَ ڪور جي آڌار تي جيئن جو تيئن بيٺا ھوندا آھن ۽ ٻاھران ڏيکاءَ جا ڪي ساوا پن ۽ سايون ٽاريون بہ جھليو بيٺا ھوندا آھن- بنھہ اھڙا ڄڻ ڪي تازا توانا آھن ۽ ائين ھو سالن جا سال، بلڪ ڪن حالتن ۾ صدين تائين ڪوڙيءَ پائداريءَ جو ڏيک ڏيندا رھندا آھن – پر بي متيا، بي مقصديا، رڳو ريت رسم، ڪريا ڪرم ۽ ادارن جي انتظام جي اڊنبر ۾ پورا – سڄي سماج تي چٽي، پاڻ تائين پورا- سڄيءَ خلق، سڄي قوم ۽ سڄي اجتماع لاءِ سواءِ خواريءَ ۽ آزار جي ٻيو ڪجهہ بہ نھ.
مذھب ۽ رياست جي ائين گڏجڻ سان – پوءِ ان ۾ فوقيت ڪنھن کي بہ حاصل ھجي- ذھني ھوڏ ۽ اقتدار جي آپيشاھي جنم وٺي ٿي. ان ۾ طاقت مڙي جڙي، حاڪم ۽ ”ملي“ جي صورت ۾ ھڪ ھنڌ وڃي جمع ٿئي ٿي- ھن نظريي جي بنياد تي تہ سڀ طاقت جو منڍ يا سرچشمو اڻ ڏٺو ڪو اصل آھي، جنھن تائين رسائي محدود ۽ مخصوص آھي. ان صورتحال ۾ سمورا آدرش ۽ امنگ سڙي سڪي، نستا ٿي، ختم ٿي وڃن ٿا. زندگيءَ جي اڇ ۾ پوءِ فقط ٻہ ڏسڻ ۾ ايندڙ نقطا وڃي رھن ٿا. ھڪڙو حاڪم ۽ ٻيو درويش، ھڪڙو امير، ٻيو فقير. جتي ڪٿي انھن ٻن ”بادشاھن“ جي لئي ھوندي آھي. ذھن ۾ ڪائنات يا فطرت ۽ ان جي قانونن جي مطالعي جي سڄي سڪ مري وڃي ٿي ۽ سڄو امنگ ماٺو ٿي وڃي ٿو، ڇو تہ ڪائنات جي سنئين سڌي، سولي ۽ مستند معنيٰ ”دنيا ۽ آخرت“، ۽ علم جي معنيٰ ”الھامي ڪتاب“، ۽ آدرش جي معنيٰ ”روح ۽ ان جي نجات“ – بس ڳالھہ پوري. مطلب تہ پاڻ کان مٿي ۽ پاڻ کان ٻاھر ماڻھو نہ چڙھي سگھي ۽ نہ نڪري سگھي. مذھب ۽ رياست جي ھن ذھني تعطل ۽ آپيشاھيءَ ۾ آخرڪار وري بہ رياست جي آپيشاھي وڌي ٿي ۽ مضبوط ٿئي ٿي. يعني طاقت ۽ محض طاقت ۽ اھا پوءِ مذھب کي پنھنجو اوزار ڪري استعمال ڪري ٿي. چاھي مذھب پنھنجي برتريءَ جي ڪيتري بہ ھام ھڻي ۽ لاف زني ڪندو رھي. نتيجي طور، اھڙي ’اتحاد‘ ۾ مذھب ۽ رياست ٻيئي ھڪٻئي جي زوال جا سبب بنجن ٿا ۽ معاشري ۾ پنھنجي منصبي ۽ بنيادي ڪارج پوري ڪرڻ جي بہ اھليت وڃائي ويھن ٿا – نہ رياست ۾ فرد کي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ جي ضمانت مھيا رھي ٿي ۽ نہ مذھب ماڻھوءَ لاءِ اڻ–ڏٺي کان اميد ۽ خوف جي اثرائتي وسيلي يا ڏڍ جوئي ڪو ڪم ڏيئي سگھي ٿو.
جڏھن ڪنھن سماج ۾ مذھبُ ۽ رياست پنھنجي ”بي اثري“ جمود، تشدد ۽ تنگ نگاھيءَ جي اھڙيءَ حالت تي وڃي رسندا آھن، تڏھن اھو سماج بحران (Crisis) ۾ وٺجي ويندو آھي. ايمان ۽ طاقت جامد آھن ۽ جامد رھڻ گھرن ٿا، پر عقل ۽ امنگ متحرڪ آھن ۽ اڳتي وڌڻ چاھين ٿا. عقل ۽ امنگ جي آڏو ڪي بہ بند ٻڌي نٿا سگھجن. رڪجي رڪجي، گھٽجي گھٽجي، حساس ذھنن ۾ ڪنھن بھشت جو خواب جلوہ گر ٿئي ٿو ۽ عام ماڻھو بيزاريءَ ۽ انتقام جي جوش ۾ اچن ٿا ۽ پوءِ ڪنھن زوردار ڌماڪي يا باھہ جي ڀڙڪي کي روڪڻ ڏاڍو مشڪل ٿئي ٿو. انساني فطرت جي نيڪيءَ جو اصول ڪنھن بھشت جو خواب جھٽيندڙ ان جو اِھو احساس آھي: ان جي چڱائيءَ جي علامت ڪنھن موجود جھنم جي خلاف ان جو اھو انتقامي جوش آھي ۽ جوش، صاف ۽ سچو جوش، پراڻي کي ڊاھڻ جو ايترو نہ. پر ان کان وڌيڪ نئين کي آڻڻ جو جوش، عظيم نتيجن کي جنم ڏيندو آھي. نئين ۽ اعليٰ حسن جو اھو لطيف ۽ تيز احساس ۽ ان لاثاني حسن سان وصال جو اھو سچو ۽ خود فروشانو جوش، قومن، ملڪن ۽ سماجن جي بحراني دورن ۾ ئي پيدا ٿيندا آھن. ڇو تہ بحران حالتن جي ڪايا پلٽ لاءِ فطرت جا وسيلا ھوندا آھن ۽ بحرانن ۾ ئي قومن جي قسمت جا بنيادي سوال اٿندا آھن ۽ وٽن انھن جي حل ٿيڻ جي زمين ھموار ٿيندي آھي. بحرانن ۾ ڪيترائي بيجان ۽ فضول ادارا ختم ٿي وڃن ٿا، جيڪي تاريخ يا روايت سبب سماج جي وجود سان چھٽا پيا ھوندا آھن ۽ ٻئي ڪنھن طريقي سان ھرگز وڃڻ ۽ ان مان ھٿ ڪڍڻ جو نالو ئي نہ وٺندا آھن. ڪنھن بحراني دور جو ڪو ھنگامو يا حادثو حساس ذھنن کي نقصان ڪونہ ٿو پھچائي سگھي. بلڪ غير سلامتيءَ جي حالت ۾ عظيم روحاني قوتون، جيڪي اڳ ستل ھيون، ڇرڪ کائي اڀرن ٿيون. حساس ذھن جا مالڪ، طاقتور ۽ جاندار مفڪر، شاعر ۽ فنڪار، خطري جي فضا کي سٺو ٿا سمجھن، ڇاڪاڻ تہ ھو طاقتور ۽ جاندار انسان آھن. وڏن ۽ دکدائڪ تجربن ۾ ذھن پختا ٿين ٿا ۽ انھن کي نئون معيار ملي ٿو. ھو ڌرتيءَ تي زندگيءَ بابت وڌيڪ آزاد ۽ ڀروسي جھڙي فيصلي تي پھچن ٿا. برخلاف ان جي، مڪمل سانت واري ماحول ۾ تخليقي ذھنن کي ذاتي زندگيءَ جا مفاد ۽ سک ڪوريئڙي جي ڄار وانگر ويڙھي نستو ڪري ڇڏين ٿا ۽ انھن جي عظمت کسجي وڃي ٿي. ان صورت ۾ پوءِ محض ٺلھيءَ ۽ بي فيض لياقت وارا ماڻھو وڌي اڳيان اچن ٿا ۽ انھن لاءِ فن، فڪر ۽ ادب رڳو ھڪ تجارت يا سوداگري ٿي پون ٿا – ڇو تہ ھو ھوندا ئي تاجر ۽ سوداگر آھن. اھڙا ماڻھو پنھنجي ”لياقت“ مان وڏا ذاتي فائدا وٺن ٿا ۽ ان لاءِ ھنن کي ڪوبہ دک يا تڪليف سھڻي ڪانہ ٿي پوي – ڇو تہ منجھن ڪا بہ اوڀڙ کائڻ واري ڏات ڪانہ ھوندي آھي – درحقيقت انھن ۾ اڪثر ڪا بيان ڪرڻ جھڙي لياقت بہ ڪانہ ھوندي آھي. سچيءَ پچيءَ ڪنھن بحراني صورتحال ۾ اھڙا ھلڪا ۽ ننڍا ماڻھو بھرحال ڪک پن ٿي ويندا آھن. بحرانن ۾ يگانا ڏات ڌڻي ۽ عظيم شخص ئي مئل زندگيءَ ۾ جان وجھندڙ تحريڪن جا مرڪز، محرڪ ۽ واضح نشان يا اظھار ٿي اڀرندا آھن. انھن جي وجود سان ئي تاريخ جي انھن دورن کي مان ۽ مڻيا ملندي آھي، ۽ اھو ئي مان ۽ اھا ئي مڻيا پوءِ ماضيءَ جو ڳرو قرض بڻجي آئندھ نسلن ڏانھن منتقل ٿئي ٿو. ماضيءَ جو حال جي کاتي ۾ ڪاٿي کان ٻاھر ڳرو قرض، جو وڌندو ئي رھندو آھي، گھٽ ڪڏھن بہ نہ ٿيندو آھي. ھڪ سدا جاري رھندڙ سلسلو، ھڪ سدا وھندڙ رستو، جنھن جي يادداشت کي ئي تاريخ ٿو چئجي. انھيءَ رستي سان ئي انساني ذھن کي پنھنجي اھميت جي شعور جو احساس ٿئي ٿو. انھيءَ رستي سان ئي انسان پنھنجي عظمت ۽ جوھر کان واقف ٿئي ٿو- انسان، تھذيب جي رستي سان وڌندڙ انسان، سڀني شين جو ازلي مرڪز، دک سھندڙ، اڳتي نگاھہ رکندڙ، جاکوڙ ڪندڙ، پورھيو ڪندڙ – اڄ بہ ھو ائين آھي، ڪالھہ بہ ائين ھو، ۽ سدائين ھو ائين ئي رھندو. اھا حقيقت اسان کي ھميشھ ياد رکڻ گھرجي : ٻيءَ حالت ۾ اسان کان پنھنجي اعليٰ روحاني ورثي جي اھميت جو پورو قدر ٿي ئي نہ سگھندو.
*
شاھہ، سچل ۽ سامي، عظمت جي صحيح معنيٰ ۾ سنڌي سماج جا عظيم ماڻھو آھن. اھي سنڌي سماج جي ھڪ وڏي بحراني دور جي پيداوار آھن. ھو ذھني (روحاني) دنيا جا عظيم تخليقڪار آھن. ھو پنھنجي ڏات ۽ ڏاتاريءَ ٻنھي ۾ بي مثل ۽ بي بدل آھن. ھو سنڌي سماج جي نئين جنم جا نقيب آھن. ھو مفڪر بہ، شاعر بہ، فنڪار بہ ھئا. ھو ٻين لاءِ جيئندڙ، عام مفاد لاءِ لڇندڙ ۽ سڄي پنھنجي زندگي ھڪ ئي مقصد لاءِ پاڻ پچائيندڙ ۽ ھڪ ئي آدرش جا فدائي ھئا. ھنن پنھنجي دور ۽ پنھنجي دنيا جي اندر جي اصلي ۽ سچي امنگ کي سمجھيو ھو، ان ۾ جيڪا نئين معنيٰ تڙڦي رھي ھئي ۽ جيڪو نئون ساھہ سپجي ۽ سانڀجي رھيو ھو، ان کي ھنن ڄاتو ھو. ھنن کي معلوم ھو تہ سنڌ جي رھندڙ سندن سانگين ۽ مارن ڇا چاھيو ٿي ۽ ڇا ڌڪاريو ٿي ۽ انھن جي زندگيءَ ۾ ڇا خسيس ھو ۽ ڇا بنيادي ۽ اھم ھو. ھنن پنھنجن ماڻھن کي قوم بنجڻ جو ڍنگ سيکاريو ۽ رستو ڏيکاريو – اھو رستو، جنھن تي انھن کي آئيندي لاءِ ھميشھ ھلڻو ھو ۽ ان کان سواءِ اڳتي ھلڻ جو ٻيو ڪو رخ انھن جي سلامتيءَ لاءِ ممڪن ڪونہ ھو. ھو پاڻ سان ڪو خواب، ڪو آدرشي فڪر، ڪا فطري ڏاھپ کڻي آيا ھئا، جيڪا سندن ملڪ، قوم ۽ سماج لاءِ تہ آب حيات ھئي، پر اھا سڄي عالم انسانيءَ جي خير ۽ برڪت، سک ۽ عافيت لاءِ ھڪ پڌرو ۽ ڪامل نسخو ھو. شاعرن ۽ فنڪارن جي ھڪڙي ڀلاري عادت آھي تہ ھو انھن شين کي، جن کي ھو ڪن سببن ڪري اھم سمجھندا آھن، دائميت ڏيڻ يا لافاني ڪرڻ گھرندا آھن. عظيم ماڻھن کي پاڻ کان پوءِ جي ايندڙ نسلن جي خبر تہ ڪانہ ھوندي آھي، پر کين انھن جو خيال بہ ھوندو آھي، اِن لاءِ بہ خاطريءَ سان ڪجهہ چئي نٿو سگھجي. پر ھو پنھنجي وقت سان ٻٽ ھوندا آھن ۽ ان جي اصلي دک کي ڄاڻندا آھن ۽ ان دک جي بنياد کي ڄاڻندا آھن ۽ اھو پنھنجي اندر جي اٿاھہ گھراين ۾ ھو محسوس ڪندا آھن ۽ پوءِ پنھنجي ان عميق ۽ انمول احساس کي ھو دائميت ڏيندا آھن ۽ لافاني بنائيندا آھن، ۽ اھو پوءِ سندن پنھنجي ملڪ، قوم ۽ سماج لاءِ ۽ انھن جي وساطت سان سڄيءَ دنيا لاءِ دائمي دارونءَ جو ڪم ڏيندو آھي. شاھہ، سچل ۽ سامي پنھنجي ملڪ، قوم ۽ سماج لاءِ اھڙا حڪيم حاذق ۽ يگانا ويڄ ھئا. ھنن سنڌي سماج جي ھيڻائيءَ کي سڃاتو ھو، جنھن ان کي وقت جي بحران سان دوچار ڪيو ھو ۽ ھنن ان لاءِ نجات جي راھہ تجويز ڪئي ھئي. سنڌي سماج کي انھن پنھنجن عظيم بزرگن ۽ سدا حيات سنت رھبرن جي ڏسيل ان انساني راھہ کي سڃاڻڻو آھي ۽ ان تي ھلڻو آھي: ممڪن آھي، بلڪ خاطريءَ سان اڄ چئي سگھجي ٿو، تہ ان راھہ تي پوريءَ طرح نہ بيھڻ ۽ ان کي ڇڏي ٻي راھہ لڳڻ سبب ئي سنڌي سماج اڄ ايڏو اوجھڙ ۾ وڃي پيو آھي ۽ اڄ يا سڀان، ٿوري گھڻين ڏينھين، وري بہ ان کي سڃاڻڻ ۽ ان جي رخ سان اڳتي وڌڻ سان ئي اھو پاڻ کي سڃاڻي سگھي ٿو، پنھنجي سڃاڻپ ڪرائي سگھي ٿو ۽ پاڻ لاءِ ۽ بني نوع انسان لاءِ پنھنجي ھئڻ يا نہ ھئڻ جي اھميت کي سمجھي سگھي ٿو، ثابت ڪري سگھي ٿو ۽ مڃرائي سگھي ٿو.
*
شاھہ، سچل ۽ سامي سنڌ جي تاريخ ۾ ھڪڙي ئي دور جا، بلڪ ذري گھٽ سھيوڳي شاعر ھئا. سچل ۽ سامي تہ ذري گھٽ ھم عمر بہ ھئا. سچل جو جنم 1729ع ۾ ۽ ساميءَ جو 1730ع ۾ ٿيو. سچل تقريبًا ھڪ سؤ ورھين جي عمر ماڻي، 1829ع ۾ ۽ ساميءَ ھڪ سؤ ويھہ ورھين جي عمر ۾، 1850ع ۾، ھيءُ جھان ڇڏيو. درازا ۽ شڪارپور ھڪٻئي کان ٻن ڏينھن جي پيادل پنڌ تي مس ھئا – سواريءَ جو پنڌ تہ وچ ۾ ڏينھن جي چئن پھرن جو مس ھو. ھڪ سؤ ورھين جي مدت ڪا ٿوري مدت بہ ڪانھي ۽ ھو ننڍا ماڻھو بہ ڪونہ ھئا، جو ھڪٻئي جي ڳالھين کان اڻواقف ھجن. ھو ٻيئي تقريبًا 22 ورھين جي زندھ دل جوانيءَ ۾ ھئا، جو شاھہ فوت ٿيو. سچل لاءِ تہ شاھہ سائينءَ پاڻ چيو ھو تہ، ”اسان جي رڌل ڪني جو ڍڪڻ ھيءُ لاھيندو“ – مطلب تہ ھيءُ اسان جي اندر جي ڳالھہ کي وڌيڪ آشڪار ۽ دل جي پيغام کي عام ڪندو. پنھنجي ان پيغام ۽ ان ڳالھہ بابت، پنھنجي شعري تخليق ڏانھن اشارو ڪندي، پاڻ چيو اٿن تہ ”جي تون بيت ڀانئيين، سي آيتون آھين“ ۽ اھي يعني انھن آيتن جو فڪر توکي نيئي پنھنجي پرينءَ (منزل مقصود) تائين پھچائيندو – بلڪل ائين جيئن ايران جي عظيم درويش شاعر روميءَ جي مثنويءَ بابت چيل آھي تہ ”پھلوي زبان ۾ اصل (معنوي) ۽ نج (مولوي – مولا وارو) قرآن ھو، جنھن جو مغز ھڏن کان الڳ ڪري، فارسي ٻولي ڳالھائيندڙ ايراني قوم جي رھبريءَ لاءِ ان جي آڏو رکيو ويو ھو. ھيڏانھن ساميءَ جو پنھنجي ڪوتا لاءِ چوڻ ھو تہ ”ويدن جو ويچار، توکي سنڌيءَ ۾ سڻايان“! يعني، ھڪ پاسي شاھہ ۽ سچل ھئا، جن اسلام جي قرآن جو تفسير ۽ تعبير سنڌي ٻوليءَ ۾ پنھنجي سنڌي سماج (مسلمانن ۽ ھندن ٻنھي) کي سيکارڻ ۽ سمجھائڻ ٿي چاھيو ۽ ٻئي پاسي سامي ھو، جنھن ھندو ڌرم جي ويدن جو ارٿ ۽ سمجھاڻي ساڳئي ان سنڌي سماج کي، يعني ھندن ۽ مسلمانن ٻنھي کي، ڏيڻ گھري ٿي. عربيءَ ۽ سنسڪرت جن ۾ اھي آيل ھئا، ٻيئي سندن مڃيندڙن لاءِ ڌاريون زبانون ھيون. ان کان وڌيڪ انھن لاءِ ھنن پنھنجن ايماني صحيفن کي سمجھڻ ۾ ڏکيائي ھيءَ ھئي، جو انھن جي نظر ۾ سچو حق انھن جي پنھنجي پنھنجي صحيفي ۾ ھو، جن جو ھڪ ھڪ اکر حق ھو ۽ جن جي ان پنھنجي پنھنجي حق ۾ ڪابہ تبديلي ڪڏھن ڪانہ اچڻي ھئي، بلڪ اھڙو رڳو ويچار بہ ممنوع ھو، ساڳئي وقت انھن ئي سندن آسماني صحيفن جا پيشھ ور ۽ ماھر سمجھائيندڙ (ملا ۽ پنڊت) وٽن موجود ھئا، جن انھن جي سمجھاڻي ۽ وضاحت اھڙي ٿي ڏني، جو سمجھائڻ بدران ڳالھہ کي ھنن منجھائي ٿي ڇڏيو ۽ پنھنجي پر ۾ قرآن توڙي ويدن وارا پنھنجي پنھنجي سوچ تي مڇريا، ھڪٻئي تي ڪاوڙيا، سنڌي سماج ۾ سٻنڌ ۽ سنيھہ بدران تفرقي ۽ فساد جا سبب بڻيا بيٺا ٿي رھيا. انھن مان ھڪ ڌر تہ رياست تي قبضو ڄمايو، ان جي سموريءَ طاقت کي پنھنجو ھٿيو بڻايو، چؤطرف ذھني گھٽ ۽ ٻوسٽ جي دنيا قائم ڪيو بيٺي ھئي. شاھہ، سچل ۽ ساميءَ سنڌي سماج کي اھڙي تفرقي ۽ فساد ۽ اھڙي روحاني گھٽ کان بچائڻ چاھيو ٿي. پنھنجي دور جي انھيءَ ڳالھہ کي ھنن بيحد اھم ٿي سمجھيو. ان جي جاءِ تي ھنن سنڌي سماج ۾ امن ۽ اتحاد، سھپ ۽ سک ۽ ضمير جي آزاديءَ جي دنيا آباد ڏسڻ ٿي گھري. نئين دنيا جي ان حسين خواب جي اجھل احساس ۽ بي ڌڙڪ جوش کين سڄي عمر سک سمھڻ نہ ڏنو ۽ ھو ان لاءِ سدائين لڇندا ۽ لوچيندا رھيا ۽ ائين ھو پنھنجي وقت سان پنھنجي پوري وس آھر پنھنجو بھترين ناتو نڀائي ۽ انساني تھذيب جو اھو ھڪ بھترين اصول ان کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ٻڌائي ۽ سمجھائي، نہ رڳو سنڌي سماج بلڪ بني نوع انسان جي تاريخ ۾ عظيم ۽ امر انسان بنجي ويا.
*
ماڻھو ڪيئن ۽ ڪڏھن رياست (State) بنجن ٿا ۽ ڪيئن ۽ ڪڏھن قوم (Nation) بنجن ٿا – انساني تاريخ جا اھي نھايت بنيادي ۽ گنڀير سوال رھيا آھن. ھونئن تہ ملڪن، سماجن ۽ قومن جي غلاميءَ جا زمانا مجموعي طور سندن زندگيءَ جا بحراني دور ھوندا آھن، ڇو تہ انھن ئي دورن ۾ ھنن جو وجود خطري ھيٺ ھوندو آھي ۽ ھو آزمائش ۾ مبتلا ھوندا آھن، پر خاص طرح جڏھن جڏھن اھي پنھنجي آزاديءَ جي جدوجھد ۾ مصروف ھوندا آھن، سندن تاريخ جا بنيادي طور بحراني دور ۽ اھم ترين دور اھي ھوندا آھن. شاھہ، سچل ۽ ساميءَ جو دور (تقريبًا، 1850-1700ع) سنڌي سماج جي تاريخ جو اھڙو ھڪ اھم ترين ۽ بنيادي طور بحراني دور ھو.
نائين صدي عيسويءَ جي اڌ کان وٺي سورھين صديءَ جي شروع تائين، ذري گھٽ ست سؤ ورھيہ لاڳيتا، سنڌ جي رياست سنڌ جي ماڻھن جي قبضي ۾ رھي – پنج سؤ ورھين کان ڪجهہ وڌيڪ سومرن جي ۽ ذري گھٽ 200 ورھيہ سمن جي. سنڌ جي تاريخ جو ھيءُ دور سنڌي سماج جي بنيادي اوسر جو دور ھو، سنڌ جا تقريبًا سمورا تاريخي ۽ نيم تاريخي قصا ۽ فخريہ ڳالھيون، ڏند ڪٿائون، لوڪ ڪھاڻيون، لوڪ گيت ۽ لوڪ سورما انھيءَ پنھنجي آزاد رياست جو لاڳيتي ڊگھي عرصي سان تعلق رکن ٿا. سنڌ جي تاريخ جو اھو ئي دور ھو، جنھن لاءِ صحيح طور چئي سگھجي ٿو تہ اھو سنڌي سماج جي تھذيب جو اڳرو ۽ ترجيحي دور ھو: ان سڄي دور ۾ سنڌي سماج جي مذھب ۽ رياست ٻنھي سنڌي سماج جي تھذيبي اوسر ۽ اڏاوت جو ڪم ڏنو. ملڪي سرحدن جي بچاءَ جا جتن، سماجي خوشحاليءَ جون ڪوششون سنڌي ڪردار جي ذھني پرورش ۽ اخلاقي تعبير، سنڌي سماج جي تاريخ جي صورت ۽ ساخت، جيڪا ھن دور ۾ عمل ۾ آئي، ان جو ٻيو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ڪونہ ٿو ملي. سنڌ جي تاريخ جو ھيءُ غير معمولي قومي اھميت جو دؤر 1520ع ۾ ختم ٿيو. ان جي خاتمي تي سنڌي ماڻھن پنھنجو اڻ ميو خون وھايو. ان خون ۾ سنڌي سماج جي ھر حصي ۽ ھر فرقي جو خون شامل ھو. عظيم مقصدن لاءِ خود – قربانيءَ جي طويل سلسلي ۾ ھنن ھڪ بنھہ انوکي قربانيءَ جي مثال جو اضافو بہ ڪيو : سندن ھڪ وطن دوست مذھبي عالم – سدا حيات، عظيم شھيد، مخدوم بلال – جيئرو گھاڻي ۾ پيڙجي وطن تان قربان ٿي ويو. ھڪ ڀيرو اڳي بہ سنڌ جي تاريخ ۾ ان جي مذھبي سربراھن پنھنجي وطن عزيز لاءِ ائين پنھنجا سر ڏنا ھئا: 325 ق.م جڏھن يونان جي سڪندراعظم پنھنجي فتحمند لشڪر سان سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿيو، تڏھن کيس ٻڌايو ويو تہ اتي ”ھڪ اھڙو مخفي اثر موجود ھو، جيڪو ڌارين جي مقابلي لاءِ ماڻھن جي ارادي کي مضبوط ڪري سگھيو ٿي“ – اھو مخفي اثر برھمڻن جو ھو، جيڪي پوءِ واقعي سڄو وقت پنھنجن ماڻھن کي دشمن جي خلاف وري وري گڏ ٿي ۽ وري وري اٿي وڙھڻ لاءِ اڀاريندا رھيا۽ انھن سان گڏ پاڻ بہ قربان ٿيندا رھيا. ٻہ اھڙا واقعا تاريخ ۾ بيان ڪيل آھن: ھڪڙو سمبس (سما؟) قبيلي جي راجڌاني سديمن (سيوھڻ) شھر جو، جتي فتح کان پوءِ، سڀ کان اول، سڪندر سڀني برھمڻن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ڇو تہ ”ھن کي معلوم ھو تہ انھن ئي ماڻھن کي اٿاريو ھو“ ۽ ٻيو ماسڪانس (ماڇي؟) قبيلي جي شڪست کاڌل (”راڻي“) جو، جنھن کي ”بادشاھہ سندس ئي راڄڌاني (الور) جي چؤنڪ تي اتان جي سڀني برھمڻن سان گڏ ڦاسيءَ تي چاڙھڻ جو حڪم ڏنو. ڇو تہ انھن ئي ھن کي ائين مقابلي لاءِ آمادھ ڪيو ھو.“ پر اھڙين بي مثل قربانين جي پيش ڪرڻ کان پوءِ بہ نہ سنڌ جون الڳ الڳ رياستون يونانين کان تڏھن محفوظ رھي سگھيون ۽ نہ ٻہ ھزار سال پوءِ ھڪ سمي ڄام جي حڪم ھيٺ سنڌ جي مرڪزي رياست ئي ارغونن جي وحشي حملہ آورن کان بچي سگھي.
*
ڪوبہ سماج، ڪوبہ ملڪ، ڪا بہ قوم ائين ڪنھن ٻاھر کان آيل ڌارينءَ طاقت ھٿان ھار کائي نٿي سگھي، ۽ ھار کائڻ کان پوءِ لاڳيتو گھڻو عرصو مجبور ۽ محڪوم رھي نٿي سگھي، جيستائين جو ان ۾ پنھنجي ڪا اندروني ڪمزوري يا اوڻائي موجود نہ آھي، ۽ اھا ڪمزوري ھر حالت ۾ ان جي ڪنھن اندروني نفاق ۽ انتشار جي ڪا صورت يا نتيجو ئي ھوندي آھي. رياست، مذھب ۽ تھذيب – سماج جا ھي ٽي شعبا – سماج جي سلامتيءَ يعني ان جي اتحاد ۽ مضبوطيءَ جا ضامن ھوندا آھن، بلڪ انھن جو منصبي ڪارج ئي اھو ھوندو آھي. رياست اھو پنھنجو ڪارج ملڪ ۽ سماج جي بچاءَ ڪرڻ سان، فردن جي پسند ۽ غرض کي اجتماعي پسند ۽ غرض سان ملائي ھڪ ڪرڻ سان، قانون ۽ انصاف جي پوري نفاذ سان، طبقن ۽ گروھن جي سلسلي ۾ پنھنجي غير جانبداريءَ ۽ منجھن سھپ ۽ رواداريءَ جي فضا کي ھمتائڻ ۽ قائم رکڻ سان، ادا ڪري ٿي. مذھب پنھنجو اھو ڪارج سماج جي فردن، طبقن ۽ گروھن ۾ ويساھي عالم جي يڪرنگيءَ ۽ پوڄاپاٺ ۽ ڪرياڪرمن جي ساڳئي ضبط ۽ مشق وسيلي ادا ڪري ٿو. تھذيب پنھنجو منصبي ڪارج ذھني پورھئي جي تخليقات – يعني فلسفي، شاعريءَ ۽ ٻين فنون لطيف جي ميدانن ۾ پنھنجي ڪاوش وسيلي ۽ جسماني پورھئي جي وسيع پيداواري ۽ تعميري ڪوششن وسيلي، ادا ڪري ٿي. پر ڇاڪاڻ تہ مخصوص رياستون ۽ مذھب محض ڪن انفرادي (يا گروھي) شخصن جي ڪوشش ۽ ڪن خاص واقعن جي رونما ٿيڻ جو اوچتو نتيجو ٿين ٿا ۽ ٻيو تہ رياست ۽ مذھب پنھنجي زور ۽ ويساھہ (طاقت ۽ ايمان، اقتدار ۽ اعتقاد) جي گھمنڊ ۾ عدل ۽ رواداريءَ جي توازن کان اڪثر ٻاھر نڪتل رھندا آھن، انھيءَ ڪري اھي سماج ۾ امن ۽ اتحاد جي وسيلي بنجڻ بدران ان جي تفريق ۽ نفاق جا سبب بنجي پوندا آھن، ۽ خاص طرح جڏھن اھي رڳو ھڪٻئي جا پشتيبان يا خادم بنجي عمل پذير ٿيندا آھن، تڏھن تہ سندن تشدد ۽ تعصب ڪري سڄو سماج جنسي فساد ۾ وٺجي ويندو آھي ۽ پوءِ اھو سماج ڏسڻ ۾ ٻاھران ڪھڙو بہ ڏيک يا ڏيا وارو ھجي پر ٻاھرينءَ ڪنھن دشمن طاقت جي ٺلھيءَ ڦنڊڪ وھيڻو وڃي رھندو آھي. رياستن ۽ مذھبن جي ڀيٽ ۾ تھذيبون زمانن گذرڻ سان، قومن يا سماجن جي ذھن جي کلڻ، پختي ٿيڻ ۽ قدم بقدم ۽ آھستي آھستي رونما ٿيندڙ واڌ ۽ اوسر جي پيداوار ٿين ٿيون: انھيءَ ڪري تھذيب پنھنجي عمل پيرائيءَ ۾ ڪڏھن بہ پنھنجي سماج ۾ نفاق يا تفرقي جو ڪارڻ بنجي نہ سگھندي آھي، بلڪ سدائين ان جي اتحاد ۽ مضبوطيءَ جي پختي ۽ صاف سڌي رستي جو ڪم ڏيندي آھي. انھيءَ ڪري ئي چئي سگھبو آھي تہ رياست ۽ مذھب کان سواءِ بہ ڪنھن قوم يا سماج جي وجود جو نيٺ بہ تصور ممڪن آھي، پر تھذيب کان سواءِ اھو ڪنھن بہ صورت ۾ ممڪن نٿو ٿي سگھي. ڪا رياست ۽ ڪو مذھب جڏھن قوم يا سماج جي تھذيب جي بچاءَ ۽ فروغ جي ڪوشش ۾ مصروف ھوندا آھن يا ڪم از ڪم ان سان ھم آھنگ يا مصلحت ۾ ھوندا آھن، تڏھن ۽ فقط تڏھن ئي اھي ان قوم يا سماج جي قدر ۽ فرمانبرداريءَ جا حقدار ليکبا آھن. ڇو تہ فقط ان ئي صورت ۾ اھي ان جي وجود جا مددگار، محافظ ۽ گھڻگھرا بنجي سگھندا آھن. اِنھيءَ خيال کان ئي ھر رياست کي ۽ پڻ ھر مذھب کي پنھنجي پنھنجي قومي حيثيت يا پنھنجي پنھنجي خاص سماج جو رنگ اختيار ڪرڻو پوندو آھي. ٻڌمت چين ۾، جپان ۾، برما ۽ ٻين ويجھن مشرقي ملڪن مان تقريبًا ھر ملڪ ۾ پنھنجو اتان جو مڪاني (قومي سماجي) رنگ اختيار ڪيو. مسيحيت يونان، روس، ايشيا مائنر ۽ خاص طرح سورھين صديءَ جي ”اصلاحي تحريڪ“ کان پوءِ يورپ جي تقريبًا ھر ملڪ ۾ قومي رنگ اختيار ڪيو. عرب فتح کان ترت ئي پوءِ ايران قبول اسلام ڪري، ان کي خاص ايراني رنگ ڏئي، پنھنجو قومي مذھب بنايو ۽ ائين پنھنجي سياسي ۽ تھذيبي امتياز ۽ خود اختيار کي ٻيھر بحال ڪيو ۽ قائم رکيو. تاريخ عالم ۾ اھڙا ڪيئي مثال موجود آھن، جڏھن قومن ۽ سماجن کي پنھنجن فاتحن جي مذھب کي مڃڻو ۽ پنھنجو ڪرڻو بہ پيو آھي تہ ان کي مڪاني حالتن سان ھم آھنگ ڪري ۽ پنھنجي تھذيب جو غالب رنگ ڏيئي پوءِ مڃيو ۽ پنھنجو ڪيو آھي. ان کي بدعت يا الحاد يا تجديد يا اجتھاد چوڻ سان ڪو فرق ڪونہ ٿو پوي: دراصل بدعت، الحاد، تجديد يا اجتھاد کان ڪو خالص ”قومي“ مذھب بہ بچيل نٿو رھي، ڇو تہ ڪا بدعت يا ڪو الحاد وغيرھ ڪنھن مذھب ۾ ايندو ئي تڏھن آھي، جڏھن اھو پنھنجي تعصب ۽ جمود سبب پنھنجي قوم يا سماج جي آزاد ۽ متحرڪ تھذيب سان ھمقدم رھي نہ سگھندو آھي، بلڪ ان جي راھہ جي آڏو روڪ بنجي بيھندو آھي. مطلب تہ رياست ۽ مذھب کي، رضا سان يا رنج سان، بھرصورت پنھنجي سھيوڳي تھذيب جو خادم ۽ طفيلي ٿي رھڻو آھي، ۽ ان صورت ۾ ئي سماج جا اھي ٽي شعبا ھم آھنگ ٿي سگھندا آھن ۽ ان جي اتحاد ۽ مضبوطيءَ جي ضمانت بنجي سگھندا آھن.
*
ٽيويھہ سؤ ورھيہ اڳي يونانين جي حملي وقت سنڌ جا ماڻھو قوم تہ ڇا پر اڃا رياست بہ بنجي نہ سگھيا ھئا. ھو قبيلائي نفاق ۾ ورتل ھئا – انھن جا مٿي ذڪر ڪيل ٻہ قبيلا (سمبس ۽ ماسيڪانس) ۽ ان وقت جي تاريخ ۾ آيل ٻيا چار پنج مک قبيلا، سڀ الڳ الڳ ٿي وڙھيا. بلڪ ان وقت بہ پاڻ ۾ وڙھندا رھيا ۽ الڳ الڳ ٿي مئا. سندن وطن دوست مذھب ۽ ڌار ڌار قبيلائي رياست ٻيئي ڌارين جي مقابلي ۾ ھنن مان ڪنھن کي ڪم نہ آيا. عربن جي حملي وقت سنڌ جي ماڻھن وٽ پنھنجي رياست تہ ھئي پر جنھن زور تي اھا قائم ڪيل ۽ بيٺل ھئي، ان زور کي اھا اڃا پنھنجو ڀر بنائي نہ سگھي ھئي، يعني سنڌ جا ماڻھو پاڻ کي اڃا قوم بنائي نہ سگھيا ھئا – خاص طرح مذھب جو تفرقو انھن جي اندروني زبون حاليءَ جو سبب بنيل ھو – ٻڌمت ۽ برھمڻ واد پنھنجون پنھنجون خود پسنديون ۽ پنھنجا پنھنجا تعصب کنيو ھڪٻئي ۾ اکيون وجھيو بيٺا ھئا، ۽ ننڍين ننڍين نائب راجڌانين جا ننڍا ننڍا نائب سردار ڪجهہ اعتقادي گھمنڊ ۾ ۽ ڪجهہ خوف کان ۽ ڪجهہ اقتدار جي ڪشش ۽ سڌ ۾ پنھنجي پنھنجي مختصر ڏاھپن جا شڪار ٿي ويا، ۽ سنڌي ماڻھن جي مرڪزي رياست پنھنجن انھن مذھبي ۽ سياسي نفاقن ۾ اندرون ئي اندر کاڌي، ڇوري ڀت بني بيٺي رھي، جنھن کي ٻاھران رڳو ھڪڙي ڪنھن ٿيلھي ڏيڻ جي دير ھئي. سورھين صديءَ جي شروع ۾، ارغونن جي حملي وقت، سنڌ جو حڪمران شاھي گھراڻو، وري بہ، اقتدار جي خانہ جنگيءَ ۾ رڌل ھو. سنڌي رياست پنھنجي طاقت پنھنجي خلاف صرف ڪري رھي ھئي. رياست جو سربراھھ، ڄام فيروز – سنڌ جي شاندار بادشاھہ ڄام نندي جي پيرسنيءَ جو نالائق پٽ – پنھنجن ۽ پراون ٻنھي جي خوف ۾ گرفتار ۽ پنھنجي پاڻ کان بيزار، پنھنجي وطن ۽ ماڻھن جي گڏيل مفاد کان بي نياز، صرف پنھنجي ذاتي بچاءَ لاءِ ھٿ پير ھڻندو رھيو ۽ ان ڏس ۾، ڪڏھن پنھنجن سان ۽ ڪڏھن پراون سان شامل، سندس ھر قدم سنڌ جي شڪست ۽ خواريءَ جو سبب بنيو رھيو. ھم مذھبيءَ جي چوغي پاتل حملہ آور ارغونن جي لشڪر کي ھيڪل ھيڪل نہ ھو پاڻ پڄي سگھيو، نہ سندس بزرگ اتاليق دريا خان ۽ ان جا بھادر پٽ پڄي سگھيا ۽ نہ سندس تخت تاج جو دعويدار سندس پڦاٽ ڄام صلاح الدين پڄي سگھيو ۽ نہ وري ڪنھن حوصلہ مند مرڪزي رھبريءَ کان قطعا محروم سنڌ جا عام ماڻھو ئي پنھنجي وطن کي دشمنن کان بچائي سگھيا – وطني دفاع جي ان عبرتناڪ جنگ ۾، جيڪا سنڌ جو ھر طبقو ۽ ھر قبيلو سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ھڪ ھڪ ٿي وڙھندو رھيو، ساڻن شامل مذھب جو وطن دوست حلقو بہ کين بچائي نہ سگھيو. دراصل عين ان آزمائش جي وقت، مذھبُ، رياست (حڪومتي اقتدار) وانگر ئي، سنڌ جي ماڻھن جي اتحاد ۽ قوت جو نہ پر سندن ڪمزوريءَ ۽ نفاق جو سبب بنجي پيو. قاضي قاضن ۽ سندس سڄي مھدوي ٽولي جي مذھبي سربراھن، بکر جي سڳورن سيدن ۽ ٻين ڪيترن ئي شيخن مشائخن ۽ پيرن فقيرن پنھنجي وطن ۽ پنھنجي ماڻھن سان غداري ڪري، حملہ آور دشمن لاءِ جاسوسي ڪئي ۽ ان جو ساٿ ڏنو. ارغوني لشڪر جو پنھنجو ديني جاسوسن ۽ روحاني شڪار بازن جو ھر اول طائفو تنھن کان الڳ ھو. * مطلب تہ سورھين صديءَ جو سنڌي سماج بہ پنھنجون مضبوط تھذيبي روايتون ۽ پنھنجي پختہ ڪار ۽ محب وطن رياست رکندي بہ، فقط پنھنجي اندروني ڪمزوريءَ سبب، جنھن جو بنياد ان جي سياسي ۽ مذھبي خلفشار تي ھو، پاڻ کي شڪست ۽ غلاميءَ کان بچائي نہ سگھيو.
ارغونن ھٿان سنڌ جي ھن فتح کي ”خرابيء سنڌ“ سڏي، تڏھوڪن عالمن ان مان ابجد جي حساب سان سنڌ جي برباديءَ جي تاريخ (927 ھہ مطابق 1520ع) ڪڍي ھئي. ”تاريخ معصوميءَ“ موجب، يارھين محرم تي ارغونن جو لشڪر ٺٽي ۾ داخل ٿيو ۽ ”مغل 20 تاريخ تائين شھر ۾ لٽ مار ڪندا رھيا ۽ اتان جي ماڻھن کي ذليل ڪندا رھيا. جنھن مان آيت سڳوريءَ - ان الملوڪ اذا دخا و اقريت افسدوھا (بادشاھہ جڏھن ڪنھن شھر ۾ داخل ٿين ٿا، تڏھن ان کي ويران ڪري ڇڏين ٿا) جي وضاحت اکين اڳيان اچي ويئي.“ جڏھن دشمن جي لشڪر ٽلٽيءَ جو شھر فتح ڪيو، تڏھن، ساڳيو تاريخ وارو چوي ٿو تہ ”ٽي ڏينھن ٽلٽيءَ ۾ رھي ڪري، مغلن اتان جي رھاڪن کي پوريءَ طرح برباد ڪيو.“ باغبان (موجودھ سيوھڻ – بوبڪ تعلقي جي ايراضيءَ) ۾ پھچڻ سان ارغون فوجين ”ماڇي قوم، جنھن اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ کان انڪار ڪيو، ان جي سڀني ماڻھن کي قتل ڪري ۽ انھن جو مال اسباب ۽ ڍور ڍڳا ڦري، انھن جي گھرن ۽ قلعي کي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو.“ سنڌ جي بلوچن جي باري ۾، سنڌ جي فاتح شاھہ بيگ ارغون، جنھن لاءِ ”تاريخ معصوميءَ“ جو چوڻ آھي تہ ”اڪثر وقت ھو عبادت ۽ تقوا ۾ گذاريندو ھو، ۽ عالمن ۽ مشائخن جي مجلس ۾ ويھندو ھو“ ۽ مرڻ کان پوءِ جنھن جو لاش کڄي، مڪي شريف جي ”جنت المعليٰ“ ۾ وڃي دفن ٿيو ھو، تنھن پنھنجي ٽولي جي ماڻھن سان ”صلاح مشورو“ ڪري فيصلو ڪيو تہ ھن قوم جي باھہ کي تلوار جي پاڻيءَ سان وسائڻ گھرجي. پوءِ طئي ھي ٿيو تہ ھر ڳوٺ ۾ تجربيڪار ماڻھن جي ھڪ جماعت ويھاري وڃي، جيڪي ڪجهہ مدت انھن ماڻھن جي وچ ۾ رھڻ کان پوءِ ھڪ مقرر وقت تي ھر ھنڌ حملو ڪري، انھن کي ختم ڪري ڇڏين: ائين ھر آباديءَ ۾ ھڪ جماعت مقرر ڪئي ويئي، جا وقت جي انتظار ۾ رھي، ۽ پوءِ جڏھن مقرر وقت آيو، تڏھن ھر جماعت پنھنجون تلوارون بار بار اگھندي، ان بدبخت قوم کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ انھيءَ طرح ھڪ ئي وقت بلوچن جي 42 آبادين جا ماڻھو قتل ۽ برباد ٿي ويا.“ 1527ع (جنوري) ۾ ھڪ سال جي گھيري کان پوءِ ارغون جڏھن ملتان جو قلعو ڀڃي، اندر شھر ۾ داخل ٿيا، تڏھن .داخل ٿيڻ سان ئي نھايت بيدرديءَ سان ئي قتل ۽ ڦرمار شروع ڪري ڏنائون. ستن سالن کان ستر سالن جي عمر جا سڀئي ماڻھو قتل ڪيا ويا ۽ ملتانين تي قيامت برپا ٿي ويئي. ڪن ماڻھن وڃي بزرگن جي خانقاھن ۾ پناھہ ورتي، پر ڏھہ ٻارھن ڏينھن شھر ۾ ڦرمار ڪرڻ کان پوءِ محب ترخان فوج وٺي اتي وڃي پھتو ۽ پناھہ گزين ماڻھن کي ڦري ماري، خانقاھن کي باھيون ڏيئي، اتان جا پٽ رت سان ڳاڙھا ڪري ڇڏيائين.“ 1538ع ۾ مرزا شاھہ حسن، ھمايون جي سڏ تي گجرات ويندي، ”پٽن“ جي آسپاس منزل ڪئي ۽ سندس ھڪڙي سپھہ سالار، سلطان محمود، ”احمد آباد تائين وڃي گجراتين جو مال متاع ڦريو، جنھن وسيلي ڪثير سامان، ڪپڙو، نقدي ۽ سون لشڪر کي ھٿ لڳو.“ گجرات کان موٽندي ”شاھہ حسن راڌڻ پور جي رستي سان ايندي، جاڙيجن ۽ سوڍا قبيلن جو قتل عام ڪري، انھن کي خوب لٽيو ماريو ۽ برباد ڪيو.“ ھن مرزا شاھہ حسين لاءِ بہ ساڳئي ”تاريخ معصوميءَ“ واري جو چوڻ آھي تہ ”جيڪي بہ مقدما ھن وٽ پيش ٿيندا ھئا، انھن لاءِ ھو شرع شريف ڏانھن رجوع ٿيندو ھو، ساداتن، مشائخن ۽ عالمن جو بيحد احترام ڪندو ھو ۽ ھن جو لاش بہ پوءِ مڪي معظم نيو ويو ۽ اتي جنت المعليٰ جي قبرستان ۾ پيءُ جي ڀرسان دفنايو ويو!
*
تاريخ جي ھيءَ ھڪ عالم آشڪار حقيقت آھي تہ مذھبُ ڪنھن ملڪ، قوم يا سماج کي ٻئي ڪنھن ملڪ، سماج يا قوم جي اڳرائي، ڦرمار ۽ غلاميءَ کان بچاءَ جو ڪم ڪونہ ٿو ڏئي، چاھي اڳرائيءَ ڪندڙ ۽ ڦرمار ڪندڙ قوم ڪا ھم مذھب قوم ئي ڇو نہ ھجي. مذھب ھڪڙيءَ ڪنھن قوم کي ٻيءَ ڪنھن قوم تي حملي ڪرڻ، ان کي ڦرڻ لٽڻ ۽ ان کي غلام بنائڻ کان روڪ جو ڪم بہ ڪونہ ٿو ڏئي، چاھي اھا ٻي قوم ان جي ھم مذھب قوم ئي ڇو نہ ھجي. * اڳرائي، ڦرمار ۽ آڪرائي – اھي اجتماعي طاقت، ۽ ان جي انتظام ۽ استعمال، جا مسئلا آھن – يعني اھي رياست جي عمل پيرائيءَ جي دائري ۾ اچن ٿا. خالص مذھب (ڪھڙي بہ مذھب) جو، يعني (ڪھڙي بہ ”نظريي“ ۾) ايمان ۽ اعتقاد جو اِن سان ڪو واسطو ڪونھي. بلڪ اڪثر اھڙو ايمان ۽ اعتقاد ڪمزور ۽ امن پسند قوم ۾ جاسوس ۽ غدار ۽ ”پنجين ڪالم“ * جا ماڻھو پيدا ڪري ڏيندو آھي، جن کي ساڳئي ايمان ۽ عقيدي واري زورآور ۽ اڳرائي ڪندڙ قوم پنھنجي جنگي فائدي لاءِ ڪم آڻيندي آھي. سنڌ جي تاريخ، محمود غزنويءَ جي منصوري تي حملي ڪرڻ ۽ ان کي نابود ڪرڻ کان وٺي ۽ خاص طرح ارغونن جي حملي کان وٺي سنہ 1737ع ۾ مغلن جي دور ختم ٿيڻ تائين ۽ پوءِ نادر شاھہ، احمد شاھہ ابداليءَ *، مدد خان ۽ شاھہ شجاع جي حملن جي صورت ۾ انھيءَ پنھنجي بنيادي حقيقت جو پڌرو ۽ پختو ثبوت آھي.
لڳ ڀڳ مني صدي ارغون ۽ سندن شريڪ ڪار ترخان قبيلي جا مغل پنھنجي ھم مذھب سنڌ کي ائين لٽيندا ۽ ڪچليندا رھيا– ان وچ ۾ ھنن گوئا مان عيسائي پورچوگيزن جو غنيم گھرائي بہ ٺٽي کي ڦرايو، شھر کي باھہ ڏياري ۽ ماڻھن جو قتل عام ڪرايو. تان جو 1591ع ۾ سنڌ کي سڌيءَ طرح دھليءَ جي مغلن پنھنجي جاگير شاھيءَ ۾ داخل ڪيو. دھليءَ جا مغل بادشاھہ سڀ پاڻ کي ”غازي“ چوائيندا ھئا، ۽ مئي کان پوءِ ”جنت مڪاني“ ”عرش آشياني“ ”خلد آستاني“ وغيرھ وغيرھ سڏبا ھئا. انھن جي ڏينھن ۾ غلام سنڌ جي مسلمان خلق جو ڪھڙو حال ھو، اھو بہ ٻڌڻ وٽان آھي. جھانگير پنھنجي ”تزڪ“ ۾ پنھنجي ٺٽي جي نواب مرزا رستم لاءِ لکيو آھي تہ ”ماڻھن سان ھن ايڏا ظلم ۽ تعديون ڪيون، جو چؤطرف دانھن پئجي ويئي - ۽ ٻيون بہ ڪيئي خرابيون ھن بابت ٻڌڻ ۾ آيون.“ ھڪڙي سندس مغل نواب قوج عليءَ بابت، جيڪو بکر جي ماتحت ھڪ جاگير جو حاڪم ھو، ”ذخيرت الخوانين“ ۾ ٻڌايل آھي تہ، ”ٻہ ڪڻاھ پاڻيءَ جا سدائين وٽس باھہ تي پيا ٽھڪندا ھئا ۽ ڪوبہ چور يا ساڌ يا ٻيو ڪو ڏوھي بيڏوھي ھٿ چڙھيس تہ ان جا ھٿ پير ٻڌي، انھن ڪڻاھن ۾ اڇلارائي ڇڏيندو ھو، ۽ اھي اتي ئي رجھي پاھہ ٿي ويندا ھئا. تقريبًا ھڪ ھزار کن ماڻھو ان پٽ جا ھن ائين ماريا. ڪميڻپ ۽ بيپرواھيءَ ۾ ھن جو ٻيو مثال ڪونہ ھو.“ شاھجھان جي دور جي نواب احمد بيگ بابت، جنھن جي راڄڌاني سيوھڻ ھو، ٻڌايل آھي تہ ھو ”بيحد سست، نااھل ۽ نڪمو ماڻھو ھو.... ھن حڪومت جون واڳون پنھنجي ھڪ ظالم ۽ سفاڪ ڀاءُ مرزا يوسف جي حوالي ڪري ڇڏيون ھيون، جو پنھنجي فطرت جي لحاظ کان بيحد پست، ذليل، بي رحم ۽ بيھودو ماڻھو ھو..... ھو ايترو سفاڪ ھو، جو حجاج بن يوسف جھڙو ظالم اظلم بہ ھن جي اڳيان ادنيٰ شاگرد جي حيثيت رکندو ھو. ھن پنھنجي ظلم ۽ ڪٺورتا سان سڄي صوبي کي ھيٺ مٿي ڪري ڇڏيو ھو.... ھو ھر روز شھر جي بيگناھہ ماڻھن کي جھلائي درا ھڻائيندو ھو... درن جي لڳندي لڳندي، مظلومن جي کل لھي ويندي ھئي ۽ اڪثر ھو مري ويندا ھئا. ائين ٻن ٽن سؤ بيگناھن جو مرڻ ھن لاءِ روزانو معمول ھو... صوبي ۾ جنھن بہ ماڻھوءَ بابت خبر پوندي ھيس تہ مالدار ماڻھو آھي، تہ ان تي ڪوڙيون تھمتون رکي، پاڻ وٽ گھرائيندو ھو ۽ معمولي سوال جواب کان پوءِ پھرين تہ ھن کي خوب درا ھڻائيندو ھو. ان کان پوءِ ھن جو سڄو مال اسباب ضبط ڪري وٺندو ھو. ھيءُ سندس سلوڪ رڳو مردن سان نہ ھوندو ھو پر مالدار عورتن سان بہ اھائي ڪار ڪندو ھو... سڄي علائقي ۾ جنھن وٽ بہ سٺو ۽ قيمتي اٺ ڏسندو ھو، اھو زوريءَ ھن کان کسي، پنھنجي شترخاني ۾ داخل ڪري ڇڏيندو ھو. رستن جي ھر لنگھہ ۽ درياءَ جي ھر پتڻ تي ماڻھو بيھاري ڇڏيائين، جيڪي ھر ايندڙ ويندڙ تي بي سبب ڏنڊ وجھي ۽ ھر قسم جا محصول مڙھي، پيسا پيا ڦريندا ھئا. ايتري تائين، جو ھٿين خالي راھہ ويندڙ ڪو ماڻھو بہ انھن کان ڇٽي نہ سگھندو ھو.... ھڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين وڃڻ لاءِ بہ راھداري وٺڻ ضروري ھئي، جنھن لاءِ رپيا ادا ڪرڻا پوندا ھئا. رڳو ڪنھن کي پنھنجي ڪنھن مائٽ جي مرڻ جي خبر ڏيڻ لاءِ ٻئي ڳوٺ وڃڻو پوندو ھو، تہ اھو بہ سواءِ پيسن ڏيڻ ۽ راھداري وٺڻ جي ھڪ قدم بہ اتان ٻاھر رکي نہ سگھندو ھو. درياءَ ۾ خالي ٻيڙين کان بہ محصول ورتو ويندو ھو، سوداگرن جي ٻيڙين تي ھر طرح جون مصيبتون نازل ٿينديون ھيون، ڪيترا ڏينھن بي سبب انھن کي روڪي بيھاريو ويندو ھو تہ جيئن انھن جو قيمتي سامان سيوھڻ ۾ ڪوڏين تي نيلام ٿي وڃي ۽واپاري تنگ ٿي مرزا يوسف کي وڏيون وڏيون رشوتون ۽ ڳرا ڳرا تحفا تحائف ڏيئي جند ڇڏائين.... سڄي ملڪ جي چورن ۽ ڌاڙيلن کي ھن پاڻ وٽ پناھہ ڏيئي بيھاري ڇڏيو ھو ۽ انھن ھٿان ھو ملڪ ۾ چوريون ۽ ڦريون ڪرائيندو ھو ۽ ڌاڙا ھڻائيندو ھو... بنگال مان ناليرا جواري گھرائي، شھر جي چوواٽن تي بيھاري ڇڏيائين، جيڪي راھگيرن جا نہ رڳو کيسا پيا خالي ڪندا ھئا، پر انھن جي بت جا ڪپڙا بہ لھرائي ڇڏيندا ھئا. چوريءَ ۽ جوا جي آمدني ھر روز شام جو ”خزاني“ ۾ باقاعدي حساب ڪتاب سان داخل ٿيندي ھئي. ھڪ ڀيري نئين قلعي ٺھرائڻ جو ھن فيصلو ڪيو ۽ حڪم ڏنائين تہ شھر جا سڀ ماڻھو پنھنجي سر پنھنجن مٿن تي سرون کڻي، گارو ۽ گچ ڪري، قلعي جي ڀتين جي اوساري ڪن – جيڪڏھن ڪي بيمار، معذور يا پوڙھا پاڻ سان مزور وٺي ٿي آيا تہ اھا ڳالھہ بہ مرزا يوسف کي قبول نہ ھئي – ھر ڪنھن کي، پوءِ ھو ڪھڙيءَ بہ حالت ۾ ھو، پنھنجن ھٿن سان پاڻ اھا بيگر وھڻي ھئي.... چغلخورن جو ھڪ وڏو ٽولو ھن پاڻ وٽ رکيو ھو، جن کي ھو ”حقيقت دان“ سڏيندو ھو ۽ اھي ملڪ جي گوشي گوشي ۾، خاص ھدايتن ھيٺ، ھر ماني مڇيءَ واري ۽ عزت دار ماڻھوءَ کي ذليل ۽ خوار ڪندا ۽ ڪرائيندا رھندا ھئا. فصل پچڻ وقت مرزا يوسف جا خاص ماڻھو ان جي ايتري وڌائي چڙھائي داڻي بندي ڪندا ھئا، جو ھارين کي سڄو ان ڏيئي بہ ان مان خلاصي ڪانہ ٿيندي ھئي، بقايا لاءِ کين اٽلو پنھنجو چوپايو مال نيلام ڪرائڻو پوندو ھو – جيڪڏھن اھڙا مجبور ۽ مظلوم آبادگار ڳوٺ ڇڏي پاڻ بچائڻ گھرندا ھئا، تہ ھو انھن جي پٺيان گھوڙا ڊوڙائي، انھن جو سڄو مال اسباب انھن کان ڦرائي وٺندو ھو.... مرزا يوسف ملڪ جي چڱن ماڻھن کي ھڪٻئي جي خلاف ڀڙڪائيندو ھو ۽ پاڻ ۾ ويڙھائيندو ھو، تہ جيئن ھڪ پاسي ملڪ جا بااثر ماڻھو ڪمزور ٿين ۽ ٻئي پاسي ملڪ جي وحدت قائم نہ رھي سگھي، تان تہ ملڪ تي ھو پنھنجي حاڪميت مضبوط رکندو رھي. جيڪڏھن ڪي ماڻھو ھنن ظلمن کان تنگ ٿي ملتان يا دھليءَ ڏانھن فرياد ڪرڻ لاءِ وڃڻ جي ڪندا ھئا تہ اوسي پاسي جا نواب ۽ ننڍا وڍا حاڪم، مثلا بکر، نصرپور، ٺٽي وغيرھ جا. انھن کي واٽ تان جھلي واپس مرزا يوسف ڏانھن ڏياري موڪليندا ھئا تہ ھو انھن جي خبر وٺي....“
سيوھڻ جي علائقي جي ھن ظلمستان جو ھيءُ بيان خود اتان جي ھڪ سرڪاري واقع نويس، يوسف ميرڪ نالي، مخفي طور قلمبند ڪيو، جنھن کي ھن پوءِ ”مظھر شاھجھانيءَ“ جي نالي سان جون 1634ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏيئي مڪمل ڪيو، جنھن جو قلمي نسخو سندس ھٿ اکرن م موجود آھي ۽ جيڪو ڇپجي پڌرو بہ ٿي چڪو آھي. سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن جي ان دک ۽ بيڪسيءَ جي داستان کي قلمبند ڪندي ڪندي، يوسف ميرڪ جي دل مان نيٺ ھڪ دانھن نڪري ويئي، جا بہ سندس ڪتاب ۾ درج آھي ۽ ان کي ٿورن لفطن ۾ وطن جي غلاميءَ تي ھڪ ازلي تبرا ھڪ پاسي ۽ وطن دوست رياست جي بنيادي سماجي ڪارج جو ھڪ سچو ۽ جامع بيان ٻئي پاسي شمار ڪري سگھجي ٿو- چوي ٿو:
”ڪار ملڪ بجائي رسيد ڪھ ملڪ ناپرسان و ملڪ بيدادان و ملڪ بيڪسان شدھ. چون آدم لاملڪ گردند، ھزار گونہ فساد،در دين و دنيا پيدا ميشود، چرا ڪھ مدار عالم وابستہ ء معاش است.“
-ملڪ، دين ۽ دنيا، يعني رياست، مذھب ۽ تھذيب ۽ عالم جو يعني سماج جو مدار معاش (گذران، ان جي وسيلن ۽ پيداوار) تي؛ يعني جڏھن ماڻھو پنھنجي رياست کان محروم ٿي وڃن ٿا ۽ اھا وڃي اھڙن جي ھٿ چڙھي ٿي، جيڪي انھن کان نہ پڇن ٿا ۽ نہ انھن جو داد ڪن ٿا، ۽ ھو ان ۾ بيڪس بنجي وڃن ٿا، يعني سندن گذر ۽ گذر جا وسيلا کانئن کسجي وڃن ٿا، تڏھن انھن جو نہ دين سلامت رھي ٿو نہ دنيا – انھن جو مذھب ۽ تھذيب ٻيئي فساد ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا ۽ سندن سماج ھڪ سچي پچي ۽ بنيادي نوع جي بحران ۾ وٺجي وڃي ٿو. ھو زندگيءَ جي آزمائش – پنھنجي وجود جي آزمائش - ۾ اچي وڃن ٿا، ۽ ھنن جي اڳيان سواءِ پنھنجي نجات لاءِ ڪامل جدوجھد ڪرڻ جي ٻيو رستو ڪونہ ٿو رھي، تان جو ھو وري سماجي طور متحد ٿي، نئين سر مضبوط ٿي، پنھنجي محب وطن قومي رياست قائم ڪري سگھن ۽ ان جي پناھہ ۾ رھي ڪري، پنھنجي تھذيبي يعني ذھني ۽ معاشي خوشحاليءَ جي ماڻڻ لاءِ گھربل تخليقي ۽ پيداواري ڪم جي پوئواري ڪري سگھن.
پنھنجي محب وطن قومي رياست جي پناھہ ھيٺ خاص طرح ۽ ھونئن بہ پنھنجي منھن عام طرح، ڪو ملڪ، قوم يا سماج تھذيب جي ميدان ۾ رڳو معاشي طور ڪيتري قدر ڪوشش ۾ رڌل رھي ٿو، ان جا ڪجهہ مثال بہ اسان کي پنھنجي تاريخ ۾ ملن ٿا.
احمد بيگ جي نوابيءَ ۾ سيوھڻ جي باغبان علائقي جي برباديءَ جو ذڪر ڪندي، ”مظھر شاھجھانيءَ“ جو مصنف يوسف ميرڪ لکي ٿو تہ ”سمن جي دور حڪومت ۾ (يعني ھڪ سؤ سال اڳ) ھيءُ پرڳڻو آباديءَ ۽ خوشحاليءَ ۾ ڪمال درجي تي رسيل ھو. مخدوم جعفر بوبڪانيءَ مرزا عيسيٰ ترخان کي ٻڌايو ھو تہ جڏھن (پھريون ڀيرو) 921 ھہ ذي قعدھ (1515ع، ڊسمبر) ۾ (ڄام نندي جي زماني ۾) شاھہ بيگ ارغون قنڌار مان ھن علائقي تي چڙھائي ڪري آيو ھو، تڏھن ھو ھڪ ھزار رڳو اٺ، جيڪي رات جو نارن ۽ ھرلن ۾ وھي رھيا ھئا، سي زوريءَ اتان ڪاھي ويو. ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو تہ ھيءُ علائقو ٻين ڳالھين ۾ ڪيترو نہ سائو ستابو ۽ آباد ھو.... (ان کان علاوھ) سنڌ جي والي، ڄام نندي، جي ڏينھن ۾ ڇاڳلي نالي ھندو وزير کي ڄام جي پٽيلي درياءَ خان سان گڏ سيوھڻ موڪليو ويو ھو. جنھن ھتي اچي باراني پاڻيءَ تي ساوھ واري واھہ کي وھايو ھو، جنھن جو پاڻي منڇر ۾ اچي گڏ پئي ٿيو. انھي ڍنڍ جي اترئين پاسي ڳاھن واري رعيت پوک ڪندي ٿي آئي ۽ ان جي ڏاکڻي پاسي بوبڪن جي ماڻھن گچ ۽ مانھن جي ڪٽ جي ملاوت سان پڪو بند ٻڌي، ڪاڇي جي زمينن ۾ پاڻي پئي پڄايو، جنھنڪري اتي (بھ) جام آبادي ٿيندي پئي رھي: انھيءَ ڪاڇي واريءَ پوک تي ڏھون حصو ڍل وڌل ھئي، يعني جنھن مان نو حصا رعيت کي ۽ ڏھون حصو سرڪار کي ٿي مليو: تڏھن بہ ڄام نندي کي ھڪ لک خرار وصول پئي ٿيا.“ ان ساڳئي سيوھڻ صوبي جي نوابي، وچ ۾ ارغونن – ترخانن جي ستر کن سالن ۽ دھليءَ جي مغل تسلط جي ويھارو کن سالن جي عرصي کان پوءِ، 1607ع ۾ جھانگير جي تخت نشينيءَ تي خود يوسف ميرڪ جي پيءُ مير قاسم نمڪين کي ملي، يوسف ميرڪ جي پيءُ کيس ھٿياربند سوارن جي ھڪ مضبوط جماعت ساڻ ڏيئي اوڏانھن روانو ڪيو ۽ پاڻ ھڪ ٻن ڏينھن جي مفاصلي تي پٺيان منزلون ڪندو ايندو رھيو. انھيءَ پنھنجي سيوھڻ صوبي جي پھرئين سفر جي ڳالھہ ڪندي، يوسف ميرڪ ٻڌائي ٿو تہ ”واٽ تان ايندي، جيڏانھن ٿي مون نگاھہ ڪئي تيڏانھن مون کي ويراني ئي ويراني ٿي ڏسڻ ۾ آئي“ – ڄڻ وچ واري عرصي ۾ اتان ڪو راڪاس گھمي ويو ھو. ان کان پوءِ وڌيڪ ويھارو کن سالن جي گذرڻ بعد، 1628ع ۾، احمد بيگ جي نوابيءَ ۽ ان جي ظالم ڀاءُ مرزا يوسف جي ڪارستانين جو ذڪر ڪندي، يوسف ميرڪ لکي ٿو تہ، ”ملڪ جي برباديءَ جي حالت اتي وڃي پھتي ھئي، جو چئن پنجن مھينن کان خود سپاھين کي خرچ پکو ڪونہ ٿي مليو، جنھن ڪري (ڦرمار لاءِ) ڪيترا ڀيرا اھي پنوھرن تي ڪاھي ويا، پر ڪامياب ٿي نہ سگھيا. پوءِ جيڪو فصل قدرتي آفت جو شڪار ٿي چڪو ھو، تنھن تي وڃي ھنن قبضو ڪيو، کين ڄڻ مفت جي ڪا مڏي ھٿ اچي ويئي ھئي...، ھوڏانھن احمد بيگ پاڻ ڪو ھٿ پير ٿي ھنيو ۽ کيس ڪٿان ڪجهہ ھٿ ٿي آيو، اھو وٽس پھچي ئي پھچي، تيسين سڀ ڪجهہ لفنگ ماڻھو کڻي ٿي ويا... جيڪي ڪجهہ وڳوڙين جي ور ٿي چڙھيو، انھن جو ٿي ٿي ويو.....“ ڇھہ سال پوءِ ڪتاب جو خاتمو ڪندي، يوسف ميرڪ ٻڌائي ٿو تہ، ”انھيءَ احمد بيگ جي ايامڪاريءَ ۾ جيڪي وستيون ويران ٿي ويون، سي اڃا تائين اسري نہ سگھيون آھن.“ سمن جي وطن دوست راڄ جي ڏينھن جي ڳالھہ ڪندي، يوسف ميرڪ لکي ٿو تہ، ”جيڪڏھن واقعي رعيت خوشحال ٿي، پوريءَ محنت سان پوکي راھيءَ ۾ لڳي وڃي، مٿس ڪوبہ ظالم حاڪم مسلط نہ ھجي تہ ھڪ ھڪ ماڻھو، جيڪو زور زبردستيءَ سان دل من ھڻندي، رڳو ڏھہ جريب آباد ڪري سگھي ٿو، سو پنجن سون کان ھزار جريبن تائين بلڪ ان کان بہ وڌيڪ آبادي ڪندو ۽ ڍل ڀريندو... جيڪڏھن رعيتي سکيا ستابا آھن ۽ کين ڀروسو آھي تہ اھي پنھنجي وس آھر درياءَ مان واھڙ ڪڍي، انھن کي پري پري وارن پٽن تائين پھچائي، زمين آباد ڪري ٿا سگھن، جتي ماڻھو، مرونءَ ۽ پکيءَ جو پاڇو بہ ڪڏھن نہ پيو ھجي.... مون خود پنھنجي اکين سان اھڙو مشاھدو چانڊڪا پرڳڻي ۾ ڪيو ھو: مير ابڙي نالي اتان جي ھڪ زميندار، ننڍي درياءَ جيڏو ھڪڙو وڏو واھہ درياءَ مان ڪڍائي پري پري نيئي، سڃا پٽ آباد ڪري ڇڏيا ۽ اتي نوان شھر ٻڌايائين، جتي پکين ۽ حيوانن انسانن جي شڪل نہ ڏٺي ھئي – ائين ھن ”جوڳي“ ۽ ”منھھ“ نالي شھر ٻڌايا: ساڳيءَ طرح نندي ابڙي ”پوپٽي“ نالي ۽ شاھہ عليءَ، جيڪو ابڙن جو پير ھو ۽ پاڻ کي مھدي چوائيندو ھو، ”ڪوتل“ نالي شھر ٻڌايا. ائين ابڙن، سانگين ۽ سميجن مان ھر ماڻھوءَ، جيڪي ھن پرڳڻي جا رھاڪو ھئا، ننڍا ننڍا ڪڙيا کڻائي، غير آباد پٽ آباد ڪيا ۽ نوان نوان ڳوٺ اڏيا. تان جو بکر ”ملڪ“ جي ان علائقي جي جمعبندي ھڪدم 12 لکن مان وڌي، ٽيھارو، چاليھارو لکن ”تنڪن“ تائين پھچي ويئي.“ ۽ اھو سڀ انھي ڪري ٿيو، جو ”ماڻھن کي ڪجهہ وقت لاءِ ھڪڙي ماڻھپي واري نواب (محمد علي بيگ بندريءَ) جي زير حڪومت رھڻ جو موقعو مليو.“
*
تقريبًا پورا ٻہ سؤ سال (1736-1520ع) سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻھو ائين ارغونن – ترخانن ۽ دھليءَ جي مغل حڪومت جي ھٻڇي ۽ رت پياڪ تسلط ھيٺ پيسبا ۽ پڻي ٿيندا رھيا، سندن تھذيبي زندگيءَ جو ساھہ سندن دشمنن جي مٺ ۾ گھٽبو ۽ ٻوساٽبو رھيو، سندن ذھني ۽ جسماني صلاحيتون بند ھيون ۽ انھن جي ھر قومي استعمال ۽ اظھار تي مٿن ھٺيليون ۽ بي قياس سنگينون اڀيون ٿِي ٿي ويون. پر پورين ٻن صدين جو اھو سڄو عرصو، پنھنجي وطن جي نجات ۽ پنھنجي وجود جي بچاءَ لاءِ، ھو پوءِ بہ لڳاتار وڙھندا رھيا. انھن ٻن سؤ سالن جي تاريخ شاھد آھي تہ ان عرصي جو ڪو ھڪ مھينو، ڪو ھڪ ھفتو، ڪو ھڪ ڏينھن بہ اھڙو ڪونہ گذريو، جڏھن ھو پنھنجي ان مقدس فرض کان غافل رھيا. پر ساڳئي وقت سندن افسوسناڪ نڀاڳ اھو ھو، جو اھو سڄو عرصو ھو پنھنجي اندروني قومي ۽ مذھبي نفاق جا پڻ شڪار رھيا ۽ ان نفاق کي وڌائڻ ۽ ان مان فائدي وٺڻ ۾ سندن دشمن ڪا ڪثر پوئتي ڪانہ ڇڏي. ان لاءِ پھرين ڳالھہ ھنن ھيءَ ڪئي، جو سنڌ کي ورھائي ٽڪر ٽڪر ڪيائون ۽ ان جي متحد قومي رياست کي ھڪ ڀيرو وري بہ واوکر ڪري ڇڏيائون. ارغونن ”ولايت سنڌ“ کي ڇھن ”سرڪارين“ ۾، ۽ مغلن ان کي چئن ”ملڪن“ ۾ ورھايو ۽ سڄو وقت ھيءَ يا ھوءَ ”سرڪار“ ھن يا ھن ”ملڪ“ يا ”سرڪار“ سان وڙھندي رھي. ٻيو تہ سڀ اھي ”سرڪاريون“ ۽ ”ملڪ“ پاڻ کي قائم ۽ پنھنجي لٽ مار کي جاري رکڻ لاءِ پنھنجي پنھنجي دائري ۾، ماڻھن جي ھر قبيلي ۾ اندروني جھيڙن ۽ قبيلن جي ھڪٻئي سان ٽڪر ۽ ويڙھہ کي سعيو ڪري اڀاريندا ۽ وڌائيندا رھيا- لاکن کي سميجن جي خلاف، سميجن کي سومرن خلاف، مھرن کي ڪھيرين جي خلاف، ڪھيرين کي ڪلھوڙن جي خلاف، ڪلھوڙن کي دائودپوٽن جي خلاف، دائودپوٽن کي پنوھرن جي خلاف ۽ پنوھرن کي ھنن جي خلاف ۽ ھنن کي ٻين جي خلاف، بلوچن کي سماتن جي خلاف ۽ سماٽن کي بلوچن جي خلاف، سعيو ڪري، ويڙھائيندا، ھيڻو ڪندا ۽ خوار خراب ڪندا رھيا. ان کان سواءِ مذھبي ڪٽرپڻو ۽ فرقيوار انتھائيت ۽ مذھبن جي وچ ۾ غير برابري، مسھپ ۽ عداوت ھنن لاءِ پنھنجي حڪومتي ڪاروبار کي ھلائڻ ۽ قابض اقتدار کي قائم رکڻ جو ھڪ ٽيون سوچيل ۽ آزمايل طريقي ڪار ھو، جنھن کي ھو محڪوم ۽ ويسھاھ ۾ ورتل ”رعيت“ کي پاڻ ۾ ويڙھائڻ، ماٺ ڪرائڻ ۽ ڦيرائي پنھنجي پاسي ڪرڻ لاءِ ھر ضرورت جي موقعي تي ڪم آڻيندا رھندا ھئا.
*
سنڌ ۽ سنڌي سماج جي انھن ٻن سؤ سالن جي غلاميءَ جا پويان 47 سال حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ پنھنجي اکئين پاڻ بہ ڏٺا. ڇو تہ پاڻ 1689ع ۾ ڄاوا ھئا ۽ 1837ع ۾ ۾ مغلن جي آخري نواب صادق علي خان، جنھن ”ملڪ ٺٽو دھليءَ جي مغل شھنشاھہ محمد شاھہ رنگيلي کان مقاطعي تي ورتو ھو ۽ پھرئين سال جي مقاطعي جي رقم جيئن تيئن پوري ڪري ڏني ھئائين ۽ ٻئي سال کيس نقصان پيو ھو...“ ان ملڪ جون واڳون ڪلھوڙن جي سربراھہ ميان نور محمد جي حوالي ڪيون. ”ملڪ“ سيوھڻ، ”ملڪ“ بکر ۽ ”ملڪ“ سيوي اڳي ئي ھن جي ھٿ ۾ اچي چڪا ھئا... ۽ ”ان وقت کان ھندستاني حاڪمن جي حڪمرانيءَ جو سلسلو ٺٽي مان کڄي ويو ۽ عباسي (ڪلھوڙا) خاندان کي بکر، سيوستان ۽ ٺٽي جي فرمانروائيءَ ۾ سدائينءَ جي سرخروئي حاصل ٿي.“ (تحفة الڪرام) ۽ ائين ”سنڌ جي سمورن جدا جدا ٿي ويل ٽڪرن جي ملي ھڪ ٿيڻ وارو مقصد.... تڪميل تي پھتو... صدين کان پوءِ ھيءُ پھريون موقعو آيو ھو، جو متحدھ سنڌ جي انتظام ۽ ضابطي جي مرڪزيت جا مقصد انھن وطني حاڪمن جي ذريعي پورا ٿيا ھئا.“ (”تاريخ ڪلھوڙا، مھر“).
ڪلھوڙا سنڌ جي اصلوڪن رھاڪن جو ھڪ مک قبيلو ھئا، جيڪي سنڌ جي ٻين پاڻ جھڙن مک قبيلن وانگر سدائين سنڌ جي ڌارين حڪمرانن جي خلاف پنھنجي منھن وڙھندا رھندا ھئا. تاريخ ۾ سندن اصل نسل ”سنڌي چنا“ قبيلي منجھان ڏيکاريل آھي، جيتوڻيڪ اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ھنن پنھنجي ذات عرب سان ڳنڍي، پاڻ کي عباسي سڏائڻ شروع ڪيو – ورنہ اوستائين جيئن اڄ بھ) سنڌ ۾ ھنن جون ذاتيون يا پاڙا ڪلھوڙا، دائودپوٽا، عارباڻي، ھيسباڻي، فيروزاڻي وغيره مشھور ھئا. پنھنجي قبيلي جي نالي کي ڇڏي، پاڻ کي عرب سڏائڻ ۽ عباسي چوائڻ، اھا ڌارين جي سلسلي ۾ سندن احساس ڪمتريءَ کان وڌيڪ انھن سان ڪلھي گس ڪرڻ ۽ خود پنھنجن تي حاڪاماڻي برتري ڏيکارڻ ۽ رعب ويھارڻ جي سندن ھڪ ڪوشش ھئي. بھرحال، سندن پھرئين وڏي ڄام چنوءَ (1220ع) جو تاريخ ۾ ذڪر ھڪ نھايت معتبر راڄ جي چڱي مڙس جي حيثيت ۾ ڪيو ويو آھي. ھن سيوھڻ کان ڇھہ ڪوھہ پري جھانگارا باجارا جا شھر ٻڌايا. ھو ستن مک قبيلن، ڪوريجن، سھتن، چنن، سمن، مھرن، ٻلالن ۽ ڏھرن – جو پڳدار ھو. سنڌ جي تاريخ ۾ ھيءَ پھرين خبر ملي ٿي، جڏھن مختلف ۽ ھڪ کان وڌيڪ قبيلا گڏجي وسيع قومي اتحاد طرف وک کڻندي ڏسجن ٿا. ھو ھڪ وڏو ڀاڳيو ۽ سجاڳ زميندار ھو ۽ وڏيءَ ساک وارو سخي، پھلوان مڙس ھو. ھن جو دستور ھو تہ ھارين جي کرن تي ڪوبہ پنھنجو ماڻھو بٽئيءَ لاءِ نہ موڪليندو ھو – ھاري پاڻ زمينداريءَ جو حصو، جيڪو ڪن فصلن ۾ ڏھين کوڙي ۽ ڪن ۾ اٺين کوڙي ھوندو ھو، کڻي کيس پھچائي ويندا ھئا، ۽ جڏھن ڪو ھاري اھو زمينداري حصو کڻي وٽس ايندو ھو تہ ان کان ٽي سوال پڇيا ويندا ھئا: توتي قرض تہ ڪونھي؟ تنھنجي ڪا سامايل ڌيءَ تہ ويٺل ڪانھي (جنھن جي توکي شادي ڪرائڻي ھجي)؟ تو وٽ تنھنجي گھر ۾ ڇھن مھينن جو ان آھي؟ جيڪڏھن جواب ملندو تہ قرض اٿم، سامايل ڌيءَ ويٺل اٿم يا گھر ۾ ڇھن مھينن جي توڻ ڪانہ اٿم، تہ ھن کان بٽئيءَ جو ان نہ وٺبو ۽ چئبس تہ پھرين وڃي پنھنجي پورت ڪر! سنڌ جي ھن رڄ چڱي مڙس، ڄام چنوءَ، جو زمانو سنڌ جي وطن دوست سومرا رياست جو دور ھو. سنڌ جي تاريخ ۾ پنھنجي وطني رياست جي ڇانءَ ھيٺ سنڌي تھذيب جي ان تعميري اوسر جي دور جا ٻيا اھڙا ڪيئي سنڌي سورمن جا داستان ملن ٿا، جن ۾ انھن جي پھلواني، عدل ۽ انصاف، غيرت، نيڪي ۽ سخاوت جا مثال بيان ٿيل آھن. ڄام چنوءَ جي ذھين پيڙھيءَ ۾، جڏھن سنڌ جي تاريخ جي ان سونھري قومي دور کي ختم ٿئي بہ ھڪ سؤ کن سال ٿي چڪا ھئا ۽ ان وچ ۾ غير وطني، ظالم ۽ ڦورو ارغون ۽ ترخان حاڪم پاڻ بہ پوين پساھن تي اچي بيٺا ھئا، ۽ انھن جي جاءِ تي دھليءَ جي وڌيڪ ظالم ۽ خون پياڪ مغل تسلط جي صدي شروع ٿيڻ واري ھئي، تڏھن ڪلھوڙا قبيلي جو ھڪ ٻيو اھڙو ئي نيڪ نام، بھادر، وطن دوست، راڄن جو اڳواڻ، ميان آدم شاھہ ڪلھوڙو، سنڌ جي تاريخ ۾ نمودار ٿيو. 1591ع ۾، شھنشاھہ اڪبر طرفان عبدالرحيم خان خانان سنڌ کي ترخانن کان کسي مغل قبضي ۾ آڻڻ لاءِ مقرر ٿيو. پنھنجي ڪم جي ڪاميابيءَ لاءِ سنڌ ۾ ھو جن بزرگن وٽ ”مدد ۽ دعا“ لاءِ ويو، تن مان ميان آدم شاھہ ڪلھوڙو بہ ھڪ ھو. ميان آدم شاھہ ترخانن ۽ مغلن جي تصادم جو فائدو وٺي، ڌارين فاتحن جي خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪيو ۽، ھڪڙي تاريخ نويس جي لفظن ۾، ”ڇاڪاڻ تہ ھو امن ۾ خلل وجھڻ تي سندرو ٻڌيو بيٺو ھو، انھيءَ ڪري ملتان ۾ شھيد ٿيو.“ ٻئي ھڪ مؤرخ جي لفظن ۾ ميان صاحب جي خلاف ”ملتان جي حاڪم جي دل ۾ حسد پيدا ٿي پيو، جنھن ھن تي حملو ڪرايو، ميان صاحب جا ساٿي ٽڙي پکڙي ويا ۽ ھو پاڻ جھلجي پيو ۽ ھن کي موت جي سزا ڏني ويئي.“ سنڌ جي ھڪڙي ٻئي مؤرخ واقعي کي ھنن لفظن ۾ بيان ڪيو آھي: ”آدم شاھہ جا مريد گھڻا وڌي ويا، ۽ ان سان جا طاقت ھن کي حاصل ٿي، تنھن کان پاڙي وارن زميندارن ۽ مختلف قبيلن جي سردارن جي دلين ۾ حسد جي باھہ جاڳي پيئي. انھن پوءِ ميان صاحب جي خلاف بکر جي (مغل) ناظم کي خوفناڪ ڳالھيون ٻڌايون. ناظم ميان صاحب کي ملتان موڪلي ڏنو، جتي ھن شھادت جو جام پيتو.“ سترھين صديءَ جو ھڪڙو فارسي شاعر واقعي کي بيان ڪندي چوي ٿو:
بترسيد والي زپير و مريد، بہ ايماي حاڪم ھلاڪت رسيد – جنھن ۾ ”واليءَ“ مان سندس مراد مراد بکر جو ناظم، جيڪو ”پير کان ۽ ان جي مريدن کان ڊڄي ويو“ ۽ ”حاڪم“ مان مراد ملتان جو حاڪم ھو، جنھن ”ھن کي شھيد ڪرائي ڇڏيو.“ ميان صاحب ائين دشمنن سان وڙھندي، وطن تان قربان ٿي ويو.
ميان صاحب شھيد جي ان قربانيءَ کان تقريبًا ھڪ سؤ سال پوءِ 1689ع ۾ حضرت شاھہ عبداللطيف جو جنم ٿيو. ان وچ ۾ ميان صاحب شھيد جو پوٽو ميان شاھل محمد مغل حڪمرانن سان وطن خاطر وڙھندي جنگ ۾ مارجي ويو (1657ع)، کانئس پوءِ سندس ڀائٽئي ميان نصير محمد (وفات 1692ع) کي ساڳئي وطن دوستيءَ جي ڏوھہ ۾ عمر جا ڪيترا سال لاھور ۽ ملتان ۾ جلاوطنيءَ جا ڪاٽڻا پيا ۽ گواليار ۽ دھليءَ ۾ اورنگزيب جي قيد ۾ گھارڻا پيا. ميان نصير محمد جي پٽ ميان دين محمد دشمنن خلاف پنھنجي جنگ جاري رکي ۽ اورنگزيب جي پٽ معزالدين ۽ ان جي نوابن ۽ سپھہ سالارن کي ڪيترن ئي ھنڌن تي شڪستون ڏنيون. پر نيٺ ھو دشمن جي فريب ۾ اچي ويو ۽ قرآن جي ضمانت تي پنھنجن ٻن قريبي عزيزن سميت ڳالھين لاءِ معزالدين وٽ ويو، جنھن وعدھ شڪني ڪري، کيس گرفتار ڪيو ۽ ملتان نيئي، کيس ۽ سندس ٻن ساٿين کي چيچلائي چيچلائي، سنڌ کان سنڌ الڳ ڪرائي، مارائي ڇڏيو. ميان دين محمد ۽ سندس ساٿين جي شھادت جو ھيءُ واقعو 1700ع ۾ پيش آيو، جڏھن شاھہ لطيف يارھن سالن جو ھو. ميان دين محمد کان پوءِ سندس ننڍي ڀاءُ ميان يار محمد پنھنجي اھل عيال ۽ ٻين پنھنجن ماڻھن سميت جابلو علائقن ۾ پناھہ ورتي ۽ اتان مغل شھزادي معزالدين جي فوج سان جنگ جاري رکي ۽ ان کي شڪست ڏني. ان کان پوءِ ھو جبلن تان ھيٺ لھي آيو ۽ نئينگ تان ٿيندي، منڇر ڍنڍ جي ڪناري وارا شھر، سامتاڻي ۽ ڳاھن جي ايراضي ”فتح پور“ (؟)، ”شڪارپور“ (خدا آباد)، گچيرو، کاري، ڪنڊيارو ۽ لاڙڪاڻو آزاد ڪرائي پنھنجي قبضي ۾ آندائين. ترت ئي پوءِ، مغلن پنھنجي اختيار جي سج جو زوال ڏسندي، پھريائين سبي ۽ ڍاڍر جو انتظام ”بطور“ رشوت جي، ۽ پوءِ، بحالت مجبوري، سڄي بکر ۽ سڄي سيوھڻ جي علائقن جا اختيار ميان يار محمد جي حوالي ڪيا – کيس ”خدا يار خان“ جي لقب سان گڏ خلعت، سوني جڙت واري ڪلنگي، ترار، گھوڙو ۽ ھاٿي بہ ھن جي پذيرائيءَ طور ھن کي ڏنا – سر زمين سنڌ جي ھڪ حصي (اتر سنڌ) جي اقتدار جي ھيءَ منتقلي 1708ع کان 1711ع تائين عمل ۾ آئي.
پنھنجي عزيز وطن جي نجات ۽ ناموس جي بحاليءَ جي جدوجھد جا ھي ڊرامائيءَ واقعا شاھہ عبداللطيف پنھنجي اکئين ڏٺا ۽ ڪنين ٻڌا. ھو ھنن واقعن جي عمل ۾ اچڻ وقت پنھنجي ڦوھہ جوانيءَ ۾ ھو، ان وقت ھن جي عمر 19 کان 22 سالن جي ھئي. ملتان جي مغل حاڪم، اورنگزيب جي پٽ معزالدين، ھٿان، ڌوڪي سان جھلجي، سنڌ تان سر ڏيڻ وارن ميان دين محمد ۽ سندس ٻن بھادر ساٿين جي شھادت وقت شاھہ 11 ورھين جو ھو. ان کان پوءِ ٻيا پورا 11 ورھيہ ھو سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن جي نجات ۽ تحفظ جي ھن تحريڪ جو مشاھدو – جنھن جي عمل جو دائرو اتر سنڌ ھو ۽ جنھن جي تحريڪ ۽ توانائيءَ جو مرڪز ۽ روح ڪلھوڙا قبيلي جا بزرگ ھئا – سڌيءَ طرح ۽ ويجھي کان ويجھو بيھي، ڪندو رھيو. ايڏي ان اتساھڪ ۽ جاندار قومي جدوجھد ھلندي، سڄيءَ سنڌ ۾ ڪلھوڙن جي وطن دوست بزرگن جي ڪارنامن جا داستان – سندن پھرئين نيڪ مرد ڄام چنوءَ کان وٺي، مظلوم شھيد ميان آدم شاھہ، ميان شاھل محمد شھيد، ميان نصير محمد جي طويل قيد و بند، ميان دين محمد ۽ سندس ٻن ساٿي شھيدن ۽ ميان يار محمد جي ڪامياب جنگي ڪاررواين تائين، زالن، مردن، ٻارن، ٻڍن ۽ جوانن سڀ ڪنھن جي زبان تي عام ھوندا. ان سان گڏ پنھنجن قومي راڄ سردارن ۽ حاڪمن، سومرن ۽ سمن جي عظيم وطني رياست جي ڏينھن جون ڳالھيون، قصا ۽ داستان بہ ھر ڪنھن جي زبان تي ھوندا. وچ ۾ ارغونن–ترخانن ۽ دھليءَ جي ڌارين مغل حڪمرانن ۽ انھن جي وحشي ۽ سفاڪ نوابن جي خونخوار حڪومت جي ٻن سون سالن جي دل ڏاريندڙ ڪارستانين جون ڳالھيون بہ ھر ھنڌ عام ھونديون. سنڌ جي تاريخ جو ھيءُ ھڪ بُحراني دور ھو، بلڪ سڄي سنڌ، سڄو سنڌي سماج ان منزل تي پنھنجي ان بحران جي سڀ کان وڌيڪ تيز ۽ شديد ڪيفيت سان دوچار ھو. جڏھن سنڌي سماج جي قسمت جو بنيادي سوال اٿيو ھو ۽ ان جي حل ٿيڻ جي زمين ھموار ٿي رھي ھئي ۽ جنھن ۾ سنڌ جا ماڻھو پنھنجي ھڪ نئين اجتماعي شعور سان واقف ٿي رھيا ھئا، ۽ سندن ذھن ۾ پنھنجي وجود جو خيال، پنھنجي اھميت جي شعور جو احساس ائين اڀري رھيو ھو، جيئن سانوڻ ۾ ڀريل ڪڪر اتر کان اوڀڙ کائي اٿندا آھن ۽ وڌندا وڌندا سڄي وايو منڊل تي ڇانئجي ويندا آھن. شاھہ جو شعر اسان وٽ اسان جي ان اڀريل قومي شعور جي احساس جو اظھار ۽ اسان جي سماجي وجود جي اھميت جو ۽ ان جي قسمت جي بنيادي سوال جي حل جو نشان آھي. شاھہ جي حساس ذھن ۾ سنڌ ۽ سنڌي سماج جي غلاميءَ جي جھنم جي خلاف ڪنھن پربھار ۽ روح پرور مسرت جي بھشت جو خواب جلوہ گر ٿيو ھو – سنڌ جي رياست، سنڌ جي مذھب ۽ سنڌ جي تھذيب کي پنھنجو سڏڻ ۽ انھن ۾ پنھنجائب جي ڏسڻ جو خواب، شاھہ جو سڄو شعر ان خواب جو عڪس ۽ بيان آھي، ڇو تہ اھا ئي ڳالھھ، اھو ئي امنگ ۽ اھا ئي ان جي معنيٰ، شاھہ جي دور ۾ سنڌ ۽ سنڌي سماج جي اصلي، سچي ۽ اھم ڳالھہ ھئي.
1707ع ۾ مغلن جو شھنشاھہ اورنگزيب ”عالم گير“ فوت ٿيو ۽ سندس موت سان سندس ”عالم گيريت“ بہ واءُ ٿي ويئي. ان وقت شاھہ عبداللطيف جي عمر 18 سال ھئي. مغلن جي ”سنڌ ولايت“ جا ٽي ”ملڪ“ ”ملڪ سيوي“، ”ملڪ بکر“ ۽ ”ملڪ سھوان“ – اڳي ئي يا ان کان ڪجهہ سال پوءِ (1711ع تائين) مغل تسلط کان عملي طور آزاد ٿي چڪا ھئا. باقي ان جو فقط ”ملڪ ٺٽو“ ھو، جو اڃا ان اڌ رنگ ۾ ورتل مغل تسلط جي ھٿ ۾ رھيل ھو. سنڌ جي نجات ۽ بحاليءَ جي تحريڪ جو ٻيو دائرو ڏکڻ سنڌ (لاڙ) ھو، جنھن جو مرڪز ۽ روح بٺوري ”پرڳڻي“ جي جھوڪ (نصريھ، ميران پور) جي لانگاھہ قبيلي جا بزرگ ھئا. ھن درويش خاندان جي پھرئين بزرگ جو ذڪر، جيڪو ميان آدم شاھہ ڪلھوڙي جو ھمعصر ھو. سنڌ جي تاريخ ۾ مخدوم صدو لانگاھہ جي نالي سان ملي ٿو، جنھن لاءِ چيل آھي تہ، ”ايتري قدر دنيوي پدارٿن جو تارڪ ھو جو رات جو پاڻيءَ جا مٽ بہ ھارائي ڇڏيندو ھو، چي ”نئون ڏينھن نئون رزق“ – ھن جي ارادتمندن جي وسيع حلقي ۾ مختلف قبيلن سان گڏ ڏکڻ سنڌ جا مٽياري سادات بہ شامل ھئا. مخدوم صدو لانگاھہ جي پنجين پيڙھيءَ ۾ سنڌ جي شاھہ شھيد، شاھہ عنايت، بلڪل اھڙين ئي حالتن ھيٺ ۽ عين انھيءَ طريقي سان ٺٽي جي مغل نواب ھٿان شھادت جو پيالو پيتو، جن حالتن ھيٺ ۽ جنھن طريقي سان ڪلھوڙن جو سرفروش بزرگ ميان آدم شاھہ ملتان جي مغل نواب ھٿان تقريبًا ھڪ سؤ سال اڳ شھيد ٿيو ھو – ھن حالت ۾ فرق رڳو ھيءُ ھو ( ۽ ڪيترو نہ اھو دکدائڪ ۽ سنڌ لاءِ ھاڃيڪار فرق ھو!) تہ ميان صاحب شھيد جي پنجين پيڙھيءَ جو ميان يار محمد ڪلھوڙو، جنھن ساڳين انھن مغلن کان سيوھڻ، بکر ۽ سيوي آزاد ڪرايا – اھو ئي ميان يار محمد پنھنجي ان مظلوم شھيد تڙڏاڏي جي عظيم شھادت کي وساري ۽ خود پنھنجي مقصد عظيم يعني سنڌ جي قومي اتحاد ۽ قومي رياست جي قيام کي وساري، پاڻ سنڌ جي معصوم شھيد شاھہ عنايت جي شھادت ۾ انھن ساڳين سنڌ جي خون پياڪ مغل دشمنن جو حامي ٿي بيٺو! ائين ڇو ٿيو؟ جواب ھي آھي تہ قومي اتحاد جي اصولن جي ناڪاميءَ ڪري. قومي اتحاد جا اصول ڇا آھن، ۽ انھن جي ناڪامي ڇا آھي، اِن جو ذڪر اڳتي ڪنداسين. پر سنڌ جي تاريخ جي ان اھم بحراني دور ۾، جڏھن سنڌي قوم جي قسمت جو بنيادي سوال اٿيو ھو ۽ ان جي حل ٿيڻ جي زمين ھموار ٿي رھي ھئي، ان جي نجات ۽ بحاليءَ لاءِ وڙھندڙ ٻن ڌرين (جن مان ھڪ ڌر اڳي ئي پنھنجي دائري ۾ ڪامياب بہ ٿي چڪي ھئي) جي ھن نفاق جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن ڇا سٺو ۽ سندن تاريخ ڪٿي پھچي ڪھڙيءَ تاريڪيءَ ۾ بطال ۽ ھيڪر ڪھڙي درد انگيز اوڙاھہ ۾ مبتلا ٿي ويئي. ان جو صحيح اندازو ڪرڻ محال آھي. اورنگزيب جي مئي (1707ع) کان پوءِ سندس پٽن ۽ پوٽن جي مغل اقتدار جو زوال (جنھن لاءِ پھاڪو مشھور ٿيو تہ ”شاھہ عالم از دلي تا پالم“، يعني ”شاھہ عالم 1712ع جو حڪم فقط دھليءَ کان پالم تائين“، مغل نظام جي پستي (جنھن جو بيان مشھور مزاحي شاعر جعفر زٽليءَ ھيئن ڪيو تہ، ”سڪھ زد بر گندم و موٺ و مٽر، بادشاھہ پشھ ڪش فرخ سير.“ يعني ”فرخ سير – 1713 کان 1719ع – مڇر ماريندڙ بادشاھہ، ڪڻڪ تي، موٺن ۽ مٽرن تي محصول پيو مڙھي)، خود ٺٽي ۾ مغل نوابن جي ھڪٻئي پٺيان مقرري ۽ معزولي (1707ع کان 1717ع تائين اٺ نواب آيا ۽ ويا). انھن جون محلاتي سازشون ۽ خانہ جنگيون، سڄي ملڪ ۾ ڏڪار ۽ بدامني * ۽ ان سان گڏ سڄي سنڌ (سيوي، بکر ۽ سيوھڻ جي علائقن) جو مغل قبضي مان اڳي ئي نڪري وڃڻ – اھڙين حالتن ۾ باقي سنڌ کي مغلن جي چنبي مان ڇڏائڻ ڪيڏو نہ آسان معاملو ٿي سگھيو ٿي. پر ائين نہ ٿيو. سنڌ ۾ مغل تسلط جي ڪرندڙ عمارت، ڪرندي ڪرندي بہ، سنڌ جي ٻن آزاديءَ لاءِ وڙھندڙ مرڪزن کي پاڻ ۾ ٽڪرائي، پنھنجو پاڻ بچائي ويئي ۽ سڄا سارا ويھہ سال ان کان پوءِ اھا جيئن جو تيئن سنڌ جي ماڻھن جي ساھہ تي چڙھي بيٺي رھي.
جھوڪ جي قومي سانحي وقت (1718ع ۾) شاھہ جي عمر 28 ورھيہ ھئي. جڏھن ويھہ ورھيہ پوءِ، 1737ع ۾ مغلن ”ولايت سنڌ جو ”ملڪ ٺٽو“ بہ ڪلھوڙن جي ميان نور محمد جي حوالي ڪري، سنڌ مان پنھنجا ٽپڙ ٻڌا، تڏھن ھو پنھنجي زوال جي اھڙيءَ کڏ ۾ ڪري چڪا ھئا، جو ”شامت اعمال ما صورت نادر گرفت“ وارو ساھہ قبض ڪندڙ عذاب سندن مٿي تي چڙھي اچي بيٺو ھو. رڳو ڪلھوڙا جيڪڏھن ويھہ سال اڳ اھا سياسي غلطي نہ ڪن ھا ۽ ٺٽي جي ”نوابيءَ“ لاءِ مغلن تي نہ پر اتر سنڌ وانگر ”ملڪ ٺٽي“ (ڏکڻ سنڌ) جي نجات لاءِ پاڻ جھڙي درويش مجاھد، صوفي شاھہ عنايت شھيد ۽ ھن جي ”فقيرن“ تي ڀروسو رکن ھا، تہ سنڌ جي اتحاد ۽ آزاديءَ جو سندن خواب ويھہ سال اڳ عمل ۾ اچي ھا ۽ انھن ويھن سالن جي عرصي ۾ کين پنھنجي وطن کي خوشحال ۽ مضبوط ڪرڻ جو سونھري موقعو بہ ملي وڃي ھا – نہ شڪست کاڌل محمد شاھہ رنگيلي کي سنڌ نادر شاھہ جي حوالي ڪرڻ جو سبب رھي ھا ۽ نہ خود نادر شاھہ کي ئي موٽ کائي، سنڌ تي حملي ڪرڻ جو ايترو سولو منھن ۽ ايتري جھٽ پٽ ڪا ھمت ٿئي ھا. ڪلھوڙن جي ان سياسي غلطي ڪري، جنھن سان ھڪ طرف سنڌ جي ماڻھن ۾ تفرقو قائم رھيو ۽ ٻئي طرف کين پنھنجي متحد قومي رياست کي مضبوط ڪرڻ جي ڪا فرصت ملي ڪانہ سگھي، جڏھن ٻہ سال پوءِ، 1740ع ۾، نادر شاھہ دھليءَ جي آسان سوڀ جي گھمنڊ ۾ اتان جي بي انداز مال غنيمت سان گڏ سنڌ کي ان جو حصو سمجھي سنڌ تي ڪاھي آيو، تڏھن ڪلھوڙن جي حڪومت سنڌ جو بچاءُ نہ ڪري سگھي ۽ سنڌ ھيڪر وري بہ ڀاڱا ڀاڱا ٿي ويئي. ورنہ تاريخ شاھد آھي تہ اھو ساڳيو نادر ھو ۽ اھا ساڳي سندس فوج ھئي، جو ھڪ سال اڳ، 1739ع ۾ ھو ”قنڌار جي فتح کان پوءِ بولان دري جي رستي ھندستان تي حملي ڪرڻ جو سوچي رھيو ھو، پر ان رستي سان سيوي ۽ گنجابي جي حاڪم ميان نور محمد کي مقابلي لاءِ تيار بيٺل ڏسي، ھن بولان دري جو رستو ڇڏي، غزني، ڪابل ۽ خيبر دري جو رستو اختيار ڪيو.“ حقيقت ۾ سنڌ تي نادر جي ان تباھہ ڪن حملي ۽ اڻ ۾ ھن جي ڪاميابيءَ لاءِ پڻ سنڌي سماج جو پنھنجو اندروني نفاق جوابدار ھو. 1739ع جي آخر ۾، سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ جڏھن نادر پنھنجي فوج سان ديري اسماعيل خان وٽ پھتو، تڏھن دائود پوٽن (ڪلھوڙا خاندان جي ئي ھڪ نک) مان رئيس امير صادق وڌي وٽس اتي ويو ۽ نور محمد خان جي خلاف کيس ھر قسم جي مدد ڪرڻ جي پيشڪش ڪيائين ۽ سڄي واٽ ساڻس گڏ رھيو. ”تاريخ سنڌ – ڪلھوڙا دور“ جو مصنف مولانا ”مھر“، 1737ع ۾ مغلن جي ھٿان ”ملڪ ٺٽو“ ميان نور محمد جي حوالي ٿيڻ ۽ ائين ھن جي ماتحت سنڌ جي متحد ٿيڻ ۽ ان جي ھڪ مرڪزي قومي رياست جي قائم ٿيڻ جو ذڪر ڪندي،لکي ٿو تہ ”صدين کان پوءِ ھي موقعو آيو ھو، جو متحدھ سنڌ جي جوڙجڪ ۽ انتظام جون ذميداريون ان جي وطني حاڪمن جي ھٿان پوريون ٿي رھيون ھيون * . اھي سنڌ جي ماڻھن جي ضرورتن کان پوريءَ طرح واقف ھئا ۽ دلي چاھہ سان انھن کي پورو ڪرڻ ھنن پنھنجو پھريون فرض سمجھيو ٿي. ھيءُ موقعو ھو، جو سنڌ جا ماڻھو پنھنجن وطني حڪمرانن جي خدمتن کان پوريءَ طرح مالامال ٿين ھا ۽ صدين کان ھو جن مصيبتن جي چڪر ۾ ورتل ھئا، انھن جي تباھہ ڪندڙ اثرن کان نجات حاصل ڪن ھا.... پر اوچتو ھڪ نئين وحشتناڪ آفت سنڌ جي افق تي نمودار ٿي، ھن معصوم سرزمين جي نئين جياپي جون سڀ اميدون ھڪ ڀيرو وري بہ خاڪ ۾ ملائي ڇڏيون. اھا اوچتي آفت ان تي نادر شاھہ ايرانيءَ جي صورت ۾ نازل ٿي ھئي.... ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد لڳ ڀڳ چاليھن ورھين جي جانفشانين سان سنڌ جي سڀني ڀاڱن کي ملائي ھڪ ڪري عوام جي فلاحي حڪومت جو انتظام ڪيو ھو، پر نادر جي حملي انھن چاليھن ورھين جي سڄيءَ تڪليف ۽ تعميري محنت جي مٿان ھڪدم پاڻي ڦيري ڇڏيو. ٻنھي ميان صاحبن آھستي آھستي ھن سرزمين جي وسيلن کي سڌاريو ۽ بھتر بڻايو ھو: ھنن جو اصل مقصد خزانو گڏ ڪرڻ نہ ھو، پر ھيءُ ھو تہ عوام لاءِ امن ۽ خوشحاليءَ جا گھڻي ۾ گھڻا وسيلا پيدا ڪيا وڃن. پر چاليھن سالن ۾ جيڪي ڪجهہ ڪٺو ٿيو ھو، نادر ٻھارو ڏيئي سڀ ميڙي چونڊي کڻي ويو.... پر سنڌ لاءِ ان کان وڌيڪ ھاڃيڪار ڳالھہ ھيءَ ھئي، جو ملڪ جي وحدت ٻيھر ڀاڱا ڀاڱا ٿي وئي“؛ ھڪڙو ان جو ڀاڱو (ڪڇي، ڍاڍر ۽ ڪراچي) قلات سان ويو، شڪارپور ۽ ان جي آسپاس جا علائقا دائود پوٽن کنيا ۽ ملڪ جو رھيل حصو (ٺٽي جو علائقو وغيرھ) ميان نور محمد وٽ رھيا. ميان صاحب جو وڏو پٽ محمد مرادياب ٻن ھزار سوارن سان ۽ ساڻس گڏ سندس ٻہ ڀائر غلام شاھہ ۽ عطر خان نادر وٽ، 1747ع ۾ سندس قتل ٿيڻ تائين، يرغمال طور ايران ۾ رھيا. ان کان علاوھ ”ملڪ سنڌ جو ڪتبخانو ۽ رسالا بہ اھو سفاڪ ناپاڪ پاڻ سان کڻي ويو.“ مطلب تہ سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻھو پنھنجي تاريخ جي عين ان منزل تي جڏھن سندن اڳيان سندن قومي يڪوجوديءَ جو سوال ئي واحد اھميت جو سوال ھو، اقتدار جي سلسلي ۾ ھڪٻئي جي شڪ جو شڪار ٿي ويا، ۽ اندروني نفاق ۽ ڏڦيڙ ۾ وٺجي، ھڪٻئي لاءِ طاقت بدران ڪمزوريءَ جا سبب بنيا؛ ۽ ”صدين کان پوءِ قومي اتحاد ۽ بحاليءَ جي مليل موقعي“ کي ھٿان وڃائي ڇڏيائون ۽ ايتري جدوجھد ۽ ايترين قربانين کان پوءِ آزاديءَ جي کٽيل بازي ھڪ ڀيرو ٻيھر ھارائي ويھي رھيا.
نادرجي حملي وقت شاھہ جي عمر 50 ورھيہ ھئي ۽ سچل 11 ورھين جو ۽ سامي ڏھن ورھين جو ھو. نادر جي قتل ٿيڻ کان پوءِ، سنڌ جي ٽن ”قيدي“ شھزادن مان غلام شاھہ ۽ عطر خان ايران مان ”آزاد“ ٿي، 1749ع ۾ جڏھن پنھنجي وطن موٽيا، تڏھن سچل ۽ سامي ويھن ۽ اوڻيھن ورھين جي ڦوھہ بلوغت کي رسيل ھئا. ٻن سالن کان پوءِ سنڌ جو وليعھد شھزادو محمد مرادياب بہ واپس پنھنجي وطن پھتو. حضرت شاھہ عبداللطيف کي ان کان پوءِ ھن خاڪي جسم ۾ فقط ھڪ سال باقي رھڻو ھو. ھن جي عمر جا 63 سال ئي سنڌ جي اتحاد ۽ آزاديءَ جي جدوجھد جا سال ھئا. يارھن ورھين جي صغير عمر ۾ ھن انھن ساڳين شھزادن جي پڙ ڏاڏي ميان دين محمد ۽ ان جي ٻن ساٿين کي وطن جي آزاديءَ لاءِ وڙھڻ جي ڏوھہ ۾ سنڌ کان ٻاھر ملتان ۾ ڀاڱا ڀاڱا ٿي ڪسجندي ٻڌو، ٻاويھن ورھين جي عمر ۾ ھن ساڳئي ميان دين محمد جي پٽ ميان يار محمد جي ڪمان ھيٺ اتر سنڌ (سيوھڻ ۽ بکر) کي ڌارين جي قبضي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي ڏٺو، 28 ورھين جي عمر ۾ ھن آزادي جي مجاھد صوفي شاھہ عنايت ۽ سندس فقيرن کي ڏکڻ سنڌ جي آزادي لاءِ پتنگن وانگر وڙھندي ۽ قربان ٿيندي ڏٺو، 48 سالن جي عمر ۾ ھن متحد سنڌ جي آزاد وطني رياست جو ٻن صدين جو پراڻو خواب عمل ۾ ايندي ڏٺو، جڏھن سڄي سنڌ پنھنجي لاڙ ۽ سري سميت ميان يار محمد ڪلھوڙي جي حڪمراني ھيٺ آئي ۽ تاريخ ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر ان جي ھڪ متحد ۽ آزاد رياست وجود ۾ آئي: ۽ ٻہ سال پوءِ ان خواب کي ھن وري ٽٽندي بہ ڏٺو – ”جڏھن نادر شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ نوشھري کان ٿيندو، شھدادپور وٽ پھتو، تڏھن ساڻس ڪي اھڙا ماڻھو اچي مليا، جيڪي ميان صاحب جا مخالف ھئا. انھن کيس عمر ڪوٽ جي رستي جو ڏس ڏنو (جتي ميان نور محمد، فوجي حڪمت عمليءَ کان ڪم وٺندي محفوظ ٿي وڃي ويٺو ھو).... ايتري ۾ ماڇي قبيلي جي فوج جو ھڪ دستو نادري لشڪر جي سامھون رستو روڪي بيھي رھيو ۽ وڏيءَ بھادريءَ سان وڙھيو. اھا جنگ اڃا جاري ھئي تہ رڻ پٽ جي پاسي کان ٻي ھڪ فوج نمودار ٿي، اھا مھيري قبيلي وارن جي فوج ھئي، جنھن ۾ فقط 900 سوار ھئا. انھن اھڙيءَ تہ تيزيءَ سان حملو ڪيو، جو ايرانين جا ذري گھٽ پير اکڙي ويا... (سنڌ جي لشڪر جا) ھي ننڍا جانباز دستا نادري سيلاب کي بھرحال روڪي نہ سگھيا....“ شاھہ پنھنجيءَ ڀٽ جي آستاني تي شھدادپور کان فقط چوڏھن ميل پري ويٺي، قومي عظمت ۽ قومي ذلت جا اھي سڀ رنگ ڏٺا ۽ اھي سڀ ڳالھيون ٻڌيون. جيئن ئي نادري غنيم پٺ ڏني، تيئن سنڌ جي واليءَ ميان نور محمد پنھنجي طاقت وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ شروع ڪئي. ان لاءِ ھن (1748ع) ۾ بمبئيءَ مان انگريزن کان 29 توپون ۽ ٻئي سال ڏھہ وڏيون توپون بہ خريد ڪيون پر سنڌ جو اتحاد ۽ آزادي ميان نور محمد ۽ شاھہ صاحب سڳورو ٻيھر پنھنجي اکئين ڏسي نہ سگھيا. شاھہ صاحب 1752ع ۾ سنڌ کي دعائون ڏيندي، ۽ کانئس ٽي سال پوءِ ميان نور محمد پنھنجن ”نورچشمن“ ۽ ”اميدن جي مرڪزن“ لاءِ عمل ۽ اخلاق جو وصيت نامو * پويان ڇڏي، ٻيئي ھن دنيا مان سفر جو ڪوچ ڪري ويا. سنڌ جي ھنن ٻن اعليٰ ھستين جي وفات کان پوءِ 1760ع ۾، ٻنھي جي دعائن ۽ اميدن جي مرڪز * ميان غلام شاھہ جي ھٿان سنڌ جي اتحاد ۽ آزاديءَ ۽ سنڌ جي وطني رياست جي قيام جو مقصد ھڪ ڀيرو وري بہ پورو ٿي سگھيو – جيتوڻيڪ ان جي استحڪام ۽ مضبوطيءَ جي ھن کي فرصت ڪانہ ملي سگھي. ان کان پوءِ سنڌ جي ڪلھوڙا رياست وري بہ جائنشينيءَ جي تفرقي ۾ اھڙي غلطان ٿي ويئي، جو 1803ع تائين ڪلھوڙا حڪمران ھڪٻئي جي رت سان پنھنجا ھٿ رڱيندا، ھڪڙن جي پويان ٻيا ايندا ۽ ويندا رھيا، تان جو ٽالپرن سندن جاءِ ورتي ۽ اھي بہ سنڌي رياست کي فقط چاليھہ سال قائم رکي سگھيا ۽ ساڳئي قسم جي پنھنجن ئي اندروني نفاقن ۽ اقتدار جي ڪشمڪش جي تباھڪارين جا شڪار ٿي ويا ۽ سنڌ ۽ سنڌي سماج وري بہ ست سمنڊ پار کان آيل ھڪ ڌارينءَ قوم جا غلام ٿي ويا. شاھہ جو روحاني وارث، سچل سرمست، ان تاريخ کان رڳو ڪي 14 سال اڳ فوت ٿيو، ۽ ساميءَ تہ ان کان پوءِ بہ 1850ع ۾ ھيءُ جھان ڇڏيو.
*
شاھہ، سچل ۽ ساميءَ جي دور جا سال (1850-1689ع) سنڌ ۽ سنڌي سماج جي تاريخ جا انتھائي اھم ۽ بنيادي طور بحراني سال ھئا. انھي دور ۾ سنڌي سماج پنھنجي اجتماعي وجود جي بحاليءَ ۽ بقا جي جدوجھد ۾ مصروف ھو. پر افسوس، ان جدوجھد جي ڪاميابيءَ جو لازمي شرط، يعني قومي اتحاد، سنڌي سماج کي نصيب ٿي نہ سگھيو. ان جو وڏو سبب سنڌي سماج ۾ اقتدار لاءِ اندروني ڪشمڪش ۽ گروھي تصادم تہ ھو ئي، پر ان جو اوترو ئي وڏو ڪارڻ مذھب پڻ ھو. سنڌي سماج جي ھنن ٻن اندروني آزارن ان کي جيئن اڳي تيئن ان دور ۾ بہ، نہ رياست بنجڻ ڏنو ۽ نہ قوم.
اڪثريت جي مذھب جي ڪثير تعبيرن نہ رڳو ان اڪثريت جي اعتقادي يڪسوئيءَ کي تباھہ ڪيو، پر انھن ۾ وطن دشمنيءَ ۽ قومي غداريءَ جي حد تائين بہ فرقا پيدا ڪيا. اقليت سان مذھبي رويي جو حال ھيءُ ھو، جو ”لا اڪراھ في الدين“ ۽ ”لڪم دينڪم واليدين“ جھڙن عظيم مصالحتي اصولن جي سامھون ھوندي بہ رڳو ”رسو“ چوڻ وارن کي بہ ”رسي ۾ ٻڌي ڇڏڻ“ لاءِ خلق تيار ٿيو بيٺي ھئي. حڪمران اڪثريتي مذھب وارن وٽ لفظ ”واڻيو“ تڏھن بہ حقارت ۽ خواريءَ طور ”ھندو“ لاءِ ڪم ايندو ھو. شاھہ جي زندگيءَ واري دور جو ھيءُ واقعو (”بياض ھاشميءَ“ ۾ ڏنل) آھي تہ 1157 ھہ (مطابق 1744ع ۾ ھڪ ھندو ٻالچند نالي مسلمانن سان ڳالھائيندي، جواب ۾ چئي ويٺو تہ ”آءٌ واڻيو نہ آھيان.“ بس پوءِ تہ ھن لاءِ نسوري قيامت قائم ٿي ويئي – چي، ”ان طرح ھن ھندو ھجڻ کان انڪار ڪيو آھي ۽ ان ڪري مسلمان ٿي پيو.“ ھن ويچاري گھڻيون دانھون ڪوڪون ڪيون، پر سڀ بيسود. مٿس شاھد تيار ٿي ويا، ۽ مسئلي جو فيصلو قاضين ۽ مفتين آڏو پيش ٿيو. ٺٽي جي مخدوم ضياء الدين، مخدوم حاجي محمد ھاشم، شيخ عطاءُ الله مفتي، شيخ عنايت الله مفتي ۽ شيخ محمد عارف مفتي، نصرپور جي شيخ عزت الله مفتي ۽ مخدوم عبدالخالق، نوشھري جي مخدوم ابو المعالي، گھاري جي مخدوم عبدالرحيم، ڪوٽڙيءَ جي مخدوم محمد عاقل، ۽ کاھي راھوءَ جي مولوي محمد ڪامل يڪراءِ فتويٰ ڏني تہ ”ٻالچند مڃي يا نہ مڃي، پر ھو انھن اکرن چوڻ ڪري مسلمان ٿي پيو ۽ ھن تي اسلام جا احڪام جاري ڪيا ويندا – انڪار جي صورت ۾ ھن کي مرتد شمار ڪيو ويندو، جنھن جي سزا قتل آھي.“ ٻيو ھڪڙو اھڙو ئي واقعو شاھہ جي زندگيءَ واري دور جو ئي (ساڳئي انھيءَ بياض ۾ آيل) آھي تہ 1159 ھہ (مطابق 1746ع) ۾ ٻن ماڻھن ٺٽي جي عالمن ۽ قاضين آڏو ھڪ ھندو عورت بابت اھا شاھدي ڏني تہ ان احمد نالي ھڪ مسلمان سان تکو ڳالھائيندي، ھن کي بي ايمان سڏيو، جنھن تي احمدکانئس پڇيو تہ، ”ڇا، تون ايمان رکين ٿي؟“ جواب ۾ مائيءَ سنڌي ۾ چيو تہ، ”ھا، اسين ايمان ٿا رکون.“ ھاڻي سوال اھو اٿيو تہ، ”اھا ھندو مائي ان جملي چوڻ ڪري مسلمان ٿي ويئي يا نھ؟“ عالمن جواب ڏنو تہ ”ھا، ھندواڻي (ذميھ) ان جملي چوڻ سان مسلمان ٿي پيئي – حاڪمن تي لازم آھي تہ ھيئن شاھدن جي شاھديءَ تي ان عورت مٿان اسلام جا احڪام جاري ڪيا وڃن.“ مذھبي ڦيٽاڙي ۽ ڌڪار جا ھي ٻہ ڪي خاص مثال نہ آھن. ”بياض ھاشمي“ ۽ ٻيا اھڙا ان دور جي فتوائن جا بياض اھڙن ڪيترن ئي مثالن سان ڀريل آھن ۽ اھا صورتحال رڳو سنڌ جي يا رڳو ان دور جي بہ نہ ھئي. ان کان بہ اڍائي سؤ سال کن اڳي، سنڌ جي سمي حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي (دور حڪومت : 1507-1460ع) جي ھمعصر شمالي ھندستان جي حاڪم سڪندر لوڌيءَ جي دور متعلق ”طبقات اڪبري“ ۾ آيل آھي تہ ”ھڪڙو برھمڻ ٻوڌن نالي ڪانير شھر ۾ رھندو ھو. ھڪ ڏينھن ڪن مسلمانن جي اڳيان اقرار ڪيائين تہ ”اسلام سچو آھي ۽ منھنجو ڌرم پڻ صحيح آھي.“ (اسلام حق است و دين من نيز درست است.) ھن جو اھو گفتو ڪنھن طرح عالمن جي ڪنن تائين پھتو، جن مان لکنوتيءَ جي رھندڙ ٻن مولوين قاضي پياري ۽ شيخ ٻڍي وٺي کڻي ڳالھہ کي کنيو ۽ ھو سڌو اتان جي نواب اعظم ھمايون وٽ ويا، جنھن ان ”جڻئي پائيندڙ“ (ٻوڌن) کي ساڻن گڏي، سلطان (سڪندر لوڌيءَ) ڏانھن (سندس گاديءَ جي شھر) سنڀل ڏانھن روانو ڪيو. ڇاڪاڻ تہ سلطان مذڪور کي عملي مذاڪرن سان ڏاڍي رغبت ھوندي ھئي، انھيءَ ڪري، ھن ناميارن علمائن کي ھر طرف کان گھرائي ورتو، جن ۾ ميان قادن بن شيخ خوجو، ميان عبدالله بن الله داد تلنبي، سيد محمد سعيد خان دھليءَ وارو ۽ سيد ميران بن سيد احسن قنوج وارو مکيہ ھئا ۽ ٻيا جملي علما جيڪي سدائين سلطان سان گڏ ھوندا ھئا، مثلا سيد صدرالدين قنوجي، ميان عبدالرحمان سيڪري وارو ۽ سنڀل جو ميان عزيز الله - اھي سڀ پڻ ان معرڪي ۾ شامل ٿيا. گھڻيءَ تحقيق کان پوءِ علمائن جو اتفاق ان تي ٿيو تہ ”ھن (ٻوڌن) کي ٻڌي (حبس ڪردھ) اسلام جي آڇ ڪئي وڃي“ ۽ جيڪڏ(قبولڻ کان) انڪار ڪري تہ ھن کي قتل ڪيو وڃي.“ قصو ڪوتاھھ، ٻوڌن اسلام قبولڻ کان انڪار ڪيو ۽ قتل ٿي ويو. سلطان پوءِ مذڪورھ علمائن کي انعام اڪرام ڏيئي، پنھنجي پنھنجي شھر ڏانھن وڃڻ جي موڪل ڏني...“ سنڌ ۾ ڪلھوڙن کان پوءِ ميرن جي دور حڪومت بابت، سچل ۽ ساميءَ جي وقت جي انگريز مصنف ڊاڪٽر جيمس بَرنس جا تاثرات پڻ اھڙيءَ ساڳيءَ صورتحال جي نشاندھي ڪن ٿا. ميرن جو ذڪر ڪندي، اھو انگريز ڊاڪٽر لکي ٿو تہ ”ھو فطرتا نيڪ، بامروت ۽ خوش خلق ھئا، پر مشرڪن جي باري ۾ سختيءَ کان ڪم وٺندا ھئا. لاڙ ۾ جيڪڏھن ڪنھن بدنصيب ھندوءَ کا ڪا معمولي ”خطا“ ٿيندي ھئي تہ ان کي جھلي، ڪلمو پڙھائي، طھرائي ڇڏيندا ھئا... ميرن جو ڏاڍ سڀ کان وڌيڪ سندن تبليغي سرگرمين مان ظاھر ٿئي ٿو. عقل ان ڳالھہ کي سمجھڻ کان قاصر آھي تہ ھندو ھن ملڪ ۾ ڇو رھيا پيا آھن؟ ان لاءِ فقط ھڪ سبب ٿي سگھي ٿو – جنم ڀوميءَ لاءِ سندن محبت ... ڪٿي بہ ٻہ مومن جيڪڏھن شاھدي ڏين تہ ھڪ ھندوءَ قرآن جون ڪي آيتون يا ڪلمو پڙھيو آھي، تہ اھا شاھدي ھن کي ھڪدم سنت تي ويھارڻ لاءِ ڪافي آھي...“ سنڌ جي تاريخ جي اھا ھڪ ثابت ٿيل حقيقت آھي تہ اھڙيءَ ئي ھڪ مذھبي ڪدورت واري روش سنڌ کي سيٺ نائون مل جھڙو ھڪ ”غدار“ پيدا ڪري ڏنو. ان سيٺ نائون مل کان ٽي صديون اڳ سنڌ جي آزاد قومي رياست خلاف، عقائدي اختلاف جي نتيجي ۾ ئي، سنڌ کي قاضي قاضن بہ نصيب ٿيو، جيڪو ھڪ ڌارئين حملہ آور، سنڌ جي قاتل دشمن شاھہ بيگ ارغون سفاڪ سان ھمنوائي ۽ سھڪار ڪرڻ تي آمادھ ٿيو. اھو ئي مذھب جو عقائدي اختلاف ھو، جنھن تي ڀروسو رکندي، اڪبر جي خونخوار سپھہ سالار عبدالرحيم کي سنڌ جي ڪن سجادن ۽ خانقاھ نشينن کان سنڌ کي غلام در غلام رکڻ ۽ سنڌ جي عام مخلوق کي ڦرڻ، لٽڻ ۽ ڪھڻ ۽ ڪچلڻ لاءِ دعائن گھرڻ جي ضرورت محسوس ٿي ۽ ھن کي انھن ڪمن لاءِ اھي دعائون ۽ دعائن سان گڏ مددون بہ مليون!
*
شاھہ، سچل ۽ سامي پنھنجي سماج جا حساس ۽ سڄاڻ شاعر ھئا. ھنن کي ان جي دک ۽ ان جي امنگ جي خبر ھئي. ھنن ان جي امنگ جي ترجماني ڪئي ۽ ان جي دک جو علاج تجويز ڪيو. سنڌي سماج کي ھڪ آزاد ۽ باعزت سماج ٿي رھڻو ھو. ان مان نفاق ۽ ٻيائيءَ کي ختم ٿيڻو ھو. ان کي دوئيءَ جي بدران وحدت جي ضرورت ھئي. ان ۾ پنھنجي اجتماعي وجود جو شعور پيدا ٿيڻو ھو. ان ۾ فرد ۽ گروھہ جي مفاد کي جماعت جي مفاد تي قربان ٿيڻ سکڻو ھو، يعني ان جي سڀني انفرادي غرضن کي گھٽجي ھڪ گڏيل ۽ جامع غرض جي صورت وٺڻي ھئي – تہ جيئن گھڻي ۾ گھڻا مفاد ۽ گھڻي ۾ گھڻيون خود پسنديون ان ۾ سمائجي وڃن ۽ راضي ٿين، ۽ نيٺ پنھنجو وجود ان ۾ گم ڪري ڇڏين. ان جي بھتر شھرين ۾ فرض جو احساس جاڳڻو ھو، جنھن کي وطن دوستيءَ يا قوم لاءِ قربانيءَ جو جذبو چئبو آھي، ۽ جيڪو ھر باشعور قوم ۾ ھڪ نسلي خوبيءَ طور موجود ھوندو آھي. اھو رواجي طرح تہ ٻين سڀني کان علحدگيءَ جو جذبو ھوندو آھي جيڪي پنھنجا نہ ھوندا آھن، پر تربيت پاتل ذھنن ۾ اھو ڪنھن جامع مقصد سان وفاداريءَ يا وابستگيءَ جي صورت ۾ نمودار ٿيندو آھي. سنڌي سماج کي تاريخ ۾ پنھنجي لاءِ اعليٰ مقصد جي حاصلات جو فرض قبولڻو ھو – انساني تھذيب جي ھڪ خاص نموني طور، پنھنجي مخصوص تھذيب جي حفاظت ۽ ترقيءَ جو مقصد، جيڪا ان جي پرعزم دفاع ۽ اجتماعي حمايت کان سواءِ ڊھي سگھي ٿي ۽ ڳري ڳري خسيس درجي کي پھچي سگھي ٿي. ان کي پنھنجي بقا جي حق ثابت ڪرڻ لاءِ پنھنجي سگهہ ۽ صلاحيت قائم رکڻي ھئي – ڇاڪاڻ تہ ٺلھيءَ صلح – جوئيءَ سان قومون ڪنھن بہ مقصد ڏانھن وڌي نٿي سگھيون، بلڪ اڪثر رڳو ڏاڍن ۽ بدمعاشن جو لقمو ٿي سگھيون ٿي ۽ ٿي ويون ٿي. ان کي اندروني امن ۽ اتحاد لاءِ قانون ۽ انصاف جي بالادستي قائم رکڻي ھئي ۽ مختلف نظرين ۽ خيالن کي تصادم ۾ اچڻ کان روڪڻ لاءِ سھپ ۽ رواداريءَ جي فضا اڀارڻي ۽ سدا موجود رکڻي ھئي. سنڌي سماج ۾ نئين انسان جي تعمير ٿيڻي ھئي- اوچي پد واري انسان جِي، جنھن جا آدرش اوچا ھجن، ويچار اوچا ھجن ۽ عمل بہ اھڙا اوچا ھجن؛ جيڪو محبت، مروت، رواداريءَ، صبر، حوصلي، ھمت، ايثار ۽ اورچائيءَ جو مالڪ ھجي؛ جيڪو پراپڪاري، امن پسند، خير ڪندڙ ۽ خير گھرندڙ ھجي؛ جيڪو محب وطن ھجي، فرض شناس ھجي، ۽ پنھنجي آزاد، ڪشادہ دل ۽ باعزت سماج ۾ آزاد، پرخلوص ۽ باعزت زندگي گذارڻ جو لائق ھجي. شاھہ، سچل ۽ ساميءَ پنھنجي وطن عزيز ۾ اھڙو ھڪ سماج ٺاھڻ گھريو ٿي ۽ ان ۾ اھڙي ھڪ اعليٰ انسان جي تربيت ڪرڻ گھري ٿي.
*
سنڌ جا ھي عظيم شاعر مذھبي ماڻھو ھئا. خاص طرح انھيءَ معنيٰ ۾ تہ ھنن پنھنجي پيغام لاءِ مذھبي اصطلاح کي پڻ ڪم ۾ آندو آھي، پر ھنن اھو پيغام سنڌي ٻوليءَ ۾ ۽ سنڌ جي ماڻھن کي ڏنو آھي، جن کي ان جي ضرورت ھئي. شاھہ ۽ سچل کي ڪافي ڪجهہ اسلام سمجھائڻو ھو ۽ ساميءَ کي ڪافي ڪجهہ ھندو ڌرم؛ ۽ ٽنھي کي خالص مذھب جي (اڻ ڏٺي ۾) ايمان واري اصل الاصول کي بہ سمجھڻو ۽ سمجھائڻو ھو. مقصد سندن انھيءَ خاص ڪم ۽ڪاوش جو ھيءُ ھو تہ سنڌ جا ماڻھو محسوس ڪن تہ ٻيئي مذھب ھروڀرو منجھن ڪو ويڇو وجھي نٿي سگھيا – خاص طرح تڏھن جڏھن انھن کي عقل جي اک سان ڏٺو ٿي ويو – يعني تھذيب سان جيتري قدر انھن جو واسطو يا اشتراڪ ھو اوتري قدر ھو کين پاڻ ۾ ڳنڍي بہ سگھيا ٿي ۽ ڳنڍيو بہ بيٺا ھئا، ۽ اھو انھن جو ڳانڍاپو سندن سماج لاءِ وڏي نعمت ھو بلڪ اھو ان جي وجود جي بقا جي ھڪ ضمانت ٿي سگھيو ٿي. پر رياست يعني سرڪاري اقتدار جي معاملي ۾، يعني ان جي شراڪت سان انھن مان ھڪڙي جي فوقيت ۽ ڏاڍائي منجھن نفاق جو سبب بنجي رھي ھئي، جنھن نفاق مان کين يعني سندن سماجي وجود کي ڪڏھن بہ ڪو فائدو رسڻو ڪونہ ھو، بلڪ ان جي نتيجي ۾ آخرڪار اھو ڊھي، واوکر ٿي، اچي پٽ پوڻو ھو، ۽ ان صورت ۾ باقي سندن وجود انساني دنيا ۾ بيڪار، بي معنيٰ ۽ بي وقار ٿي وڃڻو ھو. تاريخ سنڌي ماڻھن کي شاھہ جي زندگيءَ ۾ ئي ثابت ڪري ڏيکاريو تہ ڪيئن جھوڪ جي صوفي مجاھدن ۽ حڪمران ڪلھوڙا فقيرن جي مذھبي نفاق سنڌ جي آزاديءَ ۽ قومي بحاليءَ کي ويھہ سال پوئتي ھٽائي ڇڏيو ۽ ان ويھن سالن جي محروميءَ سندن سڄيءَ قسمت کي اھڙي ڏوجھري ۾ وجھي ڇڏيو، جنھن جو ڪو اندازو ئي نٿو ٿي سگھي. سچل ۽ ساميءَ جي ئي زندگيءَ ۾ سنڌ جي ماڻھن ڏٺو تہ ڪيئن مذھبي ڪٽرپڻي منجھن ”نائون مل“ پيدا ڪيو ۽ سندن سؤ سالن جي غلاميءَ لاءِ سرزمين ھموار ٿي، جنھن جي ابتدا ساميءَ تہ پنھنجي اکئين بہ ڏٺي. پنھنجي جديد تاريخ ۾ سنڌ جي ماڻھن ھي بہ ڏٺو تہ ڪيئن مذھبي دوئيءَ جي تفرقي ۽ نفرت کين ڀڃي ٻہ اڌ ڪري ڇڏيو ۽ ٻنھي ”ڌرين“ کي موٽ ۾ سواءِ ھولناڪ خوف ۽ بيوسيءَ جي ٻيو ڪجهہ بہ نصيب ڪونہ ٿيو. سنڌ جي ماڻھن اڳيان سندن گڏيل ڀلائيءَ جي اھا راھھ، جيڪا سندن عظيم ھادي شاعرن کين ڏيکاري ۽ جيڪا سندن رواداريءَ، محبت ۽ اتحاد جي راھہ آھي، سا اڄ بہ سندن اڳيان موجود آھي ۽ ھو اڄ بہ ان تي ھلي، پنھنجو ھڪ سگھارو، خوددار ۽ باعزت سماج قائم ڪري سگھن ٿا ۽ وسيع انساني برادريءَ ۾ پنھنجي مخصوص تھذيب جي حفاظت ۽ بھتريءَ جي اعليٰ فرض جي پوئواري بہ ڪري سگھن ٿا.
فن ۽ شعر جي مطالعي ۾ عام طرح ۽ خاص اسان وٽ شاھہ، سچل ۽ ساميءَ جي مطالعي ۾، انھن جي فن ۽ شعر تي مذھب جو اثر گھڻو ڳوليو ويو آھي ۽ ٻڌايو ويو آھي. مذھب جو فن ۽ شعر تي اثر، اھا ڳالھہ تہ برابر، پر فن ۽ شعر جو مذھب تي اثر بہ گھاٽو ۽ گھڻو ٿئي ٿو، بلڪ سڄي تھذيب، يعني ڪنھن خاص سماج جي مادي ۽ ذھني (روحاني) اپت يا تخليق جو اثر مذھب ۽ پڻ رياست، ٻنھي تي لازمي طرح پوي ٿو – انھن تي، ڪن حالتن ۾ ٿوري يا گھڻي قدر ۽ ڪن حالتن ۾ تہ پوريءَ طرح، پنھنجي قومي تھذيب جو رنگ غالب ھوندو آھي. قومي تھذيب ۽ قومي رياست وانگر مذھب بہ قومي ٿين ٿا، توڙي جو اھي ڪنھن ”عالمي مذھب“ جا ملحدانا يا ”بدعتي“ تفسير يا تعبير ئي ڇو نہ ھجن. اھو ئي سبب آھي، جو راسخ (جامد، بيٺل) عقيدي وارن، مذھب جي تھذيبي، يعني ”افادھ عام“ (Common good) واري (متحرڪ، ذي روح) ھر تفسير کي ڪفر ۽ الحاد سڏيو آھي ۽
اھڙي ھر تفسير ڪندڙ شاعر، مفڪر يا سماج سڌارڪ کي ڪافر ۽ ملحد چيو آھي. سنڌ دشمن شاھہ بيگ ارغون، سنڌ جي فدائي، شھيد اعظم، مخدوم بلال کي ڪافر چوارائي، گھاڻي ۾ پيڙايو. شاھہ عنايت شھيد تي اگھاڙيءَ ترار سان جلاد کي بيھاري، نواب اعظم خان پڇيو تہ ”اولوالامر“ جي حڪم کان تو ڇو منھن موڙ ڪئي؟“ تہ شاھہ شھيد جواب ۾ چيو تہ .اسين مريد ڪعبي ڏانھن ڪيئن ٿا منھن ڪري سگھون، جڏھن اسان جي ھاديءَ جو منھن ميخاني ڏانھن ھجي!“ سنڌ جي ھن امر شھيد جو سر تن کان جدا ڪرائڻ بعد، نواب اعظم خان شھر ۾ پڙھو گھمارايو تہ ڪوبہ ماڻھو ”ياالله! جو نعرو نہ ھڻي –جيڪو حڪم عدولي ڪندو، ان جو سر ترار سان قلم ڪيو ويندو – ڇاڪاڻ تہ ”ياالله!“ شاھہ شھيد ۽ سندس وطن دوست مجاھدن جو نعرو ھو. شاھہ شھيد جي شھادت وقت، عمر جي ڦوھہ جوانيءَ ۾ بيٺل شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دل مان جيڪا آھہ نڪتي ھئي، اسان کي معلوم آھي: ”جھڄان پسيو جھوڪ، آيل سنگھارن جِي!“ شاھہ سائينءَ جو ٻيو ھمعصر محب وطن درويش حضرت خواجھ محمد زمان لنواريءَ وارو ھو، جنھن جي ملاقات جي ياد جو سندن بيت مشھور آھي:
مون سي ڏٺا ماءَ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪاءَ، ڪري نہ سگھان ڳالھڙي....
حضرت خواجھ صاحب جن جي ڳالھہ آھي تہ ”ھڪ ڀيري ھڪ ھندو وٽن لنگھي آيو ۽ وينتي ڪيائين تہ ”قبلا، ھن بندي کي اسم اعظم جي ھدايت ڪريو!“ حضرت جن ھن کي ھدايت ڪئي. جڏھن ھو موڪلائڻ لڳو، تڏھن فرمايائونس تہ ”ظاھر ظھور تون بيشڪ ھندو ڌرم جي ڪريا ڪرم تي قائم رھندو اچ پر باطن ۾ اسان جيڪا توکي امانت عطا ڪئي آھي، سا حفاظت سان سانڍيندو اچج!“ ھي حرف ٻڌي، حافظ پنوھر، نالي ھڪڙي ھمنشين اعتراض وٺي عرض ڪيو تہ ”قبلا، ھيءَ وري ڪھڙي قسم جي مسلماني آھي؟“ حضرت جن ٻاجھہ ڀريون اکيون مٿي کڻي فرمايو تہ، ”ميان، مسلمانيءَ جي توکي ڪھڙي خبر؟“ حضرت خواجھ جن ڏانھن ھيءُ بہ قول منسوب آھي تہ ”دين قائم آھي حق جي ماڻھن سان ۽ نہ لٺ ۽ لڙائيءَ سان.“ ظاھر آھي تہ سنڌ جي محب وطن سمي سلطان ڄام نظام الدين ۽ سنڌ جي دشمن شقي القلب ۽ سنڌي ماڻھن جي قاتل سفاڪ شاھہ بيگ ارغون جو مذھب ساڳيو نٿو ٿي سگھي، نہ ئي مخدوم بلال ۽ قاضي قاضن جو يا نواب اعظم خان ۽ شاھہ شھيد صوفيءَ جو مذھب ساڳيو ٿي سگھي ٿو. جن ملن ۽ مفتين ”ايمان واري ھندو مائي ۽ واڻئي ٻالچند کي زوريءَ ”مسلمان“ ڪري ڇڏيو، تن جو ۽ سلطان اولاليا خواجھ محمد زمان لنواريءَ واري جو مذھب بہ ساڳيو نٿو ٿي سگھي، جنھن پنھنجي ھندو معتقد کي اسم اعظم جي امانت ڏيئي، چيو تہ ”ڀلي ھندو ڌرم جي ڪريا ڪرم تي قائم رھندو اچ.“ ”تحفتہ الڪرام“ ۾ ٺٽي جي ھڪڙي ”اھل حال“ بزرگ شاھہ اسماعيل صوفيءَ جو ذڪر آيل آھي تہ اھو شاھہ شھيد صوفيءَ جي مخلصن مان ھو ۽ شاھ لطيف ڀٽائيءَ جي ساڻس دوستي ھئي: ھو ”مثنويءَ جو درس ڏاڍيءَ محويت سان ڏيندو ھو .... ھڪ ڏينھن درس ڏيندي، اوچتو سندس طبيعت پريشان ٿي ويئي ۽ سڄي بدن تي ڏنا ٿي پيس، جن کي لڪائڻ لاءِ رلھي گھرائي، ڍڪي ويھي رھيو. نيٺ معلوم ٿيو تہ ان وقت شھر جو قاضي ٺٽي جي ڪوٽواريءَ ۾ چبوتري تي ھڪ ماڻھوءَ کي سرڪاري ملازمن ھٿان سواءِ ڏوھہ جي رڳو سياسي ضد سبب ڪؤڙا ھڻائي رھيو ھو ۽ اھي ڪؤڙا ان بزرگ جي بت تي ظاھر ٿي رھيا ھئا.“ سچ پچ بہ تہ ان ”اھل حال“ بزرگ، شاھہ اسماعيل صوفيءَ، جو مذھب ٻيو ھو ۽ ان شھر جي قاضيءَ جو مذھب ٻيو ھو، جنھن سان سرڪاري ملازم صلاحي ۽ سھمت ھئا يا ھو انھن سان سھمت ۽ صلاحي ھو، ۽ جيڪو بيھي ھڪڙي بيگناھہ کي ڪؤڙا ھڻائي رھيو ھو. شاھہ بيگ ارغون، قاضي قاضن، نواب اعظم خان، ٺٽي جي قاضيءَ ۽ ٻين فتوا بازن ملن ۽ مولوين جو مذھب اھو ئي ھو، جيڪو غاصب، کائو ۽ قابض گروھي مفاد ۽ ان جي رياستي اقتدار کي ھٿيار طور ڪم ٿي آيو: ۽ ڄام نظام الدين، مخدوم بلال، شاھہ شھيد، خواجھ محمد زمان، شاھہ اسماعيل صوفيءَ ۽ ٻين ”اھل حال“ بزرگن جو مذھب اھو ھو، جيڪو ”افادھ ء عام“ جي رنگ ۾ رڱيل ھو، جنھن ۾ وقت جي حالتن جو اثر ڏسجي رھيو ھو، جيڪو سنڌي ماڻھن جي تھذيب سان ھم آھنگ ٿي رھيو ھو، جيڪو انھن جي قومي مذھب جو روپ وٺي رھيو ھو. شاھہ شھيد صوفي جنھن لاءِ چيو ويو آھي تہ پاڻ بہ وڏو شاعر ھو ۽ راڳ جو متوالو ھو، شاھہ اسماعيل صوفي جيڪو مثنوي ڏاڍيءَ محويت سان پاڙھيندو ھو، خواجھ محمد زمان جيڪو پاڻ بہ شاعر ھو، ۽ ان سونھاري سٿ جا ٻيا بزرگ، جھڙوڪ ٺٽي جو مخدوم محمد معين، سيوھڻ جو مخدوم ميان دين محمد، اگھم ڪوٽ جو مخدوم ميان پير محمد، ڪوٽڙي ڪبير جو مخدوم ميان محمد، روھڙيءَ جو مير جان الله شاھہ رضوي، گھوٽڪيءَ جو ميان موسيٰ شاھہ جيلاني ۽ ٻيا اھڙا ڪيئي اھل دل ۽ اھل حال بزرگ، صوفي باصفا ۽ عالم باعمل سڄي سنڌ ۾ شاھہ سائينءَ جا نہ رڳو ساٿياري پر دوست ۽ ساٿي ھئا، جن سڀني سنڌ ۽ سنڌي سماج جي قومي بحاليءَ ۽ قومي بقا لاءِ سنڌي ماڻھن جو قومي اتحاد قائم ڪرڻ گھريو ٿي. اھو اتحاد ھنن سنڌي ماڻھن جي قومي تھذيب جي بنياد تي قائم ڪرڻ ٿي چاھيو، ۽ دعوى ۽ دستور واري مذھب جي ڪابہ ڳالھہ جيڪا سندن نظر ۾ ان اتحاد جي راھہ ۾ رڪاوٽ بنجي ٿي بيٺي، ان کي ھنن رد ڪرڻ ٿي گھريو – بلڪ رياست ۽ مذھب ٻنھي کي ھنن چاھيو ٿي تہ اھي تھذيب جي ضابطي ۽ تاديب ھيٺ رھن ۽ ان جي اوسر ۽ واڌاري لاءِ ڪم اچن. ھنن سنڌي ماڻھن جي اجتماعي قوت کي قومي رياست جو ۽ سندن ڪثيرالاعتقاديءَ کي قومي مذھب جو روپ ڏيڻ ٿي چاھيو، تہ جيئن سندن قومي اتحاد آڏو ڪو خطرو باقي نہ رھي ۽ ھو پنھنجي مادي ۽ روحاني فلاح ۽ ترقيءَ جي راھہ ۾ پوري ڀروسي ۽ بيخوفيءَ سان اڳتي وڌن ۽ بني نوع انسان جي آفاقي مسرت ۽ ڪمال ۾ پنھنجي وس آھر پنھنجي حصي جو فرض ادا ڪري سگھن. حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي پنھنجي دور جي سنڌ ۽ سنڌي سماج جي انھيءَ سڄي امنگ جو عظيم ترجمان يعني ان جو عظيم شاعر، عظيم فنڪار ۽ عظيم مفڪر ھو. سچل ۽ سامي بہ سنڌ ۽ سنڌي سماج جي انھيءَ اجتماعي امنگ جا عظيم ترجمان ۽ شاعر ھئا.
*
سنڌ جي محب، ايڇ.ٽي.سورلي، پنھنجي عاليشان ڪتاب Shah Abdul Latif of Bhit جي تاريخ واري ڀاڱي جي مھڙ ۾ انگريزيءَ جا ٻہ ننڍا شعر ڏنا آھن –
ھڪڙو ”آئزڪ واٽس“ (Issak Watts) جو:
”وقت“، ھڪ سدا وھندڙ درياءَ وانگر،
پنھنجي سڄي وياءَ کي پاڻ سان لوڙھيندو نيندو ٿو وڃي –
ھڪ خواب وانگر اھي اڏامندا ۽ وسرندا وڃن ٿا،
جيڪو صبح ٿيڻ سان گم ٿي ويندو.“
۽ ٻيو ٽينيسن (Tennyson) جو:
”ڏينھن پنھنجي سڄي رنگ ترنگ سان اڏامندا، گم ٿيندا ٿا وڃن،
پر، شايد، اھڙي ڪا ”پاڇي وجھندڙ سرت“ آھي،
سا ڪڏھن ڪڏھن آڻي ڏئي ٿي (کيس بہ خبر نہ آھي تہ ڪٿان!)
ھڪڙو ننڍڙو مڌ ڀريل پيالو، ھڪڙي ڪا پرڪيف غيبي سرڪ.“
وقت برابر ويندو رھي ٿو ۽ ڏينھن برابر گذرندا ويندا ٿا رھن، پر ماضيءَ جي اڇلايل پاسيرن ڍيرن ۾ بہ ڳولڻ سان اھڙا ڪي ھيرا ڪڏھن ڪڏھن ملي وڃن ٿا، جن جي روشنيءَ جا شعاع، پنھنجي پنھنجي جاءِ تي، اسان جي آئيندي جي قدمن جا رھبر ثابت ٿي سگھن ٿا. ڪنھن گمنام کان گمنام ماڻھوءَ جو ھڪ ٻول، ڪنھن معموليءَ کان معمولي مصنف جي ڪا ھڪ سٽ بہ اسان لاءِ اھڙي شعاع وارو ڪو انمول ھيرو ثابت ٿي سگھي ٿي. عظيم ماڻھن جي ھٿن جو تہ جو ڪجهہ اسان جي ورثي ۾ ڇڏيل آھي، ان جي افاديت کٽڻ جي ئي ڪانھي – توڙي جو سوين ھزارين ڀيرا ان جو مطالعو ڪيو ويو ھجي. ڪھڙي خبر تہ ان ۾ اھڙي ڪا اھم ڳالھہ ھجي، جيڪا سؤ سال پوءِ ڪنھن کي ان ۾ نظر ايندي. اعليٰ تخليق جو انھيءَ ڪري وري وري مطالعو ڪرڻو پوي ٿو. اھي نہ رڳو ھر ماڻھوءَ کي يا ھر دور کي ڪا نئين روشني، ڪا نئين ڳالھہ ڏين ٿيون، پر ھر ماڻھوءَ کي ھر وقت انھن مان ڪجهہ نہ ڪجهہ نئون سبق، ڪونہ ڪو نئون ڏس ملي ٿو. شاھہ جي شعر، ۽ سچل ۽ ساميءَ جي شعر، جيڪو اثر سندن پنھنجن ڏينھن جي ماڻھن تي ڪيو ھوندو، عين ممڪن آھي تہ ان کان علحدي قسم جو اثر اسان جي دلين تي ان جو ٿيندو ھجي. اڄ کان ھڪ صدي پوءِ بہ جيڪي اسان جا نسل موجود ھوندا، انھن تي ان کان ئي ڪو نئون ۽ علحدو اثر ٿي سگھي ٿو. اھو ئي انساني ذھنن جو دائمي ۽ اٽوٽ ۽ لاڳيتو ڳانڍاپو آھي – اھا ئي انساني زندگيءَ جي ازلي ۽ ابدي روحاني ڏي وٺ آھي.
سنڌي سماج جي اِھا ازلي ۽ ابدي روحاني ڏي وٺ تمام گھڻي قدر ۽ پوريءَ عملي صورت ۾ ان جي پنھنجي سنڌي ٻوليءَ وسيلي ٿيندي آئي آھي- ۽ عين ممڪن بہ ائين ئي آھي ۽ اھا ڳالھہ رھڻي بہ وقت جي اکٽ سفر ۾ ائين ئي آھي. بلڪ ماڻھن جي ھر تھذيب جي ابتدا بہ ذھن جي انھيءَ ئي معجزي سان ٿئي ٿي، جنھن کي ٻولي ٿو چئجي. ٻوليون ئي قومن جي روح جا – انھن جي آدرشي عڪس جا، انھن جي ”ھئڻ جي احساس“ جا – سڀ کان سڌا ۽ چٽا اظھار آھن. ٻولي ئي سڀ کان وڌيڪ بقادار مواد آھي، جنھن ۾ ڪنھن قوم جي ”پاڇي وجھندڙ ڪا سرت“ پنھنجي روحاني زندگيءَ جي موڙي محفوظ ڪري ٿي – خاص طرح پنھنجن عظيم شاعرن، فنڪارن ۽ مفڪرن جي قولن، گفتن ۽ ادبي ۽ فني شھڪارن جي صورت ۾. ڪڏھن ائين بہ ٿيندو آھي – بلڪ اڪثر ائين ٿيندو آھي – تہ خسيس، واھيات ۽ سستي قسم جي شاعري ( يا ڪنھن ٻئي فن جي کوٽي پيداوار) جيڪا ھلڪن ۽ گدلن جذبن کي اڀاريندي ۽ ذھنن کي ڪيرائيندي ۽ گندو بنائيندي آھي، سا بہ پيش ٿيندي رھندي آھي، پر قوم جي ”پاڇي وجھندڙ سرت“ اھڙي ڪنھن ڪوڙي سڪي کي ان جي ٻوليءَ جي محفوظ گھر ۾ دائميت واري جاءِ ڪانہ ڏيندي آھي. ڪنھن دور ۾ ڪنھن قوم ڪھڙو شعر پيدا ڪيو، پڙھيو، ياد ڪيو ۽ ڳايو، ان جي اخلاق ۽ ڪردار جي سڀ کان وڌيڪ اھم شاھدي اھا آھي. اھڙيءَ طرح شاعري جيڪا ڪنھن قوم جي روحاني حافظي (ان جي ٻولي جنھن جو ٿانءُ آھي) ۾ موجود آھي، اھا ان جي تھذيبي ارتقا جو ڪتاب آھي، ان جي اصلي تاريخ آھي، جنھن جو ان قوم جي بنجڻ ۽ ڪاميابيءَ سان زندھ رھڻ ۽ زندھ رھي اڳتي وڌڻ ۽ اوچي ٿيڻ ۾ وڏو ھٿ رھي ٿو. شاھہ، سچل ۽ ساميءَ جي اعليٰ شاعري پنھنجي سچ، نيڪيءَ ۽ ڪمال حسن سان سنڌي ٻوليءَ ۾ محفوظ آھي ۽ سنڌي ٻولي سندن انھيءَ فڪر ۽ فن جي قوت سان اڄ سنڌي ماڻھن جي اجتماعي وجود ۽ ان جي اتحاد ۽ بقا جو نشان ۽ ان جي پيڙھہ ۽ ضمانت آھي. سندن اھو احسان، جو ھنن سنڌ ۽ سنڌي سماج جي انھيءَ پنھنجي ٻوليءَ کي پنھنجي روح جي آزاد امنگ جي اظھار جو وسيلو بنايو ۽ ائين ان کي ايتري توانائي، ڪشش، وسعت ڏني، جو اھا سنڌي ماڻھن جي قوم بنجڻ ۾ پنھنجو تھذيبي ڪردار ادا ڪري سگھي.
*
شاھہ، سچل ۽ سامي سنڌي قوم جا استاد، ھادي ۽ رھبر آھن. خاص طرح شاھہ سائينءَ سنڌي قوم کي پنھنجو رسالو عطا ڪري، ان کي ”اھل ڪتاب“ ھجڻ جو شرف بخشيو آھي. ھيءَ پنھنجي ڪنھن شيءِ کي عظمت يا تقدس ڏيڻ جي ڳالھہ ڪانھي. پر ھيءَ ھڪ حقيقت آھي. شاھہ جو رسالو دنيا جي جملي مذھبي تعليم جو نچوڙ ۽ سنگم ۽ سنڌي تھذيب جي سموري حاصلات جو روح آھي. ان ۾ زند اوستا، گيتا، ٻڌ ڌرم، جين مت، مسيحيت ۽ اسلامي تعليم جا اھم ۽ اعليٰ اصول ۽ قدر سڀ موجود آھن، جيڪي ھونئن بہ بنيادي طور سڀ ساڳيا آھن. ان جا ڪيترائي سر، الڳ الڳ ۽ سڄي جا سڄا يا ڀاڱن ۾، انھن ”مذھبن“ جي پنھنجي پنھنجي تربيتي ماحول ۽ تعليمي اصطلاح تي مبني ڏسجن ٿا. ان ۾ سنڌي تھذيب جي ھزارن سالن جي روحاني تجربي ۽ روايت جي نبار ڄاڻ ۽ ساڱاھہ موجود آھي. سنڌي تھذيب پنھنجي جڳن جي سفر جي ياد کي املھہ ملڪيت طور پاڻ وٽ پنھنجي لوڪ ڪوتا، لوڪ ڪٿا ۽ لوڪ چوڻين جي صورت ۾ محفوظ رکيو آھي. انھن ئي مثالن، ڳالھين ۽ واقعن جي مطالعي مان اخذ ڪيل عام نتيجا ۽ عام اصول شاھہ سائينءَ پنھنجي رسالي ۾ سنڌي لوڪن کي سيکاريا آھن. عام سکيا جي عمل جو اھو ئي ڏاھپ ڀريو ۽ دلپذير طريقو آھي. ڪامل سکيا يا آخري ۽ مطلق علم تہ ڪڏھن ممڪن ڪونھي. انھيءَ ڪري علم جي حاصلات جو تھذيبي يعني تجرباتي ۽ آزمائشي طريقو مذھبي طريقي يعني اعتقادي يا ايماني طريقي کان وڌيڪ اعتبار جوڳو ۽ وڌيڪ ڦلدائڪ سمجھيو ويو آھي ۽ ثابت ٿيل آھي. تعليم ۽ تربيت جي تھذيبي طريقي ۾ شڪ ۽ تنقيد علم جي حاصلات لاءِ پھريان قدم شمار ٿين ٿا. شڪ يا تنقيد مان سچ، نيڪيءَ ۽ سونھن کي ڪو نقصان ڪونہ ٿو رسي، ڇو تہ سچ ۽ نيڪيءَ جو ھونئن بہ وقت تي ئي مدار ٿئي ٿو – خود ضمير يا وويڪ تي بہ وقت جو اثر ٿئي ٿو. پر جا ڳالھہ تھذيبي ارتقا لاءِ ضروري آھي ۽ ھر طرح عظيم آھي، اھا آھي سچ، نيڪيءَ ۽ سونھن سان محبت جو جذبو. خاص طرح تڏھن جڏھن ان لاءِ خطري کي منھن ڏيڻو پوي. شاھہ سائينءَ پنھنجي رسالي ۾ سنڌي ماڻھن کي سندن اصطلاح ۾، سندن ئي پنھنجن مثالن، ڳالھين ۽ واقعن جي وسيلي اھا ئي سچ، نيڪيءَ ۽ سونھن سان محبت جي جذبي جي سکيا ڏني آھي.
نڪو سنڌو سور جو نڪو سنڌو سڪ،
عدد ناھي عشق پڄاڻي پاڻ لھي.
”شاھہ“
سچ، نيڪي ۽ سونھن، حق، خير ۽ حسن، ”انساني روح“ جا ھي ٽي امنگ ۽ لاڙا بنيادي آھن ۽ انھن جو بنياد اصل ۾ انسان جي پنھنجي ذاتي مفاد تي رکيل آھي. جو ڪجهہ منھنجي پنھنجي فائدي لاءِ آھي، اھو مون لاءِ حق بہ آھي، خير بہ آھي، ۽ ان ۾ مون کي حسن بہ نظر اچي ٿو ڇو تہ اھو مون کي وڻي ٿو! پر انسان يعني فرد دنيا ۾ اڪيلو نہ آھي، ۽ ھڪڙو ذاتي مفاد ٻين ذاتي مفادن جي تعلق ۽ نسبت سان عملي صورت وٺي ٿو – انھيءَ ڪري جيڪڏھن محض زور (انفرادي يا گروھي) تي فيصلو ڇڏڻو نہ آھي، تہ پوءِ گھڻن (انفرادي ۽ گروھي) مفادن جي ”گڏجي گذاري“ لاءِ ڏي وٺ ۽ ڇڏڇوٽ جي طريقي سان ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جي اصول تي عمل لازمي بنجي پوي ٿو. ساڳيءَ طرح منھنجي، تنھنجي ۽ ھن جي (انفرادي يا گروھي نوع جي) گھڻن ”سچن“ جي وچ ۾ بہ باھمي سھپ ۽ رواداريءَ جي اصول کان سواءِ ٻي ڪا واھہ ڪانھي ۽ انھن جي پنھنجي پنھنجي بقا ۽ فروغ لاءِ بہ اھو ئي واحد معقول ۽ مفيد رستو ٿي سگھي ٿو. ”سھپ“ ۽ ”جيئو، جيئڻ ڏيو“ جي اصولن تي عمل ڪرڻ سان باھمي محبت ۽ باھمي تعاون وڌي ٿو ۽ انسانن ۾ ھر سطح جي گروھي اتحاد، امن ۽ ترقيءَ جي راھہ گھڙجي ٿي ۽ کين نفاق، جنگ ۽ برباديءَ جي ھولناڪ عقوبتن کان تحفظ ۽ پناھہ ملي ٿي، ۽ اھڙيءَ طرح تھذيب جي مذھب ۽ رياست تي فوقيت جي صورت قائم ٿئي ٿي. سماج ڪنھن غالب مذھب جي تعصب ۽ ھٺ ڌرميءَ کان ھڪ طرف ۽ ڪنھن غالب رياست جي ظلم ۽ تشدد کان ٻئي طرف ۽ ٻنھي جي گڏيل موت جھڙي عذاب کان (پوريءَ طرح نہ تہ بھ) گھڻي قدر نجات حاصل ڪري ٿو ۽ ائين ھتي ھن ڌرتيءَ تي ھو ڪامل انساني مسرت ۽ ڀلائيءَ جي جنت جي تعمير ۾ پنھنجي حصي جو فرض ادا ڪري سگھندو - ۽ اھو ئي ھر انساني سماج جي ھر فرد جو ھن ڌرتيءَ تي اعليٰ کان اعليٰ مقصد ٿي سگھي ٿو.
سنڌ جي ماڻھن ۽ سنڌي سماج کي، شاھہ، سچل ۽ ساميءَ، ھن ڌرتيءَ جي انھيءَ اعليٰ مقصد سان روشناس ۽ ان لاءِ تيار ڪرڻ ٿي گھريو. ھو سنڌ جا عظيم استاد، ھادي ۽ رھبر ھئا. ھو تمام وڏا انسان ۽ تمام وڏا شاعر ھئا. ھنن سنڌي سماج جي آڏو نئين انسان جو تصور پيش ڪيو. ھنن اسان کي جيڪا تعليم ڏني آھي، سا ڪا معمولي تعليم ڪانھي. ھنن سنڌي سماج کي نئين اجتماعي وحدت جي شعور کان واقف ڪيو ۽ ان لاءِ کين عملي راھہ ڏيکاري – قومي تھذيب، قومي مذھب ۽ قومي سياست جي راھھ، مشترڪ مفاد ۽ باھمي تعاون جي راھھ، محبت، رواداريءَ ۽ اتحاد جي راھھ، عمل ۽ قربانيءَ جي راھھ. ھنن جي سامھون سنڌ ۽ سنڌي سماج جي آزاد، باوقار، بامقصد ۽ خوشحال وجود جو خواب ھو، ۽ ھنن وٽ ان خواب جي تڪميل جو رستو بہ ھو. ٻيائيءَ ۽ ويڇي کي ھٽائڻ جو، پنھنجن کي پنھنجو ڪرڻ جو، ٻڌيءَ ۽ ايڪتا جو، سچ، نيڪيءَ ۽ سونھن کي پاڻ ارپڻ ۽ انھن تان پاڻ نڇاور ڪرڻ جو، سچي ماڻھپي جو، ماڻھوءَ جي مريادا ۽ مان ۽ ماڻھوءَ جي شيوا ۽ پيار جو، انساني تھذيب جي عروج ۾ پنھنجي حصي جي فرض ادا ڪرڻ جو، عالمي امن، اتحاد ۽ ترقيءَ جي جدوجھد ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو. ھاڻي، اھو اسان تي ڇڏيل آھي تہ ڪيتري قدر اسين پنھنجي فرض کي سڃاڻون ٿا ۽ ان تي عمل پيرا ٿا ٿيون ۽ ڪيتري قدر پاڻ کي پنھنجن عظيم استادن ۽ رھبرن جي لائق ثابت ڪري ٿا سگھون.
سڄيءَ ڳالھہ جو دارومدار ھن تي آھي تہ اسان جو پاڻ تي ڪيترو فخر آھي، اسان جو پاڻ ۾ ڪيترو اعتماد آھي، اسين ھڪٻئي سان ڪيترا سچا آھيون ۽ پنھنجي روح کي زندھ رکڻ لاءِ ڪيترو ڪجهہ سھڻ ۽ قربان ڪرڻ لاءِ تيار آھيون. شال اسان جي جيئڻ جو منطق اسان کان وسري نہ وڃي - ۽ پنھنجي مڻيا ۽ مان سان جيئڻ جو امنگ اسان جي ساھہ ۾ سدا موجود رھي!
پسي جھاجھہ جمال جِي، جِنھين پيتي پِڪ،
اپر اڳانجھو ٿيو، سور انھين کي سڪ،
ھڏ نہ ڀڳين ھڪ، سدا سائر سير ۾.
”شاھہ“
حيدرآباد سنڌ
1977-12-14ع
شاھہ
________________________________________
* ڏسڻو ھي آھي تہ مذھب جو، اقتدار جي دنيا ۾ يعني سياست ۾، ۽ اخلاقيات جي دنيا ۾، تاريخي عمل ڪھڙو رھيو آھي. اقتدار جي دنيا ۾، ان بيحد شدت ۽ ڪٺورتا کان ڪم ورتو آھي – لازمي طرح ان کي ائين ڪرڻو ھو، ڇاڪاڻ تہ مذھب، پنھنجي معمول مطابق، پنھنجن معتقدن تي، جن کي ان مان سچي ايمان جي روشني ملي ٿي، ھيءُ روحاني فرض عائد ڪري ٿو تہ ھو ڪافرن کي ڪفر جي اوندھہ مان ڪڍي ٻاھر ڪن. تنھن کان سواءِ، ان ايمان جي روشنيءَ جو خاص واسطو جسم کان وڌيڪ روح سان رھي ٿو ۽ تاريخ ان حقيقت جو ثبوت سدائين بيشمار ڪافرن جي ماس ۽ رت (يعني انھن جي لاشن) جي صورت ۾ پئي ڏنو آھي.
ھن سلسلي ۾ اھا ڳالھہ بہ پڌري آھي تہ جيڪي سچي ايمان جي روشنيءَ کان انڪار ڪندا، اھي بھرحال انھيءَ کان بہ انڪاري ھوندا تہ مومنن کي مٿن حڪم ھلائڻ يعني، صاف سڌن لفظن ۾، سندن ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ جو ڪو حق آھي! بس، ائين مقدس ايمان جي روشنيءَ ۽ ان جي مقدس ڪتاب جي تبليغ سان ملڪن ۾ مؤمن قومن جي جذبي ۽ حڪمرانيءَ جي جھنڊن کوڙڻ جو پورو جواز ۽ لاجواب سبب پيدا پئي ٿيو آھي. ان ۾ جيڪڏھن چند داعي، مبلغ، درويش يا عالم شخصي طرح اخلاص ۽ پاڪبازيءَ جا پتلا بہ ھئا، تہ ان ڪري اصل ڳالھہ ۾ ڪو فرق ڪونہ ٿي پيو – انھن جي پاڪبازيءَ ۽ لاطمعيءَ پاڻ ان قوت ۽ اقتدار کي مدد، بچاءَ ۽ تقدس ٻخشڻ جو ڪم ٿي ڏنو ۽ ان وچ ۾ انھن جا ٻيا مؤمن ڀائر اھا ئي قوت ۽ اھو ئي اقتدار پنھنجي پوري جھد ۽ جولان سان استعمال ڪندا ٿي رھيا، تہ جيئن پنھنجي ان جھاد جي عوض ھو جنت جا مالڪ ۽ وارث بنجي سگھن – آخرت جي جنت کان وڌيڪ ھن دنيا جي جنت جا، غلام ملڪن جي باغن ۽ کيتن جي جنت جا، انھن جي وادين ۽ دريائن جي جنت جا، محڪوم قومن جي پگھر ۽ پورھئي ۽ رت ۽ ست جي جنت جا. مقدس دين – پنھنجن چند نيڪ ۽ متقي عالمن ۽ درويشن کان تقريبًا لاتعلق – پنھنجن انھن ”جنت“ پسند مجاھدن جي ھر فتح ۽ ان جي بي انداز مال غنيمت کي پنھنجي خداي قدوس جي طرفان مؤمنن تي لازوال فضل ۽ ڪرم جي بارش ۽ سندس احسان عظيم چوندو ۽ ظاھر ڪندو رھيو – برابر سندن خدا ساڻن خوش ھو ۽ ھو پاڻ بہ خدا سان خوش ھئا! اِئين اخلاقيات جي دنيا ۾، ھڪ تہ مذھب پنھنجن معتقدن جي ذھنن ۾ اھڙو ھڪ ڏٺو وائٺو ۽ بي سرتيو غرور ڀريو تہ سندن پنھنجو ڪردار ۽ پنھنجا اخلاقي قدر ٻين جي ڪردار ۽ اخلاقي قدرن کان بھر صورت بھتر ۽ اعليٰ ھئا ۽ انھيءَ ڪري سندن اھو حق بہ ھو ۽ فرض بہ ھو تہ ٻين جي عقيدن کي بدلائڻ ۽ انھن کي راھہ راست تي آڻڻ جي ڪوشش ڪن ۽ ان لاءِ ھو ھر قسم جي طريقن کي ڪم آڻڻ ۾ حق بجانب ھئا : ۽ ٻيو تہ انساني تھذيبن جي ان اختلاف ۽ ٽڪر ۾، ۽ ان جي نبيري ۾، مؤمنن جي عقيدھ پرست ۽ خود پسند جنون انساني اخلاقيات کي اھڙو ھڪ اجھاڳ ۽ پر فريب روپ ڏيئي ڇڏيو، جھڙو سمنڊ ڪڏھن اجھاڳ ھو ۽ جھڙو اڄ بہ ھو پرفريب آھي. انھيءَ ڪري اسين پوري اعتماد سان چئي سگھون ٿا تہ ڪوبہ جيڪڏھن چاھي تہ ھو! !سچ پچ ھڪ نيڪ ۽ بااخلاق انسان بڻجي (اسان کي دل ۾ اھو شڪ آڻڻو نہ آھي تہ نيڪ ۽ بااخلاق انسان ٻڻجڻ ممڪن بہ آھي يا نہ. بلڪ آءٌ سمجھان ٿو تہ اسان کي پورو يقين رکڻو آھي تہ ائين ممڪن آھي)، تہ ھن کي سڀ کان پھريائين مقدس ايمان جي منع نامن، گناھن ۽ منافقتن کان پاڻ کي ڇني ڌار ڪرڻو آھي. تحقيق، جيڪڏھن خدا جي تصور يا مفھوم ۾ ڪا سچائي يا ڪا افاديت آھي، تہ اھا اِھا ئي ٿي سگھي ٿي تہ ان جي مدد سان اسين پنھنجي من ۾ وڌيڪ ڪشادا، وڌيڪ آزاد ۽ وڌيڪ پيار ڪندڙ انسان بڻجون. جيڪڏھن خدا اسان کي ائين نٿو بڻائي سگھي، تہ پوءِ بھتر آھي تہ اسين ان جو نالو وٺڻ ڇڏي ڏيون.“
(جيمس بالڊون ھڪ آمريڪي سياھہ فام پادري) : حوالو انگريزيءَ جي ڪتاب “Freedom, Reason or Revolution” تان، ايڊيٽر – گارڊن بُوڪر، روليج ائنڊ ڪاگن بال لميٽيڊ، لنڊن، 1970ع. )
________________________________________
* ”.....جيئن ”تاريخ طاھريءَ“ وغيرھ ۾ آيل آھي، مذڪورھ سيد (قاضي سيد شڪرالله شيرازي) سنہ 906ھہ ۾ ھرات مان قنڌار ۽ اتان شاھہ بيگ جي حڪم سان سنہ 927 ھہ ۾ (انھيءَ ئي سال جڏھن شاھہ بيگ سنڌ تي حملو ڪيو ھو) ٺٽي ۾ آيو ۽ مرزا شاھہ حسن ابن شاھہ بيگ جي زماني ۾ (يعني ٻئي سال جڏھن شاھہ بيگ جي مرڻ کان پوءِ شاھہ حسن ھن جي جاءِ والاري) ان نئين فتح ڪيل سرزمين جي منصب قضا تي سرفراز ٿيو. شروع ۾ ھن جو اچڻ تاجر جي حيثيت سان ٿيو ھو.
”.....بزرگن کان ٻڌو ويو آھي تہ جتي موصوف اچي سڪونت اختيار ڪئي ھئي، سندس اولاد اڄ تائين اتي ئي رھندو ٿو اچي پھريائين اتي (ھڪ) انصار جي قبيلي جا ماڻھو آباد ھئا، سيد شڪرالله جي اولاد مان سيد محمد حسن بن سيد علي اڪبر بن سيد عبدالواسع کان ٻڌو ويو آھي تہ ان قبيلي جا ڪي ماڻھو (ھاڻي) سنڌ جي ٻھراڙيءَ ۾ (ڪٿي) رھن ٿا ۽ انھن مان ھڪ وڏي عمر جو شخص جڏھن بہ ٺٽي ۾ ايندو ھو تہ (ھن محلي ۾) اچي، اسان سان بہ ملاقات ڪندو ھو.
”.....قبرن جو چبوترو، جن ۾ (ھنن ساداتن جا) بزرگ آرام پذير آھن، پھريائين اھو انھن (يعني، ان انصار قبيلي وارن) جو ھو، جن جون ڪي قبرون اڃا بہ (اتي) موجود آھن.
”.....سيد شڪرالله جي قبر سيد عبدالله جي درگاھہ جي اولاد ۾ اڄ بہ اھل الله جي زيارت گاھہ آھي.
”.....چون ٿا تہ مذڪورھ سيد سان ٽي ٻيا بہ باڪمال بزرگ ٺٽي ۾ آيا ھئا. انھن دوستن ۾ ھڪ قسم جو خاص اتحاد ھو. اھي بزرگ (1) سيد منبہ، (2) سيد ڪمال ۽ (3) سيد عبدالله آھن.“ (علي شير قانع : ”تحفت الڪرام“، 1181 ھھ، ص. ص. 484-483-482).
”.....(سيد ڪمال ... اصلا حسيني ۽ شيراز جو باشندو ھو ۽ مذڪورھ سيد شڪرالله جي دوستيءَ ۽ رفاقت ۾ ٺٽي ۾ آيو ھو..... (جنھن جو) ھيءُ ڏاڍو گھرو يار ھو ۽ انھن چئن يارن ۾ شامل ھو، جنھن جو ذڪر شڪرالله جي بيان ۾ ٿي چڪو آھي.... وفات کان پوءِ ھي پنھنجي رھائشي حويليءَ ۾ دفن ٿيو. ان جي زيارت جي برڪت ملڪن ۾ مشھور ۽ ان جي توسل جون ڪرامتون عوام ۽ خواص جي دلين ۾ مرڪوز آھن.“ (ساڳيو ڪتاب: ص 493).
” سيد شاھہ منبہ – ھيءُ غوث الثقلين (پيران پير) مان آھي. ھي بزرگوار سيد ڪمال شيرازي ۽ سيد عبدالله حسينيءَ سان گڏجي شاھہ بيگ ارغون جي زماني ۾ سيد! !شڪرالله شيرازيءَ سان گڏ ٺٽي آيو ھو، (جنھن سان) ھن جي خصوصي صحبت ھوندي ھئي. پاڙي جي ويجھڙائيءَ جي خيال کان ھيءُ انھيءَ جڳھہ ۾، جتي ھو اڄ آرام پذير (مدفون) آھي، ھڪ مريد جي گھر ۾ اچي رھيو ھو.... ھن جون ڪرامتون روشن ۽ ھن جي مناقبي جون نشانيون مشھور آھن. ھن جي (مقبري) جي زيارت عام خلق الله جي حاجت روائيءَ جي ضامن آھي....“ (ساڳيو ڪتاب : ص ص 601-602).
”سيد شاھہ عبدالله حسيني – ھيءَ بہ قطب الاقطاب، غوث الثقلين، حضرت پير دستگير عليھہ الرحہ جي اولاد مان، مذڪورھ (چار) يارن يعني سيد منبہ، سيد ڪمال ۽ سيد قاضي شڪرالله مان ھڪ مقتدر يار ھو. ھيءُ بزرگوار شاھہ بيگ ارغون جي زماني ۾ ٺٽي آيو ۽ خفيہ طور پھاڙيءَ جي ان جاءِ تي اچي گوشھ نشين ٿي ويٺو، جتي ھن جي مزار واقع آھي... مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي اچڻ وڃڻ وارن کي جيڪو فيض ھن بزرگ مان حاصل ٿئي ٿو، قلم ۾ ان جي بيان ڪرڻ جي طاقت ڪانھي.“ (ساڳيو ڪتاب: ص ص 615-614).
* سنڌ تي مسلمان ارغونن جي ڪاھہ وقت ۽ ستن ڏينھن لاءِ انھن ھٿان ٺٽي جي قتل عام ۽ لٽجڻ وقت سنڌ ۽ سنڌ جي ان گاديءَ جي شھر ٺٽي جي اسلامي فضا ڪجهہ ھن ريت ھئي:
”روايت ڪن ٿا تہ (سنڌ جو بادشاھہ) ڄام نظام الدين علم جو عاشق ھو. ننڍپڻ ۾ ھن مدرسن ۽ خانقاھن ۾ تعليم ۽ تربيت ورتي ھئي. ھو نھايت حليم، خليق ۽ پسنديدھ صفتن ۽ حسين عادتن جو مالڪ ھو. ان سان گڏ، ھو ڪمال درجي جو زاھد ۽ عابد بہ ھو. ھن جي فضيلت ۽ اصل حقيقت ان کان مٿي آھي جيتري ڪجهہ قلمبند ڪري ٿي سگھجي.... ھن جي حڪومت جي ڏينھن ۾ سنت نبويءَ جي پيروي ايتري قدر عام ٿي چڪي ھئي، جو ان جو تصور بہ نٿو ڪري سگھجي. مسجدن ۾ باجماعت نماز ادا ڪرڻ جو رواج ايترو تہ عام ھو، جو ڪوبہ، ننڍو يا وڏو، اڪيلو وڃي مسجد ۾ نماز ادا ڪرڻ پسند نہ ڪندو ھو. جيڪڏھن ڪنھن وقت ڪنھن کان نماز يا جماعت گسي ويندي ھئي، تہ ھو نھايت پشيمان ٿيندو ھو ۽ ٻن ٽن ڏينھن تائين استغفار پڙھندو رھندو ھو.... (”تاريخ معصومي“ – ص ص 104-102) ۽ ان کان پوءِ جڏھن سنڌ تي مسلمان ارغونن جا حليف، مسلمان مغل حاڪم ھئا ۽ انھن جي ظلم جي ڪاري رات ڇانيل ھئي، تڏھن ٺٽي جي اسلامي فضا جو تاريخ ۾ ھن ريت ذڪر آيل آھي:
”.... عالم، فاضل، شاعر، ڪاتب، خوشنويس ۽ خدا پرست شخص ھن شھر ۾ تمام گھڻا رھن ٿا... ۽ ان جا اڪثر ماڻھو ڏاڍا پڪا مسلمان آھن ۽ روزي نماز ۽ شرع شريف جي پيرويءَ ۾ بيحد گھڻو سعيو ڪن ٿا. ايتري قدر جو ھتي ڪيتريون وڏيون جامع مسجدون آھن، جن ۾ ويھہ ويھ، ٽيھہ ٽيھہ ھزار ماڻھو جمعي جي نماز لاءِ گڏ ٿين ٿا. جامع مسجدن کان سواءِ شھر جي محلن ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون مسجدون آھن ۽ اھي سڀ! !جمعي ڏينھن ايتريون ڀرجي وڃن ٿيون، جو عين نماز مھل جيڪڏھن ڪو نماز لاءِ اچي ٿو تہ ڪيترن حيلن ۽ ڪوششن کان پوءِ مس ھن کي نماز لاءِ ڪا جاءِ ملي سگھي ٿي.“ (”مظھر شاھجھاني“، ميرڪ يوسف، بتصحيح ۽ حاشيہ وغيرھ، حسام الدين راشدي، ص. 33).
* Fifth Column – ماڻھن جو منظم گروھھ، جيڪو ڌارينءَ فوج جي فائدي ۾ ملڪ جي اندر ويھي ڪم ڪري ۽ ان جي سوڀ لاءِ اندرون ئي اندر ميدان تيار ڪري.
* شاھہ بيگ ارغون، 927 ھہ (1520ع) ۾، سنڌ تي حملي کان اڳ، پنھنجي ”چئن يارن جي چؤنڪڙي“ ٺٽي رواني ڪئي ھئي، جيڪي تاجرن جي ويس ۾ اتي پھتا ھئا، منجھن ”ھڪ قسم جو خاص اتحاد“ ھو ۽ انھن آخر ۾ پاڻ کي ”غوث الثقلين پيران پير دستگير جو اولاد“ سڏائيندي، ظالم ۽ ڦورو ارغوني حڪومت جي کپائڻ ۽ ھلائڻ ۾ ارغونن جي مذھبي مدد ۽ ساڻن مال غنيمت ۽ اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيواري ڪئي.
ساڳيءَ طرح، 1737ع ۾، سنڌ تي نادر شاھہ جي حملي کان فقط ٻہ سال اڳ، ان جي سپھہ سالار احمد شاھہ ابداليءَ جو پير ۽ مرشد، شاھہ فقير الله علوي، پنھنجي ملڪ (روتاس، جلال آباد، افغانستان) مان، مذھبي ھر اول دستي طور، پنھنجي پوري اٽالي سان پھريائين ٺٽي ۽ پوءِ شڪارپور ۾ اچي وارد ٿيو. ٺٽي جي مختصر رھائش ۾ ھن ”مخدوم محمد ھاشم جي شاگردي“ قبولي ۽ ان کان ”علوم ظاھري ۽ سلوڪ مخفيءَ جي سند“ ۽ ”فقر جي ٽيٽيھن سلسلن جي اجازت“ ورتي. ”1747ع ۾ نادر شاھہ قتل ٿيو ۽ احمد شاھہ ابدالي خراسان ۽ سلطنت نادريءَ جي مشرقي ايراضين جو دعويدار ٿيو... سنڌ ھن جي ھٿان ۽ ھن جي جانشينن جي ھٿان جيڪي سختيون سٺيون ۽ پريشانيون ڏٺيون، انھن جو داستان خود نادر سفاڪ جي ڦرلٽ ۽ تباھہ ڪارين جي داستانن کان گھٽ دردناڪ نہ ھو.“ پر احمد شاھہ ابدالي پوءِ بہ ان اھل الله بزرگ، صاحب فقر و سلوڪ، حاجي شاھہ فقيرالله علويءَ جو ايڏو تہ معتقد خاص ۽ مريد صادق ھو، جو ھو ”سنڌ جي علائقي ۾ داخل ٿيڻ شرط، جتي پيرن مان لاھي، پيرين اگھاڙو ھلندو ھو“ ! ڇو تہ اھو سندس ”مرشد جو وطن“ ھو! ۽ ان پنھنجي مرشد سڳوري جي ”پيرن جي پڻي تبرڪ! !طور پاڻ سان کڻي ھلندو ھو!“ سنڌ جي تاريخ ۾ مذھب ۽ سياست جي، يعني ايمان ۽ اقتدار جي، استبدادي ۽ استحصالي شراڪت جو اھو ڪو پنھنجي نوع جو واحد يا ڪو پھريون يا ڪو پويون مثال بہ ڪونھي.
________________________________________
* سال 1605ع ۾ ھڪ يوروپي مسافر، سيلبئنڪ، اتفاق سان سنڌ جي روھڙي شھر ۾ وڃي نڪتو ۽ اتي جون دکي حالتون ڏسي، دانھن نڪري ويس ۽ چيائين تہ ”ھيءُ شھر ڪيڏو نہ ڏکويل ماڻھن سان ڀريل آھي!“
چاليھہ سال پوءِ، 1645ع ۾، ٻئي ھڪ يورپي مسافر، اسپلر، اتر سنڌ جو سير ڪندي، اتان جي آبادگارن ۽ ھارين جي حالت ڏسي، لکيو تہ اھي ”بيحد مجبور ۽ مظلوم“ ھئا.
25 جنوري 1659ع تي ھڪ انگريز واپاريءَ پنھنجن انگلنڊ جي سيٺين ڏانھن ھڪ خط لکيو، جنھن ۾ ھن کين ٻڌايو تہ ”ھتي سنڌ ۾ ڏڪار ۽ پليگ جي بيماري ايتري تہ گھڻي پيل آھي، جو انھن ۾ ماڻھن جو گھڻو حصو ختم ٿي ويو آھي ۽ باقي ڪي ٿورا وڃي بچيا آھن.“
1699ع ۾ (جڏھن شاھہ عبداللطيف ڏھن سالن جو ھو)، ھڪ انگريز سياح، اليگزينڊر ھئملٽن، جڏھن ٺٽي ۾ پھتو، تڏھن ڏٺائين تہ اتي ھن جي پھچڻ کان اڳ ”اسي ھزار ڪوري پليگ وگھي مري چڪا ھئا.“ سنڌ جي حالتن جو ذڪر ڪندي، وڌيڪ ھو ٻڌائي ٿو تہ اتي ”عام رستي جي مسافري بنھہ خطري واري ھئي، ان جو ھڪ عام طريقو ھيءُ ھو تہ ”اٺن جا قافلا ھلندا ھئا ۽ انھن سان ھڪ سؤ کان ٻہ سؤ کن گھوڙي سوار حفاظت لاءِ ساڻ ھوندا ھئا.“ ھن اھڙي ھڪڙي قافلي جو ذڪر بہ ڪيو آھي. جنھن تي! ! رستي ۾ چئن کان پنجن ھزارن ڦورن حملو ڪري، ان جا 250 گھوڙي سوار محافظ ۽ 500 کن سوداگر ۽ ٻيا ماڻھو ماري ڇڏيا ھئا.
مغلن جي پوئين دور جي ھڪڙي ٺٽي جي نواب، ”نواب اعظم خان جو اٽڪل چئن سالن (1718-1715ع) جو عرصو اھل سنڌ وارن لاءِ نحوست جو زمانو ھو. ھڪ تہ ملڪ ۾ سخت ڏڪار پيو ۽ ٻيو تہ ان ۾ حضرت حق شناس شاھہ عنايت الله جي شھادت جو واقعو پيش آيو.“ (ڊاڪٽر دائودپوٽو: ”شاھہ شھيد“، رسالو ”نئين زندگي“، مئي،1970ع).
برخلاف ھن ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دور ۽ عام بک، ڏک ۽ بدامنيءَ جي، انھن کان اڳ سنڌ جي آزاد ۽ خودمختيار قومي رياست جي ڏينھن ۾ حالتون ڪيئن ھيون؟ ”.....۽ (روايت ڪن ٿا تھ) ھن (ڄام نظام الدين) سنڌ جو اندروني ۽ ان جي سرحدن جو اھڙيءَ طرح انتظام رکيو، جو ماڻھو ڏاڍي اطمينان سان رستن جو سفر ڪندا ھئا....ھن جي دور حڪومت ۾ عالمن، صالحن ۽ درويشن ڏاڍي آرام سان وقت گذاريو ۽ رعيت ۽ سپاھہ بہ آسودا ۽ خوشحال رھيا...“ (تاريخ معصومي، ص. 103).
* ”ڪلھوڙا حڪمرانن زرعي ڪم ۾ جيڪا گھري دلچسپي ۽ اورچائي ڏيکاري، ان جي بنياد تي ھو سنڌ ۾ سڀني کان وڌ واھہ کوٽائيندڙ شمار ٿين ٿا. خاص طرح، ميان نور محمد، اتر سنڌ ۾، جتي پھرين ھن جي حڪومت قائم ٿي، واھن رستي پوک جو نمونو شروع ڪيو.
”ھن سنڌ ۾ گھاڙ واھن جو سرشتو قائم ڪيو، جنھن ۾ نور واھہ (ڏھہ ميل)، شاھجي ڪڙ (ويھہ ميل) ڏاتيجي ڪڙ (ويھہ ميل) شامل ھئا، جن مان اڳتي ھلي، پھريون واھہ بئريج واھن جي جديد سرشتي ۾ وارھہ جي شاخ طور استعمال ٿيو ۽ ٻيا واھہ ان سرشتي ۾ ٻين شاخن طور ڪم آيا. (ڪلھوڙن جي ڏينھن ۾) ڏاتيجي ڪڙ تي لاڙڪاڻي کان شھدادڪوٽ تائين مسافريءَ ۽ باربرداريءَ لاءِ ٻيڙيون پڻ ھلنديون ھيون.
”سنڌونديءَ جي کاٻي ڪپ سان پڻ ڪلھوڙن نوان واھہ کوٽايا – مثلا (نوشھري ڊويزن ۾) نصرت واھھ، مراد واھھ، باغ واھہ ۽ فيروز واھھ، جيڪي سڀ نو لکي واھن جي سرشتي جو حصو ھئا : اھي سڀ واھہ پوءِ اڄوڪي روھڙي ڪئنال سان ڳنڍيا ويا.
”ائين ڪلھوڙن جيتوڻيڪ وسيع غير آباد زمين کي آباد ڪيو، پر ھو آبپاشيءَ جي جديد علم جي معيار تي وڏا انجنيئر ڪونہ ھئا – انھيءَ ڪري ھنن جي واھن ۾ ايتري سوڌپائي ۽ ترتيب ڪانہ ھئي : ھنن پنھنجن واھن جا پيٽ فقط درياءَ جي ڇڏيل پيٽن يعني ان جي ڍورن ۽ مٺي پاڻيءَ جي موجود ڍنڍن جي رخ تي رکيا ٿي، جنھن ڪري سندن واھن جي مجموعي ڊيگھہ ھزارن ميلن تائين وڌيل ھوندي ھئي. پر ڇاڪاڻ تہ ھو پورا بااختيار ۽ مڪاني حڪمران ھئا، انھيءَ ڪري ھو پنھنجي آبپاشيءَ جي سرشتن جو انتظام خبرداريءَ ۽ پوريءَ ڪاميابيءَ سان ھلائي سگھيا. سندن جائنشين ٽالپر، جيڪي شڪار جا وڌيڪ شوقين ھئا، سي ھيءُ سڄو عاليشان آبپاشيءَ جو سرشتو ايتريءَ ڪاميابي سان قائم رکي نہ سگھيا....“
ھيءُ شاھہ، سچل ۽ ساميءَ جي دور جو سنڌ جي تھذيب جي ميدان ۾ محب وطن قومي رياست جي پناھہ ھيٺ، بلڪ ان جي ذريعي، اجتماعي معاشي بھبود لاءِ ورتل ھڪ عظيم ڪوشش جو مثال آھي.
* ”ترڪ سياست ضعف رياست... و رياست با سياست واجبي... و در مقدمھ عدالت خود را وغير را بيڪ نظر بايد ديد... در خير فڪر شر و در شر فڪر خير... نفع شمايان سراسر در اخلاق و محبت است... اول حق غربا و مساڪين و يتيمان و مطلوبان عائد بگردن ميشود و روز و شب فڪر ملڪداري... و ھر آفريدھ را بھتر بدانيد، و ھر مرد را مرد بدانيد...“
(”سنڌي ترجمو: سياست کي ڇڏڻ معنيٰ رياست جي ڪمزوري... ڇو تہ رياست (جي ڪاميابيءَ) لاءِ سياست ضروري آھي... عدل ۽ انصاف جي ھر ڳالھہ ۾ پاڻ کي ۽ ٻئي کي ھڪ نظر سان ڏسڻ کپي... خير وقت شر جو اونو ۽ بديءَ وقت خير جي اون رکجي... اوھان جي ڀلائي، سڄي جي سڄي، اخلاص ۽ محبت ۾ آھي... پھريائين اوھان جي گردن تي غريبن، مسڪينن، يتيمن ۽ گھرج رکندڙ ماڻھن جي حق جو بار آھي، ۽ اوھان کي ڏينھن رات ملڪ جي انتظام ۽ بھبود جو خيال رکڻ کپي.... ۽ اوھان کي گھرجي تہ ھر خلقيل شيءِ کي مفيد ۽ بھتر ڄاڻو ۽ ھر انسان کي انسان ڪري سمجھو....“)
* مشھور روايت آھي تہ شاھہ ان دور جي بي مثل ڳائڻيءَ مائي گلان، کي دعا ڪئي ھئي تہ ”گلان مان گل ٿيندو“ ان کان پوءِ ان مائيءَ جو ميان نور محمد سان نڪاح ٿيو، جنھن مان کيس غلام شاھہ ڄائو.