ڪھاڻيون

ٻٽيھہ 32

أنور ڪليم جون ڪھاڻيون دلچسپ آھن. خليق ٻگهيو لکي ٿو ”أنور ڪليم جي ڪھاڻين جون روشنيون منفي ذھنن کي سوجهري ڏانھن وٺي وڃڻ جو سَت سارين ٿيون. سماج جي عام ماحول مان سچيون سپيون ڳولن ٿيون ۽ پڇاڙَ جي سِٽن ۾ پڙھندڙن مان ڇرڪ ڪڍي وجهن ٿيون. ھُو پنھنجي سماج جي عام ماڻھن، عام مسئلن، عام ڏڪارن، عام سُڪارن عام ڏکن ۽ عام سُکن جو ڪھاڻيڪار آھي. سندس تخليقيت ۾ ڪردار گهڻي پيچيدگيءَ جا ھيراڪ نہ آھن، پر جيون جي نفسياتي، سماجي، نفسياتي معاشي ۽ ثقافتي تسڪين جا ھيراڪ آھن. “

  • 4.5/5.0
  • 76
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • انور ڪليم
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ٻٽيھہ 32

ٽي رنگ

[چوندا آھن تہ محبت جا ڪيئي رنگ ھوندا آھن ۽ ھر ڪو انھن رنگن کي پنھنجي، پنھنجي نظر سان ڏسندو ۽ محسوس ڪندو آھي. ھن ڪھاڻي ۾ موجود محبت جي ”رنگ“ کي ٽي اھم ڪردار پيءُ، ڌيءُ ۽ محبوب پنھنجي پنھنجي نظر سان ڏسن ٿا ۽ بيان ڪن ٿا. ]

پيءُ
شروع شروع ۾ مون ان ڳالھہ تي ڪو ڌيان ئي نہ ڏنو تہ اسان جي گهر جي سامھون وارو دڪان ڪافي وقت بند رھڻ کانپوءِ ٻيھر کوليو ويو آھي. ھن ڀيري بہ دڪان کولڻ وارو مون لاءِ اوپرو ھيو ۽ ڌنڌو بہ نئون ھيو. دڪان کولڻ وارو خوش لباس نوجوان ھيو ۽ ڊراءِ ڪلينر يعني ڪپڙي ڌوئڻ ۽ استري ڪرڻ جو ڌنڌو کوليو ھئائين.
شروع ۾ مون بہ ھن تي ڪو خاص توجهہ نہ ڏنو ۽ نہ ئي ڪو ھن بہ مون سان ڪو تعلق رکيو.
ھڪ ڏينھن منجهند جي وقت آءٌ پنھنجي ڪم کان وقفو ڪري ماني کائڻ آيس ۽ جيئن گهر واري گهٽيءَ ۾ داخل ٿيس، ڏٺم تہ منھنجي گهر جي دروازي تي منھنجي ڌيءُ نورين دروازي جي ٻاھران گند ڪچري لاءِ رکيل ٽين جي دٻي ۾ گند اڇلائي رھي ھئي. الاءِ ڇو مون تڪڙو منھن ورائي ان خوش لباس نوجوان ڏانھن ڏٺو، ھو ڪنھن ڪپڙي تي استري بہ ڦيري رھيو ھيو ۽ ڪڏھن ڪڏھن ڪنڌ مٿي ڪري منھنجي گهر يا منھنجي ڌيءُ ڏي نھاري بہ رھيو ھيو. مون کي پاڻ ڏانھن گهوريندي ڏسي بہ نوجوان ڏاڍي اطمينان سان پنھنجو ڪم ڪندو رھيو، ھن جي چھري تي، ڪابہ پريشاني، تڪڙ يا شرمندگي جا ڪي بہ تاثر ظاھر نہ ٿي رھيا ھئا. بظاھر مون بہ ڪو تاثر ظاھر نہ ڪيو ۽ پنھنجي گهر ڏانھن وڌندو رھيس.
منھنجي ڌيءُ نورين بہ گهر اندر ھلي وئي ھئي.
زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو مون ھڪ عجيب قسم جي بيچيني محسوس ڪئي، الاءِ ڇو ھڪ خيال، ھڪ خوف محسوس ڪيم تہ ڪٿي ڌيءُ گهر جو گند، ڪچرو اڇلائيندي، اڇلائيندي ڪٿي منھنجي عزت بہ ٻاھر نہ اڇلائي ڇڏي؟
منھنجي گهر جي چئني پاسن ۾ دڪان ھيا ۽ ھن گهٽي ۾ ھڪ گهر منھنجو ھيو ۽ ھڪ گهر ھڪ رٽائرڊ ھيڊ ماسٽر جو. پر اتي گذريل ارڙھن ويھن سالن ۾ مون اڄ پھريون ڀيرو محسوس ڪيو تہ منھنجو گهر ڪيڏو نہ غير محفوظ آھي؟ جڏھن تہ مون جڏھن شادي ڪئي ھئي۽ ھن گهر ۾ رھڻ لڳو ھيس تہ بہ انھن ڏينھن ۾ بہ ھن پاسي گهڻي ڀاڱي دڪان ئي ھوندا ھيا ۽ سچ تہ اھو بہ آھي تہ منھنجي زال جوانيءَ ۾ منھنجي ڌيءُ کان وڌيڪ سھڻي ھوندي ھئي ۽ آءٌ ان کي گهر ۾ اڪيلو ڇڏي ڪم تي نڪري هليو ويندو ھيس، پر انھن ڏينھن ۾ تہ مون کي ڪڏھن بہ اھو احساس نہ ٿيو ھيو تہ ڪو منھنجو گهر غير محفوظ آھي؟ ان وقت تہ مون ڪڏنھن بہ نہ سوچيو ھيو تہ گهر کان ٻاھر رکيل گند واري دٻي ۾ منھنجي عزت بہ وڃي سگهي ٿي.
ڇو؟
الاءِ ڇو مون اڳ ڪڏھن بہ ايئن نہ سوچيو ھيو. جڏھن تہ مون ڪڏھن بہ پنھنجي ڌيءُ ۾ بہ ڪا اھڙي ڳالھہ ڏٺي نہ ئي محسوس ڪئي ھئي. ڪجهہ دير اڳ تائين تہ مون ايئن سوچيو بہ نہ ھيو تہ ڪا منھنجي ڌيءُ وڏي ٿي وئي آھي، ھوءَ تہ مون کي سترنھن ارڙھن سالن جي هوندي بہ پنج ڇھہ سالن جي معصوم ڇوڪري لڳندي ھئي.
آءٌ اھو سڀ ڪجهہ سوچيندي پنھنجي گهر ۾ داخل ٿيس تہ مون کي پھرين نظر ۾ سڀ ڪجهہ ٺيڪ لڳي رھيو ھيو. مون تي نظر پوندي منھنجي گهر واريءَ جي چپن تي اھا ئي مخصوص مرڪ نظر آئي. منھنجي ڌيءُ نورين معمول موجب بورچي خاني ۾ ڪم ڪري رھي ھئي ۽ ننڍڙي ڌيءَ ثمينا ”بابا. . . بابا. . . “ چوندي مون کي چنبڙي پئي.
مون ھڪ دفعو ٻيھر نورين جي چھري کي چتائي ڏٺو پر اتي ڪابہ تبديلي نظر نہ آئي، ايئن پرسڪون ۽ معصوم سنجيدگي، ھڪ لمحي لاءِ منھنجي ضمير مون کي ملامت ڪئي تہ پنھنجي معصوم ڌيءُ تي آءٌ اجايو شڪ ڪري رھيو آھيان. . . مون کي شرم اچڻ کپي. ٻئي لمحي مون سوچيو تہ آءٌ شڪ نہ پيو ڪريان پر ھڪ ڌيءَ جو پيءُ ھجڻ جي حيثيت ۾ فڪرمند ٿي رھيو آھيان، پوءِ شايد مون فڪرمند ٿيڻ ۾ ڏاڍي دير ڪئي آھي نہ تہ ھر عقل وارو ماڻھو ان ڏينھن کان ئي فڪر شروع ڪري ڇڏيندو آھي جڏھن ھن جي گهر ڪا نياڻي ڄمندي آهي.
ان ڏينھن کان، آءٌ غير ارادي طور، ھن نوجوان خوش لباس دڪاندار ۽ پنھنجي ڌيءَ جي غير محسوس طريقي سان نگراني ڪرڻ لڳو ھيس، پر ان نوجوان جي بي پرواھي ۽ معصوم نورين جي روين ۾ ڪابہ تبديلي نہ ڏٺم. پر ڪڏھن ڪڏھن تہ احساس ٿيندو ھيو تہ آءٌ ڪنھن وھم ۾ وڪوڙجي ويو آھيان پر پوءِ بہ ڪڏھن ڪڏھن آءٌ ان ٻنھي بابت ضرور سوچيندو ھئيس ۽ خيال ايندو ھيو تہ پنھنجي گهر واريءَ سان ان معاملي تي ضرور ڳالھايان ڇو تہ چوندا آھن ھڪ ماءَ پنھنجي اولاد جي اندر تائين جي ڄاڻ رکندي آھي، شايد ھوءَ مون کان وڌيڪ بھتر ڪو نتيجو ڪڍي سگهي. پر پوءِ خيال آيو تہ ھوءَ ڇا سوچيندي تہ مون کي پنھنجي اولاد تي ڀروسو ناھي.
ھڪ ڏينھن صبح جو ننڊ مان جاڳيس منھنجي ڌيءُ نورين چيو ”بابا. . . گهر جي استري خراب ٿي آھي. . . اوھان وھجڻ کان اڳ ڪپڙا استري ڪرائي اچو. “
اوچتو ڄڻ منھنجي ذھن ۾ ڌماڪو ٿيو.
”ڪُتي جي ڌيءُ. . . “
مون دل ئي دل ۾ سوچيو ”ايئن ڇو نہ ٿي چوين تہ سامھون واري نوجوان کي استري لاءِ ڪپڙا ڏئي اچان؟“
شايد ھن منھنجي ڪاوڙجڻ مان اھو اندازو ھنيو تہ آءٌ ڪپڙا استري نہ ھجڻ ڪري ڪاوڙ م آھيان.
”ٺيڪ آھي مان ساڳيا ڪپڙا پائيندس. “ مون چيو.
”پر بابا اھي ميرا ٿي ويا آھن. “ ھن بغير استري ٿيل ڪپڙا منھنجي سامھون رکندي چيو.
مان خاموش ٿي سوچڻ لڳس تہ اڄ استري جو خراب ٿيڻ ڪوئي اتفاق آھي يا نوري جي ڪا چالاڪي؟ شايد ھوءَ چاھي ٿي تہ آءٌ ھي ڪپڙا کڻي سامھون واري نوجوان ڏي وڃان. . . ان طريقي سان ھن نوجوان جا ۽ منھنجا تعلقات وڌندا. . . ۽ شايد اھو ئي نورين چاھي ٿي.
آءٌ ھن معاملي ۾ جيترو سوچيندو رھيس منھنجي ذھن ۾ اھو خيال اوترو ئي پڪو ٿيندو ويو. مان نہ چاھيندي بہ پنھنجا ڪپڙا کڻي سامھون واري نوجوان دڪاندارن وٽ آيم.
ھو شايد دڪان کولي ويٺو ھيو. مونکي پنھنجي دڪان ۾ ڏسي شايد ھن کي ٿوري حيرت بہ ٿي ھئي، ٻئي لمحي ھن جي چھري تي مسڪراھٽ نظر آئي ۽ ھو وڏي اخلاق سان مليو ۽ چيائين تہ ويھن منٽن جي اندر ڪپڙا استري ٿي ويندا.
گهر اچي آءٌ وھجڻ کان فارغ ٿيس تہ دروازي جي گهنٽي وڳي، ٻاھر نڪري ڏٺم تہ سامھون وارو نوجوان دڪاندار ھيو جيڪو ڪپڙا استري ڪري کڻي پاڻ منھنجي گهر جي دروازي تائين آيو پر مون ڪاوڙ ظاھر نہ ڪئي ۽ کيس چيو تہ ھو ھڪ منٽ انتظار ڪري تہ آءٌ اندران پيسا کڻي اچان. آءٌ پيسا کڻي آيس تہ ھو دروازي تي نہ پر پنھنجي دڪان تي ويٺو اخبار پڙھي رھيو ھيو. اتي وڃي جڏھن مون کيس پيسا ڏيڻ چاھيم تہ ھن وٺڻ کان انڪار ڪيو. مون زبردستي پيسا کيس ڏنا. ان ڏينھن منھنجو شڪ، پڪ ۾ بدلجڻ لڳو تہ گهر جي سامھون دڪان کوليندڙ ان نوجوان ۽ منھنجي ڌيءَ نورين جي وچ ۾ ڪو چڪر. . . . . . .
ايترو سوچيندي ئي منھنجو ڪنڌ شرم ۽ بيوسيءَ منجهان جهڪي ويو. منھنجي نطرن اڳيان اھي اخباري خبرون ۽ فوٽو گهمي ويا، جن مطابق نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون محبت جي چڪر ۾ گهرن مان ڀڄي نڪرندا آھن. اھو سوچي منھنجو ڪنڌ وڌيڪ جهڪڻ لڳو تہ ڇا ڪڏھن منھنجي ڌيءُ نورين بہ ان نوجوان سان ايئن گهران ڀڄي وڃي شادي ڪندي ۽ منھنجي سموري عزت صرف اخبار جي ھڪ خبر بڻجي ويندي؟؟
ان ڏينھن کان آءٌ مونجهو، اداس رھڻ لڳس.
نورين جي ھر حرڪت کي شڪ جي نظر سان ڏسڻ لڳس، جڏھن رات جو نورين ۽ منھنجي ننڍي ڌيءُ ثمينا پنھنجي ڪمري ۾ ٽي وي تي ڪو پروگرام ڏسنديون ھيون تہ مان لڪي لڪي وڃي ڏسندو ھيس تہ ھوءَ ڪھڙي قسم جا پروگرام ڏسنديون آھن. رات جو ڪڏھن اوچتو ننڊ مان اٿي مان نورين کي سندس ڪمري ۾ وڃي ڏسندو ھيس تہ ھوءَ ڪمري ۾ آھي يا نہ؟ ايئن ڪافي عرصي بعد ھڪ رات اوچتو ننڊ مان اک کُلي، ڪجهہ دير تائين تہ خاموش ويٺو رھيس، پوءِ ڪنھن خيال ايندي ئي نورين جي ڪمري ۾ آيس.
زيرو بلبل جي روشني ۾ مون ڏٺو، ننڍي ثمينا تہ بستري تي ننڊ پئي ھئي جڏھن تہ نورين پنھنجي بستري تي نہ ھئي.
منھنجي دل جي ڌڙڪن رڪجڻ لڳي، اکين اڳيان اونداھي ڇانئجي وئي، ٻئي لمحي مون پاڻ کي ڪجهہ سنڀاليو ۽ باٿ روم وغيره چيڪ ڪيو پر ھوءَ ڪٿي بہ نظر نہ آئي. مون سوچيو وڃي پنھنجي گهر واريءَ کي اٿاري ٻڌايان تہ نورين پنھنجي ڪمري ۾ ڪونہ آھي. پر لڳو تہ ڄڻ منھنجا پير پٿرن سان ٻڌجي ويا ھجن.
ان لمحي منھنجي دل چاھيو تہ زمين ڦاٽي ٻہ ٽڪرا ٿي پئي ۽ آءٌ پاڻ کي ھميشہ ھميشہ لاءِ ان ۾ گم ڪري ڇڏيان.

ڌيءَ
شروع شروع ۾ مون ان ڳالھہ تي ڪو ڌيان ئي نہ ڏنو تہ اسان جي گهر جي سامھون وارو دڪان ڪافي عرصو بند رھڻ کان پوءِ ٻيھر کوليو ويو آھي. مان پنھنجي ننڍپڻ کان ھن وقت تائين ان دڪان کي ڪيئي ڀيرا کلندي ۽ بند ٿيندي ڏسندي رھي آھيان. ھن ڀيري دڪان ھڪ خوش لباس نوجوان کوليو. ھي نوجوان ڪپڙن تي استري ڪندي اڪثر ھر ماڻھو ۽ ھر ڳالھہ کان لاتعلق نظر ايندو ھيو. شرع جي ڏينھن ۾ مون سوچيو ھو تہ ھو بہ ٻين مردن جيان مون کي اکيون ڦاڙي ڏسندو پر ھو مون ڏانھن گهٽ ڏسندو ھيو. مان سوچيندي ھئس تہ اھو بہ شايد ان جو انداز آھي پر جلد ئي پڪ ٿي تہ اھا ان جي فطرت آھي.
ان جي دڪان کولڻ کان پوءِ منھنجي ماءَ اڪثر مون کي چوندي رھندي ھئي تہ گهر جو دروازو بند رکندي ڪر تہ جيئن بي پردگي نہ رھي. مون ڪافي عرصو ايئن ڪيو پر جلد ئي محسوس ٿيو تہ ھو اسان جي گهر ڏانھن ڪو توجهہ نہ پيو ڏي، لاشعوري طور اسان ھن کان مطمئن ٿي دروازي جي بار بار بند رکڻ واري جهنجهٽ کان آجا ٿياسين. اسان ڄڻ ھن کي بہ زندگيءَ جي ٻين معاملن جيان قبول ڪري ڇڏيو ھو. پر پوءِ بہ مون کي ڪڏھن ڪڏھن ان وقت ڏاڍي ڪاوڙ ايندي ھئي جڏھن منھنجي ماءَ مونکي گهر جو دروازو بند رکڻ جو چوندي ھئي.
ايئن وقت گذرندو رھيو، ھڪ ڏينھن ٻئي شھر کان اسان جي ھڪ مائٽ جي فوتگي جي خبر ملي. مرڻ وارو بابا جو ويجهو عزيز ھو. ان ڪري بابا اسان سڀن کي تيار ٿي ھلڻ لاءِ چيو. ڪجهہ دير بعد اسان سڀ گهر ڀاتي تيار ٿي گهر جي ٻاھرين دروازي کي تالو ھڻي نڪري آياسين. ٽانگي تي ويھڻ وقت منھنجي نظر ان دڪاندار تي پئي جيڪو ڏاڍي غور ۽ دلچسپيءَ سان اسان سڀن کي ڏسي رھيو ھو، شايد ايتري عرصي ۾ ھن اسان جو گهر بند ٿيندي ۽ اسان سڀن کي گڏ ڪٿي نڪرندي ڪونہ ڏٺو ھو. الاءِ ڇو مون کي اھو سوچي کل آئي تہ ھاڻي ڪجهہ ڏينھن ھو اسان جي در کي بند ڏسي ڇا محسوس ڪندو؟ ڇا سوچيندو؟ مائٽن وٽان عذر خواھي کان فارغ ٿي بابا اسان کي پنھنجي ڀاءَ يعني منھنجي چاچي جي گهر وٺي آيو. اسان جڏھن بہ ھن شھر ۾ ايندا ھياسين تہ پنھنجي چاچي وٽ ئي رھندا ھياسين. مون کي ھت رھڻ ۾ وڌيڪ مزو ان ڪري بہ ايندو ھيو جو منھنجي سئوٽ نگهت منھنجي ھم عمر بہ ھئي تہ ڄڻ پڪي ساھيڙي بھ.
ھن گهر ۾ بہ مونکي پنھنجي گهر جيترو ئي سڪون محسوس ٿيندو ھيو، شام جي وقت مان ۽ نگهت گهر جي اڱڻ ۾ چانھہ پي رھيون ھيوسين، اوچتو منھنجي نظر گهر جي کليل دروازي تي پئي مون سوچيو تہ ڄڻ مان پنھنجي گهر ۾ آھيان دروازو کليل آھي ۽ ٻاھر ڏسڻ سان مون کي سامھون دڪان تي اھو استري ڪندي نوجون نظر ايندو، ڀل لاتعلق ئي سھي. . . پر جلد ئي مونکي احساس ٿيو تہ مان پنھنجي گهر ۾ نہ پر پنھنجي شھر کان ئي پري ٻئي گهر ۾ ويٺي آھيان. الاءِ ڇو آءٌ ھڪ لمحي لاءِ اداس ٿي ويس، ڄڻ معمول کان ھٽي ڪائي ڳالھہ ٿي ھجي.
”ڇا ڳالھہ آھي نورين؟“ نگهت مون کي ٻہ ٽي ڀيرا ٻاھر ڏسندي پڇيو.
”ڪا ڳالھہ نہ آھي“ مون کلڻ جي ڪوشش ڪندي چيو ۽ ان سان ڪچھري ڪرڻ لڳيس. اڳي آءٌ نگهت سان کوڙ ساريون ڳالھيون ڪندي ھيس پر اڄ الاءِ ڇو آءٌ خاموش ھيس يا صرف ”ھا. . . ھا“ ۾ جواب ڏيندي رھيس.
”ڇا ڳالھہ آ نورين تون ڏاڍي خاموش آھين؟ ڇا پئي سوچين؟“
ھن آخر پڇيو.
مون ننڊ پوري نہ ٿيڻ ۽ سفر جي ٿڪاوٽ جو بھانو بڻايو پر دل ئي دل ۾ پاڻ تي ڪاوڙ بہ آئي تہ ءٌ خوامخواھہ ڇو پريشان ٿي وئي آھيان. ڪھڙي ڳالھہ آھي جيڪا مونکي کُٽڪي ٿي؟ الائي ڇو منھنجي اکين اڳيان ان نئين دڪاندار نوجوان جو چھرو ڦري آيو. پر ھن جو چھرو تہ ھميشہ بي تاثر ئي رھندو ھيو، اکيون گهورينديون تہ ھيون پر ان ۾ بہ مون کي ڪڏھن پنھنجي لاءِ ڪا روشني محسوس تہ ڪانہ ٿيندي ھئي. ايترو عرصو ان جي سامھون رھي ھئس تہ مون ڪڏھن بہ ان جي باري ۾ ايئن سوچيو بہ نہ ھيو. . . اڄ الاءِ ڇو پنھنجي شھر، پنھنجي گهر کان پري ٿي ھو ياد اچي رھيو ھيو آءٌ سوچيندي رھيس پر مون کي ڪائي ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي.
ٻئي ڏينھن تي بابا اسان کي امڙ جي چوڻ تي منھنجي مامي جي گهر ڇڏي ھليو ويو تہ جيئن اسان ٻہ چار ڏينھن مائٽن وٽ رھي گهمي سگهون. مان نگهت وٽ ايندي رھيس. ان عرصي ۾ آءٌ ان نوجوان کي ياد ڪندي ھئس تہ عجيب محسوس ٿيندو ھيو. ھڪ رات مون خواب ۾ ڏٺو تہ پنھنجي گهر ۾ آھيان، معمول موجب ئي گهر جا ڪم ڪري رھيا آھيان گهر جي ٻھاري ڏيڻ کان پوءِ گند ٻاھر اڇلائي رھي آھيان. ايتري ۾ منھنجي نظر استري ڪندڙ نوجوان دڪاندار تي پئي ٿي. ھو بہ مون ڏانھن ڏسي پيو پر ھو لاتعلق نظرن سان نہ پر مسڪرائيندي ۽ محبت ڀريل نظرن سان ڏسي پيو. آءٌ جيئن گهر ڏانھن واپس مڙان پئي تہ ھو مون کي سڏ ڪري ٿو. سڏ سان گڏ منھنجي اک کلي ٿي. ڪيئي لمحا آءٌ ھلڪي روشني ۾ ڇت کي گهوريندي رھيس.
”ھو مون کي ايترو ڇو ياد اچڻ لڳو آھي؟“ آءٌ ڄڻ پاڻ کان پڇان ٿي.
”شايد مونکي ھن سان محبت ٿي وئي آھي. “ دل جي ڪنھن ڪنڊ مان آواز آيو. مون سوچيو تہ ان ڳالھہ کان انڪار ڪريان، پر پاڻ پنھنجي ان اقرار کان انڪار نہ ڪري سگهيس.
پر ڪڏهن بہ محبت جي ڪا ڳالھھ، ڪو اشارو نہ ھن ڪيو نہ مون ئي ايئن سوچيو ھيو. مون کي صبح تائين وري ننڊ نہ آئي. آءٌ صبح جو ناشتو ڪري نگهت وٽ ھلي آيس، پر ھت بہ منھنجي دل ڪانہ لڳي. تنگ ٿي اٿڻ جو سوچيم تہ نگهت مون کي وٺي پنھنجي ڪمري ۾ آئي، کٽ تي مونکي ويھاري مون ڏانھن چتائي ڏسڻ لڳي.
”ايئن ڇا پئي ڏسين؟“ مون حيرت مان پڇيو.
ڪجهہ دير تائين ھوءَ خاموشيءَ سان مون کي ڏسندي رھي پر پوءِ اوچتو پڇيائين.
”ڪير آھي ھو؟“
”ڪير؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”اھو. . . جنھن کي تون ايترن ڏينھن کان ياد پئي ڪرين“ ھن مون کي غور سان ڏسندي پڇيو.
”نہ نہ. . . اھڙي ڪابہ ڳالھہ نہ. . . “ تڪڙ ۾ چوڻ چاھيم.
”ڪوبہ ڪوڙ نہ ڳالھاءِ. . . اڳ تون ھت ايندي ھئينءَ تہ ڏاڍو کلندي، ڳالھائيندي ھئينءَ. . . ھاڻ ايئن پيو لڳي ڄڻ تنھنجو جسم تہ ھتي آھي پر دل، روح ڪٿي ٻي ھنڌ آھي. “
نگهت آھستي آھستي چيو آءٌ خاموش رھيس.
”سچ ٻڌاءِ. . . ڪير آھي اھو؟“ ھن ٻيھر پڇيو.
اوچتو ئي منھنجي اکين جا بند ٽٽي پيا، آءٌ روئيندي رھيس پر ھن مونکي چپ ڪرائڻ جي ڪائي بہ ڪوشش نہ ڪئي، ڪجهہ دير بعد ھن مون کان وري ھن جي باري ۾ پڇيو.
”اسان جي گهر جي سامھون ھن جو دڪان آھي“ مون ھوريان چيو ۽ آھستي آھستي کيس ھن بابت ٻڌايم. ھن بہ ڪافي سوال ڪيا آخر ۾ پڇيائين، ”مطلب تہ توھان ٻئي روبرو مليا بہ نہ آھيو؟“
مون انڪار ڪيو تہ ھوءَ کلڻ لڳي.
”نورين. . . اڪٿر ايئن بہ ٿيندو آھي تہ ڪجهہ ماڻھن کي اسان غير اھم سمجهندا آھيون. . . پر انھن جي اھميت اسان جي دل جي ڪنھن ڪنڊ ۾ موجود ضرور ھوندي آھي، جنھن جو احساس اسان کي تمام دير سان ٿيندو آھي. . . ھڪ عورت ھجڻ جي ناتي سان تنھنجي دل ۾ اھا خواھش لڪيل ضرور ھئي تہ ھو توکي ڏسي ۽ تو ۾ دلچسپي وٺي. . . ان ڳالھہ جو احساس توکي ھتي اچي وڌيڪ ٿيو آھي. . . “
نگهت چوندي رھي، مون دل ئي دل ۾ مڃيو تہ واقعي منھنجي دل ۾ خواھش ھئي تہ ھو مون کي ڏسي. . .
”ھاڻي ڇا سوچيو اٿئي؟“ نگهت پڇيو.
”ڇا مطلب؟“
”مطلب تہ اڪثر ڇوڪرا، ڇوڪرين جي پويان وتن ٿا رلندا. . . جيڪڏھن توکي ھن سان محبت آھي تہ پوءِ اظھار ڪرڻ ۾ بہ توکي اڳرائي ڪرڻي پوندي. “
ھن شرارت مان اک ھڻندي چيو، آءٌ شرم منجهان خاموش رھيس. ان ڏينھن محبت جي اعتراف ڪرڻ کان پوءِ منھنجي دل مان سموري پريشاني ۽ بيچيني ختم ٿي وئي. پر ھاڻي آءٌ اھو سوچيندي ھئس تہ ڇا ھو بہ مونکي ياد ڪندو ھوندو؟ پوءِ ھو منھنجي تصور ۾ ايندو ھو تہ ڄڻ اسان جي گهر جي دروازي ۾ ھن جون اکيون کتل آھن. . . . ھن کان پري ٿي جنھن نموني سان مون کي ھن جو احساس ٿيو، شايد مون کان پري ٿي ھو بہ مون بابت سوچيندو ھجي؟ ڪجهہ ڏينھن بعد بابا اسان کي وٺڻ آيو تہ مون کي پنھنجي شھر، پنھنجي گهر موٽڻ جي بي انتھا خواھش ٿي. نگهت کان موڪلايم تہ ھن ھوريان مونکي ڪن ۾ چيو:
”ھن جي محبت ۾ اسان کي نہ وسارجانءِ. “
واپسي جو سفر الاءِ ڪيئن ڪٽيو، دل چوي پئي تہ اڏامي پنھنجي گهر پھچان. اسان جڏھن پنھنجي گهر واري گهٽي ۾ پھتاسين ۽ ٽانگي تان لھندي تيز ڌڙڪندڙ دل کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندي اکيون کڻي ھن جي دڪان ڏانھن نھاريم،
ھو ڪجهہ دوستن سان گڏ ويٺو اسان ڏانھن ئي ڏسي رھيو ھو. ھن جي چھري تي اھو ئي سڪون ۽ اکين ۾ اھا ئي لاتعلقي ھئي پر آءٌ ھن کي بيخود ٿي ڏسي رھي ھئس، پنھنجي ماءَ جي سڏ ڪرڻ تي آءٌ ٿورو ڇرڪي گهر ڏانھن وڌڻ لڳس.
آءٌ سڀن کان آخر ۾ ھلي رھي ھيس ۽ گهر ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ مڙي ھن ڏانھن ڏٺو، ھو بہ اسان ڏي ڏسي رھيو ھيو پر ھن جي چھري تي ڪي بہ خاص تاثر نہ ھيا. ھڪ لمحي لاءِ آءٌ اداس ٿي ويس. مون سوچيو ھيو تہ ھو بہ مون وانگر بي چين ھوندو ۽ مون کي ڏسي مسڪرائيندو پر وري خيال آيو تہ ٿي سگهي ٿو تہ اھا بي پرواھي ۽ لاتعلقي سندس فطرت جو حصو ھجي ۽ دل ۾ ھو بہ مون وانگر ئي محسوس ڪندو ھجي. پوءِ جي ڏينھن ۾ آءٌ جڏھن بہ گهر جي صفائي کان فارغ ٿي گند ڪچرو دٻي ۾ اڇلائڻ لاءِ دروازي کان ٻاھر ڏسندي ھئس تہ ھن کي ڏسي منھنجي چپن تي مسڪراھٽ اچي ويندي ھئي.
ھوريان ھوريان ھن جي رويي ۾ بہ تبديلي اچڻ لڳي ۽ ھو بہ مون کي ڏسي مسڪرائڻ لڳو ھو ۽ نيٺ گهڻن ڏينھن کان پوءِ مون کيس ھڪ خط لکيو ۽ بابا جي سگريٽ جي خالي ڪيل دٻي ۾ وجهي گند واري دٻي ۾ اڇلائي ھن کي اشارو ڪيم تہ ھو ھي پاڪيٽ کڻي.
ٻن ڏينھن کان پوءِ ھن جو جواب مليو جنھن ۾ ھن لکيو ھو،
”آءٌ تنھنجي محبت جو قدر ڪيان ٿو پر ياد رکجان تہ آءٌ محبت کي راند يا وقت گذاري نہ سمجهندو آھيان. “
ايئن خط ايندا ويندا رھيا، مون کي خبر پئي تہ ھن جو نالو وسيم آھي. پوءِ اسان اڪثر مختلف جڳھن تي ملڻ لڳا ھياسين. ڪجهہ عرصي بعد مون کي خبر پئي تہ منھنجي گهر وارا منھنجي شادي لاءِ سوچين پيا. آءٌ پريشان ٿي ويس. وسيم سان ملاقات ڪري کيس گهر وارن جي ڪوششن بابت ٻڌايم.
ھو بہ پريشان ٿي ويو. اسان کي پڪ ھئي تہ منھنجا والدين منھنجو رشتو وسيم سان ٿيڻ ڪونہ ڏيندا. نيٺ اسان فيصلو ڪيو تہ اسان عدالتي پرڻو ڪنداسين، اسان ٻنھي سڄو پروگرام طئي ڪيوسين، ڏينھن مقرر ڪري ڇڏيوسين تہ ان ڏينھن صبح جو سوير ڪراچي وڃڻ واري گاڏي ۾ سوار ٿي ھتان نڪري وينداسين.
منھنجي عجيب حالت ھئي، خوف، ڪيئي وھم ذھن تي سوار ٿيا ھيا پر وسيم سان گڏ زندگي گذارڻ جو تصور ھر وھم کي دور ڪري ڇڏيندو ھيو. . . . وقت گذرندو رھيو ۽ نيٺ اھا گهڙي، اھي پل بہ اچي ويا جڏھن رات جي پوئين پھر ۾ پنھنجي گهر مان چورن وانگر نڪري آيس.
ھڪ مارڪيٽ جي ويران ڪنڊ ۾ ملڻ جو پروگرام ھيو آءٌ اتي اچي ڪنڊ وٺي بيھي رھيس ۽ وسيم جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳيس. . . . وقت ھوريان ھوريان گزرڻ لڳو. . . ھر لمحو صديءَ جيترو لڳي رھيو ھيو. ان ڏينھن واقعي احساس ٿيو تہ انتظار جا لمحا ڪيترا ڊگها ٿيندا آھن ۽ انتظار ۾ ڪيتري اذيت ھوندي آھي. . . الاءِ تہ ڪيترو وقت گذري چڪو ھو. . . صبح ٿيڻ وارو ھو! ھڪ اڌ ٽانگي وارا بہ اتان لنگهي ويا ۽ جڏھن صبح جي هلڪي روشني ۾ منھنجو اتي لڪي بيھڻ ممڪن نہ رھيو تہ وھمن جا ھزارين نانگ مون کي ڏنگڻ لڳا.
”ھو ڇو نہ آيو. . .؟ ھو ڇو نہ آيو؟“ آءٌ پاڻ کان بار بار پڇڻ لڳس.
”ھاڻ آءٌ ڇا ڪريان؟؟“ آءٌ پريشان ٿي سوچڻ لڳس.
”وڌيڪ انتظا ڪريان. . . يا گهر واپس وڃان.؟“
مونکي ڪا ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ پئي آئي! عقلمندي ان ۾ ھئي تہ ھت وڌيڪ بيھڻ فضول ھيو، جڏھن تہ دل واپس وڃڻ نہ پئي چاھي.
ان لمحي مون دعا گهري تہ يا خدا زمين ٻہ ٽڪر ٿي پئي ۽ آءٌ پاڻ کي ان ۾ ھميشہ ھميشہ لاءِ گم ڪري ڇڏيان.

محبوب
شروع شروع ۾، مون ان ڳالھہ تي ڪو توجهہ نہ ڏنو تہ جتي مون دڪان کوليو آھي، ان جي بلڪل سامھون واري ننڍڙي گهٽي ۾ ھڪ گهر بہ آھي. ان گهر ۾ ڪنھن مرد يا ايئن چئجي تہ ڪنھن نوجوان لاءِ دلچسپيءَ واري ڪا ”شئي“ ھئي تہ اھا ھئي ان گهر ۾ رھندڙ ھڪ سانوري نوجوان پر قبول صورت ڇوڪري، مان سمجهان ٿو تہ منھنجي جاءِ تي ڪو عام ٻيو نوجوان ھجي ھا تہ ان ڇوڪريءَ ۾ پھرين ڏينھن ئي دلچسپي وٺي ھا. پر آءٌ ان طبيعت جو نہ ھيس، ان ڪري نہ تہ ان ڇوڪريءَ ۾ دلچسپي ورتي نہ ئي ڇوڪريءَ جي ڪري ان جي والدين سان ڪا ڊيگهہ ڪئي.
ھا شروع جي ڏينھن ۾ مون محسوس ڪيو تہ ڇوڪريءَ جو پيءُ ڪڏھن مون کي گهوري ڏسندو ھيو تہ ڪڏھن چور اکين سان ڏسندو ھيو تہ آءٌ ھن جي گهر، يا ھن جي نوجوان ڌيءُ ڏانھن ڏسان ٿو يا نہ؟
پر مون ھن جي ڪڏھن بہ پرواھہ نہ ڪئي ڇو تہ آءٌ سمجهان پيو تہ ھڪ نوجوان ڌيءَ جي پيءُ کي ايترو تہ ھوشيار ھجڻ کپي پر ٿوري ئي عرصي ۾ ھو منھنجي طبيعت کي شايد سمجهي ويو ھو تہ ھن مان ڪنھن بہ قسم جو ڪو ”خطرو“ نہ آھي تنھن ڪري ھن جي نھار ۾ گهور نہ رھي ھئي.
زندگي ھڪ عام معمول موجب گذري رھي ھئي. . . . آءٌ روز صبح جو اچي دڪان کولي پنھنجي ڪم سان لڳي ويندو ھيس ۽ ڪجهہ دير بعد ھوءَ سانوري ڇوڪري بہ گهر جي صفائي وغيره ۾ گڏ ٿيل گند ڪچرو کڻي گهر جي دروازي جي ٻاھران رکيل ٽين جي دٻي ۾ وجهي مون ڏانھن ھڪ عام نظر سان ڏسي اندر ھلي ويندي ھئي ۽ آءٌ بہ ھن تي ھڪ عام بي تعلق، بي مطلب نظر وجهي وري پنھنجي ڪم سان لڳي ويندو ھيس.
شروع وارن ڏينھن ۾ منھنجي ڪري ھو پنھنجي گهر جو دروازو اڪثر بند رکندا ھيا پر جڏھن ھنن محسوس ڪيو تہ آءٌ ھنن جي زندگيءَ ۾ ڪائي دلچسپي نٿو وٺان تہ ھو دروازو بند رکڻ جي تڪليف بہ گهٽ ڪندا ھيا ۽ ھوا تي پردو ھيڏي ھوڏي ٿيڻ ڪري ھو اڪثر گهر جو ڪم ڪندي نظر اينديون ھيون. شام جو جڏھن آءٌ دڪان بند ڪري ھليو ويندو ھيس تہ مون کي ياد بہ نہ رھندو ھيو تہ ڪو منھنجي دڪان جي سامھون واري گهر ۾ ڪا نوجوان سانوري ڇوڪري بہ رھندي آھي. ڪو دوست منھنجي دڪان تي ويھي جڏھن سامھون واري گهر جي ان سانوري ڇوڪريءَ کي ڏسندو ھيو تہ ڏاڍو عجيب نظرن سان مون ڏانھن ڏسندو ھيو. ڪو دوست تہ چئي ڏيندو ھيو ”يار سٺي جڳھہ تي دڪان کوليو اٿئي“ ايئن چئي سامھون ڏسي وري مرڪندو ھيو. پر آءٌ پاڻ ھر ڳالھہ کان ڄڻ لاتعلق بڻيو ويٺو ھوندو ھيس.
ڪافي عرصي کان پوءِ ھڪ ڏينھن ڏٺم تہ ان گهر جا سڀئي ڀاتي تيار ٿي ڪٿي ٻاھر ھليا ويا ھيا. ان ڏينھن صرف ان ھڪڙي ڏينھن آءٌ محسوس ڪندو رھيس تہ ڄڻ ڪا شئي ڪا ڳالھہ معمول کان ھٽيل آھي، پوءِ باقي ڏينھن ۾ مون ھنن کي تمام گهٽ محسوس ڪيو/ياد ڪيو. ايئن ڪيئي ڏينھن بعد ھڪ ٽانگو اچي ان گهٽيءَ ۾ بيٺو ۽ ان گهر جا سڀئي ڀاتي ٽانگي مان لٿا.
ھڪ لمحي لاءِ آءٌ ھنن ڏانھن متوجهہ ٿيس. ھو سڀ گهر ڏانھن وڃڻ لڳا پر سانوري ڇوڪري بيھي عجيب نظرن سان مون ڏانھن چتائي ڏسڻ لڳي، ھوءَ اھڙي انداز سان ڏسي رھي ھئي جو آءٌ حيران ٿي ويس، ڇو تہ ان کان اڳ ھن ڪڏھن بہ مونکي اھڙين نظرن سان ڪونہ ڏٺو ھو.
ھوءَ جڏھن پنھنجي گهر جي اندر گهڙڻ لڳي پوءِ بہ چند لمحن لاءِ بيھي مون ڏانھن نھاري اندر ھلي وئي. مون وٽ ڪجهہ دوست بہ ويٺا ھيا. انھن بہ اھا ڳالھہ صاف محسوس ڪئي تہ ڇوڪري واقعي مون ڏانھن ئي ڏسندي وئي ھئي دوستن پڇا ڪئي تہ ”ڇا چڪر آھي؟“ پر ڪو چڪر ھيو ئي ڪونہ تہ آءٌ ھنن کي ڇا ٻڌايان ھا.
البتہ مان پاڻ بہ حيران ھيس تہ ڇوڪري ايئن ڇو ڏسندي وئي؟ مون پھريون ڀيرو سڄي رات ان بابت سوچيو، آءٌ سوچڻ لڳو ھيس تہ ڇا ھوءَ مون سان محبت ڪرن لڳي آھي؟! پر مون تہ ڪڏھن بہ ھن کي اھڙو ڪو اشارو، ڪو پيغام ڪونہ ڏنو تہ ڪو مان ھن ۾ دلچسپي رکان ٿو؟
ان ڏينھن کان مون ھن جي ڏسڻ ۽ مسڪرائڻ ۾ فرق ڏٺو، ھوءَ بھاني بھاني سان دروازي تائين ايندي ھئي، دٻي ۾ ڪچرو ۽ مون ڏانھن مسڪراھٽ اڇلي ھلي ويندي ھئي. آخر آءٌ گهڻو عرصو ھن کان لاتعلق رھي نہ سگهيس ۽ پنھنجي دل ۾ ھن لاءِ محبت محسوس ڪرڻ لڳس، ھڪ ڏينھن ھن سگريٽ جي پاڪيٽ ۾ خط لکي اشاري سان کڻڻ جو چيو، جنھن کي پڙھي مون کي پڪ ٿي تہ ھوءَ مون سان محبت ڪرڻ لڳي ھئي. ھوءَ منھنجي زندگي ۾ ايندڙ پھرين ڇوڪري تہ ڪانہ ھئي پر ھن جي محبت منھنجي اڳين ناڪام محبتن جي درد کي ڪنھن حد تائين گهٽ ضرور ڪيو ھيو.
اسان ٻنھي ملڻ بہ شروع ڪيو ھيو ۽ ھر ملاقات ۾ مون کي محسوس ٿيندو ھيو تہ ھوءَ ڪيتري حد تائين مونکي چاھيندي ھئي. ڪجهہ عرصي بعد ھڪ ملاقات ۾ ھن ٻڌايو تہ گهر وارا ھن جي شادي لاءِ سوچين پيا. ان لمحي مون کي ٿورو ڏک محسوس ٿيو.
”تہ ڇا منھنجي ھيءَ محبت بہ مون کان کسجي ويندي؟“
مون سوچيو پر نورين پاڻ ئي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو،
”اسان ٻئي عدالتي پرڻو ڪنداسين. “ ھن ايتري اعتماد ۽ محبت سان چيو جو آءٌ بہ ھا ڪري ويٺس سڄو پروگرام سيٽ ڪيوسين تہ اسان کي ڪڏھن ھتان نڪري وڃڻو آھي مون ان ڏينھن کان ھتان ھُتان ڪجهہ پيسا گڏ ڪرڻ شروع ڪيا تہ جيئن جڏھن نورين سان گڏ گهران نڪري ھلان تہ اتي ڪا پريشاني نہ ٿئي.
ھڪ ڏينھن اڳ شام جو جڏھن تہ ٻي ڏينھن صبح جو سوير اسان کي پھرين گاڏيءَ ۾ ڪراچي نڪري وڃڻو ھيو. آءٌ رات جي ماني کائڻ گهر آيس. مون جلد ئي محسوس ڪيو تہ گهر ۾ ڪجهہ خاموشي آھي. مون وڏي ڀاڄائيءَ کان ماني گهري جڏھن ھوءَ ماني کڻي آئي تہ مون پڇيو:
”ڇا ڳالھہ آھي ڀاڄائي. . . گهر ۾ خاموشي آھي؟“
”توکي ڪا خبر نہ آھي؟“ ھن ھوريان پڇيو.
”نہ. . . ڇا ٿيو؟“ مون تڪڙ ۾ پڇيو.
”ھو. . . رشيد. . . مري ويو“
ھڪ لمحي لاءِ مون کي ڪائي ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي پر جڏھن سمجهي ويس تہ منھنجي ذھن ۾ ڌماڪا ٿيڻ لڳا.
”رشيد مري ويو؟ ڪيئن؟“ مون پڇيو.
”ايڪسيڊنٽ ۾. . . “
مون پاڻ کي پرسڪون ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٻہ چار گرھہ مانيءَ جا کائي گهر مان نڪري آيس. پر منھنجي ذھن ۾ انھن لفظن جو پڙادو ھٿوڙي جيان وسي رھيو ھو.
”رشيد مري ويو. . . رشيد مري ويو. . .
اھو ماڻھو مري ويو جنھن کي مارڻ جو مون ڪيئي ڀيرا سوچيو ھيو، منھنجو مائٽ ھو ۽ منھنجي گهر جا سمورا ڀاتي سمجهن پيا تہ منھنجو وس پڄي ھا تہ آءٌ رشيد کي ماري چڪو ھجان ھا ۽ اڄ جڏھن تہ ھن کي مارڻ جو جذبو توڙي جو گهٽجي چڪو ھو، پر آءٌ ھن جي موت کي نظرانداز نہ پيو ڪري سگهان. آءٌ اڌ رات تائين ايئن آوارہ رلندو رھيس. سوچيندو رھيس تہ نورين وٽ مقرر ٿيل وقت تي وڃان يا نہ. . .؟!
گهر اچي کٽ تي سمھي بہ سوچيندو رھيس.
”نورين کي وٺي ھليو وڃان؟ يا کيس رشيد جي موت بابت ٻڌايان. “
آءٌ ڪو فيصلو نہ ڪري سگهيس. ايتري دير تائين جو مون کي محسوس ٿيو تہ نورين کي ڏنل ٽائيم کان ڪافي دير ٿي چڪي آھي. بس ھڪ لمحو اھڙو ھو جنھن ۾ مون فيصلو ڪري ورتو ۽ تيز تيز ھلندو مقرر جڳھہ تي پھتس، ڏٺم تہ نورين بي صبريءَ سان، بيچينيءَ مان ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسي رھي آھي ۽ جڏھن ڏٺم تہ ھوءَ شايد واپسيءَ لاءِ قدم کڻڻ واري ھئي تہ مون کيس ھوريان سڏ ڪيو.
”نورين. . . “
جيئن پاڻيءَ مان نڪتل مڇيءَ کي ٻيھر پاڻيءَ ۾ وڌو ويندو آھي تيئن نورين بہ تڙپي خوشيءَ ۽ حيرت واري ڪيفيت ۾ مون ڏانھن ڏٺو ڊوڙ پائي مون سان چنبڙي ۽ روئڻ لڳي.
”ڇو؟ ڇو دير ڪيئي؟“ ھو پڇندي رھي. ھن جا ڳوڙھا وهڻ بند ٿيا تہ کيس پاڻ کان الڳ ڪيم.
”نورين. . . آءٌ توکي ڪجهہ ٻڌائڻ پيو چاھيان. . . . “ چوڻ شروع ڪيم تہ ھوءَ منجهيل نظرن سان مون ڏانھن ڏسڻ لڳي.
”نورين توکان اڳ آءٌ ھڪ ٻي ڇوڪريءَ سان محبت ڪندو ھيس شديد محبت. . . جنھن جو تون اندازو بہ نٿي ڪري سگهين. . . پوءِ ھن ڇوڪريءَ کي مون کان جدا ڪيو ويو. . . ھن جي شادي ٻئي ھنڌ ڪرائي وئي ۽ آءٌ زماني کان بيزار ٿي رلندو رھيس. ھوريان ھوريان پاڻ کي ڪنھن حد تائين سنڀاليم. . . وري منھنجي زندگيءَ ۾ تون آئينءَ. . . آءٌ اڪٿر ايمانداري سان تو بابت سوچيندو آھيان تہ ڇا واقعي مون کي . . . توسان. . . محبت آھي؟؟. . . پر ايمانداريءَ جي ڳالھہ اھا آھي تہ توکي تہ مون سان بي انتھا محبت آھي. . باقي آءٌ تہ صرف تنھنجي پيار جو ڪنھن حد تائين قدر ڪرڻ وارو آھيان. . . “ چوندي چوندي ھن ڏانھن ڏٺم. . . ھوءَ ڪجهہ بہ نہ سمجهڻ واري انداز ۾ مون ڏانھن ڏسي رھي ھئي.
”نورين. . . اڄ اھو ماڻھو مري ويو آھي، جنھن کي آءٌ پاڻ مارڻ لاءِ سوچيندو ھيس. . . اھو ماڻھو. . . منھنجي پھرين محبوبہ جو مڙس ھو. . . . “
مون انتھائي نفرت مان چيو.
”۽ نورين. . . آءٌ توسان شادي نٿو ڪري سگهان“ چئي ھن ڏانھن ڏٺم. ٽيوب لائيٽس جي روشنيءَ ۾ ھن جو چھرو اونداھو ٿيندي محسوس ڪيم.
”نورين. . . منھنجي محبوبہ جو مڙس مري ويو آھي. . . ھاڻي ھوءَ آزاد ٿي آھي. . . آءٌ ان سان شادي ڪندس. “
مون ھن ڏانھن ڏٺو مون کي لڳو ڄڻ ھوءَ نورين نہ پر پٿر جو ڪو مجسمو ھجي.
اسان ٻئي خاموش ھياسين.
اوچتو ڄڻ ھن پٿر جي مجسمي ۾ ساھہ پيو. . . ھوءَ ھوريان ھوريان وڃڻ لڳي. . . بلڪل خاموشيءَ سان. . . منھنجي ذھن ۾ عجيب بيچيني ٿيڻ لڳي. . . مون سوچيو ھيو ھوءَ روئندي، دانھون ڪندي يا مون کي برو ڀلو چوندي. . . پر ھوءَ خاموش رھي ھئي جنھن جي مون کي اميد نہ ھئي. . . .
شايد جيئن ھن کي اوچتو مون سان محبت ٿي ھئي تيئن ئي ھن کي مون کان بي انتھا نفرت بہ ٿي ھئي. . .
ھوءَ ڪجهہ چوي ھا تہ شايد آءٌ پنھنجي نظرن ۾ پاڻ ايترو نہ ڪران ھا. . . پر ھوءَ خاموش رھي، مون کي منھنجي ئي نظرن ۾ ڪيرائي وئي.
الائي ڇو. . . منھنجي دل چاھيو تہ زمين ٻہ ٽڪرا ٿي وڃي ۽ آءٌ ھميشہ ھميشہ لاءِ پاڻ کي ان ۾ گم ڪري ڇڏيان.
**