ڪھاڻين ۾ وڇوڙو
مون جلدي ۾ پنھنجو تعارف ڪرائيندي چيو.
”منھنجو دوست ۽ توھان جو پاڙيسري مسٽر افتخار پنھنجي فليٽ جي چاٻي منھنجي لاءِ اوھان کي ڏئي ويو آھي. . . مھرباني ڪري مونکي چاٻي ڏيو. “
”توھان ڪو رانديڪا آھيو جو توھان کي چاٻي ڏيون؟“
دروازو کوليندڙ آمنہ ڀاڀيءَ ھڪ پاسي ٿيندي چيو.
مون کان ٽھڪ نڪري ويو.
”اچ. . . اندر اچ. . . “ ڀاڀيءَ ھڪ پاسي ٿيندي چيو.
آءٌ اندر داخل ٿيس ۽ سفري بيگ کي اتي ئي دروازي جي ڀرسان ذري گهٽ ڄڻ اڇلايم. منھن ورايم تہ سامھون پنھنجي ڪمري جي دروازي تي صبا بيٺي، دلچسپيءَ سان مون ڏانھن ڏسي رھي ھئي، ھن جي ھٿن ۾ معمول موجب ڪو ڪتاب ھيو.
”تون ويھہ . . . آءٌ اچان پئي. . . “ آمنہ ڀاڀي چيو ۽ آءٌ سمجهي ويس تہ ھاڻ ھوءَ باورچي خاني ۾ وڃي منھنجي لاءِ ناشتو ٺاھيندي. آءٌ اڳتي وڌي ڪرسي تي ويٺس تہ صبا بہ اچي ڀر واري ڪرسيءَ تي ويھي رھي.
آءٌ خاموشيءَ سان سندس سفيد نظر واري چشمي جي پويان پاڻ ڏي گهوريندڙ نظرن ۾ ڏسڻ لڳس.
”ڪيئن آھين؟“ ھن پڇيو.
”جيئن ھڪ سٺي ماڻھوءَ کي ھجڻ کپي. “
مون ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيندي چيو.
مرڪي چيائين، ”پنھنجي باري ۾ سٺو ماڻهو هجڻ وارو خوش فھمي ڪڍي ڇڏ. “
مون بہ مرڪي چيو:
”۽ بھتر نہ آھي تہ تون منھنجي باري ۾ بدگماني ڪڍي ڇڏ. . . “
ڪتاب ٽيبل تي رکندي چيائين:
”توھان ليکڪن کان ڊائيلاگز ۾ ڪير کٽيندو؟“
ھن کان نظرون ھٽائي ڪمري جو جائزو وٺڻ لڳس، سڀ ڪجهہ تہ ساڳيو ھو. . . ڪئلينڊر ۾ اکيون اٽڪي پيون، مھينن جو حساب ھنيم تہ ھي سال ۾ منھنجو چوٿون ڀيرو ھيو اچڻ جو.
”ھڪ سال؟“ سوچڻ لڳس ”ڪن ماڻھن سان واسطا ڪيترو تہ جلدي صدين جو سفر مهينن، سالن ۾ طئھ ڪندا آھن. “
اکين اڳيان پنھنجو پھريون ڀيرو ھنن وٽ اچڻ جو منظر گهمي ويو.
ڪراچي جي دوست افتخار کي فون تي پنھنجي اچڻ جو اطلاع ڪيم تہ چيائين.
”تون ايندين صبح جوٿورو دير سان. . . آءٌ سوير نڪري ويندو آھيان. ڊيوٽي تي. . . فليٽ 554 وارن کي پنھنجي فليٽ جي چاٻي ڏئي ويندم. . . انھن کان وٺجان. . . “
آءٌ جڏھن اتي پھتس ۽ افتخار جي ٻڌايل فليٽ جي ڪال بيل وڄايم تہ دروازو ڪنھن عورت کوليو.
مون ساڻس پنھنجو تعارف ڪرائيندي چيو:
”منھنجو دوست، توھان جو پاريسري مسٽر افتخار پنھنجي فليٽ جي چاٻي توھان وٽ رکي ويو آھي. . . اھا مون کي ڏيو. . . “
عورت خاموشيءَ سان اندر ھلي وئي، موٽي آئي تہ مون کي فليٽ جي چاٻي ڏئي ڇڏيائين. آءٌ ھن کي مھرباني چئي واپس ڀرسان ئي افتخار جي فليت وٽ آيس ۽ دروازو کولي اندر داخل ٿيس. سڄي رات جي سفر جي ٿڪاوٽ لاھڻ لاءِ وھنجي جيئن فارغ ٿيس تہ فليٽ جو بيل وڳو، اچي دروازو کوليو تہ ساڳي پاڙي واري عورت ھٿ ۾ مختلف شئين سان ڀريل ٽري کنيو بيٺي ھئي.
”اوھان ناشتو نہ ڪيو ھوندو، اچي ھي وٺو ناشتو آھي. “
منھنجي ڪجهہ چوڻ پڇڻ کان اڳ پاڻ ئي چيائين.
آءٌ حيرت مان کيس ڏسي رھيو ھئس تہ وري چيائين:
”ڪنھن بہ قسم جي تڪلف جي ضرورت نہ آھي، افتخار جو مھمان معنيٰ اسان جو مھمان. . . “
مون خاموشيءَ مان ٽري سندس ھٿن مان ورتو تہ ھوءَ ھلي وئي.
”وڏي لئي آھي پاڙي ۾ افتخار جي. . . “
مون سوچيو ۽ اچي آرام سان ناشتو ڪري وري ٿڪ لاھڻ لاءِ سمھي پيس. . .
خبر نہ آھي ڪيترو وقت گذري ويو ھو جو وري بيل جي آواز تي اٿيم. اکيون مھٽيندي اچي دروازو کوليو تہ افتخار ھوندو پر سامھون ڪنھن نوجوان ڇوڪريءَ کي ھٿ ۾ ٽري کنيون بيٺل ڏسي اکين ۾ ننڊ جو باقي خمار بہ اڏامي ويو.
”ھي ڀاڀيءَ ڏنوَ، چيائين تہ ادو افتخار منجهند جي ماني اڪثر کائي ايندو آھي. . . ھي ماني توھان لاءِ آھي. . . “
مون کي ڪا ڳالھہ سمجهہ ۾ ڪانہ اچي رھي ھئي.
”وٺو نہ. . . “ ڇوڪريءَ جي آواز تي ڇرڪي پيم.
”ھي واقعي ڪراچي جو شھر آھي؟“ منھنجي لھجي ۾ ڪجهہ حيرت ڪجهہ شوخي ھئي.
”ھا. . . ڇو؟“ ڇوڪريءَ حيرت مان پڇيو.
”ڪيئن چيو ويندو آھي تہ ھت ڪنھن کي بہ ڪنھن جي پرواھہ نہ آھي. . . !“ مون سندس ھٿن مان ٽري وٺندي چيو.
”خلوص دلين ۾ ھوندو آھي. . . شھرن ۾ نہ. . . “
ھن جواب ڏنو تہ مون ڪجهہ چوڻ بنا کيس ٻيھر غور سان ڏٺو. نظر واري چشمي پويان سندس وڏين وڏين اکين ۾ وڏو اعتماد ھو.
مون کيس مھرباني چيو، تہ ھوءَ ھلڪي مسڪراھٽ سان خاموش جواب ڏئي ھلي وئي.
افتخار آيو تہ کيس پاڙي وارين جي مھرباني بابت ٻڌايم تہ کلي چيائين
”انتھائي پرخلوص فيملي آھي. . . منھنجو ڏاڍو خيال رکندا آھن. “
”ڪو چڪر؟؟“ مون کيس غور سان ڏسندي چيو.
”ڪوبہ نہ. “ سندس لھجي ۾ سچائي محسوس ڪيم.
شام جو ان فيملي جو مرد ميمبر يعني آمنہ ڀاڀيءَ جو مڙس ۽ صبا جو ڀاءُ وحيد بہ آيو تہ ساڻن ملي مون کي پڪ ٿي تہ واقعي ھو ھڪ پرخلوص فيملي آھي ۽ ايئن پھرين پندرنھن ڏينھن ۾ ئي آءٌ بہ ھنن جي ڪافي ويجهو اچي چڪو ھيس. ھاڻ آءٌ جڏھن افتخار جي غير موجودگي ۾ فليٽ ۾ ويٺو لکندو رھندو ھيس تہ آمنہ ڀاڀي يا صبا بلا خوف اندر اچي ڳالھائينديون ھيون. صبا کي خبر پئي تہ آءٌ لکندو بہ آھيان.
پھرين ٽوئر ۾ ئي چيو ھئائين
”مون ڏي پنھنجيون ڪھاڻيون موڪلجانءِ. . . “
واپس اچي مون ڄاڻي واڻي بہ ھن ڏي پنھنجيون ڪھاڻيون نہ موڪليون ھيون تہ متان ڪجهہ غلط نہ سمجهي. ٻئي ڀيري ويو ھيس تہ پڇيو ھيائين، ”ڪھاڻيون ڇو نہ موڪليئي؟“
ڳالھہ ٽاري ويو ھيس، پر پنھنجي شھر اچي ڪجهہ ڪھاڻيون موڪليون ھيم ۽ ايئن آءٌ ھن ڏي ڪھاڻيون موڪليندو رھيس.
”ھيلو. . . ڪيڏانھن گم ٿي وئين؟“
ھن سامھون رکيل ٽيبل کڙڪائي تہ ڇرڪي پيم.
ڪئلينڊر کان نظرون ھٽايم.
”ڇا پيو سوچين؟“ ھن وري پڇيو.
”ڪجهہ بہ نہ. . . “ چئي وري پڇيم،
”ڀلا منھنجون ڪھاڻيون پڙھيون ٿي؟“
”ھا. . . “ لاپرواھيءَ مان چيائين.
”ڪيئن آھن؟“
”رومانس وٿ ٽريجڊي. . . “ سندس لھجو ساڳيو لاپرواھيءَ وارو ھيو.
”ڇا مطلب؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”مطلب تہ تنھنجين ڪھاڻين ۾ بہ وڇوڙا ڏاڍا ايندا آھن؟“
ھن بہ اھو سوال ڪيو جيڪو اڪثر ليکڪن کان پڇيو ويندو آھي.
”ڇا وڇوڙو حقيقت نہ آھي؟“ مون ھن کي غور سان ڏسندي چيو.
”حقيقت تہ شدت واري محبت بہ نہ آھي. “
ھن ڄڻ محبت جي وجود کان ئي انڪار ڪيو ھيو. مون کي چِڙَ لڳي، آءٌ ٽيبل تي ٺوٺ رکي ھن ڏانھن جهڪي ھن جي اکين ۾ ڏسي چوڻ لڳس:
”صبا. . . ھڪ ماڻھو. . . پنھنجي شھر کان ٻئي شھر جو طويل سفر ڪري ڪنھن بہ بھاني سان. . . ڪنھن ڇوڪريءَ سان ملڻ اچي. . . ان جذبي کي تون ڇا چوندينءَ؟“
ھڪ لمحي ڇرڪي پئي ھئي. . . مون ڏانھن ايئن غور سان ڏسڻ لڳي، ڄڻ پھريون ڀيرو ڏسي رھي ھجي، ڪو جواب نہ ڏنائين تہ وري پڇيم:
”ٻڌاءِ نہ. . . ان جذبي کي ڇا چوندينءَ؟“
”ڪنھن ليکڪ جي ليک موجب تہ محبت. . . “ چوندي نظر جي چشمي لاهڻ جي بھاني اکيون بند ڪيائين، پر اکيون بند ٿيڻ کان اڳ مون ڏٺو سڄي ڪراچيءَ جون روشنيون ھن جي اکين ۾ اچي ويون ھيون.
”۽ ان محبت ڪندڙ ماڻھوءَ کي اھا بہ خبر ھجي تہ ھن ٻنھي جون ذاتيون جدا جدا آھن ٻولي جدا جدا آھي. . . ۽ سال جي ٽي سو پنجهٺ ڏينھن مان ڏھہ ڏينھن ۾ ھنن جو مذھبي فرقو بہ جدا ٿئي ٿو وڃي. . . ۽ ڪجهہ ٻين ڳالھين جي ڪري بہ ھنن جو ملڻ ممڪن نہ آھي تہ اھو ماڻھو ڇا ڪري؟“ مون کيس آھستي آھستي چيو.
ھوءَ رئي سان نظر جو چشمو صاف ڪندي خاموشيءَ سان ٻڌندي رھي.
”ٻڌاءِ تہ اھو ماڻھو ڇا ڪري؟“
ھن مون ڏانھن ڏٺو، سندس چپن تي ڪنھن کي دلاسو ڏيندڙ مرڪ ھئي.
” يعني ڪھاڻيءَ جي ان ڪردار کي. . . ھن چوڻ شروع ڪيو.
”تولاءِ اھو ڀل ھڪ ڪھاڻيءَ جو ڪردار ھجي. . . پر ياد رکجانءِ جيئن تون چوندينءَ، اھو ڪردار ايئن ڪري ڇڏيندو. “
منھنجو لھجو اٽل ھو.
”منھنجي خيالن ۾ ان ڪردار يا ماڻھو وٽ ٽي آپشن آھن. . . “
ھن اکيون بند ڪندي چيو.
”ھڪ تہ صبر. . . “
”جي صبر ھن جي وس ۾ نہ ھجي تھ؟“ مون ھن جي ڳالھہ ڪٽيندي چيو.
”ٻيو ڪورٽ ميريج. . . “ ھن چيو.
آءٌ خاموش رھيس.
تہ وري چيائين ”ٽيون. . . خودڪشي. . . “
”ان ٻنھي خيالن مان تون ڪھڙي صلاح ڏيندينءَ؟“
مون ھن کي غور سان ڏسندي چيو.
الائي ڇو ٿورو کلي پئي ۽ چيائين،
”محبت ڪندڙ ماڻھوءَ کي خودڪشي تہ بلڪل بہ نہ ڪرڻ کپي. . . “
تہ باقي ڇا ڪرڻ کپي؟“ مون پڇيو.
وري نظر جو چشمو پائڻ بھاني اکيون بند ڪندي چيائين:
”ڪورٽ ميريج. . . “
مون اوچتو ئي سندس ھٿ پڪڙي ورتو.
”اٿي تہ ھلون. . . “ مون اٿندي چيو.
”ڪيڏانھن؟؟“ ھن حيرت مان پڇيو پر مون کان ھٿ نہ ڇڏايائين.
”ڪورٽ ميريج ڪرڻ. . . “ مون پرسڪون لھجي ۾ چيو.
ھوءَ حيرت ۾ مون کي ڏسندي رھي.
”پر. . . “ ھو ڪجهہ چوندي چوندي رڪجي وئي.
”صبا. . . ڪجهہ ڪھاڻيون ھڪ صفحي جون ھجن يا سو صفحن جون ايئن ڪجهہ ملاقاتون ڏينھن جون ھجن يا سالن جون. . . انھن جو انجام اڳ، پوءِ اھو ئي ٿيڻو ھوندو آھي. . . اٿي تہ ھلون. . . “ مون چيو.
ھن آھستي پنھنجو ھٿ منھنجي ھٿن مان ڇڏايو ۽ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيائين.
مون اڳتي وڌي پنھنجو سفري بيگ کنيو، ڏٺم تہ ڀاڀي آمنہ دروازي جي ڀرسان ناشتو کنيو خاموش بيٺي ھئي، ڄڻ ھوءَ اسان ٻنھي جي وچ ۾ ڪجهہ چوڻ نہ پئي چاھي.
آءٌ دروازي کان ٿي موٽي آيس. صبا ايئن ڪنڌ جهڪايون ويٺي ھئي.
”صبا ڪھاڻيءَ ۾ وڇوڙو ايئن ايندو آھي. . . “
منھنجو آواز ڏڪي رھيو ھيو.
ڀاڀي آمنہ جي ڀر مان لنگهندي ايئن پنهنجا هٿ جوڙيم ڄڻ چوندو ھجان:
”ڪا غلطي ٿي ھجي تہ معاف ڪجو. “
۽ آءٌ پنھنجي دوست افتخار سان بہ ملڻ کان بغير ھليو آيس ۽ وري ڪڏھن بہ صبا ڏي ڪا ڪھاڻي پوسٽ نہ ڪيم.
يقينن هوءَ سمجهي وئي هوندي تہ ڪھاڻين ۾ وڇوڙا ڪيئن ايندا آهن.