جنت ۾ ڏھن سِرن جي جاءِ
مون ٻڌو آھي تہ تون ڏاڍو بيمار ٿي پيو آھين، توسان ملي بہ وڏو وقت ٿيو اھي. . . آءٌ تہ توسان ملڻ ٿو چاھيان، پر ڪجهہ مجبوريون آھن. . . توسان ملڻ نٿو اچي سگهان. پر جيڪا ڳالھہ آءٌ توکي چوڻ ٿو چاھيان، اھا ھن خط ۾ لکي رھيو آھيان. اميد تہ تون منھنجي خط کي نظر انداز نہ ڪندين.
مان جيڪا ڳالھہ ٻڌائڻ ٿو چاھيان اھا ڪا ايڏي پراڻي ڳالھہ بہ نہ آھي. ھي ان ڏينھن جي ڳالھہ آھي جڏھن آءٌ ھڪ ٻئي شھر کان پنھنجي شھر ڏانھن واپس اچي رھيو ھيس. ايئر ڪنڊيشنڊ ڪوچ ۾ آرامدہ سيٽ تي ويھندي مون بور ٿيڻ کان بچڻ لاءِ نئون ورتل ميگزين کولي پڙھڻ شروع ڪيو.
اڃا گاڏي جي ھلڻ ۾ ڪجهہ وقت ھيو ۽ ماڻھو پنھنجين سيٽن تي ويھي رھيا ھئا. ٿوري دير بعد گاڏي ھلڻ لڳي تہ مون مئگزين بند ڪري ويٺل ماڻھن جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو.
مون کان اڳين سيٽ تي ھڪ پوڙھو سخص، صاف سٿري لباس ۾ ويٺل ھيو ۽ ان سان گڏ اٺن ڏھن سالن جو ڇوڪرو ويٺو ھيو. انھن کان اڳين سيٽن تي ٻہ نوجوان ڇوڪريون ويٺيون ھيون. منھنجون نظرون انھن مٿان کُپي ويون. پوڙھي سان گڏ ويٺل ڇوڪرو انھن ڇوڪرين سان ٿورو جهڪي ڪجهہ چئي رھيو ھيو. جنھن مان اندازو لڳايم تہ اھي سڀ ھڪ ئي فيملي جا آھن.
آءٌ ھنن ڇوڪرين کي دلچسپيءَ مان ڏسي رھيو ھيس. ان کان اڳ جي سفرن ۾ سدائين بسن ڪوچن ۾ ڪراڙيون يا ٻارن ٻچن واريون مايون گڏ سفر ڪنديون رھيون ھيون. پھريون ڀيرو ايئن ٿيو ھو، جو ٻہ نوجوان ڇوڪريون منھنجي اڳين سيٽن تي ويٺيون ھيون.
انھن مان ھڪ ڇوڪري ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي ڀر واري ڇوڪري کي ڪجهہ چوڻ يا ٻڌڻ لاءِ ٿورو منھن ڦيرائي ڳالھائيندي ھئي تہ ان جي منھن جو ھڪ پاسو نظر ايندو ھيو. باقي ٻي ڇوڪري سڌو ئي ويٺل ھئي.
اھا ڇوڪري شڪل جي ڪيئن ھوندي؟ آءٌ بار بار اھو سوچڻ لڳو ھيس. ڪافي وقت گذري ويو پر ان ڇوڪريءَ جو منھن نہ ڏسي سگهيس. منھنجي دل ۾ عجيب بيچيني ٿيڻ لڳي ھئي.
اھا سڌو ويٺل ڇوڪري شڪل جي ڪيئن ھوندي؟. . . آءٌ سوچيندو رھيس، اوچتو مون کي ھڪ خيال آيو.
مون ورتل ميگزين پنھنجي ھٿ ۾ کنيو ۽ سوچڻ لڳس تہ ٿوريءَ دير ۾ اھو ڪراڙو وقت گذارڻ لاءِ مون کان ھي رسالو گهرندو. پوءِ اھو رسالو ھن کان اھي ڇوڪريون وٺنديون ۽ جڏھن اھو ميگزين واپس ٿيندو تہ ان جي ڪنھن صفحي تي ان ڇوڪريءَ جي سائن ٿيل ھجي. . . يا ڪجهہ جملا انڊر لائن ٿيل ھجن!؟ جيئن هڪ رومانوي فلم ۾ ڏيکاريل آهن.
جملا؟ ڪھڙا جملا؟
يقينن رومانوي جملا.
يا وري ان خوش پوشاڪ ڪراڙي سان مئگزين ڏيڻ ۽ وٺڻ کان پوءِ تعارف ٿئي ۽ پوءِ واقفيت وڌي ۽ ڪنھن اسٽاپ تي ھو، يا مان. . . ھڪ ٻئي کي چانھہ جي صلاح ھڻون.
چانھہ. . .؟ اھا انھن نوجوان ڇوڪرين سان؟
خاص طور ان ڇوڪريءَ سان، جنھن جو مون اڃا منھن بہ ناھي ڏٺو.
(ڇوڪرين سان گڏ چانھہ پيئڻ جي خيال سان شايد منھنجي چپن تي مرڪ تري آئي ھئي. )
”حضرات. . . ڌيان ڏيندا. . . “
اوچتو ھڪ زوردار آواز تي آءٌ ڇرڪجي خيالن مان نڪري آيس. بس جي اڳين حصي ۾ ھڪ ڊگهي ڏاڙھي وارو مولانا بيٺو سڀني سان مخاطب ٿي چئي رھيو ھو:
”حضرات. . . اوھان ۽ اسان ھن دنيا ۾ گهڻو ڪجهہ کائون کپايون ٿا. . . “
آنءُ بوريت مان ان مولانا جي تقرير ٻڌي رھيو ھيس ۽ آخر ۾ ھن چيو، ”۽ اسان مسجد ٺھرائي رھيا آھيون. . . ان ۾ پنھنجي حصي طور جيڪا رقم ڏئي سگهو، ڏيو. . . الله اوھان کي جنت ۾ محل ڏيندو. “
مولانا جي لھجي ۾ ڪو اثر ھيو يا ماڻھو سڀ رحمدل ويٺا ھيا، مولانا جنھن جنھن جي اڳيان ويو، ان ڪجهہ نہ ڪجهہ کيس پيسا ڏنا. ھو وڌيڪ بہ الاءِ ڇا ڇا چوندو، اڳتي وڌندو رھيو، مان تہ بس انھن ڇوڪرين کي ڏسي رھيو ھيس. مولوي صاحب صدائون ھڻندو انھن ڇوڪرين جي اڳيان آيو تہ ھڪدم ان ڇوڪريءَ، جنھن جو مان اڃا تائين منھن بہ نہ ڏسي سگهيو ھيس، ان پنھنجي پرس مان پيسا ڪڍي مولوي ڏي وڌايا.
سچ پڇو تہ مان ساھہ کڻڻ بہ وساري ويٺو ھيس.
ايترو ڀورو ھٿ ۽ ان جون ايتريون تہ خوبصورت ڊگهيون آڱريون؟ انھن خوبصورت آڱرين ۾ ڏھين روپين جو نوٽ پڪڙيل ھو.
مولوي صاحب الاءِ تہ ڪھڙيون دعائون ڏيندو، ان کان نوٽ وٺي اڳتي وڌي آيو. منھنجي نظرن مان دنيا جون سموريون شيون، سڀئي منظر غائب ٿي ويا ھيا، باقي صرف بچيون ھيون تہ اھي خوبصورت آڱريون.
مان سوچڻ لڳو ھيس تہ جنھن جون آڱريون ايتريون خوبصورت آھن، اھا شڪل جي ڪيتري نہ خوبصورت ھوندي؟
ايتري ۾ مولوي صاحب منھنجي اڳيان اچي بيٺو.
ٻيو ڪو موقعو ھجي ھا تہ آءٌ هن کي رپيو بہ نہ ڏيان ھا پر جيئن تہ ان خوبصورت آڱرين واري ڇوڪريءَ کيس پيسا ڏنا ھيا، ان ڪري مون کي خيال آيو تہ اھا ڇوڪري ان ٿواب جي ڪري جنت ۾ ويندي، ان ڪري مون بہ مولوي کي ڪجهہ پيسا ڏنا تہ جيئن ان ڇوڪريءَ کي جنت ۾ جت جڳھہ ملي تہ مون کي بہ ان جي پاڙي ۾ ئي جڳھہ ملي، ڇو تہ اسان ٻنھي تقريبن گڏ پيسا ڏنا ھيا.
بس ھلندي رھي. . . سفر ڪٽجندو رھيو. پر مان ان خوبصورت آڱرين واري ڇوڪريءَ جو چھرو نہ ڏسي سگهيو ھيس.
مون ميگزين کي بہ ظاھر ڪري ھٿ ۾ جهليو ھيو پر ڪراڙي اڃا بہ مون کان ميگزين پڙھڻ لاءِ ڪونہ ورتو ھيو.
ڪيئي شھر آيا ويا، مون سوچيو ھيو تہ ڪٿي گاڏي بيھي تہ مان لھي وري گاڏيءَ ۾ چڙھڻ جي بھاني ان ڇوڪريءَ جو منھن ڏسندس،
نيٺ گاڏي ھڪ شھر ۾ بيٺي تہ ان ڪراڙي انھن ڇوڪرين کي چيو:
”اٿو گيتا. . . لھڻو آھي. “
منھنجي ذھن ۾ ڌماڪا ٿيڻ لڳا ھيا.
مون تہ اڃا ان خوبصورت آڱرين واري ڇوڪريءَ جو منھن بہ ڪونہ ڏٺو ھو،
اڃا تہ ھنن مون کان مئگزين بہ ڪونہ ورتو ھيو؟
انھن سان تعارف بہ رھيل آھي؟
۽ ميگزين ۾ ٿيل انڊر لائين جملا؟؟. . .
۽ اسٽاپ تي انھن ڇوڪرين سان گڏجي چانھہ. . .؟
مون ھٿ ۾ پڪڙيل ميگزين کي بي وسيءَ مان ڏٺو. اھو ڪراڙو ۽ ڇوڪري اٿي بيٺا ۽ اھي ٻئي ڇوڪريون بہ پر جيئن تہ ڪراڙو ۽ ڇوڪرو منھنجي اڳيان اچي ويا ھيا، ان ڪري آءٌ ان خوبصوورت آڱرين واري ڇوڪريءَ جو منھن لھڻ وقت بہ نہ ڏسي سگهيس. گاڏي ٻيھر ھلڻ لڳي تہ مون بي دليءَ مان سيٽ تي ٽيڪ ڏئي اکيون ٻوٽي ڇڏيون، منھنجي بند اکين ۾ بہ اھي خوبصورت آڱريون ڦري رھيون ھيون.
اوچتو مون کي ان ڪراڙي جو چيل جملو ياد آيو، ھن لھڻ کان اڳ ڇوڪرين مان ھڪ کي چيو ھو، ”اٿو گيتا. . . لھڻو آھي!
ان جو مطلب تہ انھن مان ھڪ ڇوڪريءَ جو نالو گيتا ھيو ۽ اھي ڇوڪريون منهنجون ھم مذھب نہ ھيون!“
جي اھا خوبصورت آڱرين واري ڇوڪري منھنجي ھم مذھب نہ ھئي تہ مطلب تہ اھا جنت ۾ بہ نہ ويندي؟ ۽ جي اھا جنت ۾ نہ ويندي تہ منھنجي پاڙيسري بہ نہ ٿيندي؟
مون محسوس ڪيو تہ ان ڇوڪريءَ کان سواءِ جنت ۾ مزو ناھي. مان سوچڻ لڳس تہ ان ڇوڪريءَ کي جنت ۾ جڳھہ ڪيئن ملندي؟ مان سوچيندو رھيس، سوچيندو رھيس. . . ايتري خوبصورت آڱرين واري ڇوڪريءَ کي جنت ۾ ضرور ھجڻ کپي.
مان سفر پورو ڪري موٽي آيس پر منھنجي سوچ ان ڳالھہ تي ئي اٽڪيل رھي تہ ايتري خوبصورت آڱرين واري ڇوڪريءَ کي جنت ۾ ھجڻ کپي.
ھڪ ڏينھن مون ھڪ مولويءَ کان پڇيو:
”ڇا اسان جي مذھب وارن کان سواءِ ڪوبہ جنت ۾ نہ ويندو؟“
مولوي جلد ئي چيو ”نہ. . . بلڪل بہ نہ. . . “
”ڪڏھن بہ نہ؟“ مون پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيو.
”نہ. . . بلڪل بہ نھ“ ھن مون کي گهوريندي چيو. آءٌ ھن جي گهوري ڏسڻ تي ڊڄي ويم ۽ ھن کان وڌيڪ سوال نہ ڪيم. ھڪ ڏينھن جڏھن منھنجي ماءَ نماز پڙھي رھي ھئي تہ مون ھن کان پڇيو.
”امان. . . ٻئي مذھب جي نيڪ عورت جنت ۾ ويندي يا نہ؟“
امان چيو ”نہ. . . جنت ۾ نہ ويندي پر ھن کي نيڪي جي بدلي ۾ ھن دنيا ۾ سون جا زيور ۽ ٻيا سُک ملندا. “
امان جي جواب کان بہ مايوس ٿيس.
”ان خوبصورت آڱرين واري ڇوڪريءَ کي جنت ۾ ضرور ھجڻ گهرجي“ مان سوچيندو رھيس.
مان پريشان ھيس، دوست منھنجي پريشانيءَ جو سبب پڇندا ھيا پر مان کين ڪجهہ ٻڌائي نہ سگهندو ھيس ڇو تہ مان سوچيندو ھيم تہ ھنن کي ان خوبصورت آڱرين واري ڇوڪريءَ جي باري ۾ ٻڌائيندس تہ ھو مونکي چريو چوندا، يا ھو بہ چوندا تہ اھا ڇوڪري جنت ۾ نہ ويندي. “
ھڪ ڏينھن ھڪ دوست مليو، جيڪو سٺو پڙھيل لکيل ماڻھو ھو ۽ مذھب جا ۽ ٻيا سٺا سٺا ڪتاب پڙھندو ھو.
مون ھن کان پڇيو
”شعيب!. . . ڇا اسان جي مذھب کانسواءِ ٻئي مذھب وارو بہ جنت ۾ وڃي سگهندو يا نہ؟“
ھن ھڪ لمحي لاءِ مون ڏانھن گهوري ڏٺو ۽ پوءِ چيائين،
”نہ. . . غير مسلم جنت ۾ نہ ويندو. “
”پر يار! مسجد جي مولوي تہ اھو واعدو ڪري پوءِ چندو ورتو تہ الله توھان کي جنت ۾ جاءِ ڏيندو. . . “ مون ڄڻ رڙ ڪري کيس چيو.
شعيب حيران ٿي مونکي ڏٺو، پوءِ ڪجهہ سوچيندي چوڻ لڳو.
”تون ٿورو تفصيل ٻڌاءِ. “
مون کيس سڄو واقعو ٻڌائيندي چيو
”يار ان مولوي چيو تہ توھان مسجد لاءِ چندو ڏيو، الله توھان کي بدلي ۾ جنت ۾ جاءِ ڏيندو. . . ڏس يار. . . ان خوبصورت آڱرين واريءَ ڇوڪريءَ تہ جنت جي ڪري چندو ڏنو ۽ ان کي جنت ۾ ھجڻ گهرجي نہ؟“
منھنجو دوست حيرانيءَ مان ڏسندي سوچيندي چوڻ لڳو،
”مان ان مسئلي تي وڌيڪ سوچڻ ٿو چاھيان. . . تون چانھہ پيئار. “ چانھہ گهرايم. . . ان کان پوءِ سگريٽ گهرائڻ لاءِ چيائين. وري چيائين
”ھٿ ٻوسٽ آھي. . . ٽانگي تي کلي ھوا ۾ گهمندي سوچيون ٿا. . . “
مون ان ڪري ھن جي ھر ڳالھہ پئي مڃي تہ ان خوبصورت آڱرين واري ڇوڪريءَ کي ھر حال ۾ جنت ۾ ھجڻ کپي. شايد ان معاملي ۾ ھو ڪا سٺي راءِ ڏئي.
ٽانگي تي گهمندي بہ ھو مون ڏانھن الاءِ ڇو عجيب نظرن سان ڏسندو رھيو. . . ڪافي دير بعد ھڪ ھنڌ ھن ٽانگو بيھاريو. ڪرايو ڏئي لٿاسين تہ ھن منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکي ھوريان ھوريان ھلندي چوڻ لڳو:
”ھر مذھب وارا چوندا آھن تہ صرف اسان ئي جنت ۾ وينداسين ٻئي مذھب وارا جنت ۾ نہ ويندا. . . پر . . . ھن خوبصورت آڱرين واري ڇوڪريءَ کي واقعي بہ جنت ۾ ھجڻ کپي. . . “ ھن وري مون ڏانھن ڏٺو.
”ڀلا ان خوبصورت آڱرين واريءَ ڇوڪريءَ گهڻو چندو ڏنو ھو؟“
”ڏھہ روپيہ. . . “ مون تڪڙي جواب ڏنو.
”ھون. . . ڏھہ روپيہ؟. . . ٺيڪ. . . ڀلا ڏھين روپين ۾ گهڻيون سِرون ملنديون؟
”ڏھہ سِرون“.
”ٺيڪ. . . ان ڇوڪريءَ کي گهٽ ۾ گهٽ ڏھن سرن جيتري جڳھہ جنت ۾ ملڻ گهرجي. “
ھن جي جواب تي ھڪ لمحي لاءِ آءٌ مايوس ٿي ويس.
”صرف ڏھن سرن جيتري جاءِ؟“ مون سوچيو. پر وري خيال آيو تہ ڇوڪري. . . خوبصورت آڱرين واري ڇوڪري جهنم وڃڻ کان تہ بچي ويندي. . . مان خوش ٿيس. مون کي خوش ٿيندو ڏسي، شعيب الاءِ ڇو اداس ٿي ويو ھو؟؟
مان خوش. . . ان ڪري تہ جنت ۾ ان خوبصورت آڱرين واري ڇوڪريءَ جو منھن ڏسي سگهندس. . . ھن جو منھن بہ يقينن ان جي آڱرين کان بہ وڌيڪ خوبصورت ھوندو. . . ٻيو تہ صرف ڏھن سرن جي جڳھہ جي ڪري آءٌ ھن کي آسانيءَ سان ڳولھي لھندس. . . دوست! مان پنھنجن سمورن دوستن کي چوندس. . . ۽ توکي بہ چوان ٿو. . .
تون بيمار آھين. . . جي مري وڃين. . . ۽ جنت ۾ وڃين تہ اتي توکي ڏھن سرن جيتري جاءِ ۾ ڪا خوبصورت ڇوڪري نظر اچي تہ ان کي چئجان تہ منھنجو انتظار ڪري. . . مان بہ مرڻ کان پوءِ جلد ھن کي ڳولھي لھندس. “
**