ڀڳل گلاس جي قيمت
”جي سر. . . ڇا حڪم آھي؟“
سندس پيءُ ويٽر کي ٻہ بوتلون آڻڻ لاءِ چيو ھيو.
ان وقت شيراز کي ويٽر جو با ادب ٿي پڇڻ ڏاڍو سٺو لڳو ھو.
”بابا سامھون واري ھوٽل ۾ بوتل پيئجي؟“
شيراز پراڻي ڳالھہ ياد ڪندي پيءُ کان پڇيو.
ڪجهہ گرمي، ٿڪاوٽ ۽ شيراز جي فرمائش ڪرڻ تي ھن جو بہ موڊ ٿي ويو. ھو کلندي ان ھوٽل ۾ داخل ٿيا.
ھڪ سائيڊ تي ڪرسين تي ويھي رومال سان پگهر اگهيو. ھوٽل وڏو ڪشادو پر پراڻي اسٽائيل جو ھيو. جلدي ويٽر ھنن جي اڳيان پاڻي سان ڀريل جڳ آڻي رکيو.
”جي سر. . . ڇا حڪم آھي؟“ ويٽر روايتي جملو دھرايو.
”ٻہ بوتلون. . . ٿڌيون“ شيراز جي پيءُ چيو.
ويٽر ڪنڌ ھوريان لوڏي ھليو ويو.
شيراز کي ڄڻ مزو اچي ويو، ڪشادو ھوٽل، ھڪ سائيڊ تي ٽي وي. . . پنھنجين ڳالھين ۾ مگن ماڻھو ۽ صاف سٿري لباس ۾ ويٽر جو با ادب ٿي ڳالھائڻ. . . ويٽر جلدي بوتلون کڻي آيو ھيو.
شيراز جي پيءُ پڇيو ”پٽ گلاس ۾ بوتل اوتي ڏيانءِ.
”ھا“ شيراز چيو. . ھو گلاس ۾ اوتيل بوتل جو مشروب مزي سان پي ويندو ھيو. سندس والد کيس گلاس ۾ بوتل اوتي ڏني. اوچتو شيراز کي ڳالھہ ياد آئي.
”بابا. . . اڳي ھڪ ڀيري ھن ھوٽل ۾ شيشي جو گلاس منھنجي ھٿان ڪري ڀڄي پيو ھيو. . . ڇا ھوٽل وارن اوھان کان پيسا ورتا ھئا؟“
شيراز جي والد سوچيو تہ کيس ٻڌايان تہ ھوٽل وارا گلاس چانھہ جي ڪوپ وغيرھ ڀڄڻ جا پيسا نہ وٺندا آھن. پر ٻئي لمحي کيس خيال آيو تہ اھا حقيقت معلوم ٿيڻ کان پوءِ ڪٿي شيراز لاپرواھہ نہ ٿئي ۽ ڪا شئي ڀڃي نہ ڇڏي.
ان خيال سان حقيقت لڪائي کيس چيائين:
”ھا پٽ. . . ھوٽل وارا پيسا وٺندا آھن. “
ھن ڏٺو تہ اھا ڳالھہ ٻڌڻ کان پوءِ شيراز گلاس کي ويتر مضبوطي سان پڪڙيو ھيو.
شيراز جو والد ھوريان مرڪي پيو، سوچيائين ننڍڙو ڪوڙ ڳالھائڻ ۽ حقيقت لڪائڻ جي ڪري ھو ڪيترو نہ احتياط ڪري رھيو آھي.
جلدي ھو ھوٽل مان فارغ ٿي نڪري آيا.
ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ شيراز جي گهر آيل والد جي ھڪ دوست مھمان کيس ڏھہ روپيا خرچي ڏني. شيراز خوش ٿي ٻاھر نڪري ويو.
سوچڻ لڳو تہ ڇا وٺي کائجي؟ آئيس ڪريم؟ . . . جوس. . . نہ اوچتو کيس ان ھوٽل م بوتل پيئڻ جو خيال آيو.
”ھا ان ھوٽل ۾ بوتل پيئجي ۽ ويٽر ڪيڏو نہ ادب سان پڇدنو آھي. . .
”جي سر ڇا کپي؟“
ھو خوش خوش ان ھوٽل ۾ آيو.
ھڪ ڪنڊ ۾ ويٺو. جلد ئي ويٽر پاڻي اڳيان رکڻ کان پوءِ با ادب ٿي پڇيو ”جي سر. . . ڇا حڪم آھي؟“
شيراز ان لمحي پاڻ کي تمام معتبر ماڻھو سمجهيو.
”بوتل ٿڌي“. ھن آڪڙ مان چيو.
بوتل آڻي رکي ويٽر ھليو ويو. شيراز بوتل گلاس ۾ اوتي ڍڪ ڍڪ پيئڻ لڳو. . . کيس ڏاڍو مزو اچي رھيو ھيو. . . ھوريان ھوريان بوتل پي خالي گلاس ٽيبل تي رکيو رھيو ھيو تہ اوچتو گلاس سندس ھٿن مان نڪري ھيٺ فرش تي ڪري ڀچي پيو. گلاس جي ڀڄڻ جو آواز کيس تمام وڏو محسوس ٿيو. . . ھو اکيون ڦاڙي ھيٺ گلاس جي ڀڳل ٽڪرن کي ڏسي رھيو ھيو. . . ڄڻ کيس يقين ڪونہ پيو اچي.
ھن جي ذھن ۾ ھڪ ئي وقت ڪيئي ڳالھيون ڦرڻ لڳيون. پيءُ جو چيل جملو ياد آيس تہ گلاس ڀڄڻ تي ھوٽل وارن پيسا ورتا ھيا.
”پيسا؟“ ھن سوچيو ”پيسا تہ مون وٽ صرف ڏھہ روپيہ آھن. . . گلاس جا پيسا. . .؟“
اوچتو ويٽر اچي ويو. شيراز جو ساھہ سڪي ويو. ويٽر صرف ھڪ نظر ڀڳل گلاس ڏنھن ڏٺو ۽ مددگار ڇوڪري کي سڏ ڪري گلاس جا ٽڪرا ميڙائي کڻي وڃڻ لاءِ چيو.
ھو لٿل منھن ۽ گهري سوچ ۾ ٻڏل ويٺو رھيو. ڀڳل گلاس. . . پيسھ. . . بس اھو سوچيندو رھيو.
”ننڍڙا ڇا پيو سوچين؟“
اوچتي آواز تي ڇرڪي پيو.
ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺائين. . . ھڪ ڊگهي قد جو صاف لباس پاتل ھمراھہ، کيس رحمدلانہ مسڪراھٽ سان ڏسي رھيو ھو.
”گلاس ڀڳئي؟“ ھن وري پڇيو.
شيراز ھوريان ڪنڌ ڌوڻي ”ھا“ ڪئي.
”تون وٽ پيسا نہ آھن“ ھن شايد سڄو معاملو سمجهي ورتو ھيو. شيراز وري ڪنڌ ڌوڻي ھا ڪئي.
”ڪا ڳالھہ ناھي“ ھن کيس تسلي ڏني.
”مون سان ھل، ھوٽل وارو منھنجو واقفڪار آھي. . . “
شيراز ھن سان گڏ اٿيو، ان ماڻھوءَ ھوٽل واري کي ڪجهہ پيسا ڏنا ۽ شيراز کي ٻاھر وٺي آيو.
ٻئي ڏينھن تي شيراز جو لاش اگهاڙي حالت ۾ گند جي ڍير تان مليو.
**